الطاف شيخ ڪارنر

گهاتو گهر نہ آئيا

هي ڪتاب سمنڊ ۽ سامونڊي جيون سان گڏ آبي جيون تي لکيل ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ ڄاڻ تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
ڪتاب ۾ کوڙ دلچسپ ۽ معلوماتي مضمون شامل آهن، جيئن شارڪ مڇي لذيذ ڇو آهي، خطرناڪ ڇو آهي؟ وهيل مڇي جا قسم، ان جا فائدا ۽ اها وهيل جنهن جي عنبر سبب اسپيني مهاڻا ڪروڙ پتي ٿي ويا. گانگٽ، اسپنج ۽ ٻين آبي جيون بابت دلچسپ معلومات. سنڌو نديءَ جي انڊس ڊولفن يا انڌي ٻلهڻ بابت تفصيلي ڄاڻ. سنڌوءَ جي لذيذ ترين پلي مڇيءَ بابت تفصيلي ۽ دلچسپ مضمون. ڳاڙهي، نيري، اڇي ۽ ڪاري سمنڊ بابت معلومات. کاري ۽ مٺي سمنڊ بابت حقيقتون ۽ معلومات ۽ ٻيا به کوڙ پڙهڻ جهڙا ليک شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 4987
  • 1170
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گهاتو گهر نہ آئيا

وهيل مڇي ڪيڏي ٿي سگهي ٿي؟

اسپين جي هڪ همراهه کي وهيل مڇي ڳڙڪائي وئي.... اها خبر گذريل هفتي دنيا جي هر ملڪ ۾ عام هئي. هو ٽي ڏينهن هن جي پيٽ ۾ رهڻ بعد زندهه سلامت ٻاهر نڪري آيو. ان خبر جو تفصيل ۽ ٽيڪا ٽپڻي پوءِ ٿا ڪريون. هن پهرين حصي ۾ فقط وهيل مڇين بابت ٿا لکون ته اهي ڪيڏيون وڏيون آهن ....؟ انهن جي اهم حيثيت ڇو آهي ...؟ انهن جا ڪيترا قسم آهن....؟ هو ڪيئن ٿيون زندگي گذارين...؟ وغيره.
سمنڊ سان واسطو هجڻ ڪري اڪثر ماڻهو (خاص ڪري ٻار) مون کان پڇندا آهن ته اسان کي ڪڏهن وهيل يا ٻيون مڇيون نظر آيون....؟ ڪنهن مڇيءَ اسان جي جهاز تي حملو ڪيو...؟ ۽ هاڻ هن خبر بعد ڪنهن اهو به پڇيو ته ڇا وهيل مڇيءَ جو وات ايڏو وڏو ٿئي ٿو جنهن ذريعي هوءَ سڄو ماڻهو ڳڙڪائي سگهي؟
وهيل جو وات ايڏو وڏو ٿئي ٿو جو سڄو ماڻهو هڪ ئي ڳت ۾ هن جي پيٽ ۾ ته داخل ٿيو وڃي پر جي ڪو چاهي ته هن جي وات مان واڪ ڪري پيٽ اندر داخل ٿي سگهي ٿو. ماڻهو ته ڇا موٽر ڪار ـــ بلڪه ٽرڪ به ان مان داخل ٿي سگهي ٿي. ڇو جو وهيل مڇي دنيا جو تمام وڏو جانور آهي. ايڏو وڏو جو هن جي ڄڀ (زبان) بالغ هاٿيءَ جيڏي آهي جنهن جي مٿان شير مير بحر، بکر شيديءَ جهڙا ڏهه پهلوان ملهه بيهي سگهن. سندس دل اسان جي مهراڻ يا سوزوڪي سئفٽ ڪار کان وڏي آهي. بلو وهيل جي Aorta (دل ڏي رت کڻي ويندڙ شريان) ايڏي موڪري آهي جو انساني ٻار ان مان مونڙيون پائي هلي سگهي ٿو. وهيل مڇين جي ڪن جنسن جي نرن جا آنوڙا (Testicles) ايڏا وڏا ٿين ٿا جو هڪ جوڙي جي تور هڪ ٽن (25 مڻن) جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي.... يعني هڪ آنوڙي جو وزن 500 ڪلو ـــ پنجن ٻڪرين جيترو ٿيو ۽ خاص عضوو 8 فٽ يعني ماڻهوءَ جي قد کان به ڏيڍوڻو ٿئي.
