ڪارونجهر.....پارڪر۾ موجود نيارو قدرتي لقاءُ
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون ،لکن لک هزار،
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سان، درشن ڌارو ڌار،
پريم! تنهنجا پار ، ڪهڙا چئي، ڪهڙا چوان.
پرينءَ جي اهڙن نه بيان ٿي سگهندڙ مظهرن ۾ قدرتي نظارن جي رنگيني ۽ ٻهڳڻائپ جو وڏو حصو آهي. هر فن ۾ قدرت جي منظرن کي ڳايو ويوآهي، مصورايو ويو آهي، اظهاريو ويو آهي، مطلب ته انجي شان ۽ مان ، سونهن ۽ سوڀيا جي ڳڻن ڀري ڳالهه انيڪ طريقن سان به ڪئي ويئي آهي،پر ڳوڙهي ڳالهه جو ڳجهو ارٿ اڃا به اسرار لڳي ٿو تڏهن ته شاعر هن ريت انهي اڻپورائي جو اظهار ڪري ٿو؛
حسن جانان ڪي تعريف ممڪن نهين،
آفرين آفرين، آفرين آفرين
اهڙي سوڀيا ۽ سونهن جو اثر انگيز مظهر ۽ مثال ڪارونجهر جو ڪاريءَ جهر وارو اٽڪل ساڍا ٽي ارب سال پراڻو جڳاندر جهونو جبل آهي جنهن جي پهلوءَ ۾ ڪيئي صديون پراڻيون ڪهاڻيون پوشيده آهن جن جي قدامت جي ڪيرت نسلن جي ذهنن تي اڪريل رهي آهي.انهن سڀني ڪهاڻين کي ڏسڻ لاءِ ڏور ڏور کان مانهن جون هن موسم ۾ ڇليون ڇڄن ٿيون . ڪارونجهر جي سونهن سندن ٻئي ٻانهون کولي اهڙو آڌرڀاءُ ڪري ٿي جو اهي مرڻ مري ٿا وڃن پرڪاروجهر جي ڪور کي نٿا وسارين. انهي لقاءَ جو نرمل نظارو وسڪاري جي مند ۾ ويتر وڌي وڃي ٿو.اسين به هن رت جي رنگينيءَ مان محظوظ ٿيڻ لاءِ ڪارونجهر جي حاضري ڀرڻ لاءِ وياسين.رستي ۾ ايندڙ منظرن کي ڏسندا ڏسندا جڏهن ڪاسبي جهڙي ڪلاونت قصبي ۾ پهتاسون ته نابين ڳائڻو يوسف فقير سارنگ جا سروکيري رهيو هو ته صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو.
ڪاسبي تي اهو نالو ڪمال جو ڪسب ڪندڙن جي ڪرت پويان پيو يا قصبي مان ڪاسبو ٿيو تنهن جي تاريخ ته ويل وقت جي سيني ۾ محفوظ آهي پر تواريخ جي ڪتابن ۾ هن ڳوٺ جو ٽي دفعا آباد ٿيڻ لکيل آهي. پراڻو ڪاسبو جبل جي هنج ۾ هو ، ٻيو دفعو ڪاسبي جو ڳوٺ موجوده ڪاسبي ۽ پراڻي ڪاسبي جي وچ تي هو . ٽيون يعني هاڻوڪو ڪاسبو سڀني سياحن جي زبان تي هوندو آهي. ٻن مندرن، ٻه سو گهرن، ٻن تعليمي ادارن (پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول) ۽ سرسبز ٻنين تي مشتمل هن ڳوٺ جا رهاڪو انتهائي مهمان نواز ۽ گڻوان آهن. فقير يوسف جهڙو ڪلاڪار هن ڳوٺ جي حسن ۾ چا ر چنڊ لڳائي ٿو ڇڏي جڏهن هو دل جي تارن سان هارمونيم جو تارون ڇيڙي اهو سر آلاپي ٿو ته”اکڙيون ميگهه ملار، صورت تنهنجيءَ سڀ جڳ موهيو“ ته سمورو منظر انهن ازلي اکين جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو جيڪي صدين کان سڄي جڳ کي موهينديون رهيون آهن.
