الطاف شيخ ڪارنر

گهاتو گهر نہ آئيا

هي ڪتاب سمنڊ ۽ سامونڊي جيون سان گڏ آبي جيون تي لکيل ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ ڄاڻ تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
ڪتاب ۾ کوڙ دلچسپ ۽ معلوماتي مضمون شامل آهن، جيئن شارڪ مڇي لذيذ ڇو آهي، خطرناڪ ڇو آهي؟ وهيل مڇي جا قسم، ان جا فائدا ۽ اها وهيل جنهن جي عنبر سبب اسپيني مهاڻا ڪروڙ پتي ٿي ويا. گانگٽ، اسپنج ۽ ٻين آبي جيون بابت دلچسپ معلومات. سنڌو نديءَ جي انڊس ڊولفن يا انڌي ٻلهڻ بابت تفصيلي ڄاڻ. سنڌوءَ جي لذيذ ترين پلي مڇيءَ بابت تفصيلي ۽ دلچسپ مضمون. ڳاڙهي، نيري، اڇي ۽ ڪاري سمنڊ بابت معلومات. کاري ۽ مٺي سمنڊ بابت حقيقتون ۽ معلومات ۽ ٻيا به کوڙ پڙهڻ جهڙا ليک شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 4987
  • 1170
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گهاتو گهر نہ آئيا

پَلي سان اَٿم پيار اَديون

سنڌ ۾ پلي مڇيءَ جو وڏو مان آهي، وڏو شان آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پلو بيحد لذيذ آهي. اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته پلي کي مارڪيٽ توڙي گهرن ۾ عام جام ڏٺوسين جو اسانجو ڳوٺ هالا ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري کي ويجھو آهي جتان پلو آيو ٿي..... پر انهن ڏينهن ۾ اهو احساس نه هو ته مڇيءَ جو هي نسل هڪ اعليٰ قسم جو آهي جنهن کي هڪ دفعو کائڻ وارا به ياد ڪن ٿا. پلي جي مان جي مونکي خبر سامونڊي سفر شروع ڪرڻ تي ٿي. منهنجو جهاز جڏهن به هانگ ڪانگ، ملائيشيا يا انڊونيشيا جي بندرگاهن ۾ آيو ٿي يا آمريڪا جي ڏورانهن ٻيٽن برمودا، بهاما، ڪوراسائي پهتو ٿي ته اتي جا سنڌي هندو واپاري جن هندوستان جي ورهاڱي وقت يا ان کان به گهڻو گهڻو اڳ هتي اچي رهائش اختيار ڪئي هئي مونکان سنڌ جون خبرون پڇندا هئا. سنڌ جي اها شيءِ جنهن کي هو گهڻو ياد ڪندا هئا ۽ جتي ڪٿي مونکان ان بابت پڇندا هئا اها سنڌ جي ”پلو“ مڇي هئي. ڪيترا ته پوڙها پوڙها مونکي منٿون ڪندا هئا ته ٻئي دفعي اسان جو جهاز هنن جي بندرگاهه ممباسا، ڪيپ وردي، لاس پاماس، برمودا يا هيوسٽن يا ٽرنيڊاڊ وغيره اچي ته هنن لاءِ ڪوٽڙيءَ مان هڪ ٻه پلا وٺي اچان. آئون انهن ڏينهن ۾ کلندو هوس ۽ حيرت کائيندو هوس ته هي الائي سچ ٿا چون يا چرچو ٿا ڪن.
هڪ ٻه دفعا سنگاپور ۾ رهندڙ سنڌي هندن هنن جي ڪلب سنڌ هائوس ۾ مونکي پلو کارائيندي چيو ته ”هي بنگلاديش جو پلو آهي (يا بصري کان باءِ ايئر گهرايو اٿئون) پر سائين سنڌ جي پلي جي ڳالهه ئي ٻي آهي“.
هونءَ پلو جنهن ”مڇيءَ“ جي جنس آهي اها نه فقط سنڌو ندي ۾ پر سمنڊ ۾ به ٿئي ٿي ۽ اسان جي ڇهن مهينن جي راشن ۾ جتي ڪٺل ٻڪريون ۽ ڍڳيون وغيره جهاز تي چڙهنديون هيون اتي مختلف مڇين سان گڏ هي پلا مڇيون به هونديون هيون. هڪ دفعي اسان جو جهاز آفريڪا جي ”عابد جان“ بندرگاهه ۾ پهتو ته اتي رهندڙ هڪ سنڌي واپاريءَ کي مون جهاز جي بٽلر کي چئي انهن پلن مان کيس ٻه ڏياريا. ٻئي ڏينهن چيائين سائين اهي ڪوٽڙيءَ (سنڌو نديءَ) جا پلا نه هئا.... نه رنگ ۾ نه سواد ۾!
اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي آئون تعجب کائيندو هوس ۽ ڪجهه ڪجهه مونجھاري جو به شڪار ٿيندو هوس. هڪ ٻيو ويجهڙائيءَ جو مثال به ياد اچي ويو. ڏهاڪو سال اڳ آمريڪا ويس ته نيو جرسيءَ ۾ رهندڙ پيٽارو جي هڪ دوست فلڪ شير هڪ هوٽل تي مڇي کارائي ۽ چيو ته اها پنهنجي سنڌو نديءَ وارو پلو مڇي آهي جنهن کي آمريڪن ”شاد“ سڏين ٿا. آئون سندس منهن تڪيندو رهيس ته هوڏانهن ته چون ٿا ته پلو فقط پاڪستان ۾ ٿئي ٿو ۽ سو به ڪراچي واري عربي سمنڊ ۾ به نه .... فقط ۽ فقط سنڌو نديءَ ۾ ۽ هاڻ هي خيرپور جو رهاڪو فلڪ شير آمريڪا ۾ پيو چوي ته هي نيو جرسي جي درياهه مان جهليل پلو آهي ـــ سنڌو ندي واري پلي جهڙو! ۽ جي فلڪ شير ٿو چوي ته ائين ئي هوندو جو فلڪ شير سنڌو نديءَ وارا پلا به کاڌا هوندا. ۽ هي آمريڪن شاد اسان جي پلي جهڙو نه هجي ها ته هو عابد جان بندرگاهه ۾ رهندڙ سنڌي هندو وانگر ضرور چوي ها ته هن ۾ پلي جو سواد ناهي.
بهرحال گذريل ڏهن سالن کان ”سمنڊن“ ۽ ”سامونڊي حيات“ بابت معلومات حاصل ڪندي ۽ لکندي پلي بابت جيڪي سمجھي سگهيو آهيان اهو هن ريت آهي:
سنڌ ۾ پلو ۽ مڇي ٻه جدا جدا جنسون ليکيون وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ نسل جي لحاظ سان پلو به مڇي آهي. پر پلو ائين آهي جيئن سنڌ ۾ انب. انب جيتوڻيڪ ميوو آهي پر هن کي ٻئي ميوي کان الڳ سمجھيو وڃي ٿو. انب جو جيئن وڏو مان آهي تيئن سنڌ جي ريت رسم مطابق پلي جو مانُ مٿانهون آهي. پلي کي سنڌ جا ماڻهو ”ميوو“ ڪري ليکين ٿا ان ڪري پلي کي ٻي مڇيءَ کان جدا ڪيو وڃي ٿو.
ڏٺو وڃي ته پلو ڪو ڊولفن يا وهيل جي نسل جو ناهي جيڪي ٿڻائتا جانور سڏجن ٿا ۽ اسان وانگر هوا مان ساهه کڻن ٿا. انهن جانورن کي ڪَلين بدران ڦڦڙ ٿين ٿا. سندن جسم تي جانورن جهڙي کل ٿئي ٿي. پر پلو ته سؤ سيڪڙو مڇي آهي هو شڪل ۾ به ٻين مڇين جهڙو ٿئي ٿو. سندس جسم تي ٻين مڇين وانگر ڇلر آهن .... هو ٻين مڇين وانگر ڪلين ذريعي پاڻيءَ مان آڪسيجن حاصل ڪري ٿو..... آنن ذريعي ٻچا ڏئي ٿو.... وغيره وغيره پر سنڌ جا ماڻهو چوندا ته ”سائين! پلو پلو آهي ۽ مڇي مڇي“. سنڌ جي شهرن ۾ ساٽين کان پلو وٺبو ته نالو وٺي پڇبو ته ”پلو اٿئي؟ ”پر جي چئبو ته ”مڇي اٿئي؟“ ته هو مختلف مڇيون ڏيکاريندا، پلو هرگز نه! صحيح سنڌي ٻوليءَ ۾ پلي کي فقط ”پلو“ ئي سڏيو وڃي ٿو، ”پلو مڇي“ هرگز نه. اها اسان لاءِ ته نارمل ڳالهه آهي پر ڌاريان ماڻهو ضرور حيرت کائيندا هوندا. جپان جي مارڪيٽن ۾ جڏهن ڪو وهيل جو گوشت پڇي ٿو ته هن کي دڪاندار مڇيءَ جو گوشت نٿو ڏيکاري ڇو جو وهيل جانور آهي. شارڪ کان کڳو، ڏنڀرو، پوئڪي، ٿيري وغيره سڀ مَڇيون آهن. اڃان به گانگٽ کي توهان مڇيءَ کان الڳ ڪري سگهو ٿا پر پلو ته دراصل مڇيءَ جي ئي نسل جو آهي ۽ هڪ قسم جي مڇي آهي پر سنڌي ماڻهن جي پلي سان چاهت هجڻ ڪري اها شيءِ ئي الڳ سمجھي وڃي ٿي ۽ ان جي ايڏي ڊمانڊ آهي جو گانگٽن کان به مهانگو ملي ٿو. سکر جي اسلاميه ڪاليج جي ليڪچرار دوست عبداللطيف انصاريءَ ٻڌايو ته سکر ۾ پلو تور تي نه پر في نگ ٽي هزار رپئي ملي ٿو ۽ اهو به ڪلو ڏيڍ ڪلو وزن جو مس.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ”پلو“ سنڌ جي مشهور مڇي آهي. هيءَ اصل ۾ آهي ته سمنڊ جي مڇي پر سنڌوءَ ۾ گهڙڻ بعد پلو ٿئي ٿي. شيخ اياز جو شعر آهي:
ڪير چوي ٿو سمنڊ لتاڙي، پلو مري ٿو پوهَ،
ايڏو پنڌ ڪري سنڌوءَ ۾، ڪهڙي موه!
