لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي پاران ٿر جي شخصيتن، ٿر جي جاگرافي، ٿر جي حالتن ۽ ٿر جي ماحول بابت علم، تحقيقي ۽ ادبي مضمونن جو لکيل مجموعو آھي.
نور احمد جنجهي صاحب جي ذات هڪ تاريخ آهي، جيئري جاڳندي تاريخ، جنهن ۾ ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ سمايل آهي. ھو ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا آھي. سندس شاعري ۽ نثر مان ٿر سان گڏ سموري سنڌ بلڪه ڪائنات جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو شاعر آهي، انسان جو شاعر آهي. نور احمد جنجهي هڪ گهڻ پڙهيو شخص آهي. نهايت نماڻو ءِ نهٺائي رکندڙ. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻولڻ وارو.علم ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار هوندي به سدائين خاموشي سان لطيف شناسي، رومي شناسي، تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ اياز شناسي تي ڪم ڪندڙ. سندن دل وڏي ۽ ظرف جو ٿانو موڪرو آهي.
Title Cover of book ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

چندن گڍ چاوو ڪيو

چندن گڍ چاوو ڪيو

الله سائين ننڍي کنڊ جي سموري ڌرتيءَ کي انتهائي مالامال ۽ ٻهڳڻ بنايو آهي جنهن ۾ ڪيترا خزانا ۽ گُڻ رکيا آهن جو صدين کان هڪڙو قبضاگيري ۽ ڪاهن جو سلسلو اچي پر ننڍي کنڊ جي اُنهي شاهوڪاريءَ جي ”ڪج جبيني“ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. اُتر کان اولهه کان ڪيترائي قبضا گير آيا جن حُڪمراني ڪئي، مال لُٽڻ لاءِ هٿ پير هنيائون. الائي ڇا ڇا کڻي ويا پر هِن ڌرتيءَ جي سون سريکيءَ معيشيت ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. 15 هين صدي ۾ يورپي سُلطنت شاهي دنيا ۾ پکڙي. ڪولمبس ”نئين دُنيا“ ڏانهن رُخ ڪيو ته ننڊي کنڊ ڏانهن وري پُرتگالي ناکوئو واسڪوڊي گاما سهي سنبهي روانو ٿيو جڏهن هُو هتي پهتو ۽ سمنڊ ۾ پنهنجو ٻيڙ و ڇڏي شهرن ۾ گهمڻ ويو ته هُن اُتي جي مندرن ۾ سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل بُت ڏٺا جن جي اکين ۾ هيرا به لڳل هئا. اهو لقاءُ ڏسي پورچوگيز کان رڙ نڪري ويئي ته مار! هتي هيترو ساروزر زيور آهي جو ماڻهو اُن کي خيرات به ڪن ٿا. انهيءَ نظاري جو هوڪو جڏهن هُن وڃي يورپ ۾ ڏنو ته سموريون يورپي ڌُريون ، ور کنجي انهي ڌن ميڙڻ جي هٻڇ ۾، ڇتي جي گگ لڳل، ڪنهن وايون بتال جانور وانگر ڪاهي پيون ۽ پاڻ ۾ وڙهيون رچيون. ڪي ڀڄي ويون ته ڪي بچيون. جيڪا ڌُر سڀني چوٽن کانپوءِ بچي اُهي هئا برطانيه وارا جن پهريان واپاري بنجي ڪلڪتي جي قاسم بازار ۾ ديرو دمايو ۽ پوءِ ڏيهي ماڻهن کي ويڙهائيندا ويا پنهنجي حڪومت کي وڌائيندا ويا. مغل پنهنجي نااهلين ۽ ڏاڍاين جي ڪري پوئتي پوندا ويا تان جو بهادرشاھه ظفر جهڙو ڪمزور ۽ نٻل حاڪم دهليءَ جي تخت تي نالي ماتر حڪمران طور وڃي بچيو. انهيءَ سڄي ڪيس دوران ماڻهن ۾ بي چيني وڌندي رهي جنهن جي نتيجي ۾ مختلف هنڌن تي انگريزن خلاف ڦڏا فساد ٿيا ۽ 1857 ۾ اهڙي اضطراب جو مثال ملي ٿو جنهن ۾ فوجي ۽ ڏيهي ماڻهن گڏجي بغاوت جو ڏنڊو کنيو ۽ انگريز جا ڏند کڙڪائي ڇڏيا پر ڪنهن مضبوط جي اڳواڻيءَ جي غير موجودگي جي ڪري اُها ڪوشش پنهنجا متوقع نتيجا ڏيئي نه سگهي هئي. انگريزن انهي بلوي کي ”غدر“ سڏيو هو پر مقامي آباديءَ اُن هلچل کي ”آزاديءَ جي جنگ“ سڏيو هو ۽ آزادي جي جنگ جي لهر سڄي ننڊي کنڊ ۾ پکڙيل هئي. دهليءَ جي جنگاه کي تي ته وڏا وڏاڪتاب لکيا ويا آهن ۽ ان کي ايئن ڪري پيش ڪيو ويو ڄڻ اهو بلوو ئي اڪيلو ڀونچال هو جيڪو بنڀٽ ٿي ڀڙڪيو. جڏهن ته مختلف هنڌن تي اهڙيون بغاوتون ٿيون پر جيئن ته دهليءَ کي ئي مٿي رکڻو هو ان ڪري اسانجي تاريخدانن ايڏانهن ڌيان نه ڏنو. اهڙين بغاوتن مان هڪڙي بغاوت ٿرپارڪر جي پارڪر واري علائقي ۾ به ٿي هئي.
