لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي پاران ٿر جي شخصيتن، ٿر جي جاگرافي، ٿر جي حالتن ۽ ٿر جي ماحول بابت علم، تحقيقي ۽ ادبي مضمونن جو لکيل مجموعو آھي.
نور احمد جنجهي صاحب جي ذات هڪ تاريخ آهي، جيئري جاڳندي تاريخ، جنهن ۾ ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ سمايل آهي. ھو ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا آھي. سندس شاعري ۽ نثر مان ٿر سان گڏ سموري سنڌ بلڪه ڪائنات جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو شاعر آهي، انسان جو شاعر آهي. نور احمد جنجهي هڪ گهڻ پڙهيو شخص آهي. نهايت نماڻو ءِ نهٺائي رکندڙ. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻولڻ وارو.علم ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار هوندي به سدائين خاموشي سان لطيف شناسي، رومي شناسي، تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ اياز شناسي تي ڪم ڪندڙ. سندن دل وڏي ۽ ظرف جو ٿانو موڪرو آهي.
Title Cover of book ٿر کي ڀانيون ٿوڪ

ٿر ۾ هنرمندي ۽ ان ۾ ٿري عورت جو حصو

ٿر ۾ هنرمندي ۽ ان ۾ ٿري عورت جو حصو

فطرت ۾ هراها وٿ موجودآهي جيڪا انساني زندگيءَ کي بهتربنائڻ ۾ ڪو ڪردار نباهي سگهي، ڇاڪاڻ ته فطرت اهڙي ماءُ آهي جنهن وٽ سڀني لاءِ گنجائش آهي. انسان سان جيئن فطرت کي پيارآهي ۽ اها کيس جهڙيءَ ريت پالي ٿي، کارائي پياري ٿي اهڙي طرح جيڪڏهن انسان به فطرت سان موٽ ۾ پيارڪري ته ڪائنات جي توازن کي ڪوئي لهرلوڏو ناهي،پر انسان جڏهن ڪوڙي طاقت جي خمار ۾ ايندو آهي ته هو مُٺ کان مٿي لُڻڻ شروع ڪندو آهي. نتيجي ۾ فطرت کي ته هاڃو رسندو آهي پر سندس هٿ به رتورت ٿي وينداآهن . انهي رت ڇاڻ جا داغ نسل به لاهي نه سگهندا آهن. انساني سماجي اوسر مختلف اقتصادي سرشتن کي جنم ڏنو ،جن ۾ ڪي فطرت سان محبت ڪندڙ ۽ ان جو خيال رکندڙ نظام هئا ته ڪي وري فطرت لاءِ رت چوس سرشتا ثابت ٿيا جن جي ڪمائي جو ڪيتو هاڻي دنيا لوڙي رهي آهي ۽ ماڻهو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خطرن جي منهن ۾ ڌڪجندو وڃي پيو ۽ نه ڄاڻ ڪٿي وڃي دنگ ڪندو. منافعي جي هوا۾ اڏامندڙ ڦوڪڻي پويان وائڙن جيان ڊوڙائيندڙ، بازار جي بازاري اقتصاديات جو اهو سرشتو ماڻهوءَ کي بند گهٽيءَ ڏانهن چڪيندو پيو وڃي ۽ ماڻهو پنهنجي هٻڇ جي انڌ جي گهوڙي تي سوارانهي اونداهي مهاساگر۾ خوشي خوشي ڀڳو وڃي.
