ڪجهه سٽون هرڻ جي ”مشڪ“ بابت
ائين ناهي ته اها اعليٰ شيءِ فقط وهيل ۾ آهي. ڪيترا ئي ٻيا به پکي، جانور ۽ ٻوٽا آهن جن ۾ ان قسم جا خوشبودار مادا آهن. دنيا ۾ سڀ کان گهڻو خوشبودار مادو ”مشڪ“ آهي جيڪو هرڻ جي ڌن هيٺان ٿئي ٿو. ائين ته ڪجهه جانورن جو ڪي شيون تمام مهانگيون ٿين ٿيون جيئن ته گينڊي (Rhino) جو سڱ جيڪو سون جي تور تي وڪامي ٿو جنهن جي چين ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ تمام گهڻي ڊمانڊ آهي جو اتي جي ماڻهن کي اهو وهم آهي ته ان جي ذرڙي کائڻ سان شهوت وڌي ٿي. جيتوڻيڪ سائنسي طرح ڏٺو وڃي ته ان جو سڱ يا انسان جا وار ۽ ننهن ساڳي ڪيميڪل جا آهن. يا اسان وٽ سچا هيرا تمام مهانگا ٿين ٿا جن لاءِ ماڻهن کي اهو وهم آهي ته انهن کي پيهي پوڙهي، ڪمزور يا بيمار ماڻهوءَ کي کارائڻ سان هن ۾ جسماني ۽ ذهني سگهه اچيو وڃي. پر سائنسي طرح سپن مان نڪتل انهن سچن موتين کي جاچيو وڃي ته انهن ۾ اهو ئي ڪئلشيم ڪيميڪل آهي جيڪو عام طرح سپن (کوپن) ۽ ڪوڏن ۾ ٿئي ٿو. انهن کي پيهڻ سان به اهو ئي پائوڊر نڪري ٿو جيڪو سچن موتين کي پيهڻ مان ٺهي ٿو.
مٿين شين جي ڀيٽ ۾ وهيل مان نڪرندڙ ”ائمبرگريس“ يا هرڻ جي پيٽ مان نڪرندڙ ”مشڪ“ (Musk) مِٿ (Myth) نه پر حقيقتون آهن. انهن ۾ تمام گهڻي خوشبوءِ آهي ۽ ائمبرگريس جي مقابلي ۾ مشڪ تمام ٿوري نڪري ٿي. هڪ ڪلو مشڪ لاءِ چاليهن کان پنجاهه کن هرڻن جي ضرورت پوي ٿي. ان ڪري ”مشڪ“ زعفران کان به مهانگي آهي.
جيئن ته اسان وٽ يعني انڊيا، پاڪستان ۽ بنگلاديش پاسي هينئر يا آڳاٽي زماني ۾ وهيل جو شڪار عام نه هو ان ڪري اسان جو ماڻهو ائمبرگريس کان واقف ناهي پر مشڪ کان هر عام ۽ خاص ماڻهو واقف آهي جو اهو هرڻ (مَسڪ هرڻ) جنهن کي انڊيا ۾ ”ڪستوري“ سڏيو وڃي ٿو چين، نيپال، منگوليا، هماليا، انڊيا ۽ پاڪستان جي اتراهن علائقن ۾ ئي ٿئي ٿو. نر هرڻ مان نڪتل هيءَ خوشبوءِ (مشڪ) آڳاٽي زماني کان خوشبوءِ طور استعمال ٿيندي اچي ۽ هن جي خوشبوءِ ايتري ته وڻندڙ، گهڻو وقت هلندڙ ۽ پري تائين محسوس ٿيندڙ آهي جو هن تان عام چوڻي مشهور ٿي ته ”عشق ۽ مشڪ“ لڪي نه لڪائي سگهجي.
مشڪ لفظ اصل ۾ سنسڪرت جي لفظ مُسڪا مان نڪتو جيڪو ايران ۾ ”مشڪ“ يعني هرڻ جو ڌُن ٿيو. آڳاٽين هندستاني دوائن (آيور ويدڪ) ۾ مشڪ دل جي بيمارين کان علاوه ذهني ۽ تنتي سرشتي جي گڙ ٻڙ کي صحيح ڪرڻ لاءِ لاءِ دوائن ۾ استعمال ٿيو ٿي. اڄ به مُشڪَ دوائن ۽ عطرن ۾ استعمال ٿئي ٿي.
