ٿر جا ڏک ڏولاوا ۽ انهن جا حل
ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ واري ٿر کي موضوع بنائيندي، اچو ته ڏسون ته هن علائقي سان صدين کان ڪهڙي ويڌن آهي. لکين ماڻهو مصيبتن مشڪلاتن مان ڪيئن گذرن ٿا؟اهي انهن مشڪلاتن کي ڪيئن منهن ڏين ٿا؟ هر دور جي حاڪمن ۽ حڪمرانن ٿر سان ڪهڙيون چٿرون ڪيون آهن؟هن وقت ٻارن جي موت جي خبرن سان گڏوگڏ ڏڪاري صورتحال جو ن خبرون گذريل ٽن سالن کان هلي رهيون آهن ۽ انهن خبرن جي نتيجي ۾ حڪومتي يا غير حڪومتي ادارن جي موٽ ڇا آهي؟ ان سموري عمل جو لاڀ ٿري ماڻهوءَ کي ملي ٿو يا اهي ويچاراانهي لاڀ مان رڳو پن جي پنج ڪڻيءَ تائين پهچن ٿا. ٿرجي مڙني مسئلن جو حل ڇا ۾ آهي؟هن وقت به ٿرجي انهي بحران جي جانچ پڙتال ۽ حل ڳولهڻ لاءِ سنڌ حڪومت اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ محترم فتاح ملڪ جي سربراهيءَ هيٺ هڪڙي ڪميشن جوڙي آهي جيڪا ٿر جي دوري تي آهي ۽ مليل سرڪاري هدايتن مطابق دوراڪري ڄاڻ حاصل ڪري رهي آهي. هن کان اڳ به هڪڙي اهڙي ڪميشن ، جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علويءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ٺهي هئي. انهي ڪميشن به سرڪاري ڪامورن، غيرسرڪاري ادارن جي نمائندن ۽ سول سوسائٽي جي نئين نالي هيٺ متعارف ٿيندڙ ڌُرين کان بيان ورتا هئا،پر مختلف سببن جي ڪري ان ڪميشن جي رپورٽ به پڌري نه ٿي سگهي.موجوده ڪميشن بابت به سماجي ميڊيا تي بحث مباحثو هلي رهيو آهي، جيڪو به دلچسپيءَ جوڳو آهي ۽ ڪيترن ئي پاسن جي نشاندهي ڪري ٿو. ان کانسواءِ، گذريل سالن جي آفت زدگيءَ واري صورتحال جاچڻ لاءِ مختلف کاتن جا عملدار به جاچ ڪرڻ ٿر کي لٿا ۽ موٽ ۾ انهن به پنهنجي بالا عملدارن کي رپورٽون پيش ڪيون هونديون. پر ان سموري عمل جو اڄ تائين ڪوخاطرخواه نتيجو نه نڪتو آهي سواءِ رليف جي ڪڻڪ جي ورهاست جي. جنهن جي ورهاست بابت به آڱريون نه پر هٿ کڄي رهيا آهن ۽ وس وارااداراڪاروائيون به ڪري رهيا آهن جن جون خبرون ميڊيا تي اچن پيون. گذريل ٽن سالن جي انهي هڻ وٺ دوران ڏڪار پاليسي ٺاهڻ تي به وڏا پروگرام ٿيا، ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڪنهن اداري ٺاهڻ جو ڊرافٽ به جوڙيو ويو پرڪو به نتيجو نه نڪتو. زمين ته چري پرگل محمد نه چريو واري فارسي مقولي پٽاندر اسان وٽ به ساڳيو رينگٽ هلندو رهيو آهي. انهي سموري صورتحال ۾ مختلف ڌرين هڪٻئي تي الزام به لڳايا. پهريائين انهي صورتحال کي ميڊيا جي جوڙيل آکاڻي چيو پر جڏهن مٿان کان حالتون بدليون ته اهي ساڳيون ڌريون ان صورتحال جو مک اسٽيڪ هولڊر ٿي نمودار ٿيون. غير سرڪاري ادارن پنهنجون ڪوڙيون سچيون ڪارڪردگي رپورٽون تيار ڪرائي، انهي صورتحال مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا. ڪن ڌرين انهي راند جو حصو بنجڻ لاءَ قانون جو به ڪڙو کڙڪايو جيئن وهندي گنگا ۾ هٿ ڌوئي سگهن ۽ چڙهي دانگيءَ پنهنجو لولو هڻي سگهن. انهي احوال جو حال اورڻ لاءِ ڏسون ته ڪيئن اهڙو منظرنامو جڙيو آهي. ڪهڙيون ڌريون ان ڏيک جو ويک آهن. سڄي منظرنامي ۾ ٽي ڌريون نظراچن ٿيون؛ ميڊيا، حڪومت ۽ غيرسرڪاري ادارا.
