سنڌو نديءَ جي ڊولفن
هتي پهرين ڊولفن (Dolphin) مڇيءَ جو ذڪر ڪنداسين ـــ جنهن بابت سڀ کان پهرين اهو ٻڌايان ته اها ”شارڪ“ وانگر مڇي ناهي پر ”وهيل“ وانگر کير پياريندڙ جانور (Mammal) آهي ـــ بلڪه ڊولفن جو وهيل جي فئملي سان ئي تعلق آهي.... پر ”ڊولفن“ وهيل يا شارڪ مڇيءَ وانگر خوفناڪ جانور نه آهي. نه ئي طبيعت ۾ ويڙهاڪ آهي. ڊولفن جهڙي شڪل ۾ سٺي آهي اهڙي ئي فطرت ۾ بيحد ذهين، شرارتي، ڪرتب سکي ٻين کي وندرائڻ واري ۽ انسان ذات سان دوستي ڪرڻ واري آهي. اسان جي برادريءَ جا ماڻهو يعني جهاز هلائيندڙ ڊولفن جي عزت ڪن ٿا ۽ هن جي شڪار کان دنيا جا ماڻهو پرهيز ڪن ٿا ڇو جو جهاز مان ڪو ماڻهو سمنڊ ۾ ڪري ٿو ته جتي شارڪ جهڙيون مڇيون هن کي هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون اتي ڊولفن جيڪي گروپ ۾ هلن ٿيون، هن جو بچاءُ ڪن ٿيون. ڀٽڪيل تاروءَ کي ڪناري ڏي ڌڪي اچن ٿيون.
دنيا جو شايد ئي ڪو چڙيا گهر (Zoo) هجي جنهن ۾ مهمانن کي وندرائڻ لاءِ ڊولفن جا ڪرتب نه ڏيکاريا ويندا هجن. اها پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري گول رنگ مان ٽپي سگهي ٿي. توهان سان والي بال کيڏي سگهي ٿي. توهان کي پاڻ تي گهوڙي وانگر سوار ڪري هلي ٿي..... دنيا جي ڊولفنن کي ٽرين ڪرڻ سان هو ڪيترائي کيل تماشا ڏيکاري سگهن ٿيون پر افسوس جو اسانجي سنڌ جي ڊولفن (ٻلهڻ) ان قسم جا ڪم ڪرڻ کان لاچار آهي جو اها نابين آهي.
ڊولفن جي شڪل کڻي مڇيءَ جهڙي آهي. هن جو جسم، پڇ، کنڀڙاٽيون (Flappers) وغيره مڇين جهڙا آهن.... هو مڇين وانگر تري سگهي ٿي.... مڇيءَ وانگر پاڻيءَ ۾ ڄمي ٿي پاڻيءَ ۾ مري ٿي پر آهي جانور. ان جي کل تي مڇيءَ وانگر ڇلر نٿا ٿين..... هن کي مڇيءَ وانگر ڪليون (Gills) هجڻ بدران انسانن ۽ جانورن وانگر ڦڦڙ آهن ان ڪري هوءَ مڇيءَ وانگر پاڻيءَ مان آڪسيجن حاصل ڪرڻ بدران پاڻيءَ جي Surface تي اچي نڪ (ناسوٽيءَ) ذريعي ساهه کڻي هوا کي ڦڦڙن ۾ داخل ڪري ٿي جتي سندس رت کي هوا مان آڪسيجن ملي ٿي. مڇيون هزارين آنا ڏئي هليون وڃن ٿيون پٺيان انهن آنن مان ڦٽندڙ ٻچا مرن، بچن، وڏا ٿين..... اها انهن جي قسمت. اتي ڊولفن جانورن وانگر فقط هڪ ٻار ڄڻي ٿي جنهن کي هوءَ ڏهه مهينا کن پيٽ ۾ سانڍي جڏهن ڄڻي ٿي ته ان جي گهٽ ۾ گهٽ ڇهه اٺ مهينا پرگهور لهي ٿي.... هن کي پاڻ سان وٺي هلي ٿي.... وقت تي کير پياري ٿي.... وغيره.
ڊولفن لاءِ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ دريائي ڊولفن ۽ ٻي سامونڊي ڊولفن.
سامونڊي ڊولفن جون ٻه يا ٽي نه پر 32 جنسون آهن جيڪي سڀ دنيا جي ذري گهٽ سڀني سمنڊن تي نظر اچن ٿيون...... يعني توهان دنيا جي ڪنهن به سمنڊ تي وڃو ڊولفن توهان کي نظر ايندي. هونءَ ڊولفن گهڻو ڪري ڪناري جي ويجھو ئي رهي ٿي. هڪ اهو به سبب آهي جو ڊولفنن ۽ ”سي گل“ پکين کي ڏسي جهازرانن کي خوشي ٿيندي آهي ته هاڻ ڪنارو ويجھو آهي.... سمنڊ جي ويرين ۽ طوفاني راتين کان جان ڇٽي.
