شڪست : - سندري اُتمچنداڻي
حشوءَ کي چيم، ”اڄ ته ڀڳوان کان ٻيو ڪجهه گهران ها ته شايد اهو به ملي وڃي ها. سامهون ڏس، بادل ڪيئن نه سڄي آڪاش کي وڪوڙي ويا آهن. ههڙي اڪيلي ڏينهن اوهان جي سنگت ملي ته باقي ڇا کپي.“
ٻنهي جواب ڪونه ڏنو. ٻنهي کي ڪرسين تي ويهاري چيم، ”پهرين ٻڌايو اڄ ڪهڙو ٽول ٺاهيان؟“
حشوءَ نرڙ ۾ گهنج وجهي چيو، ”ٽول ٻول جي ضرورت ڪانهي.“
مان پنهنجيءَ ٻهه ٻهه اڳيان هنن جي بيرخي ڏسي وسي ٿي وئيس. ڪيتري مهل ته وسمي ۾ ٻنهي کي تڪيندي رهيس. آخر چيم، ”هونئن ته ايندا آهيو ته ٻنهي جي ٿيا ٿيا پئي پوندي آهي، اڄ ڪهڙا جهاز ٻڏي ويا اٿوَ؟“
ستي ڪرسيءَ تان اُٿي وڃي دريءَ وٽ بيٺي. هوا ۾ سندس ساڙهي ڦڙ ڦڙ ڪرڻ لڳي. حشوءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”چڱو، مان وڃان ٿو.“
مون چيو، ”ڳالهه ڪر، حشو! آئين ڪيئن، وڃي ڪيئن ٿو؟“
حشو ستيءَ ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”پڇينس.“
ستي منهن ٻاهر ڪري ائين ڏسي رهي هئي، ڄڻ ڪجهه ٻڌي ئي نه رهي هئي. مون سڏ ڪيومانس، ته به جواب ڪونه ڏنائين. چيم، ”حشو، تون ڀلي گهر وڃ، ستي اڄ مون وٽ ٽڪندي.“
حشو ڪڙو منهن ڪري ٻاهر وڃڻ لڳو ته ستيءَ سُڄيل منهن سان ڏانهنس نهاري، ساڙهيءَ جي ڪُنڊ ڏندن سان ڇنندي چيو، ”مان به ٿي هلان.“
حشو بيهي ويو- ”بس، تنهنجي داد جو فرياد ٿي چڪو؟“
ستي وري به دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳي. مون حشوءَ کي هٿ جي اشاري سان هلئي وڃڻ لاءِ چيو.
حشو هليو ويو، ته ستي ڦَٽيل پکيءَ جيان تڙڦندي اچي منهنجيءَ گود ۾ ڪري. ڏجهندي چيائين، ”دادي، مونکي هاڻي مرڻ گهرجي.“
منهنجو من ڀرجي آيو، ته به کلي چيم، ”ايتري ۾؟“
”نه ته ڇا . هنجي اکين ۾ مون لاءِ جڏهن ڪابه عزت نه رهي آهي، تڏهن مان ڀلا ڇا ڪنديس؟“
”واه ڀائي، تو ته چيو هو ته مان هڪ سهڻو گهر ٺاهي ملڪ جو هڪڙو ننڍڙو حصو آباد ڪنديس... بس، اهو گهر آباد ٿي چڪو، هاڻي مرڻ لڳي آهين!“
ستيءَ رومال اکين تي دٻائي چيو، ”گهر کي آباد ڪرڻ ڪو ڏئي به نه. هو ته سمجهي ٿو ته مان عياش آهيان، جو گهر ۾ فرنيچر کپنم، درن درين تي پردا کپنم، گلدانن ۾ گل کپنم. اڱڻ ۾ ڪونڊيون کپنم....“
مونکي ستيءَ جي هنن ننڍڙين تمنائن تي الاجي ڇو ڏاڍي ممتا اچي جاڳي. دل چاهيو، کيس چوان ”ڌيءَ“ پر شرم کان روڪجي وئيس، رڳو ٻئي هٿ سندس ڪلهي تي رکي ٿورو زور ڏنم. ستيءَ منهنجي اکين مان وهندڙ آنسو پنهنجي پلؤ سان اُگهي، ٻئي ٻانهون کڻي منهنجي گلي ۾ وڌيون ۽ آهستي چيائين، ”ڪاش، منهنجي اَمي اڄ جيئري هجي ها؟“
مون ستيءَ کي روٽي کارائي، ۽ پوءِ ٻئي وڃي بستري داخل ٿيونسين. اڌ رات تائين ڪيتريون ڳالهيون ڪيونسين. ستيءَ روزاني کِٽ پِٽ جون جيڪي ڳالهيون ٻڌايون، تن مان ته مونکي ائين لڳو ته ڏوهه نڪو ستيءَ جو آهي نڪو حشوءَ جو، ٻئي ويچارا سٺي سڱنڌي جيوَت رهڻ جا ڪانگي آهن، پر اُپت ٿوري هجڻ سبب هڪٻئي کي پيا ڏوهه ڏين. دل کي چيم، مان به انهن سورن ڪري ئي ته سڄي عمر شاديءَ کان ننو اکر واري ويٺيس. کٽل پگهارن تي شادي ڪري، روز روز ويهي ”تون ڇا، تون ڇا“ ڪجي، تنهن کان ته بس ڀلي. ستيءَ جي نادانيءَ تي اڄ مونکي رحم ٿي آيو.
