سياسي ۽ معاشي ميدان ۾ پٺتي رکيل سنڌ
پاڪستان جي اڄوڪي منظرنامي ۾ سنڌ ڪٿي بيٺي آهي؟ يا ايئن کڻي چئجي ته پاڪستان جي هاڻوڪي فريم ورڪ ۾ سنڌين جو مستقبل ڇا آهي ۽ کين پنهنجي مستقبل کي بهتر ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪرڻ گهرجن؟ جيڪڏهن اڄوڪي پاڪستان اندر طاقت جي مختلف مرڪزن جو جائزو وٺبو ته هڪ ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿيندي ته سنڌي ۽ بلوچ هن ملڪ جون سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ڪيل ۽ پٺتي ڪيل (مان هتي ”پٺتي پيل“ بجاءِ ”پٺتي ڪيل“ لفظ کي وڌيڪ موزون سمجهان ٿو) قومون آهن. پاڪستان ۾ حڪمران ڍانچي اندر طاقت جا ٻه اهم مرڪز نان سويلين ۽ سويلين اسٽيبلشمينٽ آهن. جڏهن ته سماجي ۽ معاشي ڍانچي جا اهم مرڪز صنعت، زراعت، ننڍي ۽ وچولي ڪاروبار وارو ٻهراڙيءَ جو معاشي ڍانچو ۽ وڏي سطح جي ڏيهي توڙي پرڏيهي ۽ ٻڌي توڙي ريزڪي ڪاروبار وارو شهري ڍانچو آهن. جيئن ته سياسي حڪمراني ۽ معاشي ميدان ڪنهن به قوم جي زندهه، متحرڪ ۽ سگهاري هجڻ جا بنيادي ماپا فراهم ڪندا آهن، تنهن ڪري سنڌين جي هن ملڪ ۾ حصي پتي ۽ اهميت جو تعين به انهن ميدانن جو ڇيد ڪرڻ سان ئي ٿي سگهندو.
سياسي حڪمرانيءَ جي طاقت جا مرڪز:
پاڪستان جي شروعاتي ڪجهه سالن دوران بيوروڪريسيءَ جي راڄ کان پوءِ ملڪ تي اصل حاڪميت نان سولين طاقتن جي رهي آهي ۽ روز مرهه جي ڪاروهنوار ۾ سول بيورو ڪريسي سندس ٻانهن ٻيلي رهي آهي. ان طرح پاڪستان جي سياسي طاقت جا اصل مرڪز عوام يا سندن چونڊيل ايوان نه پر نان سويلين ۽ سويلين اسٽيبلشمينٽ رهيا آهن. بدقسمتيءَ سان هنن ٻنهي ميدانن ۾ سنڌي پهرين ڏينهن کان ٻاهر رکيل آهن. وقت ثابت ڪيو آهي ته نان سويلين ۽ سويلين اسٽيبلشمينٽ ئي اصل سياسي حڪمراني جو مرڪز آهن. پنجاب پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي فوجي طاقت جو مرڪز هو. انگريز سرڪار جي سڀ کان وفادار فوج پنجاب ۾ هئي، تنهن ڪري اول ڏينهن کان پنجاب اندر فوجي ادارن کي وڌايو ۽ مضبوط ڪيو ويو.
عائشه صديقا پنهنجي مشهور ڪتاب ”ملٽري انڪ“ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس ۾ ڪل 650،000 فوجي ڀرتي ٿيل آهن. جن مان 75 سيڪڙو (يعني پوڻن پنج لکن جي لڳ ڀڳ) جو تعلق پنجاب سان آهي. 20 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ (اٽڪل سوا لک) سرحد صوبي مان آهن. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان کي ڪل 5 سيڪڙو (اٽڪل 32 هزار) حصو مليل آهي. ويجهن سالن ۾ سنڌين کي فوج ۾ پير رکڻ جو ڪجهه موقعو مليو. جنرل (ر) مشرف 5 مئي تي نئين ڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب دوران پنهنجي تقرير ۾ ٻڌايو ته سنڌ مان 75 هزار فوجي آرمي ۾ موجود آهن. هتي اها ڳالهه واضح ناهي ته سنڌ جي کاتي ۾ ڪيترا هزار غير سنڌي ان انگ جو حصو آهن. ايئن مجموعي طور ڏسجي ته فوج ۾ سنڌين جو انگ تمام ٿورو آهي ۽ ان ۾ به سينئر سطح جا آفيسر شايد آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هجن. ان تناسب سان ڏسجي ته فوج سان لاڳاپيل ادارن جهڙوڪ اين ايل سي جي اٽڪل 7 هزار فوجي فائونڊيشن جي 6 کان 7 هزار ۽ آرمي ويلفيئر ٽرسٽ جي 5 هزار ملازمن ۾ به سنڌين جو حصو معمولي هوندو. سنڌين کي فوج ۾ مناسب حصو ڏيڻ جو مطالبو 50 واري ڏهاڪي کان ئي ٿيندو رهيو آهي ۽ سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل ان لاءِ هڪ ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو. جڏهن ته ايوب کهڙو سنڌ ريجمينٽ ٺاهڻ ۽ سنڌ ۾ فوجي سکيا جا مرڪز قائم ڪرڻ جا مطالبا عوامي جلسن ۾ به ڪندو رهيو. اهي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته طاقت جي بنيادي مرڪز يعني فوج ۾ سنڌين جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. فوج ۾ گهڻو حصو نه هئڻ سان زندگيءَ جي لاڳاپيل باقي سمورن شعبن ۾ به ڪمزور نمائندگيءَ واري حقيقت کي سمجهڻ مشڪل نه آهي.
سويلين بيورو ڪرسي روز مرهه جي ملڪي ڪاروهنوار ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جيان هوندي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت دوران نوي واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٻن مختصر حڪومتن کان سواءِ باقي سڄي ملڪي تاريخ ۾ سول بيورو ڪريسي اندر به سنڌين جي نمائندگي نهايت ڪمزور رهي آهي. ڀٽي جي دور ۾ ڪوٽا سسٽم متعارف ڪرائڻ سان پهريون ڀيرو سنڌين لاءِ سول بيورو ڪريسيءَ ۾ ڪجهه پير رکڻ جي جاءِ پيدا ٿي. بدقسمتيءَ سان اڻ چونڊيل حڪومتن ۾ سنڌين کي سول بيورو ڪرسيءَ جي اهم عهدن کان پري رکيو ويندو آهي. مثال طور هن وقت وفاقي حڪومت ۾ 39 مان صرف ٻه سيڪريٽري سنڌي آهن. ٻيو ته ٺهيو سنڌ سرڪار ۾ به سيڪريٽرين جي تعداد ۾ سنڌي اڌ به مس آهن. وفاقي حڪومت جي اهم خودمختيار اٿارٽين ۾ به سنڌي پاسيرا ڪيل آهن. نيم خودمختيار ۽ خودمختيار ڪارپوريشنز ۾ به سنڌين جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. هڪ هڪ کاتي جا انگ اکر کڻي ويهبا ته اها حقيقت وڌيڪ واضح ٿي ويندي. وفاقي حڪومت پاران جنوري 2007ع ۾ جاري ڪيل انگن موجب ملڪ اندر 17 کان 22 هين گريڊ جا ڪل 12،133 آفيسر هئا، جن ۾ سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ صرف ٻه هزار هئا، تن ۾ به 766 ڄڻا ته رڳو ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ هئا ۽ انهن ۾ به ڪوڙن ڊوميسائيل وارن ۽ غير سنڌين جي انگ جو پتو ناهي. ساڳي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت ۾ هڪ کان 22 هين گريڊ جي ڪل 358،130 ملازمن ۾ سنڌ جا صرف 58،089 ملازم هئا. ساڳي رپورٽ موجب سال 2001ع کان 2005ع وچ ۾ 19 کان 21 هين گريڊ وچ ۾ 416 آفيسرن کي ترقيون مليون، جن ۾ سنڌ ٻهراڙيءَ جا صرف 34 ڄڻا شامل هئا. هي انگ اکر ان حقيقت کي واضح ڪن ٿا ته وفاق ۾ خاص طور تي غير نمائنده حڪومتن ۾ سنڌين جي نمائندگي اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ هوندي آهي. تنهن ڪري ترقي، روزگار ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ سنڌ هميشه خساري ۾ رهندي آهي. ويندي ڪجهه چونڊيل حڪومتن جو رويو به سنڌين سان مختلف نه رهيو آهي. 90ع واري ڏهاڪي ۾ نواز ليگ جي ٻنهي حڪومتن، کانئن اڳ ختم ڪيل پ پ حڪومتن جي دور ۾ سنڌ اندر شروع ڪرايل ترقياتي رٿائن تي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو ۽ نوڪريون حاصل ڪندڙ سنڌ واسين کي بيروزگار ڪري پنهنجي پسند جاماڻهو ڀرتي ڪيا. ايئن مجموعي طور ملڪي طاقت جي ٻن اهم مرڪزن يعني نان سويلين ۽ سول بيورو ڪريسي ۾ سنڌين جي نمائندگي محدود رهي آهي.
ساڳي طرح سماجي ۽ معاشي شعبن ۽ طاقت جي اهم مرڪزن ۾ به سنڌ سان ناانصافين جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. هونءَ ته انهن زيادتين جا تفصيل هن مضمون ۾ سمائڻ ناممڪن آهي، پر صورتحال جي هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ اسان هتي زراعت ۽ صنعت جي ٻن شعبن جو هڪ مختصر جائزو وٺنداسين.
زراعت جي شعبي ۾ ترقيءَ لاءِ پاڻي، زمين ۽ زرعي سهولتون (جهڙوڪ: ٻج، ڀاڻ، مشينري ۽ قرض وغيره) بنيادي ضرورتون آهن. انهن مان ڪنهن هڪ جي اڻ هوند يا ناڪافي هجڻ جو مطلب سڄي شعبي جي بدحالي آهي. پاڻيءَ جي معاملي تي ايترو گهڻو لکيو ويو آهي، جنهن جو ورجاءُ ڪرڻ بدران هتي زمين ۽ ٻين رخن تي نظر وجهون ٿا.
زراعت جو بنيادي عنصر زمين آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ سکر بئراج 1932ع ۾ ٺهي راس ٿي چڪو هئو. جڏهن ته اڳتي هلي ٻه نوان بئراج ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج تعمير ڪيا ويا. هنن بئراجن تي لکين ايڪڙ نئين زمين آبپاشي هيٺ آئي، جنهن کي ڦرلٽ جي مال جيان ڌارين جي حوالي ڪيو ويو. خاص طور تي ون يونٽ جو دؤر ته ڄڻ سنڌ مٿان فاتحن جي حڪمرانيءَ جو دؤر هئو، جنهن دوران اٽڪل ساڍا 6 لک ايڪڙ سون ورني زمين غير سنڌين کي الاٽ ڪئي وئي. انهن ۾ گهڻائي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجين ۽ وفاقي سرڪار جي ڪامورن جي هئي. اچو ته ٽنهي بئراجن تي آباد ٿيندڙ زمينن جو ليکو چوکو ڪري معلوم ڪيون ته اهي ڪنهن جي ور چڙهي ويون.
سکر بئراج 1932ع ۾ ٺهي راس ٿيو، جنهن وسيلي اٽڪل 28 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيڻ جوڳي بڻي. سائين جي ايم سيد پنهنجي عدالتي بيان ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ ۾ ڄاڻايو آهي ته جيستائين ون يونٽ ٺهيو (1954ع تائين) سکر بئراج جي سموري زمين ورهائجي چڪي هئي ۽ صرف 6 لک 42 هزار ايڪڙ زمين باقي بچي هئي. ون يونٽ کان اڳ تائين اٽڪل 22 لک ايڪڙ زمين ورهائجي چڪي هئي، جنهن جو وڏو حصو ڌارين جي حوالي ڪيو ويو. هڪ ڪاٿي موجب آڪٽوبر 1958ع کان مارچ 1963ع جي عرصي دوران ورهايل زمين جو 75 سيڪڙو غير سنڌين حوالي ڪيو ويو. 1963ع جي انگن اکرن موجب ان عرصي دوران غير سنڌين کي 3 لک 67 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي، جڏهن ته صرف هڪ لک 78 هزار ايڪڙ زمين مقامي رهواسين جي حصي ۾ آئي.
