ماڳهين پاڻ آدمخور بڻجي ويا
اهڙيءَ طرح ”هرمان ميلويل“ جي ناول ”موبي ڊڪ“ جي ڪهاڻي توڙي ان جا ڪردار ڪئپٽن اهب ۽ چيف ميٽ (ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي نيويگيٽر) اسٽاربَڪ کان اشماعيل (واحد خلاصي جيڪو هن حادثي ۾ بچي ٿو وڃي ۽ حادثي جو احوال ٻڌائي ٿو) ۽ شيدي ڪئبن بئاءِ ڇوڪرو پِپ (Pip) کڻي فرضي هجن پر ان جهڙي واردات ٿي گذري جنهن مان موبي ڊڪ ناول جي ليکڪ هرمان متاثر ٿي موبي ڊڪ ناول لکيو. ان سچي ڪهاڻي جي ڪردارن جو به لڳ ڀڳ ساڳيو حال رهيو. ان ڪهاڻيءَ بابت هرمان پاڻ ئي ڪيترن هنڌن تي لکيو ۽ دوستن کي ٻڌايو ته سندس ناول جي بئڪ گرائونڊ ۾ 1820ع جو واقعو آهي جنهن ۾ Essex نالي وهيلر (وهيل مڇين جي شڪار واري جهاز) تي هڪ ”اسپرم وهيل“ حملو ڪيو ۽ جهاز کي ته ٻوڙي رکيو پر ان جهاز جو ڪئپٽن 29 ورهين جي ڄمار جو جارج پولارڊ (Captain George Pollard) بچي ويو ۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ Nantucket ٻيٽ تي آيو. ”نانٽڪيٽ ٻيٽ“ آمريڪن (USA) رياست ”مسيچوسيٽ“ جو حصو آهي ۽ ڪيپ ڪاڊ (Cape Cod) کان 50 ڪلوميٽر پري آهي. سندس اڄ به آدم شماري ڪا 15000 ماڻهو مس هوندي پر هي ٻيٽ دنيا ۾ وهيل مڇين جي شڪار کان مشهور رهيو آهي. دنيا ۾ جيڪي به وهيل مڇين جا سٺا ۽ تجربيڪار شڪاري آهن انهن مان اڌ کان وڌيڪَ هن ٻيٽ جا رهاڪو آهن. نانٽڪيٽرن لاءِ هرمان به هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
“For Nantucketer sea is his; he owns it, as Emperors own Empires”.
ايتريقدر جو هرمان ميلويل پنهنجي ناول ”موبي ڊڪ“ جا ٻه ڪردار: ڪئپٽن اهب ۽ اسٽار بڪ هن ٻيٽ جا رهاڪو ڏيکاريا آهن..... شايد ان ڪري جو مٿين 1820ع واري واقعي جو ڪئپٽن جارج پولارڊ به نانٽڪيٽ ٻيٽ جو هو. موبي ڊڪ ناول ۾ جيتوڻيڪ هرمان ٻنهي جهازن جي حادثي بعد انهن جي ڪئپٽن اهب کي مئل ڏيکاري ٿو پر اصل واقعي ۾ ڪئپٽن پولارڊ بچي ويو هو. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ يعني نانٽڪيٽ ٻيٽ تي نڀاڳو ماڻهو سمجھيو ويو ٿي. هن جي پهرين جهاز کي وهيل مڇيءَ ٻوڙي رکيو پاڻ بچي ويو ۽ جڏهن ٻيٽ تي موٽي آيو ته کيس هڪ ٻئي سيٺ پنهنجي ”ٽو بردرس“ نالي وهيلر جهاز تي وري ڪئپٽن ڪري رکيو ته وهيل مڇين جو شڪار ڪري اچي. پر ٻن سالن بعد جڏهن زمين دوز ٽڪري (Coral Reef) سان هن جو اهو جهاز به ٽڪرائي ٻڏي ويو ته هن کي هرڪو نڀاڳو تصور ڪرڻ لڳو ۽ ان بعد کيس ڪنهن به جهازن جي مالڪ پنهنجو جهاز هلائڻ لاءِ نه ڏنو. ڪئپٽن پولارڊ ان بعد سڄي زندگي ان ٻيٽ تي رات جو چوڪيداري ڪري Night Watchman) ٿي) گذاري.
