الطاف شيخ ڪارنر

گهاتو گهر نہ آئيا

هي ڪتاب سمنڊ ۽ سامونڊي جيون سان گڏ آبي جيون تي لکيل ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ ڄاڻ تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
ڪتاب ۾ کوڙ دلچسپ ۽ معلوماتي مضمون شامل آهن، جيئن شارڪ مڇي لذيذ ڇو آهي، خطرناڪ ڇو آهي؟ وهيل مڇي جا قسم، ان جا فائدا ۽ اها وهيل جنهن جي عنبر سبب اسپيني مهاڻا ڪروڙ پتي ٿي ويا. گانگٽ، اسپنج ۽ ٻين آبي جيون بابت دلچسپ معلومات. سنڌو نديءَ جي انڊس ڊولفن يا انڌي ٻلهڻ بابت تفصيلي ڄاڻ. سنڌوءَ جي لذيذ ترين پلي مڇيءَ بابت تفصيلي ۽ دلچسپ مضمون. ڳاڙهي، نيري، اڇي ۽ ڪاري سمنڊ بابت معلومات. کاري ۽ مٺي سمنڊ بابت حقيقتون ۽ معلومات ۽ ٻيا به کوڙ پڙهڻ جهڙا ليک شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 4987
  • 1170
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گهاتو گهر نہ آئيا

وهيل مڇين پويان دنيا ڇو چري رهي آهي؟

وهيل مڇين جي شڪار کي “Whaling” سڏجي ٿو ۽ اهي جهاز جن ۾ مهاڻا چڙهي هنن مڇين جو شڪار ڪن ٿا، اهي “Whalers” سڏجن ٿا. وهيل مڇيءَ جي شڪار جو شوق ڪو هاڻ جو ناهي پر تمام آڳاٽو آهي. فرعون جي زماني کان به اڳ جو آهي. ڪي ته چون ٿا ته اهو ڪم 5000 ق.م کان هلندو اچي پر 3000 ق.م کان جي ته پڪ چئي وڃي ٿي جنهن جا آثار وهيل مڇين جي هڏن مان ٺهيل شيون ۽ پٿرن تي ٽڪيل شڪليون آمريڪا جي سامونڊي ڪنارن تي به ملن ٿيون.
پيٽرول ۽ انجڻيون هاڻ نڪتيون آهن نه ته 1850ع تائين به جهاز ڪاٺ جا هئا ۽ سڙهن تي هليا ٿي ـــ يعني هوا جي زور تي هليا ٿي. وهيل مڇي ڪا ننڍي ناهي جيڪا ڪناري جي ويجھو ترندي هجي. جمبو جيٽ جيڏي وهيل جنهن جي دل جي سائيز هاٿيءَ جيڏي آهي اها اونهي سمنڊ ۾ ئي رهي سگهي ٿي. ڏندن وارين وهيل مڇين جو کاڌو اِسڪڊ مڇيون آهن جيڪي سمنڊ جي تري ۾ رهن ٿيون انهن کي ڦاسائڻ لاءِ وهيل مڇي ميل ڏيڊ هيٺ سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي ٿي. منهنجو مطلب آهي ته وهيل مڇين جو شڪار ٻين عام مڇين وانگر آسان ناهي جن کي ڦاسائڻ لاءِ اسانجا مهاڻا ڄاريون ۽ رڇ کڻي سمنڊ ۾ وڃن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن نه ته ٽي يا چوٿين ڏينهن ڪناري تي موٽيو اچن.
وهيل مڇين جي شڪار لاءِ مهاڻن کي جان جي بازي لڳائڻي پوي ٿي. هنن کي ڪناري کان سوين هزارين ميل پري کلئي سمنڊ ۾ وڃڻو پوي ٿو. ڪڏهن اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي ته ڪڏهن ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هنن کي وهيل مڇين جي ڳولا ڪرڻي پوي ٿي. ڪڏهن ته ”ڪيپ آف هارن“ لتاڙي پئسفڪ سمنڊ ۾ پهتا ٿي. ان مهم ۾ هنن کي سال ڏيڍ به لڳي ويو ٿي. پراڻي دؤر ۾ يعني جڏهن اڃان انجڻين وارا جهاز ايجاد نه ٿيا هئا ۽ وهيل مڇين کي مارڻ جا طريقا به ماڊرن نه ٿيا هئا، هن شڪار ۾ وڏا جوکا (Risk) هئا جيئن انگريزي ناول ”موبي ڊڪ“ ۾ آهي يا ڪئپٽن پولارڊ جي ڪهاڻيءَ مان ظاهر آهي.
