مـٺـي مـراد : - ماهتاب محبوب
ايڏهين ڪوڀ ۾ ڇا پيو ڪرين؟“ عينڪ، ٺونگي سان مٿي ڪري، چاٻين جو ڇڳو ٻانهيءَ جي حوالي ڪندي عجب مان پڇڻ لڳي.
”ٿڌڙي جاءِ آ نه، مونکي اتي سمهڻ ۾ فرحت ٿي اچي.“
”ايئر ڪنڊيشن مان اُلا ٿي نڪتا ڇا؟“ هن رهڙ ڏني.
”جيڪو مزو قدرتي ٿڌڪار ۾ آ، سو ايئر ڪنڊيشنر جي ڀون ڀونءَ ۾ ڪٿان لڀي.“
هن گوڏ جو پلاند ٺاهي، ڏندڙا ڪڍي وراڻيو پر نئين شڪار جي صاف بچي نڪرڻ تي دل ئي دل ۾ جک پئي کاڌا.
شاهه بانو ته هونءَ به کيس ڪانه ٿي وڻي، جو ڏاڏي پوٽيون ورلي وڻن. مڙيئي الو ڀلو ڪيو پي وقت نڀايائين. هن به گهڻا ڏينهن آسرو پلي لا طمع بنجي وڃي ٽي- وي ۽ ريڊيو سان لنئون لاتو. جتان ذڪاتن جا ذڪر ٻڌيو پئي سبحان الله سبحان الله ڪندي هئي ته ڪڏهن وري ”بُل“ مارڪه ڪلام ۽ ڪافيون ٻڌيو پئي دل پرڀائيندي هئي. جڏهن مبارڪ علي کي هن منجهان ڪا مٺي مراد نه ملي ته وجهه ملنديئي بنا دير وڃي ٻي پرڻيو جنهن سان منڍ منڍ ۾ هُن قربڙو ته رکيو ۽ ڪيئي ساوڻ سيارا لنگهي ويا پر ڪو ٻوٽو ڪونه ٻريو ته اُٿندي ويهندي ميتڙن جيان طعنا تُنڪا ۽ ٽين شاديءَ جون دل هول ڏياريندڙ ڌمڪيون ڏئي ڏئي کيس هيسائي ڇڏيو. نتيجي ۾ هوءَ به وڃي ٿي درگاهن بلي- راتيون مقامن ۾ اوجاڳا ڪڍندي ته ڏينهن زيارتن ۾ وارن سان ٻهاريون ڏيندي گذرڻ لڳس. ڳچيءَ ۾ ڳارا وجهيو ڇڙو پئي پير سوريندي هئي ته من ڪنهنجي دعا سان ڪا مٺي مراد ملي پئي. ولوءَ ڀوپي کان وٺي مارُل مستانيءَ جي آستاني تائين اهڙو ڪو در نه رهيل هو جت تعويذن ڦيڻن پٺيان هن جهوت جهوتان نه ڪئي هجي. حويليءَ ۾ ويهڻ ته خير ڪو، پر ڪڏهن ويهندي به ته اوڙي پاڙي جا مڙئي مهانڊا غاليچي تي پلٿي هنيون ويٺائي ويٺا هوندا هئا. هڪڙي پلاند ڇنڊي اُٿندي ته مٿان ٻي اچي پاڻ سٽيندي. درويشن ديوانن جا نوان نوان ڏس، تعويذ تڙن ۽ خوابن خيالن جا اڻ ميا ”نذرانا“ پرمتڙيءَ جي جهوليءَ ۾ وجهي پنهنجي آڌي کُٽيءَ جي پورت ڪيو بالم بڻيون پيون ڀوليءَ جيان هلائينديون هيس. وهم کيس ائين وڪوڙي ويا جيئن مانجهانداڻيءَ کي رسو. ڏهاڪو کن مهانڊا ساڻ ڪري قافلي جي صورت ۾ جتان به لنگهندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن تربت کي ڏسي اُتي ضرور ترسندي هئي ته متان ”ولي“ نه ڏمرجي. پر جي جيپ اڳتي نڪري وئي ته رڙ ڪري ڊرائيور کي چوندي:
”اي بيهجان، بيهجان يعقوب! ٿورو پوئتي هل ته سلام ڀري وٺان.“
انهيءَ ٿڙ ڦٿڙ ۾ برقعو به جيپ جي ڦيٿي ۾ اچي ويس. مُئي مئي بچي ته به اُٽلندو فخر مان چوڻ لڳي:
”ائي ڏٺو معجزو، اهو سائي پڙ واري پير ڇڪيو اٿم پاڻ ڏي- منهنجي ڇڪ ٿي اٿس، متان پٺ ڏيوس.“
ڪڏهن کليو کلايو ته ڪڏهن وڏيري جي ڊپ کان لڪ ڇپ ۾ سارو ڏينهن هلي هلي نه رڳو هن مومنياڻيءَ جي برقعي جو پڪو رنگ اُڏاڻو پر ساٽن جهڙي ترڪڻي لسي کل به فڪر ڳڻتين ۽ ڪاڙهن لُڪن ۾ لوساٽجي ڪوري بافتي جو روپ ورتو ته مبارڪ علي به پنهنجا پرڙا ساهيا. پهرين ئي اُڏام ۾ هُن جي اک وڃي برقعا پوش نرس تي پئي. قضا سان جنهن جو لنگهه ئي شاهي حويليءَ اڳيان ٿيڻ لڳو. هن جي نئين فيشن واري سئنڊل جي پائنٽيڊ هيل پدهڻن پيرن سميت هيانءُ ۾ ايئن کپي ويس جيئن ڪِلي کُپي ڀت ۾. تنهن ڏينهن کان پوءِ روزانو اسٽيريو ٽيپ کڻائي نم جي ڇانو ۾ شاندار رلي وڇايل ڳاڙهن پاون واري کٽ تي ويهي هاسيڪار وڏيون وڏيون کنگهڪارون ڪري ڇيڙي نبيري وارن سان ويٺو حال احوال ڪندو هو. بس رڳو سئنڊل جي کڙڪي ٻڌڻ جي دير هوندي هئي جو ٽيپ جي پلي واري بٽڻ کي دٻائيندو هو. جنهن ۾ ڳاتل سمورا گيت سندس دل جي ترجماني پيا ڪندا هئا.