مغرب جي دنيا وڏي عرصي تائين مُشڪَ کان اڻ واقف رهي جو ان پاسي نه اهو هرڻ هو ۽ نه اها انڊيا ۽ چين کان اوڏانهن پهتي ٿي. پنجين صديءَ بعد ان جي ڳالهه تلموڊ ۾ ڏني وئي، ڇهين صديءَ ۾ يونانين کي ان جي خبر پيئي. ان بعد عربن خوشبوءِ خاطر ان کي عطرن ۾ ۽ مردانگي جي علاج لا دوائن ۾ استعمال ڪيو. عباسي دور حڪومت ۾ عربن وٽ مشڪ جي وڏي ڊمانڊ رهي ۽ بغداد جي خليفن ان جو دل کولي استعمال ڪيو ٿي. الڪنديءَ (عباسي دور جي مشهور فلاسافر، فزيشن، ميوزيشن، حسابدان ۽ عطر جي موجد ابو يوسف يعقوب بن اسحاق الصباح الڪندي) مشڪ کي عطرن ۾ شامل ڪيو جنهن سان هن شيءِ جي ڊمانڊ ايڏي ته وڌي وئي جو اها اهم لگزري آئٽم ۾ شمار ٿي وئي ۽ مشرق (چين، انڊيا) کان بغداد ايندڙ عربن جي جهازن ۾ مشڪ جو هجڻ ضروري هوندو هو. هتي اهو به لکندو هلان ته ”الڪندي“ عرب دنيا جو وڏو قابل ماڻهو ٿي گذريو آهي. پاڻ 801ع ۾ بصري ۾ ڄائو ۽ بغداد ۾ تعليم حاصل ڪيائين سندس والد اسحاق ڪوفي جو گورنر هو. تعليم دوران ان وقت جي عباسي خليفي المامون سندس وڏو خيال ڪيو ۽ پنهنجي درٻار ۾ رکيو. المامون جي 833ع ۾ وفات بعد سندس ڀاءُ متعصم خليفو ٿيو جنهن الڪنديءَ کي ترقي ڏئي پنهنجي پٽ جو استاد ڪري رکيو. الڪندي مٿين ڳالهين کان علاوه ٻين به ڪيترن سبجيڪٽن ۾ ڀڙ هو جيئن ته علم فلڪيات (Astronomy)، يوناني فلسفي جي ڪتابن جو عربي ترجمو ڪرڻ، نفسيات، علم نجوم (Astrology)، ميڊيسن، فارماڪالاجي، عطر ۽ آرسيون ٺاهڻ ۽ زلزلن جي ڄاڻ..... وغيره. پاڻ 72 سالن جي ڄمار ۾ 873ع ۾ وفات ڪيائين.
مشڪ تيار ڪرڻ لاءِ هن جنس جي نر هرڻ جو شڪار ڪري هن جي پيٽ (ڌن ۽ پولڙيون لاهڻ واري هنڌ Rectal Area جي وچ) مان اهو مشڪ وارو غدود (Gland) جيڪو “Musk Pod” سڏجي ٿو ڪڍيو وڃي ٿو. ان بعد ان کي اس ۾ سڪايو وڃي ٿو يا گرم تيل ما ٽٻي ڏياري ڪڍيو وڃي ٿو. خشڪ ٿيڻ تي ناسي رنگ جي ڳاڙهسري پيسٽ ڪاري رنگ جي داڻن ۾ تبديل ٿيو وڃي ـــ جيڪي Musk Grain سڏجن ٿا. اهي الڪوحلڪ سالوشن ۾ وجھڻ سان ۽ ڪجهه عرصو بند ڪري رکڻ سان خوشبودار ٿيو وڃي. اڄ ڪلهه سڀ کان بهترين مشڪ ويٽنام جي چئي وڃي ٿي ۽ ٻئي نمبر تي آسام ۽ نيپال جي آهي. ان بعد روس ۽ چين جي هماليا جبلن وارن علائقن جي آهي.