ڪتاب جو نالو: اکرن جي اوگھڙ
مصنف: حق نواز شيراز چانڊيو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 26 آگسٽ 2020 ع
پڙهيو ويو: 470 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 144 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب حق نواز شيراز چانڊيو جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آھي. وسيم سومرو لکي ٿو:
”شيراز جا نظم پڙهي احساس ٿو اُڀري تہ هن جي نظمن ۾ ڪٿي ڪٿي گيت بہ جهاتيون پائيندي نظر اچن ٿا، ۽ اهي هن جي ڏات جي ڇُھاءُ کان ڪو ايترو پري بہ ناهن. مون هن جي وائي تي پاڻ ڪا سٽ ناهي لکي، دراصل مان هن جي غزل بعد نظم کي پڙهي انهن ۾ وڃائجي ويو آهيان، اهو بہ ممڪن ناهي تہ هن جي هرهڪ تخليق تي تفصيل سان لکجي. حق نواز شيراز چانڊيو پنهنجي دور جو هڪ سڄاڻ شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جو هي مجموعو ” اکرن جي اوگهڙ “ مون کي پڪ آهي تہ پنهنجي پڙهندڙن وٽان ڀرپور موٽ ماڻيندو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • شاعر پاران
  • مُهاڳ : خواب خالي، خيالَ اڻپُورا
  • شاعري

  • اسان کي جاڳ ڏيندي آ
  • اَرپنا
  • سُڃاڻَپ
  • مُنهنجي شاعِريءَ تي ڪندي شَڪ پُڇي ٿي،
  • چاهتُن جا گُلاب
  • زِندَگيءَ جو شَعُور بَخشي ٿو،
  • حياتي
  • زِندَگي جي زَنجير بنجي وَئي،
  • زِندگي هُو وٺي زِندگي ڏيندو آ،
  • وري ڪا رَت جَڳن جي رُت لَڙي آ،
  • خيال اڻپُورا
  • رَاتين سان جهيڙڻ
  • حُسن ڪومائجي وَيو آهي،
  • لِڱن جا گهاءَ
  • حَوصلو ۽ ولولو سڀ ساڻ ڪر،
  • پَير ڇو پَنڌ پَرڀرا ڳولي
  • مَنزلن جو نِشان ٿِينديون هِن،
  • جي سَوالن جا مُنهن کُلي وِيندا،
  • تو بِن لوليءَ ۾،
  • آوارَن جو سَاجن ڪِهڙو؟
  • هُو چَنڊ آ لِڪي ويو ۽ چاندني سُمهي پئِي،
  • مَن جي آڳ
  • هُو جو مُونکي ڇڏي شام ڌاري ويو،
  • وَجُود جو هر ذَرَو ذَرَو ٿو بُلَنديُون ۽ ڪَمال چاهي،
  • هَوائُن کي ڇَيڙڻ
  • تون پاڻ غزل آهين
  • ڪَراچي
  • سَڏَ، پَڙلاءُ کان اڳي پھتو،
  • رنگ ڪهڙا ؟ ڪلين جي قسمت آ،
  • ڏِنگي ڏات
  • وَکر اسانجا واٽ تي وِڃائجي وڃن ته پوءِ؟
  • چَاهَتُن جو چَسَ
  • هر گهڙِي ڏات ٿي پڇي مون کان،
  • جَمهُور جهُريو هُوندو
  • ڪوئي ٻالَڪ ٿو پينسِل گهَڙي جهَولَ ۾،
  • پٿرن جو وجود
  • مَڪڙي ڄارو اُڻندي هوندي
  • پانڌ
  • ڏهرڪي
  • اسانجي بُتَ تي
  • رُڃ ۾ رَڙ
  • روشنيءَ کي حِجاب ڇا لئه آ
  • بي رَبط سڄو جِيون، هڪ ڳالهه ته منهنجي مَڃ
  • ڳَڀرو
  • سارا سَپنا ڀُري چُڪا آهن،
  • گِهلي آيو گَورک جِيون
  • ڪُنب تي مِلون ها جي
  • رُوح ۾ جاري رَت جي راند کان ٻاهر نِڪران،
  • ٻُڌ ته؛
  • اڄ ته پنهنجي اَنا جهَنجهوڙ کڻي،
  • ٻاڦ ڪَڪرن جو رُوپ ڌاري ٿي،
  • شام ڌاري جي توکان ڇِنا سي پرين،
  • پَوڙهو ڏات ڌڻي
  • خاموشي
  • دل جو آئينو ڀَور ٿيو ساجن،
  • جِيون سَپنو آھي جانم،
  • (We Want Peace ) وي وانٽ پيس
  • اڄ به سُوريءَ تي خواھشون ۽ مان،
  • وُٺو ڳَلين ۾ جو تنھنجي خاطر، اھو لَھُو رائيگان نه ويندو،
  • مُنھنجو آھي جِيون سارو، بس ھڪ شخص ۽ پاڇولا،
  • پَنک مُنهنجا ڪمزور،
  • پيار سَمائي پنهنجي مَن ۾،
  • تَيز طُوفان، بارِشن ۾،
  • مُونکي مُعاف ڪجان
  • سڀ ڪُجهه لَٽي وڃي ٿي،
  • هي جِيون گهاريندي،
  • مڪڙي ڄارو اُڻندي هوندي : محمد دين راڄڙي
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO.127
    اکرن جي اوگھڙ
    (شاعري)
    شاعر: حق نواز شيراز چانڊيو
    ڇاپو پهريون: 2018ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 250/- روپيه


    ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
    www.sindhsalamat.com



    AKHRAN JEE OGHAR
    (Poetry)
    By: Haq Nawaz Sheeraz Chandio
    First Edition: 2018
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Kashif Hussain Jiskani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 250/-


    ارپنا

    هي ڪتاب پنهنجي بابا سائين
    مرحوم بهادر علي چانڊيو
    کي ارپيان ٿو، جنهن پنهنجي پيرن
    جي لِڦُن جي پاڻيءَ ۽ بدن جي پگھر سان
    منهنجي حيات جي سَلي جي
    آبياري ڪئي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اکرن جي اوگهڙ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب حق نواز شيراز چانڊيو“ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آھي. وسيم سومرو لکي ٿو:
    ”شيراز جا نظم پڙهي احساس ٿو اُڀري تہ هن جي نظمن ۾ ڪٿي ڪٿي گيت بہ جهاتيون پائيندي نظر اچن ٿا، ۽ اهي هن جي ڏات جي ڇُھاءُ کان ڪو ايترو پري بہ ناهن. مون هن جي وائي تي پاڻ ڪا سٽ ناهي لکي، دراصل مان هن جي غزل بعد نظم کي پڙهي انهن ۾ وڃائجي ويو آهيان، اهو بہ ممڪن ناهي تہ هن جي هرهڪ تخليق تي تفصيل سان لکجي. حق نواز شيراز چانڊيو پنهنجي دور جو هڪ سڄاڻ شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جو هي مجموعو ” اکرن جي اوگهڙ “ مون کي پڪ آهي تہ پنهنجي پڙهندڙن وٽان ڀرپور موٽ ماڻيندو.“
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ ھائوس، خيرپور پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون حق نواز شيراز چانڊيو جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    حق نواز شيراز چانڊيو هِڪُ سُڄاڻ شاعر آهي، جنهن زندگيءَ جي مختلف رنگن کي شعرن جو روپُ ڏئي هِنَ ڪِتابَ ۾ هڪ گلدستي جي صورت ۾ محفوظ ڪيو آهي. هي سندس پهريون ڪِتابُ آهي جنهن ۾ گهڻي قدر نظم ۽ غزل شامل آهن. حق نواز شيراز چانڊئي جي شاعريءَ ۾ زندگي ۽ سماجَ جا مختلف عَڪس ۽ احساسَ يڪجا ٿي هِڪُ خوبصورت روپ ڌارن ٿا. اميد اٿئون ته پڙهندڙن کي هي ڪِتابُ گهڻو پسند ايندو.
    پوپٽ پبلشنگ هائوس سُٺن ۽ معياري ڪتابن جي ڇپائيءَ جي سفر ۾ اڳي کان اڳرو آهي ۽ اُميد ته اوهان پڙهندڙن جي ساٿَ ۽ سهڪارَ سان اهو سفر اڃان به وڌيڪَ بهتر انداز ۾ اڳتي وڌندو رهندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    شاعر پاران

    اکرن جي اوگهڙ! ڪيڏو نه وَلگر نالو آهي، واقعي مون به نالو سليڪٽ ڪندي کوڙ دفعا سوچيو، ماڻهو ڇا چوندا؟ ڪهڙو اِمپريشن وٺندا؟ مون هر دفعي سوچيو ته نالو ڪو ٻيو رکجي، پر مونکي ڪو ٻيو نالو نه ملي سگهيو جيڪو واقعي منهنجي احساسن جي ترجماني ڪري سگهي. اوگهڙ رُڳو اهائي اوگهڙ ناهي جيڪا عام مفهوم ۾ ورتي ويندي آهي. اوگهڙ پنهنجي هئيت ۾ ڪائنات جي ڪنهن به وجود يا ذرن کي واضح ڪرڻ جو نانءُ آهي. هر اکر پنهنجي اندر ۾ ڪائناتن جا راز سمائي ويٺو آهي، شاھ لطيف جي ٻوليءَ ۾:

    اکر پڙھ الف جو، ورق سڀ وسار...

