سائو ٿر.....ڍائو ٿر
سنڌ جي وڏي وزير جو قسم کڻڻ کانپوءِ سيد مرادعلي شاه جيڪو پهريون پاليسي اظهارڪيو تنهن ۾ هن سنڌ کي محفوط بنائڻ، ڪراچيءَ کي صاف سُٿرو بنائڻ ۽ ٿرکي سرسبز بنائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ٽيئي ڳالهيون انتهائي ڳريون ۽ مشڪل آهن پر انهي مان وزيراعلى صاحب جو ويزن ظاهر ٿئي ٿو ته هو ڪي خواب کڻي آيو آهي. اهي خواب ڀلا هجڻ جي باوجود موجوده سياسي ڍانچي ۾ رهندي، تعبير تائين پهچائن ڪيترو ڏکياآهن ان جو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڻ هن ڳالهه ٻولهه ۾ ”سائي ٿر“ جي ڳالهه ڪنداسين ته ٿر ڪيئن سائو ٿيندو؟
سائي ٿرجو حال احوال ڪرڻ کان اڳ اچو ته ٿرجو ذڪر ڪريون جيڪو ڀٽائي جي لفظن ۾ ڍاٽيئڙن جو ڍڪ آهي ۽ پلرجي پالوٽ ٿيندي آهي ته گس پنڌ، جهرجهنگ گاهن جي گلزاريءَ سان سجائجي ويندو آهي. ستن تعلقن ...مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو، ننگرپارڪر،اسلام ڪوٽ، ڏاهلي، ۽ ڪلوئي .... ۾ انتظامي طور ورهايل، اٽڪل 20 هزارچورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل هي علائقو هڪڙو نرالو علائقو آهي جنهن جي جاگرافي نياري آهي جنهن جو ڀون مٿاڇرو به منفرد آهي، جنهن جي ريتيلي زمين اندرپاڻي مختلف اونهائين تائين آهي. نئين ڪوٽ جي ميرن جي اڏايل گڍ وٽان بيهي جيڪڏهن ٿرجو تصورڪجي ٿو ته هي ڀاڱو قدرت جي موتين سان مالامال سپ نظراچي ٿو جنهن جي پياس پلر سان اجهامي ٿي. ٿرجا مختلف ڀاڱا آهن.مختلف ليکڪن انهن ڀاڱن جي ڳڻپ الڳ الڳ ٻُڌائي آهي ڇاڪاڻ ته سڀني جي لکڻ جو بنياد زباني تاريخي ورثي تي آهي. هلي گهمي جيڪڏهن سڄو علائقو پيرن مان ڪڍبو ته پتو پوندو ڪيتراڀاڱا آهن يا پاڻيءَ جا وهڪراڪٿان ڪٿان ڪيئن رهيا آهن، يا جر جو پاڻي ڪٿي اونهو آهي ، ڪٿي زمين جي سطح جي ويجهو آهي. ٿرجي ڀون مٿاڇري کي ڏسبو ته اهو هن ريت طبعي طورورڇيل نظرايندو. بئراج سان لڳندڙ پٽيءَ کي ”ڪَسُ“ چونداآهن . ڪس سان لڳولڳ وري ”مهراڻو“ شروع ٿئي ٿو. ڪس اڳتي وڃي ”ونگي“ سان ملي ٿو جيڪو ڪنهن وقت جو دريائي پتڻ رهيوآهي . ”مهراڻو“ ٻن لفظن جو ميلاپ آهي. ”مهر“ معنى اڳ ۽ ”آڻو“ معنى ايندڙ يعني بئراجي خطي کان اڳ ايندڙ. ڪن ليکڪن انهي لفظ جي وابستگي مهراڻ نديءَ سان ڄاڻائي آهي جيڪو درست نٿو لڳي. مهراڻي جي اوڀر۾ ”ڪنٺو“ شروع ٿئي ٿو ته ڏکڻ ۾ ”سامروٽي“ جو علائقو. ”ڪنٺي“ جي اوڀر۾ ”ڍاٽ “آهي ته ڏکڻ ۾ ”پائر“ جو پٽ ۽ ”پارڪر“ جو مٽيهاڻو علائقو. ڍاٽ جي اتر۾ ”کائڙ“جو علائقو آهي . سامروٽي ڏکڻ اولهه ڪنڊ ۾ رڻ سان لڳندڙ پٽي کي ”وٽ“ چوندا آهن.
