ڪارو، ڳاڙهو ۽ اڇو سمنڊ
نقشي ۾ ڏسندائو ته ميڊيٽرينين سمنڊ جي بلڪل اوڀر ۾ دنيا جو هڪ ٻيو اهم سمنڊ ”بحر اسود“ (بلئڪ سي) آهي جيڪو ته بنهه بند بند لڳي ٿو. پر ائين ناهي. ترڪيءَ جي بندرگاهه استنبول وٽ هڪ تمام سنهي سامونڊي نالي ٺهيل آهي جتان جهاز ”بلئڪ سِي“ (Black Sea) ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. سمنڊ جي اها سنهي پٽي ”باسفورس“ سڏجي ٿي جنهن تي ترڪيءَ جو هٿ آهي. روس هونءَ کڻي طاقتور ملڪ آهي ۽ جڏهن USSR هو تڏهن ته اڃان به وڌيڪَ پهلوان مڙس هو پر هن سامونڊي راهداري باسفورس ڪري هن جي هر جهاز کي اچڻ وڃڻ وقت ترڪيءَ کان موڪل وٺڻي پوي ٿي.
روس جا جيڪي اتراهان بندرگاهه آهن اهي سال جو ڪو مهينو ٻه مس کليل رهن ٿا باقي سڄو سال برف سان ڄميل آهن. ان ڪري سندن ڪم جو فقط ”اوڊيسا“ بندرگاهه آهي جيڪو Black Sea ۾ آهي. افسوس جي اها ڳالهه ته اوڊيسا بندرگاهه واري سمنڊ ۾ به سياري ۾ برف جون ڇپون ٺهيو وڃن جنهن بابت آئون پنهنجي پهرين سفرنامي ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ ۾ لکي چڪو آهيان ته اوڊيسا ۾ رات جي وقت ٺار ٿيڻ ڪري صبح جو جهاز برف جي ٿلهي تهه ۾ ڦاٿل رهيو ٿي. بهرحال روس کي جهاز ته کڻي هڪ کان هڪ ماڊرن ۽ انيڪ آهن پر سمنڊ ۽ بندرگاهه جي معاملي ۾ هن جو ڀاڳ سٺو ناهي. اهو ئي سبب آهي جو هن کي ڇتائي کڻي ٿي ۽ اسان واري عربي سمنڊ جي ڪجهه حصي کي حاصل ڪرڻ لاءِ رومانيا ۽ پولنڊ وانگر افغانستان تي قبضو ڪري بلوچستان حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسي ٿو جيئن گوادر يا ايراني بندرگاهه چهابهار کي پنهنجو ڪري سگهي جتي هن جا جهاز ٻارهوئي ايندا رهن ۽ ائين ايندي ويندي ڪنهن کان موڪل نه وٺڻي پوي جيڪا هينئر هن کي ترڪيءَ کان وٺڻي پوي ٿي.
هي بحر اسود (Black Sea) جيتوڻيڪ ميڊيٽرينين سمنڊ کان ننڍو آهي پر تڏهن به سندس پکيڙ چار لک چورس ڪلوميٽرن کان مٿي آهي ۽ اسانجي وڏي ۾ وڏي صوبي بلوچستان (جنهن جي پکيڙ ساڍا ٽي لک کن چورس ڪلوميٽر آهي) کان به وڏو ٿيو. هن سمنڊ جي ڪناري تي روس، بلغاريا، رومانيا، جارجيا، يوڪرين ۽ ترڪي جي سر زمين لڳي ٿي. منهنجي شروع وارن سامونڊي سفرن ۾، خاص ڪري يوگوسلاويا جي ٺهيل نئين جهاز ”سندر بنس“ تي نوڪري دوران هن سمنڊ جي روسي بندرگاهه ”اوڊيسا“، رومانيا جي بندرگاهه ”ڪانستنزا“ ۽ بلغاريا جي بندرگاهه ”ورنا“ ۾ تمام گهڻو وڃڻ ٿيو. اسان انهن بندرگاهن مان بيروت، دبئي، دوحا ۽ ڪراچي جي بندرگاهن لاءِ مختلف سامان آڻيندا هئاسين.