    ڪيڏي نه حَسين سِٽ آهي. ڄڻ اکر جو ڊي اين اي ڪيو ويو هُجي.
    ڪو انسان جڏهن اندر جي پيڙائن سان وڙهڻ لاءِ اکرن جو سهارو وٺي ٿو ۽ انهن اکرن کي پني تي لاهي ٿو ته انهن اکرن جي اڏام ڏسي ايوان لڏي وڃن ٿا ۽ پٿرن جهڙا وجود ڏڪي وڃن ٿا:
    اي هوائن جا پيچرا کڻندڙ
    وحشتن تي به جان وارين ٿو
    تون پَنن کي به پَرَ ڏئي ٿو ڇڏين
    اکرن کي ائين اُڏارين ٿو
    تون انڌاري جو اَنت آڻڻ لئه
    جي هوائن ۾ دِيپ ٻارين ٿو
    پٿرن جو وجود لَرزي ٿو...
    (شيراز چانڊيو )

    اکرن جڏهن ترتيب ورتي ته لفظن جو جنم ٿيو. لفظ! رُوح ۾ پيهي ويندڙ لفظ، رُوح کي جهَنجهوڙ يندڙ لفظ، رُوح کي ڇيتيون ڪندڙ لفظ...
    زندگيءَ جي دونهاٽيل واءُ ۾ احساسن تي دَزَ ڄمندي ٿي رهي، جڏهن ڪُل حاصلات کي تلخ لفظن ۽ سِٽن جي ٻَلِي چاڙهيو ٿو وڃي ته پوئتي رڳو رَکَ ئي بچي ٿي، پر اها رَکَ محبت ۽ چاھ جي ڪجهه لفظن جي ماڪ سان وري اکرن جي رُوپ ۾ جنم وٺي ٿي:
    ماڪ ڪَڪرن جو رُوپ ڌاري ٿي،
    رَکَ اکرن جو رُوپ ڌاري ٿي...
    (شيراز چانڊيو)

    شعور ۽ تحت الشعور ۾ جن لفظن منهنجي زندگيءَ تي گهڻو اثر ڇڏيو انهن مان ڪجهه جو مان ذڪر ڪرڻ لازمي سمجهان ٿو:
    پنهنجي جنم وٺڻ ۽ دنيا ۾ اچڻ سان پهريان لفظ جيڪي منهنجي ڪَنن ۾ ٻُريا اهي هئا: الله اڪبر، محمد رسول الله ۽ علي ولي الله. آذان جي صُورت ۾ هي پهريان لفظ هئا جيڪي ڪنن جي ذريعي منهنجي رُوح ۾ داخل ٿيا، هنن لفظن منهنجي زندگيءَ جو اهڙو احاطو ڪيو جو آءُ سڄي زندگيءَ انهن لفظن جي ريپليسمينٽ نه ڳولهي سگهيو آهيان.
    جڏهن بانبڙن جي عمر کان وڌي پيرڙا کڻڻ جي عمر ۾ پهتس ته محرم جي مهيني ۾ بابا سائين جي آڱر پڪڙي امام بارگاهه وڃڻ شروع ڪيو جتي ڪجهه ٻيا لفظ منهنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿيا، حَسَنء، حُسينء، فاطمهء، عباسء، زينبء، ڪربلا ۽ ان جا ٻيا شهيد، مظلومن جي هڪ ڊگهي لسٽ. هنن لفظن مونکي سيکاريو ته ظالم جي آڏو ڪيئن اڏول ٿي رهبو آهي، قرباني ڇا ٿيندي آهي ۽ جڏهن مجلس دوران بابا سائين ۽ ٻين کي روئندي ڏسندو هئس ته ڪجهه نه سمجهندي به اکين ۾ ڳوڙها تري اچڻ جو مفهوم ان وقت ته سمجهه ۾ نه آيو پر هاڻي زندگيءَ جي جنگ ۾ انهن ڳوڙهن وهڻ جو ڪارڻ سمجهه ۾ اچي ويو آهي. اهي ڳوڙها اندر مان نڪري چهري ۽ جسم جي پَورز مان وري جسم اندر داخل ٿيندا رهن ٿا ۽ ائين ڳوڙهن جي ريسائِڪلنگ ٿيندي ٿي رهي.
    جڏهن شعور جي وهڪرن جي حوالي ٿيس ته ڪجهه ٻيا لفظ دماغ جي ذريعي روح ۾ شامل ٿي ويا، جن مان پهريون لفظ هو ڀٽائي، زندگيءَ جي مختلف مرحلن مان گذرندي جڏهن مون انهن مرحلن کي ڊيفائن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مونکي ڀٽائي جا شعر هر مرحلي لاءِ ڪمپليٽ ڊيفينيشن سان موجود مليا، ايئن پئي لڳو ڄڻ اهي شعر ڀٽ ڌڻي منهنجي زندگيءَ کي مدِ نظر رکندي لکيا هجن.
    ٻيو لفظ هو سنڌ، انهيءَ لفظ سان شناسائي لڳي ٿو ته تخليق ڪائنات کان به اڳ جي هجي، ڄڻ ته منهنجي وجود کي سنڌ جي ئي خمير مان ڳوهيو ويو هجي.
    هڪ لفظ آهي رشتو يا رشتا، منهنجي زندگيءَ سان سلهاڙيل رشتا:
    بابا سائين، بهادر علي چانڊيو: ننڍپڻ کان ئي انڊيا جو هي گانو جهونگاريندڙ:
    مين راهي ڀٽڪني والا هُون،
    ڪَوئِي ڪيا جاني مَتوالا هُون...

    واقعي اهو مَتوالو ڪڏھن به ڪنهن طوفان کان هارائڻ نه سکيو. پنهنجي جواني ۾ ئي روزگار جي ڳولا ۾ پنهنجو گهر خيرپور ناٿن شاهه ڇڏي پهريان سکر ۽ پوءِ ڏهرڪي ۾ استاد ۽ پوءِ تپيدار جي نوڪري ملڻ جي ڪري مستقل مسڪن ٺاهي ورتائين ۽ هتان جو ٿي ويو. بابا سائين لاءِ آئون صرف ايترو چوندس ته جيڪڏهن ڪنهن کي هڪ پرفيڪٽ انسان ۽ انسانيت جو روپ ڏسڻو آهي ته اهو بابا سائين جي پوري حياتي جو مطالعو ڪري.
    امان : ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. آئون انهي ڳالهه ۾ وڏو خوش قسمت آهيان جو مونکي هن دنيا ۾ ٻه جنتون مليون، هڪ منهنجي وڏي امان جنهن جو ڌنڌلو عڪس اڃان تائين منهنجي ذهن ۾ سمايل آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن وڏي امان جي وفات ٿي هئي ته آئون ننڍڙو هئس پر سندس شفقت اڃان به ياد آهي.
    ننڍي امان جنهن مونکي جنم ڏنو ان جو تعلق هندستان مان اٽڪل هڪ صدي اڳ لڏي آيل خاندان سان آهي جنهن سان بابا سائين پيار جو پرڻو ڪيو. ڌارئي خاندان مان هجڻ باوجود امان بابا سائين ۽ پوري خاندان سان اهڙو تعلق جوڙيو جو کيس پنهنجو خاندان وسري ويو، ھوڏانھن وري بابا سائين جي خاندان به امان کي پنهنجي دل ۾ جايون ڏنيون. سچ ته مونکي هن منزل تائين پهچائڻ ۾ منهنجي بابا سائين ۽ امان جو تمام گھڻو ڪردار رهيو.
    ڀاءُ: رب سائين جي مهرباني آهي ته مونکي سهڻي سڀاءُ وارا ڀاءُ مليا، غلام شبير، بشير احمد، شاهنواز (مرحوم)، ارشد علي ۽ امجد علي (مرحوم). اهي سڀئي ڀاءُ مون لاءِ ڀاءُ کان وڌيڪ جسم جو حصو رھيا آهن ۽ آئون انهن مان گهڻو ڪُجهه پِرايو آهي.
    ڀيڻ: منهنجون ٻه ڀيڻيـون رضيه ۽ فوزيه. انهن لاءِ آئون ايترو چوندس ته هي منهنجون ڀيڻيون گهٽ پر ماءُ وڌيڪ آهن.
    اولاد: منهنجا ٻه پُٽ آدرش علي ۽ آڪاش علي سچ ته منهنجون ٻانهون ۽ منهنجي سَگهه آهن.
    هن باغ جي خوبصورتي منهنجون ڌِيئر آهن، مُرڪ، ڪَشش ۽ بَاک منهنجو اعتماد آهن، منهنجو مان آهن:


    ڪائناتون هنن جو مُلھه ناهن،
    ڌِيئون بابن جو مان ٿينديون هن...
    (شيراز چانڊيو )
    اُستاد: آءءٌ جنهن مقام تي هن وقت آهيان اُن ۾ والدين کان پوءِ اگر ڪنهن جو هٿ آهي ته اُهي منهنجا اُستاد آهن. ڪُجھه اُستاد جن منهنجي ڪيريڪٽربلڊنگ ۾ ڪِردار ادا ڪيو:
    محمد عارب سومرو، فدا حسين شاھ، پير بخش راڄڙي، غلام اڪبر سومرو، محمد رمضان ٿهيم، عبدالرزاق دايو، فرمان علي ٿهيم، سانول خان لغاري، رب ڏنو ملڪ، محمد يوسف سولنگي، عبدالرشيد ڀٽو، عبدالغفور سيال، اصغر علي انصاري، مولوي عبيدالله، مولا بخش سومرو، شاھ محمد، شادي خان، محمد صديق سومرو ۽ ٻيا کوڙ سارا اُستاد جيڪي هن وقت ذهن تي نٿا اچن.
    پروفيشنل استادن ۾ جن استادن مون کي هن مقام تي پهچايو: شڪيل احمد صديقي (مرحوم)، منير قربان چنه (مرحوم)، عبدالمجيد عباسي، انعام احمد، روشن علي شاهاڻي، سيد قلبِ حيدر، شوڪت علي، محمد اڪرم، شڪيل احمد ميمڻ، نويد آخوند، ابراهيم ٻرڙو ۽ محمد عمر ڪانڃو.
    ڪُجهه شخصيتون جن مان آءٌ گهڻي انسپائريشن ورتي، اُهي آهن: منهنجو چاچا سائين علي نواز، عبدالقدير ڪانڃو، ڄام عبدالفتاح سميجو، پنهل خان ڏهر ۽ ڊاڪٽر منوهر لعل.
    دوست : ننڍپڻ کان وٺي هاڻي تائين جي دوستن جو ڪاٿو لڳائڻ تمام مشڪل ڪم آهي، اهي دوست جيڪي واقعي دوستي جي زُمري ۾ اچن ٿا. ڪجهه دوستن جا نانءُ جيڪي ذهن تي اچن ٿا هتي مينشن ڪيان ٿو:
    وحيد احمد ڏهر، عباس ملڪ، امداد شاهه، گوبند رام، شبير شر، عزيز شيخ، بشير گاڏهي، ظهير گاڏهي، ولي قاضي، جاويد قاضي، ڪاشف جانوري، طارق ڪورائي، مدد ٻگهيو، طارق ڪورائي، مُختيار علي مشوري، ديدار علي مشوري، علي ميراڻي، سردار شاهه، قيوم ڀٽو، حفيظ ڀٽو، اختر ملڪ، امان الله انجم، خادم چنو، مختيار چنو (مرحوم)، شاهد معين انصاري(مرحوم)، عبدالنبي ڀٽو، ممتاز انصاري، جاويد سومرو، ارباب ٻرڙو، لال ميراڻي، امان الله جمالي، نذير جمالي، محمد اسماعيل، محمد اطهر، عبدالهادي ٻرڙو، ايم بي سومرو، خالد گل، عدنان سومرو، اسماعيل چاچڙ، نظام مغل، نشيدالرحيم، محمد نواز ٻرڙو، وسيم سومرو ( پينٽر )، مهيندر ڪمار، ويد تلريجا، ڀرت تلريجا ۽ مڪيش منڌاڻ...
    ادبي سنگت مان جن سان منهنجو پراڻو ساٿ رهيو ، انهن ۾ ملزم سومرو، پريم پتافي، مفتون ڪورائي، فدا ملڪ، جي ايم لاڙڪ ۽ ٻيا ادبي سنگت ڏهرڪي جا دوست شامل آهن.
    انهن دوستن کان علاوه آئون ڪجهه اهڙن دوستن جو ذڪر لازمي ڪندس جن سان رشتو رت جي رشتن کان به وڌيڪ رهيو آهي، رياض هڪڙو (مرحوم)، امتياز ابڙو، اعجاز سمون، عبدالعزيز ملڪ (مرحوم)، ماجد ابڙو (مرحوم)، سلامت علي رِڏ، راجا صلاح الدين ڪورائي، جميل سومرو، محمد دين راڄڙي ۽ منهنجو سئوٽ شاهد حسين مشوري انهن دوستن مان آهن جن لاءِ بغير ڪنهن وڌاءُ جي ائين چئي سگهجي ٿو ته:
    مونکي مقتل ۾ ساٿ گهُربو هو،
    دوست هو ڀاءُ کان اڳي پهتو...
    (شيراز چانڊيو)