”تنهنجي اچڻ جون واٽڙيون،
نِت نت اُڀي نهاريان“
ته ڪڏهن وري:
”منهنجي اڱڻ اچين مونسان مُرڪي ملين،
تنهنجي قدمن تان قربان ٿيان“.
زال ذات کي مرد ماڻهوءَ جي ڪهڙي ادا، خبر ناهي ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن وڻي وڃي. لاشڪ ته ممڙائي اسٽائيل نرس کي به موهي ڇڏيو- جنهن جو ثبوت اُهي نت نوان عطر ۽ سستيون سينٽون هيون جن جو استعمال شايد ته هوءَ پاڻيءَ جيان ڪرڻ لڳي جو سندس لنگهندي ئي انهن جون هٻڪارون وڏيري جي چوگرد پکڙجي پئي ويون. جن کي هن وڏا ساهه کڻي پئي جهٽيو نه ته جيڪر اهڙين سادين سينٽن کي هو ٿُڪ ئي نه هڻي.
نينهن نيٺ هڻي هنڌ ڪيو. جلد ئي ڪنوار بڻجي ڪڙن ڪوٽن ۾ اچي قابو ٿي پر،
”جاڏي وڃي واگهو تاڏي پاڻي تانگهو“
جيان لڳو ٿي ته اها شادي به وڏيري کي ڀانءِ نه پئي، جو انهيءَ سان سندس گوڏن جو پراڻو سور تهائين سهڻ کان ٻاهر ٿي ويو. لاچار کيس سرڪاري اسپتال جي در اڳيان ويٺل ڄورن واريءَ سان رابطو قائم ڪرڻو پيو جنهن چئن ڄورن وارو سنياريل ٽڀو سمجهاڻيون ڏئي سندس حوالي ڪيو. رات ٿيندي ته هئو مئو ٽاري پلنگ هيٺان هٿ ڊگهيري ٽڀو سيريندو ۽ هر هڪ گوڏي کي مکڻ ذرو مکي ٻه ٻه ڄورون چهٽائي ڇڏيندو هو. تڏهن وڃي ڪنهن حال ۾ ڏسبو هو. نئين جوءِ تي سندس گهڻو راز هيو جو سارو ڏينهن هنج ۾ ليٽيو پيو مٿي کي سيرون ڏياريندو هيس. اڃان هن پيار جي ڇانوَ ۾ ڪي گهڙيون ئي ڪونه گهاريون ته جوڻس جو ارواح هن تان کڄي ويو. ڪجهه ٽِڀي واري لقاءُ ڪري، ڪجهه مهل ڪمهل ٽوٿ پڪ سان پاڏي جيڏو وات ڦاڙي ڏاٺن کوٽڻ جي عادت جي ڪري ته ڪجهه وري مٺي مراد ماڻڻ ۾ دير پوڻ ڪري. هو کيس نڙيءَ ۾ ڦاٿل ان مک جيان لڳو جيڪا نه ڪڍي سگهجي نه ڳهي سگهجي.
هوءَ ڏاڍي حيران پريشان رهڻ لڳي. گهڻو تڻو ته ڪو ڪتابڙو کڻي روح وندرائيندي هئي نه ته مٿي کي پٽي ٻڌيو پئي ڪنڊون پاسا ڳوليندي هئي، ڀائين ته وڏيرو پري هجي ته چڱو.
هو اڃا شهپر وٽي ويجهو ئي مس آيو ته ٻوٿ بڇڙو ڪري چوڻ لڳي:
”وڏيرا ايڏهين ايڏهين! آءُ چاڪ ڪونه آهيان.“
”ڇو مٺا، هاڻ مان توکي ڪونه ٿو وڻان ڇا؟“ هُن بيٺي ئي پڇيو.
