لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي پاران ٿر جي شخصيتن، ٿر جي جاگرافي، ٿر جي حالتن ۽ ٿر جي ماحول بابت علم، تحقيقي ۽ ادبي مضمونن جو لکيل مجموعو آھي.
نور احمد جنجهي صاحب جي ذات هڪ تاريخ آهي، جيئري جاڳندي تاريخ، جنهن ۾ ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ سمايل آهي. ھو ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا آھي. سندس شاعري ۽ نثر مان ٿر سان گڏ سموري سنڌ بلڪه ڪائنات جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو شاعر آهي، انسان جو شاعر آهي. نور احمد جنجهي هڪ گهڻ پڙهيو شخص آهي. نهايت نماڻو ءِ نهٺائي رکندڙ. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻولڻ وارو.علم ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار هوندي به سدائين خاموشي سان لطيف شناسي، رومي شناسي، تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ اياز شناسي تي ڪم ڪندڙ. سندن دل وڏي ۽ ظرف جو ٿانو موڪرو آهي.
Title Cover of book ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ٿرپارڪرجا گڍ …عبرت جو اُهڃاڻ

ٿرپارڪرجا گڍ …عبرت جو اُهڃاڻ

تاريخ، جنهن کي تواريخ،اتهاس يا هسٽري سڏيو وڃي ٿو .انهي لفظ جو مطلب سڀني زبانن ۾ لڳ ڀڳ هڪجهڙو آهي،جنهن جو مطلب آهي ماضي جي واقعات جو تت يا تاريخ وار احوال،مختلف واقعن ۽ وقوعن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ۽ سبب. تاريخ هڪ اهڙو فن آهي جنهن وسيلي قومن جي مزاج، طاقت، ڀئو، وهمن، گمانن،سخاوتن،ويڙهاند،رسڻ پرچڻ،زير ڪرڻ ۽ زبر ٿيڻ جي منظر ڪشي ڪئي ويندي آهي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته تاريخ قومن کي ماضيءَ جي تصوير ڏيکاري، مستقبل بابت جاکوڙڻ جو دڳ ڏيکاريندڙ علم آهي. تاريخ لاءِ اهو عام تاثر آهي ته اها بادشاهن جي احوال تي آڌارڪ هوندي آهي ۽ تاريخ صرف بادشاهن ۽ وڏن ماڻهن جي ٿئي ٿي. انهيءَ مان نظر اچي ٿو ته تاريخ جي تصور جي ڪيئن ٽوڙ مروڙ ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو تاريخ جو صرف هڪ پاسو آهي جڏهن ته باقي اڻ ڇهيل حصو وڏو آهي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي يعني اڀري طبقي جي به ڪا تاريخ ٿيندي آهي. تاريخ سياست جو بُنياد آهي ۽ سياست معاشري جو وڏي ۾ وڏو ادارو آهي جيڪو باقي ادارن تي حاوي آهي ۽ سمورا ادارا ان جي پيروي ڪن ٿا. تاريخ جو شعور قومن جي زندگيءَ ۾ رڱ ڀري ٿو ۽ روح وجهي ٿو.تاريخ جو شعورمُرده قومن کي زنده بڻائي ڇڏي ٿو ۽ بيمار قومون چاق چڱيون ڀليون ٿي پونديون آ هن.
تاريخ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي، پر اها هميشه اڳتي وڌندي رهندي آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ وقت جي اجهل ۽ اڙٻنگ ڪميت تي سوار ٿي ڪونتل ڪڏائيندي رهندي آهي،جنهن ۾ فل اسٽاپ جو ڪو تصورئي ناهي. تنهنڪري شاه سائين جي هي هدايت هنيين سان هنڊائڻي پوندي؛
ٿڪيائي ٿر ٿيل، چڙهه چڪيائي چوٽيين،
هلندي هوت پنهون ڏي،ڀئو مڙئي ڀيل،
اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.
تنهنڪري هر قوم کي تاريخ جو شعور رکڻو پوندو نه ته واري وري ويندي ۽ اُها قوم پنههنجو وجود به برقرارنه رکي سگهندي.
سنڌ جي تاريخ جي شروعات چچ نامي جهڙن ڪتابن کان سمجهي ويندي آهي. عرب سياحن جا سفرناما ۽ سڪندر مقدونيءَ سان گڏ آيل لکارين جي لکتن جو احوال به سنڌ جي تاريخ بابت ابتدائي مواد مهيا ڪن ٿا يا وري ميرن جي دربار ۾ ڊاڪٽرن جي روپ ۾ آيل گورن جاسوسن جون رپورٽون ۽ ڊائريون به تاريخي حوالي طور ڳڻيون وينديون آهن.ان کانسواءِ مختلف دڙن ۽ ڀڙن جي کوٽائي جا ٺڪراٺا ۽ ڦٽوڙا به وڏي تاريخي شاهدي آهن. انهن سڀني شين جي اوک ڊوک ۽ ڦلهور ڪجي ٿي ته سنڌ جي سون ورني اتهاس جا ڪيئي گمنام گوشا نروار ٿين ٿا ته گڏوگڏ ڪيئي ڪڙيون هڪٻئي سان مليل نظر نٿيون اچن جيتوڻيڪ اسانجي تاريخدانن انهن ڪڙين کي لوهارن وانگر لپيٽي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ ڪجهه شيون ڪنهن منطق کانسواءَ دل جي دوڙ سان ڪيل لڳن ٿيون.
جيئن مثال طور چچ نامو سنڌ جي تاريخ جو بنيادي ماخذ سمجهيو وڃي ٿو جيڪو اصل ۾ فتح نامو آهي ۽ فتحناما لکندڙ مفتوحن جو احوال مناسب لفظن ۾ بيان نه ڪندا آهن.جاسوس صرف اهو احوال لکندا آهن جنهن لاءِ کين ذميواري مليل هوندي آهي. سياحن مان هرهڪ جي پنهنجي پهچ ۽ پنهنجو مزاج ۽ مشاهد و آهي. اڪثر سياحن من گهڙت ۽ ٻُڌل يا ٻُڌايل قصن ڪهاڻين تي به ڀاڙيو آهي. هِيُون سانگ، فا هين جي سفرنامن کان وٺي ابن بطوطه جي لکيل احوال تائين، ابن حوقل ۽ ادريسيءَ کان وٺي موجوده دور جي سياحن تائين جن جي لکت سندن سفر جي رفتار کان تيز آهي. ٺڪراٺن ۽ ڦٽوڙن جي کوٽائي به انگريزن ڪئي ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب کي نظاري نروار ڪرڻ وارا به اُهي آهن. تنهن کانپوءِ ته نادر ۽ تاريخي شيون مختلف تاريخي ماڳن تان چوري ٿيون آهن ۽ ان ڪُڌي ڪم ۾ ٻين ڌرين سان گڏ اُهي ڌريون ۽ کاتا به شامل آهن جيڪي انهيءَ املهه ورثي جي رکواليءَ جا پاسبان ۽ ذميوار آهن. انهن سڀني ڳالهين جي پيش نظر چئي سگهي ٿو ته سنڌ جي تاريخ جو سُٽ اڃا ڪافي مُنجهيل آهي ۽ ايندڙ وقت جي مورخ کي اُن کي سلجهائڻو آهي جئين حيدرآباد کي سڀئي نيرون ڪوٽ چون ٿا پر ڪو به اها شيءَ پيرو کڻي نٿو ٻڌائي ته اُهو نيرون ڪوٽ مان حيدرآباد ڪئين ٿيو آهي؟ ديبل بندر متعلق تمام گهڻا نقشا آيا آهن جن ۾ عربن پاران ڏنل نقشا به غلط آهن ۽ اڃا تائين ديبل بابت ڪا واضح راءِ نه جُڙي آهي ۽ ڪي مؤرخ ان کي ٺٺو به لکن ٿا ته ڪي بنڀور کي ان جو سنڪرتي ڌاتو ”ديول“ ڄاڻائيندي ديو +آليه يعني ديون جو آستانو سڏين ٿا پر ڪنهن جو به ايڏانهن ڌيان نه ويو آهي ته بندرگاهون وسندڙ هوندديون آهن اهي ديون جا نه پر انسانن جا آستانا هوندا آهن بنڀور بابت ٿيل تازي تحقيق ساراه جوڳي آهي. بنڀور ديبل ڪيئن ٿيو اهي سموريون ڪهاڻيون ڪجهه فردن جون گهڙيل آهن .تحقيق کليل هئڻ گهرجي لڪير جي فقيري صحيح نتيجا نه ڏيندي. اسان وٽ رواج ٿي ويو آهي ته صفحن جا صفحا ۽ پئراگراف پراين ڪتابن تان حوالي طور اُتاري نتيجن کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي .نتيجي طور ڪا راءِ جُڙي نه جُڙي، ڪتاب جي ضخامت ضرور جُڙي ويندي آهي. اروڙ شهر سان به ساڳي حالت آهي اروڙ ۽ روهڙيءَ جي پاڻ ۾ ڪنهن رشتي يا ڳانڍاپي کي ڳولڻ بجاءِ ڪڏهن اُن کي راوڙ ڪڏهن الرور ڪڏهن الور لکيو ويو آهي. ساڳي صورتحال هيروزجي حقيقتن کي بيان ڪرڻ دوران نظر اچي ٿي،طرفداري ڪندي ڪنهن حقيقت بيان ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو. مثال طور؛ هتان جي راءِ گهراڻي کان حڪومت منتقل ٿيڻ بابت راءِ ڏيندي صرف اِهو لکيو وڃي ته راءِ سهاسي جي وفات کانپوءِ سندس وزير چچ گادي نشين ٿيو ۽ اِهو وساري ڇڏجي ته سيلائج جي پُٽ چچ ،راءِ گهراڻي جو ملازم هئڻ باوجود راءِ سهاسي جي گهرواري راڻي سونهن ديوي المعروف سُهند سان Extramarital تعلقات قائم ڪيا ۽ اُن وسيلي هُن اقتدار تي ديرو دمايو جيڪو قبضو هو ٻيو ڪجهه نه ..اهڙي طرح تاريخ ۾ سوين سوال آهن جيڪي يا ته اڻ واضح ثابتين جي ڪري نروار ٿي نه سگهيا آهن يا اسان جي محترم لکارين جي تلوار کان تکي قلم جو شڪار ٿي ڪنهن غلط رُخ ۾ هليا ويا آهن ۽ ائين ڪيئي نتيجا اهڙين تاريخي طور نروار ڪيل من گهڙتن تي به ٻڌا ويا آهن. تنهنڪري ضرورت آهي ته تاريخ ، جديد سائنسي انداز سان ايمانداراڻي نموني نئين سرلکندي جئين، جئين اُها آهي تيئن تيئن نروار ڪئي وڃي بجاءِ ان جي ته جيئن اسين چاهيون ٿا ائين تاريخ لکون .اهڙي لکت تاريخ نه پر تاريخ کي تاراج ڪرڻ برابر هوندي آهي.اچو ته ٿر جي ڪوٽن قلعن ۽ گڍن جي عبرتناڪيءَ جو احوال اوريون.

ٿرجا گڍ:
ٿرپارڪر ضلعي جو ٿر وارو ڀاڱو جتي ڪافي ساريون قدرتي خوبيون رکي ٿو اُتي هن ڀاڱي ۾ ميرن جا جوڙايل قلعا به آهن جن کي ماڻهو عرفِ عام ۾ ”گڍ“ سڏيندا آهن. ميرن پارڪر ۾ ڪوبه قلعو نه جوڙايو.اهي گڍ نئين ڪوٽ جي قلعي کان شروع ٿي “کُڏيءَ” قلعي تي اچي ڇيهه ٿا ڪن. انهن جي ترتيب ۽ بيهڪ هڪ بهترين دفاعي لڪير جوڙي ٿي جتان سموري ٿر جو بچاءُ بهتر نموني ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها دفاعي لڪير ٿر جي بلڪل وچ مان گذري ٿي جنهن وسيلي ڏکڻ، اُتر ۽ اوڀر محفوظ ٿي وڃن ٿا .انهن قلعن ۾ ، نئون ڪوٽ شهر کان 3.5 ڪ م اوڀر طرف ، مٺيءَ جي رستي تي نئون ڪوٽ قلعو، مٺيءَ جا قلعا(شهر جي وچ وارو قلعو ۽ گڍي)، اسلام ڪوٽ جو قلعو، سينگاري جو قلعو ، چيلهار جو قلعو، ڏيپلي جو قلعو ۽ کُڏيءَ جو قلعو شامل آهن. ان کانسواءِ، ٿر۽ بئراجي علائقي جي سنگم تي اڏيل شهر امراڻي ۽ هاڻوڪي عمرڪوٽ ۾ به گڍ آهي جيڪو ميرن جو نه پر ڪلهوڙن جو اڏايل آهي. انهن سڀني قلعن ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي ته اهي سڀئي دفاعي مورچا آهن جن جي اهميت جيترو ان وقت هئي هن وقت ان کان به وڌي ويئي آهي. اهي سڀئي قلعا جيڪي اڃا موجود آهن يا جيڪي مسمار ٿي ويا آهن تن جي بيهڪ جي اهميت کان انڪار جي گنجائش ئي ناهي. اچو ته هرهڪ قلعي تي بابت گفتگو ڪريون.

فتح ڳڙهه يا مٺيءَ جو گڍ ؛رائچند هريجن مطابق، سوڍن ڏن ڏيڻ بند ڪيو ته حشمت ڄمائڻ لاءِ پنهنجي بچاءَ لاءِ ميرن ٿر ۾ جدا جدا هنڌن تي قلعا ٺهرائڻ شروع ڪيا. پهريائين مٺيءَ وارو قلعو 1789ع ۾ ٺهيو. اهو قلعو هن وقت موجود ناهي. ان قلعي جو ماڳ موجوده ڊيزرٽ گيسٽ هائوس وارو هنڌ آهي. اهو قلعو ڪيترو ڪشادو هو تنهن بابت ڪا خبر ناهي نه ئي ڪٿي ان بابت لکت آهي. بيهڪ جي لحاظ کان لڳي ٿو ته اهو قلعو ميرصاحبان دفترطور ڪم آڻيندا هئا . هن قلعي جو نالو فتح ڳڙهه هوندو هو ۽ مٿي ڀٽ تي ننڍو قلعو “گڍي” رهائش ۽ دفاع لاءِ ڪم ايندو هو. اهو قلعو جنهن پويان هاڻي اها ڀٽ گڍي نالي سان مشهور آهي. لفظ گڍي مونث آهي گڍ جو. چون ٿا ته اتي نرا سوڍن جي راڄڌاني هوندي هئي جنهن جو ٺڪراٺو هن وقت به موجود آهي. گڍيءَ جي نامکار ايتري وڌيل آهي جو مٺيءَ ايندڙ هرصحافي توڙي گهومو لوڪ اتي وڃن ٿا ۽ تصويرون ڪڍي جڳ جهان سان ونڊين ورڇين ٿا. گڍيءَ جي اهڙي مشهوري ۽ من موهڻائپ بابت مٺيءَ جي شاعر حاجي محمد دل هن ريت چيو آهي.
برک آ ڀٽن ۾ مٺيءَ جي گڍي
اُچي سا اُتاهين مٺيءَ گڍي
اهڙي ريت هن وقت رڳو ٺڪراٺو آهي باقي نه ڪٿي ڪوٽ آهي نه قلعو نه ئي قلعيدار ۽ ڪلنگيدار. ڪلنگيون ۽ قلعن جا مڪين ڦرندا رهن ٿا ۽ اهو ڦيرو مسلسل ۽ مستقل آهي.

اسلام ڳڙه يا اسلام ڪوٽ جو قلعو؛ هي گڍ موجوده مين پرائمري اسڪول واري هنڌ تي هو جنهن کي جڏهن مالڪ خالي ڪري ويا ته آهستي آهستي وقت جي وير وهائي وڃي شهر ۾ ٺهندڙ جاين ۾ سر سر ڪري لڳايو. هي قلعو 1795ع ۾ تعمير ڪرايو ويو. هن جي پيڙه ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي به چڱو خاصو موڪرو گڍ هو. هن قلعي کانپوءِ چيلهار جو گڍ تعمير ڪرايو ويو جنهن جو نالو “علي ڳڙهه” هو. هن ڪوٽ کي به وقت جي چوٽ پنهنجي وير ۾ وهائي ڇڏيو ۽ ڪوئي نالو نشان نٿو لڀي سواءِ شهر جي پراڻين عمارتن ۾ لڳل ننڍڙين سرن جي. هن کانپوءِ 1800ع ۾ سينگاري ۽ کُڏيءَ جا ڪوٽ تعمير ڪرايا ويا. ڏيپلي جو قلعو به هن وقت ڌرتيءَ تان ڍڳين جي مٿين ڏندن وانگر گم ٿي ويو آهي.