    باقي جيڪي دوست هن وقت ذهن ۾ نٿا اچن انهن کان معافي جو طلبگار آهيان، انهيءَ جو مقصد اهو هرگز ناهي ته اهي منھنجا دوست يا سڄڻ ناهن، آءُ اڳ ۾ جيئن ذڪر ڪيو ته جيڪي به دوستي جي ڊيفينيشن تي پورو لهن ٿا آءُ انهن سڀني کي پنهنجو سمجهان ٿو ۽ انهن لاءِ به منهنجي دل ۾ ساڳي جاءِ آھي.
    لفظن جي جوڙجڪ مان وري سِٽن ۽ جملن جي تخليق ٿي. ڪن سِٽن جو جڏهن ڊي اين اي ڪجي ٿو ته لڳي ٿو ته ڄڻ انهن ۾ ڪائناتون اوتيل آهن ۽ اهي داستانون ٻڌائي رهيون هجن:


    سُور سان سرجيل سِٽون ساديون،
    دَرد جو داستان ٿينديون هن...
    (شيراز چانڊيو)

    ڪنهن جي زندگيءَ تي اثر وجهڻ لاءِ ٻه ٽي سِٽون ئي ته کپن. پيار ۽ اتساهه ڀريون ڪجھ سِٽون ڪنھن کي آسمانن جي بلندين تي پهچائن ٿيون ۽ وري نفرت ۽ بغض سان ڀريل سِٽون ڪنهن کي پاتالن ۾ اُڇلائي ڇڏن ٿيون. اهڙو وقت به اچي ٿو جو اسان جي سِٽن کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ اسان جي زبانن ۽ سِٽن کي چِٿڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي:

    منهنجي لفظن ۾ جي وِٿيون آهن،
    ڪُند ذِهنن سِٽون چِٿيون آهن...
    (شيراز چانڊيو)

    ۽ ها جڏهن رشتن جو ذڪر ٿيو ته هڪ رشتو آءُ ڪيئن ٿو وساري سگهان جيڪو منهنجي زندگيءَ جو خاص جُز رهيو آهي ۽ رهندو، منهنجي گهرواري فرزانه جنهن کي ننڍي لاءِ آءٌ فَيزي چوندو هئس. ننڍڙي لاءِ کان هن جو ساٿ مونسان رهيو، مونکي ياد آهي ته جڏهن ننڍا هوندا هئا سين ته آءُ هن کي بابا سائين يا چاچا سائين ڏانهن وٺي ويندو هئس ته کيس چوندو هئس ” آ فَيزي بابا ڏي ڄُلُون “ يا کيس رستو پار ڪرائيندي چوندو هئس ته ” فَيزي ميڏا هٿ پڪڙ“ اهو هٿ جوانيءَ ۾ وري منهنجي هٿن ۾ آيو ۽ اسان هڪ ٻئي جا ٿي ويا سين. رب سائين جي مهرباني سان اهي هٿ اڃان هٿن ۾ آهن ۽ اسانجي ننڍپڻ جي محبت هر ڏينهن اڃان به وڌندي رهي ٿي. سو ڳالهه پئي ڪيم سِٽن جي ته اهي سِٽون جڏهن پنن تي پهتيون ته اَرپنا جو روپ ڌاري ويون جيڪي آئون فرزانه کي اَرپيان ٿو، ڇو ته اهائي هنن سِٽن جو محور رهي آهي:

    تنھنجي يادن ۾ ويهي مون جيڪي لکيا،
    پيار سان سي سَهيڙيل سمورا پَنا،
    ٿَئي منهنجي ارپنا، ٿَئي منهنجي اَرپنا...
    (شيراز چانڊيو)

    اهي پَنا گڏ ٿيندا رهيا ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جو اهي پَنا هڪ ڪيبينيٽ جي حوالي ٿي ويا ۽ انهن مٿان دَزَ چڙهندي رهي ۽ تقريبن رَديءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا:

    ڪِنهن پُراڻي ڪَٻاڙخاني ۾،
    زِندگيءَ شاعري رَديءَ جِهڙي...
    (شيراز چانڊيو)

    ڪافي عرصي کان جميل سومرو ۽ سائين محمد دين راڄڙي منهنجي هن وکريل پَنن کي گڏ ڪرڻ لاءِ مونکي قائل ڪندا رهيا ۽ آخرڪار اهي پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي ويا. گهَر جي هر ڪُنڊ مان لڪيل پَنا ڳولي جمع ڪيا ۽ هنن جي حوالي ڪيا. شام جي چانھه دوران جميل سومرو ادا امر اقبال سان ڳالهايو، جنهن فوري طور تي مواد موڪلڻ جو چيو. هاڻي اسانجو امتحان شروع ٿي ويو ڇاڪاڻ ته اسان وٽ صرف مواد هو ان کانسواءِ ڪجھه به نه هو، سو سنڌ ڌرتي جي پيارن تخليقڪارن ادا وسيم سومرو کي مهاڳ ۽ سائين اياز گُل کي بيڪ ٽائيٽل لکڻ لاءِ عرض ڪيم جن هميشه وانگر پيار واري موٽ ڏني . فلِپ ڪَوَر تي سائين امر اقبال ، جميل سومرو ۽ اينڊ پيجز لاءِ سائين محمد دين راڄڙي جا تجزيا لکرايا. ڪتاب جو ٽائيٽل سنڌ جي بهترين مصور ۽ السٽريٽر سائين سعيد منگي ٺاهيو ۽ ڪتاب سنڌ جي بهترين پبلشنگ هائوس “ پوپٽ پبليڪيشن “ خيرپور مان ادا امر اقبال ۽ سائين قربان منگي جي نگراني ۾ ڇپيو.
    آءٌ مٿي ڄاڻايل سڀني سڄڻن جو ٿورائتو آهيان جن جي محبتن سان هي ڪتاب هيڏي مرحلن کانپوءِ ڇپجي دوستن جي هٿن تائين پهتو.
    هتي آءٌ اهو اعتراف ڪندس ته آءٌ ڪو ايڏو وڏو شاعر ۽ اديب ناهيان، بس هي دل ۽ دماغ جي ڀڃ ڊاھ کان پوءِ لکيل ڪجھه تحريرون آهن:

    شعر شيراز جا ڇا لئه اُڻ تُڻ ۾ هن.
    ڇو ڀٽائي ڀلارا هي ڀَڃ ڊاھ آ...
    شيراز چانڊيو

    هنن معمولي تحريرن کي دوستن محبتن جي مالها ۾ پروئي ڪتاب جي صورت ڏني آهي، سڀني پيارن جي راين جو انتظار رهندو...سدائين آباد هجو...


    حق نواز شيراز چانڊيو
    02 مارچ 2018ع ٽريننگ ڪو آرڊينيٽر
    اينگرو فرٽيلائزر لميٽيڊ ڏهرڪي.
    0333-7449123


    مُهاڳ : خواب خالي، خيالَ اڻپُورا

    حق نواز شيراز چانڊيو جي پهرئين شعري مجموعي جو عُنوان ” اکرن جي اوگهڙ “ آهي. عُنوان کي پڙهي مون کي شاھ سائين جو هڪ بيت ذهن تي تري آيو آهي:
    ستر ڪج سَتار، آئون اُگهاڙي آهيان،
    ڍڪج ڍڪڻ هارَ، ڏيئي پانڌ پناھ جو.

    فطري اعتبار کان ته اُگهاڙا جِسم ٿيندا آهن، پر شعري اعتبار کان اکر به اُگهاڙا ٿيندا آهن. اها اوگهڙ جا جنسي اعتبار کان نظر نه اچي سگهي، اکر وڏي بي رحمي سان ان اوگهڙ کي پڌرو ڪري ڇڏيندا آهن. ائين اکر جتي اُگهاڙپ جي تصوير چٽڻ جو ڪم ڪندا آهن، اُتي اُهي ستارَ ٿي اوگهڙ ڍڪڻ جو به ڪم ڪندا آهن.
    آرٽ جون مختلف شڪليون آهن، هر آرٽ جو پنهنجو وسيلو هوندو آهي، ائين شاعريءَ جي آرٽ جو وسيلو اکر آهن. اکر پڙهي اندر کي اُجاري به سگهبو آهي ۽ اکر پڙهي اکين ۾ زهر به ڀرجي ويندو آهي. شاعر جو ۽ هڪ سچي شاعر جو اهو ڪمال آهي ته هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر جي دُنيا جي صورت گري اکرن وسيلي ڪندو آهي. ان ڪري شاعر وٽ اکرن جي وڏي معنيٰ هوندي آهي.
    حق نواز شيراز به اکرن جو صورت گر آهي، ” اکرن جي اوگهڙ“ ۾ گهڻو ڪري غزل ۽ نظم شامل آهن، ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ وائي به آهي. مجموعي ۾ شعري صنفون ترتيب وار ناهن، بلڪه اهي گڏ وچڙ آهن، جيئن آڪاش جا تارا بي ترتيب هوندا آهن، بي ترتيبيءَ جي به پنهنجي سُونهن هوندي آهي. مون اهڙي بي ترتيبي پهريون ڀيرو ” امداد آهي رول“ ۾ ڏٺي هئي، پوءِ اها ٻين ڪيترن ئي شاعرن به پنهنجائي، جيئن هن مجموعي ۾ به آهي، ان جي شروعات غزل کان ٿئي ٿي؛

    منهنجي شاعريءَ تي ڪندي شڪ پُڇي ٿي،
    ڪا اکرن جي اوگهڙ اچانڪ پڇي ٿي.

