ڪــــــاري : - ثريا سوز ڏيپلائي
ٻار گڏجي گُڏيءَ کي ڇيڙڻ لڳا ۽ جڏهن گُڏي انهن جي پٺيان ڊوڙي تڏهن ٻار تاڙيون وڄائيندا، کلندا پري پري ڀڄڻ لڳا ۽ پريان بيهي وري به کيس ’ڪاري‘ ڪري ڇيڙڻ لڳا.
گُڏي ويچاري گهڻي ئي پٺيان ڊوڙي، پر اَٺن ٻارن سان ڪٿي ٿي هيءَ غريب پهچي. رئڻ جو آواز ٻڌي آءٌ ڇرڪي اُٿيس ۽ دريءَ مان هيٺ نهاريم، گڏيءَ کي روئندو ڏسي ڄڻ هانءُ وڍجي ويم، جي گڏيءَ جو رنگ ڪارو هو ته ان ۾ سندس ڪهڙو ڏوهه هو؟ خدا جي قدرت هئي، اَٺن ٻارن ۾ صرف سندس ئي رنگ مون تي ويو.
ٻيا ٻار اهڙا اڇا ۽ گلابي هئا، جهڙا گلاب جا گل! بلڪل پنهنجي پيءُ جهڙا هئا ۽ گڏي ويچاري مون وانگر ڪاري!
آءٌ لهي هيٺ ويس، ويچاري نياڻي، نون سالن جي ٻار معصوم مون کي ڏسي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
”نه روءُ منهنجي مٺي. ڪارا ته پاڻ الله جا پيارا آهن.“ مون کيس ڀاڪر پائي چيو ۽ پوءِ چميون ڏيئي مٿي وٺي آيس. ويچاري کي پيار مليو ته هنج ۾ ئي سمهي رهي. منهنجي نيڻن ۾ اڄ کان پورا ويهه سال اڳ جو نظارو تري آيو.
منهنجي اَميءَ جو رنگ به تمام سهڻو ۽ اَڇو هو. ٻيا سڀ ڀاءُ ڀيڻ به انهيءَ تي ويا، سهڻا ۽ ڳورا پر آءٌ... بابا وانگر بنهه ڪاري! بابا سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو، ان ڪري سندس بدليون نون نون شهرن ۾ پيون ٿينديون هيون، هر شهر ۾ ماڻهو به نوان نوان ملندا هئا ۽ بابا جي سٺي پوسٽ جي ڪري هر ڪو آيو ويو. ننڍڙا ٻار ڏسي خرچي به ڏيندو ۽ پيار به ڪندو هو، پر مون کي اهو پيار ڪڏهن به ڪونه ملندو هو، ڇو ته ماڻهو مون کي پاڙي جو ٻار سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيندا هئا، اهڙيءَ طرح اهڙا ڪيترائي موقعا آيا جڏهن مون کي پنهنجي ڪاري رنگ جو هيڪاري احساس ٿيو.
ننڍي هوندي ته خير ٺهيو، پر جڏهن ڏهن يارهن سالن جي ٿيس، تڏهن اڪثر مون محسوس ڪيو ته ٻين ٻارن ۽ خاص ڪري منهنجي وڏيءَ ڀيڻ جي مقابلي ۾ اميءَ مون کي ڪمتر ٿي محسوس ڪيو. اميءَ جي لاپرواهيءَ جي ڪري ننڍا ڀاءُ ڀيڻ به مون کي اهميت ڪونه ڏيندا هئا. بابا جو البت ورتاءُ جهڙو ٻين سان سٺو هو، مون سان به اهڙو ئي هو.
ياد ٿو اچيم ته هڪ ڏينهن بابا هڪ سهڻو گلابي رنگ جو ڪپڙو وٺي آيو. سڀ ڏاڍا خوش ٿيا.
”آءٌ پائينديس.“ مون چيو.
”تون.“ اميءَ ٽهڪ ڏيئي چيو.
”توکي ڪو هي رنگ ٺهندو ڇا؟ هروڀرو ڪپڙي جي سونهن ئي لڪي وڃي.“
اَميءَ کي منهنجي ڪاري رنگ وانگر آءٌ به ڪونه وڻندي هيس!“ اهي لفظ ٻڌي آءٌ ته شرمسار ۽ رنجيده ٿي ماٺ ٿي ويس پر ٻين ٻارن کي لڳو رونشو تن ٽهڪ ڏيئي:
”ڪاري ڇوڪري ڪپڙا پائي گلابي.“
جو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو. نيٺ مون کي روئاري ڇڏيائون ۽ پوءِ جڏهن بابا کين ڇينڀيو تڏهن ڪٿي ماٺ ٿيا.
