عمر جا تو مل عيد ، سا سوءِ ورتيسين سومرا
ڀٽائي سُرمارئيءَ ۾ جيڪي ڳايو آهي سو عام جي دلين جي ڌڙڪڻ آهي. هيڻن طبقن جي دلي حال جي ڳالهه آهي جنهن مان سندن ڏکن ڏولائن ، هيڻائين، محرومين جي جهلڪ نظراڇي ٿي. غربت جي اهڙي جهلڪ ڏيکاريندي، غربت کي اڏولتا جي صلاح ڏيندي ، پيرن تي پڪو ٿي بيهڻ جي تاڪيد ڪئي ويئي آهي. ڀٽائيءَ جي اها دل سان لڳندڙ ڳالهه عين فطرت آهي جنهن مطابق سوڀ مارئيءَ کي ملڻي آهي. عمر هيڏو هاڪارو بادشاه هئڻ جي باوجود نه رڳو هارائيندو پر سڄي عمر دنيا جهان جو لعنتاڻو به کڻندو. هيڻن ۽ هوند وارن طبقن جي ڳالهه ڪندي ڀٽائيءَ عيد کي اهڃاڻ بنائي ، ڀيٽ ڪئي آهي ته غريب جي عيد ڪيئن ٿئي ٿي، امير ن جو عياشيون ڪيئن ٿين ٿيون. هي ڏينهن به عيد جا آهن . ڪي ماڻهو هن عيد کي فطري واري عيد چون ٿا ته ڪي وري رمضان واري عيد ته ڪي ننڍي عيد . هيءَ عيد شوال جي پهرئين ڏينهن تي ٿيندڙ عيد آهي. عيد تڏهن آهي جڏهن خوشي آهي. خوشي آهي ته خريد به آهي نه ته اگهاڙن ڪهڙي عيد. انهي پس منظر ۾ ڀٽائي هن ريت اظهار ڪيو آهي؛
عمر! جا تو مل عيد، سا سُوءِ ورتيسون سومرا
ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد
سڪڻ ڪيا شهيد، مارو ملڪ ملير جا
دنيا جنهنکي فطرت ”ملير“ بنايو تنهن کي ڪجهه ماڻهن پنهنجي چالاڪيءَ سان ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندي، ان جي سمورن وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهي ڪوشش دنيا کي دوزخ جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.وسيلن تي راتاهي جي انهي ڪهاڻي جي شروعات چالاڪيءَ سان ٿئي ٿي ۽ چند چالاڪ ماڻهو دوکي دولاب ۽ ٺڳيءَ سان دنيا جي وسيلن کي ٺاهي ٺانٺوڪي پنهنجي گوڏن هيٺ ڏيئي ويٺا آهن. نتيجي ۾ دنيا ۾ اڻ برابري ٿي پيئي آهي. هوندوارا ۽ هيڻا الڳ نموني جي زندگي گهاري رهيا آهن . انسانيت جا سبق ڏيندڙ سمورا نظريا ڦري گهري ڏاڍي جو پاسو وٺن ٿا ۽ هيڻو ويچارو پاڻ وهيڻو به نٿو رهي ۽ بي وسي جي انهي ڪيفيت دنيا ۾ غربت جي ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندڙ آڳ جلائي ڇڏي آهي جنهن ۾ هرڪو جلي رهيو آهي. هرڪنهن جي ان طرح جلڻ جي ترجماني ڪبيرڀڳت جا هي لفظ ڪن ٿا؛
ايسا ڪوئي نا ملا، جا سي رهي من ڪا لاڳ
سب جڳ جلتا ديکا، اپني اپني آڳ
غربت جي انهي آڳ دنيا جي ڀاڳ کي ويراڳ ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ سڄي دنيا عمومن، پراسرندڙ ملڪ خصوصن غربت جي انهي ڳوڙهي مسئلي کي منهن ڏيئي رهياآهن. غربت ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بدران ويراويروڌي رهي آهي ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي ڪوپ ۾. انسانيت ان جو بک بنجي، جلي رهي آهي. مٿان وري مارڪيٽ ٻرنديءَ تي تيل جي ڇنڊي وارو ڪم ڪري ٿو.