ٿر۾ جر جي پاڻيءَ جا نار ڏکڻ ۾ زمين جي مٿاڇري کي ويجها آهن جيئن اهي اتراوڀر ۾ وڌن ٿا ته اونها ٿيندا وڃن ٿا. ڪس ۾ به مالدارماڻهن جي رهائش آهي ڇاڪاڻ ته اهي ٻنهي طرفن مال سانگي سولائيءَ سان اچن وڃن ٿا. مهراڻي جي زمين انتهائي زرخيز آهي پر پاڻي اونهو آهي ۽ کارو آهي. ڪنٺو ٿرجو مرڪزي علائقو آهي جتي پاڻي جي اونهائي وچٿري آهي ته مٺو پاڻي به دستياب آهي. پارڪر۾ به پاڻي دستياب آهي ٿر۾ جر جي سطح جي خبراتان جي مٿاڇري تي بيٺل وڻڪار ۽ اوڀڙ مان پوي ٿي. جتي پاڻي آهي اتي وڻ ٽڻ به نظراچن ٿا ته گاه ٻوٽا پڻ. ٻي صورت ۾ سڪل بُٺ دڙانظراچن ٿا.ٿرجي ريج ۽ سيراب ٿيڻ جو سمورو سرشتو برسات تي آهي تنهنڪري ”وٺو ته ٿرنه ته بر“ جي چوڻي هرهنڌ ٻُڌڻ لاءِ ملي ٿي. چئوماسي دوران جيڪڏهن مينهن نٿو وسي ته ڏڪارو گُرڙپکي لاماراڏيڻ لڳي ٿو ۽ ٿرجي ڪُل ڪائنات داءُ تي لڳي وڃي ٿي. ٿرجي اهڙي مجموعي ماجراپيش ڪرڻ جو سبب هو ته سرسبز ٿرجو بنياد ڪيئن رکجي ۽ ٿرجي ساوڪ جي سار سنڀال ڪيئن ڪجي. ان لاءِ پس منظرڄاڻڻ ضروري آهي.
ٿر۾ جيڪي وڻ ٽڻ ٿين ٿا تن ۾ ڪنڊي، ڄار، روهيڙو، ڪونڀٽ، ڪانڪهه، نم، ٻٻر، ٻير، ڦوڳ، سرنگهو وغيره آهن . هاڻي ته ديوي به زمين کي ڀيليندي پيئي وڃي. ان کانسواءِ ٿوهر، اڪ، گانگهيٽي، ٽانڪارو، گگرال، موراڙي، کپ، جهڙاوڏا ٻوٽا ٿين ٿا . ننڍن ٻوٽن ۾ ٻوهه، آڏيري، ڏتورو، آهن ته گاهن ۽ جڙي ٻوٽين جا انيڪ قسم آهن. گاهن ۾ هڪڙا ڪنڊيدار گاه آهن ته ٻيا وري لسا گاه آهن جن کي ”کوماڻ“ سڏيو ويندو آهي. اهي اوڀڙ جا چند وڙ آهن نه ته ٿرجي فلورارينج ۾ لکين جنسون آهن جن مان ڪي اهڙيون به هونديون جن جي اڃا تائين درجي بندي به نه ٿي آهي. اهي گاه ٻوٽا ، ڪجهه جنسن کي ڇڏي باقي سڄا سال ساوا رهنداآهن جن مان مال جو چارو به ملي ٿو ته ماڻهن جي غذائي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ به ڪجهه وڻ ۽ ٻوٽا فطرت جي سخي ٽاري آهن. اهڙو ملندڙ ”ڏُٿ“ جڏهن کان ماڻهن واپرائڻ ڇڏيو آهي ته منجهن غذائي قلت جو مسئلو ڪرکڻي نروارٿيو آهي. انهن وڻن ۽ ٻوٽن جو اُڌيڙ ڪيئن ٿئي ٿو تنهن جا ٻه سبب آهن هڪ ته قدرتي طور جڏهن ڏڪارواري صورتحال گهڻو رهي ٿي ته پوءَ اها اوڀڙاُڌڙي ٿي. ٻيو ته وڻن ۾ واڍي ٿئي ٿي. ماڻهو غيرضروري ساواوڻ وڍي ناس ڪري ٿا ڇڏين. ان ۾ غريب ماڻهو پنهنجي غربت جي ڪري ڦاسي ٿو پرباثر ماڻهو وري انهن قدرتي وٿن کپائڻ جي ٺيڪيداري ڪندي بازار جو واٺو بنجي پنهنجي مستقبل ۽ جياپي کي جهڪو ڪرڻ ۾ جنبي وڃي ٿو.
