اُٺي جيئن مورن اوڀڙ ولهارن ۾...
ڌڻي تعالى ڪائنات ۾ جيڪا ٻهڳڻائپ رکي آهي تنهن ڪري ئي سنسار۾ سونهن آهي. سنسار جي سونهن جي ورونهن هرڪنهن ونڊي ورڇي آهي. هرهڪ ڪلاڪارجي ڏات جيترو به فطرت جي بُلندين کي ڇهيو آهي انهي اوترو ماڻڪ ميڙ ڪئي آهي. اهڙي ميڙا چونڊي ۾ جيڪو اثرنظراچي ٿو سو فطرت جي سچائيءَ سان اظهار جو نتيجو آهي.ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي خيال کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي . هن انسان کي محور بنائيندي فطرت جي سمري مانڊڻ جي تناظر ۾ انساني رويي کي اڀياسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ، ڇاڪاڻ ته انسان ڪائنات جي سموري سُرمنڊل جي مرڪزي ساري آهي .ڀٽائي جي اهڙي فطرت پسند خيال جا موتي سندس هربيت ۽ وائيءَ ۾ ملن ٿا جن ۾ هڪ طرف فطرت جي سونهن ملي ٿي ته ٻئي طرف وري ماڻهوءَ جي من جو محبت ڀريو مانڊاڻ. سندس هڪڙو ڀلوڙ بيت هن ريت آهي؛
اُٺي جيئن مورن، اوڀڙ ولهارن ۾،
ساپرگوندرڪن، جه ڦوڙائو سڄڻين
سڄڻن جي ڦوڙائي يعني جدائيءَ جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ هن فطرت جي هڪڙي رخ کي به نروارڪيوآهي ته جڏهن مينهن جو برڪت ڀريو پلرپاڻي سُڪل ٺوٺ ڌرتيءَ تي وسي ٿو ته سُڪي ويل وڻ ٽڻ ۽ گاهه ٻوٽا مورجي ساوا ٿي ٿا پون يعني انهن ۾ نئين واڌ ٿئي ٿي .اهڙي طرح جڏهن سڄڻن کان ڦوڙائو آهي يعني ماڻهو پري آهي ته غم گوندر به ساڳي نموني وڌن ٿا يعني انهن ۾ نئين واڌاچي ٿي.
مينهن وٺي ولهارن ۾ اوڀڙمورجڻ جو عجب رنگ ٿر۾ چئوماسي جي رحمتي مينهن کان پوءِ ڏسي سگهجي ٿو ته ٿرجي وارياسي ڌرتي جيڪا ڀُورو بنجرجهنگ نظرايندي آهي سا مينهن جي نينهن لائڻ سان سائي ۽ ڍائي ٿي پوندي آهي منجهانئس ڪيترائي وڻ ٽڻ، ٻوٽا، گاهه ۽ وليون اڀڙي نروار ٿين ٿيون. انهي اڀيڙ کي ڏسي ، ماڻهو ءَ جو روح آسودو ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ ڪيئي خوش خيال اڀرن ٿا جن سان من جو بن گل وگلزارٿي پوي ٿو. هن سال ٿرتي چئوماسي جي برکا ڀلائي ڪئي آهي ۽ ڌرتيءَ سائي چادر اوڍي آهي. سڀڪجهه سائو نظراچي ٿو. ٿرکي ڪنهن وقت ڊيزرٽ چيو ويندو هو . پوءِ وري هن علائقي کي ”ايرڊ“ علائقو سڏيو ويو.پر ٿرجي ساوڪ پاڻيءَ جي ذخيرن ۽ اڀيڙ ۽ ڀُون سطح جي ٻهڳڻائپ کي ڏسي، چئي سگهجي ٿو ته هي ”اوڀڙداروارياسو علائقو “ آهي جنهن ۾ ڪيترائي وڻ ٽڻ ٿين ٿا. هزارين ٻُوٽا پيدا ٿين ٿا. لکين قسم گاهن جا به ٿرجي مختلف ڀاڱن ۾ ٿين ٿا جن مان ڪافي گاهه ٻُوٽا اهڙا به آهن جن جو نه ڪو سائنسي اڀياس ٿيو آهي نه ئي انهن جي ڪا نباتياتي درجي بندي ٿي آهي. برسات کانپوءِ جڏهن اوڀڙ اڀڙي ٿي ته سڀئي گاهه ٻوٽا ڌرتيءَ جو سينو چيري ، نروار ٿين ٿا. انهن کي ڏسي ، مشاهدو ڪري، انهن وڻن ٽڻن ، ٻوٽن، گاهن ۽ ولين جي نباتياتي درجي بندي ڪري سگهجي ٿي. ان ڏس ۾ نباتيات جا ماهرڪم کي اڳتي وڌائي سگهن ٿا .ٿر۾ پروفيسرعبدالجليل جوڻيجو انهي سلسلي ۾ ڀلوڙ تحقيق ڪري رهيو آهي. اسين عام ٿري جي حيثيت ۾ انهي اوڀڙ جو احوال پڙهندڙن اڳيان پيش ڪريون ٿا جيڪو اميد ته عام پڙهندڙن توڙي تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪارائتو ٿيندو.
ٿر جي اوڀڙ کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.1. وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا 2. گاهه، ۽ 3. وليون .ٿر۾ جيڪي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا ٿين ٿا تن ۾ ڪنڊي، ڄار، نم، ٻٻر، روهيڙو، پپر، سرنهن، ڪانڪهه، ڪونڀٽ، ٽانڪارو، سرنگهو، گيدوڙي، ليار، سونئاجڙو، اڪ، ڦوڳ، ٿوهر، موراڙي، ٻائوري، کپ ، ٻوهه، ٻير، سڻ، ڪرڙ، لاڻو، ديوي، هيرڻ ، گگرال، گانگهيٽي يا ڳاڱي، ارڻي، پٽ ڪنواريا ايريال آهن. انهن سڀني وڻن توڙي ٻوٽن جون پنهنجون پنهنجون خاصيتون آهن.
ڪنڊي سڀ کان اهم وڻ آهي جيڪو سدائين سائو رهي ٿو پر ڪنڊيءَ کي وڻ ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳي ٿو. ڪنڊيءَ جا پن، ٻور يعني گل، سڱر سڀئي ڪارائتا آهن جن کي چوپايو مال به شوق سان چري ٿو ته سڱرکي رڌي ڀاڄي طور استعمال ڪيو ويندو آهي ته ٻاڦي ڏُٿ طور ڪتب آندو ويندو آهي. ڪچين سڱرين کي ٽويا چئبو آهي ۽ پڪل سڱرين کي ”کوکا“ چئبو آهي. ڪنڊي ءَ جو ڪاٺ به ڪارائتو آهي جنهن مان کوه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ”ڀوڻ“ ٺاهيا وينداآهن ۽ ٻارڻ طور به استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪنڊي ، ڪاري نانگ ۽ ڪاري ڪانگ جي عمر وڏي ٿئي ٿي.ڪنڊي جي اهڙي گهڻ سني کي ڏسي ڀٽائي به ڪنڊي کان شاهد طور پڇيو هو ته؛
ڪنڊا تون ڪيڏو جڏهن ڀريو ڍور وهي
جسوڌن جيڏو ، تو ڪو گڏيو پهيڙو
ڪي ڪنڊي وڻ ”لاسوڙ“ ٿين ٿا يعني انهن ۾ ڪنڊا گهٽ ٿين ۽ ڪي وري ”ٽاڪڙ“ ڪنڊا ٿين يعني انهن جون ٽاريون ٻڙڪي پون ٿيون. ڪنڊو جڏهن وڏو ٿئي ته ۽ ان جي عمر وڌي ٿي ته ان جي ڪاٺيءَ جي وچ وارو حصو وڌيڪ نهرو ۽ مضبوط ٿئي ٿو جنهن کي ”ڪِرسي“ چونداآهن. وڏن وڻن کي ڪنڊو (مذڪر) ۽ ننڍن وڻن کي ڪنڊي (مونث) چيو ويندو آهي.
