علم تواريخ ۽ ٿر جي تواريخ جا تذڪرا
منجهان منهنجي رُوح، جي وڃي ساجن وسري
مرُ لڳي لوءَ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران
ايسا ڪوئي نا ملا، جا سي هو من ڪا لاگ
سب جڳ جلتاديکا، اپني اپني آگ
__
ادب جي ٻڳُهڻ ۽ رنگ برنگي دنيا سان واڳيل دوستو!
اوهان سڀني تي سلامتي هُجي
هيءُ جلندڙ جڳ ڪروڙين اربين ورهين کان هڪڙي آڳ ۾ جلي رهيو آهي، آڳ جنهن ۾ ويراڳ سان گڏوگڏ سُهاڳ جي سرهائي ۽ انساني نسل جي اوسر لاءِ روشني موجود آهي، جيڪا کيس پنهنجي مُقرر ٿيل منزل ڏانهن وٺِ وڃي رهي آهي ۽ تاريخ بن جي اُن آلي ڪاٺي وانگر سدا جلندڙ ڪائنات جو قومي ترانو آهي، جنهن ۾ تعريف جا تاڪيا به آهن ته طنز جا تير به، مخالفت جون مهميزون به آهن ته ملامت جا مڻ به، تاريخ راسوڙي جهڙو رقص به آهي ته گذري ويل دورن تي ثبت هنيل ڪُتبي تي لکيل ڪهاڻيءَ مٿان بيهي پڙهيل شامِ غريبان پُڻ آهي. اهڙي شامِ غريبان، جنهن ۾ نسلن جو درد سمايل آهي ۽ صدين جو قرض چُڪايل نظر اچي ٿو پر وري ڪنهن نئين دور لاءَ نئون فرض ڪاريهر وانگر ڪر کڻي بيهي ٿو رهي ۽ ايئن تاريخ جو تاڃي پيٽو اُڻجي تيار ٿئي ٿو.
دوستو!
ڳالهه اڳتي وڌائڻ کان اڳ اچو ته ڏسون ته ”تاريخ“ آخر ڪهڙي بلا آهي جنهن کي ايترو مٿي کنيو ويو آهي.
جيمس جوائس جي لفظن ۾ ”تاريخ اهڙو ڀوائتو سپنو آهي، آئون جنهن مان جاڳڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان“
تاريخ جي هڪ معتبر نالي Cicero مطابق ”تاريخ گذري ويل وقت تي گواهه آهي، جيڪو حقيقت کي نروار ڪري ٿو، ياداشت کي جيئرو رکي ٿو ۽ روزمرهه جي زندگي ۾ سونهون ٿي ڪم اچي ٿو“ پر وري يورپ جي نامياري ليکڪ ۽ تاريخ جي وڏي نانءَ ائڊروڊ گبن چواڻي، ”تحقيق! تاريخ انسان ذات جي ڏوهن، مُورکائين ۽ بدقسمتين کان ڪُجهه وڌيڪ وٿ جو نالو آهي“. يا جرمن فلسفي نطشي موجب، ”هر ماضي مذمت جوڳو هوندو آهي“. فريڊرڪ جيڪسن تاريز متعلق راءِ جو اظهار ڪري ٿو ته، ”هر دور پنهنجي تصور مطابق ماضيءَ کي پيش ڪري ٿو، هر پنهنجي دور جي تناظر ۾ رهندي ماضيءَ جي تاريز لکڻ چاهي ٿو“. وري تاريخ جي وصف لغات جي ڪتابن ۾ هِن ريت لکيل آهي، ”تاريخ واقعن جو بيان آهي، جيڪو ڪنهن قوم يا خطي جو ظهور پذير ٿيل واقعن کي تاريخ وار بيان ڪندو هُجي“. انهن سڀني ڳالهين مان هڪڙي ڳالهه نروار ٿئي ٿي ته تاريخ ڪنهن قوم يا علائقي ۾ ٿيل واقعن جو اهڙو رڪارڊ آهي جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ته انهن ماڻهن جي اُمنگن ۽ احساسن جي تصوير ڪشي آهي ته ڪٿي اُن تصوير کي بگاڙي اُن سماج جي اُن روپ کي لڪائي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. اهائي تاريخ سان ترڪٽِي آهي ۽ اهو ئي تاريخ جو الميو آهي، جنهن جو مُکيه ڪارڻ اهو آهي ته تاريز لکڻ جي اداري جي شڪل رياست ڏياري ۽ رياست جيڪا