صاحب الحوت (مڇيءَ وارو)
وچ سمنڊ ۾ ڪنهن مسافر کي ڪيئن ٿو لاهي سگهجي. مجبورن سڀني گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن هڪ مسافر کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو وڃي. هڪ مسافر جي موت جي بدلي ۾ جيڪڏهن ڪيتريون ئي جانيون بچي سگهن ٿيون ته اها ڪا خراب ڳالهه ناهي. سڀني مسافرن ان ڳالهه تي رضامندو ڏيکاريو. هاڻ سوال هي پيدا ٿيو ته هيترن مسافرن مان ڪنهن کي سمنڊ ۾ اڇليو وڃي. هر هڪ کي پنهنجي جان پياري هئي .... ڪو به ائين بي موت مرڻ لاءِ تيار نه هو. آخر اهو فيصلو ٿيو ته سڀني مسافرن جي نالن جون پرچيون ٺاهي ڪُڻو ڪڍيو وڃي. جنهن جو نالو نڪري ان کي سمنڊ ۾ اڇليو وڃي. ان ڳالهه تي سڀ راضي ٿيا ۽ جنهن جو ڪُڻو نڪتو ان کي سمنڊ ۾ اڇليو ويو. هڪ وڏي وهيل مڇي ان ٻيڙيءَ جي آس پاس گهمي رهي هئي. هن ڏٺو ته ٻيڙيءَ مان هڪ ماڻهوءَ کي سمنڊ ۾ اڇليو ويو آهي. هن کي ڄڻ بنا محنت جي گهر ويٺي شڪار ملي ويو. هوءَ هڪدم هن ڏي وڌي ۽ هن کي هڪ ئي ڳت ۾ هڙپ ڪري وئي.... اهو هزارها سال اڳ جو واقعو آهي.
هن کان اڳ به اهو واقعو لکي چڪو آهيان ته 1891ع ۾ ڪجهه مهاڻا وهيل جي شڪار لاءِ روانا ٿيا. هنن جي جهاز جو نالو ”اسٽار آف دي ايسٽ“ (Star of the East) هو. هنن مهاڻن هڪ وهيل جو گهيراءُ ڪيو. هوءَ ڪا سٺ ستر فٽ ڊگهي ۽ پندرنهن فٽ کن ويڪري هئي. هنن مهاڻن چهنبائتن تيرن، بڙڇين ۽ گرزن سان هن مڇيءَ کي چڱو طرح زخمي ڪري وڌو. اڃان مهاڻن جي هن بلا سان جنگ جاري هئي ته هڪ مهاڻو جنهن جو نالو ”جيمس هارٽلي“ هو پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. وهيل سخت ڪاوڙ ۾ هئي. هن ماڻهوءَ کي هيٺ ڪرندو ڏٺو ته کيس سڄو ئي سڄو ڳهي وئي. باقي مهاڻا جهاز تان هي سانحو ڏسندا رهيا پر ڪجهه نه ڪري سگهيا. شاهه لطيف جو سر گھاتو جو هڪ بيت آهي:
جيڪي جھليا مَڇ، گھاتو گهر نه آئيا،
ڪاهي وڃو، ناکئا! ڪريو بُري تي بَڇ
پر سائين! هتي هڪ مڇ گهڻن مهاڻن کي ساڻو ڪري رکيو ـــ جيتوڻيڪ وهيل بنا هٿيارن جي هئي ۽ هي نيزن، ڀالن، ڀڻڇين سان! سخت افسوس جي حالت ۾ هو ملول ٿي گهرن ڏي موٽيا. ٽئي ڏينهن هي ملاح مهاڻا وري ان ساڳي مهم تي نڪتا ۽ ان طرف جو رخ ڪيائون جتي هو وهيل کي زخمي ڪري موٽيا هئا. پري کان ئي هنن کي ڪا شيءِ سطح سمنڊ تي ترندي نظر آئي. ويجھا پهتا ته معلوم ٿين ته هيءَ اها ئي زخمي وهيل هئي جيڪا مري چڪي هئي ۽ پاڻيءَ مٿان تري رهي هئي. هنن جيئن تيئن ڪري هن آفت کي جهاز جي عرشي تي پهچايو ۽ هن جو پيٽ چيريو ته هر هڪ جون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون! ڍير سارين ننڍين وڏين مڇين سان گڏ هنن جو ساٿي ”جيمس هارٽلي“ به نيم غشيءَ جي حالت ۾ ڦٿڪي رهيو هو. هن کي وهيل جي پيٽ ۾ 60 ڪلاڪ ٿي چڪا هئا پر ان هوندي به هو زندهه سلامت هو. جنهن ڏٺو اهو حيرتزده ٿي ويو جنهن ٻڌو ان جي وات مان اهو ئي نڪتو ته..... مارڻ واري کان بچائڻ وارو بيشڪ وڏو آهي.