سماج ۾ جڏهن سماجي انصاف اڻ لڀ ٿي ويندو آهي ته پوءِ اهي سماج غيرمنطقي رخ ۾ هلڻ لڳندا آهن. سماجي ڪينواس تي سڀ کان وڏو ادارو سياست آهي جيڪو معاشري کي موڀي پٽ وانگر اڳواڻيءَ سان اڳتي وٺي وڃي ٿو ۽ سڀني ادارن جي رهنمائي ڪري ٿو.پر هتي انهي اداري جو جيڪو حال آهي سو هاڻي پنجن سالن جو ٻار به ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿو. ٻيوادارو ڪنهن به سماج جي معيشيت يعني اتان جي اُپت هوندو آهي جنهن وسيلي سمورو سماج پنهنجي ڪرت جي ڪاروهنوار کي اڳتي وٺي هلندو آهي. انهن ادارن کي منظم نموني هلائڻ لاءِ سماج ۾ ماڻهن جو باترتيب هجڻ هوندو آهي جنهن کي سماجي تنظيم چونداآهن. انهي سموري سماجي مانڊاڻ کي جيڪا شئي بلئڪ هول وانگر پنهنجي گود ۾ کڻي هلندي آهي اها ان سماج جي تهذيب هوند ي آهي جنهنجي يادداشت کي تاريخ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. سماج جي انهن سڀني عنصرن تي ان سماج جي بيهڪ يا جاگرافيءَ جو به اثر ٿيندو آهي. اهي چند عوامل آهن جن مان سماج نروار ٿئي ٿو. سياست جو ادارو جڏهن پنهنجو متعين ڪردار ڇڏي ٻيءَ ڪرت ۾ لڳي وڃي ٿو ته پوءِ ان جي جاءِ ٻيا ادارااچي والارين ٿا. ٿر جي مسئلن مامرن مونجهارن کي جڏهن وقت به وقت ايندڙ وس وارن نظر انداز ڪيو ته پوءِ يقينن ڪا ڌر ته اٿندي جيڪا لوڪ جي دردن جي دانهن ڪوڪ کي واڪو ڪري وڄائيندي پوءِ ڪو خوشيءَ سان ورنائي يا مجبوريءَ ۾ موٽ ڏئي . ميڊيا ٿر جي دکن دردن کي ميدان تي آڻي دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ سان گڏوگڏ وس وارن ٻوڙن ۽ ڪچن ڪنن تائين به پهچايو آهي. ميڊيا جو اهو ڪم ساراه جوڳو آهي. حڪومتن ان تي پهريائين ڪو خاص ڌيان نه ڌريو پر جڏهن دانهن ڪوڪ جو دائرو وڌيو ته مڙئي هرڪو سرگرم ٿي ويو . اهڙي صورتحال ۾ اين جي اوز سڳوريون ڪٿي ٿيون پٺتي رهن ڇو ته انهن جو ڪُلي دارومدار پن جي پنج ڪڻيءَ تي آهي. سموري ڳايل وڄايل ترقيءَ جو محور داتا ادارن جا شرط ۽ پاليسيون هونديون آهن نه ئي عوام جا اهنج يا ايذاءَ. اهي ادار رٿائن کي عوامي امنگن جي بجاءِ ٺاهڻ جي ، داني ادارن جي هدايتن پٽاندر عوام کي اهڙيون تنظيمون ۽ ماحول ٺاهڻ جي ترغيب ڏين ٿا جو عوام کي ڪو فائدو ملي سگهي. اهوئي سبب آهي جو اهي ادارا به ڪوخاص ٻوٽو ٻاري نه سگهيا آهن نه ئي ڪا عوامي مقبوليت ماڻي سگهيا آهن . سڄي خاموش فلم ۾ جيڪو سائيڊ رول آهي سو ان ڌر جو آهي جيڪا اصل ۾ متاثر ڌُر آهي. اهو آهي ٿر جوعوام. اڄ تائين جنهن نموني ٿر جي مسئلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ان ۾ ٿري لوڪ اولين ترجيح تي نظر نٿا اچن. ڪامورا شاهي پاڻ کي قابل ٿي سمجهي ۽ جيڪو ڪم ڪري ٿي اهو ٿوري ۽ احسانمنديءَ وانگر ڳڻائي ٿي. غير سرڪاري ادارن وارا ته ان دعوى جي هام هڻندي نظر ايندا ته هتي جيڪي کير ۽ ماکي جون نديون پيون وهن سي سندن چوڻ تي جاري ٿيون آهن. اهڙي سموري بيان بازيءَ مان عام ماڻهوءَ کي ڪو فائدو نٿو ٿئي. اچو ته ڏسون ترت مسئلي يعني ٻارن جي موت جا ڪهڙا سبب آهن؟ يا وري سڄي مسئلي جو مستقل ۽ جٽادار حل ڪهڙو آهي؟
1. ٻارن جي موت جي انگن اکرن کي سڄي سنڌ خصوصن ڳوٺاڻي سنڌ جي تناظر ۾ چڪاسيو وڃي. ٻارن جي موت جو تجزيو ڪندي ان جا سبب نروار ڪيا وڃن. انهن سببن جي روشنيءَ ۾ ڪو حل ڳوليو وڃي.
2. عورتن خصوصن ڳورهارين ۽ ٿڃ ڌارائيندڙ عورتن جي غذائيت جو خاص خيال رکيو وڃي. انهي ۾ غربت جي ڪري جيڪي به رُڪاوٽون آهن اهي سرڪار ۽ غير سرڪاري اداراحل ڪرڻ ۾ ماڻهن جي مدد ڪن
3. ڳوٺاڻن ماڻهن ۾ هنگامي بنيادن تي صحت ۽ صفائي سُٿرائي جي جاڳرتا پکيڙڻ جو جامع منصوبو جوڙيو وڃي . ان منصوبي هيٺ ڳوٺاڻن جي صلاحيت جوڙي وڃي
4. غذائي قلت جي مسئلي کي ديسي وسيلن جي تناظر ۾ حل ڪيو وڃي. ٿر جي ڏُٿ کي ترقي وٺرائيندي، ماڻهن کي ڏُٿ واپرائڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ان کان ڪو ٻيو بهتر ۽ جٽادار حل ناهي.
5. پاڻي ٿر جو سڀ کان اهم مسئلو آهي. ان لاءِ ڪو جٽادار حل ڏنو وڃي. هيستائين جيڪي بندوبست ڪيا ويا آهن سي اڻ پورا ثابت ٿيا آهن. ٿر۾ کوه، ٽيوب ويل، رورس آسموسس پلانٽ ۽ ڪجهه هنڌن تي دريائي پاڻي جي سهوليت آهي.پر ماڻهن جي پيئڻ جي پاڻي جي ضرورت جو به پورائو ناهي. کوه سڀ کان گهڻا آهن ۽ جر جو پاڻي انتهائي محفوظ پاڻي آهي. پاڻيءَ تي تحقيق ڪري، جتي به پاڻيءَ جو جر مٺو آهي ان کي ٽيوب کوهن وسيلي ڪڍيو وڃي. برسات جي ضايع ٿيندڙ پاڻيءَ کي سڪارج ڪيو وڃي.
6. ڪارونجهر سلسلي جي 20 کن ندين ۽ 80 کن جبل اند موجود چشمن جي پاڻيءَ کي محفوظ ڪري ، پارڪر سمورو آباد ڪري سگهجي ٿو پر ان پاڻيءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، روايتي ائپروچ کان هٽي ڪم ڪرڻو پوندو.
