مان پنهنجي رسالي تي جهُڪيل آهيان،
موت پٺتي موٽي رهيو آهي
۽ چوڏهينءَ جو چنڊ
هن جي شڪست تي کِلي رهيو آهي
۽ درياهه ۾ پاڻيءَ جا بُدبدا
پنهنجون اکيون پٽي،
هن کي حيرت سان ڏسي رهيا آهن!
نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”راج گهاٽ تي چنڊ“ اوھان اڳيان پيش آھي. محمد ابراھيم جويو لکي ٿو تہ ”شيخ اياز پنھنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي انھن کان مٿي اڀري ٿو.“
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو