هيٺاهين ذات جا جانور
ڪي وري اهڙيون سامونڊي شيون آهن ـــ جيڪي اسان کي وير لهڻ تي سمنڊ جي ڪناري تي ملن ٿيون ـــ يا ڪلفٽن وٽ دڪانن تي وڪامندي نظر اينديون. مثال طور ڪوڏ، ڪوڏيون، ستيون، سپون، سنک وغيره. اهي دراصل پاڻ ساهواريون شيون نه هيون پر اهي ساهه وارين شين جي رهڻ جا گهر يا اڏاوتون، ڍڪ ۽ ڍالون هيون. جيئن ڪمي/ڪڇونءَ مٿان مضبوط پٿر جهڙو پڙ ـــ جنهن اندر خطري وقت هو پنهنجي ڳچي۽ هٿ پير لڪائي سگهي ٿو. اهڙي طرح سپن جي ٻن پڙن جي وچ ۾ جيڪو ڪينئون رهي ٿو اهو جيستائين جيئرو آهي ته انهن ٻن پڙن اندر رهي پنهنجي مرضي سان کولي بند ڪري ٿو. ۽ بند ايڏو مضبوط رهي ٿو جو ٻئي لاءِ کولڻ جو سؤلو طريقو اهو ئي آهي ته ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ وڌو وڃي جيئن اندريون ڪينئون مري/رڌجي وڃي. سپن اندر رهندڙ اهو ڪينئون/سُرو بيحد لذيذ چيو وڃي ٿو ۽ جپان ۽ چين جهڙن ملڪن کان علاوه ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن جا مسلمان پڻ کائين.
[b]ڪورال (Coral)
[/b]ڪورال ڏسڻ ۾ ڪجهه ڪجهه ماکيءَ جي مکين جي ماناري جهڙو لڳي ٿو. ڪورال سخت شين تي چنبڙيل هوندو آهي. سندس رنگ اڇو، پيلو، هئڊو ۽ سائي صوف جهڙو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ڳارهو يا آسماني پڻ ٿئي. ڪورال ڪڏهن ڪڏهن ايڏو وڌي وڃي ٿو جو هڪ ٻيٽ وانگر لڳي ٿو.
1780ع ۾ ڪئپٽن ڪڪ سان گڏ فارسٽر به سامونڊي سفر ڪيو هو. اهو لکي ٿو ته هن ڏکڻ سمند جا ڪيترائي ننڍا ٻيٽ ڏٺا جيڪي دراصل ڪورال جا وڏا دڙا هئا. اهي ٻيٽ اڄ به ان نالي Coral Islands سان مشهور آهن. ڪورال سمنڊ مان ڪئلشيم چوسيندو رهي ٿو جنهن مان ريشا Cells ٺهي ٺهي هڪ وڏو ٽڪر ٺهيو پوي. وقت گذرڻ تي اهو پهڻ جهڙو سخت پڻ ٿيو پوي. ڪورال مان اسان جهڙا جهازران سخت بيزار هوندا آهن جو اهو جهازن جي ٻاهرين جسم (Hull) تي چنبڙيو پوي ۽ کهرو هجڻ ڪري جهاز پاڻيءَ ۾ لسو تري نٿو سگهي ۽ جهاز جي ڏينهون ڏينهن رفتار گهٽجي وڃي ٿي - ۽ ڳوٺ (يعني هوم پورٽ) ۾ پهچڻ ۾ ڏينهن ٻن جو سفر وڌيو وڃي. جهاز سان اها مصيبت رهي ٿي جيسين سال ڏيڍ بعد ڊراءِ ڊاڪنگ ٿئيس. ڊراءِ ڊاڪنگ ۾ جهاز جي ٻاهرين کل کي کرڙي وري لسو ڪيو ويندو آهي.
[b]جيلي مڇي
[/b]جيلي فش شڪل ۾ ڇٽيءَ وانگر پر ليئه دار شيءِ ٿئي ٿي. سندس گهنڊ Bell يا بال جهڙو مٿانهون حصو پاڻيءَ ۾ ترندو نظر اچي ٿو جنهن جي هيٺان ڪينئين جهڙو ساهوارو ٿئي ٿو. سندس جسم نرم ۽ اڇي رنگ جو ٿئي ـــ ڪڏهن ڪڏهن گلابي رنگ جو پڻ. جيلي مڇي سمنڊ تي هوائن ۽ وهڪرن جي زور تي هيڏانهن هوڏانهن هلندي رهي ٿي. هنن ۾ پنهنجي طاقت نه ٿئي جو مرضيءَ مطابق تري سگهن. تکين لهرن ۽ هوائن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنارن تي به اچيو نڪري. ڪيتريون ئي مئل جيلي مڇيون تانگھن ڪنارن ۽ بندرگاهن تي ڏسڻ ۾ اينديون. ڪڏهن ڪڏهن جهاز جي پمپن ۾ ڇڪجي فلٽرن کي به ڀري ڇڏينديون آهن. جيلي مڇيءَ کي ڪڏهن به هٿ نه لائجي جو خارش ٿيو پوي. اهڙي طرح ڪن سامونڊي ٻوٽن پنن کي پڻ هٿ نه لاهجي جو انهن جا سوين سنها سنها ڪنڊا هٿ ۾ گهڙيو وڃن. اهڙي ئي قسم جا ڪنڊا جيلي مڇيءَ ۾ پڻ ٿين ٿا.