جڏهن رات گهڻي گذري وئي، تڏهن ستيءَ پاسو ورايو. مان به آهستي آهستي اُٿي وڃي پنهنجي کٽ تي ليٽيس. منهنجن اکين اڳيان اهي ڏينهن گذرڻ لڳا، جڏهن ستي مون وٽ ٽيوشن وٺڻ ايندي هئي. مان به تن ڏينهن اڃا چڱي بيٺي هيس. ڏينهن ۾ ٽي چار ٽيوشن ڏئي وٺندي هيس. حشو، منهنجو ڀائٽيو اڃا تازو ماستريءَ ۾ گهڙيو هو. روز اچي منهنجو مٿو کپائيندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو ستيءَ چيو، ”دادي، توهانجو ڀائٽيو اڄ ڇو ڪونه آيو آهي؟“ مان وائڙي ٿي وئيس. دل ۾ چيم، ”جي حشو نه آيو ته هن ڇوڪريءَ جو ڇا ويو!“ اڃا ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته ساڳيو سوال حشوءَ ڪيو. چي، ”دادي، ڪلهه کان هوءَ ڇوڪري ستي تو وٽ ڇو ڪانه ٿي اچي؟“ چيم، ”ناناڻن ۾ ڪراچي وئي آهي.“
ڪجهه ڏينهن حشو به ڪونه آيو، ۽ جنهن ڏينهن آيو، ان ڏينهن ستي ڪراچيءَ مان واپس اچي چڪي هئي. ان ڏينهن حشوءَ ايڏي وڏي اُتساهه ۾ ڀرجي پئي ڳالهايو، جو مونکي کل اچي وئي. ستيءَ به سندس هرڪا ڳالهه ائين ٿي چاهه مان ٻڌي، ڄڻ ڪنهن مٺي گيت جون نُڪون هيون. حشو پاسيرو ٿيو ته ستيءَ کان پڇيم، ”توکي منهنجو ڀائٽيو وڻي ٿو ڇا؟“
ستي شرم کان لال ٿي وئي. سرير کي ڌڏڪو ڏئي چيائين، ”مون ائين ڪٿي چيو. مونکي رڳو سندس اُتساهه واريون ڳالهيون وڻنديون آهن، جو چوندو آهي ته ملڪ کي ٺاهجي، ملڪ لاءِ جِيون ڏيڻ ئي سچي معنيٰ ۾ جيئڻ آهي. دادي، سچ ٻڌايو، توهانکي سندس ڳالهيون ڪونه وڻنديون آهن؟“
مون به چاهه مان چيو، حشوءَ جون ڳالهيون اڪيلي سر ته اهڙيون ڪين وڻنديون اٿم، پر اوهين ٻئي جڏهن اهي ڳالهيون ڪرڻ ويهندا آهيو، تڏهن ڏاڍو وڻنديون آهن“، ستي کِلي پئي.
ستيءَ ميٽرڪ پاس ڪئي، ته به مون وٽ اچڻ ڪين ڇڏيائين. هڪ ڀيري ستيءَ جي اڳيان حشوءَ جو کِلڻ ڪڏڻ اهڙو ته مڌر لڳم، جو جڏهن ستي هلي وئي تڏهن کائنس پڇيم، ”حشو، توکي ستي ڏاڍي وڻي ٿي ڇا؟“
حشوءَ عجب مان پڇيو، ”ڇو، توکي نٿي وڻي ڇا، جو پڇين ٿي؟“
مونکي الاجي ڇو شرم اچي ويو. ڪيترا سال اڳ مان به ته ڪن ڇوڪرن کي اهڙي ئي وڻندي هيس، جهڙو ستي حشوءَ کي. پر ڇوڪرا هئا، حشوءَ وانگر ماستر، يا ٽڪي پئسي وارا ڪلارڪ، سو مان ان وڻڻ کي ڪا معنيٰ ئي ڪانه ڏيندي هيس.
