رهـيـل جـانـچ : - ماهتاب محبوب
چوئنٽ وٽ بيٺي بيٺي کيس چڱي دير اچي ٿي، پر هو نه آيو. هِن وڏا سڏ ڪيا.
”نياز... نيازو.... نيازو... و... و.... و!“
من جي پولار ۾ پري پري تائين آواز ويس، پر ٻاهر ٻڙڪ به نه ڪڍي سگهي نه ته جيڪر ست پاڙا اُٿي کڙا ٿين ها ۽ انهن جون ننڊون حرام ڪرڻ جي عيوض الائي کيس ڪهڙيون ٽسريون ٻڌڻيون پون ها. اهو سوچيندي هوءَ سراپجي وئي.
”ڪٿ وڃان... ڪٿ ڳولهيان... ڪنهن کان پڇان پنهنجي پنهل جو ڏس...“ هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو پر من جا سڀئي طاق بند هئا.
ٽيو ڏينهنڪو نظارو اکين اڳيان ڦري آيس...
کيس ايندو ڏسي هو رسي ڀت ڏي منهن ٿي ڪري ته هن اچي ڀاڪر پاتس. اهو سندس پرچائڻ جو خاص انداز هو جيڪو هن جي سڀني رسامن کي ريٽي، مرڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هئس. ”ايڏيون ديريون ڪبيون آهن...؟“
”خبر نه ٿي، اِهي ديريون قرب جون ويريون ٿين... ايڏا خراب خيال ٿا اچن جن جو ڪو انت ئي ناهي، اڳتي جي ايئن ڪيهءِ ته مان مري...“
”شه شه شه...“ ڇاتيءَ کان الڳ ڪري سندس چپن تي آڱر رکندي چويس ٿو، ”متان اها ڳالهه ڪئي اٿئي، دير سوير تو وٽ پهچو ته وڃان نه، اِهي اجايا خفا ڇڏي شينهڻ ٿي گهر ۾ ويهندي ڪر.“
”اِن اڪيلائيءَ ۾ ته شام کان ئي دل ۾ گدڙ اچو ويهي.“
”اڪيلي ڪٿي آهين. هي ٻه نياز نه ويٺا اٿئي.“ هن مرڪي معصومڙن ڏي اشارو ڪيو.
”اِهي ٻوٽا ته الائي ڪڏهن وڌي وڻ ٿين منهنجو ڇانورو ته تون آهين... وري نه ڪرائجانءِ اوسيئڙو.“
”بنهه نه“
”پڪو انجام ڏي...“
”مڙساڻو انجام“ هو کاڏيءَ تي هٿ رکي چوي ٿو.
ٻئي ڏينهن انجام موجب پوريءَ مهل تي آيو. پر اڄ ته سمورا ليڪا لنگهي ويا.
هِن ڄاتو ٿي ته مل ۾ فورمين هئڻ ڪري ڪنهن مهل هُن کي دير ٿي ويندي هئي، پر اهڙي دير ته ڪڏهن به ڪونه ٿي. نڪ تان رئي ويڙهي هٽائڻ سان کيس محسوس ٿيو ته يڪي دٻاءُ پوڻ ڪري رت بند ٿي ويو، ڪالهه ئي ته ٺهي آئي هئي اِها نٿ، جنهن کي پائڻ جي نه ڪا هير هئس نه ئي شوق، پر نياز جي خواهش هئي ته کيس اِها ضرور ٺهرائي ڏي، جو شاديءَ ويل سکڻو لونگ آڻي سهري جي تريءَ تي رکيو هئائين، جنهن سندس اشرافت تي موهجي اهو ڪري اکين سان لاٿو. پر اڳيان نياز به روايت پسند سنڌي، اهو ڪيئن ٿي نٿ جي اهميت مان ڪنڌ ڪڍائي سگهيو. هن کي خبر هئي ته اِهي سهاڳڻين ڀاڳڻين جو شان ليکبيون آهن، پوءِ ڀل ته پيڙهين کان پيتيءَ ۾ پرڙيون پيون هجن.