انهي سموري پس منظرکانپوءِ اچو ته ڏسون ”سائي ٿر“ لاءِ ڪهرااُپاءَ وٺڻ گهرجن:
• ٿرکي قدرتي پارڪ جو درجو ڏنو وڃي .ٿرهونئن به قدرتي پارڪ آهي جنهن ۾ قسمين قسمين حياتيات، نباتات، پکي پکڻ رهن ٿا جن جو ماحولياتي سرشتو هڪٻئي سان جُڙيل آهي. انهي ايڪو سسٽم کي بچائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ وڻ پوکيا وڃن ۽ وڻن جي واڍي کي عملي طور بند ڪيو وڃي. وڻن جي واڍيءَ سان روهيڙو، ڪونڀٽ ، ۽ گگرال ڏينهون ڏينهن ناس ٿي رهيا آهن. گگرال کي ته ڪيميڪل هڻي، ٽڪو ڏيئي ان مان گگر ڪڍيو وڃي ٿو جيڪو ان جي اُڌڙڻ جو مکيه سبب آهي. گگرال جي انهي ڪاري ڌنڌي ۾ بااثرماڻهو شامل آهن. وڻ پوکڻ جو ڪم به راڄ سطح تي ڪيو وڃي ۽ وڻن جي واڍيءَ کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو اهڙيون ڪاميٽيون جوڙيون وڃن جيڪي انهي ڪم کي راڄ سطح تي بند ڪرائي پنهنجون سيمون بچائين. جن به ڳوٺن ۾ هن وقت اهڙي ٻڌي ٿيل آهي اتي هڪ ڪاٺي به نٿي وڍجي. انهي جا مثال وروائي جو ڳوٺ ۽ مٺڙيو سومرا آهن. سرڪاري مشنري قانون مطابق جتي به انهي جي ڀڃڪڙي ڏسي ته ترت قدم کڻي، سزائون ڏئي.
• ٿربنيادي طور مالوندن جو علائقو آهي. زراعتي پوکي وارو خطو ناهي تنهنڪري هتان جي زمين جي کڻت ۽ سروي جو ڪم جيڪو برطانوي دورحڪومت ۾ ٿيو هو سو انهي جي پيش نظرٿيو. سروي ۾ زمين جو پوکي لائق حصو کاتيدار جي نالي داخل ڪيو ويو جنهن کي تلي چئجي ٿو. باقي آسپاس تي به حق انهي آبادگارجو تسليم ڪيو ويو پرکيس پوکڻ کان منع ڪئي ويئي. انهي بچيل زمين کي مال لاءِ آسائش طور ڇڏيو ويو. اهڙي طرح سيمون نروار ٿيون ۽ سيمن جي رک سڀني جي گڏيل ذميواري هوندي هئي. ان کانسواءِ گهرن جي ويجهي زمين کي اجهور قرارڏنو ويو، پاڻي جي نياڻ جي آسپاس واري زمين کي به چراگاه طور پوکڻ کان روڪيو ويو ته وري وڏين آبادين جي ڀر ۾ ڪي اهڙاسنوان ۽ خلاصا ڏهر هئا ته انهن کي ”گئوچر“ قرارڏيئي پوکڻ تي پابندي وڌي ويئي. زمين جي انهي قانون کي جڏهن اسان جي ڏيهي ڪامورن جي مدد سان ماڻهن هٿ ۾ کنيو ته پوءَ نه رهيو اجهور، نه رهيو گئوچر، نه رهي ترائي نه رهيو ڊهو ۽ ٽوڀو. ايئن سيمن جو ستياناس ٿي ويو . جيڪا قدرتي ساوڪ هئي سا به ختم ٿي ويئي. انهي کي بندڪرائڻ لاءِ زمين جي نيڪال جي پاليسي ۽ آسائش جي قانون تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي. جيڪڏهن نئين سر قانونسازيءَ جي ضرورت پوي ته اهڙو قانون اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو وڃي.