ڪوٽڙي بئراج 1955ع ۾ مڪمل ٿيو، جنهن هيٺ 16 لک ايڪڙ زمين آبپاشي هيٺ اچڻ جي اميد هئي. جون 1958ع ۾ زمينن جي ورهاست لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جا ميمبر وفاقي سرڪار ۽ فوج مان کنيا ويا. ڪل 11 لک 30 هزار ايڪڙ زمين ورهائي وئي، جنهن جو 75 سيڪڙو غير سنڌين حوالي ڪيو ويو. انهن جي گهڻائي وفاقي سرڪار جي ڪامورن ۽ آرمي آفيسرن تي ٻڌل هئي.
سٺ واري ڏهاڪي ۾ گڊو بئراج تعمير ٿيو. هن بئراج جي زمين جي ورهاست به ساڳيءَ ريت ڪئي وئي ۽ هڪ لک 42 هزار ايڪڙ زمين غير سنڌين جي حوالي ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ لک ٽي هزار ايڪڙ رٽائرڊ فوجي سپاهين کي ڏني وئي. جڏهن ته اسلام آباد ۽ منگلا ڊيم مان بي دخل ڪيل رهواسين لاءِ به ساڍا 37 هزار ايڪڙ زمين رکي وئي. هي ته رڳو بئراجي زمينن جا انگ اکر آهن. ان کان علاوه ڪراچيءَ ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي، اسٽيل مل ۽ ٻين ترقياتي رٿائن لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وفاقي حڪومت ۽ خودمختيار ادارن جي حوالي ڪئي وئي. 1984ع ۾ ٺٽي ضلعي جي زرخيز زمين جا 40 هزار ايڪڙ ڪراچيءَ جي صنعتڪارن کي 7 رپيا ايڪڙ جي حساب سان ليز تي ڏنا ويا. هاڻي ته ابراهيم حيدريءَ جي ويجهو 12 هزار ايڪڙن تي ٻڌل ٻه ٻيٽ ۽ هاڪس بي واري پٽيءَ تي 40 هزار ايڪڙ زمين پرڏيهي ڪمپنين جي حوالي ڪئي پئي وڃي. ايئن سنڌ جي زمين تي لڳل راتاهن جا تفصيل ايڏا ته وڏا آهن جن لاءِ الڳ ڪتابن لکڻ جي ضرورت آهي.
ٻئي طرف سنڌ ۾ بئراجن سان گڏ سم واري پاڻيءَ لاءِ نيڪال جو سرشتو وقت سر مهيا نه ڪرڻ سبب سم ۽ ڪلر جي ڪري زرخيز زمينن جي جيڪا تباهي ٿي آهي، ان جا به تفصيل تمام ڊگها آهن. آڪٽوبر 1997ع جي انگن موجب سنڌ جي اٽڪل هڪ ڪروڙ 43 لک آباديءَ جوڳي زمين مان اٽڪل 37 لک ايڪڙ زمين شديد سم جو شڪار هئي، جنهن ۾ پنجن فوٽن جي اونهائيءَ تي جر جو پاڻي موجود هئو. جڏهن ته وڌيڪ 49 لک ايڪڙ زمين ۾ ڏهن فوٽن تي جر جو پاڻي موجود هئو. هڪ طرف زمين جي بربادي ۽ ٻئي طرف پاڻيءَ جي حصي ۾ زور آوريءَ سان ڪيل ڪٽوتيءَ جي نتيجي ۾ سنڌ جي زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. 90ع واري ڏهاڪي ۾ صورتحال ويتر خراب ٿي. ورلڊ بئنڪ جي هڪ ڊرافٽ رپورٽ 53001-PK موجب 2003-1999ع وارن سالن دوران سنڌ اندر ڪڻڪ جي اُپت ۾ ست سيڪڙو، چانورن ۾ ڏهه سيڪڙو، دالين ۾ ست سيڪڙو ۽ ساين ڀاڄين جي اُپت ۾ هڪ سيڪڙو لاٿ آئي آهي.
زرعي قرضن جي حوالي سان به سنڌ کي زيادتيءَ جو شڪار بڻايو ويو آهي. سال 01-2000ع ۾ زرعي قرضن ۾ سنڌ جو حصو 21 سيڪڙو هئو، جيڪو 06-2005ع ۾ گهٽجي 11 سيڪڙو وڃي بچيو. 06-2005ع ۾ سنڌ لاءِ 137 ارب رپيا زرعي قرضن لاءِ رکيا ويا، جنهن مان صرف 14.8 ارب رپيا جاري ٿي سگهيا، جيڪو ڪل رقم جو اٽڪل يارنهن سيڪڙو بڻجي ٿو، جڏهن ته پنجاب کي 82 سيڪڙو حصو ڏنو ويو. ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن، مشينري، ٽيوب ويل، انفرااسٽرڪچر ۽ اگهن جي مقرري وغيره ۾ زيادتين جا تفصيل الڳ آهن. سنڌ جي زرعي معيشت گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان جنهن بحران جو شڪار آهي، ان سنڌ ۾ غربت کي وڌايو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قبائلي جهڳڙن، ڌاڙن، قتل، خودڪشين ۽ انيڪ ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي. هرسال کنڊ ۽ اٽي جي بحران هاڻي عام رواجي ڳالهه بڻجي چڪو آهي ۽ زرعي معيشت خراب صورتحال جو شڪار آهي.
معاشي ترقيءَ جو ٻيو اهم پاسو صنعتي ترقي آهي. سنڌي سماج جيئن ته هڪ عرصي کان جاگيرداراڻي سماجي ڍانچي هيٺ رهيو آهي، تنهن ڪري ٻهراڙين جي معيشت جو گهڻو تڻو دارو مدار زراعت تي رهيو آهي. صنعت ڏانهن لاڙو گهٽ هجڻ سبب نه رڳو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ صنعتي اوسر نه ٿي سگهي آهي، پر ساڳئي وقت صنعتي ليبر به تيار نه ٿي سگهيو، جيڪو شهرن جي صنعتي ماحول ۾ روزگار جا موقعا حاصل ڪري سگهي. ورهاڱي وقت سنڌ ۾ صنعت محدود پيماني تي هئي. انفرااسٽرڪچر ۽ هيومن ريسورس نه هجڻ سبب ٻهراڙين ۾ صنعتي بنياد نه پئجي سگهيا. ٻئي طرف ڪراچيءَ ۾ سامونڊي پورٽ ۽ ايئرپورٽ جي موجودگيءَ سبب صنعتي بنياد ۽ بنيادي انفرااسٽرڪچر موجود هيا. سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ سکر بئراج جي شروعات سان ڪجهه شهري آباديون، منڊيون ۽ ننڍيون فيڪٽريون قائم ٿيون. نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جي ڪجهه علائقن ۾ زرعي نوعيت جون فيڪٽريون قائم ڪيون ويون. اتر سنڌ جي شهرن سکر ۽ خيرپور ۾ به ڪجهه صنعتون موجود هيون. 1954ع ۾ خيرپور ۾ ٽي ڪپڙي جون ملون، هڪ تماڪ سڪائڻ جي ڪارخاني کان سواءِ ماچيس فيڪٽري، جننگ ملون ۽ کڏيون موجود هيون. پاڪستان ٺهڻ وقت 1947ع ۾ سنڌ ۾ ڪجهه ساريون ڇڙهڻ جا ڪارخانا، تيل جا گهاڻا ۽ اٽي جون چڪيون موجود هيون. روهڙيءَ ۾ هڪ سيمينٽ فيڪٽري هئي. حيدرآباد ۾ هڪ برف جو ڪارخانو، 25 ڪاٽن جننگ فيڪٽريون، هڪ آئل مل ۽ هڪ چمڙي جو ڪارخانو هئو. جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ 41 مينوفيڪچرنگ يونٽ هئا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندستان مان آيلن کي شهري ڪاروبار ۽ صنعت ۾ اڳڀرو ڪرڻ لاءِ خاص وسيلا فراهم ڪيا ويا پر باقي سنڌ ۾ اهڙي ڪا به شروعات نه ڪئي وئي، جنهن سان ڏاڪي وار صنعتي ترقيءَ جا بنياد پئجي سگهن. 1948ع ۾ پاڪستان سرڪار ”پاڪستان رفيوجي ريهيبليٽيشن فنانس ڪارپوريشن“ جو بنياد رکيو. ڪارپوريشن جي سنڌ جي شاخ هڪ شيشي جو ڪارخانو سنڀالي فيروز آباد مان لڏي آيلن جي هڪ وڏي انگ کي چوڙين ٺاهڻ لاءِ ملازمت فراهم ڪئي. 1950ع تائين اها ڪارپوريشن 40 لک رپيا ورهائي چڪي هئي. جڏهن ته باقي سنڌ لاءِ ان قسم جو ڪو به فنڊ موجود نه هئو. 1947ع ۾ ”سنڌ ٽريڊنگ اسٽيٽ“ جو بنياد رکيو ويو، جنهن جي پهرين ڪارخاني ”وليڪا ٽيڪسٽائيل مل“ جو پيڙهه جو پٿر قائداعظم محمد علي جناح پاڻ سيپٽمبر 1947ع ۾ رکيو. ايئن ڪراچيءَ کي ملڪ جو صنعتي مرڪز بڻائڻ جو بنياد رکيو ويو. اڳتي هلي حيدرآباد، ڪوٽڙي، ٽنڊو آدم نوابشاهه، لاڙڪاڻي وغيره ۾ به سائيٽ ايرياز قائم ڪيا ويا پر اهي ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍا هئا ۽ سهولتن جي اڻ هوند سبب اتي سڃ لڳي پئي آهي. هن وقت اتر سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي کان وٺي لاڙ جي بدين ۽ ٺٽي تائين خاص طور تي درياءَ جي کاٻي ڪپ واري علائقن ۾ ۽ سپر هاءِ وي تي هڪ صنعتي ڄار وڇايل آهي، پر ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ اهو ايترو محدود آهي جو سنڌ جو پيداواري سرشتو ڪنهن نمايان تبديليءَ مان نه گذري سگهيو آهي. انهن وڏن ڪارخانن ۾ ليبر توڙي انتظاميا ۾ سنڌي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچن ٿا. اڳي ته سنڌ ۾ هيومن ريسورس نه هجڻ جو بهانو هوندو هيو، پر هاڻي ته سنڌ ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽيون موجود آهن، جتان هر سال سوين ڊگري يافته نوجوان مارڪيٽ ۾ پهچن ٿا، پر ان جي باوجود صنعتن ۾ هنن لاءِ روزگار جا دروازا بند آهن. ڪراچي هن وقت صنعتي سرگرميءَ جو تمام وڏو مرڪز آهي، جنهن ۾ چار وڏا صنعتي علائقا قائم ڪيل آهن. ڪورنگي، سائيٽ، فيڊرل بي ايريا ۽ نارٿ ڪراچي جي صنعتي علائقن ۾ اٽڪل ساڍا يارنهن هزار ننڍا وڏا ڪارخانا آهن. صنعتي حلقن موجب انهن ڪارخانن ۾ اٽڪل 25 لک ماڻهو ڪم ڪن ٿا، جن مان اٽڪل 13 لک ڪراچيءَ جا، ساڍا پنج لک پنجاب جا ۽ سرحد صوبي جا اٽڪل چار لک ماڻهو ڪم ڪن ٿا. جڏهن ته اندرين سنڌ جي پورهيتن جو انگ ٻن لکن جي لڳ ڀڳ آهي، تن ۾ به چڱو موچارو انگ غير سنڌين جو ٿي سگهي ٿو.
سن 01-2000ع ۾ صنعتن جي ڪيل ڳڻپ موجب مينوفيڪچرنگ انڊسٽريز جو سنڌ ۾ انگ 1768 هئو، جن مان 1218 صرف ڪراچي شهر ۾ قائم هيون. جڏهن ته باقي سڄي سنڌ ۾ مينوفيڪچرنگ انڊسٽريز جو تعداد فقط 550 هئو.
