کوهه ،اُنجي انجنيئرنگ ۽ اُ ن سان لاڳاپيل لفظ
ٿر اِهڙو وارياسو، باراني خطو آهي جنهن جي خوشحالي ۽ ساوڪ ڪنهن زماني ۾ اهڙي اوج تي هئي جو اُن جي نامکار مُلڪان ملڪ مشهور هوندي هئي، ۽ سمورو خطو ڪنهن وقت سمنڊ هو ۽ ڪارونجهر جي جوڙجڪ ظاهر ڪري ٿي ته اهو جبل 3.5 ارب سال جهونو آهي جڏهن هن ڪائنات ۾ هڪ جيوي (Unicellular) جيوت مس موجود هئي. پوءِ اهو پاڻي هٽندو ويو ۽ خشڪي نروار ٿيندي ويئي تان جو سنه 1. عيسويءَ دوران هتي دنيا جي مصروف ترين سمنڊ ڪناري جا اهڃاڻ ملن ٿا. جتي ٻيڙيون هلنديون هيون ۽ پارڪر جي ٽاڪرو ۽ مٽيهاڻي ڌرتيءَ تي ناريل به ججهو ٿيندو هوجيئن سڏونت سارنگا جي مشهور قصي ۾ذڪراچي ٿو،
پاري ننگر کان پڌاري، ڪرجو ڀڳوئا ويس،
جنهن گهر ناريل رونکڙو،تنهن گهر ڪرجو اليک،
اهو پاڻي نه صرف مٿاڇري تان هٽندو ويو پر زمين اندريون پاتار جو پاڻي به هيٺ ويندو رهيو ۽ ٿر هڪ اُڃاريءَ ڌرتي طور سُڃاڻپ ماڻي ۽ پاڻي جي اها سطح ڏکڻ اولهه ڪنڊ کان اُتر اوڀر ڪنڊ ڏانهن رُخ رکندڙ آهي. يعني اهو اولهه ڏکڻ ڪنڊ واري علائقي يعني وَٽِ ۾ پاڻِيءَ جي سطح ويجهي آهي ته اوڀر اُتر ڪنڊ ڏانهن يعني ڇاڇراٽي واري علائقي ۾ اُها هيٺ هلي وڃي ٿي ۽ اهو اثرزميني مٿاڇري جي اوڀر ۾ پڻ ڏسي سگهجي ٿو. جئين جئين آبادي آباد ٿي ته ماڻهن پنهنجي جياپي لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ جا مُختلف طور طريقا ڳولهي لڌا جن ۾ هڪ ذريعوهو برساتي پاڻي ۽ ٻيو ذريعو زير زمين پاڻي آهي ۽ زمين مان پاڻي ڪڍڻ بابت جيڪي لفظ ،اصطلاح ۽ ٻيون وٿون ٻوليءَ ۾ داخل ٿيون انهن جي اُپٽار ڪرڻ ضروري آهي جئين بدلجندڙ دور جي دز ٻوليءَ جي انهي ذخيري کي دونهاٽي ڪنهن وقت جي هندستاني نوابن وانگر گم نه ڪري ڇڏي.
زير زمين پاڻي ڪڍڻ لاءِ ٿر ۾ ” کوهه“ ئي وڏو وسيلو آهي جنهن جا مختلف قسم آهن. کوهه کي تڙ، ويرو، ويري چئبو آهي ۽ لفظ ويري يا ويرو ۽ عربي لفظ بئر ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي . بئر جي معنيٰ پڻ کوهه آهي ۽ ٿي سگهي ٿو بئر، بگڙ جي بير ۽ وير ۽ ويرو ٿيو هجي يا وري سنڌي لفظ ويري جو اثر عربي زبان تي هجي. لفظ بير جو ذڪر شاهه لطيف جي شعر ۾ پڻ آهي.
بير کنيائون برن ۾، پيارين پهون،
سنجن ساٺيڪن، تي وڏيءَ ويل وهون،
پايو جر جنڊن ۾، ڪوڏان ڪن ڪهون،
ڏينهون ڏينهن نئون، مونکي ورهه ويڙهييچن جو.
اهڙي طرح کوهه کڻڻ جو طور طريقو ۽ انجنيئرنگ به مختلف دورن ۾ مختلف نموني رهي آهي. شروع شروع ۾ڏلهه ڏيئي، واري هٽائي ،کليل کڏ Open pit وانگر کوهه تيار ڪيو ويندو هو۽ اهو تمام ڏکيو ڪم هوندوجيئن اڄڪلهه سڄي دنيا ٿر جي ڪوئلي ۾ اکيون وجهيو بيٺي آهي پر اهو به اونڌي ٻانڌي واري طريقي سان نڪرندو سو وڏن گبرن جي اڃا دال ڳري نه سگهي آهي.اهڙيطرح اڳتي هلي کوه کوٽڻ جي طريقي ۾ انقلابي تبديلي آئي جنهن جو سهرو رواتسر جي ميان عبدالحق جن جي سر تي آهي. مالڪ کيس جنت نصيب ڪري، جنهن(9x13) المعروف نَوتيري سِر ايجاد ڪئي ۽ اونڌي ٻانڌي جي ٽيڪنڪ وسيلي کوهه تعمير ڪيا ويا.انهيءَ ٽيڪنڪ سان ٻڌل ٿر جو پهريون کوه راوتسر ۾ مولانا صاحب پنهنجي نگرانيءَ هيٺ ٻڌارايو.