هرمان ميلويل جڏهن 1851ع ۾ موبي ڊڪ ڪتاب ڇپرايو ته ان وقت ڪئپٽن پولارڊ جي عمر 60 سال هئي. ڪتاب ڇپجڻ بعد هرمان پهريون دفعو نانٽڪيٽ ٻيٽ تي آيو ۽ ڪئپٽن پولارڊ سان اچي مليو جنهن جي وهيل مڇيءَ سان ٿيل حادثي مان اثر وٺي هن ”موبي ڊڪ“ ناول لکيو هو.
Essex جهاز جي خوفناڪ حادثي بعد ان مان زندهه بچي آيل ڪئپٽن پولارڊ پنهنجي ٻيٽ نانٽڪيٽ تي پهچي ڪجهه ڏينهن بعد رات جي مانيءَ تي موجود ٻين وهيلر جهازن جي ڪئپٽنن کي ساڻس درپيش آيل مصيبتن جو سربستو احوال ٻڌايو هو. هن اها ڳالهه ٻيٽ جي پادريءَ سان به ڪئي ۽ بقول پادريءَ جي ڪئپٽن پولارڊ جو ٻڌايل اهو احوال هڪ Confession (گناهن بابت قبوليت) وانگر ئي هو. بنا ڪنهن شڪ جي اهو بيحد هيبتناڪ قصو هو: هن پنهنجن ملاحن سميت 92 ڏينهن ۽ 92 ننڊن بنا راتيون هڪ سوراخيل ٻيڙيءَ ۾ گذاريون، جنهن جي سوراخن مان سمنڊ جو پاڻي لڳاتار ٻيڙيءَ ۾ پئي آيو ۽ هنن ڌمڻ وارا هٿ جا پمپ هلائي ان پاڻيءَ کي ٻاهر پئي ڪڍيو ۽ ان ٻيڙيءَ ۾ کاڌو به کٽي ويو هو. ڏينهن جو سج جي سخت تپش ۾ ملاح پاڳل ٿي ٿيا ۽ نيٺ بک ۾ پاهه ٿي آدمخوريءَ تي لهي پيا ۽ هڪ مئل ملاح کي ته وڍي ڪٽي کاڌو ويو پر ٻن نوجوان ڇوڪرن کي به ڪهي کاڌو ويو. جن ۾ هڪ ته پولارڊ جو سوٽ هو جنهن جي ماءُ لنگر کڻڻ مهل پولارڊ کي ڏاڍيون پارتون ڪيون هيون ته هو ننڍي عمر جو آهي ۽ پهريون دفعو سمنڊ تي وڃي رهيو آهي هن جو خيال ڪجانءِ. پر پولارڊ مڇريل ۽ بکايل ملاحن اڳيان بيوس ٿي پيو.
پادريءَ چيو ته اهي ڳالهيون ٻڌائيندي پولارڊ چپ ٿي ويو. ”پادري صاحب! آئون توهانکي وڌيڪَ ٻڌائي نٿو سگهان..... منهنجو مٿو ٿو گھوماٽجي“، پولارڊ چيو، ”مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آئون ڇا پيو بڪان“.
