لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي پاران ٿر جي شخصيتن، ٿر جي جاگرافي، ٿر جي حالتن ۽ ٿر جي ماحول بابت علم، تحقيقي ۽ ادبي مضمونن جو لکيل مجموعو آھي.
نور احمد جنجهي صاحب جي ذات هڪ تاريخ آهي، جيئري جاڳندي تاريخ، جنهن ۾ ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ سمايل آهي. ھو ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا آھي. سندس شاعري ۽ نثر مان ٿر سان گڏ سموري سنڌ بلڪه ڪائنات جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو شاعر آهي، انسان جو شاعر آهي. نور احمد جنجهي هڪ گهڻ پڙهيو شخص آهي. نهايت نماڻو ءِ نهٺائي رکندڙ. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻولڻ وارو.علم ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار هوندي به سدائين خاموشي سان لطيف شناسي، رومي شناسي، تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ اياز شناسي تي ڪم ڪندڙ. سندن دل وڏي ۽ ظرف جو ٿانو موڪرو آهي.
Title Cover of book ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ٿرپارڪر ۾ اوچتي پيدا ٿيل صورتحال ، سبب ۽ حل

ٿرپارڪر ۾ اوچتي پيدا ٿيل صورتحال ، سبب ۽ حل

ٿرپارڪر جنهن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، سونهن ، سوڀيا، سخاوت، سجاڳي، سورويرتا سڀني کان نرالي آهي. هن خطي ۾ موجود واريءَ جون ڀٽون، پارڪر جو سنواٽو مٽيهاڻو ميداني پٽ، ڪارونجهر جو جڳاندر جهونو جبل، رڻ ڪڇ جي لوڻاٺي ڌُٻڻ، رڻ سان لڳندڙ حياتياتي جيوتي گهڻا گهڻيءَ واري وٽ جي پٽي، بئراجي پٽ سان لڳندڙ ڪس جي ڪور، ڪنٺي ۽ وٽ جي وچ ۾ سامروٽي جو پرڳڻو، کائڙ جو اونهي پاڻيءَ وارو علائقو، کائڙ ، پارڪر ۽ ڪنٺي جي وچ ۾ ڍاٽ جو ڍول ڀاڱو، سامروٽي ، پارڪر، مهراڻي ۽ ڍٽ جي وچ ۾ ڪنٺي جو پرڳڻويا مرڪزي ٿر، بئراجي خطي جي منهن ۾ ايندڙ مهراڻي جو ملهائتو ملڪ اهڙا حصا آهن جيڪي گڏجي ٿرپارڪر جي هستيءَ کي وجود بخشين ٿا. ٿرپارڪر جي آبهوا سياري ۾ سرد، اونهاري ۾ گرم، وسڪاري ۾ خوشگوار ۽ بهار ۾ خوشبودار ٿئي ٿي. گرمي ءَ جي مند ۾ ڏينهن ڀلي ڪيڏو به گرم ٿئي پر رات پرينءَ جي نهٺن نيڻن وانگر ٺريل رڻ جهڙي ٿئي ٿي. ٿرپارڪر جي ماڻهن جي مزاج ۾ ساڻيهه جي سڪ، انسانن سان الفت، امانتداري، حيا حلم، جهڙا املهه گڻ اتم حد تائين موجود آهن.
ٿرپارڪرتي ڪيترائي حاڪم آيا جن ۾ ڪي ڏيهي هئا ته ڪي پرڏيهي پڻ، جن کي چند ڏينهن اقتدار نصيب ٿيو پر پوءِ سندن حالت اهڙي ٿي جو اڄ سندن ڏس پتو به نٿو ملي.
هتان جو انتظام به مختلف هنڌن...... ڀڄ،حيدرآباد، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ........مان گهمندو ڦرندو 1990ع ۾ اچي هڪڙي نامياري عورت مٺان المعروف مٺي پاران ٻڌايل سندس نالي سان مشهور ٿيل شهر مٺي اچي پهتو. هن ضلعي ۾ انتظامي طور پهرين 4 تعلقا ... مٺي، ڏيپلو،ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر هئا، جن ۾ وري مٺي تعلقي مان ڪجهه تپن تي مشتمل اسلام ڪوٽ تعلقو ۽ ڇاڇري تعلقي جي ڪجهه تپن تي مشتمل ڏاهلي تعلقو نروار ڪيا ويا. سڀني تعلقن جا هيڊڪوارٽر ساڳي نالي واري شهر ۾آهن جڏهن ته رڳو ڏاهلي جو هيڊڪوارٽر کيمي جي پار ڳوٺ ۾ آهي. هن باراني خطي جو ڪجهه ديهون نهري پيچ تي پڻ آهن.
گرم آبهوا واري هن علائقي جي ماڻهن جو گهڻو تڻو گذران يا ٿڻ تي آهي يا وري ڪڻ تي، يعني باراني زراعت ۽ ڌڻ ڌارڻ تي آهي. برسات پوڻ کانپوءِ ٿرپارڪر جي ڌرتي گل وگلزار بنجي پوندي آهي، سمورا پٽ سائي گاه جي ڪيمخواب جي چادر اوڍيل ڪنوار جيان نظر ايندا آهن. انهن نظارن کي ڏسندڙ اکيون عمر ڀر اهڙن من موهيندڙ منظرن کي وساري نه سگهنديون آهن. هتي اڀرندڙ وڻن ۾ ڪنڊي، ڄار، روهيڙو، ڪرڙ، اڪ، ٻوهه، کپ، ٿوهر، ڦوڳ،ڪانڪهه، گانگهيٽي، گگرال، ڪونڀٽ، ٽانڪارو، موراڙي ۽ ٻيا وڻ ٿين ٿا جيڪي مال جي چاري توڙي انسانن لاءَ غذائيت جو به ڪم ڏين ٿا. ولين ۾ چڀڙاول، گدراول، ٽوها ول، ڇانهان ول، ڀڳڙاول، گهوڙاول، ۽ گاهن ۾ انيڪ قسمن جا گاه ۽ ٻوٽا ٿين ٿا. اهي گاه ٻوٽا توڙي وڻ ٽڻ موسمي ۽ آبهوائي سٽن کي سهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. جيتوڻيڪ ڪي ٻوٽا گهٽجندا وڃن ٿا جهڙوڪ ڦوڳ، ٿوهر ۽ ڪانڪهه وغيره. ڪي نوان وڻ پڻ ٿوري عرصي ۾ ٿر جي ريتيلي ڌرتي کي ڌارين وانگر ڀيلي رهيا آهن، اهڙن وڻن ۾ ديوي نمايان آهي.
جانورن ۾ چوپائي مال کانسواءِ ، بارگير جانور ۽ جهنگلي جانور به آهن . جهنگلي جانورن جو تعداد ڏينهون گهٽ ٿيندو وڃي ۽ اهي اڻلڀ ٿيندا وڃن، جيئن هرڻ، روجهه، سهو وغيره. جنهنجو مکيه سبب ٻاهر جي ماڻهن پاران اچي شڪار ڪرڻ آهي. اڻلڀ جيوت ۾ جهنگلي گڏهه پڻ آهي، جيڪو ننگرپارڪر جي رڻ ڪڇ واري پٽيءَ ۾ لڀي ٿو.پکين ۾ مور، تتر، ڪانءُ، ڳيرو، ڪبوتر، گگهه، ڀيرٻ، ۽ پرديسي پکي تلور اچي وڃن ٿا.
موسمي ڦيرگهير جي نعري نروار ٿيڻ کان اڳ به ٿرپارڪر ۾ آبهوائي ۽ ماحولياتي تبديليون اينديون رهيون آهن. اهڙين تبديلين ۾ ڏڪار، سڪ سالي يا ڪارو قحط قابل ذڪر آهن. ڪڏهن ڪڏهن ماڪڙجا ميڙاڪا به هن علائقي کي ڀيليندا رهيا آهن. وسڪاري جي مند جي پڄاڻيءَ وقت جڏهن گاه سڪل هوندو آهي تڏهن انساني غفلت ۽ لاپرواهيءَ جي ڪري ڏنءُ لڳڻ جا ڇڙوڇڙ واقعا ٿيندا آهن، پر باه لڳڻ جا اهڙا واقعا تمام گهٽ واقع ٿيندا آهن. باه لڳڻ جا مهينا مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ٿيندا آهن ، جڏهن تيز هوائون لڳنديون آهن. ان لاءِ ماڻهو چوندا آهن ته انهي وقت دوران ٽانڊو اڏامي ٿو. انهي قسم جا باه جا واقعا به ماڻهن جي لاپرواهي ۽ غلطي جو نتيجو هوندا آهن. ٻوڏ جا وقعا بنهه نه هئڻ جي برابر ٿين ٿا. ڏڪار اهڙو مظهر آهي جيڪو وقفي وقفي سان واقع ٿئي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ بک، بدحالي، بيماريون پيدا ٿين ٿيون. تازو غذائي قلت سببان ٻارن جي موت جي صورت ۾ پيدا ٿيل هنگامي حالت تي بحث ڪرڻ کان اڳ اچو ته هن علائقي ۾ سڪ ساليءَ جي تاريخ تي هڪ نظر وجهون.