ستيءَ کي جڏهن چيم، ”ستي، توکي حشوءَ کان پاسو ڪرڻ کپي“، ته ڇرڪي وئي. چيائين، ”ڇو، دادي؟“
چيم، ”ستي، هو سؤ سوا ڪمائيندڙ ماستر آهي، سو زندگيءَ جو ساٿ ته هڪٻئي کي ڏئي ڪين سگهندا.“
ستيءَ کلي چيو، ”دادي، توهين الاجي چئو ڇا پيا، رڳو آءِ.سي.ايس. يا ڪنهن پئسي واري انسان سان ئي سٺي جيوَت گذاري سگهبي آهي ڇا؟“
مون کليو. چيم، ”اَلڙ آهين. دنيا ۾ اُٿ به ناڻو، ويهه به ناڻو لڳو پيو آهي، اڳتي هلي خبر پوندءِ.“
ستيءَ ڪڇيو ڪين. پر جڏهن وڃڻ لڳي، تڏهن شرمائجي چيائين، ”پيار جو پئسي سان ڪهڙو واسطو؟“
مون کان ٽهڪ نڪري ويو. اهڙا آدرش رکندڙ جوڙا گهڻيئي ڏسي چڪي هيس، جنجي شادين کي غريبيءَ بي معنيٰ بنائي ڇڏيو هو.
ٿورن ڏينهن ۾ ئي ستيءَ ۽ حشوءَ جو مڱڻو ٿي ويو. وجهه وٺي حشوءَ کي چيم، ”ڏس، حشو، تنهنجي ستي ناز ڪڙي نار، ۽ تون آهين هڏن گٺو محنتي جوان، سڄي ملڪ کي بدلائڻ جا پيو خواب لهين. سو ستيءَ سان ڪيئن عمر نباهيندين؟“
حشوءَ چپٽي وڄائي چيو، ”ڏسج ويٺي، دادي، ڪيئن نٿو هيتري ۾ بدلائي ڇڏيانس.“
وري جڏهن ستيءَ کي چيم، ”ڪڪي، حشو ته گهر تڙ ٺاهڻ وارو ڪونه اٿئي، هنکي ته ٻيءَ سڀ ڪنهن ڳالهه کان پهرين آهي ملڪ جي شيوا جي چنتا“، ته ستي ٿي لوڏ سان چويم، ”ڏسجو ويهي، دادي، ڪيتري ۾ ٿي بدلائي ڇڏيانس... آخر گهر به ته ملڪ جو هڪ ننڍو حصو آهي نه!“
مان هن ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ جي بهادري ڏسي ٺري پئيس.
ان کان پوءِ ٻنهي جي شادي ٿي وئي. شاديءَ رات مان ڪيتري رات تائين جاڳندي رهيس. اُن رات مان جيترو پاڻ تي ناراض ٿي هيس، اوترو شايد زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ٿي هونديس. ستيءَ ۽ حشوءَ جي هلڪي هلڪي کِل کِل، چوڙين جي گِهڻ گِهڻ، ڪپڙن تي هاريل عطر ۽ گلاب جي پاڻيءَ جي خوشبوءِ- سڀ هوا جي هلڪن جهوٽن تي کڄي ٿي آيون، ۽ مان بيچينيءَ سان سوچيندي رهيس! ”ڪاش، مان به ڪجهه سال اڳ ۾ حشو ۽ ستيءَ جيڏي همت رکي ڪنهن رواجي ڪمائيءَ واري انسان سان ئي زندگيءَ جي دک سک جو ساٿ ٻڌي ڇڏيان ها.“ پر ان ڏينهن تائين ته مان داءَ لڳائڻ جي هرڪا پونجي- سونهن، شڪل، اکين جي مدهوشي، سرير جي چنچلتا- سڀ خاڪ ڪري چڪي هيس.
