لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي پاران ٿر جي شخصيتن، ٿر جي جاگرافي، ٿر جي حالتن ۽ ٿر جي ماحول بابت علم، تحقيقي ۽ ادبي مضمونن جو لکيل مجموعو آھي.
نور احمد جنجهي صاحب جي ذات هڪ تاريخ آهي، جيئري جاڳندي تاريخ، جنهن ۾ ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ سمايل آهي. ھو ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا آھي. سندس شاعري ۽ نثر مان ٿر سان گڏ سموري سنڌ بلڪه ڪائنات جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو شاعر آهي، انسان جو شاعر آهي. نور احمد جنجهي هڪ گهڻ پڙهيو شخص آهي. نهايت نماڻو ءِ نهٺائي رکندڙ. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻولڻ وارو.علم ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار هوندي به سدائين خاموشي سان لطيف شناسي، رومي شناسي، تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ اياز شناسي تي ڪم ڪندڙ. سندن دل وڏي ۽ ظرف جو ٿانو موڪرو آهي.
Title Cover of book ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ڪارونجهرني ڪور، مريئي تو ميلهئي نهين!!

ٿرپارڪر جي بيهڪ ۽ جاگرافيءَ ۾ ڪارونجهرجي اهم حيثيت آهي. قدرت جو هي نيارو روپ فطرتي حسناڪيءَ جو نرالو روپ آهي جنهن کي ڏونگرن جي قطار ۾ ممتاز حيثيت حاصل آهي. هونئن به ڏونگر ڌرتيءَ جي گولي تي هڪڙو منفرد منظر پيش ڪن ٿا. دنيا جي مذهبن ۾ به جبلن جي مڃيل حيثيت آهي. ديومالائي ڪٿا ۾ به ڏونگرسڀ کان گهڻو بحث هيٺ آيا آهن.ادب ۽ شاعريءَ ۾ به جبلن جي جنسار جو ذڪر آهي. ڀٽائيءَ جبلن جي سونهن ۽ سفر جي ڏاکڙن کي محسوس ڪندي ڪٿي ڏونگر کي ڏوراپو ڏنو آهي ته ڪٿي ڏونگر کي ڏکوين لاءِ دلاسا ڏيندڙ ٿيڻ جي صلاح ڏيندي فرمايو آهي؛
ڏونگر ڏکوين کي دلاسا ته ڏجن،
گهڻو پُڇجي تن کي وٽان جن هوت وڃن
تون ڪيئن سندا تن، پهڻ پير ڏکوئين
ڀُون تي ڪيرن وانگر لڳل هِي قدرتي ميخون جتي ڪٿي آهن. سموري پرٿويءَ جا چونڊ ڀاڱا انهن سان سجايل آهن نه رڳو ايتروپر زمين اندر به جيڪي جبلن جون وڏيون رپون آهن تن جي چُرڻ پُرڻ سان ڀون ڪنپ اچن ٿا جيڪي ڌرتيءَ تي تمام وڏيون ۽ ڏور رس تبديليون آڻين ٿا، جبل آڳ به اوڳاڇين ٿا جنهن ڪري ڪافي نقصان به ٿئي ته وري اِن لاوي جي ڇار جي ڪري ڌرتيءَ جي زرخيزي وڌي وڃي ٿي ـ جبلن ۾ انيڪ قدرتي دولتون موجود هونديون آهن جن تي اُن علائقي ۾ رهندڙ توڻي ٻين ماڻهن جو گُذر سفر هوندو آهي.