قرآن ڪريم جي سورة صافات ۾ آهي ته جنهن ٻيڙيءَ جي مُسافرن ڪُڻا وجھي جنهن پنهنجي هڪ ساٿيءَ کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو هو اهو حضرت يونس هو. قرآن فرمائي ٿو ته: ترجمو: بي شڪ يونس الله جي رسولن مان هڪ رسول هو.
حضرت يونس بن متيٰ عليه السلام الله رب العزت جي جليل القدر نبين مان هڪ هو. قرآن ڪريم ۾ هن جو ڪيترن ئي هنڌن تي ذڪر آيو آهي. هڪ مڪمل سورة ”يونس“ سندن نالي سان آهي. الله رب العزت کين عراق جي مشهور شهر ”نينوا“ ـــ جنهن جو اڄ ڪلهه نالو ”موصل“ آهي ۽ داعش وارن جي راڄ ڌاڻي آهي، جي طرف کان مبعوث فرمايو. پاڻ پنهنجي قوم کي هڪ ڊگهي عرصي تائين توحيد جي دعوت ڏيندا رهيا پر سندن قوم نهايت سرڪش ۽ نافرمان هئي، جو سندن لڳاتار بي ادبي ۽ ٺٺول ڪندي رهي. آخرڪار هن پنهنجي قوم لاءِ بد دعا فرمائي ۽ کين ايندڙ سخت عذاب جي خبر ٻڌائي وحيءَ ذريعي الله جي حڪم جو انتظار ڪرڻ بنا شهر مان نڪري ويو. ان بعد پاڻ سمنڊ جي ڪناري تي پهتو ۽ هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ويو. اڃان ٻيڙي ٿورو ڪو اڳتي مس هلي ته اها سامونڊي ڪُنن ۾ ڦاسڻ ڪري لڏڻ لمڻ لڳي. ان ٻيڙي وارن جي عقيدي مطابق جڏهن ٻيڙي ائين لڏڻ لڳي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان ٻيڙيءَ ۾ ڪو غلام پنهنجي آقا کي بنا ٻڌائڻ جي ڀڄي رهيو آهي.... جنهن کي يڪدم سمنڊ ۾ اڇلايو ويو ٿي. حضرت يونس عليه السلام کي هنن جي عقيدي جي ڄاڻ هئي. جيئن ئي ٻيڙيءَ لڏڻ شروع ڪيو ته پاڻ فرمايائون ته ٻيڙيءَ ۾ هڪ غلام پنهنجي مالڪ جي اجازت بنا ڀڄي آيو آهي. ماڻهن جي زور ڀرڻ تي هن ٻڌايو ته اهو غلام آئون آهيان ان ڪري توهان مونکي ئي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪريو ۽ هن مصيبت کان نجات حاصل ڪريو. ماڻهن سندس عزت ۽ احترام ڪيو ٿي ان ڪري هن کي ڦٽو ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پر حضرت يونس عليه السلام پنهنجي ڳالهه تي ضد ڪندو رهيو. آخرڪار پاڻ صلاح ڏني ته پُکا (ڪُڻا) ڪڍيا وڃن جنهن جو نالو نڪري ان کي سمنڊ ۾ اڇليو وڃي. اها تجويز سڀني کي پسند آئي ۽ ان تي ڪيترائي دفعا عمل ڪيو ويو پر هر دفعي سندن ئي نالو نڪتو ٿي. نه چاهيندي به آخر ماڻهن حضرت يونس عليه السلام کي کڻي سمنڊ حوالي ڪيو. جيئن ئي کين سمنڊ ۾ اڇلايو ويو ته هڪ وڏي مڇي جيڪا پهرين ئي الله جي حڪم سان وات کولي انتظار ۾ هئي، حضرت يونس کي ڳهي ورتو ۽ پوءِ سمنڊ اندر غائب ٿي وئي.