”موبي ڊڪ“ ناول جي ليکڪ ”هرمان ميلويل“ مطابق ڪئپٽن پولارڊ جيئن ئي پنهنجو ”اسيڪس“ جهاز هوم پورٽ (نانٽڪيٽ ٻيٽ) مان 14 آگسٽ تي وهيل مڇين جي شڪار لاءِ ڪڍيو ته پورن ٻن ڏينهن بعد کيس مسئلو پيش آيو. هو وهيل مڇين کي ماري ان مان تيل، چرٻي ۽ گوشت ڪڍڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ پنهنجو ٻيٽ اڍائي سالن لاءِ ڇڏڻ جو پروگرام ٺاهي نڪتا هئا ته ٻئي ڏينهن سندن 87 فٽ ڊگهو جهاز سخت طوفان ۾ اچي ويو جنهن ۾ سندن وڏو سڙهه (Topgallant Sail) تباهه ٿي ويو ۽ جهاز ذري گهٽ ٻڏڻ تي هو. پر ڪئپٽن پولارڊ پٺتي موٽڻ بدران باقي سڙهن ذريعي پنڌ کي اڳيان ڇڪيو ۽ پورن پنجن هفتن بعد هو ”ڪيپ هارن“ کان اچي نڪتا. پڙهندڙن لاءِ هتي لکندو هلان ته هو سمجھو ته نيويارڪ، بالٽيمور يا مياميءَ کان نڪري ڏکڻ ڏي وڃي رهيا هئا. يعني USA لتاڙي ان بعد وچ آمريڪا جي ملڪن گئاٽمالا، ميڪسيڪو، نڪراگئا ۽ پاناما وغيره وٽان لنگهي ڏکڻ آمريڪا وٽان ٿيندا بلڪل هيٺ ارجنٽائين ۽ چلي ملڪن جي ڏاکڻي پوڇڙ تي اچي پهتا هئا جيڪو سمنڊـ وارو علائقو ”ڪيپ هارن“ سڏجي ٿو. جيئن آفريڪا کنڊ جي ڏاکڻي پوڇڙ وارو سمنڊ ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ سڏجي ٿو. ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ وانگر ”ڪيپ آف هارن“ سمنڊ ۾ به ڪافي سامونڊي ڪُنون ۽ وڏيون ويرون رهن ٿيون جو هتي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ ملن ٿا. طوفاني موسم ۽ پاڻيءَ ۾ جوش ڏسي ڪئپٽن پولارڊ جي جهاز Essex تي موجود ويهن ئي ملاحن (خلاصين) ڏکڻ آمريڪا جي هن ڇيڙي واري سمنڊ ۾ وهيل مڇين جي موجودگي نه برابر سمجھي ڪئپٽن پولارڊ کي ساڄي پاسي اولهه جو رخ ڪرڻ لاءِ چيو جيئن ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ ۾ جتي پري پري تائين ڌرتيءَ جو نالو نشان نه آهي اتي وهيل مڇين جا انبار ٿي سگهن ٿا. (ڏکڻ آمريڪا جي هيٺين ڇيڙي يعني ”ڪيپ هارن“ کان اولهه ڏي پيو وڃجي ته اڳيان وڃي آسٽريليا کنڊ کان نڪرجي ٿو. وچ ۾ ننڍا ننڍا انيڪ ٻيٽ نظر اچن ٿا. ڪي ته فجي، سموئا، ٽونگا، ونوتئو، تووالو، پٽڪرين ۽ سولومن ٻيٽن جهڙا مشهور ۽ آباد ٻيٽ آهن ته ڪي تمام ننڍا ۽ ويران به.
جهاز تي کاڌي جي بندوبست لاءِ هنن چارلس ٻيٽ تي لنگر ڪيرايو جتي کين ٻيو ڪجهه ته نه مليو پر جهاز جي خلاصين اتي هلندڙ پنجاهه پنجاهه ڪلو وزن جون 60 کن ڪميون جھليون. واپسيءَ تي مستي ۾ اچي ڪجهه خلاصين کڻي ٻيٽ تي باهه دکائي. گرم ۽ خشڪ موسم هجڻ ڪري باهه چوڌاري وڪوڙي وئي. ايتريقدر جو ايسيڪس جهاز جي باقي خلاصين باهه جي اُلن مان لنگهي پنهنجي جان بچائي ۽ اچي جهاز ڀيڙا ٿيا ۽ جهاز لنگر کنيو. هنن کي ٻئي ڏينهن به پري کان ان ٻيٽ مٿان دونهين جا ڪڪر ٺهندا نظر آيا. ڪئپٽن پولارڊ ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ قسم کڻندو رهيو ته اهو باهه ڏيڻ وارو غلط ڪم جنهن به ڪيو آهي ان کي هو ڏسي رهندو. ڳالهه ٿا ڪن ته ان واقعي کان ڪيترا سال پوءِ به ان ٻيٽ تي وڻ ٽڻ ڪوئلو بڻيل هئا ۽ چون ٿا ته هن باهه جي ڪري هن ٻيٽ جون فلورينا نالي ڪميون ۽ ماڪنگ پکي سڀ ختم ٿي ويا.
