ٽه سٽا
رات پتنگا مون ڏٺا
ٻارَڻ کان اوري پَري.
___
ترس ميان ڪپڙا مَٽيون!
موت ته ٻيو ڪجهه ڪونه آ
بس، ٿوري ساهي پٽيون.
___
ڇا نه ڪبير جي واڻي!
”رام ڪرشن مرندو ڏٺو،
چارئِي ويدَ ڪَهاڻي.“
___
واهه ڪبير جي واڻي!
”مالا ڪاٺُ ته ٺاڪُر ٺِڪّرُ،
تيِرٿ تُڻُ پاڻِي“
___
مِينهُن ڪيو آ ماڳُ،
روهِي اُٺڙي يار فريدا
هاڻ ته نِنڊان جاڳُ!
___
ڏوُر نه تُنهنجي ڏِکَّ!
توکان اڳتي آهه ڇا
تون به ته هڪڙي وِکَّ!
___
گيت نه پَر کيَئه ڍولَ!
ڪرشن چَڪَر جئن ويا
جن جا سارا ٻول.
___
سمجهو ٿا لوڪو!
راهُو مرڻو ڪونه آ،*
مري ويو ٻيو ڪو.
___
ماروءَ ڏنا ويڻ!
جن سان ڪِرڙ ڪڪوريا
ڪنهن سي ڏٺا نيڻ!
___
جُڳ ٿي ويا بيٺي،
هاڻ ته آرتيون ڇوليون
آيون مٿي تي!
___
وهوا وَنُّ اَننت جو!
واچوڙو وڻراهه ۾
آهي ڄڻ ته بسنت جو!
___
پاڻيءَ تي ڦوٽو
ڪيئن چوان ڪيڏانهن ويو؟
باقي هي فوٽو!
___
هونئن ته هي ڍايَل،
توکي ڏسي پو به ڄڻ
اکيون بکايَل!
___
ڪيسين نچي مورُ؟
ٻيهر آيون ڇو ٺهي
گهٽائون گهنگهورُ!
___
اکيون پٽيو ڙي!
سيءَ جا باک بسنت جي
اُٿي جهٽيو ڙي!
___
اکيون کوليو ڙي!
هي جي وڻ ٽڻ موريا
تن سان ٻوليو ڙي!
___
هي جَڳ مَڳ جِيونُ-
ڇاڇا هن سنسار جو
سهسين رنگُ سُپن!
___
متان آڻين مَنِ
هي جو پَنَّ سُڪي ڪِريو
سهسين ساوا پَنَّ!
___
هيءَ ڪنهن جي آ تاتِ؟
جيءَ جهروڪي مان ٿي اچي
پيئي ڪائي لاتِ!
___
ڪنهن هي ڪالهه چيو
”ڦول نه ڦُٽو ٽار تي
منهجي پاندِ پَيو!“
___
اهڙو اونهارو!
چنڊ مٿانهون مونجهه ۾-
پاڻيءَ جو وارو.
___
روجهڙيون ڀيڙيون-
سج لهي ٿو سانت ۾
سامهون ڳيدوڙيون.
___
اڄ به سانڀَرِ ۾!
ڳاڙها گُلَ ڦلاريا
روهيڙي گهَر ۾!
___
وسي پيو ٿَرُ
ڇيلا ڇُپن ٿا پيا
ڪُونڀٽَ، ڪاورنجهرُ!
___
ڪيئن وساريان؟ ڪيئن؟
ڄاريِنُ پيروُن مٺڙا
ڪنهن جي چُمين جيئن!
___
تنهنجو ڪهڙو سَنگُ!
”لڳو لاهوتين سان
روحَل! تنهنجو رنگُ“
___
چؤ تون ڪهڙي ڀُون؟
منهنجون سِڪن اکيون،
ڪٿي آهين تُون؟
___
مان جنهن ٽوليءَ ۾،
تنهن وٽ ڳاڙهي سجَّ جون
ڳاهُون ٻوليءَ ۾.
___
آيو، آيو ڍولُ،
سونُ- سَريکو سُپرين
جنهن جو تولُ نه مولُ!
___
سورج نديءَ تي
رَوِي! تو ڇا ٿو ڏسين؟
دونهون هُگليءَ تي!*
___
ڪيڏو سانت- سَٽاءُ!
سُنَّ وسي ٿي روههَ تي،
ڪونجن جو ڪُرلاءُ-
___
ٻي سڀ جَڏي ڳالهه،
ڪُهاڙيا، ڪوڏاريا،
گوڏِر وڏيِ ڳالهه!
___
اڃا آهين باندِ!
ساڳيو ڪَسو ڪَرَم ۾
ساڳي ڏورِي ڏاندِ!
___
بيهون، نه بيهون؟
ليڙا لَسَّ وڃن پيا
ڪيچَ- ڌڻيءَ ڪيِهُون!
___
چڙن جي چُرَ چُرَ-
ڪَنڊيون چَريا ڇيلڙا
مٿي کڻي کُرَ.
