اوندهه ۽ ٿڌ ۾ حياتي
سائنسي انداز ۾ سمنڊ جي کوجنا پراڻين يونانين جي ڏينهن ۾، عيسوي سن کان به چار سؤ سال کن اڳ کان شروع ٿي ۽ چيو وڃي ٿو ته مشهور فلاسافر ارسطو پهريون مئرين بائلاجسٽ هو جيڪو تانگھي پاڻيءَ ۾ ٻيڙيءَ کي بيهاري پاسن کان سامونڊي ساهوارن جي چرپر، عادتون ۽ ڏيڏر وانگر جدا جدا شڪليون مٽائڻ کي غور سان ڏسندو هو. هن سامونڊي ساهه وارن کي ٻن حصن ۾ ورهايو هو. هڪ ڪرنگھي (پٺيءَجي ڪنڊي) وارا ــ جيئن مڇيون وغيره. ٻيا بنا ڪرنگھي وارا ـــ جيئن ڪينئان، پسون، جيلي مڇي وغيره. ارسطو ان ڳالهه جو به جائزو ورتو ته ڊولفن ۽ وهيل مڇيون هوا ۾ اچي ساهه کڻن ٿيون ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو ٻين مڇين وانگر آنا نٿيون لاهين پر ٻار ٿيون ڄڻين ۽ کين پنهنجن ٿڻن مان کير ٿيون پيارين. ارسطو جو دل وٽان شاگرد مقدونيا جو حاڪم سڪندر اعظم هو ۽ سڪندر دنيا جو پهريون ماڻهو هو جنهن غوطو کائيندڙ مشين ۾ ويهي سمنڊ جو اندران جائزو ورتو. اها مشين هڪ وڏي پائيپ وانگر هئي جنهن جي پاسن کان شيشا لڳل هئا جيئن ان ۾ اندر ويهي ماڻهو شيشي مان ڏسي سگهي ۽ ڊگهي پائيپ مان ٻاهران هوا اچي سگهي. انهن يونانين جي انهن ايڪڙ ٻيڪڙ کوجنائن بعد يڪو هزار سال کن ماٺ ٿي ويئي.
پنڌرهين صديءَ ڌاري پورچوگالين آفريڪا ڏي وڃڻ جو رخ رکيو ۽ ڪجهه سالن بعد پورچوگالين کان علاوه ٻيا اوسي پاسي وارا يورپي به نوان ملڪ ڳولڻ نڪري پيا. ڪي وري سمنڊ بابت ئي کوجنا ڪندا رهيا ته ڪيڏو اونهو آهي. منجھس ڪهڙا ساهوارا رهن ٿا، وغيره وغيره.
اوڻهينءَ صديءَ ڌاري ايڊورڊ فوربس نالي هڪ همراهه پنهنجي ڄار چوڏهن سؤ فٽ کن هيٺ سمنڊ ۾ اڇلائڻ جو بندوبست ڪيو. هن کي فقط ٻارهن سؤ فوٽن تائين اسٽار فش ۽ ڪجهه ڪرنگھي واريون مڇيون مليون جن تي غور ڪرڻ بعد هن 1843 ۾ اهو اعلان ڪيو ته ڇهه سئو فوٽن بعد هيٺ ڪو به ٻني ٻوٽو ناهي جو اوستائين سج جي ئي روشني نٿي پهچي جنهن تي وڻ ٽڻ يا گاهه ٻوٽي جي زندگيءَ جو مدار آهي. ۽ اهي ساهوارا جيڪي سامونڊي ٻوٽن ۽ گاهن تي پلجن ٿا اهي به ظاهر آهي ته ان بعد نظر نٿا اچن. سج جي روشني ختم ٿيڻ بعد هيٺ سمنڊ ۾ فقط اهي مڇيون آهن جن جو کاڄ پاڻ کان ننڍيون مڇيون آهي ۽ اهو سلسلو به وڌ ۾ وڌ 1800 فوٽن تائين آهي ان بعد هيٺ گهگهه اونداهيءَ جو Azoid علائقو اچي ٿو جتي ڪنهن به ساهواري شيءِ جو تصور ڪري نٿو سگهجي.
اها ڳالهه سڀني کي دل سان لڳي. سائنسدانن به مڃيو ته واقعي پاڻي کڻي ڪيڏو به شفاف هجي پر ڇهه سؤ فوٽن بعد هيٺ سج جي روشني نٿي پهچي. ۽ پوءِ جيترو هيٺ وڃ ته سيءُ شروع ٿيو وڃي جنهن ۾ ڪهڙو ساهوارو جيئرو رهي سگهندو. ۽ ٻي ڳالهه ته سمنڊ اندر جيترو هيٺ وڃبو اوترو پاڻيءَ جو داٻ Pressure وڌندو ويندو. مثال طور ڪناري وٽ ـــ يعني سمنڊ جي سطح تي اسانجي جسم يا ڪنهن ٻي شيءِ جي في چورس انچ تي پندرهن کن پائونڊ (ست سير کن) دٻاءُ ٿئي ٿو ـــ جيڪو اسان کي ان ڪري محسوس نٿو ٿئي جو انسان جي جسم جي اندرين رتوبتن جو به ذري گهٽ اوترو ئي دٻاءُ آهي. سو ٻاهريون ۽ اندريون پريشر برابر ٿيو وڃي. پر جيترو هيٺ وڃو ته ٻاهريون دٻاءُ وڌندو ويندو. ٽيٽيهن فوٽن تي اهو اٽڪل ٻيڻو ٿيو وڃي ۽ ٻه هزار فوٽ هيٺ ـــ فوربس جي ازوئڪ گهگهه اونداهي واري علائقي ۾ اهو دٻاءُ وڌي هزار پائونڊ في چورس انچ ٿيو وڃي جيڪو دٻاءُ ڪو ساهوارو ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگهي! ايترو هيٺ ٽيمپريچر معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن عام ٿرماميٽر موڪليا ويا ته اهي به ان دٻاءَ جي سٽ نه جھلي ڇيتيون ڇيتيون ٿي پيا. ۽ پوءِ اهو به چيو ويو ته هيٺ ڄار اڇلي جيڪي مڇيون ڪڍيون ويون هيون سي پڪ ايترو هيٺان نه پر مٿاهين ليول تان آيون هونديون. بهرحال اهي ڳالهيون مڃي، سڀ سياڻا سانت ٿي ويا.