تاريخ لکرائي سان قصيدي کان وڌيڪ ڪجهه نه هوندي هئي ۽ درٻاري مورخ بادشاهن کي ”ظِل الهي“ قرار ڏيئي اُن دور جي واقعن کي ايئن ڪري ويا آهن ڄڻ خوشحالي سببان کير ۽ ماکيءَ جون نديون اُڻ معاشري ۾ وهنديون هُجن. پر اُن جي باوجود سچ جي ڪا نه ڪا ڪِرن ڪٿان اُنهن تعريفي احوالن مان ليئو پائيندي نظر ايندي آهي جنهن وسيلي اُن دور جي دُرست احوال جو کُر پير ۽ ڏس پتو ملي ويندو آهي ۽ ڏوريندڙ اُن اهڃاڻ کي ڌيان ۾ رکندي ڪنهن سچي احوال تائين وڃي پُهچندا آهن. هن ڪائنات جو اڪيلو سُونهون انسان ذات جو عقل آهي جنهن جي فهم ۽ شعور سان هُو دنيا بابت ڄاڻي ٿو. رنگ و بوءِ جي هي ڪائنات روح ۽ مادي جو سنگم آهي، مادي جي ست ڇڪ واري قوت آهي، روح جو ستُ آزادي آهي، مادي جو ست اُن کان ٻاهر ۽ هٽي ڪري آهي. روح جو ست پنهنجو پاڻ ۾ مضمر آهي جيڪو هُن کي اجهل ۽ آزاد بڻائي ٿو. دُنيا جي تاريخ روح جي تصور جي احساس کان شروع ٿئي ٿي ۽ چئي سگهجي ٿو ته، ”تاريخ روح جي زمان ( (Time ۾ اوسر آهي جيئن فطرت مڪان (Space) ۾ تصور جي اوسر آهي. هر ڪو ماڻهو هر شئي جو اکين ڏٺو ۽ ڪنن ٻُڌو شاهد نٿو ٿي سگهي. تاريخ اُنهن اکين ۽ ڪنن جو ڪم ڏيئي ٿي. جن گذري ويل وقت کي نه صرف ٻُڌو پر ڀلي ڀت ڏٺو به.
هاڻي اچو ته ٿر جي تاريخ جي تذڪرن جو تذڪرو ڪريون. ٿر ڪائنات طرفان هن ڌرتيءَ جي سيني تي لُڏندڙ ڪٺمال جو مُک جهوڙو آهي، خوبصورت مانگ آهي جنهن ۾ موجود ويران ريگزان، بي آب و گياهه ڪوهسارن، ڪنڊيدار ٻوٽن ۽ وڻراهه ۽ رهندڙ سخت جان ماڻهن ٿر کي دنيا کان نيارو بڻايو آهي ۽ نيارپ تي هر ڪو ريس ڪري ٿو. ريگستان يا ٿر هونئن بظاهر ٺوٺ ڌرتيءَ طور پيش ڪيا ويا آهن پر اها حقيقت آهي ته دنيا جون سموريون تهذيبون انهن ريگزارن جي ڀُرڀرن واري داڻن جي مڻيا مان اُڀريون آهن. اسان جو هي ٿر جو خطو به اهڙو گُڻوان خطو آهي جنهن جي ڏيا ڏيها ڏيهه مشهور آهي. هن خطي جو ذڪر تاريخ ۾ ملي ٿو پوءِ اهي تاريخون ڪنهن ڏيهي جاکوڙي جهونجهار جون لکيل هُجن يا ڪنهن پرڏيهي ڪاموري جا لکيل گزيٽيئر ۽ ٻيو احوال. سڀني پنهنجي وٿ آهر ٿر جو ذڪر ڪيو آهي.علي بن حامد ڪوفي ”چچنامي“ ۾ ٿر کي ياد ڪيو آهي، تاريخِ معصومي لکندڙ به ٿر کي وساريو نه آهي. سمن سومرن ارغونن ترخانن جو احوال لکندي سيد محمد طاهر نسياني هن خطي کي سنڀاريو آهي ته برصغير جي نامياري حڪمران اڪبرِ اعظم جي بوئا گلبدن بيگم ”همايون نامي“ ۾ ٿر کي دلچسپ لفظن سان ياد ڪيو آهي. مير شير قانع ٺٽي واري ”تحفته الڪرام“ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي عمرڪوٽ پڌارڻ واري واقعي کي چٽيو آهي پر ٿر جي تاريخ تي سب کان پهريون تفصيلي ڪتاب ضلعي عملدار ڪپتان اسٽينلي نيپيئر ريڪس Memoir on Thurr and Parkur_Districts of Sindh لکي تاريخ جي تذڪرن ۾ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. ڪاڪي