20 نومبر 1820ع ڌاري هي ڏکڻ آمريڪا کان هزارين ميل پري پئسفڪ سمنڊ جي اهڙي حصي ۾ اچي رسيا جتي هنن کي پڪ هئي ته ههڙن هنڌن تي وهيل مڇيون جام نظر اچن ٿيون. ڪئپٽن پولارڊ جهاز جو لنگر ڪيرائي 23 سالن جي فرسٽ ميٽ (يعني ڪئپٽن کان پوءِ ٽئي نمبر تي نيويگيٽر) ”اوون چيس“ کي جهاز تي ڇڏيو ۽ پاڻ جهاز تان هڪ ٻيڙي سمنڊ تي لهرائي ڪجهه ملاحن سان گڏ وهيل جي شڪار لاءِ نڪتو. هن فرسٽ ميٽ کي چيو ته تيسين هو ڪجهه ماڻهن سان گڏ جهاز جي مرمت ۽ ٺاهه جوڙ کي لڳي. ضرورت پئي ته ڀالن ۽ ڀڙڇين سان ڪجهه ٻيا ملاح ٻي ٻيڙيءَ ۾ مدد لاءِ اچجو.
ياد رهي ته هر وڏي جهاز تي ماڻهن مطابق ٻه يا ٽي چار ننڍيون ٻيڙيون به ٿين ٿيون جيڪي لائيف بوٽ سڏجن ٿيون. جهاز جي ٻڏڻ يا باهه ۾ سڙڻ وقت جان بچائڻ لاءِ هنن ٻيڙين ذريعي جهاز کي ڇڏي جان بچائڻي پوي ٿي. وهيل جي شڪار وارن هنن جهازن جي ٻيڙين ۾ وهيل کي مارڻ لاءِ ڀالا، نيزا، تير ڪمان به ٿين ٿا. هونءَ به وهيل يا ٻيون مڇيون ڀلي ڪيڏيون به وڏيون هجن وڏي جهاز کان پري ڀڄن ٿيون ننڍين ٻيڙين تي حملي ڪرڻ لاءِ انهن ڏي وڌن ٿيون ۽ ننڍين ٻيڙين ۾ سوار ملاح موقعو ۽ مهل ڏسي وهيل مڇين تي تيرن جو وسڪارو ڪن ٿا ۽ ڀالن سان هن کي زخمي ڪري پوءِ رسي ذريعي ڇڪي وڏي جهاز ڏي اچن ٿا جتي هن کي ڪرين ذريعي جهاز جي ڊيڪ تي آندو وڃي ٿو.
بهرحال جيئن ئي ڪئپٽن پولارڊ ڪجهه خلاصي ساڻ ڪري ننڍي ٻيڙيءَ ۾ روانو ٿيو ته پٺيان هڪ وڏي وهيل مڇي بقول فرسٽ ميٽ اوون چيس (Oven Chase) جي 85 فٽ کن ڊگهي (يعني سندن جهاز جي ڊيگهه جيڏي) سامهون نظر آئي. ”پهرين ته اها پري کان چپ چاپ ليٽي رهي. سندس منهن اسان ڏي هو. پوءِ ڪجهه گهڙين کانپوءِ نڪ (Blow Hole) مان ٽي دفعا وڏي ڦوهاري جي شڪل ۾ ساهه ڪڍيو ۽ پوءِ هن بلا سڌو اسان جي جهاز ڏي لُوهه پاتي..... گهٽ ۾ گهٽ ٽن ناٽن (3 Knots معنيٰ ٽي ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ. سمنڊ جو ناٽيڪل ميل زمين جي ميل کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو) جي رفتار سان اسان جي جهاز کي اچي ٿونو هنيو. جهاز اهڙو ته لڏي ويو جو اسان سڀ ذري گهٽ اڇلجي سمنڊ ۾ ڪرياسين ٿي. پر اسان يڪدم پاڻُ سنڀالي ورتو.“
فرسٽ ميٽ ”اوون چَيس“ وڌيڪَ ٻڌايو ته وهيل سندن جهاز کي ٽڪر هڻي هيٺان نڪري وئي. ”آئون هن جون ڄاڙون چٽي طرح ڏسي رهيو هوس ته هوءَ ڪاوڙ مان ڏند پيهي رهي هئي.