لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي پاران ٿر جي شخصيتن، ٿر جي جاگرافي، ٿر جي حالتن ۽ ٿر جي ماحول بابت علم، تحقيقي ۽ ادبي مضمونن جو لکيل مجموعو آھي.
نور احمد جنجهي صاحب جي ذات هڪ تاريخ آهي، جيئري جاڳندي تاريخ، جنهن ۾ ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ سمايل آهي. ھو ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا آھي. سندس شاعري ۽ نثر مان ٿر سان گڏ سموري سنڌ بلڪه ڪائنات جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو شاعر آهي، انسان جو شاعر آهي. نور احمد جنجهي هڪ گهڻ پڙهيو شخص آهي. نهايت نماڻو ءِ نهٺائي رکندڙ. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻولڻ وارو.علم ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار هوندي به سدائين خاموشي سان لطيف شناسي، رومي شناسي، تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ اياز شناسي تي ڪم ڪندڙ. سندن دل وڏي ۽ ظرف جو ٿانو موڪرو آهي.
Title Cover of book ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

پاڻي ناهي پنڌ گهڻو .....

پاڻي ناهي پنڌ گهڻو .....

ٿر ۾ جيتري تهذيبي گهڻاگهڻي آهي، امن آهي، سُک شانتي آهي . مهذب سماج آهي تتي ڪجهه مسئلا، ڪجهه مشڪلاتون ۽ ڪجهه للڪارون آهن جيڪي ٿر جي ترقيءَ جي راه ۾ رنڊڪ آهن. ٿرجي مسئلن کي ڏسجي ٿو ته ٿرمسئلن جو گهر رهيو آهي .ٿر ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون ۽ اهنج آهن .ٿرجي ماڻهن جي کي انيڪ للڪارون ڪر کنيو سامهون بيٺيون آهن. انهن سڀني شين تي الڳ الڳ ليکن ۾ بحث مباحثو ڪبو ته انهن مسئلن کي ڪيئن نبيري سگجهي ٿو.ڏکيائين ۽ اهنجن تي ڪيئن قابو پائي سگهجي ٿو.للڪارن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي تياري هئڻ گهرجي. انهن سڀني عنوانن تي ڌارڌارقلم کڻڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته موضوع ايترو ته وسيع ۽ ڳوڙهو آهي جو ان جي وچور ۾ وڃڻ کانسواءِ، ان بابت لکڻ اڪارٿ آهي. ٿر جي مسئلن ۾ غربت ته هونئن ئي وڏو مسئلو آهي پر ان کانسواءِ، خدمتن جي شعبي سان لاڳاپو رکندڙ ڪافي ڪم ڪارآهن جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. انهن مسئلن ۾ پاڻي جو مسئلو سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ پهرين ترجيح جهڙو مسئلو آهي. ٿر۽ پاڻي هڪٻئي کان وڇڙيل ٻئي اهڙيون ڌريون آهن جن کي ڪنهن اهڙو سراپ ڏنو آهي جو صديون اڳي جيئن ڌار ٿياآهن تيئن وري سولامليا ناهن. پاڻي ٿر لاءِ سڀڪجهه آهي ته ٿر به پاڻيءَ لاءِ تڙپي ۽ ترسي ٿو. هاڻي ته موسمي ڦيرگهير جا اهڙا ڦيراڦرياآهن جو يا ته ٿرکي پاڻي ججهو ملندو يا وري ٿر ويترويران ٿي ويندو. جن جي اندر ۾ اڃ هوندي آهي ، ڀٽائيءَ جي بقول پاڻي انهن لاءِ اُڃيو هوندو آهي پر شايد ٿر جي اندر ۾ اڃ ناهي جيئن ڪوئلي جي کوٽائي واراکڙڪ ڏين ٿا ته پاتار ۾ 3 ناروهن ٿا جن ۾ اٿاه پاڻي آهي. ٿرجي اندروجو اهو پاڻي متان ٿر ڏانهن ايندڙپاڻي کي روڪيندو هجي. تنهن ڪري اڃا ٿر تاساري تاڙي وانگر پاڻيءَ لاءَ تڙپي پيو.ٿرپنهنجي اُڃ اجهائڻ جي ضرورت کي جن ضرورتن سان پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تن ۾ برساتي پاڻي، کوهن جو پاڻي، ٽيوب کوه، آر او پلانٽ ۽ دريائي پاڻي جي پائيپ لائن آهي.انهي جي باوجود ٿر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو جيئن جو تيئن آهي .انهن سڀني ذريعن وسيلي لڀندڙپاڻي ضرورت کان گهٽ آهي. آرهڙ جي گرم موسم ۾ جڏهن پاتار جو پاڻي به هيٺ لهي ويندو آهي ته پاڻيءَ سان لاڳاپيل ڪيتريون بيماريون وبا جي صورت اُٻڙڪي پونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته انساني جانيون زيان ٿي وينديون آهن.