نئون ڪوٽ قلعو ؛ مير فتح علي خان جي وفات کان پوءِ مير غلام علي گادي تي ويٺو ۽ ان کان پوءِ مير ڪرم علي خان گاديدار بڻيو جنهن 1814ع ۾ نئون ڪوٽ اَڏايو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا 9 جلد جي داخلا مطابق “هي قلعو ميرپورخاص کان 63 ڪ م ڏکڻ اوڀر طرف واقع آهي ۽ 24.0 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69.9 ڊگهائي ڦاڪن تي ڌرتيءَ جي گولي تي موجود آهي”. سڀ کان پهرين ته لفظ نئون ڪوٽ ڌيان طلب آهي ته اهو نالو ڪيئن پيو. ڇا اتي ڪو پراڻو ڪوٽ اڳي موجود هو؟ يا وري ميرن بئراجي ايريا کان ٻاهر نڪري ڪو نئون ڪوٽ اڏايو هو تڏهن انهي گڍ تي اهونالو پيو. هيءُ قلعو ٿرپارڪر جي حدن ۾ آهي جڏهن ته نئون ڪوٽ شهر ميرپورخاص ضلعي ۾ آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته شهر بعد ۾ آباد ٿيل آهي. شهر تي نالو به قلعي جي ڪري پيو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق “هن قلعي جي بيهڪ چوڪورشڪل جي آهي. ڪوٽ جي اترين ۽ ڏاکڻين ٻانهين 66 فوٽ جڏهن ته اڀرندين ۽ اولهائين ٻانهين 318 فوٽ آهي” انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ هن گڍ بابت وڌيڪ هن ريت لکيل آهي، “ڪوٽ جي شاهي دروازي لاءِ ٻه برج ٺاهيل آهن. ڪنهنزماني ۾ ان جاءِ تي مضبوط ڪاٺ جو دروازو لڳل هوند و هو. ڪوٽ کي چوڌاري 12 فوٽ ويڪري فصيل ڏنل آهي جنهن تي چڙهڻ لاءِ ٻه ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، جتان پهريدار چڙهندا هئا. هن ڪوٽ جي حفاظت لاءِ 9 برج جوڙيا ويا جن مان ٻه مکيه ۽ دمدمي جي نگهبانيءَ لاءِ ، 4 برج ڪنڊن تي باقي 3 برج اتر،ڏکڻ ۽ اولهه جي ديوارن تي آهن. ڪوٽ جي دروازي ڀرسان اندرئين پاسي ڏاڪڻيون ٺهيل آهن جتي هڪ گول گنبذ واري ڪوٺي ڏاکڻين ڀت وٽان ٺهيل آهي.خيال آهي ته اتي بارود رکيو ويندو هو. اهڙي قسم جون تجر نما ڪوٺيون ڏاکڻين ديوار جي ٻاهران به ٺهيل آهن. هن ڪوٽ جي اترئين ڀت سان رهائشي حصي جا ڦٽل آثار مليا آهن. ڪمرن جو ڀتيون ڊٺل آهن جن تي اڇو پلستر ٿيل آهي ۽ سامان جا ڪٻٽ پڻ ڏنل آهن. شاهي دروازي جي اندرئين دروازي وٽ ٻنهي پاسن کان محرابدار ڪوٺيون پهريدارن لاءِ ٺاهيل آهن.”
شيخ خورشيد حسن پنهنجي ڪتاب “هسٽاريڪل فورٽس آف پاڪستان” ۾ نئون ڪوٽ شهر ميرپورخاص کان 65 ڪ م جي مفاصلي تي ڄاڻايو آهي.هُن قلعي جي شهر کان رخ کي اتراولهه ۾ ڏسيو آهي جيڪو درست ناهي. قلعو شهرجي اوڀر ۾ آهي. .هن ڀتين جي ٿولهه 15 فوٽ لکي آهي. ان کانسوءِ اشتياق انصاري به سنڌ جي ڪوٽن ۽ قلعن بابت تحقيق ڪئي آهي. انهن سڀني لکتن مان قلعي بابت تفصيل ڏسي سگهجن ٿا.
گم ٿيل قلعن ۾ پارڪر جو چندن گڍ به آهي جنهن بابت ڪيئي من ڪٿائون آهن . اهو گڍ پٿرمان اڏيل هو ۽ ڪارونجهر جبل اندر هو ۽ تاريخ نويسن جي بقول ان کي انگريزن جي توبخاني پارڪر جي جنگ آزاديءَ دوران اُڏائي ڇڏيو.