هاڻ ته ڪَل جا جهاز يعني انجڻ وارا جهاز ٿي پيا آهن هوا جو رخ کڻي ڪهڙو به هجي پر اڄ جا جهاز مرضي مطابق هلائي سگهجن ٿا. انهن ۾ ڇهه ڇهه مهينن جو کاڌو ڪولڊ اسٽوريج (ٿڌن ڪمرن) ۾ رکي سگهجي ٿو ۽ هزارين ٽن پيئڻ جو پاڻي ٽانڪين ۾ کڻي سگهجي ٿو. هر جهاز تي ”فريش واٽر ايووپريٽر پلانٽ“ به ٿئي ٿو جيڪو روزانو سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان ويهه پنجويهه ٽن مٺو پاڻي ٺاهي ٿو. اڳئين زماني ۾ وهيلرن (وهيل جي شڪار لاءِ سڙهن ذريعي هلندڙ ڪاٺ جي جهازن) ۾ کاڌي پيتي جا وڏا مسئلا هئا ۽ ڊگهي سفر ۾ يا جهاز جي توائي ٿيڻ تي، بک ۾ پاهه ملاح، آخرڪار آدمخور بڻجي پيا ٿي. مڇين مارڻ جا طريقا به اڃان ماڊرن نه ٿيا هئا. وهيل مڇي اهڙي آهي جيڪا هڪ ڀالي يا خنجر جي هڪ ڌڪ سان ته مريو نٿي سگهي. هن جي ٻاهرين کل هيٺان فٽ ڏيڍ فٽ جو ٿلهو چرٻي (Blubber) جو تهه ٿئي ٿو ان بعد هن جو گوشت ۽ جسماني سسٽم شروع ٿئي ٿو. يعني توهان جو ڀالو هن جي جسم ۾ جي فٽ کن وڃي ٿو ته ان جو هن تي ڪو اثر نٿو ٿئي جو اهو سندس چرٻي به نٿو ڪراس ڪري. ۽ جي توهان ڪنهن ننڍي ٻيڙيءَ ۾ آهيو ته ڪي وهيلون ڀالو لڳڻ تي ڀڄڻ بدران مقابلو ڪن ٿيون ۽ مهاڻن سميت ٻيڙيءَ کي اوندهو ڪريو ڇڏين. ڪاٺ جا وڏا وهيلر (ٻيڙا) پاڻ سان ٽي چار ننڍيون ٻيڙيون به کڻي نڪتا ٿي. وهيل جي نظر اچڻ تي مهاڻا انهن ٻيڙين ۾ چڙهي وهيل مڇيءَ جو گھيراءُ ڪري هن تي تيرن، ڀالن ۽ ڀڙڇين جو وسڪارو ڪيو ٿي. ڪن دلير مهاڻن ته ٻيڙيءَ مان ٽپ ڏئي وهيل جي مٿي تي اچي هن جي Blow Hole نڪ ۾ ڪاٺ جو ٻُوچ (Plug) ٺوڪيو ٿي جيئن هوءَ ساهه نه کڻي سگهي. هن جي ساڻو ٿيڻ تي، هن کي ڇڪي ڇڪي وهيلر (وڏي ٻيڙي) تي آندو ٿي. پر اڄ جي ماڊرن وهيلرن تي ڊيڪ تي رکيل ڪرين ذريعي وهيل کي مٿي ڊيڪ تي آندو وڃي ٿو. اڄ ڪلهه وهيلر جهازن تي هارپون ۽ ان کي شوٽ ڪرڻ لاءِ توبچيون آهن. وهيل جي ويجھو وڃي ڀالا هڻڻ بدران هن کي پري کان توب ذريعي هارپون هنيا وڃن ٿا. هارپون ڀالي يا کڻي چئجي ته تير وانگر آهي جنهن سان گڏ رسو به ٿئي ٿو جنهن جو پوڇڙ جهاز تي رهجيو وڃي ۽ تير وهيل جي جسم ۾ ڪافي اندر هليو وڃي ٿو ۽ هن جي زخمي ۽ ساڻي ٿيڻ تي هن کي رسيءَ ذريعي جهاز ڏي ڇڪيو وڃي ٿو. ان بعد ان کي جهاز تي مٿي چاڙهي وڏن ڇُرن يا مشينن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان جو تيل، گوشت ۽ ٻيون شيون ڌار ڌار پئڪنگ ڪيون وڃن ٿيون. ان ڪم لاءِ اڄ ڪلهه جي هر وهيلر جهاز تي فئڪٽري آهي ۽ هن قسم جا جهاز ”وهيل فئڪٽري شپ“ سڏجن ٿا. اڄ ڪلهه جي ڪن وهيلر جهازن تي استعمال ٿيندڙ هارپونن ۾ بارود به ٿئي ٿو. وهيل مڇيءَ کي اهڙو هارپون لڳڻ سان ان ۾ موجود بارود ڦاٽي پوي ٿو ۽ هڪ ئي هارپون سان آفت جيڏي وهيل ڍيري ٿيو پوي.