اونڌي ٻانڌي ۾ مٿان کان هيٺ کوهه کوٽبو وڃبو آهي ۽ گڏوگڏ سِرَ هڻندا ويندا آهن ۽ سر جي ماپ 13x9 هئڻ جي ڪري اُها بلڪل گول گهيرو ٺاهي بيهي ٿي ۽ سر ۾ سر ڳنڍجي مضبوط ٿي وڃي ٿي۽ اُتان سر گِسڪڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. زمين جي سطح کي ويجهو پاڻي به موجود آهي .جئين وٽ جو علائقي ۽ ڏيپلي تعلقي جي ڪجهه حصي ۾ پاڻي ايترو ته ويجهو آهي جو ڪٿي ڪٿي گوڏا کوڙي جانور اُن مان پاڻي ڀري سگهي ٿو ۽ ان جي ڪري گوڏانگڙي ڳوٺ مشهور ٿيو ۽ ڪٿي وري اهو زير زمين پاڻي ايترو مٿي آهي جو ٿورڙي زمين کوٽي کڏو ٺاهبو ته پاڻي ظاهر ٿي ايندو جنهن مان ڪتو به زبان وسيلي پاڻي آسانيءَ سان لَڪِي سگهي ٿو انهي جي ڪري هڪ ڳوٺ تي نالو به ڪُتاني پيو. ڪن علائقن، جئين ڇاڇراٽيءَ جو اُتر اوڀر وارو علائقو اونهي پاڻيءَ جي ڪري مشهور آهي جتي ڪن ڳوٺن ۾ کوهه سُٺ پُرهه (350 فوٽ) اونها آهن ته ڪٿي سَو پُرهه (550) اونها آهن جن کي ترتيبوار ساٺيڪا ۽ سوئيڪا يا سوپرسا چيو وڃي ٿو. لطيف سائين پڻ مٿئين بيت ۾ ساٺيڪن جو ذڪر ڪيو آهي، ڪٿي کوهن کي پار پُڻ چيو ويندو آهي. پار اهڙ ا کوهه آهن جن ۾ سال جا ڪُجهه مهينا پاڻي موجود هوندو آهي ۽ تک جي ڏينهن ۾ اُهي سُڪي ويندا آهن پار جو اڪثر پاڻي مِٺو هوندو آهي پر تمام ٿورو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته اُهو سيمي جو پاڻي Seepage Water آهي ۽ ٿر ۾ جيڪا به انساني آبادي ٿي آهي ان جو محور ۽ مرڪز اهي کوهه، پار، ويرا يا ويريون ۽تڙ رهيا آهن تنهنڪري ڳوٺن جي اڪثريت ۾ تڙ، کوهه، پار، ويرو يا ويري ۽ ڪٿي پچاڙي طورته ڪٿي ڪٿي اڳاڙيءَ طور شامل آهي جيئن: وليءَ جو تڙ، وليءَ جي ويري، کيمي جو پار، تڙ حمير وغيره. جتي پاڻي مٺو نڪتو آهي ته انهن آبادين جا نالا به پاڻيءَ جي نسبت سان رکيا ويا، جئين مٺو تڙ يا مٺڙيو ۽ کاري پاڻي هجڻ جي ڪري کارو ۽ کاريو نالا رکيا ويا جئين کارو جاني ، کاريو غلام شاهه وغيره.