سمنڊ جون ڪجهه مڇيون آنا ڏيڻ لاءِ گرم پاڻيءَ کان سفر ڪري ٿڌي پاڻيءَ ڏي وڃن ٿيون يا ٿڌي پاڻيءَ کي ڇڏي گرم پاڻيءَ ۾ پهچن ٿيون. اهڙي طرح سمنڊ جي اها مڇي جيڪا آنا ۽ ٻچا ڏيڻ لاءِ مٺي پاڻيءَ ـــ يعني اسان واري سنڌو نديءَ ۾ اچي ٿي ان کي اسان پلو چئون ٿا. ۽ اهو ناهي ته هيءَ مڇي فقط سنڌو نديءَ ۾ اچي ٿي. دنيا جي ڪيترين ئي ندين ۾ جيڪي سمنڊن ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، انهن ۾ پڻ هي مڇيون آنا ڏيڻ لاءِ داخل ٿين ٿيون. هيءَ مڇي ـــ يعني پلو جنهن جو سائنسي نالو Tenualosa Ilisha آهي اتر آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري کان اسان وٽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ گلف پاسي جام نظر اچي ٿي. خليج بنگال ۾ جيڪي پدما، ميگهنا ۽ جمنا نديون ڇوڙ ڪن ٿيون انهن ندين ۾ به هي پلو ٿئي ٿو ۽ بنگالي هن کي ”اِلش“ سڏين ٿا. اهڙي طرح هيءَ مڇي انڊيا جي درياهن: گنگا، مها ندي، چلڪا ڍنڍ، نرمادا ۽ گوداوري ندين ۾ به ٿئي ٿي. يعني اها آنا لاهڻ لاءِ درياهه جي مٺي پاڻيءَ ۾ اچي ٿي ۽ هلشا، پولاسا (تيلگو ٻولي ۾)، الام (تامل ٻولي ۾) ۽ نرمادا ۽ گوداوري ندين جي هن پلي مڇيءَ کي گجراتي ٻوليءَ ۾ ’پَلوا‘ سڏجي ٿو. ايتري قدر جو عراق جي دجله ۽ فرات ندين ۾ به ملي ٿي جتي اها ’صبور‘ سڏجي ٿي ۽ آمريڪا ۾ ملندڙ پلي لاءِ ته لکي چڪو آهيان ته اتي اهو ”شاد“ سڏجي ٿو.
ڳالهه اها آهي ته اهي مڇيون سمنڊ مان به ڦاسائي سگهجن ٿيون پر انهن جو اهو سواد نٿو رهي. Tenualosa مڇي سوادي تڏهن ٿئي ٿي جڏهن اها آنا لاهڻ لاءِ سمنڊ جو کارو پاڻي ڇڏي سنڌو ندي، پدما، ميگهنا، نرماندا، گوداوري، فرات يا دجله يا ڪنهن ٻي نديءَ جي مٺي پاڻيءَ ۾ پهچي پاڻ کي پلو، هلشا، اِلش، پولاسا، الام، پلوا يا صبور سڏائي ٿي.
هتي اهو به لکندو هلان ته اها مڇي جيڪا کاري پاڻي يعني سمنڊ کان هجرت ڪري مٺي پاڻي يعني درياهه ۾ اچي ٿي. سندس ان لڏ پلاڻ کي Anadromous (ايناڊرامس) هجرت چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح مڇيءَ جي ڪا به جنس مٺي پاڻيءَ کان کاري پاڻي ڏي لڏ پلاڻ ڪري ٿي ته ان کي Catadromous (ڪئٽاڊرامس) هجرت چيو وڃي ٿو. پلو ايناڊرامس هجرت ڪرڻ واري مڇي آهي. سنڌ جو پلو خاص ڪري عربي سمنڊ ۾ رهي ٿو. پلو سنڌ کان علاوه انڊيا، بنگلاديش، برما، ايران، عراق ۽ سري لنڪا جي ندين ۾ پڻ ملي ٿو پر اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ جي پلي جو سواد ٻين ملڪن جي پلن کان بهتر آهي..... يا شايد اسان کي لڳي ٿو جو اسان ان جي سواد سان ننڍي هوندي کان مانوس آهيون.
پلو سنڌو درياهه ۾ مئي کان سيپٽمبر مهيني ڌاري اچي ٿو جڏهن درياهه ۾ گهڻو تيز وهڪرو ۽ چاڙهه آهي. پلو درياهه ۾ آنا لاهڻ لاءِ ئي اچي ٿو. آنيءَ وارو پلو مادي هوندو آهي ۽ هڪ اندازي مطابق اڍائي ڪلو وزن جي ماديءَ جي آنيءَ ۾ چاليهه کان پنجاهه لک آنا ٿين ٿا. جنهن کي اسان کيرو پلو چئون ٿا اهو دراصل نر هوندو آهي. مادي آنا لاهيندي ويندي آهي، پويان نر پنهنجا ”تخمي جيوَ“ (Sperm) ڇڏيندو ويندو آهي، ان کان پوءِ آنن جي واڌ وارو عمل پلي جي جسم کان ٻاهر پاڻيءَ ۾ مڪمل ٿيندو اهي. اٽڪل 18 کان 26 ڪلاڪن کان پوءِ آنن مان ٻچا ڦٽڻ لڳندا آهن، جيڪي درياهه جي تيز وهڪري سبب وهي وڃي سمنڊ ۾ پوندا آهن ۽ وري جڏهن بالغ ٿيندا آهن تڏهن اهي سمنڊ کان مٺي پاڻيءَ ۾ ايندا آهن ضروري ناهي ته اهي ان ئي درياهه ۾ موٽن جتي هنن جنم ورتو. ڪراچي وارو عربي سمند هيٺ ممبئي ۽ ڪولمبو تائين هليو وڃي ٿو ۽ اتر اولهه ۾ ايراني نار تائين ـــ ڪويت ۽ عراق جي ڪنارن تائين ڦهليل آهي..... سو هي ٻچا بالغ ٿي ٻچا ڏيڻ لاءِ نه فقط سنڌو نديءَ ۾ گهڙن ٿا پر هيٺ انڊيا (گجرات، ڪڇ ۽ مهاراشٽرا) جي درياهن ڏي ۽ عراق ۽ ايران جي ندين ۾ به وڃن ٿا.