”ڇو ڪونه ٿو وڻين“، هوءَ کٽ تي ڄنگهون سيون ڪندي چوڻ لڳي- ”گهڻئي ٿو وڻين پر ڇا ڪيان جو مٿي جي سور ڪري ڪا ڳالهه ئي نٿي وڻي.“
”ڀر ۾ ويهڻ تي به مارشل لا لڳل آ ڇا؟“
”ويهه ڀلي اکين تي پر کٽ کي ڌڏڪو نه ڏجانءِ.“
اهو ٻڌڻ سان هن جي سموري حشمت نڪري وئي. سگريٽ دکائيندي چوڻ لڳو:
”مٺا هينئر ئي اهڙيون وڇوٽيون ڪيئه ته اڳتي الائي ڇا ٿيندو؟“
”اَلا، اها ڳالهه ناهي.“
”نيٺ به، ڪائي ته ڳالهه هوندي؟“
”خالي هيانءُ، چانهه جي هڪ ڪوپ سان يڪيون ساريون ٽي گوريون ڳيتيون اٿم- کاڌو ته وڻي ئي ڪونه. ڌڏڪي سان تهائين دل ٿي ڪچي ٿئي- هوءَ ڪرسي پئي اٿئي، اورتي ريڙهي اچي ويهه.“
ايئن چوندي کيس ٻڙڪو آيو.
”بس بس، مان سمجهي ويس. آهي ڪو ڪچو پڪو الله مان اميد ڪا لاهبي ڇا. ديريون سويريون ته ٿينديون ئي آهن.“
ايئن چئي ڊگهي خميس جيڪا مٿي کڄي وئي هيس، هيٺ ڪري ڪمري مان ڦونڊجي ٻاهر نڪتو ته هن پاسو ورائيندي پاڻمرادو ڀڻڪيو.
”ڪڍيس خدا، ڏني نه ورتي مئو راه گناهه جو پاسا ڪڍي وجهيم ها. اهڙو قرب ئي گهوريو جنهن مان هوند نه شڪر.“
هو اڃا ورانڊو ئي پار ڪري رهيو هو ته مهڙ ۾ ئي کيس حويليءَ جي خاص ٻانهي جافران ملي، جنهن جو ڪنهن زماني ۾ ساڻس ريزڪي حساب ڪتاب هلندڙ هو.
”ڏاڍو خوش پيو ڏسجين وڏيرا.“
”مبارڪون هجنئي جافران، اڄ تو واري وڏيري اٻڙڪا پئي ڏي.“
”هون! اِهڙا ته مان ڏينهن ۾ ڏهه اٻڙڪا ڏيان.“
اِهو ٻڌي هن جي هٿ مان ”گولڊ ليف“ جو پئڪٽ ڇڏائجي ويو.
”وڏيريءَ جند ڇڏائڻ لاءِ بهانو ڪيو هوندءِ.“
هوءَ پٽ تان پئڪٽ کڻي کيس ڏيندي ٽوڪ مان چوڻ لڳي.
”بهانو ڇا لاءِ ڪندي، هن جو ته مون سان ڏاڍو قرب آهي، جافران تون سڙين ٿي.“
”ڌڪ هڻي ڪڍين ها وڏيرا، پر اِها ڳالهه نه ڪرين ها.“ هن سندس اکين ۾ اکيون پائيندي چيو. ”مان ڇو تنهنجين خوشين کان ارهي ٿينديس. مان ته پاڻ...“
”هون!“ هُو وڏائيءَ مان هليو آيو، پر جافران جي ٽوڪ ڀري مرڪ جي ڪري هن جي دل ۾ انيڪ شڪ گمان پئجي ويا.
ڏينهن پڄاڻان، جڏهن جافران جي ڳالهه سورهن آنا سچ نڪتي ته سمورو عشق، ڦشڪ ٿي ويو، اجايون لومڀون ڏئي ڏئي هن سندس پتا ئي لوڻين رکيا.
هيءَ به پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب ڀائيندي هر وقت ٿڌا ساهه ڀري انهيءَ گهڙيءَ کي پئي پٽيندي هئي جڏهن هن ساڻس پيچ پاتو هو.
وڏيري مبارڪ عليءَ جي، ڪوراڙ بلا جهڙي اسي مت کسي ماءُ ته پٽ کان به ٻه ڏاڪا گوءِ کڻي وئي. صبح سانجهي پڌر ۾ چلم ٽيڪي آئي وئي اڳيان پئي ننهن جا روئڻا روئيندي هئي. ڪنهن کڻي پڇيو:
”سائڻ آهي ڪا وڏيري جي گهر اميدواري؟“
”امڙ ڪٿان آيون اُميدون،“ هن ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان وراڪو کاڌو. ”ڦنڊرون ڪاهي اچي گهر ۾ وڌيون اٿس جي نه ڏهڻ جون نه ڪهڻ جون- مونکي ته انهن ۾ ڪو حال ئي نٿو سجهي. ٻچڙي جي قسمت ۾ ئي ڪي سنڍون لکيل هيون.“
”سائڻ وري به کڻي شادي ڪرائينس، شرع ۾ ڪهڙو شرم.“
”امڙ ڏسي وائسي اڪ جو کير اک ۾ ڪير ڏهائيندو- ٽي اڳ ئي ويٺيون آهن. چوٿين ڏکي ملندي.“
”ڇو نه ملندي، ملڪيت آ ته ڪهڙي پرواهه، سُکي سنجهي ٿيو ويٺي کائيندي.“
”ائي کيئڻ ۾ ڇا آهي- ڪو کيئڻ لاءِ ڪونه ٿي گهرايانس- جنهن ڳالهه لاءِ ٿي ڦاهو کاوان، دعا ڪيو ته شال اها پوري ٿئي.“
اهو ٻڌي ويڙهي جي ماڇاڻين مان هڪڙيءَ چرچو ڪندي چيو:
”جيجان اسان کي جي وڏيرو گهر ۾ زالون ڪري ويهاري ها ته هوند ٻارن جو گُنديون ڀري ڏيونس ها.“
”ائي لاچار پيو آ وڏيري کي. اسين مهاڻين ماڇاڻين جا ٻار ڪاڏي ڪيون ها.“ هو تيئن ڳڙي تي چڙهي.
