ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون....... ڪوئلي جي ڪور جو ڳوٺ وڪڙيو
ٿر هونئن ئي قدرت جو اهڙو حسين خطو آهي جنهن جي تاريخي ، ثقافتي حيثيت جو هرهڪ معترف آهي. ٿرکي جيڪو ڏوري ڏسي ٿو سو جتي به وڃي ٿو اتي ٿر جي سونهن جا ڍُڪ ڀري ٿو جنهن کي ٻُڌي ٻيا ماڻهو به اچي ٿر ڏسن ٿا.ايئن اهو سلسلو صدين کان جاري ۽ ساري آهي. ٿرتهذيبي حسن ۽ ٻهڳڻائپ سان اڳ ئي ڀرپور هو مٿان جو وري ڪوئلي جي ڪهاڻي شروع ٿي تنهن ٿر جي نالي ۽ نامکار کي ويتروڌائي ڇڏيو. اهو سلسلو مختلف وقتن تي ڪيل زميني اڀياسن وسيلي دنيا تائين پهتو ۽ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو ان وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد سنئري درس جي سُندر ڳوٺ کان ڳائو (اٽڪل 3 ڪلومِيٽر) پنڌ تي اوڀر طرف محب ڏهر ۾ ڪهي آئي ۽ اچي افتتاح ڪيائين. جنهن ڏينهن افتتاح ٿيو هو ان ڏينهن محب ڏهر ۾ اهي ڪاموراڪڙا به ڪهي آيا هئا جن ڪڏهن ٿر اچڻ جو سپنو به نه ڏٺو هو. ان کان پوءِ ، ٿر جي ڪوئلي واري ڌرتيءَ کي 12 بلاڪن ۾ ورهايو ويو ۽ ڪجهه بلاڪن تي ڪم ڪار به هلي رهيو آهي ڪن بلاڪن ۾ وري ڪي نيون ڌُريون به اکيون وجهيو ويٺيون آهن. ڪوئلي جي ڪهاڻي ءَ بابت ڪنهن ٻي ڀيري، هينئر ٿر جي ڳوٺن جي ڳالهه ڪريون ٿا جيڪي ڪوئلي واريءَ ڌرتيءَ مٿان آهن. انهن ڳوٺن ۾ تمام گهڻا وڏا ڳوٺ آهن ته ڪيئي ننڍڙا ڳوٺ ، ڍاڻيون ۽ وانڍون آهن جن سان اتي رهندڙ انسان جو جياپو لاڳاپيل آهي. ڳوٺ اهڙي وسندي آهي جيڪا ڪافي وقت کان مستقل طور آباد هجي، جنهن ۾ پاڻيءَ جو وسيلو موجود هجي، جنهن جي آسپاس ڪجهه زمين آسائش طور ”اجهور“ جي نالي سان رکيل هجي ، جنهن جي پنهنجي سيم هجي، جنهن کي پنهنجا گئوچر هجن، جنهن جو پنهنجو دنگ مڪان هجي. ڍاڻي وري ڳوٺ جو اهڙو عارضي قسم آهي جيڪا وسڪاري جي مند ۾ عارضي وسنديءَ طور ٻنيرا پنهنجي ٻنين تي قائم ڪنداآهن پوءِ اها ڪٿي ڪٿي مستقل وسيءَ جي حيثيت اختيار ڪري ويندي آهي پر ان ۾ هڪ ئي خاندان جا چند گهر آباد هوندا آهن. اهڙي طرح وانڍ مال سانگي قائم ڪيل ان وسنديءَ کي چيو ويندو آهي جيڪا پوءِ جٽادار صورت اختيار ڪري ويندي آهي پر وانڍ ۾ به چند گهر هونداآهن. اهي ڳوٺ وانڍيون ۽ ڍاڻيون امن آجپي ۽ مالداريءَ جي آسائش جا اهڙا ماڳ آهن جن ۾ سُک