ماڻهو پڇندا آهن ته سمنڊ تي اسان کي مڇيون نظر اينديون آهن؟ جهاز جڏهن ڪنهن بندرگاهه ۾ گهڙڻ کان اڳ کلئي سمنڊ تي ائنڪر ڪيرائي اندر گهڙڻ جو انتظار ڪندو آهي ۽ جهاز جون انجڻيون بند هجڻ ڪري خاموشي تاري هوندي آهي ته پوءِ شفاف پاڻيءَ ۾ رکي رکي مڇين جا ولر گذرندي نظر ايندا آهن. باقي جهاز جڏهن هلي ٿو ته فقط هن جي پروپيلر کي هلائڻ واري انجڻ 16 هزار هارس پاور طاقت جي ٿئي ٿي جنهن جو آواز تمام گهڻو ٿئي ٿو. اهڙي ڌڌڪي واري هلندڙ لوهي جهاز جي ويجھو ڪهڙي مڇي ايندي. ها البت کلئي اونهي سمنڊ ۾ ڪٿي جي وهيل مڇيون هونديون آهن ته اهي پري کان ضرور نظر اينديون آهن جو وهيل مڇي انسانن ۽ جانورن وانگر ڦڦڙن ذريعي ساهه کڻي ٿي. هن جي مٿي تي هڪ (۽ ڪن تي ٻه) سوراخ ٿين. اهي ڄڻ ته وهيل جي نڪ جون ناسون آهن جن ذريعي هوءَ سمنڊ جي سطح تي اچي ساهه کڻي ٿي ۽ پوءِ ساهه ڪڍڻ مهل هوا سان گڏ پاڻيءَ جا ڦڙا به وڏي پريشر سان اسپري جي شڪل ۾ ائين ٻاهر ڪڍي ٿي ڄڻ ڪنهن باغ ۾ لڳل ڦوهاري مان پاڻي نڪري ـــ ان سان گڏ ان ڦوهاري جو آواز به پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. دنيا جي باقي مڇين کي سمنڊ اندر پاڻيءَ مان ئي آڪسيجن ملي ٿي ۽ هنن کي ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت نٿي پوي. هنن جي ڪلين (Gills) ۾ جيڪو سامونڊي پاڻي داخل ٿئي ٿو ان مان مڇيءَ جو جسم آڪسيجن چوسي وٺي ٿو.
هڪ دفعي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ فرانس يا اٽليءَ جي ڪنهن بندرگاهه ٻاهران لنگر ڪيرائي، جهاز جي انجڻ بند ڪري اندر داخل ٿيڻ جي سڏ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين ته ڪا زخمي وهيل مڇي ڪٿان ٿڙندي ٿاٻڙندي اچي اسان جي جهاز جي ٻاهرين حصي سان لڳي. في الحال ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن ٻئي جهاز اچي ٿونو هنيو هجي..... جهاز ست اٺ دفعا ساڄي کاٻي رول ڪندو رهيو. اسان سڀني لاءِ اها نئين ڳالهه هئي ته خاموش موسم ۽ ماٺيڻي سمنڊ ۾ هي ڇا ٿي ويو. اندر بندرگاهه ۾ گهڙڻ بعد اتي جي هڪ جھوني جهازيءَ ٻڌايو ته هتي هن علائقي ۾ ”وهيلر جهاز“ وهيل مڇين جو شڪار ڪن ٿا. ضرور ڪنهن وهيلر ۾ سوار مهاڻن ان وهيل مڇيءَ کي ڀالا ۽ ڀڙڇيون هڻي زخمي ڪيو هوندو يا وري سندس ٻچي کي ماريو هوندو جنهن جي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ هن وهيل مڇيءَ اسان جي جهاز کي ٽڪر هنيو. اهو ٻڌي مونکي احساس ٿيو ته اڳوڻن وقتن ۾ جڏهن جهاز ڪاٺ جا هوندا هئا ۽ سڙهن ذريعي هلندا هئا، وهيل مڇين جي شڪار دوران ڪڏهن ڪڏهن ههڙي بگڙيل وهيل انهن هوڙهن ۾ سوار ماڻهن ۽ هوڙهن کي ٿونا هڻي تباهه ڪري رکندي هئي. دنيا جي مشهور ناول ”موبي ڊڪ“ ۾ به ته وهيل مڇي اهو ئي حال ڪري ٿي.