ننڍي کنڊ کي اقتصاديات جو پنهنجو سرشتو رهيوآهي جيڪو نه سوشلسٽ نظام جهڙو رهيو آهي نه وري سرمائيواد جي معاشي سرشتي جهڙو. ڇاڪاڻ ته ٻنهي جي جوهر ۾ جيڪا اقتصادي انتهاپسندي لڪ آهي انهي دنيا کي هرانتهاپسنديءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيوآهي. انهي جي ڀيٽ ۾ ننڍي کنڊ ۾ اهڙو اقتصادي تاڃي پيٽو رهيو آهي جيڪو فطرت جي نيمن پٽاندر هلندو رهيو آهي تنهنڪري ان کي فطرت دوست اقتصادي نظام چئي سگهجي ٿو. انهي نظام ۾ وسيلن جي ڦرلُٽ ناهي پر جيتري ضرورت هجي اوترو قدرتي وسيلن کي ڪتب آڻي انساني ضرورتون پوريون ڪيون وڃن. هتي مغربي استعماريت سرمائيواد کي هٿي ڏياري ، جنهن جي نتيجي ۾ هتان جو ڏيهي اقتصادي انفرااسٽرڪچربري طرح متاثر ٿيو ۽ اقتصادي هڻ هڻان ۾ پڻ واڌارو ٿيو. انهي فطرت دوست اقتصادي سرشتي جو هڪڙو ڪمپونينٽ هٿ جا هنر آهن. هٿ جا هنرتخليقيت، جماليات، محنت جي اهڙو پيارڀريو پورهيوآهن جن ۾ جتي انسان جي محنت شامل آهي ته اتي پنهنجي ثقافت کي محفوظ ڪرڻ جو به بندوبست ٿيل آهي. هٿ جو هنرعام ماڻهو ۽ سماج جي ڌڪيل طبقن جي مڃتا جي اظهارجو ذريعو آهي. هنرمندي جي انهي سفر تي جڏهن کاڻ ڪلن ڪوديتا ڪئي آهي ته اهو سمورو ڪم ڪارمتاثرآهي. ڪم ڪندڙ متاثرآهن. وڏي ڳالهه ته انهن طبقن ۽ علائقن جي ثقافت داءُ تي لڳل آهي. ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ عالمگيريت جي نالي ۾ ثقافتن کي تاراج ڪرڻ جي جيڪا مهم ويجهي ماضيءَ ”ڪلئش آف سولائيزيشنس“ جي نالي سان شروع ڪئي هئي سا هاڻي ”ڪرئش آن سولائيزيشنس“ جي ڪرت کي ڪاميابيءَ سان پنهنجي انجام طرف وٺي وڃي رهي آهي.
ٿربه هڪ اهڙوعلائقو آهي جتي فطرت دوستي ماڻهوءَ جي مزاج ۾ سمايل آهي . هنرمندي صدين کان هتان جي ماڻهن جي ڪرت رهي آهي. اهي هتان جي مقامي وسيلن کي پنهنجي ضرورت مطابق ڪتب آڻي اعلى قسم جون وٿون تيارڪندارهيا آهن جيڪي ولايتن ۾ به پنهنجي وياکيا ڪنديون رهيون آهن. هٿ جي هنرن جو اهو ڪم به هاڻي انهي اصلي روپ ۾ نه رهيو آهي ڪافي شيون يا ته ختم ٿي ويون آهن يا گهٽجي ويون آهن.ٿرهٿ جي هنرن جو اهڙو اپتدائڪ علائقو آهي جنهن جي ڪاريگرن جون تيارڪيل شيون خوبصورت ۽ سڪارج آهن جن سان هر ماڻهو ٿري توڙي غير ٿري پيارڪري ٿو. انهن شين جي ڊزائين، انهن شين جا ٻهڳڻ رنگ، انهن شين جي فطرتي ماحول سان مطابقت انهن شين کي هردلعزيز بنائي ٿي . پورهئي ۽ ڪاريگريءَ جي صورت ۾ ثقافت جو اهڙو جيئرو جاڳندو اظهار شايد ئي ڪٿي هُجي.
ٿر۾ جي هنرن ۾ ڀرت جو ڪم، ڪنڀارڪو ڪم، ڪاٺيءَ جو ڪم، لوهارڪو ڪم، سونارڪو ڪم، اڻڪري، رڱاوت، چمڙي جي مصنوعات، وغيره مشهور ڪم آهن .انهن هنرن گذريل سئوسالن ۾ ڪافي تبديلين کي منهن ڏنو آهي ۽ متاثر به ٿياآهن.
ڀرت جو ڪم ٿرجي هنرن ۾ سڀ کان مٿاهون ڪم آهي جيڪو فرصت جي وقت کي لاڀائتو ڪندي ڪيوويندو آهي.انهي هنر جي شروعات به روزمره جون يا ٻيون ڪي سماجي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪري شروعات ٿي هئي پرپوءَ هن هنر باقائدي اداري جي صورت اختيار ڪئي. ڀرت جي ڪم ۾ گج، ڪنجرو، ريٽو،چادر،وهاڻو، رومال، ميز پوش، برتن پوش ، جانورن جي سجاوٽ جا ننڍاننڍا وڙ، رلي، اهم شيون آهن. انهن ۾ گهر۾ عورتون فرصت جي وقت گڏجي ويهي ڪم ڪن ٿيون ۽ بهترين اسم ٺاهي وٺن ٿيون. رلي ۾ وري پراڻي ڪپڙي کي استعمال ڪرڻ جي گنجائش آهي جنهنڪري پراڻو ڪپڙو به ڪم اچي وڃي ٿو. گهرجون وڏيون عورتون ۽ جوان ڇوڪريون هي ڪم گڏجي ڪنديون آهن ۽ سيکارڻ جو سمورو عمل عملي صورت ۾ ٿئي ٿو. ڀرت سان تخليقي صلاحيت ايترو ته نکري ٿي جو ڊزائين ۾ جيڪا خوبصورتي چٽي وڃي ٿي ان جا رنگ روپ ۽ نقش نگارڏسي ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن.لکائي ، ڇڊڻ ۽ ڀرڻ جا مختلف مرحلا خيال جي ترتيب ۽ نظام تي به اثروجهن ٿا جنهن مان سوچڻ جي هاڪاري صلاحيت اسري ٿي جيڪا ڏکي وقت جي مختلف قسمن جي صورتحال کي منهن ڏيڻ سيکاري ٿي.ان کانسواءِ وقت جي ترتيب ۽ رٿابندي به ڀرت ڀرڻ جي ڪم جو حصو آهي. هي سمورو ڪم عورتون ڪن ٿيون. ڀرت جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا جهڙوڪ؛ ڪچو ڀرت، پڪو ڀرت، مقي جو ڀرت، هرمجي، کارڪ، وغيره. ميگهواڙ برادري هن ڪم ۾ سڀني کان اڳتي آهي. ٻين برادرين ۾ به هن هنرجي ڪرت ڪئي وڃي ٿي.
