لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي پاران ٿر جي شخصيتن، ٿر جي جاگرافي، ٿر جي حالتن ۽ ٿر جي ماحول بابت علم، تحقيقي ۽ ادبي مضمونن جو لکيل مجموعو آھي.
نور احمد جنجهي صاحب جي ذات هڪ تاريخ آهي، جيئري جاڳندي تاريخ، جنهن ۾ ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ سمايل آهي. ھو ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا آھي. سندس شاعري ۽ نثر مان ٿر سان گڏ سموري سنڌ بلڪه ڪائنات جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو شاعر آهي، انسان جو شاعر آهي. نور احمد جنجهي هڪ گهڻ پڙهيو شخص آهي. نهايت نماڻو ءِ نهٺائي رکندڙ. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻولڻ وارو.علم ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار هوندي به سدائين خاموشي سان لطيف شناسي، رومي شناسي، تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ اياز شناسي تي ڪم ڪندڙ. سندن دل وڏي ۽ ظرف جو ٿانو موڪرو آهي.
Title Cover of book ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ٿر جي جاگرافي ۽ ڌرتيءَ جو مٿاڇرو

”ڀون مٿاڇرو“ تمام گهڻا گهڻي وارو آهي جنهن ۾ هر قسم جا فطرتي منظر ۽ لقاءَ آهن. جاگرافي انهن مظهرن جي مجموعي اڀياس جو نالو آهي. جاگرافيءَ ۾ ڀون سطح، آبادي، ماڳ مڪان ۽ ماحول شامل آهي. اهڙي طرح جاگرافي انهي اڀياس جو نالو آهي جنهن مان اتان جي ماڳن مڪانن ۽ ماڻهن جي پروڙ پوي ٿي. قدرتي ماحول ۽ ان تي ڪهڙاڪهڙا دٻاءَ آهن؟ راڄن جي ماڻهن جو ماحول ۽ مٿاڇري ڏانهن ڪهڙو رويو آهي يا ماحول ماڻهن تي ڪهڙو اثر ڪيو آهي؟ ڀون جو مٿاڇرو ڪيئن پيو تبديل ٿئي ان تي ڪهڙاڪهڙاعناصراثرانداز ٿين ٿا يا متاثر ٿين ٿا؟ ڪنهن به علائقي جي بيهڪ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ اهي سموراپاساجاگرافيءَ جي اوک ڊوک جو موضوع آهن. جاگرافي ڪنهن به علائقي جي ٻين سرگرمين تي سنئون سڌو اثرانداز ٿيندي آهي. انهي لاءِ ڪنهن به علائقي جي مزاج کي سمجهڻ لاءِ اتان جي جاگرافيءَ کي سمجهڻ ضروري آهي. ٿر جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ ٿر جي ڌرتي جي مٿاڇري کي به سمجهڻ ضروري آهي.