1983ع ۾ سپر هاءِ وي تي نوري آباد انڊسٽريل ايريا قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ 600 صنعتي يونٽن جي گنجائش هئي. ان لحاظ کان نوري آباد ڏکڻ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو صنعتي مرڪز ٿي سگهيو پئي. ان صنعتي ايريا جو لک پڙهه وارو ڪم ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ڪيو ويو پر ان جو زميني بنياد جنرل ضياءُ جي دور ۾ پيو. جوڻيجو حڪومت ان کي ڏهن سالن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ وارو علائقو قرار ڏنو. 1988ع تائين اتي 72 صنعتي يونٽ لڳي چڪا هئا. اڳتي هلي ان علائقي ۾ بدامنيءَ کي بنياد بڻائي ان جي واڌ کي روڪيو ويو ۽ اتان ڪارخانا منتقل ۽ بند ٿيڻ شروع ٿي ويا. 1999ع ۾ اتي صرف 20 ڪارخانا باقي بچيا هئا. جيتوڻيڪ اتان جي مقامي آباديءَ کي ان صورتحال جو ذميوار قرار ڏنو ويندو آهي، پر اها ڳالهه مڪمل سچ ناهي. درحقيقت ڄاڻي واڻي ان صنعتي علائقي جي اوسر روڪڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا ويا. مثال طور 16 سال گذرڻ باوجود ان صنعتي علائقي کي گئس ۽ پاڻيءَ جو ڪنيڪشن فراهم نه ڪيو ويو. 2003ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي گورنر محمد ميان سومري گئس ڪنڪيشن فراهم ڪرايو. امن امان جي صورتحال سڌرڻ سان اتي ڪجهه بهتري آئي ۽ سيپٽمبر 2006ع جي هڪ رپورٽ موجب اتي 96 صنعتي يونٽ ڪم ڪري رهيا هئا. نوري آباد جي مقامي آباديءَ ۾ تعليم ۽ هنر جي اڻاٺ جي بنياد تي سندن نوڪرين ۾ نمائندگي تمام گهٽ آهي. ان کان سواءِ اهو تاثر پڻ عام آهي ته سنڌي مزدور محنت گهٽ ڪري ٿو ۽ يونين بازي واري سياست ۾ وڌيڪ ملوث رهي ٿو. دادو شگر ملز ۽ ٺٽي شگر ملز جي بند ٿيڻ جا ڪارڻ پڻ ساڳيا ڄاڻايا وڃن ٿا. جڏهن ته انهن سببن کان علاوه ملز ۾ راشي انتظاميا مقرر ڪرڻ ۽ مقامي سياسي وڏيرن طرفان ڪروڙن رپين جا قرض واپس نه ڪرڻ وارا ڪارڻ ٻڌائڻ کان ڪن لاٽار ڪئي وڃي ٿي. اهڙي طرح ڪراچيءَ کان ٻاهر باقي سنڌ ۾ صنعتي ترقيءَ لاءِ نه ماحول ميسر ڪيو ويو ۽ نه سيڙپڪارن کي ڪي اهڙا فائدا آڇيا ويا، جن سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪا صنعتي سيڙپڪاري ٿي سگهي. ايئن صنعت ۽ زراعت جي ٻن اهم معاشي ميدانن ۾ به سنڌ جي ٻهراڙين کي پٺتي رکيو ويو آهي. زرعي ميدان ۾ سنڌ کي پنجاب جي ڀيٽ ۾ ڪمزور رکيو ويو آهي، جڏهن ته صنعتي ميدان ۾ سنڌ جي ٻهراڙين کي ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ پٺيرو رکيو ويو آهي. سنڌ جي اُسرندڙ نيم شهري ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ شروعاتي طور ننڍي پيماني جي صنعت ڪاريءَ کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي، پر ان لاءِ مخلصاڻين ڪوشش جي ضرورت آهي. جيئن ته سنڌ مٿان گهڻو وقت ڪمزور حڪمران مڙهيل رهيا آهن، تنهن ڪري اهي پنهنجي حڪمرانيءَ جو وڏو عرصو ڪرسي بچائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهن ٿا ۽ سنڌ جي ٻهراڙين جي ترقيءَ لاءِ کين ويچارڻ جي واندڪائي به نه ٿي ملي.
(روزاني ڪاوش- 7 ڊسمبر 2007ع)