هڪ ٻي ڳالهه ته پلو جڏهن درياهه ۾ آني ڏيڻ لاءِ ايندو آهي ته ان وقت اهو پنهنجي جسم ۾ چرٻي يا سانڍيل خوراڪ جمع ڪري ايندو آهي ۽ پوءِ درياهه ۾ جيترو عرصو رهندو آهي، ڪجهه نه کائيندو آهي. آنا لاهڻ کانپوءِ واپس سمنڊ ۾ وڃي ٻيهر کاڌ خوراڪ کائيندو آهي. عام طرح ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته پلو واري کائي ٿو. پر ائين نه آهي. هو پاڻيءَ جا ننڍڙا جاندار ”پلئنڪٽان“ (Plankton) کائيندو آهي. تنهنڪري پلي کي Planktivorous مڇي به چيو وڃي ٿو.
پلو درياهه ۾ آنا ان ڪري لاهڻ ايندو آهي، جو درياهه جو پاڻي لڙاٽيل هجڻ ڪري ٿڌو آهي ۽ ٿڌي پاڻيءَ ۾، گرم پاڻيءَ کان گهڻي آڪسيجن ٿئي ٿي. پلي جا آنا پلئجڪ (Pleagic) قسم جا ٿين ٿا ۽ انهن ۾ تيل (Oil Globule) جو مقدار گهڻو هجڻ ڪري اهي پاڻيءَ جي سطح تي ترندا رهن ٿا. ان ڪري قدرت پلي کي اها خاصيت ڏني آهي ته اهو آنن لاهڻ لاءِ مٺي پاڻيءَ ڏانهن هجرت ڪري، پنهنجو نسل اڳتي وڌائي سگهي، ڇو جو سمنڊ جو پاڻي شفاف ۽ صاف هجڻ ڪري ۽ ان ۾ سج جي روشني گهڻي گهرائيءَ تائين وڃڻ ڪري اهو پاڻي مٿي سطح تي گرم رهي ٿو ۽ پلي جي آنن لاءِ، جيڪي تمام نازڪ ٿين ٿا، نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو.
هونءَ پلو ملتان تائين به نظر ايندو هو. بئراجن کان اڳ پلو ٿوري وقت ۾ سمنڊ مان سکر تائين پهچندو هو ۽ اڃان به اڳتي هليو ويندو هو. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهي ته پلي لاءِ اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ اچي وئي. 1954ع ۾ ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ بعد پلو فقط ڄامشوري تائين محدود ٿي ويو آهي.
پلو مڇيءَ جو اهو نازڪ قسم آهي جيڪو پاڻيءَ کان ٻاهر نڪرڻ تي جلدي مري وڃي ٿو. پلي جو جسم ٻين مڇين وانگر وچ ۾ ٿلهو ۽ منڍيءَ ۽ پڇ وٽ سنهو ٿئي ٿو. پلي جو منهن گول ۽ ننڍو ٿئي ٿو. ٻين مڇين وانگر پلي کي ڏند نه ٿين. پلو ٻن سالن جي عمر ۾ آنا ڏئي ٿو. پلا ڊونڊين، بتيلن، هوڙن، تنبن ۽ ماٽين جي مدد سان ماريا وڃن ٿا. پلي مارڻ واري رڇ کي سَنڍ يا سُنبهي چون. پلي جي ڊمانڊ ڪري اهو مهانگو ملي ٿو. هاڻ ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي گهٽ هجڻ ڪري ايڏو پلو نظر نٿو اچي ۽ سنڌ ۾ اڪثر ايران ۽ گوادر جا پلا وڪامندي نظر اچن ٿا ـــ جن جي سواد ۾ ڪافي فرق آهي. ڪنهن زماني ۾ جڏهن درياهه تار هوندو هو ته ماڻهو ڄامشوري جي المنظر هوٽل وٽ درياهه جو نظارو ڪرڻ ۽ پلو کائڻ لاءِ پري پري کان هلي ايندا هئا. خاص ڪري يونيورسٽي جي شاگردن جا ته ميلا متل هوندا هئا..... نظم مشهور آهي ته:
ورسٽي جي روڊن تي ڪونجن قطارون
هوائن جي جھوٽن تي زلفن اڏارون
من موهي وجھي ڪوڙ ناهي ڪچ
ڄامشوري ته اچ ڄامشوري اچ
پوءِ اچين نه اچين، هڪ ڀيرو ته اچ
المنظر تي کائون سنڌو پلو آ
آني وارو يا کيرو ڀلو پلو آ
ڄامشوري ته اچ ڄامشوري ته اچ
پوءِ اچين نه اچين هڪ ڀيرو ته اچ.....

شروع جي ڏينهن ۾ منهنجو جهاز ڪراچيءَ اچي لنگر انداز ٿيندو هو ته ننڍپڻ جون يادون تازيون ڪرڻ لاءِ جهاز جي ڪجهه دوستن کي خاص پلو کارائڻ لاءِ ڄامشورو وٺي ايندو هوس پر پوءِ مون جلد ئي محسوس ڪيو ته منهنجي ڪراچي توڙي ٻاهر جي دوستن کي پلي کائڻ ۾ مزو نٿو اچي جو پلو مڇيءَ جو اهو قسم آهي جنهن ۾ ڪنڊا نه فقط گهڻا ٿين ٿا پر ننڍا ۽ سنها به ٿين ٿا..... جيڪي نئين ماڻهوءَ کي منجھايو رکن.
