الطاف شيخ ڪارنر

گهاتو گهر نہ آئيا

هي ڪتاب سمنڊ ۽ سامونڊي جيون سان گڏ آبي جيون تي لکيل ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ ڄاڻ تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
ڪتاب ۾ کوڙ دلچسپ ۽ معلوماتي مضمون شامل آهن، جيئن شارڪ مڇي لذيذ ڇو آهي، خطرناڪ ڇو آهي؟ وهيل مڇي جا قسم، ان جا فائدا ۽ اها وهيل جنهن جي عنبر سبب اسپيني مهاڻا ڪروڙ پتي ٿي ويا. گانگٽ، اسپنج ۽ ٻين آبي جيون بابت دلچسپ معلومات. سنڌو نديءَ جي انڊس ڊولفن يا انڌي ٻلهڻ بابت تفصيلي ڄاڻ. سنڌوءَ جي لذيذ ترين پلي مڇيءَ بابت تفصيلي ۽ دلچسپ مضمون. ڳاڙهي، نيري، اڇي ۽ ڪاري سمنڊ بابت معلومات. کاري ۽ مٺي سمنڊ بابت حقيقتون ۽ معلومات ۽ ٻيا به کوڙ پڙهڻ جهڙا ليک شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 4987
  • 1170
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گهاتو گهر نہ آئيا

لابسٽر (وڏو گانگٽ) ۽ ڪرئب (کيکڙو)

اسان وٽ سنڌ ۾ يا سڄي پاڪستان ۾ ڪٿي آهي ايڏو لابسٽر ۽ ڪرئب (کيکڙو).....؟
منهنجو مطلب آهي ته اسانجي سمنڊ ۾ ته جام آهي پر ڪنهن جي به رڌڻي ۾ کائڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي. ننڍي هوندي کان گانگٽ ضرور ڏسندا اچون. لابسٽر گانگٽ سان ڪافي ملي ٿو پر گانگٽ کان چڱو وڏو آهي ــ فٽ کان ڏيڍ فٽ تائين. سچ ته اهو آهي ته لابسٽر جنهن جو اڄ ڪلهه دنيا ۾ وڏو مان ٿي پيو آهي ۽ مارڪيٽ ۾ سندس ملهه تمام گهڻو آهي ۽ سندس ڊش لذيذ چيو وڃي ٿو، ٻي عالمي لڙائيءَ تائين يورپ ۽ آمريڪا ۾ به ان جو قدر نه هو. لابسٽر غريب ماڻهوءَ جو کاڌو سمجھيو ويو ٿي. ايتريقدر جو اهو قيدين کي کارايو ويو ٿي.
اسان کي ته اها به خبر نه هئي ته لابسٽر ۽ ڪرئب حلال ٿين ٿا. سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي جنهن سامونڊي ڪناري واري ڳوٺ ۾ نوڪريءَ لاءِ اٺ ڏهه سال کن وڃڻ ٿيو اهو هڪ ”فشنگ وليج“ (مهاڻن جو ڳوٺ) آهي جتي هر قسم جي سامونڊي شيءِ تمام گهڻي مقدار ۾ ڦاسائي وڃي ٿي ۽ ان جو وڪرو سنگاپور ۽ ڪوالالمپور تائين ٿئي ٿو. هن ڳوٺ ۾ ملئي مسلمانن کي کيکڙا ۽ لابسٽر کائيندو ڏسي اسان کي حيرت ٿي ته مسلمان ٿي هي ڇا ٿا کائين!
”ڇو توهان جو مڇي ۽ گانگٽ کائو ٿا؟“ هو ويتر اسان کان پڇندا هئا. ”۽ جي اهي حلال آهن ته هي به حلال آهن. ڇا توهان کي خبرناهي ته پاڻيءَ جي هر شيءِ حلال آهي“.
اسان ان بعد مقامي ماڻهن کان ان بابت پڇڻ ئي ڇڏي ڏنو.
منهنجي هڪ ملئي ڪئپٽن دوست ـــ جنهن جو سامونڊي نوڪري دوران سندس جهاز ڪيترائي دفعا ڪراچي آيو هو ان ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ هن لاءِ وڏي عياشي کيکڙا کائڻ هوندو هو. دنيا ۾ سڀ کان سستو کيکڙو ڪراچيءَ ۾ ملي ٿو.
”ان ڪري جو ڪراچيءَ ۾ اهي ڪير نٿو کائي.“ مون کيس ٻڌايو.
”جهاز تي ڪم لاءِ مقامي ماڻهن مان ڪنهن کي ڪجهه پئسا ڏبا هئا ته هو وڃي سئنڊس پٽ يا هاڪس بي واري سمنڊ جي ڪناري تان کيکڙا جھلي ايندا هئا“. هن ٻڌايو.
ان تان مونکي ياد آيو ته سال 1994ع ۾ آئون ڪراچيءَ جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لاءِ آيس ته هڪ ڏينهن سئنڊس پٽ ڏي ويندي يونس آباد وٽ ڏٺم ته ٽي چار ڄڻا جيڪي شڪل مان ملئي ٿي لڳا، ڇٻا هٿ ۾ کڻي پنڌ ئي پنڌ وڃي رهيا هئا. سندن زمين ۾ کُتل نظرون ڪجهه ڳولي رهيون هيون. شايد تيز هوا ۾ سندن نوٽ هيڏانهن هوڏانهن اڏامي ويا هجن جيڪي ڳولي رهيا هجن. آئون سمجھي ويس ته هي ڪراچيءَ جي ڪنهن مدرسي جا شاگرد آهن جو ملائيشيا ۽ ڏکڻ ٿائلنڊ جا ڪيترا ماڻهو ديني تعليم لاءِ پنهنجن ٻارن کي پاڪستان موڪلين ٿا جتي ڪيترائي مدرسا آهن جن ۾ عربي به پڙهائي وڃي ٿي. مون سندن ويجھو اچي ڪار روڪي ــــ ان خيال کان ته کانئن پڇان ته هنن کي جي لفٽ کپي ته ائون پنجن ئي کي ته نه پر ٻن يا ٽن کي پاڻ سان کڻي هلان. پر کانئن اهو پڇڻ کان اڳ مون پڇيو مان Apa Yang awak Cari? (توهان ڇا پيا ڳوليو؟) ملئي ٻوليءَ ۾ ”آپا“ معنيٰ ”ڇا“. جيئن ملئي ماڻهو ملڻ تي خير عافيت پڇڻ لاءِ چوندا آهن ”آپا خبر“ معنيٰ ”ڇا خبر آهي ـــ يعني ڪهڙو حال آهي“. ۽ ”چاري“ معنا ڳوليو پيا. ملئي رومن ۾ چ جي اچار لاءِ فقط “C” لکڻي پوي ٿي (اسان وٽ “Ch” آهي).
منهنجي پڇڻ تي هو ڏاڍو شڪي ٿيا. ڪا گهڙي چپ ۾ رهيا. شايد ٻڌائيندي شرم ٿي آين. پر پوءِ پري کان ئي جواب ڏيڻ بدران هڪڙو ڄڻو ڪچو روڊ ٽپي، گاڏيءَ جي دريءَ اندر ٿورو منهن وجھي آهستي چيو: “Encik! Kami Menangkap Ketam”
(جناب! اسين کيکڙا پيا ڦاسايون)
مونکان کل نڪري وئي. منهنجي ڀر ۾ ويٺل جهازران دوست کي چيم ته ملئي ماڻهو کيکڙن جا عاشق آهن ۽ هتي ههڙي مفت جي عياشي ڪا ٻي؟ کيکڙي کي جھلڻ لاءِ نه ڪنڍي جي ضرورت نه ڄار جي. وڏير وير لهڻ تي ڪناري تي اهي منڊڪائيندا رهن ٿا. هنن جي ٽنگن جي ڦڏي شيپ ڪري هو سڌو هلڻ بدران شطرنج راند جي گھوڙي وانگر آڏو ڦڏو هلن ۽ هو نه تکو ڊوڙي سگهن نه تکو تري سگهن. پاڻ بچائڻ لاءِ ڪنهن وڏي پٿر هيٺان لڪن يا کڏو کوٽي زمين اندر هليا وڃن. سو کين رڳو هٿ سان پٽ تان کڻي ڇٻي يا ٽوڪريءَ ۾ وجھڻو هوندو آهي. ٽوڪريءَ مان نڪري رستي تي ڪري پوڻ جي ڊپ کان ڪي مهاڻا يا شوقين هنن جون ٽنگون موڙي کين سوتليءَ سان ٻڌي ڇڏين.
Adakah anda suka mereka?
(ڇا توهان کي اهي پسند آهن؟) مون کين نارمل حالت ۾ آڻڻ لاءِ ائين ئي پڇيو ۽ گاڏي اسٽارٽ ڪئي. “Terlalu Banyak” (تمام گهڻو) هنن جو جواب ٻڌم.
ملئي ماڻهن وٽ Sea Food تمام گهڻو آهي ۽ کين پسند به ڏاڍو آهي. ايتريقدر جو ملائيشيا جي ڪيترن ڳوٺن جا نالا مڇين، گانگٽن ۽ کيکڙن سان آهن. ملائيشيا جي جنهن ڳوٺ ۾ اسانجي نيول اڪيڊمي هئي ان جو نالو ”ڪئالا سنگائي بَارو“ هو..... معنيٰ ”نئين نديءَ جو ڇوڙ“. ڪجهه اڳيان واري شهر جو نالو ”مسجد تاناح“ يعني ”مسجد واري ڌرتي“ هو ۽ ان بعد واري شهر جو نالو ”سُنگائي اڊانگ“ (گانگٽن واري ندي) هو. ڪئالالمپور کان اڳيان سامونڊي کاڌي کان مشهور ٻيٽ جو نالو ”پلائو ڪيتام“ آهي. ملئي ٻوليءَ ۾ ٻيٽ کي Pulau چون ۽ کيکڙي کي Ketam.
ڳالهه اها آهي ته ڀلي کڻي کيکڙو ۽ لابسٽر حلال هجن، ڀلي کڻي انهن جو گوشت لذيذ هجي پر جيئن ته اسان جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته اهي نه کائبا آهن ته اڄ به کائڻ تي دل نٿي چوي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته انهن جي شڪل گولڊ فش وانگر ڪا سهڻي ۽ من موهڻي به ته نه آهي. گانگٽ (جھينگو) جيڪو وڏي شوق سان کائون ٿا، شڪل ۾ ته انهن جو ئي سوٽ ماسات آهي پر ننڍي هوندي کان ان کي کائڻ ڪري هن جي خوفناڪ شڪل ڊيڄاري نٿي. هانگ ڪانگ ۽ ويٽنام پاسي جا چيني ۽ ويٽنامي جيئن ته ننڍي هوندي کان لابسٽر ۽ کيکڙا کائيندا اچن ان ڪري اهي انهن لاءِ تتر ٻٽير آهن. ڏور اوڀر جي ملڪن جي هوٽلن ۾ ته لابسٽر جيئرا رکيا وڃن ٿا. ۽ ويندي گراهڪ ڇوڪريون ريسٽورنٽ جي در وٽ رکيل پاڻيءَ جي شيشي جي ٽئنڪ مان پنهنجي پسند جو جيئرو لابسٽر ڪڍي بئري حوالي ڪن ٿيون جيئن اهو بورچيءَ کان ترائي يا رڌرائي مانواري مهمان (گراهڪ) کي پيش ڪري. ان سلسلي ۾ هڪ دلچسپ ڪارٽون ٻڌائي چڪو آهيان ته هڪ پوڙهو ويٽنامي پنهنجي ڏنگي ۽ جھيڙاڪ زال سان هڪ اهڙي ريسٽورنٽ ۾ آيو. سندس زال شيشي جي ٽئنڪ ۾ هٿ وجھي لابسٽر ڪڍڻ تي دير ڪري رهي هئي ۽ ڊڄڻ جو نخرو ڪري رهي هئي. مڙس کي جو بک ستايو هو ۽ دير ٿي رهي هيس تنهن ڪاوڙ مان زال کي چيو: ”هاڻ جلدي ڪر! ڪو نه ٿو کائئي. تو جهڙي رن کي چڪ هڻڻ لاءِ هو ٻه دفعا سوچيندو“.
لابسٽر ٻين ڏهه پيرن واري سامونڊي مخلوق وانگر سڄي عمر قد بت ۾ وڌندو رهي ٿو. هڪ اندازي مطابق سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪمي (ڪڇونءَ) جي عمر 100 سال آهي ته لابسٽر جي 70 سال آهي. ڪنهن ڪنهن هنڌ ته لابسٽر انسانن ۽ سامونڊي سگھارن کان بچيو وڃن ۽ وڏي عمر ماڻين. ”گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊس“ واري ڪتاب ۾ هو ته نووا سڪوشا (ڪئناڊا) جي بندرگاهه مان دنيا جو وڏي ۾ وڏو لابسٽر ڦاسايو ويو جنهن جي تور 20 ڪلو (سير) هئي ـــ يعني ڇيلي جيڏو ٿيو!
ڪمين، ڪڇوئن، کيکڙن ۽ لابسٽرن جهڙن ساهوارن جي بچاءَ لاءِ قدرت سندن مٿان سخت پٿر جهڙي کل رکي آهي ۽ لابسٽر وڌندڙ جانور هجڻ ڪري هڪ مدت بعد جيئن ئي هن جو قد بت هڪ حد تي پهچي ٿو ته هن جو اهو مٿيون کوپو ٽڙڪي لهيو وڃي ۽ سال اڌ اندر نئون تيار ٿيو وڃي. اهو عرصو جيڪو مٿين کوپي(Shell) بنا يا نئين ڄاول ڪچڙي کوپي ۾ گذاري ٿو هو بيوسيءَ جي زندگيءَ ۾ رهي ٿو جو ان وقت هن کي ڪو به سامونڊي ساهوارو آرام سان کائي سگهي ٿو. اهو عرصو هو پٿرن جي سوراخن ۾ يا سمنڊ جي تري ۾ موجود گپ يا واريءَ ۾ لڪندو رهي ٿو. لابسٽرن جي ڪن جنسن کي قدرت سانڍي وانگر رنگ بدلائڻ جي خاصيت پڻ ڏني آهي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي آس پاس جي رنگن مطابق ڪئموفليج ڪندا رهن ٿا جيئن دشمن مڇيون ۽ ٻيا سامونڊي ساهه وارا هنن کي ڏسي نه سگهن.
لابسٽرن بابت هڪ ٻي ڳالهه ته هو دنيا جي هر سمنڊ ۾ ملن ٿا ۽ ڪنارن وٽ سمنڊ جي تري ۾ جتي پٿر، واري يا گپ هجي اتي رهن ٿا. گينگن (Snails) ۽ ڪوريئڙن وانگر هنن جي رت جو رنگ به بلو (نيرو) آهي..... انڪري جو هنن جي رت ۾ Hemocyanin موجود آهي جنهن ۾ ٽامو (Copper) ٿئي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ انسانن ۽ ٻين جانورن ۽ پکين جو رنگ هيموگلوبن جي ڪري ڳاڙهو ٿئي ٿو. Hemoglobin لوهه (Iron) جي جزن سان ڀرپور رهي ٿي.
لابسٽرن کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ خاص قسم جو کارو ٺاهيو وڃي ٿو جيڪو ”لابسٽر پاٽ“ يا ”ڪوڙڪو“ سڏجي ٿو. هن ۾ اندر گهڙڻ لاءِ پلاسٽڪ يا لوهه جي تارن جو منهن ٺاهبو آهي جنهن مان لابسٽر اندر گهڙي ته وڃي ٿو پر ٻاهر نڪري نٿو سگهي جئين ڪوئامار ۾ ڪوئا ڦاسيو پون. مهاڻا ماڻهو ان قسم جا ڏهه ويهه ڪوڙڪا ٺاهي انهن ۾ لابسٽرن لاءِ ڪو کاڌو (ڳاهه) وجھي سمنڊ جي ان هنڌ تي هيٺ تري ۾ لاهي ڇڏيندا آهن جتي اهي گهڻي تعداد ۾ هجن. ان جاءِ تي نشانيءَ خاطر ڪو Bouy يا جھنڊو کوڙي ڇڏين. اهو ڪم سج لٿي مهل ڪن ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو اچي اهي کاريون (Pots/traps) ٻاهر ڪڍن. لابسٽر چمڙي ۽ چٻري وانگر رات جو چرپر ڪرڻ وارو آهي.
لابسٽر به ڳجهه وانگر هر قسم جو ڪن ڪچرو کائي ٿو. وير لهڻ تي جيڪي مئل مڇيون ۽ ٻيو گند پهڻن جي وچ ۾ رهجي وڃي ٿو، لابسٽر لاءِ اها بهترين خوراڪ آهي. لابسٽرن کي ڏهه ٽنگون ٿين جن مان اڳين ٽن ٽنگن ۾ بادام کي ڀڃڻ جهڙا Claws (چنبا) ٿين ٿا. پهرين ٽنگ جا چنبا اڃان به وڏا ٿين. انهن ٽنگن سان هو چنبن ذريعي پٽ تان ڪا شيءِ کڻي کائي به سگهن ته سخت شيءِ کي ڀڃي ٻه اڌ به ڪري سگهن.
لابسٽرن وانگر کيکڙن کي به ڏهه ٽنگون ٿين پر هنن جي فقط هڪ ٽنگ ۾ Claws (چنبا) ٿين. کيکڙا نه فقط دنيا جي سڀني سمنڊن تي ٿين پر دريائن ۽ خشڪيءَ تي به ٿين. لابسٽر وانگر کيکڙي جي بچاءَ لاءِ به ٻاهرين کل پٿر جهڙي سخت آهي جيڪا سندس ٻاهريون ڍانچو (Exoskeleton) سڏجي ٿو.
کيکڙن جي اڪثر پاڻ ۾ ويڙهه لڳي رهي ٿي خاص ڪري نرن جي ـــ مادين تي بالا دستي حاصل ڪرڻ لاءِ. جابلو سامونڊي ڪنارن تي جتي کيکڙن جي لڪڻ جا سڀئي سوراخ ۽ چير ڀريل رهن ٿا اتي اڪثر نر کيکڙا پهرين موجود کيکڙي کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي پاڻ ان سوراخ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪجهه کيکڙا آرام ڪرڻ، پاڻ کي لڪائڻ، ماديءَ سان ميلاپ ڪرڻ يا پنهنجو پاڻ کي شڪاري جانورن کان بچائڻ خاطر واريءَ ۾ کڏ کوٽي اندر هليا وڃن ٿا.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ـــ خاص ڪري ڏور اوڀر جي ملڪن: چين، جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، ملائيشيا، سنگاپور پاسي کيکڙي جي گوشت جا ڪيترائي ڊش ٺهن ٿا. کيکڙي جو گوشت نرم، نازڪ ۽ مٺي سڳنڌ جو هجڻ ڪري تمام مهانگو وڪامي ٿو ـــ خاص ڪري ڀوري ۽ بلو کيکڙن جو.
ڏور اوڀر جي ڪجهه چيني هوٽلن ۾ ڪجهه Crabs سان ملندڙ جانورن جو گوشت تيار ٿئي ٿو جيڪو دراصل صحيح قسم جي کيکڙن جو گوشت ناهي جيئن ته هرمٽ ڪرئب، ڪنگ ڪرئب، هارس شو ڪرئب، Porcelain ڪرئب وغيره.
کيکڙا Omnivores جانور آهن..... يعني هو گاهه به کائين ٿا ته گوشت به. کيکڙي کي ڏند منهن ۾ نه پر پيٽ ۾ ٿين. هو وات ذريعي هر شيءِ پيٽ ۾ داخل ڪري ٿو جتي هن جا ڏند کاڌي کي چٻاڙي سنهو ڪن ٿا.