بحر اسود (ڪارو سمنڊ) جيتوڻيڪ ننڍو ۽ چوڌاري زمين هجڻ ڪري بند بند لڳي ٿو جنهن حساب سان هن سمنڊ ۾ نه وڏيون ويرون ۽ ڪُن هجڻ کپن نه خوفناڪ طوفان پر اها ڳالهه ناهي. هن سمنڊ جي سختين جي جھونا جهازي به سڌيون ٻڌائين ٿا. ان جو تجربو هڪ دفعو اسان کي به ٿيو جڏهن اسانجي جهاز ڪانستنزا (رومانيا جي بندرگاهه) کان ورنا (بلغاريا جي بندرگاهه) ڏي سفر ڪيو. چئن ڪلاڪن جي هن رات جي سفر اسان جهاز هلائڻ وارن کي ته هيڻو ڪري ڇڏيو پر 6 مهينا اڳ جي ورتل نئين جهاز جي به صورت ۽ رنگ روپ اهڙو ڪري ڇڏيو جو مونکي پهريون دفعو احساس ٿيو ته انهن سامونڊي ڇولين جو ڪيڏو سخت هائڊرالڪ پريشر ٿئي ٿو جنهن ۾ جهاز جو رنگ روغن ته لهي ويو پر اڳئين حصي تي اهڙا گِهٻ (Dent) پئجي ويا جيئن ڪنهن موٽر ڪار جي ٻاهرين باڊيءَ کي بانٺن سان سَٽي رکيو هجي. سو ڪو به جهازران اهو نه سمجھي ته هن سمنڊ ۾ رڳو Smooth Sailing آهي. هتي ٻارهوئي سخت سردي، ڪُنون (Under Currents)، طوفان ۽ تيز هوائون ۽ ڌنڌ رهي ٿو. جيڪو حال ميڊيٽرينين سمنڊ جو به آهي. پر بحر اسود ۾ سامهون جو ڏيک Visibility سراسري 5 ميٽر مس رهي ٿي جيڪا ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ 35 ميٽرن جي لڳ ڀڳ آهي. شايد انهن ڳالهين ڪري بحر اسود کي وڏي عرصي تائين بي رحم، بي ترس ۽ بي فيض (Inhospitable) سمنڊ سڏيو ويو ٿي.
بحر اسود جي بندرگاهن ۾ هجڻ دوران مڪاني ماڻهن کان آئون اڪثر اهو پڇندو هوس ته هن سمنڊ کي ان نالي سان ڇو ٿو سڏيو وڃي ۽ نه فقط انگريزي ۽ عربي زبانن ۾ پر ترڪي جي زبان ۾ به هن سمنڊ کي ڪارا دينز (ڪارو سمنڊ) ۽ رومانيا جي ٻوليءَ ۾ به ماريا نياگرا (سمنڊ ڪارو) سڏيو وڃي ٿو.
ڪن جو چوڻ آهي ته هن سمنڊ تي ٻارهوئي گھاٽو ڌنڌ ۽ اوندهه انڌوڪار هجڻ ڪري هن سمنڊ جو نالو ”ڪارو“ پيو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته اونهي هجڻ ڪري هن سمنڊ جو اهو نالو آهي. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته بحر اسود تمام اونهو سمنڊ آهي. ڪن هنڌن تي ته اهو ٻه هزار ميٽرن کان به اونهو آهي يعني سمنڊ ۾ جي ٽٻي هڻجي ته ٻن ڪلوميٽرن کان پوءِ سمنڊ جو ترو نظر اچي. هن سمنڊ تي اهو نالو پوڻ پٺيان اها به حقيقت آهي ته آڳاٽي زماني ۾ چئني طرفن لاءِ مختلف رنگ مقرر ٿيل هئا. اتر لاءِ ڪارو ڏکڻ لاءِ ڳاڙهو ۽ اوڀر لاءِ هئڊو وغيره. هيروڊوٽس هڪ هنڌ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) کي ڏکڻ سمنڊ به سڏيو آهي. ترڪن جي تهذيب ۽ حڪومت جو به ايشيا ۽ يورپ جي ڳپل حصي ۾ واسطو رهيو آهي. هنن وٽ به طرفن لاءِ رنگ مقرر آهن جيئن ترڪي جو لفظ “Kara” (ڪارو) اتر لاءِ آهي ۽ AK (سفيد) ڏکڻ لاءِ آهي. بحر اسود اتر ۾ هجڻ ڪري ان تي اهو نالو پيو ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ (بحر روم) ڏکڻ ۾ هجڻ ڪري نه رڳو ترڪ دنيا ۾ اڇو سمنڊ سڏيو وڃي ٿو پر عرب به ميڊيٽرينين سمنڊ کي ”بحر ابيض متوسط“ سڏين ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته جتي بحر اسود سمنڊ طبيعت ۾ ڏنگو آهي اتي سندس ڪنارو بيحد خوبصورت آهي ۽ رومانيا، بلغاريا، جارجيا جي ڪنارن تي بيحد خوبصورت هوٽلون (Resort) ٺهيل آهن جن ۾ يورپ جا امير ماڻهو عياشيءَ لاءِ اچن ٿا.
