وڃي سڄيءَ ويڙهه مان، ڏُک ۽ ڏولائو
سُونهن ڀرئي سنسار کي سرجيندڙ، مالڪ مهربان، هيءَ ڪنچن ون ڪائنات اُن عالم اصغر جي ڪارج لاءِ خلقي آهي جنهن کي عرف عام ۾ انسان سڏيو ويو آهي ۽ اُن وَٿ کي خلقي، الله تعاليٰ کيس “بيان” جي ڄاڻ جي سگهه سان نوازيو ۽ بيان جي اُها سگهه سندس شعور جو هڪ اظهاري ۽ ظاهري مظهر آهي جنهنجي اٿاهه اونهي پس منظر ۾ ، صدين تي پکڙيل، سندس نسلن جي ڪهاڻي پڙهي سگهجي ٿي ۽ اُن انساني ڪٿا جا قدم ٻوليءَ جي اُهڃاڻن وسيلي جئين پروڙيا ۽ پرکيا ويا آهن يا پروڙيا ۽ پرکيا ويندا، تيئن علم جي ٻئي ڪنهن روپ وسيلي گهٽ سمجهيا، سُڃاتا ۽ ڄاتا ويا آهن. اِهڙي طرح انسان کي عطا ٿيل علم جي املهه ۽ عميق خزاني جو اظهار ٻولين وسيلي ڪيوويوآهي ۽ ٻوليون ترقي ڪندي زبانون ٿيون، تنهنڪري ڪنهن به ٻوليائي پهلوءَ جي اڀياس جي معنيٰ داريءَ کان انڪار ۽ فرار ممڪن ئي ناهي. شاعري انسان جو اولين اظهار آهي ۽ نثر اُن کان بعد ۾ ظاهر ٿيو يعني انسان اول ته سُريلو ۽ رسيلو رهيو آهي بعد ۾ هُو جوکم کڻندو اڳتي وڌندو، بي سُرو ۽ بي رس به بڻبو آهي. ايئن زبان جي گهڻا گهڻي ۽ ٻهڳڻائپ جي اهميت مڃيل آهي. دُنيا جي هر زبان جي شاعري، اُنهيءَ زبان جي بقا ۽ خوبصورتي جي محافظ بڻي آهي.جنهن جو چٽو مثالاسان جي سموري اساسي سنڌي شاعري آهي،جنهن ۾ وري لطيف سائين جي ٻوليءَ جواسان جي زبان تي احسان اپر ۽ امونگروآهي، سندس بيتن ۽ واين ۾ پوتل لفظ آُهو خزانو آهن جنهن ۾ اسانجي قومي شعور جا ڪروڙين اربين کربين موتي محفوظ آهن، جن سبب اڄ به اسانجي ٻولي لفظن جي ذخيري سان مالا مال اهي ۽ اسان جي اظهار جي جُوجهه اُنهيءَ وٿ سان جِنجهه آهي. جنهن جي سُريلائي ڪن رس جي قرب مان ٽمٽار آهي.
غلام محمد جنجهي ٿر جو نامور شاعر ٿي گُذريو آهي. سندس شاعريءَ جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته اُن جا ڪيئي روپ ائين نکري نروار ٿين ٿا، جئين وڏڦڙو وسندي اُڀ جي نيري ڪينواس تي قوس قزح انڊلٺي رنگ اظهاريندو آهي. جن کي اسين ڏانگڙو به سڏيندا آهيون. جنهن ۾ روشني جا سڀئي رنگ هوندا آهن.
ٿر جي هن نامور شاعر پنهجي شاعريءَ ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آندي آهي ان کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هُو اِهڙو وينجهار شاعر آهي جنهن پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي لفظ ڪم آندا آهن اُهي اهڙا هيرا ۽ موتي آهن جن جي جوت ۽ جرڪاءَ، سنڌي زبان جي سچي ساک آهن، جنهن جي روشنيءَ جُون لاٽون صدين تائين ايندڙ نسلن کي ماڳ جو دڳ ڏسڻ ۾ مدد ڪنديون رهنديون. هن اڀياس ۾ سندس شاعريءَ مان صرف سُرمارئيءَ جو مطالعو آهي ۽ سندس سُرمارئي وطن جي محبت ۽ ڌرتي ڌڻين سان لڳاءَ جو اُهو آئينو آهي. جنهن ۾ ڌرتيءَ ۽ ڌرتي ڌڻين جي قدرن کي پروڙي ، پرکي ۽ پُرجهي سگهجي ٿو. سُرمارئي مارن جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿو.