ڊولفن جون اهي جنسون 3 فٽن کان 30 فٽ ڊيگهه جون ٿين ۽ وزن 45 ڪلو کان 9000 ڪلوگرام (9 ٽن) ٿئين. انهن جنسن ۾ ٻه تمام مشهور آهن. هڪ ٻاٽلي (بوتل) جهڙي نڪ واري ڊولفن ۽ ٻي عام (ڪامن) ڊولفن. ٻاٽليءَ جي نڪ جهڙي ڊولفن پنهنجي شڪل مان کلمک لڳي ٿي. دنيا جي چڙيا گهرن ۽ ماهي خانن ۾ اسان جو هيءَ ڊولفن آڌر ڀاءُ ڪري ٿي. هن جو مٿيون حصو ڪارسرو ٿئي ٿو ۽ هيٺيون اڇيرو (سفيد). هن رنگ جي اسڪيم سان هن جو پينگئن وانگر وڏن جانورن کان بچاءُ ٿيو وڃي جن کي ڊولفن چٽيءَ طرح نظر نٿي اچي. هن جي وات ۾ اٽڪل 160 ڏند ٿين ٿا. هن قسم جون ڊولفنون ائٽلانٽڪ، پئسفڪ ۽ هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جي گرم حصن ۾ جام نظر اچن ٿيون. هي ڊولفن 20 کان 50 جي ٽولي ۾ رهن ۽ ملي جلي مڇين جو شڪار ڪن. سندن پسنديده کاڌو مڇي آهي. مڇين جي شڪار لاءِ ڊولفن کي وڏي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پوي ٿي ڇو جو شڪار پنهنجو پاڻ ته هنجي وات ۾ داخل نه ٿيندو. ان ڪري ڊولفن 20 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي ٿي. هوءَ 26 کان 30 ڊگريون سينٽي گريڊ جي گرمائش ۾ خوش رهن ٿيون.
مادي ڊولفن هڪ دفعي ۾ فقط هڪ ڦر ڏئي ٿي جيڪو ڄمڻ وقت 3 کان 4 فٽن تائين ڊگهو ٿئي ٿو. هرڻيءَ جي ٻچي وانگر ڊولفن جو نئون ڄاول ٻار به بيحد شرارتي ۽ کيڏڻ ٽپڻ وارو ٿئي ٿو. ڊولفن هميشهه جهازن ۽ ٻيڙين جي پٺيان اچي ٿي ڇو جو هوءَ انسان دوست آهي جن سان هوءَ محبت ڪري ٿي.
”عام“ ڊولفن جا به ڪيترائي قسم آهن. دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ تعداد، رنگ، جسامت، ڊيگهه ۽ سونڍ جهڙي منهن جي حساب سان هن جا مختلف قسم آهن. هن ڊولفن جي وات ۾ 200 کن ڏند ٿين ٿا. هن قسم جون ڊولفنون فقط اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب جي سمنڊن ۾ نه پر ميڊيٽرينين (بحرِ روم) ۽ ڪاري سمنڊ (بحر اسود) ۾ به وڏي تعداد ۾ ٿين ٿيون. هي ڊولفن به سامونڊي ڪناري ويجھو رهڻ پسند ڪن ٿيون پر ڪڏهن کليل سمنڊ جي سير لاءِ به نڪريو وڃن.
هي ”عام“ نسل جون ڊولفنون ڏهن کان هڪ سؤ جي ٽولي ۾ نظر اچن ٿيون.... ويندي هڪ هزار جو گروهه يا کڻي چئجي ته سڄي قبيلي سان گڏ گڏ نظر اچن ٿيون. ٻيا لڏ پلاڻ ڪرڻ وارا پکي يا جانور ته فقط خاص موسمن ۾ دنيا جي هڪ حصي کان ٻئي ڏي وڃن ٿا.... جيئن ڪونج يا آڙي سياري جي موسم ۾ خط استوائي گرم ملڪن ڏي لڏي اچي ٿي ۽ پوءِ اونهارو ٿيڻ تي واپس اتر جو رخ اختيار ڪري ٿي. پر ڊولفنون ٻارهوئي پيون چڪر هڻن هڪ سمنڊ مان ٿي وري ٻئي ۾..... اتان پوءِ ٽئي ڏي يا وري موٽي پهرين ۾ اچن.... يعني کين سير و تفريح ڪرڻ جو وڏو شوق آهي. ميڊيٽرينين سمنڊ کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پيون اينديون.... اتان پوءِ هندي وڏي سمنڊ جو رخ ڪنديون يا پئسفڪ سمنڊ ڏي هليون وينديون يا آمريڪا جي ڪنارن تي گهمنديون وتنديون ـــ هي ”عام“ نسل جون ڊولفنون 25 ناٽ (يعني 25 ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ) جي رفتار سان تري سگهن. هي به ٻاٽلي مهانڊي واري ڊولفن (يعني کلمک ڊولفن) وانگر جهاز ۽ ٻيڙين جي پويان پويان هلن ٿيون. دراصل ڊولفن انسانن سان بلڪل ان ريت محبت ڪري ٿي جيئن توهان جا ٻيا پالتو جانور. ان ڪري هن کي تفريح گاهن ۾ به پاليو وڃي ٿو. عام طور تي هي ڊولفن به مڇيون کائين ٿيون. توهان ڏٺو هوندو ته ڪرتب ڏيکارڻ وارين ڊولفنن کي سندن هر ڪرتب سرانجام ڏيڻ بعد هنن جو ٽرينر هڪ هڪ مڇي وات ۾ وجھي ٿو. ڪرتب شروع ڪرائڻ کان اڳ هنن کي ٻه ٽي ڪلاڪ بکيو رکيو وڃي ٿو جيئن هوءَ خوراڪ (مڇيءَ) جي شوق ۾ صحيح طرح ڪرتب ڪري.