سنڌ کي به قدرت جبلن جي قدرتي دولت سان مالامال ڪيو آهي جنهن جي ڪري سموري سنڌ جا رهواسي ڪنهن نه ڪنهن صورت ڪونه ڪو لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. مارئيءَ جي حُب الوطنيءَ سببان مشهوري ماڻيندڙ ٿر جي پارڪر واري علائقي جي خوبصورت پيشانيءَ تي قدرت طرفان ”ڪارونجهر“ جي صورت ۾ هڪڙو املهه موتي سجايل آهي جنهن جي سونهن ۽ سوڀيا مُلڪان مُلڪ مشهور آهي ۽ منجهس موجود قدرتي دولت ۽ سونهن سموريءَ دُنيا جي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندي رهي آهي ۽ ڪارونجهر جي اِن خوبصورتيءَ هر اُن تخليقڪار جي ذهن تي گهري ڇاپ ڇڏي آهي جنهن به هُن جو هيئين جي اکين سان مُشاهدو ڪيو آهي ــ تڏهن ته هڪڙو لوڪ شاعر هيئن چئي ويٺو؛
ڪارونجهر ني ڪور، مريئين تو ميليهئي نهين
ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاگي ڏيپتو
ڪارونجهر جي ڪور مرڻ گهڙي تائين ماڻهوءَ کي وسري نه سگهندي، جڏهن اُن مٽي تي مور ٽهوڪا ڪندو آهي ته اُن جي پڙاڏي سان ايئن محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ڄڻ سموري ڏُونگر ۾ ڏيئا ٻري پيا هُجن.
ڪارونجهر بابت ٿرجي سمورين تواريخن ۾ ذڪر آهي.ريگستان جي تاريخ،سيرريگستان ۽ پراڻو پارڪرقابل ذڪر ڪتاب آهن جن ۾ هن ڏونگرجو احوال آهي.ان کانسواءِ ٻين مضمونن ، مقالن ۽ شاعريءَ ۾ به ڪارونجهرسلسلي جو ذڪر اچي ٿو.
تاريخ ريگستان ڀاڱي پهرئين ۾ صفحي 5 ۽ 6 تي اُستاد رائچند هن جبل بابت لکي ٿو،”ننگرپارڪرشهروٽ جبلن جي هڪ وڏي قطار ڪڪڙ جي بيضي وانگر ڦري اچي ٿي . جنهن جي وچ ۾ ماٿريون آهن. اها قطارڪارونجهرسڏجي ٿي. انهي گول قطار جي ٻاهرين گولائي ڪي 32 ميل ۽ ڪي 20 ميل ٻُڌائين ٿا، پر سنڌ گزيٽيئر ۾ 12 ميل ڄاڻايل آهي.وڏي جبل جي چوٽي، زمين جي سطح کان هزارفوٽ مٿي آهي. هيءَ ٽڪري ننگرپارڪر شهر جي ڀرسان ڏکڻ الهندي طرف ۽ ڪڇ جي رڻ جي اُتراڀرندي ڪنڊ تي آهي.“
پراڻي پارڪرجي ليکڪ محترم منگهارام اوجها هن جبل کي 16 ميلن تي پکڙيل ڄاڻايو آهي ۽ وڏي چوٽي جي اوچائي هڪ هزارفوٽ لکي اٿس.اوجها جي لکڻ مطابق 5 پانڊو ڀائرپنهنجي جلاوطنيءَ دوران هتي اچي سرڻ پيا هئا يعني پناه ورتي هئائون.
روايت آهي ته مهاڀارت جي جنگ دوران جڏهن ڪورو سرسيءَ ۾ آيا ته انهن پانڊون ڏيس وٽو ڏنو هو جن جلاوطني جا 13 سال هتي ڪارونجهر جي ڪور تي گذاريا هئا جن جا اُهڃاڻ اڄ به ”ڀيم گوڏا“، ”ڀيم تلاءَ“، ”ارجڻ ٻاڻ“ وغيره جي صورت ۾ موجود آهن.