ٿرپارڪر، جنهن تي اُن وقت سوڍن جو سڪو هلندو هو ۽ سنڌ جا حڪمران ٽالپر هئا جن سان ملي ڪري انگريزن ڪجهه معاهدا ڪري مُداخلت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ٿرپارڪر کي به پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو. ويڙهايو، حڪومت ڪريو، جاگيرون ڏيو ۽ ماڻهن کان ڪرائي جي قاتل وارو ڪم وٺو، خان بهادر ۽ راءِ بهادر جا لقب ڏيئي” ڏيهي ماڻهن کي ڏيهي ماڻهن هٿان سزائون ڏياريو “ جي حڪمت عملي رائج هئڻ باوجود ٿر ۾ انگريز سامراج خلاف بغاوت جي لهر هئي ڇاڪاڻ ته ٿر جي ماڻهوءَ ڌرتيءَ کي تياڳ ناهي ڏنو. انگريزن جي واريءَ ۾ ٿر ۾ ٺڪر راجپوتن جا ننڊا ننڊا رڄواڙا هئا جيئن عمرڪوٽ، ڇاڇرو، ڀوڏيسر، ويراواه ، هنجتل ۽ ڪيرٽي وغيره. انهن جا اڳواڻ ڪي انگريزن سازش ڪري پنهنجي وس ڪيا هئا ته ڪي جوڌا اهڙا هئا جن انگريزن جي آڻ نه مچائي هئي تن هتي پارڪر جي ڌرتيءَ تي 1857 ۾ اهڙي جنگ ڪئي هئي جنهن جو مثال ڪٿي به نٿو ملي ڇو ته دهليءَ واري جنگ يا بغاوت ۾ سکيا ورتل فوجي هئا جن بغاوت ڪئي پر هتي ٺڪر ۽ سندن حامي ڪولهي ڀيل ۽ ٻيون قومون هيون جن انگريزن کي چڻا چٻايا هئا انهي جنگ کي پارڪر ۾ آزادي جي جنگ سمجهيو ۽ سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ ڌرتي واسين رت جورڱ ڏيئي وطن سان وچن جي تاريخ م پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو هو ۽ چندن گڍ جهڙو سندن دفاعي مورچو به سندن لاشن کانپوءِ انگريزن جي فوج ڊاهي پٽ ڪيو تڏهن ته مقامي ڪويءَ جي واتان هي لفظ نڪتا؛
چندن گڍ چاوو ڪيو، جوڌي مچائي جنگ
لڙيو ساٿ ڪلياڻ رو، اوئان رجپوتان نان رنگ
يعني چندن گڍ قربان ٿي ويو جوڌن تمام وڏي جنگ ڪئي جنهن ۾ ڪلياڻ سوڍي جو ساٿ به لڙيو کين رنگ شابس هُجي. انهي اُڀار جو احوال انتهائي اهميت وارو آهي جيتوڻيڪ تاريخي ڪتابن ۾ اُن جا حوالا آهن پر اُن بابت گهڻو تفصيل سامهون اچي نه سگهيو آهي. انهي ڪوشش جي ڪٿا هن طرح آهي.