”بحر اسود“ سمنڊ جي اتر ۾ هن کان به هڪ ننڍو سمنڊ آهي جيڪو Sea of Azov انگريزيءَ ۾ ۽ ”ازووسڪي موري“ روسي زبانن ۾ سڏجي ٿو. هي سمنڊ هڪ طرف بحر اسود سان ملي ٿو ته ٻئي طرف کان Don ندي هن ۾ ڇوڙ ڪري سمنڊ جي ليول برقرار رکي ٿي. تمام ننڍڙو سمنڊ آهي پر ننڍو هجڻ جي باوجود ڊيگهه ۾ ڪراچيءَ کان خيرپور تائين ٿيندو. تانگهو هجڻ ڪري منجھس فقط ٻيڙيون هلي سگهن ٿيون. بلڪه هن سمنڊ لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ تانگھي ۾ تانگھو سمنڊ آهي جنهن جي سراسري اونهائي 13 ميٽر آهي. تانگهو ۽ گهٽ کارو هجڻ ڪري سال جو وڏو عرصو ڄميل (Freeze) رهي ٿو. ڪن ڪن هنڌن تي جتي ڊان ندي ڇوڙ ڪري ٿي، هن سمنڊ جو پاڻي چڱو مِٺو ۽ پيئڻ جوڳو آهي.
سو دنيا جا مڙيئي سمنڊ، (سواءِ ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا) هڪ ٻئي سان سوڙهن ڳچي سمنڊن ذريعي مليا پيا آهن جن جو پاڻي هڪ ٻئي ڏي ايندو ويندو رهي ٿو ۽ ساڳي وقت پاڻيءَ جا جهاز به هڪ سمنڊ مان نڪري ٻئي ۾ پهچيو وڃن. ڪن هنڌن تي ته ڪنهن هڪ وڏي سمنڊ کي ٻئي وڏي سمنڊ سان ملائڻ لاءِ هٿرادو ڪئنال کوٽايل آهن. جيئن ميڊيٽرينين هڪ طرف بحر اسود سان ته ٻئي طرف ائٽلانٽڪ سمنڊ سان استنبول ۽ جبرالٽر وٽ مليو پيو آهي پر هن کي ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) سان ملائڻ لاءِ مصر ۾ سئيز ڪئنال کوٽيو ويو آهي. مصر جو پورٽ سعيد بندرگاهه ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ آهي ۽ پورٽ توفيق بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ آهي. ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو مختصر فاصلو آهي ان ۾ به ٽي کن ڍنڍون آهن: Lake Timsah، گريٽ بِٽر ڍنڍ ۽ لِٽل بٽر ڍنڍ. سو ان حصي جي کوٽائي ڪري سئيز ڪئنال ٺاهيو ويو آهي جيئن جهاز جدي، پورٽ سوڍان، عدن ۽ مساوا پهچڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻ بدران هن سئيز ڪئنال مان ئي لنگهي وڃن. اهڙي طرح ”پاناما ڪئنال“ نالي هٿرادو کوٽايل ڪئنال پاناما ملڪ ۾ آهي جيڪو ڪئنال ائٽلانٽڪ سمنڊ کي پئسفڪ سمنڊ سان ملائي ٿو. هن ڪئنال ذريعي جهاز هڪ سمنڊ کان ٻئي سمنڊ ۾ پهچيو وڃن پر سندن پاڻيءَ جو فري فلو يعني آزاد وهڪرو ناهي جو ٻنهي سمنڊن جي ليول (سطح) ۾ وڏو فرق آهي. جهاز کي اڪارڻ لاءِ ڪئنال کي ڪجهه حصن ۾ ورهايو ويو آهي جن کي لاڪَ سڏجي ٿو. جهاز کي هر لاڪ ۾ آڻي پوءِ ان ۾ وڌيڪَ پاڻي ڀري پاڻي جي ليول کي وڌايو وڃي ٿو. مقرر ليول تي پهچڻ بعد جهاز کي اڳتي وڌڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. اڳتي هلي هن کي وري ٻئي لاڪ ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. جتي اڃان به ليول وڌائي وڃي ٿي. ائين ڪندي آخر ۾ جهاز ڪئنال جي ان ليول تي اچي ٿو جنهن تي ان سمنڊ جي ليول آهي ۽ واپسي تي مختلف لاڪن ۾ پاڻي جي ليول گهٽائي گهٽائي جهاز کي هيٺ آندو وڃي ٿو. اهو ساڳيو طريقو جرمني جي ڪِيل (Kiel) ڪئنال مان لنگهندڙ جهازن سان اختيار ڪيو وڃي ٿو جيڪو ڪئنال ”نارٿ سِي“ کي ”بالٽڪ سمنڊ“ سان ملائي ٿو.
ائين به نه آهي ته هر سمنڊ ٻئي سان مليو پيو آهي. دنيا ۾ ڪجهه اهڙا سمنڊ به آهن جن جي چوڌاري خشڪي ئي خشڪي آهي يعني اهي سمنڊ Land Locked سڏجن ٿا. اهڙن سمنڊن جي عجيب حالت ۽ زندگي آهي جن جو ذڪر اڳتي هلي ڪنداسين.