هڪڙي ڏند ڪٿا هن طرح به آهي ته شري ڪرشن هن جبل ۾ اچي پناه ورتي هئي تنهنڪري پيڇوڪندڙن ان کي ساڙيو هو ۽ انهي ساڙڻ جي ڪري اها جهرجهربنجي ويئي. شروع ۾ نالو ڪاروجهر هو جيڪو پوءِ بدلجي ڪارونجهرٿيو.
ڪروناليجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ۾ محترم محمد حسين پنهورهن جبل جي ڄمار جو ڪاٿو3.5 کان 5 ارب سال ڄاڻايو آهي.
آرڪيٽيڪٽ عارف حسن هن جبل جي ڊيگهه 19 ڪلوميٽر۽ اوچائي 300 ميٽرڄاڻائي آهي.هڪ ٻئي ليکڪ مشڪورڦلڪاري پنهنجي لکيل ڪتاب ”ٿرجي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس“ ۾ ڪارونجهرجي گولائي بابت 24 ڪلوميٽر ۽ 30 ڪلوميٽر ٻڌائي آهي جيڪا به سندس خيال ۾ درست ناهي.ان کانسواءِ هن ڪارونجهر ڏونگرجي مختلف ٽڪرين جا 109 نالا به ڄاڻايا آهن. ان کانسواءِ ڪارونجهر سلسلي جون ٻين ڳوٺن جي آسپاس 45 ٽڪريون ڄاڻايون آهن.
ڪارنجهر جي نالي بابت ڪنهن ليکڪ به وچور سان ناهي لکيو. ڪارونجهر تي نالي جي اُپٽار ڪندي اُتان جا رهواسي لفظ ڪارونجهر لاءِ ٽي سمجهاڻيون ڏين ٿا؛
1) لفظ ڪارو رنگ جو نالو آهي ۽ جهر اُها سنهي داڻ داڻ آهي جيڪا سڄي جبل ۾ موجود آهي يعني ڪاري رنگ جي جهر وارو جبل.
1) Karoon= Karo= Black + Jhar= small dots= Mountain with black dotting on it.
2) ڪاروـ رنگ جو نالو + جهرمعنى جبل = ڪاري رنگ جو جبل
2)Karoon= karo=Black +Jhar= Mountain= Black mountain
3) ڪاروـ رنگ جو نالو +جهرڻومعنى سِمي گڏ ٿيل پاڻي
3) Karoon= Karo=Black+Jhirno= water spring= mountain with springs
سموري جبل ۾ ”جهر جهر“ به آهي ته جهرِڻا به موجود آهن جن ۾ پاڻي موجود رهي ٿو.
هن جبل جي بناوت، ساوڪ، پاڻيءَ جي موجودگي، پراڻا آثار ۽ جبل جومجموعي ماحول ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو.چاچو علي نواز کوسو مرحوم چوندو هو ته ڪارونجهر۾ 108 تاريخي ماڳ يااهڃاڻ آهن. هن جبل ۾ ڪافي چشما آهن جن ۾ ڪجهه موسمي آهن يعني انهن ۾ پاڻي صرف برسات جي موسم ۾ هوندو آهي پر ٻه اهڙامدامي نيرماڳ آهن جن ۾ سدائين پاڻي موجود رهي ٿو. هڪ ساڙڌرو ۽ ٻيو انچليشور. ٻئي تيرٿ آهن جن تي هرسال هزارين ماڻهو ياتراڪرڻ اچن ٿا. ٻه وڏيون نديون .... ڀٽياڻي ۽ گوڙڌرو....برسات جي موسم ۾ ارڙاٽاڪري وهن ٿيون. استاد رائچند ڪارونجهر جي جن ماڳن جو ذڪرڪيو آهي سي آهن؛ساڙڌرو، گئومکي، ڀيم ڪن، انچليشور، جهرڻو، ٻاين جو ٻيسڻو، چندڻ گڍ .