پائي پائي گڏ ڪري هن نٿ جوڙائي. ڪالهه اِها پائڻ لاءِ گهڻو ئي زور ڀريائينس پر هن نه مڃيو- چيائينس، ”مان ته صبح جو وهنجي سهنجي نوان لٽا اوڍي پوءِ پائيندس، شام جو اچي ڏسجانءِ ته ڪيئن ٿي جڙيم.“
صبح کان نٿ پائي هوءَ ڪڪ ٿي پئي، اوڙي پاڙي وارين کيس مبارڪون به ڏنيون، پر جنهن کي پائي ڏيکارڻ جي اُڻ تڻ هئس، اهو ته اڃا سوڌو نه موٽيو. ايڏي تڪليف سهڻ کانپوءِ دل چيس ته اِها لاهي ڇڏي، پر ان خيال ايندي ئي رهندو وهم وڪوڙي ويس... ”اڳ ئي من ماندو... ويتر خيري صلي نٿ وڌائي بدسوڻي ڪريان! ڀل ڪيڏي به پيڙا ڀوڳيندي هجان، جيتر پاڻ نه اچي تيتر نه وڌائيندس.“
هن چاهيو ته سامهڻو در کڙڪائي پاڙي جي چڱي مڙس کي وڃي جاڳائي ته اُٿي ڪا هن جي ڳولها ڪرائي، پر لوڪ لڄا کان آڌين جو پراوا در کڙڪائڻ جي حجت نه ساري سگهي.
”روز ٻه ميل ٽنگون هڻي بس ۾ ٽنگجي اچڻ ۽ وڃڻ واري شهر جي نوڪريءَ کان ته چڱو جو بابي وٽ وڃي ڳوٺ رهجي.... ٻني ٻارو سنڀالي گذارو پيا ڪنداسين... بابو پاڻ وندرجي پوندو، ٻيو ڪهڙو مِٽ اٿس اسان کانسواءِ... حياتي وِهه ڪندڙ اوسيئڙي کان به جان ڇٽي پوندي...“ هن سوچيو. پر جتي هو رهيا پي اهو به ته شهر جو نهايت ئي پٺ تي پيل علائقو هو، ڄڻ ڪو ڳوٺڙو.
هِن جو رنگ زرد ٿيندو ويو، چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا، اوسيئڙي مرڻ ڪنڌيءَ تي آڻي بيهاريس. در تي هٿ ڍرا ڪري هوءَ گِهرڪندي چئونٺ تي لڙي پئي. پهرين باک سان هن وڃي پاڙي جا در کڙڪايا، ڪنهن وٽان به هٿيڪو ڏس نه مليو ته اُن دم بابي ڏي ماڻهو مڪائين. پاڙي واريون گهر ۾ مڙي کيس جهار جيان ورائي ويون، هوءَ روئي رڙي لڇي ڦٿڪي بي حال ٿي پئي. پوياڙيءَ جو وڏي هڻ هڻان کان پوءِ پراڻي پلِ هيٺ، وڻن جي جهڳٽن مان وڃي ڪو نياز جو پار پتو پيو، جنهن مان اِهو گمان ڪڍيو پي ويو ته وٽس يڪا ڏوڪڙ ڏسي، مل جي ڪنهن ساٿيءَ گهاٽ گهڙي اونڌاين جي اوٽ وٺي ساڻس اها ويسا گهاتي ڪئي.
چئن چڱين جي ميڙاڪي ۾ هڪ جهونيءَ اڳتي وڌي اچي هن جي نٿ لاٿي ته کيس لڳو، اِها نٿ نه پر سِگنل هو، جنهن واڏاڻ ۾ اٽڪي رت ريلا وهائي نياز جي خون جو اطلاع ڏنو! هن جي اکين ۾ اُماس جون اونڌايون لهي آيون، سمورو آسمان ڇڪجي اچي مٿان ڪريس. ”نيازو... و.... و....و...“ هوءَ دهشتناڪ رڙ ڪري غش کائي، فرش تي ڍرڪي پئي.
ڏينهن پڄاڻان نه خوني سوگهو ٿيو نه ئي ڪا خون جي ڪڙي جانچ ٿي سگهي ته ربوءَ ڌيءَ کي چيو،
”هل ته هلي ڳوٺ رهون، اِت رهي ڇا ڪندينءَ.“
”هاڻ ڪيڏانهن ويندس اِهي ڪک ڇڏي، اهائي ته نيازو جي ياد گيرين جي مِلڪ وڃي بچي اٿم...“
”جيئني ٻچڙا، دل نه لاهي ڌيءَ، رب جي سرڪار ڏاڍي آهي، پِٽين کي پاڻهي پڄندي.“ هن کيس دلداري ڏني ۽ ڳوٺ زميندار جي چاڪري ڇڏي ساڻس رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڏينهن رات مشين تي اوڙي پاڙي جا ڪپڙا سبي هن ٻچن کي ٿي پاليو ته گهر به ٿي هلايو- ڇاتيءَ ۾ لڳاتار سور جي سٽن، ايڏو ته ڪمزور ڪري ڇڏيس جو هڪ اڌ ڪپڙو سبڻ سان ئي بس ٿي ويندي هئي، پر ساهيون پٽي پٽي جيئن تيئن ڪري هن اهو گاڏو ٿي گهليو. هوءَ مکڙي جيان مرڪي، گل جيان ڪومائجي وئي هئي، لڳو ئي نٿي ته هيءَ ڪا اها شانان هئي، جنهن جي نيمڪ واري چهري تي سدائين مرڪن جا رنگ پکڙيل هوندا هئا.