ڄارجو وڻ به ٿر ۾ عام جام آهي. ڄار به سدائين سائو رهندڙ وڻ آهي جنهن کي اُٺ ۽ ٻڪريون شوق سان چرن ٿا. ڄار ۾ به ٻورلڳي ٿو جنهن مان ڪڪڙ ٿين ٿا. ڪڪڙ ماڇڪن ۾ تبديل ٿين ٿا جيڪي وڏاٿي پيرون ٿين ٿا. پيرن جا مختلف رنگ ٿين ٿا جن مطابق انهن کي نالا ڏنا وياآهن ، جيئن رتيا، سيڙهيا، کهنبيا وغيره. پيرن کي ميوي طور کاڌو ويندو آهي ته سُڪائي ڪوڪڙ به ٺاهي ويندي آهي. پيرن مان ڳڙ به ٺاهيو ويندو آهي جنهن کي اولڻ طوراستعمال ڪيو وڃي ٿو. ڄار جا مختلف قسم ٿين ٿا جن ۾ جيڪي پکڙيل ٿين ٿيون تن کي کٻڙ چونداآهن. سيڙهين پيرن واريون ڄارن کي ”ساڏوهيون“ سڏيو ويندو آهي. جيڪي ڄاريون وڏي عمر جون ٿي وينديون آهن تن کي ”ڊوهي“ ڄارسڏيو ويندو آهي. نم جووڻ گهڻو ڪري آباديءَ وارن هنڌن تي آهي. نم جي ڪاٺي اڏوهي کان محفوظ ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته اها کاري ٿئي ٿي. نم جي ميوي کي نموري چوندا آهن جن کي پکي ۽ ٻار شوق سان کائينداآهن. ٻٻرجو وڻ به ٿر ۾ ٿئي ٿو پرگهٽ تعداد۾. ٻٻرن جا ٽي قسم ٿر۾ ٿين ٿا. هڪڙو عام ٻٻر ٻيو ولائتي ٻٻر۽ ٽيون ڍليار ٻٻر جيڪو تمام ڊگهي قد جو ٿئي ٿو پر گهٽ آهي. ولائتي ٻٻر به گهٽ ٿئي ٿو.روهيڙو ٿرجو خوبصورت ۽ چيڙهي ڪاٺي وارو وڻ آهي جنهن ۾ سُڳنڌ کان وانجهيل رنگين گل ٿين ٿا . روهيڙي کي فرنيچرٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. روهيڙي جي گلن کي اُٺ ۽ ٻڪريون شوق سان کائين ٿا. اڳي روهيڙي کي فقيروڻ سمجهي نه وڍيو ويندو هو پر هاڻي بازارجڻ کان پوءِ روهيڙي جي واڍي به وڌي ويئي آهي. جيئن وڍجي ٿو تيئن نوان روهيڙا اڳن ٿاپر اهي زمين جي زرخيزيءَ کي ايترو چوسي ٿا وٺن جو ڪا به ٻي اوڀڙ نٿي اڀڙي. پپرجو وڻ تمام نه هئڻ جي برابرآهي. سرنهن جو وڻ به گهٽ ٿئي ٿو. ڪانڪهه ڪجهه علائقن ۾ وڃي بچي آهي. ڪانڪهه جو وڻ ڏسڻ ۾ ڏاڍو خوبصورت ٿئي ٿو. انهي جا سنها نڀور ڳاڙها پن سهڻو ڏيک ڏينداآهن. هن وڻ جي ڪاٺي چيڙهي ٿئي ٿي. ڪونڀٽ جووڻ ٿرجو عام وڻ آهي جيڪو سدائين سائو هوندو آهي پر انهي ۾ پن وغيرن نه هوندا آهن. جيئن مينهن پوي ٿو ته پهريائين جيڪي وڻ مورجن ٿا تن ۾ ڪونڀٽ به آهي. ڪونڀٽ ۾ ساوا سنهڙا پن لڳڻ شروع ٿي ٿا وڃن جن کي ”پتر“ چونداآهن. ڪونڀٽ ۾ پڙلا ٿين ٿا جن کي چپڙا به چونداآهن. اهي چپڙا به رڍن ٻڪرين ۽ اُٺن جو پسنديده چارو آهن. ڪونڀت جي ڪاٺي مضبوط ٿئي ٿي جنهن مان هر ٺاهيا ويندا آهن جڏهن ڪونڀٽ پوڙهو ٿئي ٿو ته انجي ڪاٺي جي وچ وارو حصو نهرو ٿي ”ڪِرسي“ بنجي وڃي ٿو. ننڍڙن وڻن کي ”ڪونڀٽيون“ چيو ويندو آهي. ڪونڀٽ جي پاڙن مان کير ولوڙڻ لاءَ جهيرڻا ٺاهياوڃن ٿا.