عمر ماروئڙن جا، ڀونگا ۽ ڀيڻيون
رهن اُتي راڄ ڪيو، سي ٿانيڪا ٿوڻيون
ڪن رُوڙيون رهاڻيون، ماروئڙا ملير ۾،
لفظ “ڀُونگو” ٿر ۾ اڏجندڙ ڪکاون گهرن لاءِ ڪتب ايندڙ عام لفظ آهي، جيڪو ٿر جي اڏاوتي نمونن جي سڀني روپن (جهونپڙي، لانڍي ۽ ڇني) لاءِ گڏيل لفظ طور ڪم اچي ٿو. “ رُوڙي” لفظ جي معنيٰ ،عمدو، خوبصورت، ٺاهوڪو يا موچارو آهي جنهن جو بُنياد گجراتي زبان ۾ ڪتب ايندڙ ساڳي لفظ آهي.
ماروئڙا ملير ۾، ڪڍن ڏينهن ڪاپي،
اچي اويرا مال مان، پيئن جهڻ جهانپي
لُلر جي لاپي، ڏوٿي ڪٽين ڏينهڙا
“ڪاپي سان ڏينهن ڪڍڻ” جو مطلب ڪفايت ڪرڻ يا اُڌارو آڻي گذارو ڪرڻ آهي ۽ هيءُ لفظ “ڪتڻ واريءَ ڪرت” جو پس منظر رکي ٿو. جنهن جي ٻهڳڻائپ ۽ ٻوليائي شاهوڪاري شاهه سائين جي سُر ڪاپائتي جي روپ ۾ روشن سڄ جيان پرکنڊين پڌري آهي. سُٽ ڪتڻ ۽ ڪپڙو اُڻڻ جي ڪورين واريءَ ڪرت دوران جڏهن ڪچو سُٽ ڪتڻ يا اُڻڻ لاءِ ڏيندا هئا ته اُن کي ڪٽڻ وقت ڪجهه بچائي به رکندا هئا. جيڪو پوءِ ضرورت وقت ڪاپائتي کي اُڌارو ڏنو ويندو هو. جئين کوٽ ٽوٽ ۾ پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي ۽ ائين ڪاپو ڪرڻ ۽ ڪاپي سان ڏينهن ڪڍڻ جواصطلاح مروج ٿيو. لفظ جهڻ ڄمايل کير مان ٺاهيل لسيءِ لاءِ استعمال ٿيندو آهي جڏهن ته “ لسي” کير مان ٺهيل مشروب لاءِ به ڪم ايندو آهي. لُلر هڪ ننڍو ٻوٽو آهي. جيڪو مريڙي واري خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ ڏُٿ جو هڪ قسم آهي ۽ ڏُٿ ٿر ۾ ٿيندڙ قدرتي گاه ٻوٽا يا انهن جا ميوا آهن، جن کي عذائيت جي کوٽ دوران ڪچو يا پچائي يا ٻاڦي، هڪ رڇ طور استعمال ڪيو ويندو هو ۽ هاڻي اُنهن جو اُهو استعمال گهٽجي ويو آهي. باقي ٻئي کاڌي سان گڏ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ماريئون ان ميار سان، جا ڏوٿيئڙن جو ڏاج،
جا رسم آهي راڄ ۾،سنگهارن جو ساڄ
اميراڻيون عادتون، پنهوارن پهاڄ
لوئڙيا رين لاڄ، عمر رکج عزت سان
لفظ ساڄ، سازلفظ جي ڳالهايل صورت آهي، جنهن کي اوزاريا ٽيڪنڪ جي مفهوم ۾ ورتو ويندو آهي ۽ ميار ڏيڻ ئي ماڻهن جي ويڙهه جو طريقو آهي ، ڇاڪاڻ ته ٿري ماڻهو صدين کان پُر امن، اهنسڪ ۽ سفارتڪاريءَ جي آدابن جا ماهر رهيا آهن. تنهنڪري اُهي ميار کي تلوار وانگر استعمال ڪندا هئا ۽ ميار جي اهڙيءَ اثرداريءَ جو اُهڃاڻ لطيف سائين جي سُر مومل راڻي جي هن بيت ۾ ملي ٿوجڏهن راڻو مومل سان گڏ ٻئي ڪنهن کي ستل ڏسي ٻڙڪ به نه ٻوليو هو ۽ ڪام رکي راه وٺي روانو ٿي ويو هو. ان منظر کي لطيف سائين مومل جي زباني هن ريت بيان ڪيو آهي.