سنڌ ۾ ڪو ايترو پلو يا مڇي نٿي ٿئي جيتري بنگال يا ملائيشيا ۾ پر سنڌي ادب ۾ ان بابت تمام گهڻي شاعري ملي ٿي. سنڌ ۾ ميئن مهاڻن آڳاٽي وقت کان مڇي جي معاشري کي مانائتو ڪيو. سنڌ سان لاڳو سمنڊ ۾ به سنڌ جي گھاتوئن ۽ گھوريندڙن مڇيءَ جي شڪار ۾ پاڻ ملهايو ۽ مانگر مڇن سان مقابلا ڪيا، جنهن جو يادگار ”شاهه جي رسالي“ جو ”سر گھاتو“ آهي. اندروني ڍنڍ ڍورن جي غريب ميئن مهاڻن کي به قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو جنهنجو يادگار ”سر ڪاموڏ“ آهي جنهن ۾ مڇي جي ڌنڌي جي اهڃاڻن جو دلپذير ذڪر موجود آهي.
”ڄاريون کاريون ڇڄ ڇپريون
جن جي محبت مڇي سان“
شاهه صاحب کان علاوه ٻين به نوري جي مڇيءَ واري ماحول کي ڳايو آهي:
پادر ناهيس پير ۾، انگ تي نه اڳڙي
ناپو کائي نِپني ترن تي تڳڙي
دجيا دَرڙا گانگٽ گوجون هُن جي کاريءَ ۾ کڳڙي
جيڪا سام سمي لڳڙي، تنهن تان لٿا حرف حساب جا
(دَجا، درڙا، گانگٽ ۽ کڳڙي سڀ مڇيءَ جون جدا جدا جنسون آهن).
ڄام تماچي جي نوريءَ سان محبت ڪري ڪينجھر جو وڏو مانُ ٿيو.... هڪ مشهور ڪافي آهي:
”ٻنهي ڪپين ڪينجھر جي، لڳڙا رنگ رهاڻيون وو“.
شيخ اياز جو هڪ هائڪو آهي:
نوري نه ڀر تي
سڪل مڇيءَ کاريون
رڳو ڪينجهر تي.
سن 1249هه ۾ جڏهن ڪابل جي لشڪر ۽ سنڌ جي لشڪر جي وچ ۾ کرڙي واري جنگ لڳي ته ان ۾ سنڌ جا گهڻا سورهيه شهيد ٿيا پر ڪابلي پٺاڻ به اڳتي وڌڻ جو آسرو لاهي، ميدان ڇڏي پوئتي روانا ٿيا. ان وقت مڇين جي مشابهت سان هيٺين چوڻي مشهور ٿي:
هن ڀر جي مور مڇي، هن ڀر جا کڳا
مير مراد علي سوڀ کٽي، پئي پٺاڻ ڀڳا
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي مڇي“ ۾ گھوٽڪي جي سگھڙ عثمان کٽي جي هڪ مزاحيه ڪافي لکي آهي جنهن جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن:
ٿلهه: ڏاڍو پلي سان اٿم پيار اديون
سهڻي، ڏاهي هجي، توڙي سينگار اديون.....

الف: پوئڪي مون سمجھيو صاف چٽو
ڏاڍو ڦندڻيءَ ۾ مون فرق ڏٺو
گندري گندڻ توکي لڳو آهي سٺو
ڪيم کڳي کي کيڪار اديون..............

ب: ”عثمان“ هلو هڙ ڇڏ گونج گذر
گياني گيان گانگٽ رک خاص خبر
رک موري موراکي مهر نظر
وڻي شاڪر جو ته شڪار اديون.......
پوئڪي، سهڻي، ڏاهي، کڳو، گوج، گانگٽ، موري، موراکي، شاڪر، ڪرڙي، مڪر وغيره سنڌ جي مڇين جا نالا آهن. آڳاٽي وقت کان ”ڏاهي“ مڇيءَ کي هوشيار ۽ عقلمند سمجھيو وڃي ٿو. پر ڪن جي خيال ۾ اهو رڳو نالو آهي باقي ”ڏاهي“ مڇي ايتري ڏاهي ڪانهي. ڪن جي خيال ۾ ڄرڪو ۽ ڪرڙو مڇيون وڌيڪَ ڏاهيون آهن. ٻئي نمبر تي ٿيري ۽ موراکيءَ جهڙيون مڇيون آهن.
مڇيءَ بابت ڪيترائي لوڪ گيت به آهن. جيئن ته:
مور مڇي، ادا مون کي آڻي ڏي
ڀائو مون کي آڻي ڏي، لاڙ واري مڇي

ڄرڪو ته وائي بادي
گندڻ، تان گوڙ ڪري
مور مڇي، ادا مون کي آڻي ڏي.

پوپري ته ڏاڍي ڀلي
کڳي کي سائين پلي
مور مڇي، ادا مون کي آڻي ڏي.