ٿر جي جاگرافيءَ بابت سڀ کان پهرين ڪرنل جيمس ٽاڊ منظم نموني گهمي ڦري سموري ٿر يعني جيڪو هندستان ۾ آهي يا پاڪستان ۾ آهي تنهن بابت پيرائتو احوال پنهنجي ڪتاب ”ائنلس اينڊ ائنٽيڪئٽيز آف راجستان “ ۾ ڏنو آهي. سموري ٿر ۾ رهندڙ قبيلن ۽ ذاتين بابت وچور سان لکيو آهي. اهو احوال هن 1832ع تائين سهيڙي مڪمل ڪيو .انهي کانپوءِ ”ٿڙ ۽ پارڪر“ جي پوليٽيڪل اسٽنٽ ڪپتان اسٽينلي نيپيئر رئڪس هڪڙو يادگيرو (پهرين سيپٽمبر1856ع تي لکي پورو ڪيو ۽ 1859ع ۾ اهو شايع ٿيو )قلمبند ڪيو آهي جنهن جو سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيل آهي پرترجمي جو حال پورو سارو آهي . لفظ ”ٿڙ“ ۾ جيڪا ”ڙ“ آهي سا ڍاٽڪيءَ ۾ رائج آهي ۽ ان جو اچار سنڌي ”ڙ“ مختلف آهي. تڏهن رئڪس ٿرکي ”ٿڙ“ لکيو آهي. ڪپتان رئڪس هن يادگيري لکڻ جا جيڪي ڇهه مقصد بيان ڪيا آهن تن ۾ پهريون مقصد علائقي جي طبعي پهلوءَ جو اڀياس آهي جنهن جي شروعات ۾ ”ٿڙ “۽ پوءِ پارڪر جي اڀياس جي ڳالهه ڪندي، ”ٿڙ“ کي هو ڍاٽ يا ننڍڙو ڊيزرٽ سڏي ٿو. رئڪس جي لفظن ۾ ”ٿڙ جي پٽي جيڪا منهنجي چارج هيٺ آهي، رڻ ڪڇ جي اترئين دنگ لڳولڳ آهي جنهن جي ڊيگهه اٽڪل 120 ۽ ويڪر 40 کان 50 ميل آهي. جڏهن ته ان جي پکيڙ اٽڪل 5400 چورس ميل آهي“ حدن نشانن بابت لکندي ڪپتان رئڪس لکي ٿو،”انهي جي اولهه ۾ سنڌو ماٿري، ۽ اتر۾ هڪڙي بيقاعدي لڪير آهي جيڪا ”نواڪوٽ “ جي اترمان ٿيندي اوڀروڃي ٿي ۽ ”مٺي“ ۽ ”سنگالا“ جي اترمان ٿيندي مارواڙ جي دنگ تائين وڃي ٿي ۽ منهنجي چارج کي عمرڪوٽ کان ورهائي ٿي ، عمرڪوٽ جو هڪ حصو” ٿڙ“ جهڙو آهي. اوڀر ۾ مارواڙ ۽ هڪڙي رڻ جي ٻانهين آهي جيڪا انهي کي گجرات جي پالڻپور ضلعي کان ڌار ڪري ٿي. ڏکڻ ۾ رڻ ٿڙ۽پارڪر ضلعن کي ڪڇ کان ڌار ڪري ٿو.“ رئڪس جي خيال موجب ” ٿڙ ڀٽن جو ديس آهي جيڪو بيچين ساگر جو ڏيک ڏئي ٿو. اهي ڀٽون عمومن اوڀر اولهه ۾ آهن. ضلعي جي الهندئين ڀاڱي ۾ اڀرندئين حصي کان اهي ڀٽون اوچيون آهن.“
ٽاڊ جي لکيل ڪتاب جي موٽ ۾ مولوي حڪيم نجم الغني خانصاحب رامپوري ”تاريخ راجگان هند “ لکيو جنهنجو معروف نالو وقائع راجسٿان آهي. اهو ڪتاب 1927 ع ۾ لکنئو مان ڇپيو آهي پر هن وقت عدم دستياب آهي. انهي ڪتاب ۾ سموري ٿر جي جاگرافي، تاريخ توڙي انهي ۾ رهندڙ قومن قبيلن بابت تفصيلي بحث ٿيل آهي ۽ حڪيم صاحب ڪوشش ڪري ٽاڊ جي ٿوپيل ڳالهين کي نروار ڪندي موٽ ۾ دليل ڏنا آهن. ٽاڊ جي لفظن ۾ ته هن علائقي کي فطرت ٺاهيو آهي اسين فطرتي ليڪن جي پيروي ڪريون ٿا. هو هن خطي کي ”ماروٿر“ سڏيندي ان جو بنياد لفظ ”مارسٿلي“ کي ڄاڻائيندي انجو اشتقاق ڪري ٿوته ”مري“ لفظ سنسڪرت جو آهي جنهن جي معنى آهي مرڻ ۽ اسٿان لفظ ”اسٿل“ جُڙيل آهي جنهنجي معنى آهي ”سُڪل ٺوٺ“ . اهو لفظ بدلجي ٿل ۽ پوءِ ٿر ٿيو.