وهيل مڇي اونهي سمنڊ جو جانور آهي. هوءَ سڄي زندگي ڄمڻ کان وٺي بالغ ٿيڻ، ملڻ، ڦر ڏيڻ، ان جي پالنا ڪرڻ سمنڊ اندر ئي ڪري ٿي. ڪا زخمي ٿيل وهيل هوش وڃائي ڪناري تي اچي پئي هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي نه ته هوءَ هميشه ڪناري کان پري کلئي سمنڊ ۾ گذاري ٿي. اهڙي زخمي يا مُئل وهيل يا ان جو ٻچو ڪڏهن ڪڏهن ڪراچيءَ جي ڪناري کان به اچي نڪرندو آهي ۽ ان جي خبر فوٽي سميت اسانجي اخبارن جي زينت ٿيندي آهي.
وهيل مڇيون گھوڙي گڏهه يا دريائي گھوڙي وانگر هڪ ئي جنس جون نه آهن. وهيل مڇين جون سندن شڪل، رنگ، قد بت ۽ عادتن مطابق ڪيتريون ئي جنسون آهن جيئن ته گري وهيل، اسپرم وهيل، پائلٽ وهيل، بوهيڊ وهيل، فِن وهيل، بلو وهيل، ڪِلر وهيل (جيڪا اورڪا به سڏجي ٿي)، بيلوگا وهيل (جيڪا سفيد وهيل به سڏجي ٿي)، وغيره.
وهيل مڇيون تمام وڏيون ٿين ٿيون. ڪي ته ننڍين جنس جون به آهن پر اهي به ماڻهوءَ جي قد کان وڏيون اٽڪل 9 فٽ ٿين ٿيون جن جو وزن ٻن ماڻهن برابر اٽڪل 140 ڪِلو ٿئي ٿو. اهي ننڍي قد جون وهيل مڇيون ”ڄامڙيون اسپرم وهيل“ سڏجن ٿيون. گهڻيون تڻيون وڏيون ٿين ٿيون جيئن بلو وهيل مڇيون 112 فٽ کن ڊگهيون يعني انهن کي ڪرين ذريعي اُڀو جهلجي ته ٻارهن ماڙ بلڊنگ جيڏيون ٿين ۽ سندن وزن 200 کن ٽن ٿئي ٿو. ان تور جو اندازو ان مان لڳايو ته هڪ ٽن 25 مڻن برابر آهي يعني هڪ هڪ وهيل پنج هزار مڻن جي ٿي! ۽ جي ڪِلو ۾ حساب لڳائجي ته ان جو وزن ٻه لک ڪلو ٿيو.