7. ٿر فطرت جي پارڪ آهي جنهن ۾ ڪيئي ڪارائتا ٻوٽا، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ ۽ ڀلوڙ جانور رهن ٿا. وڻن جي واڍي ۽ جانورن جي مارجڻ تي قطعي پابندي هئڻ گهرجي.ان لاءِ سڄي ٿر کي نيشنل پارڪ اعلانيو وڃي.
8. ٿرجي معدني وسيلن...ڪوئلي،گرينائيٽ، چيني مٽي ۽ لوڻ ... ڪڍڻ دوران ماحوليات جي بين الاقوامي اصولن جو خيال رکيو وڃي. خاص طور ڪوئلي جي کوٽائيءَ دوران ٿيندڙ ماحولياتي اثرات جو پورائو ڪرڻ لاءِ متبادل بندوبست ڪيا وڃن
9. ٿر جي سڀني وڏن ڳوٺن ۾ صحت جون سهوليتون قائم ڪيون وڃن. ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون ۽ پئراميڊيڪل عملي کي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مختلف ترغيبون ۽ سهوليتون ڏنيون وڃن. ڳوٺاڻين ڏاهين عورتن کي دائي سکيا سندن ڳوٺن ۾ ڏياري وڃي جيئن ويم جي عمل دوران ٿيندڙ مونجهارن جو ڪو ترت حل به ڳولهي سگهجي ۽ ويم دوران ضايع ٿيندڙ جانين جي تعداد کي گهٽائي سگهجي
10. ضلعي جو هڪڙو جامع ترقياتي پلان جوڙيو وڃي جنهن جي روشنيءَ ۾ وسيلن جي ڪٿ ڪئي وڃي.ضرورتن جي به نشاندهي ڪندي، ترقيءَ جي عمل کي ٽن مرحلن...ترت ترقي، وچئين مدي جي ترقي ۽ ڊگهي مدت جي ترقي ۾ ورهائي رٿابندي ڪئي وڃي. ان پلان ۾ وسيلن جي به نشاندهي ڪئي وڃي.
11. ترقيءَ جي سموري عمل ۾ چونڊيل نمائندن توڙي راڄن جي ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي جيئن ماڻهو پنهنجي لاءِ ٿيندڙ فيصلن ۾ راءِ ڏيئي سگهن.
12. غيرسرڪاري ادارن جي ڪم کي باقاعدي بنائڻ لاءِ، اهڙو ميڪانزم جوڙيو وڃي جنهن سان اهي رپليڪيشن کان بچن.انهن ادارن کي به سماجي جاڳرتا، تحقيق، نظرداريءَ جي ڪم تائين محدود رهڻ گهرجي. خدمتن پهچائڻ وارو ڪم حڪومت پاڻ ڪري. ايئن ڪرڻ سان ترقيءَ جو عمل وڌيڪ جٽادار ۽ لاڀدائڪ ٿيندو.
13. غربت گهٽائڻ لاءِ ، قرض جي ڪوڙڪيءَ ۾ جڪڙڻ بجاءِ، گذران جي متبادل وسيلن کي ڳوليو وڃي. دنيا جي ٻين باراني علائقن ۾ جيڪي غربت گهٽايو رٿائون هلن پيون انهن ۾ ٿر جي حالتن پٽاندر تبديليون ڪري، لاڳو ڪيو وڃي.
14. ٿر جي نوجوانن جي فني ڪم ڪار جي سکيا ڪرائي وڃي. انهي سلسلي ۾ حڪومت پاران کنيل ابتدائي قدم ساراه جوڳا آهن. پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ جي دائريڪار ۽ ڪم کي وڌايو وڃي. نوجوانن کي انٽرپرينيوئرشپ کان آگاه ڪندي، ضرورت وقت سيڙپڪاريءَ ۾ به مدد ڪئي وڃي.
15. ٿر جي ماڻهن کي گهرجي ته اهي پنهنجي علائقي، وسيلن، ۽ مسئلن بابت ترت آگاهي رکن ۽ هراهڙي ڪم ۾ وڌي اچي حصو وٺن جيڪو سندن علائقي جي ترقيءَ بابت هجي.
16. ترقيءَ جي سموري عمل کي جٽادار بنائڻ لاءِ ان کي آئيني تحفظ ڏنو وڃي.