ٽانڪاري جووڻ به هاڻي تمام گهٽجي ويو آهي. سرنگهو ۽ گيدوڙي به کوهن وغيره تي ڪٿي ڪٿي آهن. ليار آبادين ۾ ماڻهن پوکياآهن جن ۾ ٿيندڙ ليسورا ٻارن جو وڻندڙ ميوو آهن. سوئانجڙي جووڻ به گهٽ ٿئي ٿو. هي به ڪارائتو وڻ آهي . ديوي عام جام آهي ۽ ٿرجي وارياسي زمين کي ونجهل گاهه وانگروڪوڙي ويئي آهي. ديويءَ جي ڪاٺي مان ڪوئلو به ٺهي ٿو ۽ اها آلي هجڻ باوجود ٻري ٿي. ديوي جي ڦرهين کي ٻڪريون ۽ اوٺو مال کائي ٿو. ڪرڙ جو وڻ به ٿرجو سهڻو وڻ آهي. تراين ۽ پاڻيءَ جي بيهڻ وارن هنڌن تي اڀڙي ٿو. ڪرڙ جي گلن کي ”پُسي “ چئبو آهي . سائي ميوي کي ڏونراچونداآهن جن کي رڌي ڀاچي طور کاڌو ويندو آهي ته ڏونرن مان سانڌاڻو به تيارڪيو ويندو آهي. ڏونراپچي پڪا ٿينداآهن ته انهن کي پکي ۽ ٻار شوق سان کائينداآهن. انهن وڏن وڻن سان گڏوگڏ ڪجهه وڻ نما ٻوٽا به ٿين ٿا. اڪ جو ٻوٽو وسڪاري جي برسات کانپوءَ سائو ٿئي ٿو ۽ بڊي جي مهيني ۾ ان جا پن ڀل ڪن ٿا جن کي ”ڊيلون “ چونداآهن. اڪ ۾ خوبصورت نيراڦليا ٿين ٿا جن ۾ ڪا سُڳنڌ نه هوندي آهي. اڪ جي ڪاٺي جي ٻارڻ کي خراب ٻارڻ سمجهيو ويندو آهي. اڪ جي سڪل ڪاٺي ءَ کي سٽي ڪُٽي ان مان ”آ ڪارو“ ٺاهيو ويندو آهي جنهن سان کٽون واڻيون وينديون آهن ته رسي طور به ڪتب آندو ويندو آهي.ڦوڳ جو ٻوٽو به ٿرجو ڀلوڙ ٻوٽو آهي پرزيرزمين پاڻي جي سطح هيٺ ٿيڻ جي ڪري اُڌڙي ويو آهي.هن ٻوٽي جي ڦلن کي ڦوڳيسي چيو ويندو آهي جنهن کي مال به مزي سان کائيندو آهي ته ان کي رڌي ڀاڄي طور به واهپي ۾ آندو ويندو آهي. ٿوهرجو ٻوٽو به مُهراڻي ۾ ججهي تعداد۾ ٿئي ٿو. هي ٻوٽو به گهٽ برساتون پوڻ جي ڪري اڌڙندو پيو وڃي. ٻائوري جو ٻوٽو گهرن جي ويجهو اجهور ۾ ٿئي ٿو جنهن کي ٻاڪرو مال خاص ڪري ٻاڪراڦر شوق سان چرن ٿا.ٻيرجووڻ به ٿئي ته ٻوٽو به. وڻ کي واڙيل ٻير چون ٿا . ٻير ۾ کٽا مٺا ٻير ٿين ٿا جن کي شوق سان ٻار توڙي وڏا سڀئي کائين ٿا. ٻير جون سڌيون ڪاٺيون، ڪهاڙي، واهولي، ڪهاڙي ۽ ڪوڏرن جي ڳن طور استعمال ٿين ٿيون. کپ به ٿرجو عام ٻوٽو آهي جنهن جون لسيون لامون سدائين سايون رهن ٿيون. کپ اُٺن جو مرغوب چارو آهن. چونري جي مٿين ٽوپي يعني ڇاڄي ۾ کپ استعمال ٿيندو آهي. ٿر جي ڪن علائقن مان کپ به ختم ٿي ويو آهي. ٻوهه، سڻ، گانگهيٽي ۽ ارڻي به ٿر جا ٻوٽا آهن. ايريال يا پٽ ڪنوار به آبادي وارن هنڌن تي ٿئي ٿي جنهن کي علاج طور به ڪم آندو وڃي ٿو. هيرڻ پارڪر جي علائقي ۾ پوکيو وڃي ٿو . گگرال يا گگلڻ جو ٻوٽو به ڀون سطح جو ڀرجهلو ٻوٽو آهي جنهن مان گگر ملي ٿو. گگرجي گهڻو بازارجڻ سان هاڻي هن ٻوٽي کي ڪيميڪل هڻي ناس ڪيو پيو وڃي جيڪا ٿر جي اوڀڙجي ڏٺي وائٺي تباهي آهي. موراڙي جو ڪنڊيدارٻوٽو به لوڙهو ڏيڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو هو پر هاڻي موراڙي به گهٽجندي پيئي وڃي. ان کانسواءِ ڪارونجهر۾ ڪجهه ٻيا وڻ به ٿين ٿا جيڪي باقي ٿر ۾ نٿا ٿين جهڙوڪ چندور جنهن جي ڪاٺي ڀڳي هڏ جي علاج طور ڪم ايندي آهي. ڪڙايو، چيڻوٺي، ڦڙد، ڪانٺو وغيره ڪارونجهرجا وڻ آهن. ٿر جي وڻن خاص طور ڄار، ڪنڊي ۽ ڪونڀٽ جي پاڙ۾ هڪڙو ٻيو لاسداروڻ اڳندو آهي جيڪو وڻ وانگرانهن وڻن تي چڙهندو آهي ۽ انهن وڻن جي سهاري سان وڌنڌو ويجهندو آهي. انهي کي ”آسوٽو“ يا ”آسوندرو“ يا ”پڃولو “ به چونداآهن.هي وڻن جو احوال هو ايندڙ ليک ۾ گاهن جي گلزاري بابت گفتگو ڪنداسين.