___
وَريا ڇو نه وَلَرَ؟
ننڊ نه آئي رات ڀَر
ڪَنّ پَيئي ڪُوڪَرَ-
___
هي ڇا ٿو چاهيان؟
ڏنل ڏاڏاڻن جي
لوئي ڪيئن لاهيان!
___
متان ڪجهه واري،
ٿَرن ۾ ٿڪجي پوان
پَهون پيئاري!
___
هاڻي تن جي سارَ
جن موتين کي مُلهه ڏنو
وَيا سي وينجهارَ.
___
آرهِي ڪَنٺ ڪَلا!
وري مينهن پون پيا
گُونجن اڄ ته گَلا!
___
ماٽِيُن تي ماڻا
ڪينجهر، تنهنجي ڪَنڌئين
چولِيُن ۾ چاڻا!
___
مُنڌوُن منڌيئڙن
ولوڙڻ جي ويرَ ڄڻ
ٻَنگيو ٻاڻ هَڻن!
___
چِڪَّ منجهان چاڙهو؟
ڪنهن ڄاتو آهي ڪڏهن
هاڙهو ٿي ڳاڙهو!
___
آءٌ اوهان سان ڇونه؟
ميندي نانهه ملير جي
ٻي مان لايان ڪونه.
___
پرَّ کان پاڻُ نه پَلِّ!
سائي وڻ جي ڇانوَ ۾
گهوڙو گهوٽ نه جهَلِّ!
___
سنڌوءَ جو پاڻي-
بيڪس، ريشم- پَٽَّ جئن
ڄڻ هيءَ واياڻي!
___
وَلر ويو ڪنهن ڌاران؟
هي ڪنهن جو ڪُرلاءُ اچي ٿو
وڇڙي ڪونج قطاران؟
___
موتَ نه کاڌي ماتِ،
وري سِجُّ لُهو لُهان
راهوڪيءَ تي رات!
___
اڳتي تي سوچي،
آءٌ ڏسان ڇا لاءِ ٿو
جيوتي باسوءَ ڏي؟
___
ڪنهن کي ٿي ڳولي؟
پيئي اُتر واءُ ۾
سار سَڙيِ ٻولي.
___
پپر پيلا گُلَ-
ڪاريون ڪَٻريون ڇانوَ ۾
هيٺِ هُلاچا هُلَّ.
___
چانڊوڪيءَ ۾ چارا-
ٻانهَن ٻانهَن ۾، اڄُّ به آهن
تنهنجي سنگِ پسارا.
___
سانوَڻ جو جادوُ-
اڃا تائين ڀُرٽَ جي
کُرَن ۾ خوشبو!
___
اوٺِي اُٺَن تي،
ڄڻ چوڏس جو چنڊ آ
تن جي پُٺن تي!
___
هيءَ ڪولهِڻ ڪهڙي؟
روهيءَ واري مينهَن جي
چانڊوڪيءَ جهڙي!
___
تکا ويا توڏا،
ڏَئي ساري سنسار کي
لُريءَ ۾ لوڏا.
___
ٽَپن نه لوڙها-
ڪَتيءَ جي آڪاس ۾
ڪَڪَر به پوڙها!
___
ٻايَلِ ماڻيندين؟
روهيڙي جا گُلڙا
اَڄُّ به آڻيندين؟
___
چؤنرا چمڪن ٿا،
مون کي ريٽي رات جو
ٽَهه ٽَهه ٽمڪن ٿا.
___
ڪيڏا ڏهرن ۾،
چَڙا چنگَ وڄن پيا!
واريءَ لهرن ۾!
___
هي جو روهِيڙو،
اهڙو ڪوئي ڏيهه ۾
آهي ڏوهيڙو؟
___
مٿان سَرءُ چنڊُ،
هيٺان تڏي تي اَمڙ
اڃان پينهين جنڊُ!
___
اونهارو، ليڪِن،
ٻيٽارين تي ٻگههَّ ڄَڻ
اُسَّ پَيا سيڪِن!
___
منهنجا کيتَ کرا،
ڇو هي فوجي وئن تي *
بندوقون، پَهَرا؟
___
ڄاڻو ڄاڻن ٿا،
ٻُڏيون اُڪاري ٻيڙيون
ڪنڌيءَ آڻن ٿا.
___
لَڪن پڙاڏا
پيرَن آهٽ، پنڌ ۾
ڏاڏا، پڙڏاڏا!
___
ويڙهوُٽا واسي،
هَلُّ سُهاڳڻ ننڊڙي
پرينءَ جي پاسي!
___
چَين به ڪهڙا چَين!
ٻيجل ٻه ٽي ڏينهڙا
سدا ناهي سَين!
___
ڪوئي آهي ڙي؟
اکيون ٻوٽي ڪو هتي
موٽيو ناهي ڙي!
___
پهچي ساڳي پَڳِ،
ڪنهن هي تنبُو تاڻيا
اسان جي ڳَڙهه لَڳِ؟
_______
* راهو – شهيد فاضل راهو
”ميان بُليا، اسان مرڻا ناهين، مرگيا ڪوئي هور“(بلهي شاه)
* هُگلي = ندي جا ڪلڪتي مان وهندي آهي.