    سڄي غزل ۾ ڇا پُڇي ٿي؟ ڪير پُڇي ٿي؟ کي لڪايو ويو آهي، شاعريءَ کان ڪا مٿانهين شئي به آهي، جا شاعري تي شڪ ڪري ٿي ۽ ان کان اکرن جي اوگهڙ جي پڇا ڪرڻ جو حق رکي ٿي.

    زِندگيءَ جي زنجير بنجي وئي
    ڪا جواني اسير بنجي وئي

    زِندگيءَ جو زنجير بنجڻ ۽ جوانيءَ جو اسير بنجڻ هڪ ئي مطلع ۾ ٻه تشبيهون آهن. اها شاعر جي ذهني حُسناڪي آهي، جا ٻن سِٽن ۾ سمائجي اسان جي اڳيان آئي آهي. باوجود ان جي ته قافين جا اعراب ملڻ جي لحاظ کان اُڃايل آهن.
    شاعريءَ جي کيتر ۾ اهو سوال به اُڃايل ئي رهيو آهي، ته شاعري هُنر آهي يا تخليقي اُڇل! منهنجي ويجهو شاعري هُنر جو لاشعوري عمل آهي، جنهن ۾ تخليقي اُڇل جو هجڻ تمام ضروري آهي ورنه شاعري صرف سکڻن اکرن جو ميڙ رهجي ويندي. ته ڇا شاعريءَ جو هُنر نٿو سکي سگهجي؟ شاعريءَ جو هُنر بلڪل سکي سگهجي ٿو بلڪه سنڌيءَ جا ڪيترا عالم ۽ استاد اهو هُنر ڄاڻن به ٿا، پر وٽن شاعراڻي تخليقي اُڇل ناهي، ورنه اُهي سڀ وڏا شاعر هجن ها، اهي پنهنجي ان هُنر ذريعي شعر جا وڏا پارکو آهن، ڇو ته شاعري تخليقي اُڇل آهي، ان ڪري اها هر وقت نٿي ڪري سگهجي. شاعر وٽ ڪي خاص پل ايندا آهن، اها تخليقي اُڇل کڻي:
    زندگيءَ جو شعور بخشي ٿو،
    ڪوئي پل پل ۾ پُور بخشي ٿو.

    پل جو پُور هڪ حُسناڪ ترڪيب آهي ۽ ڪنهن پاران پل جي پُور جي بخشش زندگيءَ جي وڏي غنيمت آهي. اها پل جي پُور جي بخشش شاعر کي بيخودي ڏيندي آهي، جنهن ۾ آزاد ٿي هُو تصور جي دنيا جا سير ڪندو آهي:

    مان اُنھيءَ کي خُدا ڇو نه پنهنجو ڪيان،
    منهنجي جذبن کي جو بيخُودي ڏيندو آ.

    شعر جو سوال معنيٰ خيز آهي، جڏهن سوال اُڀرندا آهن، تڏهن شاعري جوابن جا رستا ڳولڻ شروع ڪندي آهي؛

    منزلن جو نِشان ٿينديون هن،
    ڪي وِکون ڪُل جهان ٿينديون هن.

    خواب نيڻن ۾ هاڻ ڪيئن پلجن،
    عڪس ڌُنڌلائجي ويو آهي.

    جتي شاعر جي دل ۾ ، نيڻن ۾ خواب نه پلجڻ جو اُلڪو آهي، اُتي خاموشيءَ ۾ خوابن جي خودڪشي به ايذائيندڙ آهي:

    خواب خاموشيءَ ۾ ڪن ٿا خودڪشيون،
    ڇا لئه چُپ آن! اُٿ اُٿي مانڌاڻ ڪر.

    جڏهن شاعر جو ساهس زخمي ٿيندو آهي، تڏهن هي ڪاغذ تي جيڪي شعر لکندو آهي، اُهي به زخمي زخمي لڳندا آهن.

    خواب يادن جي ڀِيڙ ۾ ڪُچليا
    ڪير ساهن جا پيچرا ڳولي

    اها ٻي ڳالهه آهي ته اها ذميواري خود هڪ سُجاڳ شاعر جي آهي ته هُو ڪنهن به صورت ۾ ساهن جي پيچرن کي وڃائجڻ نه ڏي، ڇو ته هُو ئي اهو ڄاڻي ٿو.

    سُور مان سرجيل سِٽون ساديون،
    درد جو داستان ٿينديون هن.

    حق نواز شيراز جي شاعري درد جي داستانن جيان ئي آهي، جن داستانن جا لا محدود موضوع آهن.
    ڪائناتُون هنن جو مُلھه ناهن،
    ڌيئُون بابَن جو مان ٿينديون هن.

    جي سوالن جا مُنھن کُلي ويندا،
    رابطا راھه ۾ رُلي ويندا.

    ڦھلايان مان تنهنجي آڏو،
    ليڙُون ليڙُون دامن ڪهڙو؟

    پُڇيم ته چاھتن جو ڪو ڏس پتو به آهي؟
    هيڏي وشال ڌرتي ڳوڙها اُگهي سُمهي پئي.

    شعر شيراز شِيشن جيان هي ٽٽل،
    منهنجي جيون جا ٿئي آئينا سي پرين.
    حق نواز شيراز جي شعرن جو هيءَ ٻُڪ هن جي شاعراڻي سوُنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪافي آهي به ۽ ڪافي ناهي به. ان ڪري ته هڪ سُٺي پڙهندڙ جي اُڃ ڪافي ۽ ناڪافي لفظن کان وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ گِهري هوندي آهي.
    آخري شعر ۾ چاهتن جي سوال تي، ڌرتيءَ جو ڳوڙها اُگهي سُمهڻ هڪ دُکدائڪ تصوير آهي. هن ڌرتيءَ مان مُراد ڌرتيءَ جا سڀ ماڻهو آهن. شاعر لفظن کان روايتي معنيٰ کسي انهن کي پنهنجي استعارا تي معنيٰ ڏيندو آهي.
    حق نواز شيراز جي غزل جي اڀياس مان مون اهو نتيجو اخذ ڪيو آهي ته هُو پنهنجي غزل کي ڪافي حد تائين جديد غزل جي ويجهو کڻي آيو آهي، ڪٿي ڪٿي هن جا شعر مڪمل تصوير جيان آهن، ڪٿي ڪٿي انهن ۾ اڃان مڪمل ٿيڻ جي اُڃ باقي به آهي. هي اُڃ جو سفر ڪٿي پُورو ٿيڻ به نه گهُرجي.

    هر گهڙي ڏات ٿي پُڇي مُون کان،
    منهنجي اوقات ٿي پُڇي مُون کان.

    غزل، جنهن جا لوازمات گهڻا آهن. ان ڪري ڪٿي نه ڪٿي شيراز جي غزل ۾ اُڃ آهي، غزل جي ڀيٽ ۾ نظم ۾ بيان جي وڌيڪ وُسعت آهي، شايد نظم ۾ ان ڪري حق نواز شيراز پنهنجي اظهار جي وهڪري کي بنا ڪنهن بند جي واهڙ جيان وهايو آهي، بلڪه هن جا تعداد جي اعتبار کان نظم آهن به وڌيڪ! غزل جيان جيڪي سڀئي پابند آهن. هر نظم ۾ شُعله بياني آهي:

    ٿڌا جذبا ٿين ٿا جي،
    اُٿي هيءَ آڳ ڏيندي آ.
    اُٿاري تانگھه اُوندھ ۾،
    اسان کي جاڳ ڏيندي آ.

    هي پهرين نظم ” اسان کي جاڳ ڏيندي آ “ جون پهريون سِٽون آهن، جنهن ۾ به شيراز جي پهرين غزل جيان ڪير آڳ ڏيندي آهي ۽ ڪير اُوندھ ۾ اُٿاري جاڳ ڏيندي آهي؟ کي اکرن جو ڍڪ ڏئي پوشيده رکيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ اها هن جي ڇهين حِس آهي، هن جي محبوبا به ٿي سگهي ٿي، جا هن جي شاعريءَ جي شاعراڻي سفر ۾ هن سان گڏ گڏ آهي. ڪٿي به هن کان پل پري ناهي ٿي.
    ڪٿي مايا جي محور ۾،
    مُنجھي جي مرد ويندا هن،
    ڪٿي فاقن جي فڪرن ۾،
    فنا جي فرد ٿيندا هن،
    جڏهن چئونرن جي چوڌاري،
    ڪي چهرا زرد ٿيندا هن،
    تڏهن رِم جھم ۾ ڪا اِنڊلٺ،
    رنگن جو راڳ ڏيندي آ.

    شايد رِم جهم ٿي اُڀرندڙ اِنڊلٺ ڪا اُميد آهي، جا رنگن جو راڳ ٿي، جاڳڻ جو اُتساھ ڏئي وڃي ٿي.
    ” رنگن جو راڳ “ هڪ خاموش تصور هوندي به پنهنجي اندر ۾ فطرت جي بي پناھ طاقت رکي ٿو، جيڪو پڙهي اندر آلاپ ٿي وڃي ٿو.
    حق نواز شيراز پنهنجي هر نظم کي عنوان ڏنو آهي، هن غزل جيان پنهنجا نظم به مُختلف بحرن تي لکيا آهن. جن ۾ لهرن جهڙي رواني آهي، جا پڙهندڙ کي وهائي وڃي ٿي.
    ڪڏهن پنبڻين ۾ آڇي ڪنهن ٿي چاهت،
    ڪنهن جي آنچل ۾ پاتي مون هئي راحت،
    جوانيءَ جي سا لِڪ ڇپ ڏئي وڃي ها.
    مونکي پنهنجي سُڃاڻپ ڏئي وڃي ها.