کوهه کوٽيندي وچ ۾ پٿريلو تهه ايندو آهي جنهن کي ” روهڙي“ چوندا آهن ۽ اُها روهڙي کوهه جي اڏاوت ۾ سنگ ميل جي حيثيت ۾ رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيترو پٿر مضبوط هوندو اوترو اهو باقي اڏاوت کي سوگهو جهلي بيهندو. کوهه ۾ عام طور 3 کان 4 روهڙيون اچن ٿيون ۽ روهڙي جي انهي مضبوطي واري حيثيت سبب ٻوليءَ ۾ ” روهڙي ڊهڻ“ جو اصطلاح مروج ٿيو ۽ اهڙو ماڻهو جنهن جو ارادو لڏندڙ هوندو ۽ اُهو پنهنجي عمر کان هٽي ڪري قدم کڻندو يعني پيريءَ ۾ ٻارن جهڙا ڪم ڪندو ته چوندا ته فلاڻي جي روهڙي ڊهي ويئي آهي ۽ روهڙيءَ ڊٺي کان هر ڪو پرتي ٿي ويندو آهي. کوهه جُڙي راس ٿيڻ تي ،پاڻي پڌرو ٿيڻ کانپوءِ کوهه جي تر ۾ ڪنڊي جي ڪاٺن ۾ ٺهيل چرخ هنيو ويندو آهي جنهن کي چرخ ڳارڻ چيو ويندو آهي .چرخ ڳارڻ جو عمل انتهائي مهارت وارو ڪم آهي جنهن لاءِ ڪاريگر کوهاڻي جوهجڻ ضروري آهي. عام طور اهو چرخ ڪنڊي جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويندو آهي ۽ ورهاڱي کان اڳي گجرات صوبي جي سانڪي واري علائقي مان هڪڙو مضبوط پٿر آڻي لڳايو ويندو هو ۽ هن وقت اُن جي جاءَ سمينٽ سان سرن جي مضبوط اڏاوت والاري آهي جنهن کي ڪوٺي سڏيو ويندو آهي ۽ اونڌي ٻانڌي ۾ سرن جي جاءِ سيمينٽ جي firm والاري آهي جنهن کي عام ماڻهو ”فرمو” سڏين ٿا. کوهه تيار ٿيڻ کانپوءِ اُن تي اڏون ۽ اواڙايا اها ءَ ٺاهيا ويندا آهن. اڏو ن اُهو حوض آهي جنهن ۾کوه مان ٻاهر ڪڍيل پاڻي پهريائين وڌو وڃي ٿو جتان پوءِ مال کي پيارڻ لاءِ اوڙايا اُهاءَ ڀريا وڃن ٿا ۽ اڏون مان جن Channels وسيلي پاڻي اواڙن ۾ وهايو ويندو آهي تنهنکي نِڪ چئبو آهي. شروع شروع ۾ اواڙا مٽيءَ مان ٺاهيا ويندا هئا پر هاڻي پڪين سِرن ۽ سيمينٽ مان مضبوط اواڙا اڏيا وڃن ٿا. اواڙي کي چوڌاري ڪنڌي هوندي آهي ۽ دروازو پڻ چاڙهيو ويندو آهي. پر کوهه واري پاسي ڪاٺيون رکي اهڙو لنگهه ٺاهيو ويندو آهي جنهن تان ماڻهو ضرورت وقت ٽپي وڃي سگهي پر مال نه ٽپي سگهي انهي لنگهه کي سينگاري چئبو آهي.
اڳئين وقت ۾ کو هه مٿي ٻڇانگي ڪاٺي کوڙي “ڪُهڙ” ٺاهي ويندي هئي. هاڻي اُن جي جاءِ سيمينٽ مان ٺهندڙ ڪُهڙ والاري آهي. ڪُهڙ جن ڪاٺين يا ٿنڀن تي کوڙي ويندي آهي تن کي “کَرَ” چئبو آهي ۽ ڪُهڙ جي ٻڇانگ واري وچئين حصي تي“ ڦرهڙي” يعني سڌي پٽي لڳائي اُن تي ٻه ڪاٺيون هنيون وينديون آهن جن کي“ مڪڙا” چئبو آهي.مڪڙن وسيلي ڪُهڙ تي “ڀُوڻ” چاڙهبو آهي. ڀوڻ هڪ سادي ڪَلُ آهي جنهن بابت شاهه سائين هن ريت فرمايو آهي:
ڀُوڻ ڀُڻڪو نه سُڻان، ٻُري نه ٻڪر دانهن
ميان ماروئڙن جا، اونها ڏٺم آنهن،
جن ساٺيڪا ٿي سنجيا، سي ڌئي ڪيڙي ڪانهن
پکا کڻي پر انهن، جيڪس لڏيو لوئڙيا ريين،
ڀوڻ مڪڙن تي هڪ سنهي ۽ سڌي ڪاٺي وسيلي چاڙهيو ويندو آهي. اُن ڪاٺيءَ کي “اوڙڪ” چئبو آهي ۽ اوڙڪ جنهن سوراخ مان لنگهائبو آهي اُن کي ” ساڻ“ چئبو آهي ۽ ساڻ کي گسڻ کان بچڻ لاءِ اُن ۾ اڳ لوهه جون “آڻيون” لڳايون وينديون هُيون. هاڻي آڻين جي جاءِ گاڏين ۽ موٽرن مان نڪتل بيئرنگ ڦيٿين والاري آهي ڇاڪاڻ ته اُن ۾ گاٺ گهٽجي وڃڻ ڪري بار هلڪو ٿي وڃي ٿو ۽ انهي گاٺ کي وڌيڪ هلڪو ۽ لسائيندڙ بڻائڻ لاءِ تيل ۽ مکڻ جو “وانگ” ڏنو ويندو آهي. کوهه هلڻ، دوران اوڙڪ جي گهڪي سببان ڀوڻ جو ڀُڻڪو ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي. ڀوڻ ڪنڊي جي ڪاٺيءَ مان جنڊي چاڙهي ٺاهيو ويندو آهي پُر ان ۾ اوڙڪ ڪونڀٽ يا ٻير جي سڌي ۽ بغير انگ يعني نڪتل ڇيت جي ڪاٺيءَ جو هنيو ويندو آهي. اوڙڪ جو ذڪر ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ ڪجهه هن ريت آهي.