انگريز حڪمران مختلف حيلن بهانن ڏيهي ماڻهن کي تنگ ڪندا رهندا هئا پر ماڻهو اهو سور سهي ويندا هئا پر هڪ ڏينهن اها نفرت انتهائي شدت سان سامهون اچي ويئي. ٿيو ڇا جو اُن وقت ٽيليگراف کاتي وارا تار جو نيٽ ورڪ تعمير ڪري رهيا هئا تن جي ڪامي ڪارندن ڪِن ڪولهي عورتن سان ڇيڙڇاڙ ڪئي. ٿر جو ماڻهو اهڙي چُراند کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. ماڻهن اچي مقامي راڻي کي دانهن ڏني. راڻي ”ڪرڻ جي“ ۽ سندس ڀاءُ پوپت سنگهه، ويراواهه جي راڻي لاڌو سنگھه ۽ ٻين گڏجي پنهنجا 2 هزار ساٿي گڏ ڪري 15 اپريل 1859 تي انگريز کان آزاديءَ جو نعرو هنيو. پوليس ٿاڻي تي حملو ڪيو، ڪاردار جي ڪچهري کي باهه ڏنائون، خزانو لٽيائون، تارون ڪٽي مواصلات جي نظام کي درهم برهم ڪري وڌائون. اُن وقت جي مختيارڪار مُنشي ڏيئي مل اها خبر حيدرآباد موڪلي . خبر 19 اپريل 1859 تي حيدرآباد پهتي. ڪرنل ايوانس حيدرآباد جو اسٽيشن ڪمانڊر هو تنهن هڪدم ٿرڊ بلوچ رجمينٽ جي هڪ ونگ کي ننگرپارڪر وڃڻ جو حڪم ڏنو. توپخانو ڪراچيءَ مان روانو ٿيو. 24 اپريل 1859 تي ڪرنل ايوانس کي حڪم مليو ته پاڻ وڃي سڀني فوجن (ڏيسا، حيدرآباد ۽ ڪڇ کان ايندڙ) جي ڪمانڊ سنڀالي. انهي حُڪم تحت هو روانو ٿيو۽ پنهنجي موڪليل لشڪر سان 30 اپريل تي اسلام ڪوٽ وڃي مليو جتي کيس ٿرپارڪر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ به مليو. ڪيترا مددگار سوڍا ۽ ٻيا عمرڪوٽ جي راڻي جي هٿ هيٺ ساڻس اچي مليا. سڀ کان پهرين ڏيسا جي فوج ننگرپارڪر اچي پهتي جنهن جي اڳواڻي ميجر ڪُئلي ڪري رهيو هو. انهي فوج تي 1 مئي 1859 تي حملو ٿيو جنهن کي اُنهن منهن ڏنو ته ٻئي ڏينهن وري حملو ٿيو تنهن تي گولاباري ڪئي ويئي جنهن جا ٺڪاءَ ڪرنل ايوانس 50 ميلن جي مفاصلي تي ٻُڌا. 2 مئي تي ڪرنل ايوانس ويراواه پهتو ڏٺائين ته سڄو شهر خالي هو فقط هڪ سامي رهيل هو هو ٻئي ڏينهن واٽ تي ڀوڏيسر جاٺڪر سمٿجي ۽ هٻجي پنهنجي ماڻهن سان گڏجي ڪرنل ايوانس سان مليا ۽ کيس آگاهه ڪيائون ته سمورن کوهن ۾زهر وجهرايو ويو آهي جيڪا ڳالهه بعد ۾ سچ ثابت ٿي. 3 مئي تي ننگرپارڪر ۾ سخت مُقابلو ٿيو. ڪارونجهر ٽڪريءَ تي راڻي چندڻ سنگهه جو اڏايل ”چندڻ گڍ“ سامراجي توبن جي گولاباري اُڏائي ڇڏيو. ڏيهي جوڌا وڃي جبل ۾ لِڪيا ۽ ڪي مارواڙ طرف ڀڄي ويا. انگريزن شهر تي قبضو ڪيو راڻو ڪرڻ جي، لاڌو سنگهه ۽ ٻيا گرفتار ٿيا. ماحول ۾ ماٺار ڇائنجي ويئي ڪرنل ايوانس پنهنجي پيش قدمي کي اڳتي جاري رکيو ۽ 18 مئي تي ڀوڏيسر جي ٺڪرن جي ساٿ سان هُن ننگرپارڪر کان 66 ميل جي فاصلي تي ”ڪيجراڙلو“ جي ڪئمپ تي حملو ڪيو. ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا، قيد ٿيا ۽ ڪي ڀڄي ويا جن کي ڳولڻ لاءِ ڪافي هڻ هڻان ڪئي ويئي پر ناڪامي نصيب ٿي. نيٺ ڪرنل ايوانس واپس موٽيو.