ڪنڀارڪو ڪم به هٿ جي هنرن ۾ اوائلي ڪم آهي جنهن انسان کي مٽيءَ جي تهذيب سان همڪنارڪيو. ٿر۾ ڀلوڙمٽيءَ جا ٿانوٺهن ٿا، جن ۾ دلا، مٽ، گگرون، ڪُنا، ماٽيون، طباخ، ڦيلهيون، ڇلون، پاٽ، وغيره شامل آهن. مٽيءَ جي ٿانون ٺهڻ جو مرحليوارڪم هڪ وڏو تخليقي ڪم آهي جنهن ۾ مٽي آڻڻ ، مٽي ڳوهڻ، ٿانوٺاهڻ، چڪ تي چاڙهڻ ۽ پچائڻ جهڙامرحلا آهن جن ۾ تمام وڏي ڏاهپ گهربل آهي. مرد ماڻهو اهي سموراڪم ڪار ڪنداآهن پرعورتون سندن ٻانهن ٻيلي هونديون آهن، خاص طور تي تخليقي ڪم ۾، جيئن ٿانون کي ڊزائين ڪرڻ ۽ انهن تي مختلف چٽ چٽڻ ۾. انهن چٽن ۾ ڪيئي سهڻا نمونا آهن جيڪي اناني تخليقي سفر جو اُهڃاڻ آهن. انسان صورتگريءَ جي سفر ۾ ڪٿان کان ڪيستائين پهتو آهي. اها تصويري آکاڻي انهن ڪورن ڪونڀن تي لکڻ مهل ڪنڀارعورتون وڏي چترائيءَ کان ڪم وٺن ٿيون. مٽي جي ٿانون جو واهپو به گهٽجندوپيو وڃي ۽ نتيجي ۾ هي هنر به پوين پيرن آهي ۽ ڪاريگربه ڏکيائين جي منهن ۾ آهن. ڪنڀاربرادري هن هنرجي رکوال آهي.
ڪاٺيءَ جو ڪم به انتهائي خوبصورت ڪم آهي. هن ڪم ۾ گهريلو سامان جون مختلف شيون تيارڪيون وڃن ٿيون جيئن کٽون، دردريون، هندورا، هنا، پاکڙا، پيتيون وغيره. ڪاٺيءَ جي ڪم ۾ جنڊيءَ جو ڪم ۽ پانيل جو ڪم انتهائي باريڪ ۽ نازڪ نفيس ڪم آهن. هي ڪم به بازار ۾ مشيني ڪم اچڻ سان ڪافي متاثرٿيو آهي. ان هوندي به ٿر۾ ڪاٺي جي ڪم جا بين الاقوامي سطح جا ڪاريگرآهن جن جي هنرمندي ۽ تخليقي صلاحيتن جو هرڪو معترف آهي. سوٽهڙبرادري هن ڪم ۾ سڀني کان اڳتي آهي. ان کان سواءِ ميگهواڙ ڪاٺ جو ڪم ڪن ٿا. عورتن جي هن ڪم ۾ ڪا خاص سرگرمي نه هوندي آهي.
لوهارڪو ڪم، زراعتي مالوندي سماج سان لاڳاپيل ڪم آهي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٿر ۾ موجود آهي. گهريلو شيون، پوک سان لاڳاپيل شيون، چوپائي مال سان لاڳاپيل شيون لوهارتيارڪن ٿا. هي ڪم به انتهائي محنت واروڪم آهي ۽ لوهارن جي هن پورهئي جي ڪري صحت بهتررهي ٿي. هن ڪم ۾ عورت سرگرميءَ سان حصو وٺي ٿي ۽ اهو به محنت واري ڏکي ڪم ۾. جڏهن لوه کي شڪل ڏيڻي هوندي آهي ته ايرڻ تي رکيل تتل لوه کي لوهار کي سامهون هٿوڙو هڻائيندڙ سندس عورت ئي هوندي آهي، جيستائين گهر ۾ ڪو مرد ڀاتي وڏو ٿئي. هي هنر به بازارجي شين جي واهپي جي ڪري ڪافي حد تائين گهٽجي ويو آهي. هي ڪم لوهاربرادري ڪري ٿي جڏهن ته ٿوراننڍاڪم ميگهواڙ برادريءَ جا ڪاريگرڪن ٿا.