ڀني ٿاڀُڻڪن ، اوڙڪ اباڻن جا،
چڙهيو کڻي چوڦريون، ساٺيڪا سنجن،
تساريون تڙن تي، پايو گهنڊ گهڙڻ
سويريون سهڙن، کينءَ ۾ کيڙين جون.
کوهه جي مُنهن کان وٺي اُن ڇيڙي تائين، جيستائين ”ڪوسايا“ ويندا آهن يعني کوهه جيتري ساڳي مفاصلي واري رستي کي “سارڻ” چئبو آهي ۽ سارڻ جي ڇيڙي کي“ سارڻ جو مٿو” چوندا آهن ۽ مُنهن واري حصي کي “ مُنهيون” چون. مُنهيين تان جڏهن ڪوسايا هڪلي “کيليو” الله تو آهر ڪري ته اِن کي ” اوڪاهڻ“ چون ۽ “هئوڪاري” کانپوءِ جئين پاڻي ڪوس مان اڏونءَ ۾ هاربو آهي ته گوسي وڏي آواز سان “ميلهه” چوندو آهي ۽ ان ميلهه ڪاري، هؤڪاري ۽ اوڪاهه جي آواز ۾ آهنگ آهي ۽ اُن ۾ اهڙو ته ڪن رس آهي جو سمورو سٽاءُ يعني گوسي کيليو ۽ پاڻهياريون ۽ ٻيا ماڻهو لطف اندوز ٿيندا آهن ۽ اهو آهنگ سندن لاءِ همٿ ۽ ٽيڪو آهي. دُنيا جا سمورا ڏکيا علائقا جن ۾ زندگيءَ جا حالات مشڪل هوندا آهن ماڻهو پنهنجي گُذارن يا مال جي سانگي هلندا رهندا آهن، تن علائَقن م انهيءِ قسم جا آهنگ ۽ آکاڻيون سرجنديون آهن جيڪي ماڻهن کي مشڪلاتن ۾ سهاري جو ڪم ڏيندا آهن. ۽ اُهي انهي املهه ورثي کي نسل در نسل منتقل ڪندا رهندا آهن. دنيا جو سمورو لوڪ ادب اِن ريت سرجيو ،وڌيو ويجهيو ۽ اُسريو آهي.
هاڻي اچون ٿا کوه مان پاڻي ڪڍڻ واري عمل تي ،جيڪوڪم پنهنجو پاڻ ۾ پيچيدو ۽ مُشڪل آهي ۽ اُن ۾ ڪيتريون ئي شيون ۽ ٽيڪنيڪون شامل آهن جن ۾ وقت گُذرڻ سان گڏ وگڏ ماڻهن جدت پڻ آندي آهي پر بُنيادي ڍانچو ساڳي آهي .کوهه مان پاڻي ڪڍڻ ۽اُن سان لاڳاپيل لوازمات جو ذڪر ڪندي ٿر جو ڀلوڙ شاعر محمد هڱورجو هِن ريت اظهار ڪري ٿو:
ادا ڪهڙيون ڪريان ڳالهيون، اباڻن جي اپارن جون،
پيارڻ مال لئي مارن، سندي حيلن هزارن جون،
وهائين تيڻ تڙ تاڳا، پيارين مال ڪري ساڳا،
هلائين وهٽ، ڍڳا، ڏاگا، ڪوساين ڪوڏوارن حون،
“ڪوڙائي” “ڪوس” ڪشي هيڪر ،“ ٻُنڀي” ۾ سو ٻڌن ٻيهر،
ورائي“ ورت” وٺڻ اڪثر، ڌڻي جي نانءَ ڌئارن جون،
“پاڃاريون”، ‘آڙنگا’، ‘ڳاٽا’، ٻڌن ‘سيرڻ’ سُٺا سانٽا،
‘ڪوسايا’ڪي تکا ماٺا، کرن، ‘کيلين’ خسارن جون،
ادب سان ‘ڪوس’ اوڪائي ، وڃي کيليو وهٽ ڪاهي،
‘ڦرهوڙي’ ڪوس جي آئي، عجب آواز اُچارن جون،
‘سينگاريءَ’ ڪاٺ سينگاري، چڙهن سوالا وکون واريو
ڏسن پاڻي وهڻ ساري، ‘نڪن’ نارن، نظارن جون
‘اُٻيڙان’ ڪوس ڀري تاڻي، ‘اڏوءَ’ ۾ سووجهن آڻي،
اواڙين ريت هڻن ڇاڻي، اڇي پاڻي اُجارن جون
آواڙا ائين ڀري واري، سمورو مال اچن ساري،
ادا ” محمد“ انهي باري، سندن سوچن شعارن جون
کوهه مان پاڻي ڪڍڻ واري سموري سٽاءَ جو نالو “تيڻ” آهي ۽ جيئن ته هر هڪ پنهنجي مال ۽ ضرورت مطابق ِ کوهه هڪ ترتيب سان واريندو آهي تنهنڪري اُن عمل کي “وارو وارڻ” ۽ ’کوهه هلائڻ‘ به چئبو آهي. انهيءَ سڄي مرحليوار عمل لاءِ جن شين جي ضرورت پوي ٿي تن ۾ “ورت” ، “ ڪوس ” “ ڪوسايا” “ گوسي” ۽ “کيليو” اهم جاءِ والارين ٿا.