جبل ۽ ان سان لاڳاپيل مکيه ماڳ هن ريت آهن:

جين ڏهرو: ننگرپارڪرجي شهرمان نڪرندي جيئن ڏونگرشروع ٿئي ٿوته اتي جبل جي پٻ ۾ 5 صديون پراڻوشاندارجين ڏهرو آهي، جنهن جي اڏاوت ۽ خوبصورتي زمانا گذرڻ ۽ سُڃ جي باوجود ڏسڻ وٽان آهي.

ساڙڌرو: شهر کان اٽڪل 3 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي جبل اندرگوڙڌري نئن جي منهن وٽ هي ماڳ هندن جو انتهائي مقدس ماڳ آهي. هتي مهاديوجو هڪ مندرآهي ۽ پاڻي جو هڪ ڪن سدائين پاڻيءَ سان ڀريل هوندو آهي .هن ڪن ۾ هندو مري ويلن جي ڦلن جو تارڻو ڪنداآهن. هتي مارچ مهيني ۾ هرسال شوراتڙيءَ جو ميلو لڳندو آهي. ساڙڌري مٿان پاراسررشي جو آستان آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته پاراسر رشيءَ ان هنڌ 10 هزارسال بيهي تپسيا ڪئي هئي، پرپوءِ اتي هڪڙو اڻ وڻندڙ واقعو ٿيو ۽ پاراسر پاپ ڪري وڌو . پاراسرجي انهي پاپ جي ڪري هن ڏونگر کي سراپ مليو ته؛
ڪارنجهر تنا ڪه جس، ڪه جسي ميڙيو ڪاڄ
پيداٿئي نه پارکو، نه رهسي ڪو رشي راڄ

گئومُکي: گئومکي يا ڍڳيءَ جو منهن. ساڙڌري کان ڏکڻ طرف ڪلوميٽر جي پنڌتي جبل جون ٻه چوٽيون اچي ملن ٿيون جتان برسات جو پاڻي آبشار وانگرهيٺ ڪري ٿو. انهن جابلو چوٽين گڏجڻ جي ڪري پٿرن مان قدرتي طرح ڳئون جي شڪل ٺهي پيئي آهي

ڀيم ڪن: گئومکي جي اترپاسي 25 وکن تي پاڻيءَ جو هڪ ڪن آهي جنهن جي ويڪر 20 فوٽ ۽ ڊيگهه 30 فوٽ آهي. برسات کان پوءِ هي تارهوندو آهي. هن کي ڀيم گوڏابه چونداآهن

انچليشور: ننگرپارڪرشهر جي اتر اولهه ۾ 3 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڏونگر جي چوٽي کان ٿورو هيٺ هنج ۾ هي چشمو آهي .هن کي انچلاس به چونداآهن. هي شوجو آستان آهي. رائچند مطابق ،”هتي مهاديوجو لنگ ٺهيل آهي. انهي جاءِ تي پاڻيءَ جا لاڳيتو ٽي چشما آهن جي ڌارڌارويجهين ٽڪرين مان نڪرن ٿا. وڏن پٿرن جي آڏواچڻ سبب انهن چشمن جو پاڻي پٿرن هيٺيان وهي ٿو ۽ ٻارهن ئي مهينا وهندو رهي ٿو. انچلاس جي آستان تي ديوان سترامداس عامل رهندڙ حيدرآباد سنڌ جي (جو ننگر۾ سب انسپيڪٽرپوليس هو) هڪ مسافرخانو ٺهرايوهو جنهن ۾ ساڌوسنت فقيرماڻهو اچي رهنداآهن ۽ ڀڄن ڀاو ڪنداآهن. هتي ڦڳڻ چانڊوڪي يارهين جو ميلو به لڳندو آهي جيڪو هڪ ڏينهن هلندو آهي.“

صاحب چڱو: هن ٽڪريءَ جي سڀ کان اتاهين چوٽي شهرکان ڏکڻ طرف ٻن ڪلوميٽرن تي آهي جنهن ۾ هڪ ڪلوميٽرجبل به اچي وڃي ٿو. هن مٿي ٽرگناميٽريڪل جي دڙي ٺهيل آهي. هن کي صاحب چڱو تروٽ جي نالي پويان سڏين ٿا.چون ٿا ته ڪرنل تروٽ جڏهن ننگرپارڪرايندو هو ته صبح جو سويرانهي چوٽيءَ تي پسارڪرڻ ويندو هو.

جهرڻو: ڪاسٻي ڳوٺ واري پاسي گاميرو تلاءَ جي اڀرندئين پاسي جبل جي تري ۾ هڪ جهرڻو آهي جتان بڙبڙڪري پاڻي پيو نڪري جو فوٽ کن مٿي کڄي هيٺ ڪري آسپاس ريلاٿيو وڃي.