اهڙي طرح هڪ ٻيو مشهور لوڪ گيت آهي ته:
ناري جي مڇي، جھينگو
ناري جا کڳا، جھينگو
ناري جا پلا، جھينگو
ناري جا گندڻ، جھينگو
ناري جو ڪُرڙيون، جھينگو
هڪ ٻيو مزاحيه لوڪ گيت آهي:
گندڻ گنديءَ مان رات ڪُتو کڻي ويو
رات ڪُتو کڻي ويو، رات ڪُتو کڻي ويو
اهڙي طرح شاهه جي رسالي مان سر گھاتو، سر سامونڊي، سر سريراڳ، ۽ سر ڪاموڏ ۾ شاهه لطيف وڻجارن ۽ مڇي ماريندڙن جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي. ڪراچي جيڪا ڪلاچيءَ جي نالي سان مهاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. تنهن ۾ مورڙي ميربحر جي سورهيائي هنڌين ماڳين مشهور آهي. مورڙي جي پيءُ جو نالو اوباهيو هو ۽ کيس ڇهه ڀائر هئا. مورڙو سڀني ۾ ننڍو هو سندس ڀائرن کي ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ موجود مانگر مڇ ڳڙڪائي ويو. مورڙي ان مانگر مڇ کان بدلو ورتو. مانگر مڇ کي وڏي حرفت سان ماري ان جي پيٽ مان پنهنجن ڀائرن جا لاش ٻاهر ڪڍيائين. سندس اها سورهيائي ۽ ڏاهپ اڃان تائين ڳائجي پئي.
جيڪس جھليا مڇ، گھاتو گهر نه آئيا
• ڪاهي وڃو ناکئا، ڪريو بُري تي ڀڇ
گھاتو گھر نه آئيا.......

• ڪاٿي سندن ڪنڍيون، ڪاٿي سندن رَڇ
گھاتو گھر نه آئيا.......

هتي اهو به لکندو هلان ته سمنڊ جي ڀيٽ ۾، درياءَ جي مڇي وڌيڪَ مجبور ۽ ويچاري آهي. درياءَ بيشڪ وڏو ڊگهو آهي پر ساليانو پيو لهي ۽ چڙهي، ان جا ڍورا، واهڙ ۽ ڍنڍون به پيون هيٺ مٿي ٿين. انهيءَ ڪري مڇي سدائين ان فڪر ۾ آهي ته شال پاڻي نه کٽي! ڪن سگھڙن مڇيءَ تي ميارَ رکي چيو ته:
”مڇي ڌوپي پاڻيءَ ۾، مڇي ڪني ڪوهه؟
اٿس ايءُ اندوهه، ته پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا“
يعني ته باجود سدائين پاڻيءَ ۾ رهڻ جي ۽ ڌوپڻ جي، مڇي انهيءَ ڪري ککي آهي جو ان کي اها اون آهي ته متان پاڻي کُٽي نه وڃي! سگھڙ ايئن سمجھيو ته مڇيءَ جي اها ڳڻتي اجائي ۽ ناشڪري واري آهي، پر حقيقت ۾ مڇيءَ کي پنهنجي بچاءُ ۽ حفاظت خاطر فطري اون آهي. پاڻي مڇيءَ جو گهر آهي ۽ هوءَ پنهنجي گهر کي وڌيڪَ سڃاڻي ٿي. پاڻي جي لاهي چاڙهي جي خبر جيتري جلد مڇيءَ کي پوي ٿي اوتري ماڻهوءَ کي به نٿي پوي. درياهه، ڍوري، واهه توڙي ننڍي نالي يا ڪَسي ۾ پاڻي مٿي لاهه ڏيندو ۽ ٿورو ٿيندو ته مڇي يڪدم سجاڳ ٿي وهڪري جي ابتڙ مٿي اڀو چڙهندي ۽ ڀڄندي ته جيئن مٿي وڏي پاڻيءَ ۾ پهچي.
پاڻي گهٽجڻ تي مڇي مٿي وڏي پاڻيءَ ڏي وڃي ٿي..... اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر اهو به نظر آيو آهي ته ڍنڍن ڍورن جو پاڻي سڪڻ تي مڇيون اتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي انت آڻين ٿيون. ان ڪري ته ڪبير ڀڳت مڇيءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته مڇيءَ کي پاڻيءَ سان پيار آهي.... پاڻي سڪڻ تي هوءَ پاڻ کي به ماريو ڇڏي.....
”پريت نه ڪريو پنڇي جيسي، جل سوکي اڙجائي،
پريت تو ڪريو مڇلي جيسي، جل سوکي مرجائي“
پر هڪ هنڌ ڪبير ڀڳت انسان کي پنهنجو اندر اجارڻ جي تلقين ڪندي مڇيءَ جو واهه جو مثال ڏنو آهي ته اندر اجارڻ بدران رڳو ٻاهر جي ميڪ اپ مان ڪهڙو فائدو؟ مڇي ته ڏينهن رات پاڻ کي پاڻيءَ ۾ پئي ڌوئي پر منجھائنس کِکاڻ (ڌپ) ته مور نٿي نڪري. ڪبير جو هي دوهو سنڌيءَ ۾ لکان ٿو جيڪو پروفيسر عطا الله ابڙو صاحب ترجمو ڪيو آهي:
”وهنجڻ ڌوئڻ ڪهڙي ڪم جو، وڃي نه من جو مير
مڇي سدا رهي پاڻيءَ ۾ ڌپ نه ڇڏي مور“
جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته بنگلاديش يا ملائيشيا وانگر سنڌ ۾ نه بارشون آهن ۽ نه درياهه جن ڪري مڇي گهڻي ٿي سگهي. هڪڙي ئي ندي آهي ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ڍنڍون ڍورا پر سنڌي شاعريءَ ۾ مڇي پلي جو تمام گهڻو ذڪر اچي ٿو. رشيد احمد لاشاريءَ جو شعر آهي:
”خوش گذارن ٿا سُڪر ۾ تنهنجا دهقاني لطيف
سنڌ وارن کان نه گهٽ ٿيندي مڇي ماني لطيف“
هڪ گمنام شاعر جو شعر آهي:
”سمندر جي تر ۾ مِلي لئه ڪريون ها،
لڇون ها مڇي پئي ڳهي ها،
هماليه جي چوٽيءَ تي پهچي نچون ها،
پَچون ها ته بيرو شمشان آهي “.