ڊولفن جي هن جنس جي مادي پڻ هڪ وقت ۾ هڪ ئي ڦر ڏئي ٿي جيڪو سوا ٽن کان چار فٽ ڊگهو ٿئي ٿو. هر ڊولفن ٽن کان چئن سالن جي عمر تائين جوان ٿيو وڃي ۽ اها 25 کان 30 سال جيئري رهي ٿي.
ڊولفنن جي خاندان جي هڪ ٻي جنس ”رِسو ڊولفن“ سڏجي ٿي. رسو (Risso) ڊولفن پنهنجن ڊگهن ڏندن کان مشهور آهي. هن جا ڏند اٽڪل سوا انچ ڊگها ٿين ٿا. پر مزي جي ڳالهه اها آهي ته هن جي مٿين ڄاڙيءَ ۾ هڪ ڏند به نه ٿئي. هيٺين ڄاڙيءَ ۾ به ڪي گهڻا ڏند نه ٿين..... بس ٻنهي پاسن کان ست ڏند ٿين. پر انهن ڊگهن ۽ تکن ڏندن ڪري هيءَ زبردست شڪاري ڊولفن آهي. هن جو قد 13 فٽ ۽ وزن 700 ڪلو گرام ٿئي..... يعني ڪافي وڏي ٿئي ٿي ۽ اسان جهڙي 75 ڪلو وزن جهڙي ڏهن ماڻهن جي تور برابر ٿئي ٿي. هوءَ 40 کان 50 ڊولفنن جو ٽولو ٺاهي رهي ٿي. هيءَ گهڻو تکو نٿي تري سگهي پر هن کي برداشت جي وڏي قوت آهي ۽ اڌ ڪلاڪ تائين بنا ساهه کڻڻ جي..... يعني سمنڊ جي مٿاڇري تي اچڻ جي سمنڊ اندر شڪار جي ڳولا ڪري سگهي ٿي. ياد رهي ته هيءَ مڇين وانگر پاڻيءَ مان آڪسيجن کڻڻ بدران سمنڊ جي سطح تي منهن مٿي ڪري ساهه کڻي ٿي. ان ڪم لاءِ ڊولفنن کي به وهيل وانگر ٿوري ٿوري دير بعد پاڻيءَ جي مٿاڇري تي اچڻو پوي ٿو. هن جنس جي ڊولفن جي هونءَ خاص غذا ڪٽل فش آهي.
ريسو ڊولفن (Risso’s Dolphin) کي تائيوان جا مهاڻا (Monk Dolphin) ”ٻائو ڊولفن“ به سڏين ٿا. هيءَ ڊولفن فرينچ سائنسدان ائنٽونيو رِيسو (1845 – 1777) جي نالي آهي. هڪ ٻي مڇي (Lantern Fish) جي هڪ جنس پڻ هن ريسو جي نالي آهي. ريسو جا مڇين بابت فرينچ ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن.
ڊولفن جي هڪ بيحد ڳري جنس به ٿئي ٿي جيڪا ”اوراڪا“ سڏجي ٿي.... هن کي ”قاتل وهيل“ به ڪوٺيو وڃي ٿو. دراصل هيءَ آهي ته ڊولفن پر هن جي وڏي سائيز ۽ شڪاري عادتن جي ڪري مهاڻا هن کي وهيل سڏين ٿا. هيءَ 30 فٽ ڊگهي ۽ وزن ۾ اٺ نو هزار ڪلوگرام ٿئي ٿي..... يعني سؤ کن ماڻهن جي وزن برابر. هن جي وات ۾ 50 کن ڏند ٿين ۽ اهي ٽڪنڊي شڪل جا آهن. هيءَ خطرناڪ ڊولفن دنيا جي سڀني سمنڊن ۾ نظر اچي ٿي پر گهڻي تعداد ۾ اتر ۽ ڏکڻ قطبن ۽ ائنٽارڪٽڪا ۾ نظر اچي ٿي ۽ گهڻو ڪري ڪناري جي ويجھو رهي ٿي. هيءَ ڊولفن عام طرح ٻن کان اٺن جو ٽولو ٺاهي هلي. ڪڏهن ڪڏهن 30 کان 40 جو لشڪر به ٿيو وڃي. اوراڪا ڊولفن پيٽ قوت لاءِ پينگوئن، سِيل ۽ ننڍڙين وهيل مڇين جو شڪار ڪري ٿي.