ٻاين جو ٻيسڻو: نئين ڪاسبي کان اڍائي ميلن جي مفاصلي تي جهوني ڪاسبي واري هنڌ تي هڪڙو پٿر آهي جنهن هيٺيان هڪڙي سُرنگھ آهي جيڪا ٽن پاسن کان کُليل ۽ هڪ پاسي کان بند آهي. اڳي پارڪر ۾تمام وڏا ڌاڙا لڳندا هئا ۽ گُجرات مان وقت بوقت ڪاهون ٿينديون هيون تڏهن هڪدم دُهل وڄايو ويندو هو ۽ سموريون زائفائون اِن غفا ۾ وڃي لڪنديون هُيون ۽ مٿان پٿر ڏنو ويندو هو ۽ ڳوٺاڻا وڃي حملي آورن سان مقابلو ڪندا هئا.

ناني: ننگرپارڪر کان اولهه طرف جبل جي چوٽيءَ تي هڪ بلڪل نرالو پٿر ڏسڻ ۾ اچي ٿو جنهن کي ناني ڪري چوندا آهن. چون ٿا ته درويش ڪنهن مائي کي پاراتو ڏنو هو ۽ هوءَ پٿر ٿي ويئي

چندڻ گڍ: هي اهو چندن گڍ آهي جنهن کي پارڪرجي سوڍن پنهنجي آخري مورچي طور استعمال ڪيو. استاد رائچند مطابق، ”هي قلعو راڻي چندڻ سنگهه پٽ گوبندراءِ جو ٺهرايل هو، جنهن کي چندڻ گڍ چونداهئا. جڏهن پارڪر جي راڻن بغاوت ڪئي تڏهن مئي 1859ع ۾ انگريزي فوج ڪرنل ايوانس جي ڪمان هيٺ ننگرپارڪر تي چڙهي آئي هئي ۽ اهو قلعو توبن سان اڏائي ڇڏيائين.“
”راجسٿان جي پراچينتا ۽ تواريخ“ ۾ ڪرنل جيمس ٽاڊ هن قلعي کي شهرجي ڏکڻ اولهه ۾ ڏونگرجي ڪناري تي ڄاڻائيندي، قلعي جي اوچائي 200 فوٽ لکي آهي. هن وقت انهي گڍ جو نالو نشان ناهي.

ڪارونجهرجي هنج ۾ ننگرجو شهرآهي ته ٻئي طرف ڏکڻ ۾ ڪاسٻو ۽ صابوسڻ آهن. اولهه ڏکڻ ۾ آڌيگام آهي. جنهن لاءِ چوڻي آهي ته ”اڌ ۾ آڌيگام، اڌ ۾ پارڪر“. ڪارونجهر جي اتراولهه ۾ ڀوڏيسرآهي ته اتراوڀر۾ ويراواءِ جو ڳوٺ آهي.
ڪارونجهرلاءِ چوڻي آهي ته هتي روزانو سوا سير سون اپجي ٿو يعني هن جبل مان جڙي ٻوٽين جي اپت، ماکي کونئر، گگر ۽ ٻين شين جو ملهه ڪٿجي ته اهو سوا سير سون جي برابر ٿيندو. ڪارونجهر ۾ هرڻ ، روجهه، بگهڙ، گدڙ، سها، ڳجهون ۽ ٻيا ڪيترائي جانور، جيت جڻا ۽ پکي پکڻ رهن ٿا. گاهن ، ٻوٽن ۽ وڻن سان مالامال ، پاڻيءَ جي لسايل رنگبرنگي پهڻن وارو ڏونگرفطرت جوهڪ نيارولقاءُ آهي جنهن جي ڏيک جي ڏيا کي جنهن به هڪ دفعو ڏٺو اهو باربار هن ڏونگرکي ڏوري ڏسندو ۽ ٻين کي به هن جبل جاچڻ جي ڪوٺ ڏيندو.