ڪارونجهر جو ڏونگرپار ڪر جي مالامال ڌرتي تي هڪ اهڙيءَ ميخ وانگر کتل آهي جنهن جي ڪل پکيڙ ميل آهي. ڪارونجهر جي ڪناري سان ڳوٺ آباد آهن جن ۾ آڌيگام ۽ سابوسڻ جا ڳوٺ آهن. آڌيگام لاءِ ته اها چوڻي به مشهور آهي ته ”اڌ ۾ آڌيگام ، اڌ ۾ پارڪر“ يعني جيترا وسيلا سڄي پارڪر جا آهن ان جيترا وسيلا صرف آڌيگام ۾ آهن. هونئن به ڪارونجهر جي جبل لاءِ چيو ويندو آهي ته هن ڏونگر جي ڏهاڙي اپت ”سوا سير سون“ آهي. درحقيقت اها سوين سير سون جي برابر آهي. سڄو ڏونگر گرينائيٽ تي مشتمل آهي جنهن ۾ سوين چشما موجود آهن جن ٻارهن ئي مهينا پاڻي موجود رهي ٿو. انهن چشمن ۾ انچلاس يا انچليشور جو جهرڻو نام ڪٺو آهي. هن جهرڻي جي حيثيت مذهبي هجڻ جي ڪري ڪيئي هندو جاٽي به اچن ٿا ۽ سال به سال ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو. هيءُ جهرڻو ننگر شهر کان اتر اولهه ۾ اٽڪ 2.5 ڪ،م جي مفاصلي تي اٽڪل 300 فوٽ جي اوچائي تي واقع آهي. جنهن تائين پهچڻ لا ءِ سن ۾ ننگر پارڪر جي تعلقي مختيارڪار، حيدر آبادي عامل مسٽرسترامداس هڪ سئو ڏاڪن تي مشتمل چاڙهي اڏائي ۽ پاڻ به هتي ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس قبر رستي ۾ انتهائي مخدوش حالت ۾ موجود آهي ۽ زماني جي بي ثباتيءَ جو چٽو چائو نظير بڻيل آهي. پر عبرت به اکين وارا وٺندا آهن، باقي جن جي دلين تي مالڪ مهر هڻي ڇڏي آهي تن جو مثال انڌن ، گونگن جهڙو آهي.مختيارڪار ته ڏيئو مل به ننگرپارڪر ۾ رهيو آهي جنهن 1859 واري پارڪر جي بغاوت جو اطلاع حيدرآباد ڇانوڻي تار ذريعي ڏنو هو جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد، ڪراچي ، ۽ ڏيسا ڇانوڻين مان برطانوي فوجن جون پلٽڻون پارڪر پهتيون هيون جن سان سوڍن پنهنجي ساٿ سنگت سان گڏجي وڏو مقابلي ڪيو هو، پر ٽروٽ سندن ڌڪ مان بچي وڃي لاڌيئي ميگهواڙ جي گهر لڪو هو. راڻي جو وفادار ساٿي روپلو گوئل نک جو ڪولهي ثابت قدمي سان بيٺو رهيو ۽ سچي نه ڪرڻ جي عيوض ڦاسي کائي امر ٿي ويو. هنس پوري ٻاوي ۽ مهاوجي لهاڻي کي چغليءَ جي انعام ۾ ٻنيون انعام مليون.