اوراڪا ڊولفن تمام تکي يعني 57 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تري ٿي. ساهه کڻڻ لاءِ هوءَ هر هر پاڻيءَ جي سطح (مٿاڇري) تي اچي ٿي ۽ 15 ميٽر اتاهون ۽ 13 ميٽر ڊگهو بُل (Jump) ڏئي ٿي. هيءَ ڊولفن تمام طاقتور ٿئي ٿي ايتري قدر جو سمنڊ ۾ ترندڙ هڪ ميٽر برف جي ٿلهي ڇپ (Ice berg) کي ٿونو (مٿو) هڻي ڀڃي سگهي ٿي. مزي جي ڳالهه ته هيءَ ڊولفن ڪڏهن ڪڏهن تفريح خاطر سمنڊ جي ڇولين تي پاڻ کي چرپر ڪرڻ بنا ڇڏي ڏيندي آهي جيئن ڪو ٿلهو ماڻهو پيٽ مٿي ڪري بنا چرپر جي پاڻ کي سئمنگ پول جي مٿاڇري تي ليٽيل رکندو آهي. اهڙيءَ ريت هيءَ ڊولفن لهرن جي رحم و ڪرم تي ترندي رهندي آهي. هن مڇيءَ کي قدرت اهو عقل ڏنو آهي ته هوءَ ان حالت ۾ به پنهنجو مٿو پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍي رکي ٿي جيئن هوءَ نڪ ذريعي ساهه کڻندي رهي.
سائنسدان چون ٿا ته ڊولفن هڪ ذهين مخلوق آهي. هن جي ذهانت ڪُتي ۽ چمپانزي بندر جي عقل جيتري آهي. کلمک ڊولفن ته وڏي سيلاني ٿئي ٿي. روزانو 100 ميلن جي علائقي ۾ چڪر هڻيو وٺي. فلوريڊا (USA) جي ڪناري تي ملندڙ ڊولفن جپان ۽ ناروي تائين جو چڪر هڻيو اچن. ڏکڻ آفريڪا جي ڪناري واريون ڊولفن نيوزيلئنڊ ۽ ارجنٽائين تائين ٿيو اچن.
ڊولفن جي سڀني جنسن جي ڊزائين (ساخت) تارپيڊو جهڙي ٿئي ٿي. هنن کي پيڊلن جيان ٻه اڳيان کنڀڙاٽيون ٿين جن کي توهان ڊولفن جا هٿ سڏي سگهو ٿا جن ذريعي هوءَ تري ٿي. پر هن کي پٺيون کنڀڙاٽيون يا ڄنگهون نه ٿين. هن جو پڇ بيحد مضبوط ٿئي ٿو ۽ اهو ئي ڪم ڪري ٿو جيڪو ڪنهن جهاز يا ٻيڙي ۾ سکان (Rudder) ڪري ٿو.
ڊولفن جي چمڙي (کَلَ) نرم، لسي ۽ رٻڙ جهڙي ٿئي ٿي جنهن جي هيٺان چرٻيءَ جو تهه ٿئي ٿو جيڪو هن کي سرد موسم يا سرد علائقن ۾ سيءَ کان بچائي ٿو..... يعني هن کي قدرتي اوورڪوٽ آهي، اهو ئي ”اوور ڪوٽ“ ضرورت پوڻ تي يعني بک جي حالت ۾ هوءَ کاڌي تور استعمال ڪري ٿي. چرٻي پاڻيءَ کان هلڪي هجڻ ڪري ڊولفن کي ترڻ ۽ فلوٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
ڊولفنن کي قدرت طرفان ٻُڌڻ جي صلاحيت به تمام اعليٰ درجي جي مليل آهي. بلڪه ڪيترا آواز جيڪي اسان (انسانن) جا ڪن ٻڌي نٿا سگهن اهي ڊولفن ٻڌي ٿي. پاڻيءَ ۾ ڪنهن هلڪي شيءِ جي ڪرڻ يا پاڻيءَ ۾ هلڪي چرپر ٿيڻ جو آواز به ڊولفن جھٽيو وٺي.
اسان جي انڊس ڊولفن (ٻلهڻ) کان علاوه سمنڊ تي رهندڙ باقي ڊولفنن جي بصارت يعني نظر به سٺي آهي. ڊولفن جي جسم جي ٻاهرين کل بيحد حساس ٿئي ٿي ۽ هوءَ ان ذريعي هر آواز کي محسوس ڪري سمجھيو وڃي ته سندس علائقي ۾ ڪجهه گڙ ٻڙ آهي..
ها، ڊولفن سان هڪ ڪمزوري ضرور آهي ته هوءَ سونگهي نٿي سگهي. سندس نڪ جون ناسون فقط ساهه کڻڻ لاءِ آهن. قدرت طرفان هن کي هڪ ٻي صلاحيت ضرور مليل آهي. جنهن کي پاڻ رڊار (Radar) چئي سگهون ٿا جنهن جي مدد سان ڊولفن سفر جي دوران سامهون ايندڙ شيون يا پاسي اوسي کان رڪاوٽ يا دشمن کان خبردار ٿي سگهي ٿي. ڊولفن اسان وانگر هڪ ئي وقت ڇهه ست ڪلاڪ سمهي نٿي سگهي. هوءَ فقط ٽيهه سيڪنڊن، يعني اڌ منٽ لاءِ سمهي سگهي ٿي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هوءَ ڏينهن رات ۾ ڪيترائي دفعا ٽيهه ٽيهه سيڪنڊن لاءِ سمهي ٿي.