هوڏانهن علائقي جي ماڻهن جڏهن ايندڙ عذاب جا آثار ڏٺا ته سمجھي ويا ته اسان تي مصيبت اچڻ واري آهي. هنن سچي دل سان توبه زاري ڪئي ۽ حضرت يونس عليه السلام جي ڳولا ۾ نڪري پيا. حضرت يونس عليه السلام چاليهن ڏينهن تائين مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهيو. ذڪر ڪندو رهيو ۽ رب پاڪ کان پنهنجي غلطيءَ جي معافي گهرندو رهيو، ”لا اِلٰه الا انت سبحانڪ اني ڪُنت من الظالمين“ جو ورد ڪندو رهيو. آخرڪار رب پاڪ مڇيءَ کي حڪم ڪيو ته هن کي ٻاهر ڪڍ. هن مڇيءَ پنهنجي رب جي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ کين ٻاهر ڪڍيو. جڏهن پاڻ مڇيءَ جي پيٽ مان ٻاهر آيا ته تمام ڪمزور ٿي چڪا هئا ۽ جنهن هنڌ تي مڇيءَ کين ٻاهر ڪڍيو اتي ڇانوَ به نه هئي. الله رب العزت جي حڪم سان اتي هڪ ڪدو يا انگور جي ول ڦُٽي آئي جنهن حضرت يونس عليه السلام مٿان ڇانوَ مهيا ڪئي. هڪ جابلو ٻڪري يا هرڻي کڻي چئجي، آئي ٿي جنهن جو کير سندس ڀريل ٿڻن مان ٽپڪيو ٿي. پاڻ روزانو ان جي کير مان پنهنجي بک مِٽائي ٿي ۽ ول جي هيٺان آرام ڪيو ٿي. مڇيءَ جي ان واقعي ڪري کين ”ذوالنون“ ۽ ”صاحب الحوت“ يعني مڇيءَ واري جو لقب الله تعاليٰ طرفان ڏنو ويو آهي. ’نون‘ ۽ ’حوت‘ ٻنهي جي معنيٰ ’مڇي‘ آهي. اڄ جي جديد سائنس ۽ عام مشاهدي ايڏي وڏي مڇيءَ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ اڄ جي زماني ۾ به ڪجهه ماڻهن کي مڇي جي پيٽ مان جيئرو نڪرڻ جون خبرون پڙهڻ ۾ اچن ٿيون.
خير جڏهن حضرت يونس عليه السلام جي طبيعت بهتر ٿي ۽ ڪمزوري لٿي ته هڪ ڏينهن رب پاڪ جي حڪم سان سج جي تکي روشنيءَ ۾ اها ول سڙي وئي. حضرت يونس عليه السلام جڏهن اهو معاملو ڏٺو ته کين تمام گهڻو ڏک ٿيو ۽ پاڻ ان غم کان روئڻ لڳا. الله تعاليٰ حضرت جبرائيل عليه السلام کي موڪليو ۽ انهن اچي فرمايو: ”توهان هڪ وڻ لاءِ روئي رهيا آهيو جنهن کي رب پاڪ توهان لاءِ پيدا ڪيو هو، پر ان هڪ لک کان مٿي انسانن جي لاءِ نٿا ڏک ڪريو جن جي موت لاءِ توهان بد دعا ڏني هئي.“
ان تي حضرت يونس عليه السلام کي تمام گهڻي پشيماني ٿي ۽ پاڻ آهه و زاري ڪري رب پاڪ کان معافي گهري ۽ رب پاڪ کين معاف ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ هڪ دفعو وري پنهنجي قوم وٽ پهتو ته اها کيس ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ سندن هر ڳالهه مڃڻ لڳي.
(حضرت يونس عليه السلام جو احوال ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ملي ٿو. مٿيون احوال مون ٻن مشهور ليکڪن جي مضمونن مان ورتو آهي. هڪ شاهه بليغ الدين جي مضمون ”مڇلي ڪا لقما“ مان جيڪو ڏهه سال کن اڳ ڇپيو هو ۽ ٻيو ”ڊاڪٽر شيخ ولي خان المظفر“ جي مضمون ”مڇلي والي“ مان آهي).