وهيل مڇين کي ٿلهي ليکي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ڏندن واريون جن جو گهڻي ڀاڱي کاڄ اِسڪڊ (Squid) جهڙيون مڇيون آهن (اِسڪڊ مڇيون اونهي سمنڊ ۾ ٿين ٿيون جن کي هي وهيلون ميل ڏيڍ هيٺ غوطو هڻي جھلين). ٻيون جھالر واريون (Baleen) وهيلون آهن. هنن جي منهن ۾ ڏندن بدران هڪ خاص قسم جي مواد جون جھالرون ٿين ٿيون. هي مواد اهو آهي جنهن مان اسان جا وار يا ننهن ٺهيل آهن. هي مڇيون سامونڊي گاهه ۽ آڱرين جهڙيون Krill مڇيون کائين ٿيون. هو وڏو وات پٽي سمنڊ جو پاڻي اندر ڪري پوءِ وات ڀيڪوڙي يعني اڳيان جھالر (بئلين) ڏئي پاڻي ٻاهر ڪڍن. پاڻيءَ ۾ موجود سامونڊي گاهه، ڪرل ۽ ٻيون ان قسم جون ننڍيون مڇيون بئلين جهڙي ڇاڻيءَ مان لنگهندي ان جي اندرين پاسي ڦاسيو پون جن کي وهيل مڇي چٽي صاف ڪندي آهي ۽ وري ٻيو پاڻي وات اندر ڪندي آهي. هن قسم جي وهيل اڳيان ڪو ماڻهو به اچي وڃي ته هو سڄو ئي سڄو وهيل جي وات ۾ چوسجي (Suck ٿي) سندس پيٽ اندر داخل ٿي سگهي ٿو. انهن قسمن جي وهيل کي ڏند نه هجڻ ڪري ماڻهو زخمي نٿو ٿئي.
• ڏندن وارين وهيل مڇين کي قدرت طرفان ٻڌڻ جي وڏي طاقت مليل آهي. ايتريقدر جو هو انڌيون ٿي وڃن ته به ٻڌڻ جي طاقت ذريعي شڪار کي ڦاسائي گذارو ڪريو وٺن. جھالر وارين وهيل مڇين کي وري سونگھڻ جي وڏي سگهه مليل آهي.
• هتي اهو به لکندو هلان ته وهيل مڇيون ”گرم خون“ (Warm Blooded) ٿين ٿيون. ماڻهو، پکي ۽ جانورن جو ان ڪئٽيگريءَ سان تعلق آهي. گرم خون وارا جن کي بايولاجي ۾ Homoeothermic سڏجي ٿو، اهي ساهه وارا آهن جن جي جسم جي گرمائش هميشه ساڳي رهي ٿي چاهي ٻاهر جو ٽيمپريچر ڇا به هجي. جيئن اسان انسانن جو نارمل ٽيمپريچر (Normothermia) 36.8 ڊگريون سيلسيس (يعني 98.2 ڊگريون فهرنائيٽ) رهي ٿو. چاهي ٻاهر ڪهڙي به موسم هجي اسانجي جسم جو سسٽم ساڳيو ٽيمپريچر قائم رکي ٿو. پر مڇيون، نانگ بلائون يا واڳون ”ٿڌي خون وارا“ Cold Blooded ٿين ٿا. انهن جو ٽيمپريچر خود به خود ساڳيو نٿو رهي. اهو ئي سبب آهي جو رات جو ٿڌ ٿيڻ تي درياهه جا واڳون ليڙا (Sluggish) ٿي پوندا آهن ۽ سج اڀرڻ تي هو درياهه مان ٻاهر نڪري پنهنجو پاڻ کي اس ۾ سيڪيندا آهن. جيڪا مڇي جنهن ٽيمپريچر تي قدرت خلقي آهي اها ان گرمائش واري سمنڊ ۾ ئي رهي سگهي ٿي. توهان نارٿ سي (جرمني، ڊئنمارڪ، بيلجيم) پاسي جون مڇيون کڻي خط استوا واري سمنڊ ۾ يعني ملائيشيا، سنگاپور، سري لنڪا واري سمنڊ ۾ اچي وجھندائو ته هو مري وينديون. اهڙي طرح گهر ۾ به اهي مڇيون پالي سگهجن ٿيون جيڪي ان گرمائش تي جيئريون رهي سگهن ٿيون. پاڪستان يا دبئيءَ مان خريد ڪيل مڇين کي ناروي، سئيڊن ۾ رکڻ لاءِ توهان کي انهن جي اڪيورم (گهر) ۾ هيٽر هڻڻو پوندو. چڙيا گهرن ۾ دنيا جي مڇين کي رکڻ لاءِ انهن جي جياپي وارو ٽيمپريچر قائم ڪرڻو پوي ٿو.