سنڌو نديءَ ۾ موجود ڊولفن جي جنس فقط ۽ فقط سنڌو نديءَ ۾ ٿئي ٿي. افسوس جي اها ڳالهه آهي ته اها ڊولفن جيڪا دنيا لاءِ حيرت جو باعث آهي جنهن تي هڪ طرف دنيا جا سائنسدان/بايولاجسٽ کيس اهم سمجھي تجربا ڪن ٿا ۽ بين الاقوامي ادارا هن دريائي جانور جي بچاءَ ۽ ان جي نسل وڌڻ لاءِ وڏو خرچ ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف اسان وٽ ڪيترن کي اها به خبر ناهي ته سنڌو نديءَ ۾ هڪ خاص قسم جي ڊولفن آهي جيڪا انڊس ڊولفن، انڌي ڊولفن، ٻلهڻ، پاسيرو ترندڙ ڊالفن جهڙن نالن سان سڏي وڃي ٿي. ڪيترن کي ته اها به خبر ناهي ته ڊولفن مڇيءَ جو قسم آهي يا لڌڙي وانگر پاڻيءَ جي جانور جو! بهرحال ان آخري حصي بابت شروع ۾ ڪافي ذڪر ٿي چڪو آهي ته ڊالفن وهيل وانگر جانور آهي جنهن جي مادي انسانن وانگر ٻچو ڄڻي ٿي ۽ ان کي پاڻ سان گڏ رکي کير پياري ٿي. ڊولفن کي مڇيءَ وانگر نه ڇلر ٿين ۽ نه ڪليون..... ان ڪري هوءَ هر هر پاڻيءَ مان ٻاهر منهن ڪڍي نڪ مان ساهه کڻي ٿي. بهرحال هتي پاڻ ڊولفن جي فقط ان جنس بابت ڳالهه ڪنداسين جيڪا اسان جي انڊس نديءَ ۾ سوين هزارين سالن کان موجود آهي ۽ جيستائين سنڌو نديءَ تي ڊئمون ۽ بئراجون نه ٺهيون هيون تيستائين هيءَ ٻلهڻ (انڊس ڊولفن) سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان اتر ڏي ستلج بياس ندين تائين پئي هلي چلي پر هاڻ مختلف حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. هوءَ ڄامشورو (غلام محمد بئراج) يعني ڪوٽڙيءَ کان درياهه جي ڇوڙ تائين ورلي ڪا نظر اچي ٿي جو سياري جي موسم ۾ اتي پاڻي ئي نه آهي. البت سکر ۽ گڊو بئراج جي وچ وارو سنڌو نديءَ جو اهو حصو آهي جتي هيءَ ٻلهڻ ملي ٿي ۽ سنڌ حڪومت طرفان ان جي بچاءَ لاءِ اُپاءَ ورتا پيا وڃن جيئن هيءَ منفرد قسم جي ڊولفن زندهه سلامت رهي ۽ اسانجو ايندڙ نسل به ان کي ڏسي سگهي.
سنڌو نديءَ ۾ موجود هن ڊولفن جو سائنسي نالو Platanista Indi ۽ Platanista Gangetica آهي. عام طرح انگريز به هن کي Bhulan (جيڪو سنڌي لفظ ٻلهڻ مان آهي) ۽ ”انڊس ڊالفن“ سڏين ٿا. هيءَ ڊيگهه ۾ 7 کان 10 فوٽ ٿئي ۽ کيس ٻاتليءَ جهڙو ڊگهو منهن ٿئي هن کي هر ڄاڙيءَ ۾ 28 کان 29 ڏند ٿين. رنگ گلابي مائل خاڪي برائون اٿس. کل بيحد نازڪ ۽ نرم ٿئيس ٿي. ڊولفن جو مغز وڏو هجڻ ڪري هوءَ بيحد ذهين ٿئي ٿي ۽ عام طرح ننڍي عمر جي ڊولفن کي ڪرتب سيکاريا وڃن ٿا.... سواءِ انڊس ڊولفن جي جيڪا تقريبن انڌي آهي. هونءَ دنيا جي ڪا به ڊولفن ڄاڻي واڻي انسان جي لاءِ نقصانڪار ناهي..... بلڪه ڊولفن لاءِ مشهور آهي ته هو انسان ذات جون دوست آهن ۽ هو هميشه انهن هنڌن تي نظر اچن ٿيون جتي ٻيڙيون ۽ ماڻهو موجود آهن.