سونارڪو ڪم، اڪثرڪري سوناراڪن. سون ۽ چانديءَ جو ڪم انسان کي وڌيڪ سينگارڻ ۽ خوبصورت بنائڻ جو ڪم آهي. ڳهه ڳٽن جا مختلف وڙ ۽ نمونا ثقافت جو سڃاڻپي روپ ظاهر ڪن ٿا جن وسيلي مختلف ذاتيون ۽ قبيلا پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ برقراررکيو اچن.انهي لحاظ کان هي ڪم به انتهائي ڏاهپ ۽ ڪاريگريءَ وارو ڪم آهي. هن ڪم کي رڳو مرد ئي ڪن ٿا. سونارابرادريءَ کانسواءِ ميگهواڙ برادريءَ جا ڪجهه فرد به سونارڪو ڪم ڪن ٿا.
اڻڪري، به هتان جو مکيه هٿ جو هنر رهيو آهي جنهن وسيلي ڪنهن وقت ڪپڙو به اڻو ويندو هو. هاڻي کٿا، لويون ، نوارون، وڇائڻ جا ٽانڪڙ، زرعي اپت کڻڻ جا جالنگ، اناج جون کاهيون تيارڪيون وڃن ٿيون. ماضيءَ ۾ هي ڪم رڍن جي ان مان ڪيو ويندو هو جنهن ۾ ڪاري ان مان ٺهندڙ کٿا۽ لويون مشهور ۽ قيمتي هونداهئا. هاڻي پشم ۽ ٻيو ڌاڳو بازار۾ به ملي ٿو جنهن مان کٿيون ٺاهيون وڃن ٿيون. جالنگ ، کاهيون، جيرويون ٺاهڻ جو رواج ئي ختم ٿي ويو آهي. هن ڪم ۾ ان ڪتڻ جو سمورو ڪم عورتون ڪنديون هيون .ان کان پوءَ ان کي تاڃي ڪڍڻ ۾ به مردن جي مدد عورتون ڪنديون هيون. هن ۾ به بهترين قسم جي ڊزائين ۽ چٽ وغيره عورت جي اعلى تخليقي صلاحيتن جي گواهي ڏين ٿا.. هي ڪم به ميگهواڙ برادريءَ جا ماڻهو ڪن ٿا.
رڱاوت جو ڪم کٽي ڪن ٿا ۽ رڱيل ڪپڙن جا خوبصورت وڙ ٺاهين ٿا جن کي هرڪو شوق سان پائي ٿو. ٻانڌڻي جو ڪم، چادرن جي رڱاوت، چنري، اهڙاڪم آهن جيڪي تمام گهڻو مقبول رهيا آهن. هن ڪم ۾ ته ٽي حصا ڪم جا عورت ڪري ٿي ۽ چوٿون حصو مرد ڪاريگر ڪم ڪري ٿو. ٿرجو رڱاوت جو ڪم ملڪان ملڪ مشهور رهيو آهي ۽ هن وقت به مارڪيٽ ۾ رڱاوت جا وڙ ڪافي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائين ٿا. ڪپڙي تي ڊزائين ۽ مختلف چٽ بيهارڻ جي ڪاريگري هن هنرجو خاصو آهي. بازار۾ ٺهندڙ شين هن ڪم کي گهٽايو آهي پر اڃا به هي ڪم مضبوط شڪل ۾ موجود آهي. جيتوڻيڪ مارڪيٽ سان لاڳاپيل مسئلا هن هنرکي به درپيش آهن.