”جيجان اهو به شڪر ڪر جو ماڇاڻين مان ويچاري جي پيڙهي ته پيدا ٿي پئي ها- خاندانڻين مان ته ٻير جو ککڙو به ڪونه آيو.“
هن کي ڪو جواب نه سجهيو ته گڙ گڙ ڪري چلم مان زورائتا سوٽا ڀرڻ لڳي.
روز جا توتڙا ٻڌي ٻڌي راڄوڻي ۾ وڏيري جي ماءُ، پٽ جي چوٿين شاديءَ جي سنڀت جو فيصلو ڪري ورتو. حجامڻ ڏانهن ماڻهو ڊوڙايو ويو جيڪا اُن دم ئي ڳاڙهو رومال ۽ ناس جي دٻلي ساڻ ڪري اچي حويليءَ تي پهتي ۽ ڀاڙي ڀتي جا پئسا وٺي اوڏانهن رواني ٿي جتي ڇوڪريون سجهنديون هيس. وڏي گيهه گيهان کانپوءِ پُکو نيٺ شاهدان جي نالي نڪتو، جنهن جي سڀ کان وڏي ڳالهه اِها هئي ته هوءَ بيحد غريب مائٽن جي مٿي جو بار هئي- ٻئي مٿا وڏيري جي کنڌي رهيا. هڪ وار وري ڳاڙهو گهوٽ ٿيو- جيتر پٺ پڌري ٿئي تيتر هنجو مڙهه مقام اڃا رولڙي ۾ هيو.
چوويهه ڪيراٽ سون جهڙي سدا سهڻي لکيو لوڙڻ ڪاڻ شرنائين جي گونجار ۽ دُهلن سان حويليءَ جي پڌر ۾ پير پاتو ته هُن پنهنجي زندگيءَ ۾ نئين سنئين بهار جا جهوٽا محسوس ڪيا.
لنگهياڻين پنهنجون ويٺل نِڙيون سرليون ڪيون ته انهن گڏ ڪاري ڏاوڻ واري شورڪي نٿ سان گهوٽ ماءُ به ست سري دهري وارو ڳاٽ مٿي ڪري تاڙين جو ڦهڪو لائيندي سر ڪڍيو:
”تنهنجي ڄاڃين پيتو کير الا
تو سان حامي حضرت پير الا...“
غاليچن تي راڄ سان گڏ، مهمانن جيان رنگ برنگي بلبن واري جِهر مِر ڪندڙ ڪنڊ ۾ ويهي ٽيئي پهاڄون ساڳي ”گريڊ“ تي پهچڻ ڪري پاڻ ۾ کير ڀت ٿي هيانءُ هلڪو ڪرڻ لڳيون.
”اسان کيج کٽيو باقي اِها ٽيٽمڪڙي اچي سونا آنا لاهيندي.“
”مٿو اگهاڙو ڪري ڌر تتيءَ جو ٻئي هٿ کڻي چاچيءَ جي ستن پيڙهين کي نه پٽيائين ته منهنجو نالو به ڪنهن ڪتيءَ تي رکجو.“
”ائي مُئي مڙهانگ کي ته ڏسو ڪيئن نه کانڀٽيون کنيو بيٺي نچي.“
”اسان ڀيري به ته ائين پئي نچي نه؟“
”هڻڻ ڏينس کانڀٽيون، پاڻهي خبر پوندس، جڏهن تريون کوڙيندي.“
مس مس ڪري وڃي ساٺ سوڻ پورا ٿيا- هوڏانهن گهوٽ به دوستن، عزيزن کان رسا ٽوڙائي سينگاريل ڪمري ۾ اچي ڪنوار ڀيڙو ٿيو- جرڪندڙ گهونگهٽ هٽائي، کاڏي مٿي ڪري چوڻ لڳو:
”مٺل، اهڙي سونهن منهنجي اڳ نه ڏٺل... مان ازل کان ئي تنهنجي قرب جو ڪٺل.“
ماکيءَ لار جيان ڪنن ۾ رسڻ وارا مٺا ٻول نه چاهيندي به الائي ڇو شاهدان کي سيڪرين جيان لڳا البت برجستو آواز کيس وڻيو.
”مِٺل اکيون کول.... مون ڏي نهار ته سهي...“ هُن پنهنجا چپ چمٽي جيان وڄائيندي چيو.