ٿرپارڪر ۾ جيڪي مشهو ر ڪارا ڏڪار آيا آهن تن ۾ ڇپني جو ڏڪار، ڇنو ڏڪارانتهائي ڳرو ۽ ڀيانڪ اثر رکندڙ قحط ٿي گذريا آهن جن ۾ نه انسانن لاءِ اناج هو نه ماڻهن لاءِ چارو، جيتوڻيڪ ماڻهن وٽ پئسو وغيره موجود هو پر اناج ۽ چارو اڻلڀ هئا. ايئن هر ڏهاڪي ۾ 3 يا 4 سال ڏڪاريل رهندا آيا آهن. 1987، 1988 دوران پيدا ٿيل ڏڪاري صورتحال مختلف ڌرين جو ڌيان ڇڪايو۽ غير سرڪاري ادارن جي شروعات ٿي، ٿرپارڪر رورل ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ جهڙو منصوبو عمل ۾ آندو ويو جيڪو اڳتي هلي ٿرديپ جي نالي سان نروار ٿيو. ان کان اڳ ٻانهن ٻيلي جي نالي سان هڪ تنظيم ٿر پارڪر ۾ ڪم ڪري رهي هئي . هڪڙو عام ڏڪار ٿئي ٿو ته ٻيو ڪارو ڏڪار. ڪاري ڏڪار ۾ راڻين جا ڪنگڻ ڍرا ٿي پوندا آهن يعني کاڌي جي کوٽ ايتري شديد ٿي پوندي آهي. قحط ساليءَ جي اهڙي ڪٺنتا کي فارسي شاعر شيخ سعدي هن ريت بيان ڪيو آهي؛
چنان قحط سالي، شد اندر دمشق
ڪه ياران فراموش ڪردند عشق،
يعني هن سال دمشق جي شهر ۾ اهڙي ڪاري قحط ڪر کنيو جو يارن عشق ڪرڻ ڇڏي ڏنو. عشق به ڍئو سان آهي، بک بڇڙو ٽول آهي دانا ديونا ڪريو ڇڏي. ساه کي سدائي ڳڀي جي ڳولا رهي آهي ، بکئي پيٽ حسن جي حس به گهٽ ڪم ڪندي آهي ، جيئن شيخ اياز فرمايو آهي؛
سدا آهي ساه کي، ڳڀي جي ڳولا،
ڍئو بنا ڍولا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي.
سوڪهڙي جي بک ۽ بد حالي ماڻهوءَ کان الائي ڇا ڇا کسي ٿي ڇڏي. ماڻهو پنهنجو الهه تلهه وڪڻي پنهنجي ۽ پنهنجي مال جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري ٿو. جڏهن قصو اڃا اڳتي ٽپي ٿو ته هو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ، پر ڌرتي تي وڃي پکا اڏي ٿو. ٿر ۾ پوندڙ ڏڪار ۾ پڻ اهڙي لڏپلاڻ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي.