چمڙي جي مصنوعات ۾ سجاوٽ جا وڙ، جتيون، ساجام ۽ ڪجهه روزمره جي واهپي جون شيون اچي وڃن ٿيون. هي ڪم به ميگهواڙبرادري جا ڪاريگر ڪن ٿا. ٿر۾ چمڙي جي جتي ۽ پاڻي کڻڻ جي سانداري ٻه اهڙيون شيون آهن جيڪي ٿري زندگيءَ جو حصو رهيون آهن ڇاڪاڻ ته اهي ٿري ماحول سان ٺهنڪندڙ آهي. هن گرم علائقي ۾ جنهن به چمڙيءَ جي جتي پاتي هوندي اهو ٻي جتي نه پائيندو ۽ جنهن به سانداريءَ جو پاڻي سفر ۾ پيتو هوندو ان کي رٻڙ جي بوتلن وارو پاڻي مزو نه ڏيندو، پر مهانگائي ۽ ٻين سببن جي ڪري هي هنر به گهٽجي ويو آهي. هن هنرسان لاڳاپيل ماڻهن سان جيڪا سماجي بيواجبي روارکي ويئي ان جي ڪري به ڪاريگربددل ٿيو ۽ اهو ڪم آهستي آهستي گهٽجندو ويو .بازارجي شين به هن ڪم کي متاثرڪيو آهي. هن ڪم جا ڪاريگر صرف مرد آهن
انهي کانسواءِ ٻيا به ڪجهه ننڍاننڍا هٿ جا هنر هوندا هئا جيڪي هاڻي بلڪل ختم ٿي وياآهن. هٿ جي هنرن کي ڪلن جي ڪم ڪارنقصان رسايو آهي ۽ هٿ جي هنرن سان مارڪيٽ جو ماٽيليءَ ماءُ واروسلوڪ آهي. مڊل مين ان کان به وڌيڪ استحصال ڪري ٿو.
هٿ جي هنرن جي سموري تخليق اوک ڊوک عورتن جي ڪري آهي. خوبصورت چٽ، نمونا ۽ شين جو حسن عورتن جي هٿ ونڊائڻ جو نتيجو آهي. عورتون جتي هٿ جي هنرن جي تخليقي پاسي کي ڏسن ٿيون ته اتي گهر جي آمدنيءَ ۾ ڪرداراداڪن ٿيون. ڀرت جو سمورو ڪم عورتون ڪن ٿيون جنهن مان نه رڳو روزمره جي واهپي جا استعمال جا وڙ تيارٿين ٿا پرڇوڪرين جو ڏاج به ڀرت مان تيارڪيو ويندو آهي. ان کانسواءِ اضافي تيارڪيل شين کي مارڪيٽ ۾ کپائي گهرهلايوويندو آهي. ٿري عورت هنرمند عورت آهي جنهن پنهنجي صلاحيت سان نه رڳو ڀلوڙ هنري وڙ تيارڪيا آهن ، گهرو آمدنيءَ ۾ واڌارو ڪيو آهي پران کان وڌو ڪم اهو ڪيو آهي جو پنهنجي نج نبارثقافت کي زنده رکيو آهي . هنرمند ٿري عورت شاهوڪارٿري ثقافت جي امين ۽ رکوال آهي.
ڏٿ نه کُٽي ڏوٿيين..............!!!
سنڌ جي فڪر، علم، ڏاهپ، فلسفي، ثقافت جي سرواڻ ۽ شاعرن جي سرتاج شاه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري اهڙي وٿ آهي جنهن جا املهه اتوريا آهن. سندس رسالو واقعي پيغام آهي يا سندس ئي ٻولن ۾ ؛
جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
انهي ساڳي ڳالهه کي ڳنڍيندي، مڱريئي عبدالرحيم گرهوڙي پڻ هن ريت موتين اڇل ڪئي آهي؛
آهي عبداللطيف تي رضامندو رحمان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحي ڪيو.
شاه عبدالطيف پنهنجي رچيل سر کاهوڙيءَ ۾ ڏٿ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جا ڳولائو ڏوٿي آهن. انهي سرود ۾ پنڌ جا جيڪي رند ۽ راهون سمجهايا ويا آهن تن جو وستار ڳوڙهو آهي. کاهوڙين جي مستقل مزاجي، ڏٿ جي ڏورانهن ماڳن مڪانن ۽ انهن تائين پهچڻ جي ڏاکڙن ، ڏولائن، ڏوجهرن جي جيڪا منظر ڪشي ڪئي ويئي آهي ان جو مثال ٻئي ڪنهن هنڌ مشڪل ملي ٿو.هتي هڪ بيت مثال طور پيش ڪندي ڳالهه کي اڳتي وڌايون ٿا ته؛
ڏٿ نه کُٽي ڏوٿيين، جيڪي ڏٿ ڪرين،
ا هڃاڻيون علم جون، اوريائين آڻين،
تهان پري ڏسين، پريان سندي ڳالهڙي.