    نظم ۾ روانيءَ سان گڏ جا موضوعاتي ڪشش آهي، اها من کي موهي ڇڏيندڙ آهي.
    منهنجون رچنائون جيون جون جادوگريون،
    سُونهن جن کان ڇِني، سي سڀئي ڇوڪريون،
    پيار جن کي مليو سي مگر ٿورڙيون،
    گِيت منهنجا سڀئي، ساز جن کان ڇِنا،
    ٿئي منهنجي ارپنا، ٿئي منهنجي ارپنا.

    جڏهن واقعي رچنائون ڦري جادوگري بڻبيون آهن، تڏهن اهي دلين تي اثر به جادوءَ جهڙو ڪنديون آهن. حق نواز شيراز جا نظم پنهنجي دور جو آئينو آهن، جن ۾ جذبي جي شدت سان گڏ موضوع جي سچائي موجود آهي.

    وحشتن کان وڌيڪ ڇا ٿيندا،
    نعرا پٿر تي ليڪ ڇا ٿيندا،
    جن لڳايو ڳلي غُلاميءَ کي،
    ٺوڪرن ۾ سي ٺيڪ ڇا ٿيندا،
    ڇڏ غُلاميءَ جا سال اڻپورا،
    خواب خالي، خيال اڻپورا،
    کوڙ سارا سوال اڻپورا.

    ائين شيراز جو هر نظم پنهنجي خاص اهميت جو حامل آهي، جنهن ۾ موضوعاتي گوناگوني آهي.

    اوهان سپنن کي ميڙيو آ سدائين،
    اسان راتين سان جهيڙيو آ سدائين.

    ڪو خزائن سان الجهي نما شام جو،
    سار جا پن سهيڙي رهيو هو پرين،
    ڪو هوائن کي ڇيڙي رهيو هو پرين.

    ڪراچي هنج ۾ تنهنجي،
    وري سپنا کڻي آيس.

    وري ڏي ڇانوريون ڇوليون،
    بدن سارو سراپي ڇڏ،
    نٿيون مونکي کپن گوليون.

    ۽ هي نظم ” ڏنگي ڏات “ جون سٽون جيڪي هڪ مڪالمو ٿي ويون آهن:
    پيرن جا هي پنڌ سمورا،
    جن ۾ رنگت آ ڇالن جي،
    تو لئه سڀ مخصوص ڪيان ٿو،
    سنڌوءَ ڪپ تي سوچيان ويٺو،
    ڇا هي گيت، غزل سڀ منهنجا،
    توسان جنگ ۾ شامل هوندا؟

    سواليه شاعري وڌيڪ وزنائتي هوندي آهي، جا سوال جي بڙڇيءَ سان سوچيندڙن جا سينا چاڪ ڪري ڇڏيندي آهي.
    شيراز جا نظم پڙهي احساس ٿو اُڀري ته هن جي نظمن ۾ ڪٿي ڪٿي گيت به جهاتيون پائيندي نظر اچن ٿا، ۽ اهي هن جي ڏات جي ڇُهاءُ کان ڪو ايترو پري به ناهن. مون هن جي وائي تي پاڻ ڪا سٽ ناهي لکي، دراصل مان هن جي غزل بعد نظم کي پڙهي انهن ۾ وڃائجي ويو آهيان، اهو به ممڪن ناهي ته هن جي هرهڪ تخليق تي تفصيل سان لکجي.
    حق نواز شيراز چانڊيو پنهنجي دور جو هڪ سڄاڻ شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جو هي مجموعو ” اکرن جي اوگهڙ “ مون کي پڪ آهي ته پنهنجي پڙهندڙن وٽان ڀرپور موٽ ماڻيندو.

    وسيم سومرو
    بَهار 2018ع
    نواب شاهه ـــ سنڌ


    شاعري

    اسان کي جاڳ ڏيندي آ

    ٿڌا جذبا ٿين ٿا جي
    اُٿي هي آڳ ڏيندي آ
    اُٿاري تانگهه اُوندهه ۾
    اسان کي جاڳ ڏيندي آ..

    جڏهن ڪنهن هار جا هوڙا
    ڌُٻڻ ۾ جي ڌُٻن ٿا پيا
    جتي ڪي ٽُوهه ٽوڪن جا
    ٽھڪ ڏيئي ٽُٻن ٿا پيا
    ۽ لالچ لوڀ ۾ ڪائنر
    اسانجا لِڱ لُٻن ٿا پيا
    اچي ڪا ياد ماضي جي
    وري ويراڳ ڏيندي آ.
    اُٿاري تانگهه اوندهه ۾
    اسان کي جاڳ ڏيندي آ...

    ڪڏهن مايا جي محور ۾،
    مُنجهي جي مرد ويندا هن،
    ڪٿي فاقن جي فڪرن ۾،
    فنا جي فرد ٿيندا هن،
    جڏهن چئونرن جي چوڌاري،
    ڪي چهرا زرد ٿيندا هن.
    تڏهن رِمجهم ۾ ڪا انڊلٺ،
    رنگن جو راڳ ڏيندي آ.
    اُٿاري تانگهه اُوندهه ۾
    اسان کي جاڳ ڏيندي آ....

    اسانجو وجد ٿي وحشي
    خلائن ۾ جي گم ٿئي ٿو
    اسان جي هوش جو هوڙو
    دريائن ۾ جي گُم ٿئي ٿو
    ڪٿي ڪشڪول قسمت جو
    انائن ۾ جي گُم ٿئي ٿو،
    تڏهن شيراز ڀاڪر ۾،
    ڀري هيءَ ڀاڳ ڏيندي آ.
    اُٿاري تانگهه اُونده ۾
    اسان کي جاڳ ڏيندي آ....


    اَرپنا

    تنهنجي يادُن ۾ ويهي مُون جيڪي لکيا،
    پيار سان سي سَهيڙيل سمُورا پَنا،
    ٿَئي مُنهنجي اَرپنا، ٿَئي مُنهنجي اَرپنا۔۔۔۔

    مُنهنجون رَچنائُون جِيون جُون جادُوگريُون،
    سُونهن جِن کان ڇِني سي سڀئي ڇوڪرِيُون،
    پيار جِن کي مِليو سي مگر ٿورڙيون،
    گِيت منهنجا سڀئي، سازَ جِن کان ڇِنا،
    ٿَئي مُنهنجي اَرپنا، ٿَئي مُنهنجي اَرپنا۔۔۔۔


    ڪير جيون سان آ جنگ جهيڙي سگهيو،
    ڪير مُرڪون مُحبت آ ميڙي سگهيو،
    سُونهن سچائي کي آ سَهيڙي سگهيو،
    ڀِيڪ ۾ جا مِلي، سا سڄي چاهنا،
    ٿئي مُنهنجي اَرپنا، ٿَئي مُنهنجي اَرپنا۔۔۔۔

    رُوحَ جُون راحَتُون، زِندگِي ٿي گهُريون،
    پيار ۽ چاهتون، زِندگي ٿي گهُريون،
    ڪيتريون ساعَتُون، زِندگي ٿي گهُريون؟
    پل جا هر پل رهي، پيار جي کوجنا،
    ٿَئي مُنهنجي اَرپنا، ٿَئي مُنهنجي اَرپنا۔۔۔۔

    جي وِساري ڇڏيئي، مُون کي ڪو گَسَ ته ڏي،
    ڏَڍَ سان شِيراز مان، ڪيئن لَڙان ڏَسَ ته ڏي،
    رُڃَ، بيابان، رِڻ، رُوح جو رَسَ ته ڏي،
    بيوسي، بيڪسي، ڀاڳَ جي ڀَوڳنا،
    ٿَئي مُنهنجي اَرپنا، ٿَئي مُنهنجي اَرپنا۔۔۔۔


    سُڃاڻَپ

    مُنهنجي چَپڙَن کي ڪو چَپَ ڏئي وڃي ها،
    مُونکي پَنهنجي سُڃاڻَپ ڏئي وڃي ها۔

    تَحفّظ جي تِکِي تَلوار ڏئي ها،
    ڪو ڀَٽڪيل رُوحَ کي بَس پيار ڏئي ها،
    خِلائُن جو ڀلي ڊَپ ڏئي وڃي ها،
    .مُونکي پَنهنجي سُڃاڻَپ ڏئي وڃي ها.

    اَندر اُڌما چَوَن ٿا آ جَواني،
    گهُنج مُنهن جا چَوَن ٿا ٻي ڪَهاڻي،
    جَواني يا ڪُراڙَپ ڏئي وڃي ها،
    مُونکي پَنهنجي سُڃاڻَپ ڏئي وڃي ها.

    ڪڏهن پِنبڻين ۾ آڇي ڪنهن ٿي چاهت،
    ڪنهنجي آنچل ۾ پاتي مُون هُئي راحت،
    جَواني جي سا لِڪ ڇَپ ڏئي وڃي ها،
    مُونکي پَنهنجي سُڃاڻَپ ڏئي وڃي ها.

    جُڳَن کان مُون وِڃائي پنهنجي صُورَت،
    مُونکي نَفرَت مِلي آ ڏَئي مُحَبت،
    ڏَنگي شِيراز ڏَاهَپ ڏئي وڃي ها،
    مُونکي پَنهنجي سُڃاڻَپ ڏئي وڃي ها.


    مُنهنجي شاعِريءَ تي ڪندي شَڪ پُڇي ٿي،

    مُنهنجي شاعِريءَ تي ڪندي شَڪ پُڇي ٿي،
    ڪا اَکرن جي اَوگهَڙ اچانڪ پُڇي ٿي۔

    مِلي ٿي ته مُنهن تان صُبح مَاڪَ مَيڙي،
    ڳَلَي کان ڳِٽي تڪ ڳَڻي چَڪُ پُڇي ٿي۔

    وَري وارَ وِکريل هَٿن سان سَجائي ،
    ڪِٿي رات تو آ ڀَڳو ٿَڪ پُڇي ٿي.