جيترابه غربت گهٽائيندڙ نسخا آزماياوڃن ٿا اهي نيٺانيٺ وڃي انهن ماڻهن کي لاڀ پهچائين ٿا جيڪي غربت جا ”جهان خان “ آهن. اهڙي نفسا نفسيءَ ۾ عيدون ڪهڙيون هونديون خاص طور انهن ماڻهن جون جن کي ڪنڌ ۾ غربت جو طوق پيل آهي. جن جا ٻه ويلا آسانيءَ سان نٿا لنگهن. جن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر ناهي، جيڪي سرڪاري اسپتالن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي، اڇيون پيليون گوريون کائي مٿي علاج لاءِ وڃن ٿا ته ٻئي ڏينهن لاش کڻائي موٽن ٿا، جيڪي يا ته پيادا هلن ٿا يا وري اهڙين سوارين ۾ چڙهن ٿا جن ۾ ساڻن گڏ چوپايو مال به چڙهيل هوندو آهي، سندن ونيون ويم جا سور کائينديون جڏهن اسپتالن تائين پهچنديون آهن ته ڊاڪٽرصاحبان کين خطري وارو ڪيس چئي اڳتي کڻي وڃڻ جي ”نيڪ صلاح“ سان نوازينداآهن پر وٽن ڀاڙو نه هوندو آهي جو اهي ڊاڪٽرن جي اهڙي نيڪ صلاح تي عمل ڪن. بيوسيءَ جي انهي ڪيفيت تي وري فطرت جي رحمدل ڪُک پنهنجي ور مان انهن ويچارن جي واهر ڪندي آهي ۽ ڏسندي ڏسندي ، ڊاڪٽرسڳوري پاران قرارڏنل ڏکئي ڪيس جي ڇوٽڪارو اسپتال جي گهٽي اڪرڻ کان اڳ ئي عام رواجي ويم جي صورت ۾ ٿي پوندو آهي. فطرت جي اها چماٽ ان ”صلاحڪار“ جي منهن تي هوندي آحي جيڪو پاڻ تان بار لاهڻ لاءِ، اهڙي نيڪ صلاح جي نوازش ڪندو آهي. غربت جي اوڙاه ۾ لڙهندڙ لکين ماڻهن جي اها ڪهاڻي آهي جيڪا ڪيهون ڪري انسان ذات جو ڌيان ڇڪائي رهي آهي ته هي به انسان آهن انهن لاءِ به ڪجهه ڪريو. رڳو پنهنجا گهر نه ڀريو. عيد انهن کي به ڪرڻي هوندي آهي جنهن جي گهر ۾ ڪلو اٽي جو به نه هوندو آهي. غربت جي تورتڪ بابت دنيا ۾ ڪجهه ماڻ ماپا ٺاهيا ويا آهن جن جو بنياد آمدني ۽ کاپو آهن جڏهن ته هاڻي دنيا ۾ اهو نروارٿي چڪو آهي ته غربت هڪ ڳوڙوهو ۽ موڙهل مسئلو آهي جنهن کي ايئن هڪ رخي ماپڻيءَ سان ماپي ۽ ڪڇي نٿو سگهجي. ان هوندي به دنيا ۾ انهن ماپن وسيلي غربت جي تور تڪ ڪئي وڃي ٿي. تازوئي هڪ اهڙي رپورٽ پڌري ٿي آهي جنهن جو عنوان آهي، ”پاڪستان ۾ گهڻ رخي غربت بابت سال 2014۽ 2015ع “ جنهن ۾ سڀني صوبن جي غربت اهڃاڻن کي نروار ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ غربت جي ڪافي تفصيلي تصويرنظراچي ٿي. رپورٽ بابت ڪنهن ٻئي ليک ۾ في الحال غربت جي انهي ”جن“ بات ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا جنهن لکين انسانن جو جيئڻ جنجال بنائي رکيو آهي. سنڌ صوبي ۾ غربت جي راڪاس جا ڳوٺن ۾ وڌيڪ لامارا آهن جتي 75 سيڪڙو آبادي ڇتي غربت ۾ رهي ٿي. بلوچستان کان پوءَ سنڌ ٻئي نمبر تي غربت وارو صوبو آهي جنهن جي ضلعن ۾ غربت جي شدت جداجدا آهي. عمرڪوٽ ۾ اها سڀ کان وڌيڪ يعني 84.7 سيڪڙو ڏيکاري ويئي آهي. ٿرپارڪر ۾ غربت جو گراف هيٺ مٿي ٿيندي ، وري وڃي 84 سيڪڙو کي پهتو آهي. غربت جي اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ڪهڙي عيد ڪندا؟ عيد ته اميرن جي هوندي آهي، عيد ته انهن جي هوندي آهي جن جي قوت خريد سندن خواهشن کان به ”سرس ۽ سوائي “ هوندي آهي باقي انهن جي ڪهڙي عيد جيڪي غربت جي هندوري جي هاويءَ ۾ پيا لُڏن.