لحظي لاءِ هِن اکيون کڻي ڏانهنس نهاريو ته کيس ائين لڳو ته هوءَ موتئي جي ڪومل مکڙيءَ مان ڦري هڪدم ٿوهر بڻجي پئي آهي... رڻ جو ساٿي... هِن ڳيت ڏني ته بيشمار ڪنڊا نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس، جن اڃان به کيس خاطري ڏياري ته هاڻ اهي رڻ- پٽ جا رولڙا، سندس نصيب آهن.
ڏک مان هِن جون اکيون ساوڻ جي مند ۾ نديءَ وانگر اُٿلي پيون- مبارڪ علي گهٻرائجي کڻي کيس پنهنجي ڊبل فوم جهڙي ڇاتيءَ سان لاتو.
”رو نه مِٺا، مان ڄاڻان ٿو مائٽن جي وڇوڙي توکي بي حال ڪيو آ، دلجاءِ ڪر کين توسان جلد ملائبو- هت توکي ڪائي تڪليف نه ٿيندي. مان سڄو سارو تنهنجو آهيان، جيسين سسيءَ ۾ ساهه آهي تيسين رڳو تنهنجو ٿي رهندس، تنهنجي سڪ ڪڏهن نه گهٽبي.“
وڏيري جو چاڳ نئين ڪنوار تي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ٿيندو ويو.
هِتان هُتان ڦِريو مٺا، مِٺا ڪيو بيٺو هيس. سسڻس به گهور گهور ٿيڻ لڳي، ”منهنجي سوڀاري ٻچڙي صدقو ٿيانءِ گهور وڃانءِ! سوڀ نيٺ وري به منهنجي تو مان ٿيندي، ماءُ- پٽ ٻئي تو ۾ اکيون وجهو اميدوار ٿيا ويٺا آهيون.“
ايئن چوندي سسڻس جهڙو اُٿي کيس ڀاڪر پاتو ته سندس منهن وارو پوڙهو اُڀو هڏو ٺڪاءُ ٿي ويو شاهدان جي لوندڙي ۾. هن کان دانهن نڪري وئي.
”چاچي، چاچي! ماري وڌءِ. منهنجي لوندڙي هڏي سان ٽوڙي رکيهءِ.“
”گڏهه کي به ڪو گج پائبو،“ هوءَ مٿس ڏاڪا ٻڌي چڙهي وئي. ”منهنجي ڀاڪر ۾ ٿي تنهنجي لوندڙي ڀڄي.... بلي! اهڙي تون نازڪڙي ٿي پئي آهين، ڀينگين مائٽن جي گهر به اهڙا لاڏ هيهءِ؟ دعا ڪر منهنجي شهزادي پٽ کي جنهن ٻئي مٿا کڻي اگهايئي نه ته يا ڄمار پئي ڇاڻين ٻهارين ها.“
سسڻس ڪر ڪر ڪندي ٻي ڪوٺيءَ ڏانهن وئي ته هِن دري مان ليئو پائي ٻانهيءَ کي سڏيو جا ڊوڙندي آئي- سندس ٽامڻي هاڻو منهن ڏسي پريشانيءَ مان پڇڻ لڳي، ”مان صدقو! ڇا ٿيئي ننڍي سائڻ؟“
”تو واري ٻانڀ وڏيريءَ قرب ڏئي ماڳهين پورو ٿي ڪيم.“
”ائي گهوڙٽ، مٺيس!“ ٻانهيءَ سٿر تي هٿ هڻي چيو، ”سائين وڏيرو ايندو ته ڇا چوندو؟“
”اهو کَل وري ڇا ڪندو، ڪانگن کي جي سونا کنڀ هجن ها ته اُڏامندي پيا ڏسجن ها.“
”سائڻ اهڙو پهاڪو ته اسان ڪونه ٻڌو، اسان ته ٻيو ٻڌو هو....“
”ائي ڇوري هل، دل نه ڪچي ڪر، سگهو وڃي چيڪو ڀتر ڪوسو ڪري آ ته ٽاڪوڙ ڪيان.“
آڌيءَ رات جو وڏيرو مبارڪ پنهنجي بيڊ روم ۾ بي آراميءَ مان پاسا ورائڻ لڳو، جوڻس کي به جڏهن پاسن وارا اُڀا گوڏا ۽ نوڪدار ٺونٺيون لڳيون ته هن ننڊاکڙي بيزاريءَ مان چيو:
”ڇا ٿيو اٿئي وڏيرا، ڪُکيون ڪڍي وڌيون اٿئي.“
”ڪيڙو....“ هُن ايذاءُ مان مس ايترو چيو ته هِن ”ائي گهوڙا“ ڪري پلنگ تان هيٺ ٽپو ڏنو ۽ اڇيءَ چادر ڏي دهشت ڀريل نظرن سان نهارڻ لڳي.
”ڀئو نه ڪر، ڪو هنڌ ۾ ته ڪونه ٿو هلي.“
”تڏهن خواب ۾ ڏٺئي ڇا؟“
”مان اهڙو بد ذوق ناهيان جو خوابن ۾ ڪيڙا ڏسان، ڏاٺ واري ڪيڙي سور کان بي حال ڪري رکيو آ.... هاءِ هاءِ.... الا ڙي...“ هو چنگهڻ لڳو.
