• وائي 11 ڪارا بند نه ٺاههِ سينو تون نه ساههِ سنڌين سان او سامري! اقتدار جي انڌ جي عينڪ اکين لاههِ سنڌين سان او سامري! سنڌو صدين کان وٺي سنڌين جو ئي آههِ سنڌين سان او سامري! سچ چوڻ تي ڇو ڀلا توکي لڳي باههِ؟ سنڌين سان او سامري!