جيئن سرءُ جي مند ۾ وڻن جا پن هڪ هڪ ٿي ڇڻندا آهن. تيئن ڏينهن گذرندا ويا.حالتن مون کي اهڙو احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، جو ڪابه ڳالهه سهي ڪانه سگهندي هيس.
هڪ ڏينهن الائي ڪهڙي ڳالهه تي وڏي ڀيڻ ڪاوڙجي مون کي چيو ته ”هل ڙي هل، آهين به ڏاڍي سهڻي جو ايڏي وڏائي ٿي ڪرين.“ اديءَ جو اهو چوڻ منهنجي سهڻ کان ٻاهر هو، سڀ خوبيون ڪاري رنگ لڪائي ڇڏيون هيون: اصل انهن لفظن مون کي باهه ڪري ڇڏيو، ۽... پوءِ اهو ٿيو جيڪي نه ٿيڻ کپندو هو شايد.
’چٽاخ‘ جو آواز ٿيو ۽ ان سان گڏ اديءَ جو هٿ سندس ڳل تي پهچي ويو. ادي ڪجهه ششدر ٿي چيو، ”تو هي ڇا ڪيو ڪڪي!“
ڀلا ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه، سمجهي ڪري ته ڪونه هنيو هومانس نه، الائجي ڪيئن غيرارادي طور منهنجو هٿ مٿي ٿيو ۽ اديءَ جي ڳل تائين پهچي ويو. پر پوءِ جڏهن سرت ٿيم. تڏهن متيون ئي منجهي ويم، سو وٺي گهر کان ٻاهر ڀڳس ۽ پاڙي ۾ هڪ جيڏيءَ جي گهر وڃي راند ڪرڻ لڳس. سڄو ڏينهن راند ڪندي رهيس ۽ گهر وارا ڳوليندا رهيا. جڏهن سانجهيءَ مهل ڪجهه اوندهه ٿي تڏهن پير، پير ۾ ڏيئي ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ پيل وهاڻن جي ڍڳ تي وڃي سمهي رهيس. الائجي ڪيڏي مهل ادي وڏي هنڌ کڻڻ آئي، تڏهن پهرين مون کي ڏسي ڇرڪي، پر پوءِ سندس من ۾ رحم جو ڪو جذبو جاڳيو، سو ڪڇي ڪونه ۽ وڃي ماني کڻي آئي. ماني کائي اتي ئي سمهي رهيس ۽ ادي وڏي وڃي گهر جي ڀاتين کي ٻڌايو ته هاڻ ڪڪيءَ کي ڳولهڻ جي ضرورت ڪانهي. هوءَ ته کائي پي سمهي به رهي. ان ڳالهه تي سڀ گهر جا ڀاتي ته ٿيا بي الڪا، پر مون کي اڃا الڪو هو، سو اِهو ته اڃا بابا ايندو ان کي منهنجي ڪيل بدتميزي ٻڌائي ويندي ۽ پوءِ مار... مون ايترو اڃا سوچيو مس ته بابا به اچي ويو. مون کڻي اکيون بند ڪيون ۽ بابا جي مار جو انتظار ڪرڻ لڳس ته اجها ٿي مار ملي.
بابا جي اڳيان ماني رکي امان ڳالهه شروع ڪئي. ”ڪڪيءَ جا افعال ٻڌا اٿئي؟“
”ڇو ڇا ٿيو. ڪهڙو گناهه ڪيو اٿس؟“ بابا گرهه چٻاڙيندي چيو.
”ڏوهه ته وڏو ڪيو اٿس وڏي ڀيڻ تي هٿ الاريو اٿس.“
”پر آخر ڇو، پوري ڳالهه ٻڌايو ته خبر پوي.“ بابا ڪنهن جج وانگر چيو، ۽ اديءَ کان واقعي جا تفصيل پڇيائين. اديءَ ٻڌايس، ”بابا مون الائجي ڪهڙو ڪم چيومانس ته جواب ڏيئي ڇڏيائين. مون رڳو ايترو چيو ته آهين به ڏاڍي سٺي جو ايترو وڏاءُ ٿي ڪرين.“
”ته پوءِ پٽ. ڏوهه تنهنجو آهي.“ بابا چيو.