سوڍا صبر تنهنجو لڄاين مرڪ
نه ڪهڻ سي نڪ، ري رُڪ راڻي وڍيو
“پهاڄ” جو لفظ ٻيءَ زال لاءِ ڪم ايندو آهي جيڪا پهرين زال جي حياتيءَ ۾ ئي ايندي آهي ۽ مُڙس پهرين زال کي رد ڪندي ٻيءَ زال سان بهتر ۽ اڳئين زال سان غيرمنصفاڻو سلوڪ روا رکندو آهي. تنهنڪري پهرين زال ٻيءَ زال کي پهاڄ سمجهندي آهي جنهنجي معنيٰ مد مقابل، يا Competitor وٺي سگهجي ٿي.
ڪڍبندياڻيون بند مان ته وڃن ويڙهيچن
پيئن کير خوشيءَ مان مکڻ مان ماٽيئن،
چارين وڃي چاهه مان ، ڇانگون سي ڇيلن،
عمر تون اُنهن، با الله ڪڍ بند مان.
ڇانگ لفظ مال جي ڌڻ يا ولر لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، خصوصا کير ڏيندڙ مال لاءِ هي لفظ ڪم ايندو آهي.
ڏوٿي ڪٽين ڏينهڙا، ٿا اُٻن تي اوهي،
ماني کائن محبت سان، ساڻ گهوگهن جي گوهي
لنبن کي لوهي، چانور چاڙهين سومرا
“گوگهن جي گُوهي” جي ترڪيب جو مطلب هن ريت آهي ته کير جڏهن تازو ٿڻان ڏهبو آهي ۽ اُن جو زورائتيون سيڙهيون هڻبيون آهن ته گوگهه ٺهندا آهن ۽گوگهه ڏاڏا مٺا هوندا آهن. ۽ وري جهڻ مٿان جڏهن اُهي سيڙهيون زورائتيون هڻي ڦيڏرو ٺاهبو آهي ته اُهو هڪ اعليٰ قسم جو مشروب ٿي پوندو آهي. جنهن کي ٿري چاهه سان پئيندا آهن. “ لنب” گاهه جو هڪ قسم آهي جيڪو ڏٿ طور استعمال ٿيندو رهيو آهي جنهن جو سنهو داڻو سوهي ڪڍي، اُن جو ڀت رڌبو آهي ته اُهو چانورن کان به اعليٰ ۽ اُتم ٿيندو آهي ۽ اُن کانسواءِ لنب سنهو هئڻ جي ڪري باهه ڏانهن به حساسيت رکي ٿو ۽ جلدي باهه پڪڙي وٺندو آهي. ۽ باهه تمام جلد پکڙجي ويندي آهي تنهنڪري ڪنهن به ڳالهه جي جلدي پکڙجڻ متعلق محاورو جڙيو “لنب ۾ ٽانڊو پوڻ”.
سويرکائن سومرا، ٻگري جي ٻاٽي
پيئن جهڻ جنهن مٿان، گهمري سان گهاٽي
ڪُل ائين ڪاٽي، عمر اباڻن سومرا
“ٻگري جي ٻاٽي” به کاڌي طور باڦي تيارڪيل ڏُٿ جو هڪ قسم آهي، ٻگري جو ذڪر اڳ ئي مٿي ڪيو ويو آهي. ٻگرو جلدي پچندو آهي تنهنڪري اُ ن جا ڪچاپن چونڊي اُنهن کي ٻاڦيو ويندو آهي. انهي کي کائي مٿان جهڻ پي ٽڪ ٽاري ڇڏبو آهي.
عمر اباڻن سومرا، صدا ڪٽي سيل،
ٽڪي سنديءَ ٽيوڙتي، توهيا ڪئي هيل،
ساتر رب سبيل، مارن ميڙ مٽي کي
“ٽيوڙ” لفظ سڱ بند ڪرڻ جي ڪاروهنوار ۾ ڪم ايندو آهي جنهن ۾ ٽي ڌُريون پاڻ ۾ سڱاوتي ڪنديون آهن. يعني “الف” ڌر پنهنجا اولاد “بي” کي ۽ بي ڌر پنهنجي اولاد “ج” کي ڏيندي آهي. ته “ج” تنهنجو اولاد الف ڌر کي ڏينديو آهي، اهڙي طرح اِهو ٽڪنڊائون سڱاوتي رشتو “ٽيوڙ” سڏبو آهي ۽ ٽيئي ڌريون اڻ سڌي طرح هڪٻئي سان ڳنڍيل هونديون آهن.