تنهن شام سبيل ڪپڙا ڏئي موٽي، ته ڏٺائين ورانڊي ۾ رکيل مشين غائب هئي! هن پاڻ کي گهاڻي ۾ پيڙجندي محسوس ڪيو....
”جن جا وارث وصي هليا وڃن، تن جي تڏي چورن کي اچڻ جو ڪهڙو ڀئو...“ هن ڇڙو ايترو سوچيو، زبان سان ڪجهه نه چيو، نياز کانپوءِ هن ڄڻ پنهنجا چپ سبي ڇڏيا هئا.
ربو پنهنجي پر ۾ مشين ڪاڻ گهڻيئي سٽون ڏنيون پر معاملو کانئس چڙهيل هو. لاچاريءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري، ڌيءَ آڏو اچي ويٺو. هوءَ ان مان ئي سمجهي وئي ته کيس دٻي ۾ ٺلهيون ٺڪريون به ڪونه مليون.
مشين جي چوري، ربوءَ جو سک ڦٽائي وڌو، هو گهر جي ٻاهران ننڍڙي ڇپر ۾ ٻڌل مينهن جي ڀر ۾ کٽ وجهيو پيو هوندو هو ته ڪٿي اهو واحد وسيلو به نه کڄي وڃي. پاڙي جا ڇورا ڇنبر، مڙها سڙها ۽ رنڙ اڌڙوٽ به ننڍي نيٽي نينگر گهر ۾ ڏسي هرو ڀرو جو به اچي پوڙهي سان همدرديون ڪرڻ لڳا.
خون ۽ چوريءَ جي باري ۾ ماڻهن جون پڇائون ۽ صلاحون ٻڌي ٻڌي هن جا ڪن ئي پچي پيا. تنهن ڏينهن اُجهڪا پي کاڌائين ته علوءَ ٽانگي واري اچي تيلي ڏنس،
”ميان اڄ مشين وئي ٿئي سڀاڻي وري ڪجهه ٻيو ويندءِ. اُٿي ڪو بلو ڪر، پوليس ۾ رپورٽ لکرائي، ايئن ٻانهن سيراندي ڏيو پيو واڏاڻ ڇندين تنهن مان ڇا ورندءِ.“
”ڀائو رپورٽ لکرائي ڇا ڪبي، اشراف ماڻهو ڪٿ پيا ٿاڻن جا ڌڪا کائينداسين“ هن چلم جي ٽوپي ۾ پيل ٽانڊن کي ڦولاريندي وراڻيو.
”پر ماٺ ڪري ويهڻ به ته مڙسي ناهي، اها ته رهندو چورن کي هٿي ڏيڻي ٿي.“ علوءَ کٽ تي پير رکندي چيو.
”سچ ٿو چئين پريا مڙس،“ ميڙو متل ڏسي، مانڊڻيءَ وارو نوجوان بشير به رڙهي اورتي آيو. ”نياز جي خون جو ته ڪو داد فرياد ڪونه ٿيو پر چوريءَ جو به کرو نه مليو! اهو ته نسورو ناحق آ غريب ٻچڙيوالن سان.“ ٻه ٻول همدرديءَ جا ٻولي، هن کٽ تي ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويهڻ جو ڄڻ حق حاصل ڪري ورتو.
”ابا رب الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي، شل حقون به رکي ناحقون به، جن اسان سان ڪئي آهي، موليٰ انهن جون به برباديون آڻيندو... رڌيون ڪُنيون لاهيندو....“
”چاچا اهي زالاڻا پاراتا توکي ڪونه ٿا سونهن، يا عليءَ جو نعرو هڻي اُٿي ڪا مڙسي ڪر، مڙساڻيون غيرتون هٿ وٺي وڃائبيون ڇا.“
”بشيرو جائي ٿو چئي،“ علوءَ ٽيڪو ڏنو. ”دشمنن کي دشمنين سان پڄبو، اشرافت جا زمانا ويا موٽ کائي، ننڍي نيٽي نينگر اٿئي گهر ۾، جي بوتو بڻيو ويٺو هوندين ته ان کي به نه ڪاهي وڃن.“ هن رهڙ ڏني.
”ڳالهائين ڇا ٿو...!“ هو کهرو پوڻ تي هو پر هيڻن هڏن هڻي ٺپ ٺاري وڌس، نه ته جيڪر اها ڳالهه ٻڌڻ سان کل ئي کاري وجهيس ها، رڳو ايترو گفتو ڪڍيائين:
”جڳ جي نياڻين جي صدقي الله اسان جي به لڄ رکندو.“
نيٺ روز روز جي توتڙن، کيس ٿاڻي جو منهن ڏيکاريو.
