سمنڊ جي تري ۾ برف نٿي ڄمي خط استوا توڙي قطمن وٽ هيٺ وڃڻ سان سمنڊ جي پاڻيءَ جي گرمائش آهستي آهستي گهٽجي ٿي. سمنڊ جي مٿاڇري تي سج جي گرمائش مطابق گرمي رهي ٿي. پوءِ ڪٿي سج جا ڪرڻا/روشني سئو فٽن تائين مس پهچي ٿي ته ڪٿي پاڻي جيڪڏهن گهڻو شفاف آهي ته پنج ڇهه سؤ فوٽن تائين به روشني پهچيو وڃي. بهرحال هر صورت ۾ هڪ اهڙي حد اچي ٿي جنهن کانپوءِ سج جي روشني هيٺ بلڪل نٿي وڃي. ان بائونڊري لائين کي Thermocline سڏجي ٿو. ان کان پوءِ هيٺ پاڻيءَ جو ٽيمپريچر تکو تکو گهٽجيو وڃي. ڪن هنڌن تي ته زيرو ڊگري سينٽي گريڊ تائين به پهچيو وڃي جيڪو برف جيترو ٿڌو ٿيو. پر سمنڊ جي تري ۾ برف نٿي رهي سگهي. اهو ان ڪري جو برف پاڻيءَ کان هلڪي آهي ۽ تري ۾ جيئن ئي ڪا برف ڄمي ٿي ته هلڪي ٿيڻ ڪري مٿي چڙهيو اچي جتي هيٺان کان وڌيڪَ گرمي آهي. گرميءَ ۾ اها برف ڳريو وري پاڻي ٿيو پوي. فقط قطبن وٽ ٿڌاڻ هجڻ ڪري اها برف ندين جي شڪل ۾ خط استوا ڏي وڌي ٿي. برف جي وهندڙ ندين کي گليشر Glacier سڏجي ٿو. اونهي سمنڊ ۾ هيٺ تري ۾ لڳاتار برف ڄمڻ ۽ وري مٿي چڙهڻ ڪري وهڪرا پڻ پئدا ٿين ٿا.