ڪارونجهر جي ڏاکڻي طرف ۾ ”ٻاين جو ٻيسڻو“ نالي جبل ۾ غڦا آهي جنهن ۾ جنگ تي چڙهڻ کان اڳ ٺڪر پنهنجي گهرن جي عورتن کي ڇڏي ويندا هئا ۽ اهي بلڪل محفوظ رهنديون هيون. هونئن ته ڀاٽين ۾ “ جوهر“ جي رسم رهي آهي جنهن ۾ مردن جي جنگ تي چڙهڻ کان اڳ سندن عورتون جان ڏيئي پاڻ قربان ڪنديون هيون. ڪارونجهر ڏانهن ويندي رستي ۾ ئي ”گوڙي“ جو ڳوٺ اچي ٿو جنهن ۾ جين مت سان لاڳاپيل ”گوڙيءَ جا ڏهرا“ آهن جيڪي هن ڏورانهين ڏيهه ۾ اڏاوت جي فن جو نادر نمونو آهن. غلط العوام ۾ هنن ڏهرن کي مندر چيو ويندو آهي جيڪو چوڻ صحيح ناهي. اهڙي طرح ستي ڏهرا نالي سان به ڳوٺ ٿر ۾ موجود آهي. مندر رڳو عبادت لاءِ هوندو آهي ۽ هندن جي عبادتگاه آهي. ڏهرا عبادت سان گڏوگڏ وهڻ ۽ علم پرائڻ جو ” جين مت “ جو ٽڪاڻو آهن. گوڙيءَ جا ڏهرا ويراواه کان 14 ميل ۽ مارئي جي ڳوٺ ڀالوا کان 4 ميلن جي پنڏ تي آهن.ڏهرن جي ٻاهران انڌار ڀونئرو آهي جنهن لاءِ ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون مشهور آهن.هڪڙي ڏند ڪٿا مطابق اهو ڀونرو زمين مان ٿيندو وڃي ڀوڏيسر جي ڏهرن مان نڪري ٿو.ٻي ڪٿا مطابق نوجوان انگريزڊپٽي ڪليڪٽر واٽسن هن ڀونري کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو بيمار ٿي پيو ۽ عمرڪوٽ پهتو ته گذاري ويو. سندس قبر به عمرڪوٽ جي قلعي ۾ آهي. محقق بدر ابڙي انهن سڀني ڏند ڪٿائن کي پنهنجي جاکوڙ ذريعي غلط ثابت ڪيو جڏهن هو انهي ڀونئري ۾ پاڻ لهي ويو . حقيقت ۾ اهي چار ننڍيون ڪوٺيون آهن جيڪي هڪٻئي ۾ کلن ٿيون ۽ آخري ڪوٺيءَ ۾ ڌن دولت رکڻ جو جارو به ٺهيل آهي. اڳتي وڌي جيئن ڏهري اندر داخل ٿبو ته پهرين انتظارگاه جهڙو ديوان عام ملندو جنهن جي گنبذ تي اندران جين مت جي سموري ڪهاڻي باتصوير بيان ڪيل آهي. ديوان عام مان لنگهي جيئن اڳتي هلبو ته هڪڙو مجلسي هنڌ آهي جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڇهه ڇهه ننڍڙيون ڪوٺڪيون ٺهيل آهن انهن سڀني تي گنبذ به اڏيل آهن.. مجلسي هنڌ کان اڳتي هڪ مک ڪمرو آهي جيڪو باقي ڪمرن کان موڪرو آهي. اها بناوت ٻارهن خليفن ۽ هڪ ناٿ جي جوڙجڪي خاڪي کي ظاهر ڪري ٿي. چون ٿا ته ان موڪري ڪمري ۾ پارسناٿ جو پتلو رکيل هوندو هو ۽ عام ماڻهو ان جو ديدار ڪندا هئا ۽ دان ڏيندا هئا. هنن ڏهري جي سامهون ڏکڻ طرف روڊ جي ٻئي پاسي ” پولن آسٿان“ آهي جيڪو راجا پولن جي يادگيري ۾ اڏايل آهي. راجا پولن ڌاڙيلن جو پيڇو ڪندو هتي پهتو هو ۽ مقابلي ۾ مارجي ويو هو. گوڙيءَ جي ڏهرن کان اڳتي مارئي جو ماڳ ملير آهي جنهن جي کوه جي زيارت ڪندي گهومو لوڪ ڀو ڏي پرمار جي آباد ڪيل نگري ڀوڏيسر (ڀوڏو... نالو + سر..تلاءُ پاڻيءَ جو هنڌ) اچي ٿي جنهن ۾ جين مت جا ڏهرا به آهن ته گجرات جي محمود بيگڙي پاران اڏايل مسجد به آهي. مسجد بابت به مختلف رايا آهن جيڪي مورخن جي ڇنڊ ڇاڻ جا منتظر آهن.ڀوڏيسر جي تلاءَ کان ڏکڻ طرف ۽ سمال ڊيمس پروجيڪٽ جي پارڪ جي اولهه ۾ ڪجهه ستي سنگ کوڙيل آهن جيڪي ڪنهن عورت جي ستي ٿيڻ جي يادگار طور نصب ڪيا ويا آهن. انهن پٿرن تي جيڪا تحرير اڪريل آهي سا وقت جي واچوڙي دنڌلي ڪري ڇڏي آهي پوءِ به پڙهڻ جهڙي آهي ۽ ڪوشش ڪبي ته ايندڙ ڪچهريءَ ۾ ان لکت جو پيرائتو احوال پڙهندڙن تائين پڄائجي. ڀوڏيسر جا ڏهرا گوڙيءَ جي ڏهرن کان مختلف آهن. ٻه ڏهرا ڪجهه ٺيڪ حالت ۾ آهن جڏهن ته ٽيون ڏهرو ڊهان ڊهان ڪري رهيو آهي. جنهن کي مورخن پوڻي ڏهرو ڪوٺيو آهي. ٻن ڏهرن جي آسپاس پير زور سان هڻڻ سان هيٺ پولار محسوس ٿئي ٿو. هتان کان پوءِ ننگرپارڪر جي شهر جو نظارو آهي جيڪو ڪارونجهر جي هنج ۾ آهي. جبل مان ڪافي نديون برساتي پاڻي جي ڪري وهن ٿيون جن م ڀٽياڻي گوڙڌرو ۽ گهرٽياري نئن مشهور آهن. سياح انهن ندين جي پاڻي ۾ ترن ۽ وهنجن ٿا ، اها سرگرمي انتهائي پر لطف هوندي آهي. ڪارونجهر جي دامن ۾ آباد هن شهر به ڪيترائي انقلاب ڏٺا ۽ اجڙي وري آباد ٿيو آهي. هن ۾ رهندڙ جيني اوسواڙ واپاري لڏي وڃڻ کان پوءِ هن شهر جو وڻج واپار وري اوتر و زور نه وٺي سگهيو آهي. هن شهر انگريزن جي ڪاهه کي به اکين سان ڏٺو ته سوڍا فورس کي انجو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي پڻ پرکيو. ڪارونجهر جبل اندر هڪڙو روڊ مشهور تيرٿ ساڙڌري ڏانهن وڃي ٿو پر ساڙڌري ڌام کان پوئتي ٻه ڪ م جي مفاصلي تي بيهي رهي ٿو ۽ گهومو لوڪن کي پيرين پنڌ وڃڻو پوي ٿو. ساڙڌرو هندن جو تمام وڏو تيرٿ آسٿان آهي جيڪو گنگا کان به قديم آهي. هن چشمي ۾ هندو ”ڦل تارڻ “ ايندا آهن . ساڙڌري جي ويجهوئي مرگهي ڪن آهي ۽ ان کان اڳتي ” گئو مُکي“ آهي. چندن گڍ به هن ئي جوءِ ۾ هو جنهن کي برطانوي توبخاني 1859 ع ۾ مسمار ڪري ڇڏيو .
اهڙي طرح ڪارونجهر جو سمورو قدرتي جنسار جڳ کي موهڻ جي هڪ من موهيندڙ صورت آهي جنهن کي هڪ دفعو جيڪو به ڏسڻ اچي ٿو اهو سموري حياتي ايندو رهي ٿو. ايئن صدين کان هلندڙ اهو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي. هرروز اٽڪل 1500 گاڏيون ۽ 5000 موٽر سائيڪلون اچن ٿيون. پر سياحن جي سهوليت لاءِ جيڪي سهوليتون آهن سي اڻپوريون آهن . ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتي سطح تي توڙي خانگي شعبي جي سهڪار سان کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ جو ن سهوليتون هئڻ گهرجن جنهن وسيلي مقامي هنرن کي همٿايو وڃي جيئن علائقي جي اقتصادي حالت ۾ پڻ تبديلي اچي.