• هاڻ جڏهن توهان کي وهيل بابت مٿيون ڳالهيون سمجھه ۾ اچي ويون آهن ته هن اسٽيج تي توهان کي اهو سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيندي ته وهيل جنهن کي اسان ’مڇي‘ سڏيندا اچون مڇيءَ جي شڪل جي ضرور آهي، مڇيءَ وانگر سمند ۾ به رهي ٿي ۽ مڇيءَ وانگر تري ۽ ٽٻيون به هڻي سگهي ٿي پر حقيقت ۾ اها مڇي ناهي. اها ٿڻائتن جانورن (Mammals) جو قسم آهي. قدرت جي هن ڪارخاني ۾ ههڙيون ڪئين شيون نظراچن ٿيون جيئن اٺ پکي (شتر مرغ) کنڀن هوندي به اڏامي نٿو سگهي. چمڙو ”پکي“ هوندي ٻچن کي ٿڃ پياري ٿو، وغيره.

[b]مڇيءَ ۽ وهيل ۾ فرق:
[/b]- مڇي ڪلين (Gills) ذريعي ساهه کڻي ٿي. هر انسان، جانور، پکي پکڻ کي آڪسيجن جي ضرورت آهي جيڪا رت سان ملي ان کي صاف ٿي رکي ۽ اسان زندهه رهون ٿا. وهيل مڇيءَ کي منهن جي مٿين حصي ۾ نڪ آهي جيڪو Blow Hole ٿو سڏجي. ڪن وهيلن کي هڪ ناڪوٽي (ناس) ٿئي، ڪن کي ٻه. وهيل مڇي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ سمنڊ جي سطح تي اچي اسان وانگر ساهه کڻي هوا کي اندر ڦڦڙن ڏي موڪلي ٿي جتي ان هوا مان آڪسيجن رت کي ملي ٿي. مڇيون ڪلين ذريعي سمنڊ جي پاڻيءَ مان آڪسيجن حاصل ڪن ٿيون. مڇيون سمنڊ جو پاڻي وات ذريعي جسم ۾ داخل ڪري ڪلين مان ڪڍن ٿيون جتي پاڻيءَ ۾ مليل آڪسيجن چوسي وڃي ٿي.
- هر مڇي توڙي وهيل جو پُڇ سهي جي ٻن ڪنن وانگر ٿئي ٿو جيڪي Flukes سڏجن ٿا. اهي مڇيءَ کي اڳيان هلڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اڳيان وڌڻ لاءِ هر مڇي انهن کي کاٻي ساڄي موڙيندي رهي ٿي پر وهيل مڇي ساڄي کاٻي موڙڻ بدران هيٺ مٿي ڪري ٿي.
- هر مڇيءَ جي ٻاهرين کل تي ڇلر ٿين ٿا پر وهيل مڇيءَ جي جسم تي جانورن جي کل وانگر وار ٿين ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته عمر سان گڏ ۽ سمنڊ ۾ گهڻو ترڻ ڪري اُهي وار ڇڻيو وڃن.
- مڇيون آنا ڏين ٿيون. اسان مان گهڻن اها آني ضرور کاڌي هوندي. وقت پوري ٿيڻ تي هر مڇي اهي آنا سمنڊ ۾ لاهي ٿي جن جي ڦاٽڻ تي ان مان ٻچا نڪرن ٿا. جيڪي پوءِ پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي حساب سان ان ئي وقت ماءُ کان جُدا ٿي ٽڙيو پکڙيو وڃن ۽ انهن هزارين ڦٽل مڇين مان ڪي ته انهي وقت ئي وڏين مڇين جي پيٽ ۾ هليون وڃن ڪي ڪجهه ڏينهن اندر ۽ فقط هڪ حصو جواني ماڻي.