ٽاڊ صاحب ”ريٽ “ سان ڀرپور ڀاڱي کي اهڙي چيٽي سان ڀيٽي ٿو جنهن جا ڊگها ۽ گهراپٽا واريءَ جي پکڙجڻ جي نشاندهي ڪن ٿا جيڪي هڪڙي گهٽ واريءَ هاڻي پٽ تي وڃي چڙهياآهن ۽ مٿن ٿورڙي آبادي وارا ننڍڙاننڍڙا ڳوٺڙا ۽ وسنديون آباد آهن. ٽاڊ ماروٿر جي حدن کي بيان ڪندي لکي ٿو ته مارسٿلي جي اُتر ۾ گهار جي پٽي آهي، ڏکڻ ۾ وڏي لوڻ ڌُٻڻ ”رڻ“ ۽ ”ڪولهي واڙو“ آهن، اوڀر ۾ اراولي ڏونگر ۽ اولهه ۾ سنڌ ماٿري آهي. اسا ن جي موجوده ٿر جون حدون اولهه ۾ ميرپورخاص ضلعي سان لڳن ٿيون. اولهه ڏکڻ ۾ بدين ضلعو آهي. ڏکڻ ۾ رڻ اچي ٿو.اوڀر ۾ هندستان پاڪستان جو دنگ آهي. اتر۾ عمرڪوٽ آهي جتان اڳتي به ٿرآهي جنهن سان سانگهڙ ضلعي جو اڇڙو ٿر به آهي جنهن جي زميني سطح هن ٿر کان نياري آهي. حڪيم نجم الغني به جاگرافي ساڳي نموني سان ڏني آهي. انهي کانپوءِ لکجندڙ ڪتابن ۾ گهڻو ڪري ٽاڊ کي ئي حوالي طورورتو ويو آهي.محترم رائچند ٿرجي جاگرافيءَ بابت تفصيل سان لکندي پهريائين پهريائن ان جي طبعي گهاٽن جو احوال ڏنو آهي ته ”سنڌ جو ٿرپارڪر ضلعي جا ٻه طبعي ڀاڱا آهن؛ هڪڙو ڍٽ يعني ڀٽن وارو وارياسو ڀاڱو ٻيو ڏاڍي (سخت) زمين وارو ڀاڱو.“ ڇاڪاڻ جو جنهن وقت تاريخ ريگستان لکي ويئي هئي ان وقت ٿرپارڪر ضلعو جنهن پکيڙ تي مشتمل هو تنهن ۾ موجودو ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جا ضلعا به شامل هئا. اڳتي وري محترم رائچند ٿر کي ٿر ۽ پارڪر کي ملائي ٿرپارڪر ڪوٺيو آهي. جنهن جي پکيڙ تاريخ ريگستان جي پهرئين جلد ۾ هن ريت ڏني ويئي آهي،” شروعات ۾ ٿر پارڪر ضلعي ۾ فقط ڏيپلو، مٺي ۽ ننگر پارڪر تعلقه داخل هئا. قديم تفصيل موجب فقط انهيءَ ٽڪر جي ڊيگهه 120 ميل ۽ ويڪر 40 کان 50 ميل، ۽ سموري ايراضي 4500 چورس ميل هئي. ڇاڇرو تعلقو جو ان وقت عمر ڪوٽ ضلعي ۾ داخل هو. سو جدا آهي، جو خود ايڏو وڏو تعلقو آهي جو ٻين ٻن تعلقن جو مٽ ٿيندو. هي تعلقو ايراضيءَ جي لحاظ کان سڄي سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو تعلقو آهي. پارڪر ڀاڱي جي ڊيگهه 03 ميل ۽ ويڪر 20 ميل ٿيندي. هي ضلعي 13-24 ۽ 21-36 اتر ويڪرائي ڦاڪ، 40-68 ۽ 5-71 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي. اُن