اِنهيءَ سڄي جنگي ماحول دوران لاڌو سنگهه جو پُٽ اُڌيسنگهه ٻاهر ويل هو واپس آيو پئي جڏهن ڳوٺ ”راڻي واڙي“ پهتو ته سندس گهوڙو ڳوٺ ۾ وڄندڙ دهل جي ٿاپ سان پئدا ٿيندڙ رڌم کي ڪن ڏيئي بيهي رهيو ۽ نچڻ لڳو. هڪڙو ڪولهي جيڪو ننگرپارڪر کان واپس اچي رهيو هو تنهن کيس طعنو ڏيندي چيو، ”تون اتي پيو گهوڙو نچائين، تنهنجو پيءُ جيل ۾ پيو آهي“، اهو ٻُڌي اڌيسنگهه مينهن واءُ ڪري اچي ننگرپارڪر پهتو ۽ پنهنجا ساٿي گڏ ڪري جيل تي ويو. جيل ٽوڙي سمورن قيدين کي آزاد ڪرايائين پوءِ بندوق لوڏيندو تروٽ جي تنبوءَ ڏانهن ويو اڃا تنبوءَ جي ويجهو ئي مس پهتو ته ڪاوڙ جي جوش وچان کڻي جو فائر ڪيائين. تروٽ فتح جي مزي ۾ محو ٿي سُتو هو، فوج وڃي چڪي هئي ڪو به سپاهي موجود نه هو سو تروٽ تنبوءَ مان ڦاٽ کائي نڪتو ۽ ڀڄي وڃي لاڌيئي نالي ميگهواڙ جي گهر ۾ اچي پيو جنهن کيس رڱڻ لاءِ پيل کلن ۾ لڪايو.
ٺڪرن جڏهن تروٽ کي نه لڌو ته هُنن کيس مارجي ويل سمجهي ڪچهريءَ تي حملو ڪيو جنهن ۾ انگريز فوج جا ڪيترائي سپاهي مارجي ويا. اهڙو ماحول ۽ مانڊاڻ ڏسي ٺڪرن جو حوصلو وڌيو ۽ ٻيا به ڪيترا ٺڪر اچي ساڻن مليا ۽ بهادريءَ سان ويڙهه ڪيائون. اُنهن ۾ ويراواه جو راڻو لاڌو سنگهه، ننگرپارڪر جو راڻو ڪرڻ جي، رامجي ورڻ، اُڌيسنگهه، ڪلجي، پونجو، مهاسنگهه ۽ روپلو ڪولهي سرِفهرست هئا. ايئن رڻ گجي راڙو ٿيل پارڪر جي پويتر ڌرتي جي بهادري ۽ امرويرتا کي ڪنهن ڪويءَ هن ٻوليءَ ۾ چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛
چندن گڍ چاوو ڪيو ، جوڌي مچائي جنگ
لڙيو ساٿ ڪلياڻ رو، اوئان رجپوتان نان رنگ
رنگ ڪلا، رنگ مهاسينگا، رنگ پونجل، رنگ سگهلي راڻ
رنگ ڪارونجهر را ڪونگرا، رنگ سوڍا راڻ
ڪرنل ايوانس ڏانهن هڪڙو قاصد موڪليو ويو جيڪو ڳوٺ ڏينسي وٽ وڃي کين رسيو ۽ فساد جي خبر ڏنائين. اهو اطلاع ملندي ئي فوج موٽي اچي 18 جولاءِ 1859 تي ننگرپارڪر شهر جو گهيرو ڪيو. راڻو ڪرڻ جي ۽ سندس وزير وغيره شهر ڇڏي وڃي جبل ۾ لڪيا. راڻي جا ٽي انتهائي بااعتماد ۽ ويجها صلاحڪار سيٺ مهاوجي لهاڻو، هنس پوري ٻاوو ۽ روپلو ڪولهي جبل ۾ راڻي کي رسد وغيره پهچائيندا هئا ۽ خبر چار پُڻ ڏيندا هئا. جيئن ئي اُن ڳالهه جي خبر تروٽ کي پئي ته هُن روپلي کي گهرائي جاگير ۽ پينشن جون لالچون ڏنيون ته راڻي جو ڏس ڏئي ۽ گرفتار ڪرڻ ۾ سرڪار جي مدد ڪري پر هُو صفا پِڙُ ڪڍي بيٺو ۽ ”نه“ کي آڏا نو ڪوٽ آهن “ سو اهڙي انڪار تي گوروڪاوڙجي پيو ۽ روپلي کي تمام گهڻو تشدد ڪري ڦاسي چاڙهيو