“ چَيس ٻُڌايو، ”ان بعد اها وهيل غائب ٿي وئي، سندس ٽڪر ڪري جهاز ۾ هِتان هُتان سوراخ ٿي پيا ۽ خلاصي اهي بند ڪرڻ لاءِ ڪٿي ڪاٺ جا تختا ٺوڪڻ لڳا ته ڪٿي چپڙيون هڻڻ لڳا. هڪ ٻه همراهه هٿ جو پمپ ڌمي سمنڊ جي پاڻيءَ کي ٻيڙيءَ مان ڪڍڻ لڳا جو جهاز ۾ پاڻيءَ جي ليول وڌڻ ڪري ان جي ٻڏڻ جو خطرو هو. بهرحال جهاز جا خلاصي ڪم ۾ رڌل هئا ته اتي هڪ رڙ ڪري چيو ته هو ڏسو! وهيل مڇي وري اسان ڏي پئي اچي. ”مون ڏٺو ته ساڳي وهيل پر پهرين کان ٻيڻي رفتار تي اسان ڏي ڌوڪي رهي هئي. هن ڀيري هن جهاز جي Bow (اڳئين حصي) تي اهڙو ته زور سان ٽڪر هنيو جو ان حصي جا تختا ئي اڏامي ويا. وهيل ته هڪ دفعو وري غائب ٿي وئي پر سمنڊ جو پاڻي اسان جي جهاز ۾ تکو تکو داخل ٿيڻ لڳو. ايتريقدر جو خلاصي پمپ سان پاڻي ڪڍڻ ۾ ناڪام ٿي، جان بچائڻ لاءِ ٻيڙيون هيٺ لاهڻ لڳا جيئن جهاز جي ٻڏڻ کان اڳ ٻيڙين ذريعي جان بچائي وڃي. جهاز جي هيٺ وڃڻ کان اڳ اسان جلدي جلدي جهاز مان نيويگيشن (سمنڊ تي رستو ڳولڻ) جا اوزار، ڊبل روٽيون، پاڻي ۽ ٻيو کاڌي جو سامان ڪڍي اڃان ٻيڙين ۾ مس رکيو ته اسان جو جهاز اسان جي اکين اڳيان اونڌو ٿي ويو.“
ڪئپٽن پولارڊ جيڪو ڪجهه خلاصين سان هڪ ٻيڙيءَ ۾ وهيل جي شڪار لاءِ تمام گهڻو گهڻو پري نڪري ويو هو اهو به اتان کان پنهنجي جهاز جي ابتڙ حالت ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ يڪدم جهاز ڏي وڌيو. هن پري کان ڏٺو ته جهاز اونڌو ٿي ٻڏي ويو ۽ ان تي موجود خلاصين باقي بچيل ٻن ٻيڙين کي لاهي پنهنجي جان بچائي ورتي. جهاز وٽ پهچي هن فرسٽ ميٽ ”چَيس“ کان پڇيو ته سندس جهاز سان هيءَ ويڌن ڪنهن ڪئي؟ ”چَيس“ هن کي مٿيون سڄو احوال سربستو ٻڌايو. ڪئپٽن پولارڊ مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو ته هاڻ ڇا ڪجي! وهيل مڇيءَ ساڻن تعدي به تعدين جهڙي ڪئي هئي.
خلاصين جي دل نٿي چاهيو ته ڪو Essex جهاز کي ڇڏجي پر ٻڏندڙ جهاز هاڻ سندن ڪهڙي ڪم اچي سگهيو ٿي. پولارڊ وٽ ٽي ٻيڙيون ۽ ويهه خلاصي هئا. جهاز ته وڏو هو جنهن ۾ ڪمرا به هئا ۽ کاڌي پيتي جو سامان ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي به جام هو. ٻيڙين ۾ هو کلئي آسمان هيٺان هئا. مينهن توڙي اونهاري جي اس جي تپش کان ڪو بچاءُ نه هو. ياد رهي ته اهي نومبر، ڊسمبر جا مهينا هئا جن ۾ دنيا جي اتر اڌ گول ۾ (يعني اسان وٽ) سيارو ٿو ٿئي ته ڏکڻ اڌ گول ۾ (جتي پولارڊ وارا هئا) گرمين جا ڏينهن هئا. ڪئپٽن پولارڊ هڪ ٻن جھونن خلاصين سان حساب ڪتاب لڳايو ته جتي هنن جون ٻيڙيون هيون اتان کان ٻن ٽن ڏينهن جي پنڌ تي مارقئاساس ۽ سوسائٽي ٻيٽ ويجھي کان ويجھا آهن. پولارڊ انهن ٻيٽن ڏي هلڻ ۾ عافيت سمجھي، پر منهنجي خيال ۾ ناٽيڪل تاريخ ۾ اهو خراب ترين فيصلو هو جيڪو ”اوون چَيس“ ۽ ٻين خلاصين ڪيو ۽ ڪئپٽن پولارڊ کي به مڃرايو ته ”انهن