زماني کان ماڻهو وهيل پٺيان ڇو آهن؟
ماضيءَ ۾ توڙي اڄ وهيل جو شڪار گوشت لاءِ ڪيو وڃي ٿو. اڳ زماني ۾ ته ڪناري جي ڳوٺن ۾ کائڻ لاءِ ٻيو نه ته وهيل مڇيءَ جو گوشت هو. اڄ فارمي ڪڪڙين، رڍن، ٻڪرين، شتر مرغن جي ڌڻن جي باوجود جپان جهڙن ملڪن ۾ وهيل مڇيءَ جو گوشت خاص ڊش (Delicacy) طور استعمال ٿئي ٿو. جپان ۾ ساشيمي طور وهيل جي گوشت جا پاپڙن جهڙا سنها Slice ٺاهي ڪچا کاڌا وڃن ٿا. وهيل جي گوشت جو سواد ڳائي گوشت جهڙو چيو وڃي ٿو..... هونءَ به ڏٺو وڃي ته وهيل ”مڇي“ ته نه آهي. اها هڪ ”جانور“ آهي جيڪا جانورن وانگر ساهه کڻي ٿي، ڦر ڏئي ٿي، ان کي ٿڃ پياري ٿي. بهرحال جپان ۾ ڳائي گوشت جو اگهه ته تمام گهڻو آهي پر وهيل مان جيڪي اسٽيڪ ٺاهيون وڃن ٿيون انهن جي قيمت به گهٽ ناهي. اهي Steaks ڳائي گوشت وانگر ٽانڊن تي Grill ڪري مختلف چٽڻين ۽ ساسن ۾ ٻوڙي کاڌيون وڃن ٿيون.
ناروي ۽ آئسلئنڊ پاسي ـــ يعني اتر قطب جي ملڪن ۾ اها چوڻي عام آهي ته: “Eat Whale Meat & Blubber, and grow tall & strong”. انهن ٿڌن ملڪن ۾ جتي تقريبن سال جا ڏهه مهينا برف ئي برف رهي ٿي..... جتي نه ڀاڄيون ٿي سگهن ٿيون نه ڪا رڍ ٻڪري پالي سگهجي ٿي ..... (خاص ڪري انجڻ وارن جهازن جي ايجاد کان اڳ تائين)...... اتي وهيل مڇيءَ جي گوشت ۽ چرٻيءَ (Blubber) نه فقط ماڻهن جو پيٽ ڀريو ٿي پر ضروري وٽامن ۽ پروٽين به مهيا ڪيون ٿي. هڪ عام سائيز جي وهيل جيڪا 60 کان 70 ٽن وزن جي ٿئي ٿي 25 ٽن گوشت ۽ 15 ٽن چرٻي ڏئي ٿي. بلو وهيل مڇيون جيڪي وڏي قد بت جون 100 فٽ کن ڊگهيون ٿين ٿيون انهن جو وزن 180 کن ٽن ٿئي ٿو. منجھائن 90 ٽن گوشت ۽ 50 ٽن چرٻي نڪري ٿي. هڪ ٽن وزن معنيٰ 1000 ڪلو...... اٽڪل 25 کن مڻ ٿيو. يعني هڪ وڏي بلو وهيل مڇيءَ مان ٻه هزار ٻڪرن جو گوشت نڪري ٿو جنهن ۾ 25 سيڪڙو ته پروٽين آهي. ان کان علاوه وهيل جي گوشت ۾ ڪافي مقدار ۾ آئرن، ڪارنيٽائين، وٽامن اي ۽ وٽامن ڊي آهي. منجھس Unsaturated فئٽي ائسڊ آهي جيڪو دل جي بيمارين لاءِ بهترين علاج ۽ بچاءُ آهي.