”ڏاٺن ۾ به ڪيئان پيا اٿئي! بس وڏيرا هاڻ تون ڇُٽين.“
”ڇو مان ڇٽس، اِها وائي ته نه ڪڍ، ڪا مهل ڪهڙي ڪا ڪهڙي.“ هن کي ڪيسڪاٽ اچي ويو ته به ڦونڊجي چوڻ لڳو، ”صبح سان ٿو وڃي ڏاٺ ڪڍرايان.“
”ڪيڏانهن ويندين جمبور وجهائڻ، اِهي پاڻهي ڇڻي پوندءِ.“
”مان اهڙو ويل ته ڪونه هان.“
”اِنهيءَ کانپوءِ ڪهڙو ڇٽو لڳندءِ.“
”مٿو نه هڻ، سمهي پئو ماٺ ڪري.“
ائين چوندي هو جيئن ”الا“ ڪري اُٿيو ته وڃي چيلهه ڀر ڪريو. هِن اڳتي وڌي سهارو ڏنس ته چڙ مان ٻانهن کي اُڇل ڏيندي چوڻ لڳو: ”تنهنجي اُذبَڪين بَڪڻ ڪري پير کسڪي ويو، ڪو جڏو ته ناهيان جو اُٿاريم ٿي.“
”پير يا گوڏو ٿڙي پيئي؟“
”گوڏو ڇو ٿڙندو، اِها ته وائيءَ جي سور جي مصيبت آ، نه ته مان ڪو ڪراڙو ٿورو ئي آهيان جو هينئر ئي ٿي منهنجا گوڏا ڦيرائين.“
ائين چئي پلنگ جي ٽيڪ تي اُٿي کڙو ٿيو ته ڀر ۾ رکيل چانديءَ جي گلاس هيٺ اچي ڦهڪو ڪيو.
”ڪهڙا ڦڙڦوٽ ٻاريا اٿئي آڌيءَ رات جو! ڇا کپنئي؟ مونکي چئو ته آڻي ڏيانءِ نه.“
”ڪٻٽ مان ڏاٺ جي دوا لڀنئي ته کڻي آ. هن پلنگ تي ويهندي چيو.
ڪمري جون چار ئي بتيون ٻاري به کيس ڪا دوا نه لڌي ته آخر ۾ سسڻس جي ناس جي دٻليءَ مان چپٽي ناس جي ڀري آڻي وڏيري جي کاڌل ڏاٺ ۾ وڌائين.
”من تنهنجي سهڻن هٿن جي صدقي اِهو سور ٺري پوي.“
هُن ليٽندي چيو. هيءَ به پاسي ۾ اچي پئجي رهيس.
جڏهن وڏيري جي وات مان رکي رکي عجيب قسم جا ڦوڪارا نڪرڻ لڳا ته هن کي خاطري ٿي ته کيس ننڊ کڻي وئي، پر هن جي پنهنجي ننڊ پَر ڪري اُڏامي وئي.
سدا جيان، سوليءَ جهڙيون سوچون اچي ڳلي پيس. ظاهري ته گهڻئي رعب تاب رکيو ويٺي هئي پر اندر ۾ لڳل جهوريءَ کيس پل لاءِ به سک جو ساهه نه کڻڻ ڏنو هو- هن اِها زندگي، جهڙي به هئي مقدر جو لکيو ڄاڻي جيئن تيئن ڪري گهارڻ جو فيصلو به ڪري ورتو. پر هڪ آسري.... هڪ سهاري.
جڏهن کوڙ ڏينهن لنگهي ويا ته پڪ ٿي هيس ته هيءَ اُها ٿوهر نه هئي جنهن جي لامن ۾ گل به نسرندا آهن. هِن جي ڀاڳ ۾ ته رڳو خوفناڪ نوڪدار ڪنڊا هئا.
تنهن رات هن سوچي پڪو پهه ڪيو ته هوءَ عملي طرح به ٿوهر جو وڻ بنجي وڏيري جي سامهون ايندي.
سج اُڀرڻ سان وڏيري کي ايئن کڻي کنيائين جيئن سانُ پاڏو کڻي سڱن تي.
هُن اڃا سگريٽ جو پورو سوٽو ئي ڪونه ڀريو جو چوڻ لڳس:
”وڏيرا مونکي به ته ڪجهه کپي رڳو رات ڏينهن اِهي نڀاڳ جا سوٽا پيو هڻين، تنهن مان ڇا ورندءِ...“
”مٺا، هن ننڍي شهر ۾ رهندي به مون توکي راڻين کان سکيو رکيو آهي، اڃان ڇا کپنئي؟“
”مونکي ڇڙو دل جو چين کپي، ورهيه گذري ويا آهن وڏيرا هاڻ مون کان سٺو نٿو ٿئي. مان چاهيان ٿي ڪوئي هجي جو مون کي امڙ ڪري ڪوٺي.“
”الله ۾ اميد آ،“ هن سگريٽ وسائي ٿڌو شوڪارو ڀري وراڻيو. ”ڪوشش ته هر جمعرات گهڻي ٿو ڪريان.“
”اهو جمعرات جو وري ڪهڙو شوشو ڇڏيو اٿئي؟“
”انهيءَ شوشي جي پاڻهي توکي خبر پوندي آخر ٻانگي ساوڻ کي به ته ڪنهن ڳالهه پٺيان ارڙهن ٻار ڄاوا آهن.“ هن اک ٻيٽي ڪنڌ کي ڌوڻ ڏئي ٿورو مرڪي وراڻيو.