” ورت“ شروع ۾ ڳائي يا ماهي چم کي ڇِهي يعني نفاست سان سنهو چيري اُن جو تندو ٺاهي پوءِ “ٽئُڙ”يعني ٽيڻي يا ٽه سَري ڪري ڀڃائبي آهي اُها ايتري ته سُوَٽ ۽ ‘آڪري’ يعني سخت هوندي آهي جو نه کُلندي آهي. ورت جو شروع وارو ڇيڙو جيڪو ڪوس ۾ ٻڌبو آهي تنهنکي کي “ ٻُنڀو” چئبو آهي ۽ ٻُنڀ لفظ جي معنيٰ شروعات يا منڊ آهي لفظ ٻُنڀ ۽ عربي لفظ منبع ۾ به ڪا هڪجهڙائي محسوس ٿئي ٿي. ورت جي ٻئي ڇيڙي کي “پوڇڙو” يا پوڇينڊو چيو ويندو آهي. اڄڪلهه ورتون نائلون ۽ ٻين رسين مان ٺاهيون وڃن ٿيون. باقي ڪٿي ڪٿي اڃان به چم جي ورت جو رواج آهي، ورت هلڻ سان گسندي آهي ۽ جيڪڏهن اُن جي هڪ سَرِ يا سڙهي ٽٽندي آهي ته اُن کي اُن جاءِ تي ننڍي سڙهي هڻي ڳنڍيو ويندو آگهي ان کي “ ڇِنڀان” هڻڻ چوندا آهن. جيڪڏهن سَڄي سَرَ ٽُٽي ٿي ته ٻه سڙهيون هڻي ڳنڍيو ويندو آهي جنهن کي“ سنڌو هڻڻ” چوندا آهن. جيڪڏهن ٽيئي سَرُون هڪ ئي هنڌ تان آڏ ٻُرٽ ٽٽي پون ته پوءِ اُتي ٽنهي سَرُن کي ملائي سنڌو هنيو ويندو آهي. اِن سنڌي کي “جهيرڻو” سنڌو چيو ويندو آهي. اهو سنڌو ملائڻ انتهائي ڪاريگريءَ جو ڪم آهي جئين ڪوري سُٽ کي اُميريءِ سان ڳنڍيندا آهن . اُميري ڳنڍ جو اُهو قسم آهي جنهن ۾ سنڌو نظرنه ايندو آهي.لطيف سائين به هيئن فرمايو آهي،
هو ڇننئي، تون م ڇن، پاءِ اُميري اُن سين،
ورت ۾ جيڪا شيءَ ٻڌي کوهه ۾ ٻوڪي طور پاڻي ڀرڻ لاءِ واربي آهي تنهنکي ‘ڪوس’ چئبو آهي . ڪوس جا مختلف قسم ٿين ٿا جئين ڇهه ٻاڙيو ڪوس، ننڍو ڪوس، جنهن کي چڙهي يا چڙسي چوندا آهن ڪوس شروع ۾چم مان ٺاهيو ويندو آهي پر هاڻي ٽائرن جي ٽيوب جو رٻڙ ڪوس طور استعمال ٿيئي ٿو، جنهن لاءِ پوڙهن ۽ جهور ٿرين جي ناقداڻي راءِ آهي. ته “ ابا رٻڙ بيماري پکيڙي ٿو”. ڪوس ۾ اُن جي سڄي گهيردار ڪناري تي ننڍڙا سوراخ ٺاهيا ويندا آهن جن وسيلي ڪوس“ ڪوڙائيءَ ” ۾ ڪشي قابو ڪيو ويندو آهي .انهن سوراخن کي “ آک“ چوندا آهن ۽ ڪوس آکڻ به انتهائي سيبتائي جو ڪم آهي. مختلف ماپن جي ڪوسن ۾ آکن جو تعداد گهٽ وڌ هوندو آهي جيئن 16 ۽ 21 وغيره.