هن وقت ٿر۾ پئدا ٿيل ڏڪار واري صورتحال جو چئو ٻول آهي، هرهڪ چئنل تي ويٺل هرفن مولا ميزبان ٿرڏڪارٿرڏڪار جي لات لنئي رهيا آهن ته ڪي وري اهڙي صورتحال ۾ پئدا ٿيل کاڌ خوراڪ جي کوٽ تي ڊگها بحث ڪري رهياآهن. امداد جون ڳالهيون به ٿيون . واهر ٿي پر تمام ٿوري پئماني تي. هاڻي وري بحالي بابت حال احوال ڪندي ٿر ۾ مستقل طور انهي ماحول ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جا سانباه ڪيا وڃن پيا. امداد جو به گهڻو تڻو محور شهري آباديون رهن ٿيون چوته اتي مختلف ميڊيا چئنلس جون ٽئنڪن وانگر هر وقت هڪيون بيٺل گاڏيون گردش ۾ اچي ٿيون وڃن ۽ جيڪا ڌر امدادي سامان ورهائي ٿي اها پنهنجي خبر ڇپرائي باقي ذميواري۽ کان آجي ٿي وڃي . اهڙي طرح گاڏو ڌڪجي رهيو آهي ماڻهن وٽ به اهڙي ڪا مضبوط سماجي جوڙجڪ يا ڍانڇو ناهي جنهن وسيلي اهي هن سموري عمل مان ڪو مناسب لاڀ پرائي سگهن. تنهنڪري ٿرين جي غريبي ڏور ٿئي نه ٿئي باقي ٻين گهڻن جي غريبي ڏور ٿي ويندي. اڄ کان 50 سال اڳ جي غربت ۽ موجوده غربت ۾ فرق آهي. اڳي اناج جي ايتري شديد اڻاٺ هوندي هئي جو ڪاري ڏڪار دوران ماڻهو وڻن مان ملندڙ اپت واپرائي وقت ڪاٽيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته مسڪين مارن کي وڻن جا ڇوڏا کائڻا پوندا هئا. هن وقت ڪوبه وڻن جا ڇوڏا نٿو کائي. ان وقت ٿيندڙ کاڌي جي کوٽ دوران ماڻهو ان جو واپراج ڪاپي سان ڪندا هئا ۽ باقي سندن گذران ڏٿ تي هوندو هو. اچو ته ڏسون ڏٿ ڇا آهي؟ ڏٿ جهر جهنگ جي وڻن مان ملندڙ اهڙي اپت آهي جنهنکي هڪ رڇ خور ڪچو به کائي سگهجي ٿو ته ٻاڦي يا رڌي کائي سگهجي ٿو يا سڪائي کائي سگهجي ٿو. ڏٿ اهڙي قدرتي وٿ آهي جيڪا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود هوندي آهي پوءِ ڪهڙو به ڪارو ڏڪار ڇو نه پوي. ڏٿ ڳولهڻ لاءِ جهر جهنگ رلڻو پوي ٿو ۽ ڏونگر ڏورڻا پون ٿا. کاڌي جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ هيءُ مقامي اُپاءُ آهي جيڪو هٿ هيٺ وسيلن کي ڪتب آڻيندي ٻڙي لاڳت سان عمل ۾ آندو ويندو آهي.ايئن ڏٿ ڏورڻ جي انهي وارتا کي ڀٽائي هن طرح بيان ڪيو آهي؛
پارئان پُڇي آءُ، خبر کاهوڙين جي،
ڏوٿين ڏونگرئان، ڪنهن پرڏورئو ڏٿ کي.
ايئن ڏاکڙن سان ڏوريل ڏٿ جي غذائي ڪٿ تمام ملهائتي آهي. ڏٿ ۾ وٽامن، پروٽين، فائبرسميت اهي سموريون شيون آهن جيڪي پيٽ جي دوزخ کي ترت ڀرڻ لاءِ ڪافي آهن. ڏٿ جي ٻي وڏي خاصيت اها آهي جو اهو اڪيلي رڇ طور واپرائي سگهجي ٿو. پاڻ کاڌو آهي ته پاڻ ئي اولڻ آهي.اچو ته ڏسون ڏٿ ڪهڙين وٿن جو اجتماعي نالو آهي. ڏٿ ۾ پاڙون، ميوا، ڦل ۽ پن شامل آهن، جن کي مجموعي طور ڏٿ چئبو آهي.