ويو پر هُن وفادار ڪولهيءَ پنهنجي ڏيهه جي حاڪم تي ڪو ڇنڊو پوڻ نه ڏنو. انگريزن پاسو بدلائي سيٺ مھاوجي ۽ ٻاوي ھنس پوريءَ کي گُهرائي لالچون ڏنيون ۽ اُنھن دغا ڪري راڻي کي گرفتار ڪرايو. راڻي جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ سندس وزير به گرفتار ٿيو ۽ ٻيا ٺڪر به گرفتار ٿيا. ايئن انگريزن نه رڳو پارڪر جي آزاديءَ جي جنگ کي چيڀاٽيو پر جيڪي گوري فوج جا مددگار ٿيا هئا يا جن تابعداري قبول ڪئي تن کي جاگيرون ڏنيون ويون. ڀوڏيسر جا ٺڪر هن حملي ۾ انگريزن جا مددگار هئا. ڪرنل ايوانس 23 آگسٽ 1859 تي هُنن جي خدمت جو اعتراف ڪندي سفارش ڪئي ته ڀوڏيسر جو ڳوٺ جنهن جي سالياني پيداوار 300 رُپيا آهي سو هِنن کي ۽ سندن اولاد کي هميشه لاءِ ڏنو وڃي. جن کي 6000 ايڪڙ زمين ملي. جن آڻ نه مڃي تن جون جاگيرون ضبط ڪيون ويون جن ۾ ننگرپارڪر جو راڻو ڪرڻ جي ۽ ويراواه جو ٺڪُرُ اُڌيسنگهه پٽ لاڌيسنگهه سرفهرست آهن. پيٿاپور جي ٺڪر جي زال ڦول ٻائي بغاوت وقت پوليس کي پنهنجي ڳوٺ ۾ رهايو ۽ رسد پُهچائي هئي تنهنڪري کيس حياتي ڀر لاءِ 2 هزار ايڪڙ ڍل معافي جاگير ڏني ــ اُڌيسنگهه ٺڪر جڏهن سڀ آڇون نه مڃيون ته کيس 3 سال عُمرڪوٽ ۾ نظربند ڪري رکيو ويو ۽ آزاد ٿيڻ کانپوءِ هڪ سال کانپوءِ وفات ڪري ويو. اُڌيسنگهه جي وفات کانپوءِ سندس پُٽ سامت سنگهه کي 1887 ۾ عمرڪوٽ ۾ منعقد ٿيل راڻي وڪٽوريا جي گولڊن جوبليءَ دوران 6000 ايڪڙ سيڪنڊ ڪلاس جاگير ڏني ۽ ننگرپارڪر جي راڻي جي وارثن کي 3000 ايڪڙ ٿرڊ ڪلاس جاگير ڏني وئي.
سيٺ مهاوجي جي خدمتن عيوض ڪرنل ايوانس پنهنجي خط نمبر 233 مورخ 20 آگسٽ 1859 ۾ سنڌ جي ڪمشنر ڏانهن لکيو، ” مهاوجي تمام عزت وارو لھاڻو ۽ ڀُڄ جو واپاري آهي. اُتي هن کي ڪرنل ٽريولن چڱي ريت سُڃاڻي. اسانکي ۽ اسانجي لشڪر کي پارڪر پُھچائڻ کانپوءِ تمام ڪارائتي مدد ڏني اٿس. خبرون ڏيڻ ۾ توڙي رسد پهچائڻ ۾ هي دور انديش آهي. هن جي صلاحن کانسواءِ اُنهي وقت ليفٽيننٽ ڪرنل تروٽ به اسان جون سڀئي گُھرجون پوريون ڪري نه سگهي ها“. (رائچند هريجن)
ڪمشنر سنڌ سر بارٽل فريئر انگريزن جي وفادار ماڻهن يعني جنگ ۾ مدد ڪندڙن لاءِ ممبئي سرڪار کي سُفارش ڪئي. جنهن تي بمبئي سرڪار خط نمبر 1560 مورخ 7 اپريل 1860 ۽ خط نمبر 2039 مورخ 12 مئي 1860 ۾ لکيو ته هيٺيون زمينون ۽ انعام ڏنا وڃن ٿا؛
1) ڦول ٻائي زال صورت سنگهه رهندڙ پيٿاپُورــ تقريبا 7 هزار ايڪڙ زمين ــ ڍل معاف تاحيات. هِن زمين جي ڪُل پيداوار 400 رُپيا هئي.
