• وائي 12 ڪيڏي دل ڪري ڀاڪر وڌئي ڀري پو ڇو پري ٿي وئين؟ چيئي سڀني سامهون تو بن ڪيئن سري پو ڇو پري ٿي وئين؟ مٺيون مون کي ڏئي مٺا! ڇڏيئي قرب ڪري پو ڇو پري ٿي وئين؟ ”سجاد“ سنڌوءَ جو قسم نينهن جي ناوَ تَري پو ڇو پري ٿي وئين؟