    عَدالت آ ڌَرتي ۽ مان آهيان مُجرِم،
    مَري وِيا ڇو ٿَر ۾ سي ٻَالَڪ پُڇي ٿي۔

    اَڃان دِل سُتو ٿي، پِرِهه کان اڳي ئِي،
    اُجهَن ٿا جي ڏِيئَا ته دَستَڪ پُڇي ٿي۔

    مَتان سَانوَري ڪا ئِي شِيراز سُڏڪي،
    مَرَڻ کان اڳي دِل جي ڌَڪ ڌَڪ پُڇي ٿي.


    چاهتُن جا گُلاب

    هِيءَ جا جِيوَن ۾ اَڄ اُٿَل آئي، ڪوئي رِڻ ۾ سَنگِيت ڇَيڙي ٿو،
    ڪوئي دِيوانو چَاڪ دَامن سان، چَاهتُن جا گُلاب ميڙي ٿو۔

    ڪِنهِنجي نَيڻَن جا خُواب جاڳن ٿا،
    چَاهتُن جا عَذاب جاڳن ٿا،
    ڪي ٿَڌا سَاههَ، ڪيئي شُوڪارا،
    دِل، اَکيُون ۽ ڪِتاب جاڳن ٿا،
    رَت جَڳَن سان اِيئين ڪو جهَيڙي ٿو۔

    ڪوئي دِيوانو چَاڪ دَامن سان، چَاهتُن جا گُلاب ميڙي ٿو۔

    زِندَگي ڇو ڊِگهي صَدِئَ جِهڙي،
    يا اُڃايل سِنڌُو نَدئَ جِهڙي،
    ڪِنهِن پُراڻي ڪَٻاڙخاني ۾،
    زِندَگي شَاعري رَدئَ جِهڙي،
    چَاڪ مَاضئَ جا اِئين اُڊيڙي ٿو،


    ڪوئي دِيوانو چَاڪ دَامن سان، چَاهتُن جا گُلاب ميڙي ٿو۔


    زِندگي جي زنجير بنجي ٿي،
    ڪا جَواني اسِير بنجي ٿي،
    چاهتُن جي بَٺيءَ مان ڏِس ڪيئن،
    ٻاڦَ نڪري سَرِير بنجي ٿي،
    آس پوکي ٿو، خواب کيڙي ٿو،

    ڪوئي دِيوانو چَاڪ دَامن سان، چَاهتُن جا گُلاب ميڙي ٿو

    ڪوئي جِيئَڻ جو ڏَانءُ ڳولِيندي،
    ڪوئي ڇَيرَن جي ڇَانءُ ڳولِيندي،
    ڪوئي شِيراز شَام ٿِيندي ئِي،
    پَنهنجي ائڊريس، نانءُ ڳولِيندي،
    پَير فُٽ پاٿ تي ڊِگهيڙي ٿو،

    ڪوئي دِيوانو چَاڪ دَامن سان، چَاهتُن جا گُلاب ميڙي ٿو.


    زِندَگيءَ جو شَعُور بَخشي ٿو،

    زِندَگيءَ جو شَعُور بَخشي ٿو،
    ڪوئي پَل پَل ۾ پُور بَخشي ٿو۔

    مُونکي دَردَن جي اِنتها ڏيئي،
    مُنهِنجي غَم کي غرُور بَخشي ٿو۔

    اُن زَماني ۾ مان رَهان ٿو جِت،
    ڪير ڪِنهنجو قَصُور بَخشي ٿو۔

    ڀَوڳنائُن کي ڪوئي ڀَوڳي ٿو،
    ظَرف کي ڪو ظَهُور بَخشي ٿو۔

    جن ڏِٺو آهي چاندني چِهرو،
    تن جي نَيڻن کي نُور بَخشي ٿو۔

    شَور شِيراز مُونکي وَڻندو آ،
    درد دل کي سرُور بَخشي ٿو۔


    حياتي

    حياتيءَ فال ۾ نِڪتي ،
    ڪا پَٿري دال ۾ نِڪتي،
    لُڏي ٿِي لام لَوڏن سان،
    ڇِلي ٿي بُت کي ڇَوڏن سان،
    ڇو آ پَل پَل پَٿرجي ويو،
    سڄو تن من پَگهرجي ويو،
    ڇسي تسڪين ٿي وئي آ،
    وڌو ڪنھن لُوڻ جِيون ۾،
    لَسِي نمڪين ٿي وئي آ.

    مِٽيءَ جون مُورتيون ٺاهي،
    مُونکي جڪڙيو ويو آهي،
    هو جا مذهب جي ڏائڻ آ،
    جنهن جو مقصد ئي ڊاهڻ آ،
    چڙهي ويٺي اچي چُلهه تي،
    اجهو وِڪجي وئي مُلھه تي،
    دغا جو دِين ٿي وئي آ،
    وڌو ڪنھن لوڻ جيون ۾،
    لَسِي نمڪين ٿي وئي آ.

    ڪوئي لاشا پروڻي ٿو،
    ڪوئي ڌرتيءَ کي ڌُوڻي ٿو،
    ڪٿي سِج سينو تاڻي ٿو،
    ڪوئي اُوندهه کي ڇاڻي ٿو،
    اگر شيراز هلچل آ،
    ته پوءِ هي دل ڇو پاڳل آ،
    رڳو بس شور آ برپا،
    اٽي جو ٽِين ٿي وئي آ،
    وڌو ڪنھن لوڻ جيون ۾،
    لَسِي نمڪين ٿي وئي.


    زِندَگي جي زَنجير بنجي وَئي،

    زِندَگي جي زَنجير بنجي وَئي،
    ڪا جَواني اَسِير بنجي وَئي،

    شَوق شُعلن سان شام گهارَڻ جو،
    زِندَگي ڇو شَرِير بنجي وَئي،

    مِاڪ جو وَاڪ پَئي لڳو جِنهن دَم،
    ٻَاڦَ نِڪتي سَرِير بنجي وَئي،

    بي ضَميري اسان جي جوڌَن جي،
    مُنهنجي جَذبَن لئهِ جهِير بنجي وَئي،

    چاهتن جي چَڪيءَ مان نِکري اَڄُ،
    زِندَگي بَينظير بنجي وَئي،

    نانءُ شِيراز جو وَتئي مُرڪي،
    هَر تَمَنّا حَقِير بنجي وَئي


    زِندگي هُو وٺي زِندگي ڏيندو آ،

    زِندگي هُو وٺي زِندگي ڏيندو آ،
    ڪا خبر ناهي ڇا اجنبي ڏيندو آ.

    ڌَڙڪنون مون کي ڏيئي دل رکي پاڻ وٽ ،
    هڪ نئين طرز جي دل لڳي ڏيندو آ.

    مان انهيءَ کي خدا ڇونه پنهنجو ڪيان،
    منهنجي جذبن کي جو بيخودي ڏيندو آ .

    ڪوئي سِگريٽ جو دُونهون فضا ۾ ڇڏي،
    پنهنجي تحرير کي پُختگي ڏيندو آ.

    وقت شيراز تنهن دم رُڪي ٿو وڃي،
    هُو جڏهن هٿ تريءَ تي چُمي ڏيندو آ


    وري ڪا رَت جَڳن جي رُت لَڙي آ،

    وري ڪا رَت جَڳن جي رُت لَڙي آ،
    وري شايد حياتيءَ ڪاوڙي آ،

    وري پل پل عَذابِ زِندگي هِن،
    وري جَبرِ مُسلسل هر گهَڙي آ،

    هِي ڪهڙي پَن ڇَڻڻ جي مُند آئي،
    چَمن جي هر ڪَلي ويئي سَڙي آ،

    اڃان به گُل ٽِڙَڻ جي آس ۾ آ،
    هي منهنجي دل به ڪيڏي وائڙي آ،

    جا لڳندي هُئي مٺي شيراز مُونکي،
    حَياتي وِهه کان وڌ اڄ سا ڪَڙِي آ.


    خيال اڻپُورا

    خواب خالي، خيال اڻپُورا،
    کوڙ سارا سوال اڻپُورا.

    وحشتن کان وڌيڪ ڇا ٿيندا،
    نعرا پَٿر تي لِيڪ ڇا ٿيندا،
    جِن لَڳايو ڳلي غُلامئَ کي،
    ٺَوڪرَن ۾ سي ٺِيڪ ڇا ٿيندا،
    ڇَڏَ غُلامئَ جا سال اڻپُورا.


    سَوچيم اَڄ شَهيد ٿي ڏِسجي،
    سُونهَن خاطر خَريد ٿي ڏِسجي،
    نااُميدئَ جي ڌُٻَڻ ۾ ڀي،
    ڪِنهن جي دل جي اُميد ٿي ڏِسجي،
    ڇو نه ڀَرجن هي خال اڻپُورا.

    مُنهنجي لَفظن ۾ جي وِٿيُون آهِن،
    ڪُند ذِهنن سِٽُون چِٿيُون آهِن،
    مَات مُنهنجو ۽ موت ماضئَ جو،
    دُشمنن سازشُون رِٿيُون آهِن،
    شِعر رهجن نه شال اڻپُورا.

    بيقراري قرار جو جهڳڙو،
    پَن ڇَڻڻ ۽ بهار جو جهڳڙو،
    مُونکان شِيراز ڪين حل ٿِيندو،
    زندگانيءَ جي بار جو جهڳڙو،
    مُنهنجو ماضِي ۽ حال اڻپُورا.


    رَاتين سان جهيڙڻ

    اَوهان سَپنن کي ميڙيو آ سدائِين،
    اَسان رَاتين سان جهيڙيو آ سدائِين.

    قَلَم جي ڏَات کي بَس ڪات ٺاهي،
    ذَرَن، پُرزَن کي پَنهنجي ذَات ٺاهي،
    سِٽُن سَچ کي سَهيڙيو آ سدائِين،
    اَسان رَاتين سان جهيڙيو آ سدائِين.

    جَڏهن سُورج لَٿو ۽ سَانت ٿي وئي،
    جَڏهن ڪا شَام سُڏڪي شَانت ٿي وئي،
    نَدِئَ ڇَيرن کي ڇَيڙيو آ سدائِين،
    اَسان رَاتين سان جهيڙيو آ سدائِين.

    تُنهنجي چِٺِي چُمي شِيراز ڳولي،
    پُراڻِئَ مَيز جي دَرَاز کولي،
    اَسان اَندر اُڊيڙيو آ سدائِين،
    اَسان رَاتين سان جهيڙيو آ سدائِين


    حُسن ڪومائجي وَيو آهي،

    حُسن ڪومائجي وَيو آهي،
    عشق ورهائجي وَيو آهي.