وهيل مڇيءَ جي چرٻي جنهن کي گرم ڪري تيل ٺاهيو وڃي ٿو اتر قطب جي ماڻهن کي جن وٽ نه ڀاڄيون آهن ۽ نه اس.... جتي سال جا ڇهه مهينا ته لڳاتار رات ٿي رهي ۽ سخت سيءُ ۽ باقي ڇهه مهينا ڏينهن وارا به اسان کان وڌيڪَ ٿڌو سيارو ٿئي ٿو، صحتمند ۽ توانو رکي ٿو. هر وهيل مان ايترو ته گهڻو تيل (Blubber) نڪري ٿو جو وهيل مڇي سمجھو ته هلندڙ چلندڙ تيل جو ٽئنڪر آهي. بلو وهيل جنهن مان 50 ٽن تيل نڪري ٿو سمجھو ته انهن چئن پنجن ٽئنڪرن برابر آهي جن ۾ ٻن کان اڍائي هزار گئلن تيل اچي ٿو. اڄ ڪلهه زمين تي ٺهيل ڪارخانن جو گند ڪچرو سمنڊ ۾ وڃڻ ڪري ڪجهه وهيل مڇين جي گوشت ۽ تيل ۾ پاري (Mercury) ۽ PCB جهڙيون خراب شيون به ملي ويون آهن.
وهيل مڇيءَ جي چوڌاري ٿلهي چرٻيءَ جو ڇڙهيل تهه هن کي ٿڌن سمنڊن ۾ گرم رکي ٿو. وهيل مڇيءَ کي جهاز جي عرشي تي ليٽائي پهرين سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي ٿو. ان بعد کل لاهي چرٻي ڪڍي وڃي ٿي. جيئن کير جي ملائيءَ کي سنهي باهه تي ڪافي دير گرم ڪري گهريچي گيهه ٺاهيو وڃي ٿو تيئن وهيل مڇيءَ جي چرٻيءَ کي گرم ڪري تيل ٺاهيو وڃي ٿو. جيڪو ”وهيل آئل“ سڏجي ٿو. گذريل زماني ۾ اهي ڪم ڪناري تي ڪيا ويا ٿي. اڄ ڪلهه جي ماڊرن ”فئڪٽري جهازن“ ۾ اهي سڀ ڪم، گوشت جي ڪٽائي ۽ لوهي دٻين ۾ Seal ڪرڻ جو بندوبست جهاز تي ئي ٿئي ٿو.
وهيل مڇيءَ جو گوشت سڀ کان گهڻو جپان ۾ کاڌو وڃي ٿو. آدمشماري جي حساب سان جپان تمام ننڍڙو ملڪ آهي ۽ ان جو به 85 سيڪڙو پهاڙي علائقو آهي. هيڏي وڏي آدمشماريءَ جي مقابلي ۾ پوک نه برابر ٿئي ملڪ ۾ رڍ ٻڪري ۽ ڍڳي ڍور جي سخت قلت آهي. ڇا سان پيٽ پارين؟ ان ڪري جپاني ماڻهن جو سڄو زور سمنڊ ڏي آهي. هو مڇين گانگٽن کان سامونڊي گاهه تائين هر شيءِ کائين ٿا. گذريل زماني ۾ وهيل جهڙين وڏين مڇين جو شڪار ڏاڍو ڏکيو هو پر جپاني هزارين سالن کان وهيل جي شڪار جا شوقين رهيا آهن. اهو انهن جو ڪلچر رهيو آهي جيئن اسان وٽ گھوڙا پالڻ، ملهه وڙهڻ، ڪڪڙن جي، سوئر ڪتي جي ويڙهه، وغيره. چون ٿا ته گوشت خاطر وهيل جي اهميت 800ع ڌاري کان ٿي. جپانين وهيل جو گوشت کائڻ شروع ڪيو پر ڪڏهن ڪڏهن ۽ ٿوري مقدار ۾..... سو به انهن ڳوٺن جي ماڻهن جيڪي سمنڊ جي ڪناري تي هئا. پوءِ ٻي جنگ عظيم بعد جڏهن سڄي دنيا ۾ کاڌي جي سخت کوٽ ٿي وئي ۽ جپان ۾ ته بک وگھي ماڻهو پئي مئا يا معذور پئي ٿيا، ان وقت آمريڪا جي صدر جنرل ڊوگلس مڪارٿر ”فئڪٽري وهيلر“ جهاز شروع ڪرايا ۽ جپانين کي وهيل کائڻ جي ترغيب ڏني جيئن هنن جي جسم کي گهربل پروٽين ملي سگهن.
هاڻ ته جپان جا ماڻهو وهيل مڇين پويان اهڙا ته اچي چريا ٿيا آهن جو وهيل مڇين جي ڪيترن جنسن جي دنيا ۾ کوٽ ٿي وئي آهي ۽ دنيا وهيل مڇيءَ جي شڪار تي سختيءَ سان بندش هڻي ڇڏي آهي ته به مختلف سمنڊن تي جپاني وهيل مڇيون ماريندي نظر اچن ٿا. دنيا جي عالمي ادارن جي زور ڀرڻ تي هو اهي ئي بهانا ڏين ٿا ته ”اسان وهيل مڇين تي سائنسي تجربا ڪرڻ لاءِ انهن کي جھليون ٿا.“ آمريڪا ۾ وهيل مڇيءَ جي گوشت جي قيمت ”جيل“ آهي. پر جپان جي هوٽلن ۾ هر وقت وهيل جي گوشت جا مختلف ڊش نظر اچن ٿا. پڇڻ تي هو اهو ئي چون ٿا ته هنن سائنسي لئبارٽريز مان تجربي بعد ان مڇيءَ جو ڪلو ٻه ڪلو گوشت خريد ڪيو آهي پر توهان ٽوڪيو جي تسوڪِيجي Tsukiji مڇي مارڪيٽ ۾ ته وڃي ڏسو. دنيا جي ڪهڙي مڇي آهي جيڪا نٿي ملي. وهيل جي ڳالهه ڪريو ته ان لاءِ به توهان کان پڇندا ته ڪهڙي حصي جو گوشت کپي ۽ ڪيترو....؟ جيئن ٻڪري يا ڍڳي جي گوشت لاءِ ڪاسائي پڇي ٿو ته منڍي کپي يا چاپون، دستي کپي يا ران، انڊر ڪٽ بيف کپي يا اسٽيڪ.... يا جيئن ساٽي پڇن ٿا سڄي مڇي کپي يا ان جون منڍيون....پيٽارو کپي يا ڪنهڙ.... ويندي ڪِٽ ڪِٽ لاءِ جيرا بڪيون کپن يا کِيري ۽ ڪپورا؟ سڄي وهيل مڇي ته ٿي ٻه هزار ٻڪرن برابر، پر ان جي مختلف حصن جو گوشت وڪامي ٿو. مڇيءَ جي پوڇڙ ۽ ڪنهڙ يعني ڪنن جي پاسن واري حصي ۾ ته ڪنڊا ٿين ۽ سستو ٿئي ٿو پر وهيل جو پڇ (Fluke) يا فِن (کنڀڙاٽي) واري حصي جو گوشت سڀ کان مهانگو ملي ٿو.
وهيل مڇيءَ جي هيٺين ڄاڙيءَ کان دُن تائين وارو گوشت (Belly meat) جون جپان جي هوٽلن ۾ ”فراءِ“ يا ”باربي ڪيو“ ٿيل ڊگهيون پٽيون (Strips) عام طرح ملن ٿيون جن کي جپاني ماڻهو يونيسُو (Unesu) سڏين ٿا. اهڙيون ئي پٽيون (فش فنگر کڻي چئون) وهيل مڇيءَ جي پڇ (Fluke) جون پڻ ملن ٿيون جيڪي اونومي (Onomi) يا اوني ڪُو (Oniku) سڏجن ٿيون. وهيل مڇيءَ جي پڇ وارو گوشت تمام لذيذ چون ٿا ۽ قيمت ۾ پڻ مهانگو آهي. اڄ ڪلهه وهيل مڇيءَ جي گوشت جو اگهه ڪافي ڪري پيو آهي ان هوندي به سندس پيٽ واري گوشت جي قيمت 6000 يين يعني 6000 رپيا ڪلو آهي ته پڇ وارو گوشت ويهه هزار رپيا ڪلو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وهيل مڇي جو گوشت پئمفريٽ ۽ گانگٽن کان به مهانگو آهي. اڄ ڪلهه هڪ نارمل وهيل مڇيءَ جي قيمت پنجاهه لک (اڌ ڪروڙ) رپين جي لڳ ڀڳ آهي پر مزي جي ڳالهه اها ته جيترا ڏينهن وهيلر (مڇين جي شڪار واري جهاز) کي وهيل جي ڳولا ۽ شڪار ڪرڻ ۾ لڳن ٿا انهن ڏينهن جو جهاز جو خرچ پکو لڳايو وڃي ته ايتري قيمت تي وهيل کي وڪڻڻ ۾ به جهاز جي مالڪ کي نقصان رهي ٿو. هينئر تيل کڻي سستو ٿيو آهي ته به هڪ مهيني جي سفر ۽ ڳولها ۾ ڪافي سڙي ٿو. جهاز جي مشينن جي اوورهال ۽ اسپيئر پارٽس، جهاز هلائيندڙ ۽ وهيل جو شڪار ڪندڙ عملي جي رهائش، کاڌي پيتي جو خرچ ۽ پگهار..... آسمان سان ڳالهيون ٿا ڪن وهيلر جهاز جي ڪئپٽن جو پگهار ست اٺ لک رپين کان گهٽ ناهي. ۽ جهاز کي فقط هڪ نيويگيٽر (ڪئپٽن) ته نٿو هلائي. ٿورا ٿورا تڏهن به ڪئپٽن کان پوءِ ٽي چار ٻيا نيويگيٽر (چيف ميٽ، سيڪنڊ ميٽ ۽ ٿرڊ ميٽ وغيره) ٿين ٿا ۽ اهڙي طرح چيف انجنيئر ۽ ٽي چار ٻيا مئرين انجنيئر ضروري آهن. ماڻهن ۽ جهاز مڙني جي انشورنس، بندرگاهه ۾ اچي بيهڻ جي پارڪنگ في...... انهن سڀني خرچن جو حساب لڳايو وڃي ته ان ڪم ۾ لڳل ڪيترا نقصان ۾ وڃن ٿا. وري به هوٽل وارا ايڏو مهانگو گوشت وٺڻ جي باوجود ڪمايو وڃن جو جپاني وهيل کائڻ جا شوقين آهن ۽ ان جي ڪنهن به ڊش تي دل وڏي ڪري خرچ ڪن ٿا ۽ ماسانوري هاتا (قلمي نالو متسوگورو) جهڙي مشهور جپاني ليکڪ به وهيل مڇيءَ جي گوشت جي تعريف ۾ صفحا ڪارا ڪري ڇڏيا آهن ــــ خاص ڪري ”اونومي“ ۽ ”اوني ڪو“ (پڇ واري گوشت) جي حق ۾. وهيل جي ٻين حصن وارو گوشت جيڪو ”ڳاڙهو گوشت“ يا “Lean” گوشت سڏجي ٿو گهٽ اگهه تي ملي ٿو ۽ جپانيءَ ۾ ان کي ”اڪا نِيڪو“ سڏين. لوڻيل گوشت کي ”ساراشي ڪُوجِيرا“ سڏين. ان کان علاوه جپاني ريسٽورنٽن ۾ جپاني ماڻهو وهيل مڇيءَ جي فراءِ ٿيل زبان (ساءِ زوري ڊش) ۽ کل (ڪورو) آنڊا، اوجھري، ٿڻ ۽ ٻيا خاص عضوا وڏي شوق سان کائين. انگلنڊ، آمريڪا، آسٽريليا جهڙا ملڪ وهيل جي بچاءَ لاءِ ڀلي رڙيون ڪري رهيا آهن پر جپاني ڪن لاٽار ڪري پيا هلن. ”بين الاقوامي وهيل مڇين جي ڪميشن“ جو جپاني ڪمشنر ”جوجي موري شيتا“ پنهنجي رپورٽ ۾ صاف لکي ٿو ته جپاني ماڻهن لاءِ وهيل کائڻ “is a matter of national pride”. هن جپاني ماڻهن لاءِ وهيل کائڻ کي ڪمونو (جپاني قومي لباس) سان مشابهت ڏني آهي. هو لکي ٿو ته سڀاڻي انڊيا ڳائي گوشت نه کائڻ جي مهم هلائي ته ڇا انگلنڊ ۽ آمريڪا وارا بيف کائڻ بند ڪري ڇڏيندا!؟
وهيل مڇيءَ جي گوشت وانگر هن مان نڪرندڙ تيل به سالن کان ڪم ايندو رهي ٿو. گاسليٽ جي ايجاد کان اڳ سڄي دنيا جي گهرن ۽ گهٽين جا ڏيا ۽ فانوس وهيل جي تيل مان ٻريا ٿي. وهيل مڇيءَ جو تيل رڌ پچاءَ کان علاوه صابڻ ۽ ميڪ اپ جي سامان ۾ به استعمال ٿئي ٿو. چرٻيءَ مان نڪتل ميڻ مان ميڻ بتيون ٺاهيون وڃن ٿيون. اڄ به هي ميڻ بتيون سڀ ۾ مهانگيون آهن جو وهيل مڇيءَ جو تيل توڙي ميڻ جڏهن ٻري ٿو ته بيحد شفاف روشني ڏئي ٿو ۽ دونهون بلڪل نه برابر ڪڍي ٿو.
وهيل مڇيءَ مان نڪتل تيل ”وهيل آئل“ يا ”ٽرين آئل“ (Train Oil) سڏجي ٿو. هن تيل جي اها خاصيت آهي ته ايترو چڪڻ ناهي يعني Viscosity تمام گهٽ اٿس.... زيتون (Olive) جي تيل کان به گهٽ اٿس. هاڻ گهڙيال ۽ واچون اليڪٽرڪ (بيٽري تي هلندڙ) ٿي پيا آهن نه ته سالن تائين چاٻيءَ وارين واچن ۾ چڪنائيءَ (Lubricating) خاطر ”وهيل آئل“ استعمال ٿيو ٿي. اهڙي طرح سلائي جي مشينن ۽ ٻين اهم مشينن ۾ هي تيل استعمال ٿئي ٿو. هن تيل جي Spreadibility (مشين جي حصن ۾ پهچي وڃڻ جي خاصيت) پڻ گهڻي آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن جي ڄمڻ جو پڌ(Freezing Point) تمام هيٺاهون آهي. ٻيا رڌ پچاءَ جا يا مشينن ۾ استعمال ٿيندڙ تيل ٿوري ئي ٿڌ ۾ ڄميو وڃن پر هي تيل ڪاٽو ويهه يا ڪاٽو ٽيهه ڊگريون ٿڌاڻ ۾ به ساڳيو رهي ٿو. جهاز جو رخ بدلائڻ لاءِ اسٽيئرنگ انجڻ جا جيڪي ٽرانسميشن پائيپ ٿين ٿا انهن ۾ هن قسم جو تيل استعمال ٿئي ٿو. اسٽرينگ انجڻ جهاز جي پٺ تي جتي سکاڻ (Rudder) ٿئي ٿو هوندي آهي. ان کي هئڊرالڪ پريشر ذريعي کاٻي يا ساڄي موڙڻ لاءِ پتل جا پائيپ هي تيل کڻي ڪنٽرول روم (برج تي) ”اسٽيرنگ ويل“ تائين پهچن ٿا. ان ڦيٿي کي ساڄي يا کاٻي موڙڻ سان اسان دٻاءُ (Hydraulic Pressure) بپا ڪيون ٿا ۽ جهاز جو سکاڻ ساڄي يا کاٻي مڙي جهاز کي ان طرف موڙي ٿو. اڳئين زماني ۾ ان کي موڙڻ لاءِ لوهه جي زنجير هوندي هئي پر هاڻ آفت جيڏن جهازن کي موڙڻ لاءِ اسٽيرنگ وهيل ذريعي اها زنجير گهمائڻ ٽن ماڻهن جي به وس جي ڳالهه نه آهي. ان ڪري هاڻ اهو ڪم هئڊرالڪ ذريعي ورتو وڃي ٿو. هي ائين آهي جيئن هئڊرالڪ پريشر ذّريعي سڄي ڪار مٿي کنئي وڃي ٿي. هتي اهو ٻڌائڻ چاهيان ته اهي تيل جا پائيپ سڄو ڊيڪ (جهاز جو عرشو) لتاڙي ڪنٽرول روم ۾ پهچن ٿا. ٿڌن ملڪن جي سمنڊن تان لنگهڻ مهل ڪنٽرول روم ته کڻي هيٽنگ ذريعي گرم رهي ٿي پر کلئي آسمان هيٺ ڊيڪ تان لنگهندڙ پائيپن ۾ موجود تيل ته موسم مطابق منفي 30 ٿڌاڻ تي رهي ٿو ۽ اهو وهيل آئل ئي آهي جو ايتري ٿڌ ۾ به پنهنجي اصلي Liquid واري حالت ۾ رهي ٿو نه ته ٻيا تيل ته ڄمي سخت ٿي وڃن – جيئن پاڻي برف ٿيو وڃي ٿو.