عمرڪوٽ جو قلعو؛ ٿر۽ بئراج جي سنگم تي جوڙايل شهر عمرڪوٽ ۾ واقع آهي. هن قلعي بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ هن ريت احوال آهي،“هي قلعو25.22 اترويڪرائي ڦاڪ ۽ 69.47 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي عمرڪوٽ شهر ۾ واقع آهي. دفاعي لحاظ کان هي قلعو ريگستان جي ڇيڙي تي جوڌپور کان حيدرآباد ايندڙ مک شاهراه تي قائم آهي”. عمرڪوٽ قلعي جي دروازي مٿان هڪ نشان کي ڪن محققن منڊيءَ جو نشان سڏيو ته تيج سنگهه سولنڪي ان نشان کي سورج ونسي راجپوتن جو ٺهرايل ڪوٺيو آهي. هن قلعي اندر ميوزيم ۽ ريسٽ هائوس تعمير ٿيل آهي. قلعي جي وچ تي هڪ نگهباني منارو ٺهيل آهي جنهن تي توپون لڳل آهن . ڪوٽ اندر ٿرپارڪر جي انگريز ڊپٽي ڪمشنر ايڇ اي واٽسن جي قبر آهي. قلعي مان پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو به بهترين آهي. انهي قلعي بابت مختلف رايا آهن جن جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه اڀري اچي ٿي ته هيءُ جڳاندر جهونو “گڍ امراڻ” آهي. جنهن کانپوءِ پرمارسوڍن ۽ سومرن قلعو تعمير ڪرايو ۽ موجوده قلعو ڪلهوڙن اڏايو..

سينگاري جو گڍ اسلام ڪوٽ کان اٽڪل 25 ڪ م اوڀر طرف سينگاري ڳوٺ ۾ واقع آهي. جنهن جي به پيڙه جا نشان رهجي ويا آهن قلعو وقت جي سگهاري وير جي ورچڙهي ايئن گم ٿي ويو آهي جيئن ان جا بادشاه گم ٿي ويا.

کُڏيءَ جو قلعو تعلقي ڇاڇري ۾ مبارڪ رند ويجهو ڳوٺ کُڏيءَ جي ڀر ۾ آهي. جنهن جو به رڳو پيڙهه جو نشان بچيو آهي جنهن تي بيٺل ڪرڙ جا وڻ زماني جي بي ثباتيءَ جي رڙيون ڪري ثابتي پيش ڪري رهيا آهن. هنن سڀني قلعن جو هي ٿورڙو تعارف هو جڏهن ته ايندڙ ليکن ۾ هرهڪ قلعي بابت تفصيلي وچور سان احوال اوريو ويندو جيئن وڌيڪ تحقيق ٿئي ۽ هي تاريخي اهڃاڻ محفوظ به ٿي سگهن.
هي ڪوٽ ۽ قلعا جيڪي تاريخي اُهڃاڻ آهن پر اهي صرف حاڪم فردن يا قومن جي تاريخ جو اُهڃاڻ آهن سي ياد ٿا ڏيارين ته حاڪم سدائين عوام کان الڳ مخلوق ٿي رهيا آهن ۽ سندن قلعبندي ۽ isolation جديد وقت ۾ به جاري آهي ۽ غريبن ۽ محڪومن لاءِ سندن ڪوٽن ۽ قلعن تائين اڄ به پهچ ناممڪن يا مشڪل آهي پرقلعبندي جو اهو اُهڃاڻ ٻڌائي ٿو ته محڪوم به ڪڏهن بدلجي حاڪم ٿي پوندا آهن ۽ ڌرتيءَ جا ڌڻي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪندا آهن ته پوءِ ڌاريا حاڪم اجگر قلعن جي باوجود پنهنجو وجود باقي رکي نه سگهندا آهن. سڪندر مقدوني به هتي آيو پر اڄ سندس پونيرن مان ڪنهن کي به پتو ناهي ته اسين ڪو سڪندر جو اولاد آهيون جڏهن ته سيوهڻ اڄ به اُتي موجود آهي ۽ اها ڳالهه اسان کي وڌيڪ همٿائي ٿي ته پنهنجي ڌرتيءَ سان ۽ وطن سان پيار ڪريون ۽ قدرت جي انهي تبديلي جي قانون ۾ ويساهه رکون جيئن اياز چيو آهي ته:

جي تو اڃا نه ڄاتو، آڪير ديس واسي
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي
آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اُتي آ،
هُو کير ٿر ڏس کڙو آ ويندا رهيا وناسي