فوربس جي مرڻ بعد پورن ڇهن سالن کانپوءِ هن جي مٿين ٿيوري (سوچ) غلط قرار ڏني ويئي. هينئن ٿيو جو 1860ع ۾ ”تار کاتي“ وارن جي تار (Cable) جيڪا فرانس کان سارڊينا ٻيٽ تائين سمنڊ مان لنگهي ٿي ويئي سا وچ تان ڇڄي پيئي ۽ ڳنڍڻ لاءِ سمنڊ جي تري مان ان کي ڇڪي ڪڍيو ويو. ان هنڌ سمنڊ ست هزار فوٽ اونهو آهي. جڏهن ان تار کي ڪڍيو ويو ته سڀني کي تعجب لڳو ته ان تار جي چوڌاري جيئرو ڪورالCoral (سامونڊي ساهوارا) چهٽيو پيو هو. ۽ اهو ڪورال ظاهر آهي تار ڇڪڻ وقت ته نه چهٽيو هوندو جو ڪورال ڪنهن به شيءِ کي چنبڙڻ ۾ ڏينهن ٿو لڳائي. تنهن جي معنا ته فوربس جي ڳالهه غلط ٿي جو هن ته چيو ٿي ته ارڙهن سؤ فوٽن بعد سمنڊ هيٺ ڪا به حياتي ناهي. پر هي ڪورال ته ان کان به چؤڻو هيٺ سمنڊ جي تري ۾ تار کي چهٽيو. ڪورال کان علاوه تار جي ٻين حصن ۾ ڪيترائي قسمين قسمين ڪينئان، پسون، مولسڪ Mollusk ۽ ٻيا سامونڊي سُرا ۽ ساهوارا نظر آيا جيڪي پنهنجي جسم مان نڪتل کونئر سان تار ۾ چنبڙيل هئا. اهو ڏسي سڀ سائنسدان به وائڙا ٿي ويا هئا. فوربس جي هڪ شاگرد پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي: ”سمنڊ اندر ايڏو اونهو هيٺ ڪنهن ساهواري لاءِ رهڻ ايترو ڏکيو ڪم آهي جيترو باهه يا خلا ۾ رهڻ. ڇو ته ايترو هيٺ پاڻيءَ جي زبردست پريشر (دٻاءَ) ۾ ڪيئن ٿي ڪا شيءِ جيئري رهي سگهي!“
پر پوءِ سائنسدانن غور ڪري ان راءِ تي پهتا ته سمنڊ اندر رهندڙ ساهوارن جي جسم اندر قدرت ايترو ئي داٻ رکيو آهي. جيترو ٻاهر جو آهي. انڪري کين تر جيترو به نقصان نٿو رسي. هڪ مڇي جيڪا سمنڊ اندر ٽي هزار فوٽ هيٺ رهي ٿي يعني هن جي جسم جي ٻاهران پاڻيءَ جو دٻاءُ ڏيڍ هزار کن پائونڊ آهي جنهن ۾ انسان ته مري وڃي پر ان مڇيءَ کي ڪجهه به محسوس نٿو ٿئي جو ساڳي وقت هن جي اندر جي رتوبتن جو دٻاءُ به اوترو ئي آهي. پر جي اها مڇي اڃان به هيٺ وڃڻ جي ڪوشش ڪندي ته مري ويندي. يعني مثال طور هوءَ ٻيا به ٽي هزار فوٽ هيٺ سمنڊ ۾ ويندي ته ٻاهر جو وڌندڙ دٻاءُ هن کي چيڀاٽي رکندو ۽ ساڳي طرح وري اها مڇي پنهنجي ليول کان مٿي ڪناري تي ايندي ته سندس اندر جو دٻاءُ کيس ڦاڙي رکندو. ان ڪري هن کي پنهنجي ليول جي آس پاس رهڻو پوي ٿو.
بهرحال سائنسدان اها ڳالهه ته کڻي سمجھي ويا آهن پر اڄ ڏينهن تائين قدرت جي ان ڪرشمي کي سمجھي نه سگهيا آهن ته روشني ۽ گرمائش بنا ڪا شيءِ ڪيئن جيئري رهي سگهي ٿي. ۽ هيٺ اونهي سمنڊ ۾ نه روشني آهي ۽ نه گرمائش! سائنسدان ۽ ان سان گڏ اسين عام ماڻهو روز بروز اونهي سمنڊ جون اهي نيون ساهه واريون شيون عجائب گهرن، فوٽن ۽ فلمن ۾ ڏسي وائڙا ٿيو وڃون.