”موبي ڊڪ“ ـــ وهيل مڇي مشهور ناول ۽ فلم
موبي ڊڪ جو مصنف هرمان ميلويل (Herman Meliville) نيويارڪ ۾ 1819ع ۾ ڄائو. هي سن مونکي ان ڪري به ياد آهي جو سنگاپور ٻيٽ جيڪو اڄ ڪلهه يورپ جي ماڊرن شهر لنڊن، پئرس، بارسلونا جو ڏيک ڏئي ٿو انگريز آفيسر ”سر اسٽئمفورڊ رئفلس“ اڄ واري ملائيشيا جي رياست ”جوهور“ جي ملئي راجا سلطان حسين شاهه کان 1819ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ حاصل ڪيو هو جتي ان وقت سواءِ جھنگ، ڀڏن ۽ ڌٻڻ جي ڪجهه نه هو.
”موبي ڊڪ“ ناول ۾ هڪ وهيلر ۽ ان ۾ سفر ڪندڙن جي ڪهاڻي آهي. ”وهيلر“ دراصل اهي وڏا ٻيڙا (۽ هاڻ ته انجڻين تي هلندڙ لوهي جهاز) آهن جيڪي وهيل (وڏين مڇين) جي شڪار لاءِ استعمال ٿين ٿا. هنن جهازن تي وهيل مڇين کي مارڻ لاءِ ڀالا، بڻڇيون، تير ڪمان، نيزا ۽ پري تائين رسو ٻڌل ڀالو يا تير هڻڻ لاءِ توبچيون ٿين ٿيون. ان کان علاوه وڏين مڇين کي مٿي کڻي جهاز جي عرشي تي رکڻ لاءِ رسا ۽ ڪرينون، وڍ ڪٽ لاءِ ڪاتيون ڪهاڙيون، تيل نپوڙي ڪڍڻ لاءِ ڪيفون ۽ ڊرم ٿين ٿا. صدين کان وهيل مڇين کي مارڻ جو هي ڪاروبار هلي رهيو آهي جو هن مڇيءَ مان گوشت ۽ تيل کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي شيون: چرٻي، بام ويندي هڏا ۽ ڪجهه جسماني عضوا وڏي اگهه تي وڪرو ٿين ٿا. هنن وڏين مڇين (وهيلن) کي مارڻ وارا به خاص مهاڻا ٿين ٿا جن کي وهيل کي ٿڪائي ٿڪائي ساڻو ڪري مارڻ جون اٽڪلون اچن ٿيون. سٺا سٺا نشاني باز ٿين ٿا جيڪي ”هارپونر“ سڏجن ٿا. اڄ ڪلهه وهيل مڇين جي مارڻ تي سختي آهي پر ان هوندي به جپان ۽ آئسلئنڊ جهڙن ملڪن جا ماڻهو ظاهر ظهور يا لڪ چوريءَ وهيلن جو قتل ڪندا رهن ٿا. مٿيون ناول جنهن زماني جو آهي انهن ڏينهن ۾ وهيل مڇيون مارڻ نه رڳو بزنيس پر بهادريءَ جو ڪم سمجھيو ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪاٺ جا ٻيڙا هئا جن تي ننڍيون ٻيڙيون رکيون ويون ٿي جيئن ضرورت وقت اهي لاهي وهيل جو گهيراءُ ڪري مٿس حملو ڪيو ويو ٿي. پوءِ ڪٿي شڪاري ڪامياب ٿيا ٿي ته ڪٿي پاڻ به شڪار ٿي ويا ٿي. مڇريل يا ڦٽيل وهيل، ڪاوڙ ۾ اچي سندن ٻيڙي يا سڄي جهاز کي اونڌو ڪري رکيو ٿي. شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته ٻن قسمن جون وهيلون آهن. جھالر واريون ۽ ڏندن واريون. ڏندن واري وهيل جنهن جو هڪ هڪ ڏند ڏهه انچ ٿئي ٿو، هڪ ئي چڪ سان ٽنگ يا ٻانهن کي جسم کان ٻاهر ڪري ڇڏي ٿي.
موبي ڊڪ ناول ۾ جنهن وهيلر (مڇيون مارڻ واري جهاز) جو ذڪر آهي ان جو نالو ”پيقئاد“ Pequod آهي ۽ جهاز جي ڪئپٽن اهاب (Ahab) جي هڪ ٽنگ ڪاٺ جي آهي. سندس هن کان اڳ واري سفر ۾ جنهن وهيل (موبي ڊڪ) سان مهاڏو ٿيو هو نه فقط سندس جهاز ٻوڙي ڇڏيو پر سندس ٽنگ به چڪي کيس منڊو بنائي ڇڏيو هو. سال اڌ علاج ۽ ڪاٺ جي ٽنگ ٺهرائڻ بعد هاڻ هو واپار جي خيال (يعني وهيل مڇين کي ماري ان جو تيل ۽ عضوا وڪڻڻ) کان نه پر ان وهيل مڇي (موبي ڊڪ) جي ڳولا ۽ ان کان بدلو وٺڻ جي مهم تي نڪتو هو جنهن گذريل سال هن جو جهاز ٻوڙي کيس مهاڻا قوم ۾ خوار هڪ طرف ڪيو هو ته منڊو ٻئي طرف بنائي رکيو.
هي ناول جيتوڻيڪ هرمان ميلويل پاڻ لکيو آهي پر هن روداد جي ڪهاڻي پاڻ ٻڌائڻ بدران اشماعيل (Ishmael) نالي هن جهاز جو هڪ خلاصي کان ٻڌرائي آهي جيڪو وهيل مڇين کي شڪار ڪري پئسو ڪمائڻ جي خيال کان ”پيقئاد جهاز“ کي هڪ عام وهيلر جهاز سمجھي نوڪري تي چڙهيو هو. پر پوءِ جڏهن جهاز لنگر کڻي بندرگاهه ڇڏي کلئي سمنڊ ۾ داخل ٿيو ته هن کي پنهنجي ڪاٺ جي ٽنگ واري ڪئپٽن جي مالاخولين جي خبر پئي ته هو ٻين مڇين کي ڇڏي ان وهيل (موبي ڊڪ) جي ڳولا ۾ آهي ۽ هن جي دماغ تي هر وقت بدلي وٺڻ جو ڀوت سوار آهي.
”موبي ڊڪ وهيل“ جي ڳولا ۾ هفتن جا هفتا گذري ويا. ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي، هو هندي وڏي سمنڊ ۾ آيا جتان پوءِ ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ ۾. ڪئپٽن اهب جهاز جي سڄي عملي کي صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو ته هن سفر جو مقصد فقط ۽ فقط موبي ڊڪ (سفيد وهيل مڇي) کي مارڻ آهي ۽ هن هڪ سونو ٻلو انعام طور به رکيو ته جيڪو ان شڪل شبيهه واري سفيد وهيل جنهن کيس چَڪي منڊو ڪيو، پهرين ڳوليندو ان کي ڏنو ويندو.
ڳولها دوران هڪ ٻه دفعا طوفان به لڳا ۽ سندن جهاز کي ڪافي نقصان رسيو پر ڪئپٽن اهب جي مٿي تي اهو ئي ڀوت سوار هو ته ان مڇيءَ کي ڳولي بدلو وٺڻو آهي. رستي تي هڪ ٻه اهڙا وهيلر جهاز به مليا جن کي اسان جي مدد جي ضرورت هئي پر ڪئپٽن اهاب ڪنهن ڏي به ڌيان نه ڌريو. آخرڪار موبي ڊڪ نظر اچي وئي. جهاز ۾ سوار ملاحن پنهنجا تير ڪمان ۽ ڀالا بڙڇيون استعمال ڪيون پر وهيل کي ڄڻ ته ڪو ڪک پن لڳو. هوءَ جهاز کي ٿوڻا هڻي نڪري وئي. ٻئي ڏينهن وري ان سان مهاڏو ٿيو جنهن ۾ جهاز جو هڪ خلاصي سمنڊ ۾ ڪري پيو. ٽئي ڏينهن وري مقابلو جاري رهيو پر موبي ڊڪ وڏي طاقت واري هئي. جهاز جو ڪئپٽن ته ڀالا هڻندي هڪ رسيءَ ۾ اٽڪي پيو ۽ آخرڪار موبي ڊڪ جي ٿونن سان جهاز ته اونڌو ٿي ويو پر منجھس موجود سڀ ملاح ۽ خلاصي به ٻڏي ويا سواءِ اشماعيل جي جيڪو هن قصي جو سربستو احوال ٻڌائي ٿو ۽ هن ناول جي شروعات ئي هن جملي سان ڪئي وئي آهي ته: “Call me Ishmael”
هرمان ”موبي ڊڪ“ ناول 1851ع ۾ لکيو ان کان اڳ به سندس چار پنج ڪتاب ڇپجي چڪا هئا. اهڙي طرح بعد ۾ پڻ 1891ع ۾ مرڻ تائين هو لڳاتار ناول، ڪهاڻيون ۽ شعر لکندو رهيو. سندس گهڻي ڀاڱي لکڻيون سندس ۽ ٻين جي زندگي سان وابسته سامونڊي ڪهاڻيون آهن.