”اِهي سکڻا دلاسا ٻين کي ڏنا هوندءِ.“
”مونکان رڳو اِها خطا ٿي ته مان جمعرات جو سعيو ڪري اُنهن ڏي نه ويندو هوس، هاڻ ٻانگي ڏسيو اٿم ته بسم الله ڪري پنهنجن حقن ڏي وڃبو آهي.“
”ڀلي وڃين، مون ته نه جهليو ٿيمانءِ.“
”هونهه، مان وري ڪو جهلجڻ جو آهيان ڇا؟ پر مٺا اُهي ويچاريون ته ويون لسٽ مان نڪري، هاڻ آهين تون، سو ماٺ ڪيو ويٺي ڏس جمعرات مٺي مراد جا رنگ.“
”ڏسان ته ڪهڙا ٿو اڪ ڪارا ڪرين.“
”رک موليٰ تي.“ هو شڪار تي وڃڻ جي سنبت ڪاڻ سوير ئي پلنگ تان اُٿي کڙو ٿيو.
”رات سور کان ڦٿڪئين پئي وري شڪار تي ٿو وڃين؟“
”اِهي سور وري اسان جهڙن لوهه مروڙن کي ڪو جاليندا ڇا.“
هو تيئن سيٽيو ۽ ڪارتوسن جو ڪنڍلو ڪلهي ۾ هڻي بندوق جو پٽو کٻي ٻانهن تي لڙڪائي لوڏ سان هلندو وڃي جيپ ۾ چڙهيو. جتي ٻه چار همراهه اڳ ئي سندس اوسيئڙي ۾ ها.
سڄيون ساريون سورهن جمعراتون چاڪيءَ جي ڏاند جيان هلي هلي وڏيرو ساڻو ٿي پيو پر نڪو کڙ نڪو تيل. شاهدان جي طعنن مهڻن کان سڀ شوق شڪار وسري ويس. چار ئي ڏسون کيس ڄڻ اوندهه ٿي آيون. ڪمدار اچيو چونس، ”سائين فصل ٻڏي ويو.“ ته چوين، ”ابا پيو ٻڏي.“
زمينن جو ڪم به کائنس نه پي سنڀاليو ٿيو، جيڪو پوءِ سوٽن، ماساتن کي لاچار ٿي سنڀالڻو پيو هو.
ماءُ جي چوڻ تي لڳي ڇُٽل ڦٽ کي ڄَر هڻايائين. اڳيون ته مقدر جو لکيو ڀانيو ماٺ ڪيو پيون هيون، پر هِن جل ڦٽاڪيءَ نه رڳو وڏيري جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، پر سندس ٽڀو ئي اونڌو ڪري ڇڏيو. ڏينهن رات ٻارڻ ٻاريو پئي هئي- پر هن جو کيس هڪ ئي جواب هو:
”مان ڇا ڪيان مٺا، منهنجي وس جي ڳالهه ته ناهي- مان ته مُلان موراڻا سڀ جانچي بيٺو آهيان ته سڀ ڪو مونکي جمعرات جو ڏس ٿو ڏي- نيٺ اهو به ته ڪو سڀاڳو سوڻ هوندو.“
”جمعرات جي چڪرن ۾ ڇو اچي پيو آهين، ڇو نه ٿو ڪنهن حڪيم ڏي وڃين.“
شاهدان جو رايو هن جي مرداڻي قوت تي ڄڻ ڪاري ضرب ٿي لڳو.
”چري ٿي آهين ڇا، مان ڇو ڪرايان علاج- مان ته سنئون آهيان، اوهين زائفائون وڃي پنهنجو علاج ڪرايو.“
”ايڏو بانور تون به نه ڪر وڏيرا، چئنين ۾ ته عيب ڪونه هوندو- ٿي ٿي کڻي به هڪ ٻن ۾ ٿيندو.“
”مونکي ڪهڙي خبر، مان ڪو ”دايو“ ته ڪونه آهيان.“
”اولاد نه ٿيڻ معنيٰ ضروري ناهي ته ڪو عيب هجي، اهو ته رب جو ڏنو آهي ڪنهن کي ڏي يا نه، اهڙا به اشراف پيا آهن جي صبر سان وقت پيا گذارين، زال ۾ جي عيب هوندن به کڻي ته ٻي ڪري پرڻبا آهن، پر تو ڏسي وائسي چئن چئن جي حياتي وڃائي ته به پاڻ ڏي ڪونه ٿو سمجهين، آخر سڀئي عيب الله زالن لاءِ ئي ته نه خلقيا آهن، حڪيم کان صلاح وٺڻ ۾ ڪهڙو مان گهٽبئي؟“
”گهڻئي واعظ ڪيهءِ هاڻ بس ڪر ته ڦيري نه اچي وڃنئي.“
”ڦيري ايندي جو....“
ايتري ۾ ٻانهي اندر اچي دسترخوان وڇائڻ لڳي ته ٺاهوڪو جواب هن جي چپن تي ئي رهجي ويو.