حسن درس جي هڪ نظم مان چند سٽون آهن ته:
”وڻن تي ڪانگ ها ويٺل، ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون،
پرائو ڳوٺ هو ليڪن، پرين جي پار وانگي هو،
مڇي جي اک ۾ اٽڪيل، ڏٺو مون هر ڏهاڙي هو،
لڙاٽيل وقت ۾ لمحو، لڳل ڪنهن ڄار وانگر هو“.
استاد غلام رسول ناطق جو هڪ آزاد نظم آهي:
خالي ککيءَ جي کاري آ،
بک سان پاهه ويچاري آ،
ڏاڏو، ڏاڏي ٻه پوڙها ساٿي،
گهر ۾ ناهي مرد ڪو ڀاتي،
پيٽ جي باهه اُجھائڻ خاطر،
مڇي مارڻ لئه نڪتي آهي،
پر اڃان تائين هٿن ۾،
ڪجهه بي ته ناهي آيو.
لڳي ٿو ڪا ڇڪ آ آئي،
منهن ۾ ٿي آهي سرهائي،
ڄار آيو پاڻيءَ کان ٻاهر،
مڇي ته ڪا به ٿي نه ظاهر
سر ڪاموڏ جو هڪ مشهور بيت آهي ته:
مي مَڇي ۾ هَٿڙا، وَيٺِي ڪَرَي وَرَنَ
راءِ اَڳِهِم رَکِيي، مُهاڻي، مَنجهه مَن
تماچِيَ جَي تَنَ، ڳالِيُون چَيُسِ ڳُجِهُيون
(مي معنيٰ مهاڻي يعني نوري، وَرَنَ معنيٰ رنگ روپ، ناز انداز، ادائون، راءِ معنيٰ راجا، بادشاهه، ڄام تماچي، اڳهم معنيٰ اڳهين، اڳئي، اصل کان، ازل کان. رکيي معنيٰ رکي هئي، سانڍيل هئي، سمايل هئي. منجهه مَن معنيٰ دل ۾، من ۾ سيني ۾. تن معنيٰ بدن جسم.....)
هٿن ۾ مڇي هوندي (مهاڻي هوندي) نوريءَ جا ناز انداز ڏسڻ وٽان آهن. ڄام تماچيءَ جي روح ۾ الست واري وعدي کان ئي نوري سمايل هئي. (نوريءَ جو لکيو ڪنهن مهاڻي سان نه پر وقت جي حاڪم ڄام تماچيءَ سان ٿيڻو هيو. جڏهن نوريءَ جو نڪاح ڄام تماچيءَ سان ٿيو ته جُڳن ۽ صدين جا سڪايل سرير هڪ ٻئي ۾ سمائجي ويا....
صابر نالي هڪ شاعر پنهنجي وطن جي هر شيءِ جي واکاڻ ڪندي لکيو آهي ته: دريائن ۾ سنڌو درياءَ، ڪوٽن ۾ رني ڪوٽ، پکين ۾ مور، جانورن ۾ روجهه، جيتن ۾ پدم نانگ، پٿرن ۾ ڪوهه نور هيرو، جبلن ۾ ڪارونجھر، ڍنڍن ۾ ڪينجھر، مڇين ۾ پلو، اناج ۾ سڳداسي چانور، ڪتابن ۾ شاهه جو رسالو، ڪپڙن ۾ اجرڪ، سواريءَ ۾ ڏاند گاڏي، شهرن ۾ ٺٽو، مقامن ۾ مڪلي، ساحل ۾ مُلاچ نگر، گلن ۾ موتيو. مان ته ائين چوندس ته:
سونهن سڄي سنسار جي سوا سنڌ نه هوءِ،
پلا مورکا ڏنڀرا ساڳ سمورا سوءِ
ڪونهي اهڙو لوءِ، جهڙو ”صابر“ سنڌ جو
(صابر)
مڇي پلي تي اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيترائي مثال، اصطلاح ۽ چوڻيون مشهور آهن. سکئي ستابي لاءِ اڪثر چيو ويندو آهي ته هو مڇي مانيءَ وارو آهي. شيخ اياز جو هڪ ٽِسٽو آهي؛
ڪير چوندو ڳوٺ ۾،
آهن لڳا مانيءَ مڇيءَ!
سڀ اُٻهرا پاٽ تي.
اسانجي اديب انجنيئر دوست عبدالوهاب سهتو صاحب هڪ ٻه ٻيا به ڳڻايا آهن.... جيئن ته:
جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا به ويچارا
(دراصل پلي جو پيٽارو ۽ مڇيءَ جو ڪنهڙ مشهور آهن).
• مڇي ته شاڪرين، پکي ته تترين، گوشت ته ٻاڪرين
• ڌيئون ۽ مڇيون، ناهن رکڻ جون شيون.
• چيٽ، لڱن ميٺ، ننڍي وڏي پيٽ
(چيٽ، هندي پهريون مهينو آهي. هن مهيني ۾، هر ننڍي وڏي مڇي، آنيءَ سان هوندي آهي ـــ يعني پيٽ سان هوندي آهي.)