هرمان ڪا گهڻي تعليم به حاصل نه ڪري سگهيو. ننڍو هو ته سندس پيءُ گذاري ويو پٺيان وڏا قرض ڇڏي ويو. هو ڪجهه وقت پرائمري اسڪول جو ٽيچر پڻ ٿي رهيو ان بعد 1839 ۾ مرچنٽ نيوي جي مال بردار جهاز تي خلاصيءَ جي حيثيت ۾ نوڪري شروع ڪئي. 1840ع ۾ هڪ وهيلر (وهيل مڇيون مارڻ واري جهاز) تي Sail ڪيائين جيڪو جهاز جڏهن ”مارڪئيساس“ ٻيٽ تي پهتو ته جهاز کي ڇڏي ان ٻيٽ تي رهي پيو ۽ پوءِ ٽي چار سال مختلف جهازن تي ”پورهيو ڪندڙ پئسينجر“ جي حيثيت ۾ هيڏانهن هوڏانهن پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن ۽ بندرگاهن ۾ گهمندو ڦرندو 1844ع ۾ آمريڪا (USA) جي بوسٽن شهر ۾ اچي رهيو جتي 1945ع ۾ Typee نالي پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن بابت رومانوي ناول لکيائين جيڪو ايڏو ته Best Seller ثابت ٿيو جو هن جا خرچ پکا ۽ قرض لهي ويا. ان بعد هن لڳاتار لکڻ شروع ڪيو. 1847ع ۾ Omoo ناول لکيو جنهن ۾ پڻ ڏکڻ سمنڊ تي گذاريل ڏينهن جو احوال آهي. اهڙي طرح Red Burn سندس پهرين سامونڊي سفر جي ڪٿا آهي. سندس شاعريءَ جا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيا آهن جيئن ته: John Marr & Other Sailors (1888) سندس شاعريءَ جو آخري ڪتاب Billy, Budd, Sailor آهي جيڪو سندس وفات کان 33 سال بعد 1924ع ۾ ڇپيو.
سندس ”موبي ڊڪ“ ڪتاب جي اها ٽرئجڊي آهي جو سندس جيئري اهو ڪتاب ڪو خاص مشهور نه ٿيو. سندس وفات بعد هن ڪتاب جا پڙهندڙ ايترا ته نڪري پيا جو اڄ ڏينهن تائين اهو ڪتاب ڇپجي رهيو آهي. هن ناول جي آڌار تي ”موبي ڊڪ“ نالي ٻه آمريڪن فلمون به ٺهيون آهن. هڪ 1956ع ۾ جنهن ۾ ڪاٺ جي ٽنگ وارو ڪئپٽن اهاب اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جو مشهور هالي ووڊ ائڪٽر ”گريگوري پيڪ“ ٿيو هو ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو اڪيلو جيئرو بچيل خلاصي اشماعيل ”رچرڊ بيسهارٽ“ ٿيو هو. منهنجي هم عمر ماڻهن کي گريگوري پيڪ جون ڪجهه فلمون ضرور ياد هونديون جيئن ته ”گنز آف نيوران“، ”دي بئائز فرام برازيل“، ”رومن هاليڊي“، ”ڪيپ فيئر“، وغيره وغيره.
ٻي ”موبي ڊڪ“ نالي فلم 2010ع ۾ ٺهي جنهن ۾ ڪئپٽن اهاب آمريڪن ائڪٽر ”بئري بوسٽوِڪ“ ٿيو.
موبي ڊڪ ناول جو ليکڪ هرمان ميلويل 1863ع کان نيويارڪ ۾ پارڪ اوينيو تي اچي رهيو جتان 26 هين گهٽي ڪراس ڪري ٿي. پاڻ 1891ع ۾ وفات تائين اتي ئي رهيو. هرمان جي ياد ۾ ان چوراهي کي هرمان ميلويل چوراهو (Herman Melville Square) سڏين ٿا. 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ اسانجو پيٽارو جو ٽنڊو قيصر وارو ڪلاس ميٽ نور احمد نظاماڻي جھڏي جو مرحوم مير مبارڪ ٽالپر، وي سي نذير مغل جو وڏو ڀاءُ بشير مغل ۽ ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ بابو نيويارڪ ۾ هڪ ئي فلئٽ ۾ اچي رهيا. اسانجو جهاز نيويارڪ ايندو هو ته اسان هنن سان ملڻ لاءِ بندرگاهه مان بس ذريعي ميڊيسن ايوينيو تي، ميڊيسن اسڪائر پارڪ وٽ لهندا هئاسين جتان پوءِ 26 گهٽيءَ مان واڪ ڪري هنن جي گهر ڏي ويندڙ بس ۾ چڙهندا هئاسين. نور احمد نظاماڻيءَ جو ڪاليج جي ڏينهن ۾ ”موبي ڊڪ“ ناول پڙهيل هجڻ ڪري ”هرمان ميلويل چوراهي“ تي لڳل هن ليکڪ جو بورڊ پڙهي پهرين ڏينهن ئي اسان سمجھي وياسين ته هي ”موبي ڊڪ“ ناول وارو همراهه آهي ۽ اسان اڪثر هن چوراهي وٽان واڪ ڪندي ان ناول تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا هئاسين.