ڀيرو مل ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ لکي ٿر ۾ ٺڪرن جي حڪومت جي طريقه ڪار ۽ ٿر جي مجموعي احوال جو ذڪر ڪيو. عمرڪوٽ جي لائق تپيدار تيجسنگهه سولنڪي ”امرڪوٽ_سنڌ جو اتهاس“ لکي تاريخ احوال سان گڏوگڏ ثقافتي صورتحال جي پُڻ تصوير ڪشي ڪئي. محتم منگهارام اوجها ”پراڻو پارڪر“ لکي اُن م نه رڳو تاريخي ماڳن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي پر ان سان گڏوگڏ ان مالها ۾ لوڪ ڏاهپ جا موتي پُڻ پوئيا جن جي چمڪ ۽ دمڪ اڄ به جڳ کي جرڪائي رهي آهي جيئن؛
اسين گر را مورلا، ڪانڪر پيٽ ڀران
رُت آئي نه ٻولان، هينئون ڦاٽ مران
مسڪين جهان خان مُتعلق مجني بلوچ جو لکيل ڪتاب به هڪ سهڻو تاريخي تذڪرو آهي. ڪرنل جيمس ٽاڊ برِصغير جو سمورو ٿر پيرن مان ڪڍيو ۽ اُن جي احوال کي ٽن جُلدن جي شڪل ۾ “Annals and Antiquities of Rajasthan” جي نالي سان پڙهندڙن تائين پُهچايو. سرڪاري عملدارن ”اُٺا مينهن ملير“ ۽ ”ٿر“ جهڙا يادگار ڪتاب شايع ڪرايا، جن وسيلي ٿر جي تاريخ جا ڪافي لڪيل گوشا نروار ٿين ٿا يا وري آرڪيالاجي کاتي جي هڪڙي ڪاموري “Thar: Land, History and People” لکي ٿر جي احوال کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو. اُن کانسواءِ ڪيترن ئي رسالن، ميگزينن توڙي روزاني اخبارن ۾ ٿر جي تاريخ جو تذڪرو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڇاپيو ويو آهي، جنهن کي پڙهي هن سدا ملوڪ ڌرتيءَ بابت ڪا نه ڪا پروڙ حاصل ڪري سگهجي ٿي. پر سڀ کان وڏو ڪم ٿر جي مرڪزي شهر چيلهار سان تعلق رکندڙ اُستاد رائچند هريجن (راٺوڙ) جو آهي، جنهن تاريخِ ريگستان ٻن ڀاڱن ۾ لکي نالي جي مصران چئي ڇڏي آهي. اهڙو تفصيلي احوال اڄ تائين وري نه لکيو ويو آهي، ٿر جي سموري تاريخ نويسي جي عمارت جو بنياد به انهي هڪڙي تاريخدان جي لکيل تاريخ تي بيٺل آهي. تنهنڪري کيس ٿر جو Herodotus چئبو ته وڌاءُ نه ٿيندو. ٿر جي ايتري تفصيلي تاريخي تذڪري کانپوءِ به ڪافي گُمنام گوشا آهن جيڪي موجوده دور جي تاريخدان کان وڌيڪ لکڻ جي تقاضا ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته ٿر جي ڀلاري ڀونءَ به جڳاندر جهوني آهي. جنهن ۾ پهرين صدي عيسوي ڌاري پاري نگر جهڙو پرکنڊين پڌرو بندرگاه هو، جتي هاڪ رکندڙ هاڪڙو وهندو هو جنهن لاءِ چيو وڃِ ٿو ته اهو ڪاوڙجي منهن مٽي خُشڪ ٿي پاتال ۾ بيهي ويو ۽ اڄ به سرسوتي جي صورت ۾ اربين کربين ورهيه هن جهوني ڌرتيءَ جي تهن هيٺيان موجود آهي تڏهن ته کوکراپار ريلوي اسٽيشن کان پندرنهن ڪلوميٽر اُتر ٿر ۾ سومون سمو ڳوٺ ۾ کوٽايل ٽيوب ويل ۾ پاڻي جو ايترو ڊهه ڦاٽل آهي جو ٻارنهن سو فوٽن کان وڌيڪ اونهائي مان به پاڻي ارڙاٽا ڪري ججھي مقدار ۾ نڪري آيو آهي جو ماڻهو اُن کي مُعجزو سمجهن ٿا.