عمر اباڻن ۾ ڪانگها رن ڪاهون
گڏجان غلام محمد چئي اُنهن کي آئون
ويڙهيچن واهون، سوڙيون ڪر نه سومرا
ڪانگهارو لفظ مال سان لاڳاپيل آهي، جنهن مطابق کير ڏيندڙ مال کي شروعاتي 6 مهينن دوران “سُوئا” سڏايو ويندو آهي تنهنکاپوءِ انهن کي ڪانگهارو سڏيو ويندو آهي ۽ ڪانگهارو کير گهاٽو ٿيندو آهي جنهن جو ڌونئرو ۽ مکڻ بئي عمدي قسم جا ٿيندا آهن.
سوڙيون ڪر نه سومرا، ريتون جي راڄن،
آهن ان ۾ عادتون، ڪچيون جي ڪاڄن،
اُهندر ڏين اباڻيون، لهه تي جي لاڳن
پٽڪي جي پاڳن، ٻٽون ٻڌائن سومرا
اُهندر لفظ شاديءَ ۾ تحفا تحائف ڏيڻ سان واسطو رکي ٿو. جنهن ۾ واسطيدار ڌُريون هڪٻئي کي ڪپڙا لٽا سبيل يا اڻ سبيل ڏينديون آهن ۽ اُهندڙ مڪمل تحفو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪپڙن سان گڏوگڏ ٽول به هوندا آهن.
هي ته چند بيت هئا نه ته صرف سُر مارئي جي بيتن ۾ لفظن جو خزانو آهي جنهن ۾ ٿر جي ريتن رسمن ۽ مال جي اصطلاحن کي عمدگيءَ سان چٽيو ويو آهي جيئن:
ٻِٽون ٻڌائن سومرا، پاڙي جي پرين،
ٻُسيون، چُسيون، چانئريون، ڌونريون کي ڌيئن
کوڙيون ڏين کٿيون، لپيٽي لوين،
گهڻو غلام محمد چئي ڏين ٿا ڏيجن
عاج ارٽين، سُوڌو ساڻيهه سومرا
ٻُسون، جُسيون، چانئريون، ٻاڪري مال جا پار ۽ اُهڃاڻ آهن ته ڌونريون ڍڳيون ٿينديون آهن. ائين گهيٽا، ارٽ، بدو، تاسرا (تانگها) جهوڪ، (اُوٺي مال جي وهڻ جو هنڌ)، سرفو ڪرڻ (ڪفايت ڪرڻ) ڪانگ اُڏائڻ، اوڇڻ (اوڍڻ جو ڪپڙو، ڍڪ) ڪاڇو ڪڍڻ (ول ۾ ٿيندڙ سنهي ڌاڳي نما واڌ ) جيڪا اُنهن کي ٻئي وڻ سان وڃي سلهاڙيندي آهي ۽ ڪاڇن ڪڍڻ کانپوءِ ئي وليون ڦر جهلينديون آهن)پاهت(ڏينهن ڏهاڙي تي وڃڻ ۽ ميار لاهڻ)، پپون (ڏُٿ جو هڪ قسم) گولاڙا، ڳاڱيون، ڳم، ڳنڍير (گاهه ۽ ٻوٽا) کرپڻ (ڪنهن جو شدت سان انتظار ڪرڻ)،پهون(ٻڪريون)،سانئون(گاه جو قسم)، ڏوڌي (کير۾رڌيل رٻ) ٻُرٽ، ڀُرٽ، مکڻي (گاهه جا قسم) بير کڻڻ، اڏون ٺاهڻ، نڪون ۽ نيسارا رکڻ (کوهه سان سلهاڙيل لفظ) جُون، ليک (جيت جيڪي وارن ۾ پئجي ويندا آهن).
اهڙي ريت سندس شاعري لفظن جو اکٽ ڀنڊار آهن جنهنجي جيتري واکاڻ ۽ وياکياڻ ڪجي اوتري گهٽ آهي جئين انهن جي اسرار کي اڀياسبو تيئن اُن مان معنيٰ جا ڪيئي موتي ظاهر ٿيندا ويندا ۽ سنڌي ادب جو املهه ادبي ذخيرو مالا مال ٿيندو ويندو.
وڃي سڄيءَ ويڙهه مان،ڏُک ۽ ڏولائو،
لهي راتاهو، ٿين سُک ساڻيهه ۾