پلرپاڻي آڳاٽو وسيلو آهي جنهن سان پيئڻ جي پاڻيءَ توڙي مال کي پاڻي پيئارڻ جو پورائو ڪرڻ لاٰءِ مختلف بندوبست ڪيا ويندا هئا. شروع ۾ جيڪي ڳوٺ آباد ٿيا تن جي نالن ۾ لفظ ”سر“ پڇاڙيءَ طور ڪم آيو آهي جيئن ويساسر، ڀيماسر، راوت سر. لفظ سر جي معنى برسات جي پاڻيءَ جي گڏ ٿيڻ جو قدرتي هنڌ. چئوماسي جي مند ۾ جڏهن مينهن پوندو آهي ته ڳوٺن ۾ توڙي جهنگ ۾ برسات جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو.اها الڳ ڳالهه آهي ته ان کي محفوظ نٿو ڪيو وڃي ۽ اهو ضايع ٿي وڃي ٿو.ڳوٺن ۾ آباديءَ جو پاڻي وهي هيٺاهين وارن هنڌن تي بيهي ٿو يا وري مسجدن وغيره جا اڱڻ وسيع آهن ته اتي به پاڻي گڏ ٿئي ٿو جنهن کي ڳوٺاڻا ڀري پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا.اهو پاڻي پلر ۽ مٺو هوندو آهي پر هيٺ مٽي ۽ ٻيو ڪن ڪچرو گڏٿيڻ سان صاف پاڻي جي دائري مان خارج ٿي وڃي ٿو. پلرپاڻيءَ جا آباديءَ جي آسپاس يا ان کان ٻاهر جهنگ ۾ جيڪي گڏٿيڻ جا هنڌ آهن تن جا الڳ الڳ نالا آهن جيئن ڊهو، ٽوڀو، تلي يا ڏهري، ترائي وغيره. ڊهو ۽ ٽوڀو برساتي پاڻيءَ جي گڏ ٿيڻ جا مختصر ماڳ آهن جن ۾ پاڻي جو ٿورو مقدار گڏ ٿئي ٿو.ڊهي ۽ ٽوڀي مان گهڻو ڪري پيئڻ جي پاڻي جي ضرورت جو پورائو ڪبو آهي ياوري چوپائي مال جا ننڍا ڦروغيره پاڻي پيئن ٿا ڇاڪاڻ جو اهڙا ننڍڙا نياڻ گهرن جي ويجهو واري پٽ يعني اجهور ۾ هونداآهن. جهنگ ۾ به ٽوڀا ۽ ڊها ٿين ٿا پر تمام گهٽ. جهنگ ت ۾ ترايون آهن جن ۾ پاڻي ججهي مقدار ۾ گڏ ٿئي ٿو. ڪٿي ڪٿي اهو پاڻي چار چار مهينا به هلي ٿو. تراين جا نالا به رکيل آهن مثال طور، راڻاسر، پڙائي، ليٽاڙو، ڏنهين ، پڌريو، وغيره . ترائي اهڙو گڏيل نواڻ آهي جنهن جي آسائش جي اجهي ڪيترائي ڳوٺ هونداآهن ۽ ڳوٺاڻا ان جي صفائي سُٿرائي وغيره جو پاڻ خيال رکندا آهن ۽ تراين جي پاڻيءَ جو دارومدار انهن ۾ موجود چيڪي مٽيءَ جي تهه تي هوندو آهي پر جيڪڏهن ان جي غير ضروري هٿ چراند ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ ترائي خراب ٿي وڃي ٿي ۽ پاڻي نٿي جهلي. اهڙي هٿ چراند ڪڏهن ڳوٺاڻا مٽي ڪڍڻ لاءِ ڪندا آهن ته ڪڏهن وري روڊ رستا ٺاهڻ لاءِ بنا ڪنهن تور ماپ ۽ ليکي چوکي جي اهي ترايون ناس ڪيون