• ٿرجي زمين انتهائي نازڪ نفيس آهي. ان جو ٽيڪسچرمخصوص قسم جو آهي . ان جي زرخيزي به مٿئين مٿاڇري ۾ آهي. ان ۾ جيڪڏهن اوڀڙ وغيره آهي ته اها ٺيڪ حالت ۾ رهي ٿي نه ته اها ڪنهن ڪم جي نٿي رهي. ٿر۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن خاص طور روڊ رستا ٺهڻ دوران جيڪا زمين جي حالت ٿئي ٿي ۽ تراين مان انهن روڊن لاءِ مٽي ڪڍي وڃي ٿي ته ان جو زمين جي مجموعي ساوڪ تي اثرپوي ٿو. ان کانسواءِ، ٿر۾ ٽريڪٽر سان ٿيندڙ کيڙي زمين کي ناس ڪري ٿي ڇڏي ڇاڪاڻ ته ٽريڪٽراوڀڙ جون پاڙون ۽ بنياد اُڌيڙي ٿو ڇڏي.جڏهن ٿر۾ برسات پوي ٿي ته ٿرڏانهن ويندڙ رستن تي هزارين ٽريڪٽرٿرڏانهن ويندي ملندا.
• ٿر۾ معدنيات، خصوصن ڪوئلي جي کوٽائيءَ جو ڪم هلي رهيو آهي جنهن جي مختلف بلاڪن ۾ مختلف حرفتن وسيلي ڪوئلو ڪڍڻ جو ڪٿي ڪم هلي رهيو آهي ڪٿي دعوائون ٿي رهيون آهن. انهي سموري ڪم سان ٿرجو ماحول متاثر ٿيندو تنهنڪري ساوڪ به متاثر ٿيندي. تنهنڪري ماحولياتي اڀياس به هر بلاڪ جو هئڻ کپي ته هر بلاڪ ماحول جو خاص خيال رکي.
• گئوچر، اجهور ۽ آسائشون پوکي کان روڪيا وڃن. ديويءَ جهڙا زمين کاريندڙ وڻ به ختم ڪري ان جي بدران دنيا جي ٿرن ۾ ٿيندڙ وڻ پوکياوڃن. سڀني ٻوٽن ، گاهن جو سائنسي اڀياس ڪيو وڃي ۽ انهن جي درجي بندي ڪئي وڃي، جيڪي وڻ خطري ۾ آهن جهڙوڪ ڦوڳ، ڪانڪهه وغيره تن کي وري پوکڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. ٻيلي کاتي جي زمين کي جتي به قبضي هيٺ هجي خالي ڪرايو وڃي ۽ انهي ۾ به وڻ پوکيا وڃن.
• ٿرجيئن ته ڌڻوادي علائقو آهي تنهنڪري ان ۾ مال جي پالنا تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي.مالوند ماڻهن کي مال ڌارڻ بابت جديد سکيا ڏيئي کير جا پلانٽ لڳايا وڃن جيئن مال جي اپت مان اقتصادي فائدو ٿئي.
• ٿر۾ غريب ماڻهن لاءِ گذران جا وسيلا مهيا ڪرڻ جو انتظام ڪيو وڃي ۽ نوان وڻ لڳائڻ ۽ سنڀالڻ تي همت افزائي طور انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن
• ٿر۾ جيڪي تاريخي ماڳ مڪان آهن انهن جي آسپاس وڻراه لڳائي ، انهن ڳوٺن ۾ ايڪو ٽوئرزم کي هٿي وٺائي وڃي. سياحت جي همت افزائي سان گڏ وڻ پوکڻ ۽ سنڀالڻ کي جوڙيووڃي . نون پوکيل ٻوٽن جي نظرداري ٻارن ۽ عورتن کي ڏني وڃي اهي وڻن جا محافظ آهن.
سائو ٿر يقينن ڍائو ٿر هوندو ، تنهنڪري اهو هڪ ڊگهي مدت وارو منصوبو هئڻ گهرجي جنهنکي ايندڙ حڪومتون به جاري رکن جيئن سرسبز ٿيڻ جو عمل جاري رهي.