”ڇو بابا.“ ادي حيران ٿي چيو هو.
”امان تو ڪڪيءَ کي ايئن چيو ڇو؟ ڀلا ڪڪي ڇا ۾ خراب آهي؟ شڪل کان وڌيڪ اهميت افعالن جي هوندي آهي. سهڻو يا بڇڙو، سٺو يا خراب ته انسانن کي ماحول ٿو ڪري، وڏي ڳالهه آهي عزت جي ۽ عزت هر انسان لهڻي، تون ڪڪيءَ کي پيار ۽ عزت سان چوين ها ته هوءَ ضرور تنهنجو ڪم ڪري ها. هڪڙي خوددار ڇوڪريءَ کي شاباس ڏيڻ بدران سزا ڏيڻي ڪانهي؟ ڪڪي آهي ڪٿي ته آءٌ شاباس ڏيانس.“
بابا جي هيءَ ڳالهه ٻڌي ادي ۽ امان ته اصل چڙي پيون. مون جو شاباس جي ڳالهه ٻڌي سا اٿي اچي بابا جي ڀرسان بيٺس ۽ چيو هئم.
”بابا ادي پيار سان چوي ها ته ڪم ڪري ڏيان ها.“
”بلڪل ٺيڪ.“ بابا چيو ۽ اديءَ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو:
”پٽ، شڪل ۽ صورت کي نظرانداز ڪري ٻين جي عزت ڪر ته توکي به عزت ملي ۽ ڪم به وٺ، قرب سان. ايئن برابر آهي ته ڪي ماحول جي ڪري ماڻهو اهڙا ٿيو وڃن جو گار ۽ مار کائي ڪم ڪن ۽ ڪي وري اهڙا آهن جو گلن کان به گهائجيو وڃن، اسان جي ڪڪي به گلن کان ٿي گهائجي. غلطي تنهنجي هئي هاڻي کيس پيار به ڪر ۽ معافي به وٺ.
پوءِ بابا مون کي ويهي سمجهايو ته وڏن جي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ جواب نه ڏيڻ گهرجي. پر پهريائين منهنجو پاسو ورتائين ته آءٌ اصل خوشيءَ ۾ ڀرجي ويس.
ان ڏينهن بابا مون کي جيڪا خوداعتمادي بخشي سا منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويئي. سڄي عمر منهنجي رهنمائي به ڪيائين، نتيجي ۾ آءٌ تمام خوشگوار زندگي گذاري رهي هيس.
اڄ گڏيءَ کي ڏسي سوچيان ٿي ڇو نه جيئن بابا منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ خوداعتمادي بخشي، تيئن آءٌ به گڏيءَ لاءِ ڪريان ها. مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. جيئن مون علم حاصل ڪري پنهنجي هستيءَ کي مڃرايو ۽ ٻين جي عزت ڪري مان پرايو. تيئن ڪرڻ جو گڏيءَ کي به سبق ڏينديس. مون کي خبر آهي ته ”اڀري ڍور تي مڇر گهڻا.“
پاڻ کي پاڻ ئي گهٽ سمجهبو ته ٻيا به گهٽ سمجهندا. آءٌ اڄ کان ئي عملي طور تي جيڪو پيار ۽ توجهه چاهيندي هيس سو گڏيءَ کي ڏينديس ۽ جن ڳالهين تان پاڻ کي ڏک ٿيندو هئم سي ڪڏهن به گڏيءَ لاءِ ڪنهن کي ڪرڻ نه ڏينديس.
ايئن ٿو لڳيم ڄڻ منهنجي اڳيان ويهه سال واري ڪڪي سمهي پيئي آهي، بلڪل ايئن آءٌ گڏيءَ جي ڪاري چهري کي چمان ٿي...
اڄ سمجهيو اٿم ته ٻين تي ۽ پنهنجي اولاد تي مڪمل توجهه ۽ قرب جا گلڙا اهي ئي وسائين ٿا. جيڪي ننڍپڻ ۾ انهن نعمتن کان محروم رهيا هوندا... بابا به ته ڪارو هوندو هو نه...
ته شايد بابا به... مون وانگر...
خير ڪجهه به هجي، منهنجي حياتي بابا ٺاهي ۽ آءٌ گڏيءَ جي ٺاهينديس، مون اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
(ناري پبليڪيشن جي ڪتاب ”هيل نه ڪوسنگ کاڌم“ 1979ع تان ورتل)