ڪوس جهڙي“ ڪراس” جهڙي ڪاٺيءَ ۾ قابو ٻڌو ويندو آهي تنهنکي “ڪوڙائي” چوندا آهن. ۽ ڪوڙائي جي ڇيڙن ۾ سوراخ هوندا آهن ۽ انهن سوراخن ۾ هڪ رسي وڌي ويندوي آهي ۽ ڪوس ڪوڙائي ۾ انهيءَ رسي وٽ ڪشي قابو ڪيو ويندو آهي. جنهن رسيءَ سان ڪوس ڪشيو ويندو آهي اُن کي“ ڪشڻ” چئبو آهي. ڪشڻ عمومن سُٽ جي هوندي اهي جئين اُن کي سولائي سان ڪشي سگهجي ۽ ڪشڻ کانپوءِ اُها سِري پنهنجي جاءِ به نه ڇڏي. ڪوڙائيءَ جو ٻيو پاسو جيڪو ورت جي ٻنڀي سان جوڙيو ويندو آهي. اُن ۾ لوهه جو هڪ اوزار هوندو آهي جنهن کي“ منهر” چئبو آهي. ۽ اُن کي ٻِئُڙ پڻ چوندا آهن. ٻُنڀي جي ڇيڙي تي ڪاٺيءَ مان ٺهيل“ ڦِنڊِڪ” هوندي آهي. يا ڳنڍ ڏنل هوندي آهي جئين ٻُنڀو پنهنجي جاءِ تان سِرڪي نه وڃي. هڪ ننڍڙي رسي سان ٻُنڀي کي منهر سان ڳنڍيو ويندو آهي. جوڙڻ جي انهي سموري عمل کي “ٻئڙ ڏيڻ” چئبو آهي. ٻئڙ ڏيئي ورت کوهه ۾ واري ويندي آهي ۽“ ڪوسايا” تيار هونداآهن. ڪوسايا اُنهن وهٽن يا جانورن لاءِ اسم اجتماع طور ڪم ايندو آهي جيڪي کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن. ڪوساين ۾ ڍڳا، اُٺ ۽ گڏهه استعمال ٿين ٿا. ڪوساين کي ڪاٺيءَ جي پاڃاريءَ ۾ جوڙي هلايو ويندو آهي. ڍڳن جي جوڙي وهندي آهي، اُٺ اڪيلو ڪوس ڇڪيندو آهي. گڏهه ٻه چار ۽ ڇهه عدد واري ۾ ٻڌا ويندا آهن. جيڪڏهن تيڻ وڏو آهي ته پوءِ ڪوساين جون ٻه ٻه جيٽون يا جوڙيون تيار هونديون آهن ۽ هڪڙي جيٽ جي ٿڪجڻ تي ٻي جيٽ جوٽي ويندي آهي. ڪاٺ جي پاڃاريءَ ۾“ آڙنگا”،“ سيرڻ” ۽“ ڳاٽا” لڳل هوندا آهن پاڃاريءَ ۾ به ڪاٺ جون پٽيون هونديون آهن مٿين پٽيءَ کي “پاڃاري” ۽ هيٺين گول ڪاٺيءَ کي“ ترهاٽ” چوندا آهن. ڪوسايي کي پاڃاريءَ ۾ وجهي اُن جي ڪنڌ جي ٻاهرئين پاسي رسيءَ يا چم مان وٽي ٺاهيل ” سيرڻ“ هڻي قابو ڪيو ويندو آهي ته ٻئي طرف ڪنڌ جي اندرئين پاسي ڪاٺيءَ جي ڪليءَ جهڙو ٺهيل ڳاٽو هنيو ويندو آهي. ۽ پاڃاري جي وچ۾ چم يا رسيءَ مان ٺاهيل آڙنگو لڳل هوندو آهي جنهن ۾ ورت جو پوڇڙو وجهي، ڪاٺيءَ مان ٺهيل هڪ ڪليءَ سان قابو ڪيو ويندو آهي اُن ڪلِيءَ کي “کيلي” چئبو آهي. کيلي ۽ ٻئڙ، ٻئي شيون واري جي هن سموري عمل ۾ مُک پُرزي (Linchpin) جي حيثيت رکن ٿيون. هاڻي کوهه مان پاڻي ڪڍڻ جو سامان تيار آهي ۽ “گوسي” يعني جيڪو همراهه کوهه تي بيهندو اُهو ورت واريندو ۽ ورت جي ڪُجهه تيز ٿيڻ کانپوءِ ورت کي پير ڏيئي واريندو ۽ ورت مڪمل وري وڃڻ کانپوءِ جڏهن ڪوس پاڻي تي پُڄندو آهي ته گوسي ڪوس کي“ جانڪون” يعني لوڏا ڏيئي ”سنجي” سينچي ڀريندو ۽ ڀريل ڪوس جا نڪ ۾ محسوس ٿيندو ته واقعي ڀريل آهي، پوءِ ”کيليو” يعني جيڪو همراهه ڪوسايا ڪاهيندو اُهو اُهو ڪوسايا ڪاهي ڪُهڙ کي ويجها آڻيندو ۽ کيلي وجهي”الله تو آهار” ڪئي ويندي آهي. ۽ اُن جي موٽ ۾ ٻيو ساٿي“ ڌڻي منهنجاتون” وراڻنيدو ۽ کيليو ڪوسايا هڪلي جڏهن “سارڻ” جي مٿي تي ويندو ۽ ڪوس کوهه جي منهن مان ٻاهر اچڻ تي گوسي اِشاري طور آواز ڪندو جنهن کي هؤڪار يا هڙڪارو چيو ويندو آهي. هؤڪارو يا هڙڪار ڪرڻ جا مختلف آواز آهن جئين هَؤ!! هَؤ!! هَئو پڇا، وريا پانهون، پانهون، پڇا پڇا ۽ هاڻي ڪُجهه ماڻهو سبحان الله به چون ٿا. واري وارڻ جي انهيءَ عمل تي غور ڪبو ته اُهو پيچيدو ۽ ڏکيو آهي پر جنهن طريقي سان اُن کي نباهيو وڃي ٿو. تنهن ۾ اُهو عمل مزيدار بڻجي پوي ۽ هر هڪ اھن مان لطف اندوز ٿئي ٿو.