2) عمرڪوٽ جو راڻو ــ ڳوٺ ڪاوڙاــ 6 هزار ايڪڙ زمين ــ ڍل تاحيات معاف ــ هڪ تلوار تحفي طور جنهن جي ماليت 120 رُپيا هئي.
3) مهاوجي لوهاڻو ــ ڳوٺ ڪاسبو ــ 8 هزار ايڪڙ زمين ــ ڍل تاحيات معاف
مهاوجي جي وفات بعد ”چارهر“ يعني چار هارين جي پوکڻ جيتري زمين اُن جي ٻن زالن کي تاحيات مليل هئي. هُن جي مرڻ کانپوءِ اولاد نه هئڻ ڪري اها معافي رد ڪئي ويئي.
هنس پوري ٻاوي کي جبل جي سڄي اُپت تاحيات معافيءَ ۾ ملي. مرڻ کانپوءِ اُن جو ڪو به اولاد نه هو. هن جنگ ۾ ڍاٽ جي ڪيترن ئي سوڍن به انگريزن جي مدد ڪئي تن کي به زمينون، معافيون ۽ پروانا مليا.
لاڌيو ميگهواڙ جنهن تروٽ کي پناهه ڏني هئي اُن کي به معافي ۽ زمين ملي، جيڪا هِن وقت (تاريخ ريگستان لکڻ وقت ) سندس پوٽي واگهلي وٽ آهي جيڪو حال حيات آهي.
راڻي ڪرڻ جي ۽ اُن جي وزير تي بغاوت جو ڪيس هليو پئي جيڪو 1860 ۾ ختم ٿيو. راڻي کي 14 سال ”ڪاري پاڻي“ جي سزا ملي ۽ وزير کي 10 سال قيد ڪيو ويو. راڻي جي وارثن ۾ هِن وقت (تاريخ ريگستان لکڻ وقت )راڻو اچل سنگهه ولد رڻڇور سنگهه پارڪر جو راڻو آهي.
روپلي ڪولهي وطن سان وفاداري ڪئي هئي تنهنڪري سندس نالو اڄ به ماڻهن جي زبان تي آهي ۽ اهو ئي هُن لاءِ امر انعام آهي.
اها سڄي روئداد اهو ٻڌائي ٿي ته اِها اُن جنگِ آزادي جي هڪ ڪڙي episode هئي جيڪا 1857 ۾ دهليءَ مان شُروع ٿي هئي پر اُن کي هتي پهچڻ ۾ 2 سال لڳا ڇاڪاڻ ته ان وقت مواصلات ۽ معلومات پهچائڻ جا وسيلا ايترا سڌريل نه هئا.۽ صحراءِ ٿر جي ماڻهن 1859 ۾ حُب الوطنيءَ، همت ۽ بهادريءَ جو ثبوت ڏيندي هڪ ننڍي جنگِ آزاديءَ کي تاريخ جي سينڌ ۾ سندور جيان سجائي، جان ۽ مال جي قرباني ڏيئي ، پنهنجي ڌرتيءَ جو مان مٿاهون ڪيو ۽ قربانيءَ جي هڪ لازوال تاريخ جو حصو بڻجي ويا. انگريزن غداريءَ عيوض جن ماڻهن کي زمين ڏني اُنهن جو نالو نشان به ناهي پر روپلو ڪولهي اڄ به ماڻهن جو هيرو آهي. پارڪر جا ماڻهو اڄ به لاڌو سنگهه، اُڌيسنگهه ۽ راڻي ڪرڻ جي جا نالا احترام سان وٺندا آهن. مهاوجي لوهاڻو، هنس پوري ٻاوو ۽ لاڌو ميگهواڙ ڪنهن کي ياد به ناهن ۽ جيڪڏهن ڪيرکين ياد ڪري ٿو ته به غدارن جي لسٽ ۾ ياد ڪيو وڃين ٿو. ٿر جي اِها حُب الوطني ۽ حميت صدين کان قائم دائم آهي.