    خواب نيڻن ۾ هاڻ ڪيئن پلجن،
    عڪس ڌُنڌلائجي وَيو آهي.

    زخم منهنجي بدن تي ڏسندي ئي،
    گهاءُ گهٻرائجي وَيو آهي.

    هِي ستم ناهي باقي ٻيو ڇاهي ؟
    چاهه چورائجي وَيو آهي.

    حُسن پِيو عشق تي ڪري چَٿرون ،
    ڪوئي ٺُڪرائجي وَيو آهي.

    شام شيراز جو ، شفق جي پڇيو ،
    شهر شرمائجي وَيو آهي.


    لِڱن جا گهاءَ

    ڪِٿي، ڪِٿي، ڪِٿي هُئا پَڌَر پَڙاءُ ياد هِن،
    لِباس ها لَهُو لَهُو، لِڱن جا گهاءُ ياد هِن،

    ڪو دِهشتن جو دؤر هو، ذِهن ۾ زِلزِله رَهيا،
    ۽ سَختيُون ۽ سازِشُون، سَدا ئين سِلسِله رَهيا،
    مَگر اسان جا حَوصله بُلند بَرمله رَهيا،
    اڃان به آڳ اَنگ اَنگ، اَندر اُلاءُ ياد هِن،
    لِباس ها لَهُو لَهُو، لِڱن جا گهاءُ ياد هِن۔

    جَمال ها، ڪَمال ها، سي جاه ۽ جَلال ها،
    مَرَڻ کان جي مُڙيا نَٿي، سي مَرد بي مِثال ها،
    مَگر ڪِٿي ڪِنهن اَوٽ ۾، دَغا ڪندڙ دَلال ها،
    ڀِٽَن ۾ جي ڀڄي ويا، سي ڀاڙِي ڀاءُ ياد هِن،
    لِباس ها لَهُو لَهُو، لِڱن جا گهاءُ ياد هِن۔

    رَڳُن جي پَيچرَن منجهان، لَهُو اڃان هلي پيو،
    دِماغ جي ڳَليُن ۾ ڪو، ڏِيئو اڃان جَلي پيو،
    جِسم جي جهِير جهِير ۾، حَشر اِهو پَلي پيو،
    شِيراز شِهرِ شَور جا، سَڀئي لقاءُ ياد هِن،
    لِباس ها لَهُو لَهُو، لِڱن جا گهاءُ ياد هِن۔


    حَوصلو ۽ ولولو سڀ ساڻ ڪر،

    حَوصلو ۽ ولولو سڀ ساڻ ڪر،
    جيڪو ڪرڻو آهي ڌرتيءَ ڪاڻ ڪر.

    خواب خاموشيءَ ۾ ڪن ٿا خُودڪشيُون،
    ڇا لئهِ چُپ آن، اُٿ اُٿي مَانڌاڻ ڪر.

    ڪي ڪَڙيُون ، هَڻندي ڇَڙهيُون، پائين متان،
    ڇَيرَ ۽ زَنجِير ۾ ڇَنڊڇاڻ ڪر.

    تنهنجي پاڻيءَ تي ٿين قابض پَيا،
    تون ورائي آب کي مهراڻ ڪر.

    حَاصلاتن لئهِ کپي ڪُجهه حَوصلو،
    سَوچ کي شِيراز تون سَرواڻ ڪر.


    پَير ڇو پَنڌ پَرڀرا ڳولي

    پَير ڇو پَنڌ پَرڀرا ڳولي،
    آس ڇا لئه ٿي آسرَا ڳولي۔

    خَواب يادُن جي ڀِيڙَ ۾ ڪُچليا،
    ڪير سَاهَن جا پَيچرا ڳولي۔

    خَال بس خَال آ خِلائُن ۾،
    تَانگهه تنهن مان ٿي تِرورا ڳولي۔

    هيءَ غُلاميءَ جي اِنتها ناهي؟
    ڳَاٽَ ڀي طَوق ٿو ڳَرا ڳولي۔

    ڇا لئِه شِيراز ڇَيرَ پائين ٿو؟
    ذِهن ٿو ذَاتَ جا ذَرَا ڳولي۔


    مَنزلن جو نِشان ٿِينديون هِن،

    مَنزلن جو نِشان ٿِينديون هِن،
    ڪي وِکُون ڪُل جَهان ٿِينديون هِن۔

    دِل مان نِڪتل اثر ڪنديون آهِن،
    آهُون ڀي آسمان ٿِينديون هِن۔

    سُور مان سرجيل سِٽون ساديون،
    دَرد جو داستان ٿِينديون هِن۔

    ڌُوڙَ ۾ سَوچ جي دَفَن هُوندي،
    رَهبَريُون رائيگان ٿِينديون هِن۔

    ڪَائِناتُون هِنن جو مُلهه ناهن،
    ڌِيئُون بَابَن جو مَان ٿِينديون هِن۔

    چِيخ شِيراز جي کي قَيدَ ڪندين؟
    ڪجهه رَڙيُون لامَڪان ٿِينديون۔


    جي سَوالن جا مُنهن کُلي وِيندا،

    جي سَوالن جا مُنهن کُلي وِيندا،
    رَابطا رَاھ ۾ رُلي وِيندا۔

    سِلسِله پيار جا هليا جڏهن،
    ڀَاڳ ڀُڻڪڻ تڏهن ڀُلي وِيندا۔

    چُپ چُپاتي چَپن جي چاھ چَکيان،
    ڇِرڪ سَارا ڇُپِي، ڇُلي وِيندا۔

    ٿو مَڃان نِنڊَ آ مَگر جَذبا،
    جَاڳَ جي جهَولَ ۾ جهُلي وِيندا۔

    سُورَ تُنهِنجا ۽ زندگيءَ جا زَخم،
    گھاءُ گھاوَن ۾ اَڄ گھُلِي وِيندا۔

    شِعر شِيراز تُنهِنجا شَرميلا،
    هَوڪرَن جِيئن هِتي هُلِي وِيندا۔


    تو بِن لوليءَ ۾،

    تو بِن لوليءَ ۾،
    گِيتَ، پروليءَ ۾،
    رات جي تاريڪي،

    سپنن جي دُنيا ساري ۽،
    چاه جي ٻوليءَ ۾،
    رات جي تاريڪي،

    ڪاروڪاري، مارا ماري،
    رِيت رتوليءَ ۾،
    رات جي تاريڪي،

    اَخبارن کي ساڙَڻ ڇاهي؟
    سَولي ٻوليءَ ۾،
    رات جي تاريڪي،

    جِنهن سان رَوشن جِيون اُن جي،
    اَڄ هَر ڇوليءَ ۾،
    رات جي تاريڪي،

    بَندُوقن سان ڏِينهن ٿو چاهين،
    گَولي، گوليءَ ۾،
    رات جي تاريڪي،

    اُجري صُبح شِيراز گهُريَئي ٿي،
    پاتئي جھوليءَ ۾،
    رات جي تاريڪي


    آوارَن جو سَاجن ڪِهڙو؟

    آوارَن جو سَاجن ڪِهڙو؟
    فُٽ پاٿَن جو جِيوَن ڪِهڙو؟

    وَقت جي ڪارَنهن تُنهنجي مُنهن تي۔
    ڇوريءَ تُنهنجو جَوڀَن ڪِهڙو؟

    ڦِهلايان مان تُنهنجي آڏو۔
    لِيڙُون لِيڙُون دامَن ڪِهڙو؟

    پِئسي تي ٿو پيار وِڪامي۔
    دِليُون هاڻي ، ڌَڙڪن ڪِهڙو؟

    سِج مَڃيوسين نِڪري ٿو پر۔
    ظُلمت هاڻو ، روشَن ڪِهڙو؟

    چِهرا ڌَوپِي اُجرا ٿي ويا۔
    دِليُون ميريُون ، ڌَوپَن ڪِهڙو؟

    پنبڙين ۾ جي بند ڪرين ٿي۔
    ڏَوهه ڪيو آ نَيڻن ڪِهڙو؟


    هُو چَنڊ آ لِڪي ويو ۽ چاندني سُمهي پئِي،

    هُو چَنڊ آ لِڪي ويو ۽ چاندني سُمهي پئِي،
    چادَر مِٽِيءَ جي تاڻي هُوءَ زِندگي سُمهي پئِي

    ٿِي رَاند جي پُڄاڻي ، آخر کَٽي وَئي اُوندَهه ،
    کائي شِڪست اَنڌ کان هيءَ روشني سُمهي پئِي

    ڇا ڏوهه ڪوئي اهڙو مون زِندگي ڪيو آ ؟
    تقدير منهنجي ڇا لئه مونکان رُسي سُمهي پئي؟

    پُڇيم ته چاهتُن جو ڪو ڏَس پَتو به آهي ؟
    هيڏِي وِشال ڌرتي ڳوڙها اُگهي سُمهي پئي ۔

    هِيءَ مات آھي ڪِنهنجي يا بي حسي زمانا ؟
    جذبن جي جنگ جوٽي ديوانگي سُمهي پئي ۔

    شِيراز بي وسيءَ جي هيءَ اِنتِها نه چئبي ؟
    ڪنهنجي چپن جي پياسِي تڙپي چُمي سُمهي پئي ۔


    مَن جي آڳ

    تُون ڪِيئن وِسايئندين، هي مَن جي آڳ آهي،
    هِڪ ڏِينهن جي ڳالھ نه آ، صَديَن جي آڳ آهي۔

    طُوفان به هن پَنهنجا، زِندان به هن پَنهنجا،
    بيڏوھ مَرَن ٿا جي، اِنسان به هن پَنهنجا۔
    ڇا نانءُ ڏِيان هن کي، دامن جي آڳ آهي۔

    ڪو چَاھ به ٿِيندو آ، ويسَاھ به ٿِيندو آ،
    ڪو خُواب دُکي، دُکَندي، آڙاھ به ٿِيندو آ۔
    معصُوم جَوانيءَ جي، سَپنن جي آڳ آهي۔

    جي گھُنگھرُو شَور ڪري ۽ توکي بَور ڪري،
    تُون دُور خِلائُن ۾، هي ڏِسجان غَور ڪري،
    جذبا جي رهيا جلندا، هي تن جي آڳ آهي۔

    هي اِنڊلٺ رَنگ بنا، ڪِنهن بَخمل اَنگ بنا،
    هي گِيت اڌُورو اڄ، آ تُنهنجي سَنگ بنا،
    جو گذريو تو بن آ، جِيون جي آڳ آهي۔

    هي خُواب جِهڙي چَاهت، تَيزاب جِهڙي چَاهت،
    دَردن جي پَيرن ۾، جَوراب جِهڙي چَاهت۔
    شِيراز جهُڙالي ۾، جَوڀَن جي آڳ آهي.