ويجھن ٻيٽن تي هلڻ بدران پاڻ کي ڏکڻ جو رخ ڪرڻ کپي. هنن ڪنهن کان ٻڌو هو ته انهن ٻيٽن جا رهاڪو آدم خور آهن ۽ ڌارين ماڻهن کي رڌي يا ڪچو ئي کايو وڃن. ان ڪري جي زندگي بچائڻي آهي ته انهن ٻيٽن ڏي هلڻ بدران اڳتي ڏکڻ ڏي وڃجي ۽ رستي تي اسان کي Trade Winds جو فائدو ملي سگهي ٿو يا ڪو وهيلر جهاز اسان کي ڏسي اسان جي مدد ڪري“. (ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ اڃان آگبوٽ يعني ٻاڦ تي هلندڙ جهاز ايجاد نه ٿيا هئا. وڏا وڏا ٻيڙا به سڙهن تي هليا ٿي ۽ هوائن جي رخ مطابق اڳتي وڌيا ٿي. جيئن اسان واري پاسي عربي سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾ سياري ۾ اتر جون هوائون لڳيون ٿي ۽ اونهاري ۾ ڏکڻ کان چؤماسي جون تيئن ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ هڪ قسم جي لڳندڙ هوائن کي ”ٽريڊ ونڊس“ سڏجي ٿو). مٿين جهاز Essex جي ٽرئجڊيءَ بابت هڪ ٻئي ليکڪ ”نٿانيل فلبرڪ“ In the Heart of Sea نالي ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته مٿين ٻن ٻيٽن بابت آدمخور ماڻهن هجڻ جا افواهه ضرور هئا پر اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي ۽ مسافر، ملاح، واپاري هنن ٻيٽن تي آيا ويا پئي ۽ ڪنهن سان به ڪا اهڙي واردات نه ٿي هئي.
بهرحال هو 20 فٽ ڊگهين ٽن ٻيڙين ۾ اڳتي وڌڻ لڳا. ٻيڙي ۽ جهاز جي سفر ۾ وڏو فرق آهي. ٻيڙي ننڍي هجڻ ڪري سمنڊ تي وڌيڪ ڪڏي ٿي ان ڪري منجھس سوار ماڻهن کي سخت تڪليف ٿئي ٿي. سمنڊ جي ڇولين جو پاڻي ٻيڙيءَ ۾ اچي هنن جي ڊبل روٽي ۽ ٻي راشن کي به خراب ڪري وڌو ۽ اهو ايڏو کارو ٿي پيو جو کائڻ لائق نه رهيو. ڏينهن جو سخت تپش ۽ پيڻ واري پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪري سڀني سان ڊي هائڊريشن جو مسئلو ٿي پيو. ڪئپٽن پولارڊ واري ٻيڙي تي رکي رکي ڪِلر وهيل حملو ڪندي رهي. مطلب ته سڀني کي نه ڏينهن جو فرحت نه رات جو سڪون .... ننڊون ئي حرام ٿي وين. ٻن هفتن جي سفر بعد هنن کي هڪ ٻيٽ نظر آيو ـــ هينڊرسن ٻيٽ! ڏاڍو خوش ٿيا ته ڪجهه کاڌي پيتي ۽ پاڻيءَ جو بندوبست ٿي ويندو پر ان تي لهي جانچ ڪيائون ته اهو ويران ئي ويران هو...... رڳو واريءَ جون ڊٻون هيون..... نه پکي نه پکڻ نه وڻ ٽڻ نه ڍنڍ ڍورو. هفتو کن ان ٻيٽ تي گذاري هنن وري ٻيڙين ڏي رخ ڪيو. ان هوندي به ٽن چئن ماڻهن ٻيٽ تي ئي ترسي پوڻ ۾ عافيت سمجھي ـــ شايد اهو سوچي ته من ڪو جهاز اچي لانگھائو ٿئي ۽ هنن جي مدد ڪري. ساڳئي وقت ٻيڙين تي موٽڻ وارن به شڪر ڪيو ته ڪجهه ماڻهو ته گهٽيا جو ٻيڙيءَ ۾ راشن وارو کاڌو ڪو ٿورو وڃي بچيو هو.