پاڙدار ڏٿ ۾ پپون ۽ ڪونڊيرشامل آهن. اهي مرٽن ۽ سيڻن جي پاڙن ۾ ٿيندا آهن. پپون سائي رڱ جو پاڙون آهن جيڪي پهرين برسات پوڻ سان مورجي اچن ٿيون. پپن کي ڪچو به کاڌو ويندو آهي ته سلاد طور به.. ڪونڊير به مرٽن ۽ سيڻن جي پاڙن ۾ ٿيندڙ اهڙا پاڙونڊا آهن جيڪي ننڍڙا پٽاٽا لڳندا آهن. انهن کي به ڪڇو استعمال ڪيو ويندو آهي. پنن واري ڏٿ ۾ مريڙو، ٻگرو ۽ سالارو مشهور آهن جن کي ساڳ طور پچائي کاڌو ويندوآهي. آڙهڙ جي ڏينهن ۾ جڏهن لڪون لڳنديون آهن ۽ لڪ تپندا آهن، زمين شعلا پيئي اوڳاڇيندي آهي تڏهن به ٿر۾ ڪجهه وڻ آهن جيڪي ڏٿ جي فطرتي دولت سان جنجهه ٿي پونداآهن ۽ مارو ماڻهو ان مان سڱر، گل ۽ ميوا پٽي پاڻ به قوتاهو ڪندا آهن ته ڌڻ ڀٽاري کي به کارائيندا آهن ۽ مال نه رڳو متارو ٿي مچي پوندو آهي پر کير مان به وهي اٿي هلندو آهي. ڪنڊي جنهن جو نباتاتي نالو () آهي. تنهن ۾ ٻور ڇڻڻ کان جلد ئي سڱر لڳندو آهي ۽ ڪچيون سڱريون جن کي ٽويا چونداآهن تن جي ڀاڄي تمام گهڻي سوادي ۽ سوساڏي ٿيندي آهي. ٽويا پچي سڱر ٿينداآهن ته به ماڻهو ۽ مال ٻئي شوق سان کائيندا آهن ۽ سگهڙ عورتون سڱر کي ٻاڦي پوءِ سڪائي رکنديون آهن جيئن ڪمندائتا ڪم اچن. سڱر پچي کوکا ٿيندو آهي جيڪي ٻار شوق سان کائيندا آهن . اهڙي طرح ساڳي موسم ۾ ڪرڙ جي وڻ ۾ ڦل ٿيندا آهن تن کي پُسي چئبو آهي. انهي کي به رڌي کاڌو ويندو آهي جنهن جي سٺي غذائي ڪٿ آهي. پُسيءَ مان ڏونرا نڪري نروار ٿيندا آهن جيڪي پچائي يا ٻاڦي کائڻ سان گڏو گڏ سنڌيا ويندا آهن يعني انهن جو سانڌاڻو تيار ڪيو ويندو آهي. ڏونرا پچي پڪن ۾ تبديل ٿيندا آهن جن کي ٻار ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن ته پٺاڻ ۽ پڪن وارو ٽوٽڪو به ٿر ۾ مشهور آهي. ڄار هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن جي ٿرجي ڌرتيءَ سان ڄائي ڄم کان نسبت آهي ٿر ۾ مٺي ڄار ٿئي ٿي باقي ڪس واري علائقي ۾ ڪٿي ڪٿي کارا کٻڙ پڻ ڏيک ڏين ٿا. ٻور ڇڻڻ سان ڄار ۾ ڪڪڙ لڳن ٿا جيڪي ٿورو وڏا ٿين ٿا ۽ منجهن پاڻي پوي ٿو ته انهن کي ماڇڪ چيو ويندو آهي. ماڇڪ وڏا ٿي پيرونءَ ۾ تبديل ٿين ٿا ۽ انهن پيرن جا رنگن مطابق مختلف نالا ٿين ٿا جهڙوڪ؛ رتيا (ڳاڙها پيرون) سيڙهيا (پيلا ۽ اڇاڻ مائل پيرون) کهنبا (کهنبي رڱ وارا). پيرون پچڻ دوران وڏي تفريح وارو ماحول هوندو آهي ڇاڪاڻ ته اهڙن ڏکين ڏينهن ۾ واحد رسدار ميوو وڻن ۾ ٿئي ٿو. ڪنواريون گهر جي وڏين عورتن سان گڏجي پيرون چونڊڻ وينديون آهن ۽ ان دوران جيڪي ڳيت ڳائينديون آهن تن کي ڏورڪي سڏيو ويندو آهي، جيڪي انهن هڪجيڏين ۽ سرتين لاءِ ڳايون وينديون آهن جيڪي کانئن ڏور هونديون آهن. اهي ڏورڪيون ايتريون درديليون هونديون آهن جن کي سڻي من ميڻ ٿي پوندو آهي. پيرون مال کي به کاڌي طور ڏنا ويندا آهن. پيرن مان ڳڙ ٺاهيو ويندو آهي جيڪو انتهائي لذيذ ٿئي ٿو . پيرن کي سڪائي ڪوڪڙٺاهي محفوظ ڪري رکيو ويندو آهي جيئن ڪمندائتو کائي سگهجي. ائين ساڏوهين جي ڏنگن ڏارن ۾ ٿيندڙ هي املهه ڏٿ به مارن لاءِ وڏي وٿ رهيو آهي.
گاهن ۾ به ڪافي اهڙا گاهه آهن جيڪي جتي مال جو چارو آهن ته ماضيءَ ۾ ڏٿ جي شڪل ۾ انسانن به ان کي کاڌي طور واپرايو آهي. ڀُرٽ، مُرٽ، ٻَرُو، سائون اهڙن گاهن ۾ اهم آهن. انهن جي سنهڙن سنگن مان سنهڙن داڻن کي وڏي محنت سان ڪڍي پوءِ ان کي پيهي ان جي اٽي جي ماني پچائي کائڻ وڏو محنت طلب ڪم آهي پر انهي جو سواد ۽ غذائي ملهه اپر آهي.
ان کان سواءِ وسڪاري جي مند ۾ ٿيندڙگوار، ڇانهان، چڀڙ، گدريون ڪٽي سنهيون سنهيون ڦارون ڪري سڪايا ويندا آهن جن کي ڪاچريون سڏيو ويندو آهي. اهڙي طرح محفوظ ٿيل ڪاچريون به ڪمندائتيون کائي سگهجن ٿيون ۽ ڪنهن سڙيل ٽماٽي يا گٽر جي پاڻي ۽ هٿراڌو ڀاڻ تي ٿيندڙٻين ساين ڀاڄين کان سئو ڀيرا سُٺيون آهن. ڦوڳن جي ڦوڳيسي به رڌي کائڻ ۾ سوادي ٿئي ٿي . اها الڳ ڳالهه آهي ته ڦوڳ يا ته اُڌڙي ختم ٿي ويو آهي يا باقي ورلي ڪٿي ڪو وڃي بچيو آهي. ڪنهن وقت ته ٽوهن کي زمين ۾ ٻوري ڪريون مٺيون ڪري ان جي اٽي مان ماني پچائي ويندي هئي، جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ هئي.
انهي ڏٿ سان گڏوگڏ ٿري ماڻهو ڪونڀٽن جو کونئر پڻ رڌي کائيندا هئا جنهن مان سندن جسم کي سگهه ملندي هئي ته جسم جي سورکان به اهي بچيل رهندا هئا.
ڏٿ ڏورڻ ڏکيو آهي پر هن دور ۾ جڏهن دنيا مارڪيٽ اڪناميءَ جي ڪاڪ محل ۾ ڦاسڻ کان پوءِ وري به فطرت ڏانهن مائل آهي ته هنن املهه وٿن يعني ڏٿن جي اهميت وڌي ٿي وڃي. دنيا ۾ ڀاڻ کانسواءِ اپايل ڀاڄيون مهانگي اگهه تي خريد ڪيون وڃن ٿيو ن ته پوءِ اسان کي هن قدرتي دولت کان ڪو سيڪو يا عار نه ڪرڻ گهرجي. هن وقت ٿر ۾ جيئن کاڌي جي کوٽ ۽ ٻارن جا موت موجوده صورتحال جا مهري ٿيا آهن ۽ ٿر جهڙي نڪور ڌرتيءَ تي جيڪا چرپر ٿي رهي آهي سا ان کي وڏي مارڪيٽ ۾ تبديل ڪرڻ ڏانهن وٺي پيئي وڃي. بازاري معيشيت جي انهي دوزخ ۾ ٿرجي صورت هونئن ئي تبديل ٿيڻي آهي. ٿي سگهيٿو ٿر ٻيهر اهڙو خوشحال ٿي پوي جهڙو اهو 2000 ورهيه اڳي هو ، جنهن ۾ پاري نگر کان وٺي راهومڪي بازار تائين وسنڊڙ سامونڊي ڪنارو هو جنهن ۾ ڪجلاسر جهڙا ترڻ تلاءَ هوندا هئا جن ۾ بنا ڪنهن جهل پل جي هرڪو وهنجندو هو. ان وقت ۾ شايد يورپ ۾ به ايڏي چرپر نه هوندي هئي. ڏٿ جي تڏهن به اهميت هئي ته اڄ به ڏٿ وڏي وٿ آهي. اسان کي پنهنجي ڌرتي ۽ ان تي موجود قدرتي دولتن جي ڌڻيپ ڪرڻ جو سوچڻو آهي، ڀريءَ بازار ۾ ڏٿن ، ڏونرن کي استعمال ۾ آڻيندي نه رڳو انهن کي بچائڻو آهي پر پنهنجي ڏيا، ڏات ۽ ڪاريگري۽ کي ڪم آڻيندي دنيا جي تيز هلندڙ چرخي سان قدم ۾ قدم ملائي هلڻو آهي. اهڙي اڙانگي سفر ۾ اسانکي لطيف سائين جو کاهوڙين جي صورت ۾ڏٿ لاءِ ڏوريل ڏاکڙو ياد رکڻو پوندو.

جيڪو ڏٿ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو،
ڇپرڪين ڏي، سوکڙيون سُتن کي.