وهيل مڇيون خشڪي جي جانورن وانگر ٻار ڄڻين. گهڻو ڪري هڪ وقت تي هڪ ڦر. ڄمڻ بعد ان کي آزاد ڇڏي ڏيڻ بدران هن کي سال کن پاڻ سان گڏ رکي ٿڃ پيارين، حفاظت ڪن، جيئڻ ۽ شڪار ڪرڻ جون اٽڪلون سيکارين.
- جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته مڇيون ٿڌي رت واريون ٿين ٿيون ۽ هو ڪوشش ڪري سڄي عمر ساڳي گرمائش واري سمنڊ ۾ زندگي گذارين ٿيون پر وهيل مڇيون گرم رت واريون هجڻ ڪري ٿڌي توڙي گرم پاڻي ۾ رهي سگهن ٿيون. هو ساهه کڻڻ جي سهوليت ڪري سطح سمنڊ جي ويجھو رهن ٿيون ۽ شڪار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه ميل اونهون غوطو هڻي سمنڊ جي تري کان به وڃيو نڪرن.
- هر مڇي سمنڊ اندر ئي رهي ساهه کڻي ٿي پر وهيل کي ساهه کڻڻ لاءِ سمنڊ کان ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو ـــ گهٽ ۾ گهٽ مٿي واري حصي کي ٻاهر ڪڍڻو پوي ٿو جيئن نڪ سمنڊ جي پاڻيءَ کان ٻاهر رهي ۽ هوا ڇڪي سگهي.

[b] وهيلن بابت حيرتناڪ حدون:
[/b]شروع ۾ لکي آيو آهيان ته وهيلن جون ڪيتريون ئي جنسون آهن جيئن کڻي چئجي ته اسان وٽ ٻڪرين جون انهن جي شڪلين، سونهن، قد بت جي حساب سان آهن: ڪاموري، بَري، جابلو، ٽيڊي، پٺ وغيره.
- سڀ کان وڏيون وهيلون نيريون (Blue) وهيلون آهن. اهي دنيا ۾ رهندڙ هر جانور کان وڏيون آهن ـــ ڪنهن زماني ۾ رهندڙ آفت جيڏن ڊائنا سورسن کان به وڏيون آهن. هنن جي وات ۾ ڏندن بدران ڦڻيءَ جهڙي سنهي جھالر (Baleen) ٿئي ٿي. ان ڪري هي بئلين وهيلن جو قسم آهن. هيءَ وهيل 110 فٽن تائين ڊگهي ٿئي ٿي. ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏي فِن (Fin) وهيل ٿئي ٿي. ڏندن وارين وهيل مڇين ۾ اسپرم (Sperm) وهيل وڏي ٿئي ٿي ـــ اٽڪل 50 فٽ جنهن جو وزن 43 ٽن ٿئي ٿو.
- سڀ کان گهڻو گوڙ ڪرڻ واري پڻ ”بلو وهيل“ آهي. آواز جي ليول ڊيسيبل ۾ ماپي وڃي ٿي. انسان جي رڙين جي ليول 70 ڊيسيبل (Decibles) ٿئي ٿي. 120 کان مٿي واري ليول جو گوڙ انسان جي ڪنن لاءِ سخت تڪليف وارو ٿئي ٿو. جيٽ هوائي جهاز جو آواز 140 ڊيسيبل آهي. بلو وهيل جو آواز ان کان به وڏو 188 ڊيسيبل آهي بلو وهيل جيڪا پنهنجي ڦر کي سڏڻ لاءِ سيٽيءَ جي صورت ۾ آواز ڏئي ٿي اهو سوين ميلن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
- پائلٽ وهيل ۽ ڪِلر وهيل (جيڪي Orcas سڏجن ٿيون) رفتار ۾ سڀ کان تکيون آهن. شڪار کي جھلڻ لاءِ هو 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان هن جي پويان لُوههَ پائي سگهن ٿيون.