مبارڪ علي حڪيم ڏي وڃڻ کان گهڻي گيسر ڪئي پر اڳيان هيءَ به اُگهاڙي ترار، اُٿندي ويهندي اهڙا ته گهاوَ وڌائينس جو لاچار فون تي ٽائيم وٺي کيس حڪيم ڏي وڃڻو پيو.
سج لاڙي جڏهن اُتان موٽيو ته سندس قدم اڙيا تڙيا پي پيا.
”ڇا چيهءِ حڪيم؟“ هوءَ کيس ڏسندي ئي پڇڻ لڳي.
”حڪيم ته مونکي وڏي خفي ۾ وجهي ڇڏيو آ.“
هن صوفي تي ويهندي وراڻيو.
”ڇا جو خفو؟ جيڪا ڳالهه آهي سا ڪر کڻي، اندر ۾ ڇو گهٽيو ويٺو آهين؟“
”مٺا....“ هٿ ۾ جهليل، حڪيم جي ڏنل دوائن واري وڏي پُڙي ڏي گهوريندي هو وري ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.
”ڇو ٻڏي وئين، اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ هوءَ جا اڳ بيٺل هئي، پيرائتي ڳالهه ٻڌڻ ڪاڻ سندس ويجهو غاليچي تي ئي ويهي رهي.
”سچي ڪري سڻانيانءِ... حڪيم چيم ته مون منجهه حرڪت آ...“
”مُئا مرض لڳا پوءِ ڇو ٿي پرڻئين مونسان! مون پسونئڙيءَ جي حياتي کڻي وڃايئي.“ ايئن چوندي پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لڳي.
”مونکي ڪهڙي خبر ته مائٽ مونکي ٻٽيهه مرضئي واڳونءَ جي وات ۾ وجهندا.“ هنجي اکين مان ڳوڙها جهر جهر ڪري وهڻ لڳا.
”مٺا رو ته نه...، تون پوري ڳالهه ته سڻ....“
”هو.... و.... ون! ته اِهو ڪو خلل هو“ هِن کيس اڻ ٻڌو ڪندي چيو ”اهي ويچاريون ٽي نماڻيون، جن صبر ڪري اڇون سينڌون ڪيون تن سان اهو ڪو ويل هو، جهان جا مهڻا سهيو به ڍڪ ڍڪيو پيون هيئي- مون کان رکڻي ڪانه رکبي.“ هن کيس کُليئي پلو جواب ڏنو.
”اولاد ڪاڻ تون پنهنجي مڙس کي گلا جو گهانگهو ڏيندينءِ؟“
”مون نيٺ ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو منهنجي حياتي وڃايئي؟ شرع شريعت ۾ به اِهو پرڻو بي واجبي آهي.“
”تون آپريشن تائين صبر ته ڪر، نه مونکي بڇڙو ڪر نه پاڻ...“
”پيريءَ ۾ آپريشنون ڪرائي پنهنجا ڇوڏا لهرائيندين تنهن مان ڇا ورندءِ؟“
”پوءِ ڇا ڪيان؟ تنهنجي ڪري ته طبيب حڪيم پڇائيندو وتان.“
”مان سڄي عمر ڇوڪري ته ڪانه هوندس، تون به سدائين ته ڪونه هوندين- پيريءَ ۾ ته پنهنجو اولاد ڪم ايندو.“
”مٺا دولت جا دروازا کليا پيا اٿئي، توکي اولاد جي ڪهڙي پرواهه.“
”مان ٻَن ڏيان دولت کي، سڏ تي اِها مونڏي هلي ته نه ايندي. اولاد بيماري سيماري ۾ ڊوڙندو ته ايندو. اِهي بنگلا ماڙيون چٽيندس ته ڪانه...“
”صفا لانگڙ لاهه نه ٿي، ڪجهه ته حيا ڌار.“
هوءَ ڪي گهڙيون سوچ ۾ پئجي وئي... هِن ڄاتو ٿي ته ”ستي لَڪڙن کان موٽي ته ڪتن هاب ٿئي،“ پوءِ به سوچي سوچي هن نيٺ چئي ڏنو: ”تو جي شرع محمدي موجب چار شاديون ڪيون آهن ته مونکي به شرع محمدي موجب ٽي ڀتر ڏي ته مان به وڃي ڪو ڪکين پنين لڳان.“
وڏيرو مبارڪ، جو هيلتائين هيٺاهين وٺيو پي آيو تنهن کيس زورائتي لت وهائي، دوائن وارو پُڙو دريءَ کان ٻاهر اُڇليندي هڪدم ڀڙڪو کاڌو: ”رن، جي اهڙو ئي اولاد ڪاڻ ماندي پئي ٿين ته سڄي حويلي پئي ٿئي وڃي دانگي مل- باقي طلاق کان هڻندومانءِ منهن وارو پادر.“
(ماهتاب محبوب جي ڪهاڻين جي مجموعي ”مٺي مراد“ تان ورتل)