خطرناڪ پر لذيذ خوراڪ
انهن زهريلي مڇين مان ”پفر مڇي“ (Puffer Fish) هڪ آهي جنهن کي جپاني فوگو (Fugu) سڏين ٿا. ڪن ملڪن ۾ پفر کي ”بلو فش“ به سڏين. هن مڇي ـــ فُوگو جون ڪيتريون ئي جنسون آهن جن مان سڀ ۾ مشهور ۽ گهڻي زهريلي ”تورافوگو“ (Torafugu) آهي. هيءَ مڇي جپان جي ندين ۽ اوسي پاسي جي سمنڊ مان به ڦاسائي وڃي ٿي. کائڻ وارا ٻڌائين ٿا ته فوگو مڇي کائڻ ۾ بيحد لذيذ ٿئي ٿي ۽ مهانگي هجڻ ڪري دنيا جا امير ماڻهو ئي اها عياشي ڪري سگهن ٿا. سڄي جپان ۾ 3000 کن ريسٽورنٽون اهڙيون آهن جن ۾ هيءَ مڇي Serve ٿئي ٿي. گهڻو ڪري ڪاغذ جهڙيون سلائيسون ڪري ڪچي کاڌي وڃي ٿي. هن مڇيءَ جي آنڊن، ٻچي داني (Ovaries) ۽ جيري ۾ زهر ٿئي ٿو جيڪو tetrodotoxin سڏجي ٿو ـــ اهو زهر سائينائيد کان 1200 دفعا وڌيڪَ خطرناڪ آهي. هڪ معمولي هوٽل ۾ به فوگو مڇيءَ جي ڊش جي قيمت 200 ڊالر.... يعني ويهه هزار رپيا آهي ۽ جپاني فوگو کائڻ جا ايڏا شوقين آهن جو جپان ۾ هر سال ڏهه هزار ٽن ان مڇيءَ جا کاڌا وڃن ٿا. ڪن شوقينن کي هن مڇيءَ جي ڊش لاءِ ان کان به وڌيڪَ قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. جپان ۾ وڃڻ وارن شروع جي سالن ۾ جڏهن نه فقط جپانين جو پر اسان ڌارين جو به ”بانڊو مستوگورو“ نالي جپاني فلم ائڪٽر فئوريٽ هو، 1975ع ۾ فوگو مڇي کائڻ بعد هوٽل ۾ ئي مري ويو. وڏن ماڻهن کي مارڻ لاءِ هن مڇيءَ جي رڌ پچاءَ واري بورچيءَ کي رشوتون ڏئي برغلايو وڃي ٿو جيئن هو هن مڇيءَ ۾ ڪجهه زهريات ملائي ڇڏي. هن مڇيءَ جو زهر لڳل گوشت ”هڻ کڻ“ جو ڪم ڪري ٿو. اها مڇي جيڪا دنيا جي سڀني مڇين ۾ لذيذ ترين سمجھي وڃي ٿي ان جو زهريلو اثر ايترو ته خطرناڪ حد تائين ايذائيندڙ ۽ تيز آهي جو هوٽل ۾ ويٺل گراهڪ هن مڇيءَ کي کائيندي ئي مريو وڃي. وات ۾ چٻاڙيندي هن جا هٿ ڏڪڻ شروع ٿين ٿا ۽ ڳالهائڻ بند ٿيو وڃي ۽ ڊاڪٽر حڪيم جي پهچڻ کان اڳ هو هن جهان مان روانو ٿيو وڃي.
هڪ جپاني ”راڪوگو“ (Rakugo) يعني ”مزاحيه افسانو“ مشهور آهي ته ٽن ماڻهن گڏجي فوگو مڇي تيار ڪئي پر هنن کي پڪ نه هئي ته اها صحيح طرح صاف ٿي يا ڪو زهر ذرو رهجي ويو. هر ڪو ڀانئي ته پهرين ٻيو ڪو چکي ته پوءِ هو کائي. نيٺ ان ڊش جي خاطري ڪرڻ لاءِ ته اهو زهريلو ناهي هنن ڪجهه مڇيءَ جا ڳترا پليٽ ۾ وجھي سامهون وڻ هيٺان ويٺل فقير کي ڏنا. ٿوري دير بعد فقير کين خالي پليٽ واپس ڪري ويو. هنن جڏهن ڏٺو ته فقير کي ڪجهه نه ٿيو ته سڀ کائڻ ۾ جنبي ويا. ماني کائي هو فقير کي هڪ دفعو وري ڏسڻ لاءِ هن وٽ آيا ۽ فقير کي چاق چوبند ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. فقير جي به جيئن ئي هنن تي نظر پئي ته هن جي چهري تي مرڪ تري آئي ۽ هنن طرفان کيس ڏنل مڇي جيڪا هن کائڻ بدران پني ۾ ويڙهي رکي هئي، اها ڪڍي مزي سان کائڻ لڳو. ان وقت هنن ٽنهي کي احساس ٿيو ته فقير ته ڪو وڏو عقلمند هو جنهن هنن کي بيوقوف بڻايو. ۽ چڱو جو مڇيءَ ۾ زهر جو اثر نه هو نه ته فقير ته بچي وڃي ها، هي ٽئي مري وڃن ها.
جپان ۾ مئيجي گهراڻي جي دورِ حڪومت ۾...... يعني 1868ع کان 1912ع تائين، جپان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هن مڇيءَ جي کائڻ تي بندش لڳل هئي جيڪا هاڻ نه رهي آهي. هن مڇيءَ بابت تفصيل سان ڳالهيون پنهنجن جپاني سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان.