مَتو آهين مڇ
پينانگ ۾ هڪ دفعي هوٽل جي اڳيان وهندڙ ”سنگائي نيپاح“ نديءَ ۾ وهنجي ٻاهر نڪتس ته ڪناري تي ملئي ۽ چيني ڇوڪرن کي تعجب مان پاڻ ڏي گھوريندو ڏٺم. ساڻن هٿ ملائي چرچي مان پڇيم:
”هن نديءَ ۾ زهريليون مڇيون يا نانگ ته نه آهن؟“ سڀ کان اڳيان بيٺل چيني ڇوڪري کِلي جواب ڏنو:
”Tiada“ ــ يعني بلڪل نه. مون به اهو ئي ٻڌڻ ٿي چاهيو ڇو جو ڪجهه سال اڳ تائين هيءَ ندي ڏنگيندڙ نانگن، زهريلن ڪيڪڙن ۽ جيلي مڇين کان بدنام هئي. مون وري پڪ ڪرڻ لاءِ کانئن ملئيءَ ۾ پڇيو: “Adakah anda pasti” (ڇا توهانکي پڪ آهي؟) ڪجهه سيڪنڊن جي ساهيءَ بعد ملئي ڇوڪري وراڻيو:
”هائو. جڏهن کان هن نديءَ ۾ واڳن (Crocodiles) اچي واسو ڪيو آهي تڏهن کان ڪو به اهڙو نانگ يا مڇي بچي ناهي جيڪا هنن جي پيٽ حوالي نه ٿي هجي.“
”واڳون!“ مون کان رڙ نڪري ويئي. ”هن نديءَ ۾ واڳون آهن ڇا؟“ مون تعجب مان پڇيو. ۽ پوءِ ٻارن جي جواب ٻڌڻ بنا پنهنجو ٽوال ۽ سپاٽو کڻي اچي پنهنجي هوٽل کان نڪتس. ٻئي ڏينهن هوٽل جي اسٽاف کان خبر پيئي ته واقعي اها حقيقت آهي ته ملائيشيا جي ٻين ڪيترن ندين وانگر ان ندي ـــ سنگائي نيپاح ۾ پڻ ڪجهه عرصي کان واڳن جو تعداد وڌي ويو آهي ۽ مون لاءِ اهڙي قسم جي درياءَ جي ڪپر تي وڃڻ به صحيح نه هو.
چون ٿا ته دنيا ۾ سڀ کان گهڻو ڀوائتو ۽ نفرت آموز جانور واڳون آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسانجي ملڪ ۾ نه ايترا درياءَ، دلدلي علائقا ۽ سامونڊي ڪنارا آهن ۽ نه وري انهن ۾ رهندڙ واڳون جن جو اسان کي احساس ٿئي. پر اها حقيقت آهي جيڪا هڪ دفعو ريڊرس ڊائجيسٽ ۾ به ڏنل هئي ته دنيا ۾ جيترا ماڻهو شينهن، بگھڙ ۽ نانگ مارين ٿا، انهن مڙني کان وڌيڪَ موت واڳونءَ کان ٿين ٿا. آفريڪا هليا وڃو. اتي نيل توڙي نائيجر نديءَ جي ڪپرن تي رهندڙن کان پڇي ڏسو. يا زئمبيزي ندي يا ڪنهن ٻي ڍنڍ يا سامونڊي ڪناري جي ڳوٺاڻن کان حال احوال وٺو ته توهان کي خبر پوندي ته دنيا ۾ جيتري واڳونءَ دانهن ڪڍائي آهي اوتري ڪنهن ٻئي جانور هرگز نه.
شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين، عنايت بلوچ کان تاجل بيوس تائين اسان جي سنڌي شاعرن پڻ ان مانگر مڇ (واڳونءَ) جي ارڏاين جو احوال پنهنجن شعرن ۾ ڏنو آهي ۽ کيس، ظلم، هٺ، ۽ هيڻن تي هٿ کڻڻ واري علامت سمجھيو آهي.
الا متي مڇ جي ساري جر تي جاڙ،
ڇرڪ ڀرن ٿيون ڇوليون، ڏسي پڇ پڇاڙ،
ماڻهو ڪهڙي مَاڙ، پهچي واڳونءَ وات ۾
(شيخ اياز)
هلو هلو ڪُن تي ڄار کڻي ڄاڻو
ڪجي ماگر مڇ کي سائر ۾ ساڻو
ٽريو جي ٽاڻو، برو ايندو بود ۾
(تاجل بيوس)
يا شاهه لطيف جو بيحد مشهور شعر:
متو آهين مڇ ٿلها ٿو ٿونا هڻين
جا تو ڀانئي اڇ تنهن پلاريندي ڏينهڙا
منهنجي خيال ۾ هتي واڳونءَ (Crocodile) جي جسماني بناوت ۽ زندگي بابت ٻه چار اهم ڳالهيون لکڻ بي محل نه ٿيندو:
• دنيا ۾ گهڻا واڳون وچ آمريڪا، ڏکڻ آفريڪا ۽ ايشيا جي گرم ۽ گهميل ملڪن، اتر آسٽريليا ۽ پئسفڪي ٻيٽن تي ٿين ٿا. واڳون چچين ۽ سانڍن جي خاندان جو ئي همراهه سمجھڻ کپي.
• سندس ڏندن جي بناوٽ قدرت نرالي ٺاهي آهي. سندس ڪو به ڏند ڀڄڻ تي ان جاءِ تي يڪدم نئون ڏند نڪريو اچي. اهو سلسلو سڄي ڄمار هلندو رهي ٿو. پر ساڳي وقت قدرت اها ڳالهه سندس فائدي ۾ نه رکي آهي ته هو انهن ڏندن سان چٻاڙي سگهي. واڳونءَ جا مڙيئي ڏند فقط شڪار کي جھلڻ لاءِ ٿين ٿا. ننڍو وڏو شڪاري هنجي چڪ ۾ ائين سوگھو ٿيو وڃي ڄڻ سندس وات لوهي وائسر Vise هجي.
• واڳون هر شيءِ ڳرڪايو وڃي. سندس آنڊو/پيٽ ايڏو سخت آهي جو ”پٿر هضم، لڪڙ هضم“! سندس پيٽ ۾ کاڌي خوراڪ کي هضم ڪرڻ واريون رسون هئڊرو ڪلورڪ ائسڊ سان ايترو ته ڀريل آهن جو مهنن اندر لوهي ڀالا ۽ ڪُنڍا ڪڙا سڀ ڳاريو ڇڏين.
• ساڳي وقت واڳونءَ ۾ اها به خاصيت آهي ته هن کي کاڌو گهٽ ملي ته به گذارو ڪري سگهي ٿو. ڪراچيءَ جي منگھو پير تي پيل واڳون ـــ جن کي ڪنهن زماني ۾ ته ماڻهو تمام گهڻوکارائيندا هئا ـــ ويندي سڄا سڄا ٻڪرا کين اڇلي ڏيندا هئا پر هاڻ عقيدي گهٽجڻ ڪري (يا شايد ٻاڪرو گوشت مهانگو ٿيڻ ڪري، ماڻهو ٽي ويءَ ۽V.C.R پٺيان مشغول ٿيڻ ڪري) منگھو پير ڏي هاڻ ڪو ورلي رخ ڪري ٿو ۽ ويچارا واڳون ـــ ”پيرن مرشدن جيان پوڄڻ وارا“ هاڻ ”نڌڻڪن ۽ يتيم ٻارن وانگر“ اڀ ۾ اکيون هڻيو ويٺا آهن ته من ڪو تلهار جي کوجي دڪاندار جو فائدو ٿئي يا قمبر جي وڏيري کي پٽ ڄمي ته اچي سکا پوري ڪري وڃي. ۽ سڄي ڏينهن ۾ سير اڌ سير هڏين ڇيڇڙن وارو گوشت ڪو مس ٿو ملين. پر اهو آهي ته ان تي به سالن کان جيئرا آهن. نه ته اهڙي ڳري قسم جي ٻئي ڪنهن جانور کي ايترو گهٽ کاڌو ملي ته يا ته پاڻ لاڏاڻو ڪري يا ڪنهن ٻئي آيل تماشبين جو لاڏاڻو ڪرائي.
• واڳونءَ کي شڪار تي حملو ڪرڻ لاءِ ٻه هٿيار آهن. هڪ سندس خوفناڪ ڄاڙيون ۽ ٻيو پڇ. واڳونءَ جي پڇ جو خوني وار ڍڳي يا سانَ جهڙي وڏي جانور يا ماڻهوءَ کي به ڍيري ڪريو رکي.
• شڪار کي جھلڻ لاءِ واڳونءَ کي هڪ ٻيو به طريقو آهي. هو پاڻيءَ ۾ سب ـــ مئرين (آب دوز ٻيڙي) وانگر هيٺ وڃي پوءِ آهستي آهستي شڪار جي ويجھو پهچي کيس اهڙو کڻي سوگھو ڪري ٿو جو پوءِ هُو چُري پُري به نٿو سگهي.
• ٻيا جانور ماڻهوءَ تي گهٽ حملو ڪن ٿا يا جيسين هنن جي کُند نٿي کڻجي. پر دنيا ۾ واڳون هڪ اهڙو نرجو جانور آهي جيڪو ماڻهو تي هروڀرو ۽ هميشه حملو ڪندو اچي.
• انهن هنڌن تي جتي واڳون پير ڪري پوڄيا وڃن ٿا ۽ کين هڪ هنڌ ستي ستي کاڌو ملندو رهي ٿو، يا انهن ڍنڍن ۾ جتي مڇيون تمام گهڻيون ۽ اڻ کٽندڙ آهن. اتي هو ماڻهوءَ تي حملو نٿا ڪن. پر واڳونءَ جو جيئن ئي قدرتي شڪار ـــ مڇي ختم ٿئي ٿي ته پوءِ ماڻهوءَ تي به حملو شروع ڪريو وٺي. انساني ماس تي هڪ دفعو ڏاٺ هرڻ بعد هو سڄي ڳوٺ لاءِ مسئلو ٿيو پوي.