ڊولفن لاءِ شروع ۾ به لکي چڪو آهيان ته هوءَ دنيا جي هر سمنڊ ۾ نظر اچي ٿي..... پوءِ ڪي جنسون ٽراپڪس جي گرم سمنڊ ۾ نظر اچن ٿيون ته ڪي ائنٽارڪٽڪ جي برفاني سمنڊن ۾. جيتوڻيڪ Cetacean فئملي جا ساهوارا سمنڊ ۾ ئي رهن ٿا جيئن ته وهيلون وغيره..... ڊولفن جون به انيڪ جنسون سمنڊ ۾ ئي رهن ٿيون پر پنج اهڙيون جنسيون آهن جيڪي مٺي پاڻيءَ جون آهن ۽ دنيا جي پنج مختلف درياهن ۾ نظر اچن ٿيون. انڊس ڊولفن انهن مان هڪ آهي.
1960ع تائين اهو سمجھيو ويو ٿي ته گنگا ۽ برهمپترا ندين ۾ موجود سُوسُو (Susu) نالي ڊولفن ۽ سنڌو ندي جي ٻلهڻ هڪ ئي جنس جون آهن پر پوءِ سئٽزرلئنڊ جي پروفيسر پليريءَ (George Pilleri) برن شهر ۾ تجربن دوران اندازو لڳايو ته ”انڊس ڊولفن“ بلڪل نرالي شيءِ آهي جيڪا فقط ۽ فقط سنڌو نديءَ ۾ ئي رهي ٿي. ان جنس جي ڪا به ڊولفن گنگا يا ٻين دريائن يا سمنڊن ۾ ناهي. اها جڏهن مچي مڙس ٿئي ٿي ته 6 فٽ قد ۽ 60 ڪلو وزن ڪري ٿي.
دنيا جي ٻين ڊولفنن جو نظر بيحد چٽو ٿئي ٿو پر انڊس ڊولفن کي تمام ننڍيون اکيون ٿين جن ۾ به لينس (A crystalline Eye Lens) نه ٿئي معنيٰ هوءَ نابين ئي سمجھو پر ان هوندي به ايترو آهي ته هوءَ اوندهه ۽ روشنيءَ ۾ فرق پرکي سگهي ٿي. هونءَ ته نور بنا هڪ ساهوارو لاچار ۽ بيوس ٿيو وڃي پر ٻلهڻ (انڊس ڊولفن) جنهن لٽ ۽ مٽِيءَ واري پاڻيءَ ۾ رهي ٿي اتي اکين واري کي به ڇا نظر ايندو؟ باقي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڏسڻ بنا هوءَ ڪيئن ٿي هلي چلي (Navigate) ڪري يا کائڻ لاءِ شڪار کي جھلي؟ ان لاءِ هوءَ ”ايڪو لوڪيشن“ (Echolocation) کان ڪم وٺي ٿي. اکين جو نور نه هجڻ ڪري هنن مڇين اندر Sonar سسٽم ڊيولپ ٿئي ٿو جنهن ذريعي هو ننڍي کان ننڍي مڇي به محسوس ڪريو وٺن ته اها کانئن ڪيڏو پري آهي.... ڪهڙي رفتار سان ۽ ڪهڙي طرف وڌي رهي آهي. هي ائين آهي جيئن اسان ”ايڪو سائونڊر“ يا ”سونار“ ذريعي هلندڙ جهاز جي بند ڪمري (چارٽ روم) ۾ ويهي معلوم ڪريو وٺون ته هيٺ سمنڊ جو ترو ڪيتري فاصلي تي آهي يا سامهون سمنڊ جي مٿاڇري تي ڪيترا ۽ ڪيڏا وڏا جهاز آهن ۽ اهي اسان کان ڪيترو پري آهن ۽ ڪهڙي رفتار سان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهن .... ڀلي کڻي ڪيترو به ڌنڌ هجي ۽ اکين سان يا ڪنهن دوربين سان ڪجهه به نظر نه اچي. ۽ اهو به معلوم ٿيو وڃي ته سمنڊ هيٺ ڪا ٽڪري يا تري ۾ ڪو ٻڏل جهاز ته نه آهي. مون کي ياد آهي ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته انهن ڏينهن ۾ بندرگاهه ۾ يا کلئي سمنڊ ۾ ان جي اونهائي معلوم ڪرڻ لاءِ ”چپي“ (جهاز جو واڍو) وڏي رسي کڻندو هو جنهن جي پوڇڙ ۾ لوهه جو ٽڪرو ٻڌل هوندو هو. ان کي سمنڊ ۾ ڇڏيندو هو جيسين اهو لوهه جو ٽڪرو سمنڊ جي تري کي ڇهي. ان بعد ان رسيءَ کي ٻاهر ڪڍي ان جي آلي حصي جي ماپ ڪندو هو ته ڪيترا فٽ سمنڊ آهي. پر پوءِ سگهو ئي 1970ع کان