- سڀ کان گهڻي خطرناڪ ڪِلر وهيل (اورڪا) آهي. هر روز هن کي سوين ڪلوگرام مڇين، اسڪڊن، سامونڊي پکين (Sea Gills وغيره) ۽ سامونڊي جانورن (لڌڙن، آبي ڳؤئن ۽ ننڍين وهيلن) جي ضرورت پوي ٿي. هو پنهنجي شڪار کي چٻاڙي نٿيون سگهن ان ڪري هو هر شيءِ کي ڳڙڪائينديون (ڳهنديون) وڃن ٿيون. ڪلر وهيلون وڏيون قابل شڪاري آهن. هو اڪيلي سر يا ٽولي ۾ مختلف نموني سان مڇين جي جھڳٽن کي وڪوڙي هضم ڪريو وڃن.
- اسپرم وهيلون سڀ کان اونهو غوطو هڻي سگهن ٿيون هنن جو گهڻو گذارو آڪٽوپس ۽ گانگٽ جهڙين مڇين (Squids) تي ٿئي ٿو جيڪي سمنڊ جي تري ۾ رهن ٿيون. انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسپرم وهيل 3000 ميٽر (يعني 3 ڪلوميٽرن) تائين به ٽٻي هڻي سگهي ٿي ۽ هيءَ ٽٻي 40 منٽن تائين بنا ساهه کڻڻ جي هڻي سگهي ٿي. ان بعد هن کي وري سمنڊ جي سطح تي اچي ڏهن منٽن لاءِ آرام ڪرڻو پوي ٿو.
- نر وهيلون راڳ ڳائڻ کان مشهور آهن. سندن اهي راڳ عجيب کهري قسم جي آواز ۾ ٿين ٿا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته نر وهيلون اهي راڳ ميلاپ جي موسم ۾ مادين کي پاڻ وڻائڻ ۽ قرب حاصل ڪرڻ لاءِ آلاپين ٿا.
- سڀ کان گهڻو مغز اٽڪل 9 ڪلو اسپرم مڇيءَ کي ٿئي ٿو.
- وهيل مڇيون ڍُڪيون ٿيڻ لاءِ ٿڌن پاڻين ڏي وڃن ٿيون ۽ ڦر ڏيڻ لاءِ گرم پاڻيءَ ڏي ـــ يعني خط استوا ڏي موٽن ٿيون. سڀ کان وڏو سفر ڀوري (Gray) وهيل ڪري ٿي. هوءَ هر سال ”آرڪٽڪ سمنڊ“ (الاسڪا جي اتر) کان ميڪسيڪو تائين اچي وڃي ٿي يعني 20 هزار ڪلوميٽر تري ٿي.
- سڀ کان گهڻو وزن بلو وهيل جو ٿئي ٿو. هوءَ ڊيگهه ۾ به وڏي بوئنگ 737 جيڏي ٿئي ٿي ۽ وزن ۾ 150 ٽنن کان مٿي ٿئي ٿي. مون جهڙي هڪ ماڻهوءَ جي تور جي 80 ڪلو ٻڌجي ته بلو وهيل جو 2000 ماڻهن جيترو وزن ٿيو.
