• وائي 2 ڪامل ڪل ڪوتا توکي ارپيان ٿو. پنهنجي من اندر جا جاني سڀ جذبا توکي ارپيان ٿو. گيت غزل ۽ وايون ٽيڙو ۽ قطعا توکي ارپيان ٿو. ڏک ۽ سک پنهنجا پرين! ٽهڪ ۽ سڏڪا توکي ارپيان ٿو. پنهنجي جان ۽ جدڙي سائين! اوسرتا! توکي ارپيان ٿو.