جيلي مڇيءَ ۾ ڪو به ساهه کڻڻ جو عضوو نه ٿئي ۽ نه وري پٺيءَ جو ڪنڊو يا ڇهڻ جو حواس وغيره. منجھس کاڌي کائڻ ۽ هضم ڪرڻ لاءِ هڪڙو ئي وڏو خال آهي ـــ بلڪه اهو ئي خال سندس جسم آهي. جيلي مڇي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ موجود سنهو گاهه، سنها ڪينئان ۽ تمام ننڍڙيون مڇيون کائي ٿي. هي مڇيون دنيا جي هر سمنڊ ۾ نظر اينديون. ڪي ايتريون ننڍيون ٿين ٿيون جو مائڪرو اسڪوپ سان ئي ڏسڻ ۾ اچن. ڪي وري تمام وڏيون ٿين. ڪي ته چئن کان پنجن فوٽن تائين به ٿين ۽ تور ۾ ويهه ٽيهه سير کن ٿين. مرڻ تي اهي Phosphorescent ٿيو پون.
جيلي مڇي آنا ڏئي ٿي جيڪي هڪ عرصي تائين سندس جسم جي هڪ پور ۾ ئي رهن. مدو پورو ٿيڻ بعد اهي ٻچن جي صورت ۾ ٻاهر نڪرن. هي ٻچا ڏيڏر جي ٻچن وانگر ڪيتريون ئي شڪليون بدلائين ۽ ڄمڻ وقت ڄڻيندڙ ماءُ جهڙا هرگز نه لڳن.
[b]سامونڊي ڄاها
[/b]سامونڊي ڄاهي Sea-Urchin جي شڪل گول ٿئي ٿي ۽ سندس چوڌاري ڄاهي وانگر ڪنڊا ٿين. اهي ڪنڊا سندس بچاءَ لاءِ به ڪم اچن ۽ ساڳي وقت انهن ذريعي هو سمنڊ ۾هلي پڻ سگهي ٿو. سندس وات جسم جي هيٺين تري ۾ وچ تي ٿئي جنهن ۾ پنج طاقتور ڏند ٿين. کيس کاڌي هضم ڪرڻ ۽ خارج ڪرڻ لاءِ آنڊو پڻ ٿئي. سندس Vascular سسٽم لاءِ چيو وڃي ٿو ته تمام منجھيل قسم جو آهي. کيس پنج ٻچي دانيون Ovaries ٿين جيڪي خاص سوراخن مان آنا خارج ڪن.
سامونڊي ڄاهو تمام آهستي هلي/تري ٿو. هو ننڍين لِئه دار شين (Mollusks) ۽ سامونڊي گاهه تي گذارو ڪري. چون ٿا ته سامونڊي ڄاهي کي موسم خراب ٿيڻ جي اڳواٽ خبر پئجيو وڃي ۽ طوفان ويجھو اچڻ تي هو پاڻ کي بچائڻ لاءِ سامونڊي گاهه کي ڏندن سان سوگھو جھلي بيهندو آهي.
سامونڊي ڄاهن جا ڪيترائي قسم آهن. هڪ ته واڱڻائي رنگ جو ٿئي ٿو جنهن کي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو کائين. کيس ننڍا ۽ مڏا سوئا ٿين. ان کان علاوه هڪ سائيري رنگ جو ٿئي جنهن کي ڊگها ناسي سوئا ٿين ۽ اهو پٿرن ۽ پهڻن جي وچ ۾ لڪي وهندو آهي. ٻيا به ڪيترا قسم آهن جيڪي سوئن/ڪنڊن جي نمونن سان پرکيا وڃن ٿا. سندس مرڻ تي اهي سڀ سوئا ڪريو پون.
[b]سامونڊي ٻوٽا Sea Anemone
[/b]سمنڊ اندر پٿرن جي وچ ۾ هي للي گل جي ٻوٽي وانگر ٻوٽي نما Zoophytes ٿين. منجھن هڪ ئي خال Cavity ٿئي جيڪو پيٽ، وات ۽ کاڌي هضم ڪرڻ جو ڪم ڏئي. هو سمنڊ اندر ترندڙ ننڍا ڪينئان کائين ۽ پنهنجن ڊگهن پرن/پنن ذريعي شڪار کي پاڻ ڏي ڇڪين. سمنڊ ۾ جڏهن جوش هوندو آهي ته هي اهي پر پنهنجي چوڌاري ويڙهي بال وانگر يا کنڀيءَ وانگر ٿيو وڃن.