دنيا جي هر سمنڊ ۾ سج ۽ چنڊ جي چرپر ڪري 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا وير چڙهي ٿي ۽ ٻه دفعا لهي ٿي. جنهن وقت وير لهي ٿي ته ڪيڪڙا ڪناري تي گهمڻ ڦرڻ لڳن ٿا. وير چڙهڻ تي هو ريتيءَ ۾ گهر (ڏرڙو) ٺاهي لڪي وڃن ٿا ۽ ڇهه ڪلاڪ کن ماٺ ڪري هڪ هنڌ ويهي رهن ٿا ۽ وير لهڻ جو انتظار ڪن ٿا.
وير چڙهڻ ۽ لهڻ جي کيکڙي کي ڪيئن ٿي خبر پوي؟
ڏٺو وڃي ته وير چڙهڻ مهل هو زمين اندر ايترو ته هيٺ هليو وڃي ٿو جو مٿان لنگهندڙ پاڻي هن کي نظر نه ٿو اچي ۽ نه ان جو آواز ٻڌي سگهي ٿو. پوءِ هو ڪيئن پوري وقت تي جڏهن وير لهي ٿي ته ٻاهر نڪريو اچي؟ ان بابت سائنسدان/بايولاجسٽ ٻڌائين ٿا ته جهڙي طرح عورت جي بائلاجي اهڙي آهي جو پوري مقرر مدي (28 يا 29 ڏينهن) بعد هن کي ماهواري اچي ٿي.... اهڙي طرح قدرت کيکڙي جي جسم ۾ به اهڙو گهڙيال/ڪمپيوٽر Set ڪيو آهي جو اٽڪل ڇهه ڪلاڪن جي ساهيءَ بعد هن کي محسوس ڪرائي ٿو ته هاڻ وير لهي وئي آهي ۽ سوراخ مان ٻاهر نڪر. ايتري قدر جو کيکڙي کي سمنڊ کان پري ڪنهن گهر ۾ تجربي خاطر ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ رکيو ويو. ان هوندي به هن کي محسوس ٿي ويو ته اڄ هن وقت وير چڙهي آهي ۽ هو هلڻ چلڻ بند ڪري هڪ هنڌ دَتُ هڻي ويهي رهيو ٿي. مقرر ٽائيم بعد جڏهن هوڏانهن سمنڊ تي وير لهڻ لڳي ته هن پيتيءَ اندر چرپر شروع ڪري ڏني.
دنيا ۾ سڀ کان گهڻو کيکڙو ”جپاني بلو ڪرئب“ کاڌو وڃي ٿو ــــ جنهن جي عام کيکڙي کان وڏي عمر ٿئي ٿي. کيکڙن کي ”سمنڊ جا ڪوريئڙا“ به چون ڇو جو کيکڙي وانگر ڪوريئڙي جون ٽنگون به ڳنڍ وٽ مڙي سگهن ٿيون.
Crab کي ته اسان وٽ اڙدوءَ ۾ ڪيڪڙو ۽ سنڌيءَ ۾ کيکڙو سڏين. اهو اسان وٽ هند سنڌ ۾ آهي ان ڪري ان جو مقامي نالو آهي ۽ پنهنجي ڦڏي ۽ لوڏن واري چال کان مشهور آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ جڏهن ٿرپارڪر پاسي صحيح رستا نه هئا ۽ انهن تان جيڪي بسون لڏي لمي هليون ٿي اهي کيکڙا سڏيون ويون ٿي. لابسٽر اسان وٽ نه برابر هجڻ ڪري ان کي اسان جا ماڻهو انگريزي نالي لابسٽر سان ئي سڏين ٿا. لابسٽر بحر احمر، ايراني نار ۽ عرب ملڪن ۽ ڪئسپين سمنڊ پاسي (جتي جي ملڪن ۾ فارسي هلي ٿي) هجڻ ڪري لابسٽر جو مقامي عربي ۽ فارسي نالو ضرور آهي. کيس فارسيءَ ۾ ”شاهه ميگو“ سڏين ٿا ۽ عرب ملڪن ۾ ان کي ”ڪرڪند“ به سڏين ته ”جراد البحر“ به.
اهڙي طرح کيکڙي کي فارسيءَ ۾ ”خرچنگ“ سڏين ۽ عربيءَ ۾ ”سرطان“ (حيوان).