دنيا جي ٻين ٻولين ۾ به مڇيءَ بابت ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا آهن.
جرمن ٻوليءَ ۾ آهي ته: مڇي اها کائجي جيڪا تازي هجي، شادي ان ڇوڪريءَ سان ڪجي جيڪا ننڍي نيٽي هجي.
• ”مڇيءَ کي ڪير ترڻ سيکاري سگهيو آهي“ (آفريڪن پهاڪو).
• فقط مئل مڇي لهوارو ويندي نظر ايندي.
• مهمان ۽ مڇي ٽن ڏينهن بعد زهر لڳن ٿا.
• درياهه جي ڪپر تي بيهي مڇيءَ جي خواهش ڪرڻ کان بهتر آهي ته گهر وڃي ان کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار اُڻجي. (چيني پهاڪو).
آخر ۾ سنڌ جي پلي بابت هڪ ٻي مزيدار ڳالهه لکندو هلان. مون سان گڏ سئيڊن جي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ مان گرئجوئيشن ڪيل يوناني ڪئپٽن 1995ع ۾ جڏهن مون وٽ ڪراچيءَ آيو ته آئون هن کي ڳوٺ هالا به وٺي ويس. هو تاريخ جو شاگرد رهيو آهي ۽ هن جي هند سنڌ جي تاريخ سان ڪافي دلچسپي رهي آهي. کيس خدا آباد، مٽياري، سيوهڻ ۽ ٺٽو به ڏيکاريم. جهازران هجڻ ڪري هو سنڌ جي قديم بندرگاهن ديبل ۽ ڀنڀور کان به ڀلي ڀت واقف هو. آخري ڏينهن ڪراچي موٽندي آئون هن کي سنڌ جي سوغات پلو کارائڻ لاءِ ڄامشوري المنظر تي وٺي آيس. مون کيس پلي بابت ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته هيءَ سامونڊي مڇي Tenualosa Ilisha آهي جيڪا آنا ڏيڻ ۽ ٻچا ڄڻڻ لاءِ جڏهن ڊيلٽا کان هيڏانهن سنڌو نديءَ ڏي ايندي آهي ته نه فقط شڪل ۾ سهڻي ٿي پوندي آهي پر کائڻ ۾ به لذيذ ٿي پوندي آهي..... هن منهنجي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پلو لذيذ ٿئي ٿو پر آئون نه کائيندس مونکي خبر آهي ته ان ۾ بيحد سنها ڪنڊا ٿين ٿا.“
”يار ڪمال ٿو ڪرين؟“ مون حيرت جو اظهار ڪندي چيو“ سنڌ ۾ اچي سنڌ جي سوغات نٿو کائين؟ پلو ۽ انب ته سنڌ جون بهترين سوکڙيون آهن“.
يوناني جهازن جي ڪئپٽن ٽهڪ ڏيندي چيو: ”ڇڏ يار! تنهنجي انهن سوغاتن ته تنهنجي ۽ اسانجي حاڪم کي مارايو.“
”ڇا مطلب؟“
”مطلب اهو ئي ته جنرل ضياالحق انبن جون پيٽيون قبول نه ڪري ها ته ايڏو جلد نه مري ها ۽ اسانجو سڪندر اعظم سنڌ ۽ ملتان اچي پلو نه کائي ها ته باقي رهيل دنيا به فتح ڪري وڃي ها.“
آئون کلندو رهيس. ڪجهه مهينن بعد اسانجو هڪ پاڪستاني ڪلاس ميٽ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جيڪو انهن ڏينهن ۾ يونان جي جهازن تي نوڪري ڪري رهيو هو ان کي مٿين يوناني ڪئپٽن سان گڏ Sail ڪرڻ جو موقعو مليو هو. هڪ ڏينهن ڳالهين ڪندي مون ڪئپٽن مخدوم کي چيو ته توهانجي جهاز وارو فلاڻو يوناني ڪئپٽن پلي لاءِ هيئن ٿو چوي ته ان سڪندر اعظم کي ماريو.
”جيڪڏهن هو ائين ٿو چوي،“ مخدوم چيو، ”ته پڪ صحيح هوندو جو هو وڏو قابل ۽ تاريخ جو ڄاڻو آهي.“
گهڻو گهڻو پوءِ شبير احمد تابش جو جنگ مئگزين ۾ سنڌ بابت هڪ مضمون پڙهيم جنهن ۾ هن آڳاٽن ڪتابن جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”سڪندرِ اعظم سنڌ ۾ اچي پلي کائڻ جو وڏو شوقين ٿي پيو. هو جڏهن شهر بابل پهتو ته نڙيءَ ۾ ڦاٿل پلي جي ڪنڊي سخت انفيڪشن پيدا ڪري وڌو جنهن وگھي هن جو موت ٿيو.“ هونءَ ڪن هنڌن تي اهو به لکيل آهي ته سڪندرِ اعظم جو موت جسم ۾ زهر پکڙڻ ۽ بخار ڪري ٿيو.
بهرحال مٿين ڳالهه صحيح آهي ته ان جو مطلب اهو ئي ٿيو ته پلو اڄ نه پر اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ به ايترو ئي مشهور هيو ۽ ماڻهن پسند ڪيو ٿي.... ڇو ته سڪندر اعظم حضرت عيسيٰ عليه السلام جن جي جنم کان به ٽي سؤ سال اڳ، سنڌ ڏي آيو هو.