شانتي، محبت ۽ رواداري ريل ڇيل رائج هندي آهي. ٿر جو اهي وسنديون هڪ وڏي سماجي ۽ تاريخي مرحلي وار عمل جي نتيجي ۾ وجود پذير ٿيون آهن. اهڙي ئي هڪ تاريخي وسندي ٿر جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ وڪڙيو آهي جيڪو منهنجو مسڪن پڻ آهي . وڪڙئي جو ڳوٺ اسلام ڪوٽ شهر کان اٽڪل 40 ڪلوميٽر اوڀر طرف آباد آهي جتان ننگرپارڪر ۽ عمرڪوٽ کي ملائيندڙ رستو گذري ٿو. هن قت جتي سنڌ حڪومت ۽ اينگرو پاران گڏيل طور کُليل کاڻ وسيلي ڪوئلي ڪڍڻ جو ڪم هلي رهيو آهي ان هنڌ کان اٽڪل 2 ڳائو (6 ڪ م) اوڀر طرف آهي. اٽڪ 8000 آباديءَ تي مشتمل هي ڳوٺ ڪنهن وقت جي قديم شهر ڪانڌلڪوٽ جي هنج جي ۾ آباد آهي. ڪانڌلڪوٽ جي آثارن تي اڃا تائين ڪم نه ٿيو آهي. انهن آثارن جو ٺڪراٺو اولهه اوڀر ۾ 5 ڪ م ۾ ۽ اتر ڏکڻ ۾ 3 ڪ م ۾ پکڙيل آهي. انهن آثارن مان لڳي ٿو ته اها وسندي مٽيءَ جي دور َ جي آهي. وڪڙئي جي اولهه ۾ درسن جو خوبصورت ڳوٺ سنئري درس آهي جنهن سان جوڙيوال ڳوٺ ٿاهري جو تڙ آهي جنهن جي مشهوري به ڪوئلي وانگر ملڪان ملڪ ٿي آهي باقي اتي حقيقي ترقي ڪڏهن ايندي اهي اتان جي رهواسين جو وڏو خواب آهي. وڪڙئي جي اوڀر ۾ سيد غالب شاه جو ڳوٺ آهي جنهن کي سيد جو تڙ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. اُتر ۾ ڳوٺ صالح جنجهي آهي جنهن کي صالح جو تڙ به سڏيندا آهن. ڏکڻ ۾ سمن جو ڳوٺ وليءَ جو تڙ آهي جنهن جو سرڪاري نالو کارو حبيب آهي. ڏکڻ اولهه ڪنڊ ۾ جيئندودرس آهي جنهن کي جيئندي جو تڙ به چوندا آهن. اُتر اولهه ڪنڊ ۾ ڄامن سمون آهي جنهن کي سمي جو تڙ چوندا آهن. اتراوڀر ڪنڊ ۾ پراڳو ڀيل آهي جنهن کي پراڳي جو تڙ به چيو ويندو آهي. انهي ڏس ۾ وري ميگهه کاوڙيا ۽ عثمان جي ڍاڻي به واقع آهن. ٿر جي ڳوٺن ۾ لفظ تڙ ان ڪري اچي ٿو جو ڳوٺ آباد ئي تڙ يا کوه جي کوٽائي سان ٿئي ٿو. وڪڙيو ڪڏهن آباد ٿيو ان بابت ڪا لکيل تاريخ موجود ناهي پر روايت آهي ته
هڪ سپوٽ شخص وسائي جنجهي هي ڳوٺ آباد ڪيو . وسايو نبيسر ٿر جو رهاڪو هو ۽ بينون يا پاوا وڄائڻ جو شوقين هوندو هو. هڪ ڏينهن وسايو سندس مامي جي اوطاق تي بينو وڄائي رهيو هو ته پاڙي جي هڪ پوڙهي مائي اچي کيس طعنوڏنو ته ”ڇو اچي اسان جي ننڊ ڦٽائي اٿئي . گهڻو شوق اٿئي ته پنهنجو ڳوٺ وڃي ٻڌ ۽ اُتي وڃي پاوا وڄاءِ.