آوڙا ڀرجي ويندا آهن ته ڀاڳيا مال کي نينهن مان نالون ڪري ڇيڪاري ،پاڻي پيئڻ جي ڪوٺ ڏيندا آهن. ڪن موسمن ۾ڌڻ “تسي” تي پيهو ڪرڻ يعني هر ٻئي ڏينهن پاڻي پيئڻ ايندو آهي ۽ مالوند ڀاڳين کي مال سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي پنهنجي زبان آهي جنهن جو ذڪر ٻئي ڪنهن ليک ۾ ڪيو ويندو.
کوهن ۾ گرميءَ جي موسم ، زير زمين پاڻي هيٺ لهي ويندو آهي ۽ گهٽ پاڻي هجڻ ڪري ،واري هلندي ساهي پٽي ويندي آهي جئين وري پاڻي مٿي چڙهي اچي ان ساهي پٽڻ کي ’آکاري ڏيڻ‘ چئبو آهي. باقي جن کوهن ۾ پاڻي ججهو آهي يعني“ اُٻيڙ ”آهن تن ۾ مسلسل وارو وهندو رهندو آهي. ڪن کوهن ۾ وري کوهه جي تري ۾ پاسن تان خال هوندو آهي تنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هيءُ کوهه “پَکي پئل” آهي . گهڻو وقت رهجي ويل کوهه يا ڦٽل کوهه کي “ڀاڏو” چوندا آهن. ۽ جنهن کي کوهه جي اڏاوت دوران اُن ۾ ورو ڪڙ پئجي وڃي ته اُن کي “ آنٽيو” يا وروڪڙو وارو کوهه چوندا آهن. ٿر ۾ اڪثر کوهن ۾ کارو پاڻي آهي يا وري پاڻي ۾ فلورائيڊ ۽ سنکيئي جو مقدار ججهوآهي جنهن ڪري ٿر ۾ سنڌن جي سور جون بيماريون به عام جام آهن ۽ ٿري ماڻهن جي ڏندن جو رنگ ميرانجهو ٿيئي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته اهي کوهه اهڙا کارا آهن جو گرمي جي موسم ۾ پاڻِي پيئڻ سان پکي به مريو ٿا وڃن تنهنڪري اِهڙن ڳوٺن تي هُڙيا مار نالو پڻ پيو.
جن ماڻهن جو مال ججهو ۽ ڪٽنب قبيلووڏو آهي اُنهي جو تيڻ به وڏو هوندو آهي پر جن کي صرف گهريلو استعمال لاءِ ٿورو پاڻي کپي اُهي مختصر وارو واريندا آهن جنهنکي “سيٽڙي” چئبو آهي ۽ سيٽيڙي ۾ ڪوساين جي بجاءِ ماڻهو ورت ڇڪيندا آهن،انهن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي هوندي آهي .
واري سان لاڳاپيل رسين يعني ورت وغيره کي سيٽ پڻ چئبو آهي ۽ اُهي رسيون ورتون آڙنگا ۽ سيرڻ، وارو وارڻ کانپوءِ کوهه تي ڪُهڙ جي کر ۾ يا ٻئي ڪنهن کونٽي ۾ ٽنگي ڇڏبا آهن ۽ وري کوهه وارڻ جي وقت استعمال ڪبا آهن پر جڏهن مارو ماڻهو اوچتو ڪنهن ڏڪر يا ٻيءَ آفت يا حملي سبب هجرت ڪري هليا ويندا آهن ته اهي سيٽ اُتي رهجي ويندا آهن .ڇوته ماڻهو پيادل ايترو بار نه کڻي سگهندا آهن اهڙي صورتحال کي شاهه سائين بيان ڪندي فرمايو آهي ته مارو ماڻهو لڏي ويا آهن ۽ ڀنيءَ جي ويل ڀوڻ جوسُريلو آواز بند ٿي چڪو آهي ۽ پاڻي سنجڻ واريون سرتيون هليون ويون آهن ۽ تڙ جي ٻنهي ڪنڌين تي پئل سيٽ سندن انتظار ۾ ڪاڙهي بَٺ ۾ ڪڙهي ۽ سڙي رهيا آهن.