هنن ٻيڙيون ڌڪي سمنڊ ۾ لاٿيون ۽ هڪ دفعو وري سفر شروع ڪيو. بهرحال قصو مختصر هن ريت ته اڳتي طوفان لڳڻ تي هي ٽئي ٻيڙيون هڪ ٻئي کان وڇڙي ويون. پاڻ رڳو ان ٻيڙيءَ جي ڳالهه ڪنداسين جنهن ۾ ڪئپٽن پولارڊ هو جيڪو بچي گهر موٽيو ۽ پنهنجو قصو ٻڌايو. باقي ٻن ٻيڙين جو ڇا ٿيو.... ٻڏي ويون..... يا هلنديون رهيون ۽ منجھن سوار ماڻهو بک ۾ پاهه ٿي مري ويا...... ڪا خبر نٿي پوي جو انهن مان ڪو هڪ به موٽي ماڳ تي نه پهتو.
پولارڊ واري ٻيڙيءَ ۾ به هفتي ٻن کان پوءِ حالت سخت خراب ٿي وئي. کاڌي پيتي لاءِ ڪجهه نه بچيو. اوجاڳن ۽ بکن سڀني کي جسماني توڙي ذهني طرح سخت ڪمزور ڪري ڇڏيو. مختصر طور هن ريت ته هنن ۾ هڪ خلاصي پاڳل ٿي پيو ۽ ٻين کي مارڻ لڳو. سڀني گڏجي هن کي ٻڌو پر هن کي سڄي رات دورا پوندا رهيا. صبح جو هن کي ڏٺائون ته مري ويو هو. بک انسان کي ڪيئن جھنگلي جانور بڻائي ٿي، ان بابت ڪئپٽن پولارڊ ٻڌايو ته ”اسان سڀ مرڻ جي ڪنڌيءَ تي هئاسين جو ڪيترن ڏينهن کان کائڻ لاءِ نه مليو هو. هن خلاصيءَ جي مرڻ تي سڀني هن جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري فلئٽ پٿر تي سيڪي کاڌو. اهڙي طرح ايندڙ ٻن هفتن ۾ ڪُڻن ذريعي ٻن وڌيڪ خلاصين کي ڪٺو ويو ۽ انهن جو گوشت کاڌو ويو...... وغيره وغيره.
هي اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا پراڻي زماني جي سامونڊي سفرن ۾ عام هئي. بيان ڪندي به دل نٿي چوي ته انسان حيوانيت ۽ وحشي پڻي جي ڪهڙي ته کاهيءَ ۾ ڪريو پوي. هنن کي آخرڪار هڪ انگريزن جو جهاز ”انڊين“ نالي ملي ويو جنهن هنن مان بچيلن کي ٻيڙيءَ مان ڪڍي پنهنجي جهاز ۾ سوار ڪيو ۽ آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ لاٿو. جتان پوءِ ڪئپٽن پولارڊ ٻئي جهاز ذريعي آمريڪا پنهنجي ڳوٺ (نانٽڪيٽ ٻيٽ) تي پهچي ويو. اهو سال 1821ع هو. ان وقت ”موبي ڊڪ“ ناول جو ليکڪ هارمن فقط ٻن سالن جو هو ۽ ڪئپٽن پولارڊ ٽيهه ايڪٽيهه سالن جو. هن قصي جون خبرون ۽ ڳالهيون ان وقت ۽ بعد ۾ به اخبارن رسالن ۾ اينديون رهيون. هارمن ميلويل وڏو ٿي اهي ڪئپٽن پولارڊ جي سفر جون ڪهاڻيون پڙهيون ۽ 32 ورهين جي ڄمار ۾ 1851ع ۾ هن ”موبي ڊڪ“ ناول لکيو. (جنهن بعد هو ڪئپٽن پولارڊ سان ملڻ آيو هو).
Essex جهاز جا خلاصي جن ٻيٽن تي آدمخورن جي موجودگي سمجھي نه ويا ڪاش ڪئپٽن پولارڊ جو چيو مڃي وڃن ها ته هنن جي جان بچي پوي ها جو اتي آدم خور ماڻهو ته نه هئا پر سلجھيل هئا ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ به انهن ٻيٽن تي جام هو پر غلط فيصلي ڪري هو اهڙن ٻيٽن ۽ اوڙاه ۾ ڀٽڪندا رهيا جو ماڳهين پاڻ آدمخور بڻجي ويا......