“ ايئن هو نبيسر مان نڪتو ۽ هتي اچي ڳوٺ آباد ڪيائين. پر هن ڳوٺ جو نالو وڪڙيو پيو. ان بابت به مختلف ڳالهيون آهن . ڪي چون ٿا ته هتي ڪا وراڪي واري ترائي وراڪڙي ترائيءَ جي نالي سان هوندي هئي تنهنڪري اهو نالو پيو، ڪي چون ٿا ته موجوده ڳوٺ جي اتر ۾ هڪڙي وسندي هئي جنهن ۾ پيئڻ بلا ڪاهي پيئي جنهن تمام گهڻي آباديءَ کي متاثر ڪيو ۽ پيئڻ بلا جو تعداد ايترو ججهو هو جو ماڻهو ڪوڪون ڪري وٺي ڀڳا. اهڙي طرح ڳوٺ ڪوڪريو سڏجڻ لڳو جيڪو اڳتي بدلجي وڪڙيو ٿيو. اها روايت اسان جا وڏا گجرات واپار سانگي ويندا هئا جتي کين هڪ عورت اها ڳالهه ٻُڌائي هئي جو انهي عورت جا وڏا به پيئڻ جي ڊپ مان ڪڪڙئي مان ڀڄي نڪتا هئا.
وسائي جنجهيءَ ڪڇ مان کوه جي منظوريءَ جو پروانو وٺي ڳوٺ ٻڌو ته سندس واسطيدار ۽ ڪجهه ٻين ذاتين جا ماڻهو اچي آباد ٿيا . شروع ۾ ته 32 ذاتين جا ماڻهو رهندا هئا جن مان ڪجهه لڏي ويا ڪجهه ذاتيون پاڻ ۾ ضم ٿي ويون . هن وقت به ڪافي ذاتيون رهن ٿيون جن ۾ جن ۾ هند ن جون ذاتيو به آهن ته مسلمانن جون ۽ سڀئي پاڻ ۾ انتهائي هم آهنگيءَ سان رهن ٿا. سڀني کان وڌيڪ تعداد ۾ ”جنجهي“ آهن. ان کانسواِءِ سنگراسي، ڀيا، مڱريا، پنهون، درس، سيٺار، حجام، ولهه، کير، ڌارا، ڀيل ، ميگهواڙ، ڪولهي، ڪنڀار، پير، گرڙا ۽ لوهار شامل آهن. هتي اٽڪل 35 کن کوه آهن . پاڻي فراهمي جي هڪ وڏي رٿا آهي جيڪا ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت هلائين ٿا ۽ گهراگهر پاڻي پهچي ٿو پر پاڻي کارو آهي. 4 ننڍا رورس آسمپسس پلانٽ به لڳا هئا پر اهي خراب هجڻ جي ڪري اڪثر بند رهن ٿا. هتي يونين ڪائونسل جو هيڊڪوارٽر به آهي. مڊل اسڪول ۽ بنيادي صحت مرڪز به آهن پر وڌيڪ تعليم لاءِ ماڻهن کي شهرن ڏانهن وڃڻو ٿو پوي ۽ ويم وغيره لاءِ ماءُ ٻار جي صحت جو مرڪز هئڻ ضروري آهي. هن ڳوٺ ۾ مالدار ي به آهي ته ڪجهه ماڻهو نوڪري ڪن ٿا. پڪي روڊ ۽ سيل فون جي سهوليت سان ڳنڍيل هي ڳوٺ مٺي پاڻي لاءِ هن وقت به سرگردان آهي . کاري پاڻيءَ جي ڪري گرميءَ جي موسم ۾ ڪافي بيماريون ٿينديون آهن. هن ڳوٺ سان لاڳاپيل تمام گهڻيون ڳڻوان ڳالهيون به لاڳاپيل آهن جيڪي ڪنهن ٻئي ليک ۾ بيان ڪبيون. ڳوٺن ۾ هيترن سارن مسئلن ۽ مونجهارن جي باوجود تاريخ ۽ ثقافت جو اٿاه اثاثو موجود آهي.