ٿر ۾ ڪيئي وڏا ڏُڪار ڇپني (سنبت 1956 جو شديد ڏُڪار) جي صورت ۾ ظاهر ٿيا يا لُوس جي شڪل ۾ وبائون ويهه وهائينديون رهيون، همايون هندستان مان ڀڄي هن ڌرتي تي لڪيو ۽ اڪبر جهڙو ناميارو بادشاهه به عُمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. مغل اڏاوت جي فن جا ابا هئڻ جي باوجود اڪبر جي ڄمڻ جو يادگار ڇو نه ٺهرائي سگهيا. ميرن هن علائقي ۾ نئون ڪوٽ کان کُڏيءَ تائين گڍ ٺهرايا، جيڪي دفاعي اُهڃاڻ هئڻ سان گڏ ٿر کي ٻن حصن ۾ به ورهائين ٿا. برطانيه جي گورن به پنهنجو وارو وڄايو، ڊاڪٽر پالن جهڙا شهري شعور رکندڙ ڪامورا مقرر ٿيا، جن ٿر جي شهرن ۾ بازارون ٺهرائي اُنهن کي وسايو ۽ ترقي ڏياري. هي علائقو اُن لحاظ کان به نرالو ۽ نيارو آهي ته 1857ع واري بغاوت ۾ دهليءَ کانپوءِ جنهن ماڳ تي بغاوت ڀڙڪو کاڌو هو سو ننگرپارڪر هو، پارڪر جي هن رڻ کيتر ۾ ٿيل انهي بغاوت کي چٿڻ لاءِ حيدرآباد ۽ ڏيسا ڇانوڻين کان ڪٽڪ ڪاهي آيا هئا ۽ اُن ۾ روپلي جي ڏيکاريل وفاداري ۽ بهادري اڄ به تاريخ جي جهروڪن ۾ موجود آهي. ساڻيهه جي سڪ جو مشهور ڪردار مارئي اڄ تائين اها اهميت رکي ٿو جو ٻيو ڪوئي ڪردار حُب الوطني ۾ اُن سان برُ ميچي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته مارئيءَ مارن سان ڪيل اُن ازلي وچن کي نه صرف پاليو، تاتيو، پر نڀايو به. بقول شاهه لطيف:
الست بربڪُم، جڏهن ڪن پيوم
قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تتِ چيوم
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين
دوستو!
ان وچن کي سچائيءَ سان نڀائڻ جي ڪٿا جي سچي صورت جو نالو تاريخ آهي. اچو ته ماضيءَ جي واقعن کي مڃيل معيارن مُطابق پرکي پنهنجي نئين تاريخ لکون، جيڪا اسانکي نه رُڳو ماضيءَ جو آئينو ڏيکاري پر مُستقبل ڏانهن وِک وڌائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿئي. جنهن قوم پنهنجي تاريخ کان مُنهن موڙيو تنهن قوم گهڻو لوڙهيو ۽ نيٺ ڌرتيءَ جي سيني تان ميسارجي ويئي. ان جو ذڪر به نه رهيو آهي. دُنيا جي داستانن ۾ مون پنهنجي نقطه نگاهه کان تاريخ کي ڏٺو ۽ توهانجي آڏو پيش ڪيو. توهان مونکي ٻُڌو تنهن لاءَ توهانجي مهرباني ۽ ادبي سنگت مٺيءَ جي دوستن خاص ڪري دليپ ڪوٺاري، جن هيءُ موقعو ڏيئي جيڪو مان ڏنو تنهن لاءَ سندُس لک لائق.
مُحبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهايو
حق موجودُ__ سدا موجود
(ادبي سنگت پاران استاد رائچند جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪرايل ليڪچر)