Sonar جهڙا ڪيترائي ايڪو سائونڊر ايجاد ٿي ويا جنهن ذريعي هر وقت سمنڊ جي اونهائيءَ جي خبر پوندي رهي ٿي. اهي اوزار ان اصول تي ڪم ڪن ٿا ته اهي هڪ قسم جو آواز اڇلين ٿا جيڪو سمنڊ جي تري سان ٽڪرائي جڏهن واپس اچي ٿو ته ٽائيم مفاصلي جي عڪاسي ڪري ٿو. ڊولفن به پنهنجي آواز جي موٽ (پڙاڏو) مان اندازو لڳائي ٿي ته اهو جلد آيو ته معنيٰ اها شيءِ سندس ويجھو ئي آهي جنهن سان سندس اڇليل آواز ٽڪرائي يڪدم موٽيو آهي. ايڪولوڪيشن وانگر سونار (Sonar) به آهي. سونار دراصل شارٽ فارم آهي Sound Navigation and Ringing جو. سونار به پاڻيءَ اندر آواز جون لهرون اڇلي ٿو ۽ انهن جو پڙاڏو اسڪرين تي شڪلين ۾ نظر اچي ٿو ته سمنڊ اندر ڪا ٽڪري يا ٻڏل جهاز ته نه آهي. اڄ ڪلهه ته مڇين جو شڪار به سونار ذريعي ٿئي ٿو. سونار مهاڻن کي ڄاڻ ڏئي ٿو ته سمنڊ اندر ڪهڙي پاسي ۽ ڪيڏي تعداد ۾ مڇيون آهن ۽ اهي ڪهڙي طرف وڌي رهيون آهن. سنڌو نديءَ جي نابين ٻلهڻ (Dolphin) کي به قدرت سونار جهڙي صلاحيت ڏني آهي ۽ هوءَ مختلف سڏن ذريعي آئيڊيا لڳايو وڃي ته سندس خوراڪ لاءِ سندس سامهون شڪار ـــ يعني ننڍيون مڇيون آهن (جن کي هڙپ ڪجي) يا ڪا آفت آهي جنهن کان ڀڄي پاسو ڪجي.
سنڌو ندي جي ڊولفن جي هڪ ٻي ڳالهه به نرالي آهي جيڪا هن کي دنيا جي ٻين ڊولفنن ۽ سندس فئملي ـــ يعني وهيل مڇين کان نرالو ڪري ٿي. انڊس ڊولفن هميشه پاسيري ٿي تري ٿي جيتوڻيڪ ٻيون ڊولفن ۽ مڇيون نارمل طريقي سان ترن ٿيون. سندن پٺيءَ تي ٺهيل کنڀراٽي جيڪا Dorsal fin سڏجي ٿي. هميشه مٿي هوندي آهي ۽ سندن پيٽ سمنڊ يا درياهه جي تري ڏي. انڊس ڊولفن پاسيري ٿي تري ٿي باقي ساهه کڻڻ مهل جڏهن درياهه جي سطح تي اچي ٿي ته ان وقت نارمل پوزيشن اختيار ڪري ٿي. سنڌو نديءَ جي مٽي ۽ ڌوڙ سان لٽيل پاڻيءَ اندر ڊولفنن کي ترندو ڏسي نٿو سگهجي. پر کيس وڏي نادي (Tank) ۾ صاف پاڻي ۾ پاسيرو ترندو ڏسي سگهجي ٿو. هوءَ اکين کان نابين هجڻ ڪري پاسيرو ترڻ سان پنهنجين کنڀراٽين ذريعي درياهه جي تري ۾ شڪار جي ڳولا ڪري ٿي ـــ خاص ڪري سنگھاري مڇين (Cat Fish) جي جيڪي هن جي دلپسند خوراڪ آهن.
انڊس ڊولفن جي جيڪڏهن سندس سامونڊي سؤٽ ماسات ڊولفن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته اسان جي ٻلهڻ ايڏو خوش مزاج طبيعت جي نه آهي. ٻيون ڊولفنون ۽ وهيلون ساهه کڻڻ مهل پاڻيءَ جي سطح مٿان بازولي پائينديون يا جمپ ڏينديون پر اسان واري سنڌونديءَ واري ڊولفن ساهه کڻڻ مهل فقط ڪنڌ ٻاهر ڪڍي ٿي...... ڪڏهن ڪڏهن ته فقط نڪ جو حصو ٻاهر ڪڍي هوا ڇڪي ٿي ۽ هيٺ درياهه اندر هليو وڃي. انڊس ڊولفن لاءِ اهو البت چيو وڃي ٿو ته اها پهريان چار پنج مهينا هرڻيءَ وانگر خوب ٺينگ ٽپا ڏئي ٿي ۽ ڪجهه ڪجهه سيڪنڊن بعد درياهه جي مٿاڇري مان نڪري تڪڙا تڪڙا ساهه کڻي ٿي جڏهن ته بالغ ڊولفنون اڌ اڌ منٽ جي ساهيءَ کانپوءِ فقط ٿورو مٿي اچي ساهه کڻن ٿيون.
ڪو زمانو هو، يعني سنڌو نديءَ تي بئراجن ٺهڻ کان اڳ (يعني 1850ع کان اڳ تائين) انڊس ڊولفن سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان وٺي مٿي جهلم ستلج ندين تائين نظر آيون ٿي پر هاڻ هنن جو وڏو تعداد گڊو ۽ سکر جي وچ ۾ رهجي ويو آهي. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ گڊوءَ کان مٿي نطر اچي ٿي. ڄامشورو جي غلام محمد بئراج کان پوءَ هيٺ ته پاڻيءَ جي به سخت کوٽ آهي ان ڪري هيٺ ڏکڻ ۾ ورلي ڪا ڊولفن نطر اچي ٿي. ٻوڏ جي ڏينهن ۾ اخبار ۾ پڙهيو هوم ته سجاول جي مهاڻن کي سجاول پل (ٺٽي وٽ) ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) نظر آئي هئي. پر ان خبر بابت ڪو خاطري نه ڏئي سگهيو. سکر ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ ڪجهه ڊولفن ضرور ڏسڻ ۾ آيون جيڪي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ سکر بئراج جي کليل دروازن مان نڪري آيل لڳن ٿيون.
هونءَ ڏٺو وڃي ته سڄي سنڌو نديءَ ۾ جيڪو ڊولفن جو تعداد وڃي بچيو آهي اهو فڪر جوڳو آهي. بين الاقوامي ادارو WWF ۽ سنڌ حڪومت سخت ڪوششن ۾ آهي ته هن جانور کي بچايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو ايندڙ نسل انهن کي ڏسڻ کان محروم رهجي ويندو.
1972ع کان پاڪستان ۾ پاس ڪيل قانون مطابق انڊس ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) کي حڪومت طرفان حفاظت مليل آهي ۽ ڪنهن کي به هن کي مارڻ جي اجازت ناهي ۽ سرڪار طرفان گڊو کان سکر (90 ميلن جي فاصلي) تائين سخت پهرو رکيل آهي. 1977ع ۾ جيڪا ڊولفن جي ڳڻپ ٿي ان موجب 170 جانور نظر آيا جيڪو تعداد تمام گهٽ آهي.
سنڌو نديءَ ۾ ٻلهڻ (ڊولفن) جي تعداد جي گهٽجڻ جو سڀني کي فڪر آهي جيتوڻيڪ سنڌو نديءَ ۾ اها پالوشن ناهي يعني سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي ڪارخانا ۽ فئڪٽريون ناهن جن مان زهريلو مواد درياهه ۾ ايندو هجي جنهن گند ڪري دنيا جي ٻين ندين ۾ ڪيترائي جانور مرن ٿا. اسلام ۾ ٻلهڻ حلال جانور آهي يا نه پر ان جي گوشت کي اسان وٽ کائڻ جو ڪلچر نه هجڻ ڪري ٻلهڻ جي تعداد ۾ کوٽ نه ٿيڻ کپي. ان بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ WWF جي هڪ يورپي آفيسرياڻي جينٽ نالي سکر ۾ ڪجهه عرصو اچي رهي هئي. ان ٻاهر جي اخبار ۾ اهو لکيو ته انڊس ڊولفن جي تعداد ۾ کوٽ اچڻ جو اهو سبب آهي جو سنڌ ۾هڪ ”جبرس“ نالي ذات آهي اهي ڊولفن کي جھلي انهن جو گوشت کائين ٿا ۽ انهن مان نڪرندڙ تيل وڏي اگهه تي وڪڻن ٿا جو ڪجهه ماڻهن کي اهو وهم آهي ته اهو تيل شهوت/مردانگي وڌائي ٿو جيتوڻيڪ اها هڪ فئنٽسي آهي ۽ ان ۾ ڪا حقيقت ناهي.
ڏوڪري (سنڌ) ۾ رهندڙ اسانجي هڪ اديب دوست ۽ شاهه لطيف جي پارکو انور ڏنگڙائيءَ کي فون ڪري پڇيم ته مئڊم جينٽ انگريزي مضمون ۾ Jubbers ڪهڙي ذات لکي آهي. آيا ڪا اهڙي ذات آهي يا نه. هن ڪجهه دير سوچ ويچار بعد ٻڌايو ته ”ان محترمه جو اشارو شايد جھٻير ذات جي ماڻهن سان آهي جيڪي درياهه جي ڪناري تي رهن ٿا ۽ جن کي شاهه لطيف ”ڄٻير“ سڏيو آهي.“ شاهه لطيف جو بيت آهي ته:
”سميون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيون،
ڄامَ هٿ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄٻيرن وچ ۾.“
جينٽ لکي ٿي ته جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ”ڄٻير“ ڪي گهڻا نه آهن پر ان هوندي به جيڪڏهن هنن جون پنج ٻيڙيون سال ۾ ڏهه ڊولفن ڦاسائين ته به ڪجهه سالن ۾ انڊس ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) جو نسل ختم ٿيڻ جو خطرو آهي. ڄٻيرن بابت هڪ ٻيو شعر ياد اچي رهيو آهي جيڪو سنڌ جي شاعر غلام علي ’عاقل‘ جو آهي:
ڄام هن ڄٻير ۾، گهڻيون گهٽتائيون،
مون ۾ بوءِ مڇيءَ جي، لِيءَ وتان لايون،
ڪٿي ڪچايون، منهن نه تماچي مٽجان.“