• سندس شڪار مردن کان وڌيڪَ عورتون ٿين ٿيون جيڪي آفريڪا جهڙن غريب ملڪن ۾ نديءَ تي پاڻي ڀرڻ، وهنجڻ، يا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ وڃن ٿيون. يا ننڍا ٻار ٿين ٿا. ڪجهه آفريڪن ۽ پئسفڪي ٻيٽن جون عورتون سندن بيوقوفي ۽ جاهليت ڪري به واڳونءَ جو شڪار ٿين ٿيون. هو ڪوڙن ويڄن، حڪيمن، جادوگرن ۽ فقيرن کان واڳون خلاف منتر، تعويذ يا شوڪاريل خاڪ بدن کي ملي سمجھن ٿيون ته ان جي اثر ڪري واڳون سندن وار به ونگو نه ڪندو.
• ”سانباهو سمونڊ جو“ ڪتاب ۾ به واڳونءَ بابت لکي آيو آهيان ته هو گوشت چٻاڙي نٿو سگهي. ان ڪري جھليل شڪار جي ننڍو ڪتو ٻلو آهي ته پوءِ ان کي سڄو ئي ڳرڪايو ڇڏي. باقي جي اهو وڏو ـــ جانور يا ماڻهو آهي ته ان کي اتي جو اتي نٿو ڳهي پر پهرين هن جو ساهه ڪڍڻ لاءِ هن کي گهلي گهلي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ٿو پوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ اتي پاڻيءَ ۾ ئي ڇڏي ڏئيس ٿو جيئن ان جو جسم سڙي ۽ ڳري. ان بعد ان جا ٽڪرا ٽڪرا ڇڪي، پٽي، پوءِ انهن کي ڳهي ٿو.
• هونءَ دنيا جي واڳن کي ڪو پڇندو به نه هو. ماڻهو کانئس پاسو ڪندا رهندا هئا. ويڙهاڪ يا چرپر ڪندڙ واڳونءَ کي ڳوٺ جا گڏجي ماري اتي جو اتي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيندا هئا يا ڪناري تي ڪانگن ۽ ڳجھن حوالي ڪندا هئا. ڀلو ٿئي پئرس جي عورتن جو جن کي سڀ کان پهرين خيال آيو ته واڳونءَ جي کل مان شيون ٺهرائجن. وڏي لڙائيءَ کانپوءِ آهستي آهستي واڳونءَ جي کل جا پرس، بئگون، سليپر سپاٽا فئشن ۾ اچي ويا. واڳونءَ جي مٿين کل ته تمام کهري ۽ سخت ٿي ٿئي پر پيٽ هيٺان وارو ٿورو حصو ان ڪم لاءِ ڪتب اچي ٿو. واڳونءَ کي ماريندڙ هزار سوا هزار کن ڊالر ان کل مان ڪمايو وٺي. ۽ ان کل جو سامان ڏهه هزار ڊالرن ۾ وڪامي ٿو. سو اڄ ڪلهه جيتوڻيڪ هاٿين ۽ گينڊن وانگر واڳن کي مارڻ جي به بندش آهي پر تنهن هوندي به جنهن کي جتي ٿو جھٽ لڳي اتي واڳونءَ جو انت ٿو آڻي. جيئن سنڌ ۾ تترن ۽ آڙين سان حشر آهي. ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جون ڍنڍون ۽ درياءَ، واڳن کان خالي ٿي رهيا آهن. ۽ جيئن دنيا مان ڪيترن ئي جانورن جو نسل بنهه نابود ٿي چڪو آهي، اهڙي طرح بائلاجسٽن کي ڊپ آهي ته ڪٿي واڳونءَ جو نسل به ختم نه ٿي وڃي، نيل نديءَ ۾ رهندڙ واڳن جي جنس ته ذري گهٽ غائب ٿي وئي آهي.
تازو ملائيشيا جي گورنمينٽ پڻ قانون جاري ڪيو آهي ته بنا ڪنهن سبب جي ڪو به ماڻهو هروڀرو واڳونءَ کي ماريندو ته هن کي سزا طور هڪ هزار ملائيشي ڊالر (ٽيهه هزار رپيه کن) ڏنڊ يا ۽ سال جيل ملندو. بهرحال اسان ته پڙهيل ڳڙهيل آهيون ۽ اهو قاعدو اخبار ۾ پڙهي ان تي عمل ڪري رهيا آهيون. هئڻ ته ساڳيو قانون هئڻ ته واڳن لاءِ به کپي ته هو اسان کي به هٿ نه لائين. بهرحال انهن لاءِ قانون آهي يا نه. ان تي عمل ڪن ٿا يا نه پر ان ڏينهن ٻليءَ وانگر آئون نئين حياتي ماڻي اچي هوٽل کان نڪتس ۽ اڳتي ائين درياهن ۽ واهن ۾ وهنجڻ جي ٽرڙپائي کان توبنهن ڪري ڇڏيم.