هڪ جمبو جيٽ جيڏي وهيل مڇيءَ جا هڏا به ايڏا وڏا ٿين ٿا جو انهن مان ڪيتريون ئي ڪمائتيون شيون ٺاهيون وڃن ٿيون..... لڪڻ جي مٿئين ڳن ۽ استري جي ٽيبل کان وٺي ڪيترائي اوزار ٺاهيا وڃن ٿا. وهيل جي ڏندن مان به ڪيتيريون ئي شيون ٺهن ٿيون.
هتي اهو به لکندو هلان ته قدرت طرفان وهيل مڇي ـــ خاص ڪري اسپرم وهيل مڇي، جيڪا چهنبدار هڏن واريون وڏيون اسڪڊ (Squid) مڇيون کائي ٿي ان جي هاضمي واري رستي تي (آنڊي جي شروع کان نيڪال واري جاءِ (Anus)تائين) ائمبرگرس (Ambergris) جو تهه چڙهيل آهي جيڪو تهه اسڪڊ جي چهنبن ۽ ٻين سخت لوهي شين کان آنڊي کي بچائي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهو تهه سخت ۽ چهنبدار شين جي ڪري آنڊي تان روڙجي ويندو آهي ۽ وهيل جي ڦوڳ (ڪاڪوس) سان گڏ کوندن جي صورت ۾ ٻاهر سمنڊ ۾ اچي ڪرندو آهي. ان بعد قدرت طرفان وهيل جي آنڊي تي Ambergris جو نئون تهه وري چڙهي ويندو آهي پر وهيل جا شڪاري وهيل جي خارج ڪيل هن تهه جي سخت ڳولا ۾ هوندا آهن جو ان ۾ تمام مِٺي ۽ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي ٿي ۽ اها شيءِ (Ambergris) اعليٰ قسم جي عطرن ۾ جن جي خوشبوءِ گهڻي دير قائم رهي سگهي، ڪم اچي ٿي ۽ اها شيءِ تمام مهانگي وڪامي ٿي.
ڪراچيءَ جي آچر بازار ۾ دنيا جي مختلف برانڊن جا ولائتي عطر وڪڻڻ واري چيو ته هي سستا ان ڪري آهن جو هي نقلي آهن ۽ پاڪستان ۾ ٺاهيا ويا آهن. مون هڪ ٻن جي خوشبوءِ سونگهيندي چيو ته انهن جي خوشبوءِ ته اصلي عطرن جهڙي آهي. ان تي دڪاندار ٻڌايو ته اهي اهڙي طرح نقل ٿيل آهن جو هر ڳالهه ۾ اصلي لڳن ٿا پر خوشبوءِ به ساڳي اٿن پر ان خوشبوءِ کي قائم رکڻ واريءِ شيءِ جيڪا تمام مهانگي ملي ٿي اها نه وجھڻ ڪري هنن جي خوشبوءِ چند منٽ به مس ٿي رهي .... ۽ اها شيءِ آهي وهيل جي ائمبرگرس.
سو وهيل مڇيءَ جي گوشت، چرٻي، کل، هڏن، ڏندن سان گڏ ائمبرگرس به ائين ڪمائتي شيءِ آهي جيئن هرڻ جي پيٽ مان نڪرندڙ مُشڪ.