ڀني جي ڀوڻن، تن جو ڀيڄ ڀُڻڪو نه سُڻان
سنجڻ واريون ستيون، وڃي ويڙهه ورن،
پيا سيٽ سڙن، تڙهي ٻنهي ڪنڌين.
کوهه تان پاڻي ڀرڻ لاءِ پاڻهياريون مٽيءَ جا دلا ۽ ٽامائي ٿانو ڀرڻ اينديون آهن مٽيءَ جي ٿانون ۾‘ مَٽُ ’، ‘دِلو’ ۽ ‘گگر’ ٽي ٿانو آهن ،جن ۾ مٽ سڀ کان وڏو، دلو وچولو ۽ گگر ننڍي ٿئي ٿي. ٽامائي ٿانون ۾ پاڻي جي مقدار جي ترتيب سان ‘منگهٽو’،‘ موريو’ ‘هيل’ ۽ ‘لوٽي’ آهن . ڪي عورتون هڪ دلو مٿي تي ۽ گگر يا هيل ڪڇ ۾ کڻن پرڪي نوجوان ناريون مٿي تي ٻيلهڙو ڪري کڻن ۽ ٻيلهڙا کڻي قطار ۾ لاڏ مان لڏي هلندڙ عورتون جي چال جو ڏيک انتهائي خوبصورت منظر آهي ،جيڪو ڳوٺاڻي زندگيءَ جي جمالياتي جهلڪ جو اهم حصو آهي. انهيءَ ٻيلهڙي جي خوبصورتي کي نظر ۾ رکندي شاهه ڪريم هن ريت فرمايو آهي،
پاڻيهاري سر ٻيهڙو، جر تي پکي جئين
اسان سڄڻ تئين، رهيو آهي روح ۾
مٿي تي دِلا ٽڪائي رکڻ ۽ مٿي کي دلي جي سنئين سڌي بار کان بچائڻ لاءِ وچ ۾ ڪپڙي مان ٺهيل خوبصورت سينهوڙا ۽ سينهيون رکيون وينديون آهن جن ۾ جهوڙاجهاٻا ٻڌل هوندا آهن اهڙي منظر کي سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سُجاولي هن ريت چٽيو آهي.
سُرما پاڻي، ڏيئي ڦڻيون، پاڻي ڀرڻ لاءِ پدمڻيون،
گڏجي هلن پنج ست ڄڻيون، هيڏن ڪنڌن سان ڪا ميڻيون
ڪن کي نٿون ،ڪن وينڊڙا، سرتي سمورين سينهڙا
گُجرين ڀريا پاڻي گهڙا، ڪن ڪڇ تي ،ڪن ٻيلهڙا
هو لاڏ مان لڏنديون اچن، لاڏليون مهراڻ جون
عورتن کانسواءِ ساندارن، ڪوانٺين ۽ پخالن وسيلي پاڻي ڀريو ويندو آهي. جتي گهرکي ويجها آهن ۽ زمين سنئين سڌي آهي اُتي ماڻهن پائيپ پڻ لڳائي ڇڏيا آهن. ۽ ويچارين عورتن تان اهو بار لهي ويو آهي.
کوهه وارڻ واري سڄي عمل جي پيچيدگي ۽ مشڪلات ٿري ماڻهن جي زندگيءَ جو لازمي حصو رهي آهي. ۽ ان سموري عمل جو ٻوليءَ تي اثر پڻ ٿيو آهي. ڪيئي پهاڪا ۽ اصطلاح پڻ ٻولي جو حصو بڻجي ويا آهن جئين.
• ورت وري ويئي باقي پوڇڙو بچيو آهي:
معنى: ڳچ عمر گُذري ويئي آهي باقي ٿورو حصو بچيو آهي. يعني عمر جو آخري حصو آهي.
• ڀاڏو ٿيڻ : ڦٽڻ يا ويران ٿيڻ
• اُڙڪي وڃڻ: ٽڙڻ يا اُبتيون سبتيون ڳالهيون وڃڻ، سنئون رستو ٻڌي غلطه رستو وٺڻ
• جبڪي اڏونءَ ۾ هوندو سو آواڙي ۾ ايندو. يعني انسان جي جيترو سوچ سمجهه هوندي اوترو ئي هو اظهار ڪندو. ماڻهوءَ جو رويو سندي ظرف جو عڪاس هوندو آهي.
• کيلي نڪرڻ: زندگي بي ربط ٿيڻ