جي ڪل پکيڙ 13690 چورس ميل آهي. ”سنڌ گزيٽيئر“ موجب پکيڙ هيٺئين موجب آهي. تعلقو مٺي 1562 چورس ميل، تعلقو ڇاڇرو 2796 چورس ميل. تعلقو ڏيپلو، 1503 چورس ميل، تعلقو ننگر پارڪر 1617 چورس ميل، تعلقو عمرڪوٽ 1466 چورس ميل، جن مان 1018 چورس ميل ٿر ۽ 448 چورس ميل نارو يا ڏاڍي زمين. انهيءَ حساب سان جملي پکيڙ 8496 چورس ميل آهي. ڪن تفصيلن موجب سڄي ڊيزرٽ جي پکيڙ 10542 چورس ميل آهي جنهن ۾ کپري تعلقي جي ڀٽن وارو ڀاڱو به اچي وڃي ٿو“. موجوده ٿر جيڪو ٿرپارڪر۽ عمرڪوٽ ٻنهي ضلعن ۾ آهي تنهن جي ٿلهي ليکي ڪڇ ويئٽ 22000 چورس ڪ م آهي، جنهن مان 19637 چورس ڪ م ٿرپارڪرضلعي ۾ آهي. محترم رائچند ٿرپارڪر جي ڀٽن ، ڏهرن ، پاڻيءَ جي نياڻن ۽ ڪارونجهر جي ماڳن جا نالا ڏنا آهن. بيهڪ ، طبعي بناوت، زمين جي خاصيت، ڀلائي ڍلائي ۽ ٻين سبن جي ڪري محترم رائچند هريجن ٿر کي اٺن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي جيڪي هن ريت آهن 1. کائڙ 2.ڪنٺو 3.پارڪر 4.سامروٽي 5. ونگو 6. وٽ 7. مهراڻو 8 . ڍاٽ .
انهي سموري پس منظر بيان ڪرڻ جو مقصد هو ته ڪا ڳالهه واضح ڪري سگهجي. ٿرپارڪر کي جڏهن چئوپلاندو ڏسجي ٿو ته ٿر جي ڀونءَ ڀاڳوان ۽ ٻهڳڻ نظراچي ٿي جنهن جي ڏکڻ الهندئين ڀاڱي ۾ وڏيون ڀٽون نظراينديون. پارڪر ۾ سنئين سنواٽي زمين آهي. ڪارونجهر ڇپر جا مختلف ڏونگر آهن. اتراوڀر ۾ ڀٽن جي بيهڪ بناوت ٿوري مختلف آهي. پاڻيءَ جا نار ڏکڻ اولهه ۾ زمينن جي مٿاڇري جي ويجهو آهن ته اتراوڀر ۾ پاڻي اونهو آهي. ٿر۾ جتي جبل آهي تتي لوڻاٺو رڻ به آهي ته پارڪر جو پٽ ۽ واريءَ جي ڀٽن وارو وارياسو علائقو به آهي. ٿر ۾ ڪوئلو، چيني مٽي، لوڻ ۽ گرينائيٽ پٿر جا ذخيرا آهن. ٿر جي اها پٽي جيڪا بئراجي ڀاڱي يا دريائي پاڻي سان لڳولڳ آهي تنهن کي ”ڪس“ چيو وڃي ٿو. ڪس جا ماڻهو ٻنهي طرفن جو مزو ماڻين ٿا. ٿر ۾ ساوڪ آهي ته ٿر ۾ آباد آهن جيڪڏهن ٿر ۾ ڏکيون حالتون آهن ته وک وڌائي بئراجي علائقي ڏانهن هليا وڃن ٿا. ونگي جو ڀاڱو پاڻيءَ جي ڪناري جي ونگ ٺاهڻ جي ڪري مشهور ٿيو۽ ان جي آس پاس واري ڀاڱي کي ونگو سڏيو وڃي ٿو. رڻ جي ڪناري يعني کاري پاڻيءَ سان لڳندڙ پٽيءَ کي ”وٽ“ چيو وڃي ٿو. هتي جر جو پاڻي مٺو ۽ مٿاڇري جي ويجهو آهي تنهنڪري هتي جو سيمون تمام ڀليون آهن. مالداري مک ڪرت آهي ته ماڻهو به ڏاڍا سادا ۽ سٻاجها آهن. ڪس کان وٺي ”ڪنٺي“ تائين ”مُهراڻو