وينديون آهن. روڊن جي آسپاس جون ترايون يا ته ختم ٿي ويون آهن يا وري ترايون نه رهيون آهن ۽ پاڻيءَ جو ڪو ڇڏو بنجي چڪيون آهن. ان ۾ اين جي او جي نالي ۾ هلندڙ پروجيڪٽن پويان چرين وانگر اڏامندڙ ادارن به وسان نه گهٽايو. انهن تراين جي مرمت جا پروجيڪٽ بنا ڪنهن فني يا سماجي صلاح مصلحت ٺاهي جن ٺيڪيدارن يا ڳوٺاڻن کي ڏنا تن ترائي کي مڙئي کوٽي خراب ڪري، ڪوڙا بل ڪڍائي کائي ڇڏيا. اهڙين سمورين مرمت ٿيل تراين جي هن وقت جيڪڏهن جاچ پڙتال ڪبي ته هرهنڌ ڀينگ نظرايندي. انهي سموري عمل سان ٿر جي زميني سطح کي وڏو هاڃو رسيو آهي. برساتي پاڻي به ميگهارت جي مهربان ٿيڻ تي آهي جي وٺو ته واه واه! نه ته سرسڃا لڳا پيا هوندا ۽ مارو اڃ جي ماري هيٺ اچي ويندا.
کوهن وسيلي زمين مان پاڻي ڪڍي پيئڻ ، گهريلو استعمال ۽ مال لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. سڀ کان وڌيڪ پاڻي هن ذريعي سان حاصل ڪيو وڃي ٿو. هن وسيلي سان پاڻي حاصل ڪرڻ جون پنهنجون رڪاوٽون ۽ حدون آهن جن جا بدلجندڙ دور سان ڪجهه حل به ڪڍيا ويا آهن پر اهي به جٽادار نه آهن. هڪ ته پاتار جو پاڻي گهڻو اونهو آهي. جيڪو پاڻي کوهن وسيلي ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو سو سيمي جو پاڻي آهي تنهنڪري ان جو مقدار گهٽ آهي. مٿان وري ٿر ۾ جر جي پاڻيءَ جا نار اڀياسبا ته اهي ڏکڻ اولهه ڪنڊ کان شروع ٿي اتر اوڀر ڪنڊ ڏانهن وڃن ٿا . ڏکڻ اولهه ۾ پاڻي زمين جي مٿاڇري کي ويجهو آهي ته اتراوڀر ۾ وري اهي نار تمام اونها آهن. ٿر جي وچ واري علائقي يعني ڪنٺي ۾ جر جي پاڻيءَ جي سطح وچٿري آهي. پارڪر ۾ جر جي پاڻيءَ جو دارومدار برساتي پاڻيءَ تي آهي ڇاڪاڻ جو اتي ڪارونجهرڇپر يعني ٽڪرين جي سلسلي مان جيڪو پاڻي ندين جي صورت ۾ وهي اچي ٿو ان جو وڏو مقدار رڻ ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪو پاڻي زمين ۾ جذب ٿئي ٿو اهو وري پاتاري پاڻيءَ کي چڪارڪري ٿو. جڏهن گهٽ برساتون پونديون آهن تڏهن پارڪر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي پوندي آهي. کوهن مان پاڻي ڪڍڻ جو جيڪو طور طريقو آهي تنهن سان پاڻيءَ ۾ گند ڪچرو ججهي مقدار ۾ شامل ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته کوه وارڻ واري رسي يا ورت سان سارڻ مان گڏهن جي لڏ ۽ رسي جي تاندورن سميت ڪيتريون ئي گنديون شيون اچي پاڻيءَ ۾ شامل ٿين ٿيون جيڪي مختلف بيمارين جو سبب بنجن ٿيون. انهي سان گڏوگڏ ، اڪثر ڳوٺن ۾ جر جو پاڻي ٻاڙو آهي يا کارو آهي. انهي پويان ڳوٺن تي نالا به پيا آهن جيئن؛ کارو حبيب، کاريو نرا، . ڪٿي ڪٿي اهو پاڻي ايترو کارو آهي جو گرمي جي مند ۾ جيڪي پکي اچي پيئن ٿا اهي به مري ٿا وڃن. ان کانسواءِ ٿر جي پاڻيءَ ۾ ٻيون معدني شيون جهڙوڪ فلورائيڊ، ۽ سنکيو وغيره به شامل آهن جن جي ڪري ڏندن جون بيماريون، پيٽ جون بيماريون، گردن ۽ مثاني جون بيماريون ۽ سنڌن جو سور جهڙيون بيماريون عام جام آهن. ڪجهه ڳوٺن ۾ جتي بجلي وغيره آهي اتي اونها هٿ پمپ يا پاڻيءَ ۾ اڌٻڏل پمپ (submersible pump ) جن کي عرف عام ۾ ”سمرپمپ“ چيو وڃي ٿو تنهن جا تجربا به ڪيا وياآهن پر اهي تمام ٿورن ڳوٺن ۾ آهن.
رورس آسموسس پاڻي کي ري لوڻ (desalinate)ڪري پياڪ بنائڻ جي حرفت آهي جنهن کي دنيا ۾ آخري اپاءَ طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ٿر ۾ به انهي حرفت جا محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ وڄوٽي ۽ مانٻائيءَ جي تڙ ۾ تجربا ٿيا. ان کانپوءَ ڪن غيرسرڪاري ادارن انهي حرفت تي هٿ پڪو ڪيو ۽ ڪجهه ڳوٺن ۾ اهڙاپلانٽ لڳايا . اهي سموراپلانٽ هن وقت هلندڙ ناهن. ماضيءَ جي حڪومتن به ڪن شهرن ۾ اهو تجربو ڪيو پراهو ڪو جٽادار ثابت نه ٿيو. تازو ٿر جي ڪافي ڳوٺن ۾ ۽ مٺي شهر ۾ به اهڙا پلانٽ لڳايا ويا. مٺي شهر واري پلانٽ جي ايشيا جي وڏي پلانٽ طور مشهوري ڪئي ويئي پر پوءِ ڌڻي به ان ڳالهه تان ڦري ويا ۽ انهن رٿائن ۾ مسئلا پيدا ٿيندا رهيا. ڪنهن بين الاقوامي اداري جي رپورٽ مطابق ٿر جي ڳوٺن ۾ لڳل اهڙن پلانٽن مان اڌواڌ مختلف سببن جي ڪري بند پيا آهن. ڪجهه ڳوٺن ۾ سازدا جي دور ۾ ٽيوب کوه لڳايا ويا ۽ پوءِ ان ۾ ضلعي حڪومت واڌارو ڪيو. ڪول اٿارٽي به اهڙيون رٿائون جوڙايون. ٽيوب کوهن وارين رٿائن مان اهي هلندڙ آهن جيڪي ڳوٺاڻن جي پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪن ٿيون ۽ جن ۾ ڳوٺاڻا دلچسپي وٺن ٿا يا جن رٿائن کي ضرورت وقت سرڪاري مدد ملي ٿي.
دريائي پاڻي وسيلي به ٿر۾ پاڻي جي شروعات چيلهه بند وٽان ڪڍيل پائيپ لائن وسيلي ڪئي ويئي. ٻي لائن نئين ڪوٽ کان مٺيءَ تائين شروع ٿي ۽ اڳتي ننگرپارڪر تائين ڪم هلندڙ آهي. اسلام ڪوٽ تائين پاڻي اچي ٿو. اهو پاڻي تمام ٿوري آباديءَ جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو. نئين ڪوٽ ۽ مٺيءَ جي وڄ وارن مهراڻي جي ڳوٺن کي به ان لائين جي ٽانڪن مان پاڻي ملي ٿوپر اهو پاڻي يا ته گڏهن جي جنڊي تي پيل ڪين جي صورت ۾ آهي يا وري سنهي سيپڪڙي ڪمزور جسم وارين ٿري عورتن جي مٿي تي ۽ ڪڇ ۾ کنيل دلن جي صورت ۾ آهي جيڪو بذات خود هڪ ڏکيو عمل آهي.

انهي سموري وچور ۾ ڪجهه ڳالهيون اهم آهن. جيڪي هن ريت آهن؛
• ”جديد “ سڏجندڙ دور ۾ پاڻيءَ جي اڄ به ٿر ۾ کوٽ آهي. ان جي پورائي لاءِ جيڪي رٿائون ۽ منصوبا ڪم آنداوياآهن اهي ٿر جي پاڻيءَ جي کوٽ کي پورو ڪري نه سگهيا آهن
• مقدار جي لحاظ کان پاڻي ته گهٽ آهي پر معيار جي لحاظ کان به ناقص آهي يعني ٻاڙو آهي، کارو آهي يا ميرو آهي يا معدنيات مليل آهي
• پاڻي ڪڍڻ، ڀرڻ ۽ سنڀالڻ جي ڪم ۾ عورت تي تمام وڌيڪ بارآهي جيڪو آبادي جي اڌ حصي کي بُريءَ طرح متاثر ڪري رهيو آهي. جيستائين عورت جي مٿي تان گهڙو نٿو لهي تيستائين ترقي جون سڀ دعوائون بي معنى آهن.
• پاڻيءَ جي ڪري ڪافي بيماريون ٿين ٿيون جن سان ٿرجي ماڻهن جو صحت بابت خرچ وڌي وڃي ٿو پر انهن جي عام تندرستي خطري هيٺ اچي وڃي ٿي. اهو عمل غربت جي دوزخ ۾ واڌارو ڪري ٿو
• پاڻي جي انتظامڪاريءَ تي ماڻهن جو جيڪو وقت سيڙجي ٿو اهو کين ٻئي ڪم ڪار کان روڪي ٿو . نتيجي ۾ سندن آمدني گهٽجي وڃي ٿي جيڪا به غربت ۾ واڌارو ڪري ٿي.

اهي ته چند ڳالهيون هيون پر اها فهرست ڊگهي آهي. پاڻي سان لاڳاپيل سمورين ڳالهين ۽ مسئلن کي نظر ۾ رکندي، سرڪاري ادارا، غيرسرڪاري ادارا راڄن جي ماڻهن ۽ فني ماهرن جي صلاح سان، پاڻيءَ بابت اهڙو جامع منصوبو جوڙين جيڪو ٿرمان پاڻي جي مشڪلاتن کي هميشه هميشه لاءَ ختم ڪري ڇڏي. ان سان صحت جا مسئلا به گهٽجي ويندا ته غربت گهٽجڻ جو ڪم به اڳتي وڌندو.اهو ڪم جيترو جٽادار بنيادن تي ڪيو ويندو اوتروئي وڌيڪ لاڀدائڪ ٿيندو ۽ ٿر ۾ خوشحالي ، سُک ۽ سرهائي آڻيندو.