...پر اڄ اهي ساڳيا ستي ۽ حشو هئا، جي اڄ پاڻ ۾ وڙهي آيا هئا، چڱو ڪيم- ڪنهن اهڙي جهڙي پگهار واري سان شادي نه ڪيم، نه ته شايد هڪ ڏينهن پڇتائڻو پوي ها. پر ستيءَ جو دک جي وقت مونکي ئي همدرديءَ لاءِ چونڊيو هو، سو منهنجي من ۾ هن ڇوڪريءَ لاءِ ممتا جو درياءُ اٿلي پيو. پنهنجي کٽ تي آرام ئي ڪين ٿي آيو. چيم، اُٿي وڃي ستيءَ کي گلي لڳائي سمهان. پر کٽ تان اٿيس، ته ڏسان ستي پنهنجي بستري تان گم! منهنجون ٻه به ويون، ڇهه به ويون. آڌي رات به گذري چڪي هئي. ٻاهر مينهن جي ڪٺي ٿيل پاڻيءَ مان ڏيڏرن جي ٽان- ٽان پئي آئي. چؤطرف سنسان انڌيري جو راڄ هو. ههڙيءَ ٻاٽ انداهيءَ ۾ ستي ڪيڏانهن وئي هوندي، اهو سوچي منهنجو بدن ڪانڊارجي ويو. وٺي زور سان ستيءَ کي سڏ ڪيم. ڇا ڏسان، هوءَ ڪٽهڙي جي پرينءَ ڪنڊ وٽان تڪڙي تڪڙي هلندي پئي اچي. ڪمري ۾ آئي ته سڄي پئي ڏڪي. ڪپڙن تي ٿورا برسات جا ڇنڊا پئجي ويا هئس. ٿڌي هوا پئي لڳي. چادر کڻي کيس ڍڪي ڇڏيم، ۽ ڀرسان ليٽائي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳيسانس. ڇوڪري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. منهنجي ڇاتيءَ ۾ مٿو لڪائي، وياڪلتا سان چيائين، ”دادي،...ٽن سالن ۾ هن طرح وڙهي پهريون ڀيرو هڪٻئي کان جدا ٿيا آهيون.“
ٿورن منٽن کان پوءِ غم ڪجهه گهٽيس ته چيائين، ”دادي، پر گُهريو ئي ڇا اٿم؟- نه محل، نه ماڙي! هيءَ به ڪا حياتي آهي؟ پاڻ ماستري ڪري ته چوي ملڪ جي شيوا ٿو ڪريان، مان هڪ سهڻو گهر ٺاهي ملڪ جي هڪ ڪُنڊ آباد ڪريان ته اها ملڪ جي شيوا نه ٿي ته ٻيو ڇا ٿيو؟ پيٽ ته ڪُتا به پيا پالين. اسين جو دنيا ۾ آيا آهيون ته پاتو لاٿو، سنجٽ سنوار، ڇا نٿو گهرجي؟“
مون کي حشوءَ جي خيالن ۽ رهڻيءَ جي چڱي ڄاڻ هئي، سو آهستي چيم، ”اسانجي ملڪ جا ڪئين انسان آهن، جيڪي خون- پاڻي هڪ ڪندي به سٺي زندگي نٿا گذاري سگهن. حشو ته وري به ٻارن جي دلين ۾ سٺيءَ دنيا آڏڻ جا ٻج ٿو ڇَٽي، سو هڪ ڏينهن شايد ملڪ جون ڪئين تو جهڙيون ناريون سٺا سڳنڌا گهر ٺاهي سگهنديون.“
”مان ته تيسين مري کپي به وينديس.“ ستيءَ جي اکين وارين پيالين مان ڇلڪندڙ آنسو اُڇلجي اچي منهنجي هٿ تي پيا. پاڻ کي چيم، ”ڀلا هيءَ ننڍڙي ڇوڪري، آئيندي جي نسل ۾ پاڻ کي جيئري ڏسڻ واريءَ فلاسافيءَ مان ڇا ڄاڻي؟“ کلي چيم، ”ستي تنهنجو ڏوهه ڪونهي، اڃا ٻار آهين نه.“
”ها، هو ته سمجهي ٿو، اصل ايڏي وڏي ٿي وئي آهيان، جو ننڍين ڳالهين جي گُهر ڪرڻ ئي نه گهرجي.“
ستيءَ کي جواب سو ڪين ڏنم، پر دل ۾ وڏي واڪي چيم: ”تنهنجي هن لوڏ تان گهوري وڃانءِ، ستي“ ۽ کيس پنهنجيءَ ٻانهن تي سمهاري ننڊ ڪرائي ڇڏيم.