- وهيل جيڪو ڦر ڏئي ٿي اهو ڪيڏو وڏو ٿئي ٿو؟
بلو وهيل ڏهن کان ٻارهن مهينن تائين پيٽ سان رهي ٿي ان بعد جيڪو ڦر ڄمي ٿو ان جي ڊيگهه 8 ميٽر ٿئي ٿي يعني 24 فٽ کن. هڪ ماڻهوءَ جي 6 فٽ ڊيگهه سمجھي وڃي ته بلو وهيل جو تازو ڄاول ٻار به چئن ماڻهن جيڏو ڊگهو ٿئي ٿو. هيءَ بيبي وهيل روزانو ماءُ جو 225 ليٽر کير پيئي ٿو جنهن ۾ تمام گهڻي چرٻي ٿئي ٿي. هر ڪلاڪ بعد هن بيبيءَ جي چار ڪلو تور وڌي ٿي يعني سڄي ڏينهن ۾ نوي ڪلو (هڪ ٿلهي ماڻهوءَ جيترو) وزن وڌي ٿو. اهو سلسلو 8 مهينن تائين هلي ٿو جيستائين اها بيبي 15 ميٽر (45 فٽ کن) ڊگهي ۽ 23 کن ٽن جي ٿئي. يعني 23000 ڪلو گرام! وهيل جو ڦر ۽ ماءُ سال کن يا ڪجهه وڌيڪَ گڏ رهن ان بعد پنهنجو پنهنجو رستو اختيار ڪن.
- اسپرم وهيل جو سڀ کان وڏو مٿو ٿئي ٿو جيڪو سندس جسم جي ڊيگهه جي ٽئين حصي برابر ٿئي. هن ۾ موجود مغز بابت لکي آيو آهيان ته ان جي تور 9 ڪلو ٿئي ٿي. مٿي ۾ هڪ خال (Cavity) به اٿس جيڪو ايڏو وڏو آهي جو ان ۾ ڪار پارڪ ٿي سگهي. هن خال ۾ هئڊي رنگ جي ميڻ جهڙي شيءِ ٿئي ٿي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پراڻي زماني جا شڪاري جدوجهد ۾ هوندا هئا.
- وهيل مڇيءَ جي چڱي خاصي عمر ٿئي ٿي ۽ ڪيتريون ته 200 سال به جيئريون رهن ٿيون.
- اسان کي پنهنجن وڏي لوهي جهازن تان پري کان وهيل مڇيءَ کي ساهه کڻندو بلڪه پاڻيءَ جي ڦوهاري وانگر ساهه خارج ڪندو ڏسي مزو اچي ٿو. ڪنهن به وهيل جو آفت جيڏن لوهي جهازن کي ٿونو هڻڻ معنيٰ پنهنجو مٿو ڀت سان هڻڻ آهي. باقي ڪاٺ جي ٻيڙي ۾ سوارن کي وهيل مڇيءَ کي پاڻ ڏي ايندو ڏسي ساهه سڪيو وڃي جو ڪهڙي خبر ته هن جو موڊ بگڙجي وڃي ۽ پنهنجو گس ڇڏي ٻيڙيءَ کي اچي ٽڪر هڻي ۽ ٻيڙي ۽ ان ۾ سوار ويهارو کن ماڻهن کي اونڌو ڪري ڇڏي. هونءَ وهيل انسان جي ڪا دشمن ناهي. اها هپو (دريائي گھوڙي) جي طبيعت جي آهي. اها شارڪ مڇي آهي جيڪا خونخوار جانورن وانگر انسان ۽ هر شيءِ تي حملو ڪري ٿي. اها شڪار ڪري کائي ٿي. وهيل پنهنجي دنيا ۾ مست رهي ٿي پر هن کي جڏهن احساس ٿئي ٿو (ڪوڙو يا سچو) ته ڪو هن کي مارڻ جي ڪري رهيو آهي يا هن جي کير پياڪ ڦر کي نقصان پهچائي رهيو آهي ته پوءِ اها ڇتي ٿي سڄي ٻيڙيءَ کي ٽڪر هڻي ٿي ۽ ان مان ڪريل ماڻهوءَ کي ڳهيو به وڃي. پر جي اها ڏندن واري جنس جي وهيل آهي ته اها چڪي به رکي ٿي. ان ويڙهاند ۾ وهيل جي ڪيترن شڪاري مهاڻن جا هٿ پير يا ٽنگون ٻانهون ڪپجيو وڃن.