آهي. مهراڻي لفظ کي ”مهراڻ “ نديءَ سان ڳنڍيو وڃي ٿو جيڪو غلط آهي. مهراڻو ٻن ٿري لفظن ، مُوهر (منڍ، اڳ) ۽ آڻو (ايندڙ) جي ميلاپ سان ٺهيو آهي. يعني اهڙو حصو جيڪو دريائي ڀاڱي ڏانهن وڃڻ وقت ان کان اڳ اچي ٿو يا ان جي منڍ ۾ آهي. هتي جون تليون يعني کيڙاپ زمينون انتهائي زرخيز آهن پر پاڻي يا ته اونهون آهي يا کارو آهي. ماڻهو به باقي ٿر کان ڪجهه نياراآهن. ڪنٺي جوعلائقو مٺي کان شروع ٿي ڏکڻ اوڀر ۾ پارڪرسان وڃي لڳي ٿو. هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڏاکڻيون ڀاڱو به شامل آهي. هي ٿر جو مرڪزي ڀاڱو آهي . زمين ڀلي آهي. جر جو پاڻي به مناسب آهي. سامروٽي جو ڀاڱو مٺيءَ جي ڏکڻ ۾ شروع ٿي هڪ طرف وٽ سان لڳي ٿو ته ٻئي طرف مهراڻي سان ۽ ڏکڻ ۾ پارڪر اچي وڃي ٿو. پارڪر جو ٽڪرو مٽي هاڻو زرخيز ڀاڱو آهي جنهن ۾ ڀلي پوک ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو ڪارونجهر مان 16 کن نديون وهي پارڪر جي ڌرتيءَ تي ڇوڙڪن ٿيون يا رڻ ۾ هليون وڃن ٿيون. ان کانسواءَ کوهن جي پاڻيءَ تي به پوکي ٿئي ٿي. مالداري به ججهي آهي. ماڻهو به تمام سادا ۽ سٻاجها آهن. هن تي نالو تاريخدانن جي بقول سمنڊ پاراڪرڻ تان پيو جيڪو بعد ۾ پارڪر ٿي ويو. ڪارونجهرڏونگر ۾ پاڻيءَ جي ججهائيءَ جي ڪري اڻ ڳڻيا کگاه ٻوٽا به ٿين ته جيت جانور ۽ پکي پکڻ پڻ.. پارڪر جي اتر، ڪنٺي جي اوڀر۽ کائڙ جي ڏکڻ ۾ ايندڙ خطي کي ڍاٽ چئجي ٿو. جيتوڻيڪ ڍٽ ٿرجي اڀرندئين حصي جو نالو آهي. هن حصي جي اتر۾ جيڪو علائقو اچي ٿو سو کائڙ سڏيو وڃي ٿو. کائڙ ۾ به پاڻي اونهو آهي . ماڻهو به اونهي مزاج واراآهن. ڪنٺي ۽ ڍاٽ واري علائقي ۾ ڪوئلي جا اجگر ذخيرالڌاوياآهن جن ۾ پاڻيءَ جا ٻه وڏانار آهن. اهو به ڪتابن ۾ لکيو ويو آهي ته هتان ڪا ندي به وهندي هئي جيڪا پوءِ گم ٿي ويئي. منهنجي خيال ۾ هي علائقو ساگر جو پيٽ محسوس ٿئي ٿو. ڪارونجهر جا پري ڪئمبريئن راڪ فارميشن وارا لسايل پهڻ پاڻيءَ جو هجڻ جو پختو اهڃاڻ آهن. ٿرجون ڀٽون به پنهنجي بناوت ۾ ڪافي معنى خيز آهن. ڪو ارضياتي ڀونچال آيو هوندو جنهن سان نه رڳو سمنڊ هٽيو هوندو پر ڀونءِ ۾ جيڪي ڏار پيا سي هوائون لڱڻ ڪري اڳتي هلي ساڳر رخ واريڻ ڀٽن جي شڪل ۾ نروار ٿيا. زمين زرخيز هئي ۽ اوڀڙ اڀري، ٿرآباد ٿيو ۽ ماڻهو مال ڪاهي اچي ٿر ۾ آباد ٿيا ڇاڪاڻ جو هتان جو سيمون ۽ گاهن جي انڇر سندن گوهرن لاءِ گنج هئا.