اهڙي طرح غربت جي اها ڪهاڻي انهن ضلعن جي لکين خاندانن جي ڪهاڻي آهي جيڪي رپورٽ ۾ ڳاڙهن نقشن جي صورت ۾ نروارڪيا ويا آهن. انهن ضلعن ۾ رهندڙ لکين غريب خاندانن لاءِ عيد کي عيد بنائڻ لاءِ ڪا خاص واه نه هوندي پوءِ اهي ويچاراڪٿان نه ڪٿان ”پن پنان“ ڪندا يا هٿ هڻندا جيئن سندن پاڙيسريءَ جي گهر ۾ پچندڙ سيوين جي ”وگهار“ جي سڳنڌ منجهن حسرت واراجذبا نه اڀاري. ڪن ڪن ماڻهن کي وري بينظيرڪارڊ جا پئسا ملن ٿا پر انهن کي روڪڙا ڪرائڻ لاءِ جيڪا حالت بئنڪ جي ڏٻن تي ٿئي ٿي سا ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڪٿي ڪٿي وري ڪن غيرسرڪاري تنظيمن ماڻهن کي پنڻ جي عادت سان سينگاريو آهي جنهن جي پيروي ڪندي ٿر جهڙي صاف سُٿري ڌرتيءَ تي مذهبي ڌريون پنهنجا امدادي سامان کڻي اچي پهتيون آهن. ڪن ڌرين وري پنهنجا دسترخوان لڳايا آهن. اهڙي طرح غربت ته گهٽجي ٿي يا نه باقي پنندڙن جو تعداد وڌندو وڃي ٿو. سرڪاري ادارن توڙي غير سرڪاري ادارن وٽ ڪي به اهڙا انگ اکر ڪانهي جيڪي حقيقي غريب جي نشاندهي ڪن ۽ ان کي اهڙي طرح وسواري آباد ڪيو وڃي جنهن سان اهو غربت جي هن ڪوڙڪي ءَ مان پنهنجو پاڻ آجو ڪري سگهي. سرڪاري امداد ي ڪمن ۾ جيڪا حالت هلي ٿي اها ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي پر هاڻي ته انهن غيرسرڪاري ادارن جو اٺ پاکڙي سميت ڏرڙ ۾ آهي جيڪي شفافيت جا دعويدار هوندا هئا. غربت جي جٽادار ۽ مستقل حل لاءِ دنيا کي سيفٽي نيٽس کان اڳتي سوچڻو پوندو جنهن لاءِ سڀ کان اول غربت جي حقيقي ڪٿ ڪرڻي پوندي ۽ انهي ڪٿ جي روشنيءَ ۾ ماڻهن کي مستقل نموني وسوارڻ جا اهڙا پروگرام جوڙڻا پوندا جن جي مدد سان ماڻهو غربت جي تحت الثرى مان مٿي نڪري سگهن. غربت گهٽائيندڙ سمورن پروگرامن جو مقصد غربت گهٽائيندڙ فيزنگ آئوٽ حڪمت عملي وارو هئڻ گهرجي. غربت بابت ٿيندڙ سمورن فيصلن ۾ غريبن جي راءِ به شامل هئڻ گهرجي. دولت جي جيڪا ڦرلٽ ۽ ڍڳن مٿي ڍڳ ٺاهڻ واري رجحان تي ڪا روڪ ٽوڪ رکي وڃي ۽ ناجائز نموني ذخيرو ڪيل ملڪيت کي نادار ماڻهن جي فلاح بهبود لاءِ استعمال ڪيو وڃي. اهي چند شيون آهن جن تي عمل ڪري وڏي سطح تي غربت مان ٻاهر نڪري سگهجي ٿو. راڄ سطح تي غربت جي واهر جو عيد جهڙن موقعن تي اهو حل آهي ته جيڪي سرندي ۽ هوند وارا آهن اهي پنهنجي اهڙن عزيزن قريبن ۽ پاڙيسرين کي عيد ڪرائڻ جو اهتمام ڪرائين جيڪي ويچارااڻ هوند جي دائري ۾ اچن ٿا جن کي خوشي ۽ خريد وسري ويئي آهي. اهو سماجي فرض آهي سڀني انسان مٿان لاڳو ٿئي ٿو. انهي عمل کي رضاڪاراڻي نموني اڳتي وڌائڻ کپي جيئن سماج ۾ رهندڙ هيڻا طبقا پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن ، انهن جي عيد به پرمسرت ٿئي، انهن جا ٻار به نوان ڪپڙاپائي عيدگاه ۾ وڃن. ايئن ڪرڻ سان سماجي هم آهنگي ۽ انسانيت جو ڀلوڙ مثال قائم ٿيندو. اسان جي معاشري جو اهو خاصو رهيو آهي ته اهو اوڙي پاڙي جو هڏڏوکي ۽ همدرد رهيو آهي. اوکي ۾ اهنج واري جي امداد ڪرڻ نه رڳو ثواب جو ڪم آهي پر ان سان گڏوگڏ اهو انساني فرض آهي ۽ اعلى انساني اخلاق جو عظيم اهڃاڻ آهي. تنهنڪري سموري سماج کي مارئيءَ جي طبقي يعني هيڻي طبقي ڏانهن لاڙو رکڻ گهرجي. عمرجي نصيب ۾ سدائين رسوائي ۽ خواري آهي تنهنڪري ان طرف جهڪاءُ نه هئڻ گهرجي. جيڪا عمرن جي عيد آهي سا ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ مارئي واري طبقي لاءِ سوءِ سمان آهي. ايئن ٻئي رستا ۽ رخ نروار ٿيل آهن .ماڻهوءَ تي اهو ڇڏيل آهي ته هو ڪهڙو رستو چونڊي ٿو.