.... .... .... ....
”ميان اها مشين ڪير هلائيندو هو؟“
ڳهٽيل اکين واري صوبيدار موليٰ بخش، شهپر وٽيندي پڇيو.
اهو ٻڌي هن ميز تي مڪ هڻي شودپائيءَ مان ڳاٽ مٿي ڪندي وراڻيو:
”سمجهه ته چور لڀجي ويو.“
”ڪيئن سائين؟“ ربوءَ جي چهري تي اُميدن جو چمڪاٽ ٿيو.
”ميان ڌييڻن اها مشين پنهنجي يار کي ڏئي ڇڏي آهي.“
”سائين-!“ هن دانهن ڪئي ته صوبيدار گجگوڙ مان وراڻيس:
”اڙي وري دهمان ٿو ڪرين کوٻلا، وٺي اچينس ته سچي ڪرايانس، ڏسجانءِ ته ڪيئن نه ٿي ٻولي.“
”سائين معافي ڏي، مون رپورٽ تان ئي هٿ کنيو.“
”هٿ ٿو کڻين رپورٽ تان جو تنهنجي صاحبي آهي، اهو ته رهندو چورن سان ساٿ ٿيو، ڪيانءِ اندر؟“
”سائين منهنجي پڳ نه اُڇل، مڙئي مهر ڪر... توکي پنهنجي ٻچڙن جو قسم، مان ته وڃي کڏ ۾ پوان، هن بيواهي کي ته نه روليو جنهن جي ڪونڌر مڙس جي خون جو ڪيس به لئي مٽي ٿي ويو!“
”خون جي جانچ ڪا چرچي جي ڳالهه ڪانهي، مون کي ته لڳي ٿو مڙس به مائيءَ پاڻ مارايو آهي، اها رهيل جانچ به پوري ڪرائبي.“
”سائين الله لڳ، منهنجي ڳوڀ مسڪين نياڻيءَ تي اهو دئين نه رک.....“ هو هراسجي ويو.
”اڙي ڀوڪ اِهي رنون ئي ته يارن پويان مڙس مارائينديون آهن، سڀاڻي ٻچا ڳچيءَ ۾ وجهي، مشين واري يار ڪڍ هلي ويندءِ تڏهن اک کلندءِ.“ اهو ٻڌڻ سان هن جو هيانءُ کاڄي ويو، رت سڙي منهن تي دانگي گهمائي ويس، هو مٿو جهلي پٽ تي ويهي رهيو، ۽ ڊڄندي ڊڄندي چوڻ لڳو:
”ايڏي زوراوري نه ڪر سائين.... ڪا ڪهل ڌار.....“
صوبيدار موليٰ بخش، جنهن چڱو عرصو ڊس مس ٿي رهڻ کانپوءِ، حرفتن سان نئين سنئين وڃايل عهدو ماڻيو هو تنهن اُبتا تارا ڪندي ٽيڳر مان وراڻيو:
”گهڻي ٽڻ مڻ ڪيهءِ ته هينئر ئي ٿو لاڪپ ۾ هڻئين.“
”سائين باڇا پير جي ڊوهي اٿئي....“ هن وري جهولي جهلي ليلهڙاٽ ڪيو.
”چه...“ صوبيدار کي بڇان وٺي وئي. هن ٻه وکون پريان، ڀڳل ڪرسيءَ تي ويٺل جمعدار خميسي کي هڪل ڪندي چيو.
”هن چچڙ کي ته هڻينس لاڪپ ۾ ڀيڻسان مٿو ڦيرائي ويو آهي.“
جمعدار بي اعتباريءَ مان ڏانهنس نهاريو ته هن وڏي کڙڪي سان چيس:
”سمجهئي نه ڳالهه کي؟“
”سائين بس، سمجهي ويس.“ هن هوشياريءَ مان وراڻيو ۽ ڪياڙي ربوءَ ڏي گهمائيندي رازداريءَ مان چوڻ لڳو:
”جهونا، پيءُ جيڏو ٿي پيو آهين تنهنڪري تنهنجو حال ڏسي قياس ٿو پئيم، هڪ ئي صورت آ تنهنجي ان ڪيس مان بچڻ جي...“
”ٻچا بچنئي وارو ڪر.“ اُجهامندڙ لاٽ ڀڙڪو کاڌو.
”رپورٽ رد ڪرائڻ جي ڏوهه جا هزار پندرهن سؤ کڻي اچ، پوءِ تون ڇٽل آهين. هاڻي هل، سائينءَ کي ٻيا ڪيس نبيرڻا آهن.“
(ماهتاب محبوب جي ڪهاڻين جي مجموعي ”مٺي مراد“، تان ورتل)