صبح ساڻ حشو اچي مون وٽ سهڙيو، شڪل ڏاڍي لٿل هيس. دل به ڏاڍي ڀريل ٿي لڳس. منهنجي دل ۾ حشوءَ لاءِ موهه جي ايڏي اُڇل اچي وئي جو ڇا چوان. منهنجي ماءُ سچ چوندي هئي ته ”مُور کان وياج مِٺو لڳندو آهي، ڀائرن کان ڀائٽيا پيارا لڳندا آهن،“ حشوءَ جي ڀر ۾ ويهي، سندس مٿي تي هٿ گهمائي چيم، ”ستي ته توکان سواءِ هڪ رات ۾ اُٻاڻڪي ٿيو پوي، پوءِ الاجي پاڻ ۾ وڙهو ڪيئن ٿا؟“
”مان ڇا گهٽ اُٻاڻڪو ٿيو آهيان؟... پر وئي ڪيڏانهن؟“ حشوءَ اهڙي ته آڌيرتا سان پڇيو جو کِل اچي وئيم. چيم، ”سنان تي وئي آهي، ڀائي، ڀڄي ڪانه وئي آهي.“
حشوءَ لڄي ٿي چيو ”ڪڏهن ڪڏهن خسيس خسيس ڳالهه تان اچي طوفان لڳي، پوءِ وسي برسات، بس، گهر جو گاڏوئي چِڪ ٿيو پوي. ستيءَ جو به سچ پچ ڏوهه ڪونهي. جو قارون جو خزانو ته گهرندي ڪانهي، هوءَ به ته ويچاري سهڻو گهر رکي ملڪ جو هڪ ننڍو حصو سندر ڏسڻ چاهي ٿي، پر....“
ستي حشوءَ جا پڇاڙيءَ جا اکر ٻڌندي اندر گهڙي. سندس مُک تي ماڪ سان ڌوتل گلن جهڙي مرڪ، ۽ پيرن ۾ نرتڪيءَ جي ترڪ هئي. حشوءَ جو جملو پورو ڪندي چيائين، ”پر ملڪ جو ننڍو حصو ڀلا ڪيئن سهڻو ڪري سگهبو، جڏهن ملڪ جي اِلاهي ماڻهن جون رواجي ۾ رواجي گهرجون به نٿيون پوريون ٿي سگهن؟“ ايئن چوندي، ستي ڪپڙا ڪليءَ تي ٽنگي اچي اسان جي اڳيان ويٺي، ۽ مرڪي چيائين، ”آخر هڪڙو ڏينهن ته ضرور ايندو، جڏهن جيڪي ڪجهه مونکي نه ملي سگهيو آهي سو سڄي ملڪ جي نارين کي ملي سگهندو.“
پڇاڙيءَ وارن اکرن تائين ستيءَ جي مرڪ ڦُٽي، چپن جي ڪُنڊن وٽ ڏڪ ڏڪ ڪري ڪِري پئي حشو اکيون ڦاڙي ستيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳو. ستيءَ پنهنجا جَل ڀريا نيڻ زمين طرف جهڪائي ڇڏيا. حشو اکين ۾ پيار ڀري کيس ڏسندو رهيو. اها هڪ کن ڪيڏي وڏي ۽ مڌر هئي! ڀانيم، جيڪر اها سڄي کن، مور جا کنڀ پائي، آڪاش تي ناچ وجهي، ساري جهان کي ٻڌائي اچان ته پتي پتنيءَ جي وچ ۾ جيڪا انوکي پنهنجائپ ٿيندي آهي، ان جو ساکيات روپ اڄ ڏٺو اٿم.“
”هلون هاڻي گهر؟“ حشوءَ چيو.
ستيءَ زمين تان ڀِنل نظرون مٿي کنيون، ۽ اکين ۾ لڙڪ ۽ مک تي مرڪ ڀري چيائين، ”ها، ها...“
مان اچرج ۾ هن جوڙي کي ڏسندي رهيس. مشڪل سان ٻنهي کي نيرڻ تائين ترسائي سگهيس. جڏهن هو مون کان موڪلائي هيٺ وڃي رهيا هئا، تڏهن ڏاڪڻ تي کين چوندو ٻڌم، ”وڙهڻ جي معنيٰ اها ٿوروئي آهي ته اسان جو هڪٻئي سان پيار ناهي ٻه ٺڪر به پيا هڪٻئي سان ٺڙڪن، ان ۾ ڇا؟“.... ”پر دادي ڇا چوندي؟“ ..... ”چوندي وري ڇا؟ پڳلي!“ ۽ ان کان پوءِ ٻڌم هلڪي کل، جا سندن شاديءَ جي رات ٻڌي هيم.
ڪاش، پيار جي درياءَ ۾ هن طرح غريبيءَ جي شڪايتن کي ٻوڙي واهي ڇڏڻ جي ريت ڪجهه سال اڳ سکان ها، جڏهن اڃا جوان هيس. دل ۾ ستيءَ ۽ حشوءَ جي اچڻ وقت جيڪو سوڀ جو احساس ٿيو هوم، سو سندن وڃڻ بعد بدلجي شڪست جو احساس بنجي ويو آهي.
(”موتي جي مهراڻ جا“، مان چونڊيل)