موجوده هنگامي حالت جو مکيه روپ ٻارن جو موت آهي، يقينن ابهم ٻارن جو ايئن مرڻ هڪ وڏو سانحو آهي، جنهن جي جيتري نندا ڪجي گهٽ آهي. انهي واقعي جو مکيه سبب کاڌي جي کوٽ بيان ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن حد تائين درست آهي پر ٻيو اهم سبب سٺي حڪومتداريءَ جو فقدان آهي.اها سموري ڳوٽ اڃا تائين اونهو اسرار آهي. سرمائيواد جي بازار جيڪا بنگلي سان اچي لڳي آهي تنهن دنيا جي هر شئي کي ٻوليءَ تي چاڙهي ڇڏيو آهي. وڪرو ۽ وڪرو لڳو پيو آهي. دنيا نفعي پويان ڇتي تي ڪاهي پيئي آهي. ڪارپوريشنس جي ڪاري حڪمرانيءَ هيٺ هلندڙ دنيا جو مارڪيٽي چرخوابتو گهمي يا سبتو ٻاٻاڻي گهرٽ وانگر ٻنهي پڙن مان اٽو ٿي ڏئي. نفعي جو کٽيو کائيندڙن وري ٻيا ادارا ٺاهيا جيڪي پاڻ کي غير منافعي بخش لکرائي جيڪو نفعو ڪمائين پيون يا دنيا جي هلچل ۾ پنهنجو ڪردار نباهي رهيون آهن تنهن تي هاڻي سڄي دنيا ۾ آڱريون کڄڻ لڳيون آهن. آبهوائي ڦير گهير يا ڪلائيميٽ چينج جي بينر هيٺ به دنيا ۾ ڪافي ڌنڌو شروع ٿيو آهي. کاڌي جي کوٽ بابت کاڌي بابت عالمي ادارو به پنهنجي رپورٽن ۾ معلومات ڏيندو رهندو آهي..ٿر ۾ کاڌي جي کوٽ پيداٿيڻ ڪو انوکو واقعو ناهي. هن وقت ته ڪافي روڊ رستا آهن، مواصلاتي نظام به موجود آهي، مال لاءِ چارو به ميسر آهي نه ته اڳي جڏهن قحط ۾ ڪڻ داڻي جي قلت هوندي هئي ته ماڻهو ڏٿ کائي گذارو ڪندا هئا، تنهنڪري کين ڏوٿي سڏيو ويندو هو. ڏٿ وڻن ٽڻن ۾ ٿيندڙ اهڙا ميوا يا پاڙون وغيره هوندو هو جيڪو اڪيلي رڇ طور واپرايو ويندو هو. اهو ڏٿ غذائي ضرورت کي پورو ڪندو هو ۽ ماڻهو ڏکئي وقت کي ڏٿ جي زور تي ڪاٽي ايندا هئا. ڏٿ ۾ جيڪي وٿون شامل هيون تن ۾ پيرون، ڏونرا، پڪا، پپون، ڀرٽ، مرٽ، مريڙو، ٻگرو، سڱريون، ڪونڀٽ جا پڙلا، ڦوڳيسي، پُسي، ڪونڊير وغيره قابل ذڪر آهن. کاڌي جي کوٽ بابت جيڪي رٿائون هلن ٿيون تن ۾ عالمي ادارن پاران شروع ڪيل “راڄن جي سرواِڻي هيٺ هلندڙ شديد غذائي کوٽ بابت رٿا” مشهور آهي، جنهن تحت هڪڙ و سائنسي پروٽوڪول ڪتب آڻيندي، بک سٽيل ٻارن جي درجي بندي ڪندي سندن پرگهور لڌي ويندي آهي. اهڙي غذائي قلت سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ آهي. سنڌ جون سموريون ٻهراڙيون توڙي شهرن جي اوسن پاسن کان آباد پيڙهيل طبقا انهي غذائي کوٽ جو شڪارآهن. صحت جي سهوليتن جو نه هجڻ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جهڙي نعمت کان محرومي انهي مامري کي اڃا به وڌائي ٿي.
ٿرپارڪر جي موجوده صورتحال به ان قسم جي غذائي کوٽ جو نتيجو ۽ انتظامي نا اهلي جو چٽو مثال آهي جنهن کي ميڊيا نه ڄاڻ ڪهڙي ايجنڊا تحت ايترو مٿي کنيو آهي جو هڪ اخبار سرخي لڳائي ته ٿر۾ ماڻهو ڇوڏا ۽ مرچ کائڻ تي مجبور. ان کانسواءِ چئنلن جون ڊش لڳل گاڏيون مکيه هندن تي ايئن مٺيءَ ۾ بيٺل نظر ٿيون اچن جيئن جنگ جي ميدان ۾ ٽئنڪون بيٺل هونديون آهن. ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿينديڳالهه اتي وڃي پهتي آهي جو هاڻي ته صورتحال جو تير ڪمان مان نڪري چڪو آهي، جن تير هنيو نه تن جي وس ۾ رهيو نه انهن جي اختيار ۾ جن کي لڳو. سيد ۽ پير هڪٻئي تي الزامن هڻڻ ۾ پورا آهن. هي وقت الزام بازي ءَ بدران بالغ نظر سرواڻي جو مظاهرو ڪندي، مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ ان لاءِ ڪي جٽادار اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي، جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙي حالت پيدا ٿيڻ يا ڪرڻ جو ڪنهن کي موقعو نه ملي.
1. ٿرپارڪرضلعي لاءِ هڪڙو جامع ڪنٽينجنٽ پلان هجي جنهن ۾ سمورن پهلوئن کي نظر ۾ رکندي رٿابندي ڪئي وڃي جيڪو پلان اڳي جڙيل آهي ان ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪندي ، علائقي جي ضرورتن مطابق بنايو وڃي. ٿرپارڪر جي حيادار ثقافت جو ان ۾ خاص خيال رکيو وڃي، خاص طور رليف جي ڪم ۾ اهڙو طريقه ڪار اختيار ڪيو وڃي جنهن سان ماڻهن جي عزت نفس محفوظ رهي.
2. سهائتا جو ڪم ٻن حصن ۾ ورهائيندي، ڇوٽي ۽ ڊگهي مدت جي رٿابندي ڪئي وڃي. انهي رٿابندي ۾ مقامي وسيلن توڙي مهارت کي پڻ ڪتب آندو وڃي
3. ايماندار، ديانتدار ۽ غير جانبدار ماڻهن تي مشتمل واهرڪاري ۽ بحالي جون ڪاميٽيون ٺاهيون وڃن. انهن ڪاميٽين جي تربيت ڪئي وڃي. انهن ڪاميٽين ۾ عورتن جي نمائندگي کي يقيني بنايو وڃي.
4. روڪ امداد کان پاسو ڪندي، سمورين رقمن کي ترقياتي رٿائن ۾ تبديل ڪيو وڃي. اهڙين رٿائن ۾ مکيه منصوبا پيئڻ جي پاڻي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، تعليم، چوپائي مال جي سار سنڀال ۽ واڌ ويجهه جا منصوبا هئڻ گهرجن.
5. واهرڪاري ۽ بحالي جي ڪم ۾ صرف ايماندار ۽ ساک وارن عملدارن کي لڳايو وڃي. انهي ڪم ۾ رُڌل ڪامورن کي پروٽوڪول جي ڪم کان آجو ڪيو وڃي
6. سڀني اسپتالن ۾ غذائي کوٽ جي نگهباني جا خاص وارڊ قائم ڪيا وڃن
7. اسڪولن ، ڪاليجن ۽ مدرسن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي صحت جي نگهداشت جو خاص خيال رکندي، وقت به وقت انهن جو ماهر ڊاڪٽرن کان معائنو ڪرايو وڃي
8. ڳورهارين عورتن جي صحت ۽ غذائيت جي باقائد گيءَ سان نگهباني ڪئي وڃي. ڄم ۽ ان کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن تائين ، ماءُ ۽ ٻار جي سائنسي اصولن پٽاندر سار سنڀال ڪئي وڃي.
9. قابل ڳوٺاڻين عورتن جي دائي طور تربيت ڪرائي وڃي. جيڪي ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون هتان جي ڊوميسائيل جي ڪوٽا تي چونڊيا ويا آهن تن کي واري واري سان هتي مقرر ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽرن کي گهرجي ته اهي انهي خدمت کي فرض سمجهندي ، ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ لاءِ رضاڪاراڻي جذبي سان اڳتي اچن.
10. راڄن جي ماڻهن کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سکيا ڏني وڃي ۽ انهن جي تنظيم ڪاري ڪرڻ لاءِ سهوليتڪاري ڏني وڃي. اهڙي تنظيم سازي کانپوءِ انهن تنظيمن کي مستقل بنيادن تي هلايو وڃي
11. غير سرڪاري تنظيمن کي به اسپيشلائيزيشن جي لاڙي کي لبيڪ چوندي ڪو هڪ يا ٻه ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ گهرجن ۽ سڀئي اين جي اوز گڏجي هڪ گڏيل پليٽفارم وسيلي ماڻهن جي مدد ڪن ۽ هڪٻئي جي سهائتاڪار طور ڪم ڪن نه ئي هڪٻئي جي رقيب طور يا چٽاڀيٽي ڪندڙ طور.
12. پيئڻ جي صاف پاڻي جو فوري انتظام ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪافي بيماريون آهن جن جو سبب رڳو صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جو نه هجڻ آهي. انهي ڪم لاءِ رورس آسموسس پلانٽ، برساتي پاڻي کي گڏ ڪرڻ ۽ واهن جي پاڻي کي پائيپ لائين وسيلي پهچائي ، مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو. راڄن جا ماڻهو به ان ۾ ڀائيواري وارو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
13. چوپائي مال ۾ بيمارين جا انيڪ سبب آهن جن ۾ غذائي قلت، موسمي وائرس، ٻاهران آيل مال مان لڳندڙ بيماريون اهم آهن. ڪراچي يا ٻين مال پڙين تان جيڪو مال موٽي ٿو اهو جيڪڏهن متاثر هجي ٿو ته باقي سڄي ڳوٺ جي مال تي به ان جو اثر ٿئي ٿو.
14. متاثر چوپائي مال کي ٽڪا لڳا يا وڃن، ٿر ۾ جيڪي مال جا ڊاڪٽر بيروزگار آهن انهن کي روزگار ڏيندي ٿر جي وڏن ڳوٺن ۾ اسپتالون کوليون وڃن. ان سان گڏوگڏ راڄن جي اهڙن ڏاهن جي به سائنسي بنيادن تي تربيت ڪرائي وڃي جيڪي مال جي بيمارين جو علاج ڪري رهيا آهن، انهن جي تجربي ۽ لوڪ ڏاهپ مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
15. هٿ جي هنرن کي صنعت طور هٿي ڏياري وڃي جيئن معاشي پاڻڀرائيءَ ڏانهن وک وڌي سگهي
16. ٿرپارڪر ۾ ماحولياتي سيرتفريح ( Ecoturism)کي متعارف ڪيو وڃي.
17. ٿرپارڪر جي پڙهيل ۽ هنرمند نوجوانن کي سکيا ۽ روزگار ڏياريو وڃي. يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ ٿرپارڪر جي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وڃي نه ته به گهٽ ۾ گهٽ کين في کان آجو قرار ڏنو وڃي
18. سڀني ادارن ۾ ٿرپارڪر جي شاگردن جي داخلا توڙي روزگار ۾ شرطن جي نرمي ڪئي وڃي، خصوصن ميڊيڪل ڪاليجن ۾ نياڻين جي داخلا ۾ ان نقطي جو خاص خيال رکيو وڃي.
19. غربت کي غريب لاءِ مستقل نه ڄاتو وڃي ، غريب شاهوڪار ۽ شاهوڪار غريب ٿيندا رهن ٿا ، اهو زماني جو دستور آهي. ماڻهن ۾ ان قسم جي جاڳرتا پکيڙي وڃي جيئن اهي پنهنجي عزت نفس کي قائم رکندي پنهنجي اهليت کي آزمائين ، موقعا حاصل ڪري پنهنجو مستقبل روشن ڪن.
20. چوپائي مال جي تحقيق لاءِ ادارا قائم ڪيا وڃن جيڪي ٿر جي حالتن سان مطابقت رکندڙ جنسن کي نروار ڪن. هٿرادو ٻج رکائڻ واري طريقي سان اهڙو ڪم آساني سان قابل عمل آهي.
21. ٿرپارڪر جي جامع ترقيءَ لاءِ مستقل بنيادن تي هڪ ادارو قائم ڪيو وڃي، جنهنکي ترقيءَ جي عمل سان گڏوگڏ تحقيق جو ڪم به سونپيو وڃي. گهڻ رخي تحقيق وسيلي هتان جي قدرتي وسيلن، ماحوليات، ثقافتي ورثي، لوڪ ڏاهپ وغيره کي نروار ڪندي ، علائقي جي جوهر کي علائقي جي ڀلي لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو.
انهن سڀني ڪمن ڪارن ۾ ٿرجي رهاڪن ۽ گهڻگهرن کي اڳتي وڌي قدم ۾ قدم ملائي ڪم ڪرڻو پوندو تڏهن وڃي ترقيءَ جو خواب تعبير ٿيندو ۽ ٿر ههڙن هاڃن ۽ ڦيڪارين کان محفوظ رهندو.