    هُو جو مُونکي ڇڏي شام ڌاري ويو،

    هُو جو مُونکي ڇڏي شام ڌاري ويو،
    وَقت جي ڌُوڙ کي بس اُڏاري ويو۔

    صِرف ڪاغذ، قَلم، ڪجهه سِٽُون زِندگي،
    ڪِنهنجي جِيون کي ڪو اِيئن کاري ويو۔

    وَاس خُوشبُو سَندو ڪو وَٺي، ڪِيئن وَٺي؟
    ڪو گُلن جي مَٿان زِهر هاري ويو۔

    خُود اَنڌيرَن ۾ جيڪو رَهيو عُمر ڀَر،
    جَوت جَڳَ ۾ سو جَذبن جي ٻاري ويو۔

    لَوڪ شِيراز چَئي ٿو مَرَڻ کان اڳي،
    تُنهنجي نَالي کي هَر هَر پُڪاري ويو۔


    وَجُود جو هر ذَرَو ذَرَو ٿو بُلَنديُون ۽ ڪَمال چاهي،

    وَجُود جو هر ذَرَو ذَرَو ٿو بُلَنديُون ۽ ڪَمال چاهي،
    ڪَري جو هِن کي خُدا جي ويجهو، خَمِير اِهڙو خَيال چاهي۔

    ذِهن جا سارا ڪَٻاڙ خانا اُلٿ پَلَٿ ٿيا، مَگر الئهِ ڇو؟
    صَدين جو زَنگيَل ضَمِير پوءِ ڀِي، زَوَال تي بَس زَوَال چاهي۔

    هِي گُگهه اُوندَھ، اُدَاس راتيُون، ڪَرَڻ ٿو چاهي پِرِھ سان باتِيُون،
    ڪو سَرد لاشو لَحد مان نِڪرِي، ڌَمال تي بَس ڌَمال چاهي۔

    سِتَم سِياپا سَماج اَرپيا، جِگَر ۽ جَيرا به جهِيرجي ويا،
    وَکَر وَکَر لئهِ ڇو وَائِڙو ٿي ، ٿو وُسعتُون هي وِشَال چاهي؟

    آ دِهشَتَن ۾ دَٻيل رَهيو پر، شِيراز تُنهنجو هِي شَوخ مَنڙو،
    ڪنهن چَاندنِيءَ کي چُمَڻ گهري ٿو ، چَڪَورَ جِهڙي ٿو چَال چاهي۔


    هَوائُن کي ڇَيڙڻ

    ڪو خِزَائُن سان اُلجهِي نما شَام جو،
    سَارَ جا پَنَ سَهَيڙي رهيو هو پِرِين،
    ڪو هَوائُن کي ڇَيڙي رهيو هو پِرِين۔

    جي ڪِريا لُڙڪ تُنهِنجا غَزَل جي مَٿان،
    ۽ ٺهيا پَيچرا تُنهِنجي ڳَلَ جي مَٿان،
    جِيئن ڪَڪرَن ڪَڻيُون ڪِنهن ڪَنوَل جي مَٿان،
    مَاڪَ بُوندُون ڪو مَيڙي رهيو هو پِرِين،
    ڪو هَوائُن کي ڇَيڙي رهيو هو پِرِين..۔

    جِنهن اسانجي هَٿَن مان ها بَستا ڇِنا،
    ڄڻ مَيَاڻِي، دُٻي ۾ ها دَستا ڇِنا،
    رِڻ ۾ رَولائي رَهزَن ها رستا ڇِنا،
    ٿَاڪ تان ڪير ٿَيڙي رهيو هو پِرِين،
    ڪو هَوائُن کي ڇَيڙي رهيو هو پِرِين..۔


    خاموشي ۽ خِزان، خَواب خالي رَهيا،
    سَچَ، سُونهَن، سَوچَ ڇو سڀ سَوالِي رَهيا،
    مَاءُ تُنهنجو مُقَدَر مَوَالِي رَهيا،
    پَرَ اَنڌَيرو پَکيڙي رَهيو هو پِرين،
    ڪو هَوائُن کي ڇَيڙي رهيو هو پِرِين..۔

    ڪير شِيراز شامِل رَهيو خواب ۾،
    بَاکَ جي بات هُئي، رَات جي بَاب ۾،
    سُونهن ڀي شَانت هُئي، شَور سيلاب ۾،
    ڪير جِيوَن سان جهَيڙي رَهيو هو پِرين،
    ڪو هَوائُن کي ڇَيڙي رهيو هو پِرِين..۔


    تون پاڻ غزل آهين

    سمنڊن جي اُڇل آهين يا تاج محل آهين،
    شعرن ۾ رَچيان مان ڇا، تون پاڻ غزل آهين.

    بارود جي گولين ۾، يا خون جي هولين ۾،
    ڦاهيءَ جي سرڪڻ تي، يا جيل يا کولين ۾،
    تون پيار جو پَل آهين.
    شعرن ۾ رَچيان مان ڇا، تون پاڻ غزل آهين...

    تون ڇانيل ساگر تي، ۽ جيون جي جَرَ تي،
    هن ڌُٻڻ حياتيءَ ۾، ماحول جي سينوَر تي،
    ڪو نِيل ڪَنول آهين.
    شعرن ۾ رَچيان مان ڇا، تون پاڻ غزل آهين...

    تون پيار جي سرگوشي، جيئن مُرڪي خاموشي،
    ڪن رشڪ پيا توتي، مئيخوار ۽ مئي نوشي،
    تون سنڌوءَ جَلَ آهين....
    شعرن ۾ رَچيان مان ڇا، تون پاڻ غزل آهين...

    انعام تون فطرت جو، پيغام تون چاهت جو،
    هن پٿر دنيا تي، شيراز محبت جو،
    ڪو مينهن وُٺل آهين.
    شعرن ۾ رچيان مان ڇا، تون پاڻ غزل آهين...


    ڪَراچي

    ڪَراچي هَنجَ ۾ تُنهِنجي،
    وَري سَپنا کڻي آيُس،
    وَري ڏي ڇَانوريُون ڇَولِيُون،
    بَدَن سارو سَراپي ڇڏ،
    نٿيُون مُونکي کَپَن گوليُون،
    وِڄُون ڪي آڻ چَاهَت جُون،
    ڇِڇَورا ڇَاپ ڇَاپي ڇڏ۔
    ڪَراچِي مان هِراسيل آن،
    جِيئين ڪو قَيد ۾ ڳَيرو،
    نه جِنهن جو ڪوئي آکيرو،
    ڪَراچِي گَار جا ڳَانا،
    مُنهنجي ڳَٽَ ۾ وِڌل آهِن،
    مُنهنجا دَانا به دِيوانا۔
    مَنهوڙي کان جو موٽان ٿو،
    مَلاحَن سان بَتيلي ۾،
    کڻي ڪي ڪوڏيُون هَٿَ ۾،
    وَري ڇَوليُن ۾ سوچان ٿو،
    مُنهنجي گهَرَ کي سَجائِن جي،
    کَپَن ٿِيُون روشنيُون اِهڙِيوُن،
    نه ڪو ڏِيئَو اُجهَائِن جي۔


    سَڏَ، پَڙلاءُ کان اڳي پھتو،

    سَڏَ، پَڙلاءُ کان اڳي پھتو،
    پيار پَڇتاءُ کان اڳي پھتو۔

    مُونکي مَقتل ۾ ساٿ گهُربو هو،
    دوست هَو ڀاءُ کان اڳي پهتو۔

    نِنڊَ ۾ تُنهِنجي ياد جو ڪِرڻو،
    بَاکَ ڦِهلاءُ کان اڳي پهتو۔

    سِنڌَ تُنهنجو وَجُود هو جَنگ ۾،
    ٺاھَ ٽَڪراءُ کان اڳي پهتو۔

    تو جي رَستا مَٽي ڇڏيا مُونکان،
    گهَاءُ اِيذاءُ کان اڳي پهتو۔

    شَوقَ شِيراز تُنهنجو مَجنون آ،
    ڪِيئَن پَٿراءُ کان اڳي پهتو۔


    رنگ ڪهڙا ؟ ڪلين جي قسمت آ،

    رنگ ڪهڙا ؟ ڪلين جي قسمت آ،
    تهمتون تتلين جي قسمت آ.

    هن جي پيرن ۾ ڇير ڇو آئي،
    درد ڇو دادلين جي قسمت آ؟

    جستجو ، جاڳ ، جنگ جذبن سان،
    بيقراريءَ ولين جي قسمت آ.

    مُدتن بعد هُو به تنها هو،
    ڌُوڙ ئي ڌانڌلين جي قسمت آ.

    دل جو شيراز در نه بند ڪجان،
    تيرگي بند ڳلين جي قسمت آ.


    ڏِنگي ڏات

    ڏاڍي ڏِنگي ڏات پُڇي ٿي
    جذبن کي ڪو موت به ايندو ؟
    رِڙهندڙ ، ڀَڄندڙ رات پُڇي ٿي
    هُو جي پاڇولا ٿا ڀاسن
    پوئين پهر جا پنڇي آهن
    ساهه جي سڀ سولا ٿا ڀاسن
    هُو جا ٽِڪ ٽِڪ گهڙيالن جي
    ويجهو سا محسوس ڪيان ٿو
    پيرن جا هي پنڌ سمورا
    جن ۾ رنگت آ ڇالن جي
    تولئه سڀ مخصوص ڪيان ٿو
    سِنڌوءَ ڪپ تي سوچيان ويٺو
    ڇا هِيءَ گيت، غزل سڀ منهنجا
    توسان جنگ ۾ شامل هوندا ؟
    جڳ کي جوش ، جنون هِيءَ ڏيندا ؟
    اِهڙي ڏات جا حامل هوندا؟

    ڇم ڇم جي ڇمڪار سان ڇيرون
    ڇاتين کي ڇِرڪائي وجهنديون
    يا هيءَ پاتالن جي پويان
    ديوانن جي دَزَ ۾ دٻجي
    واريءَ جي ذرڙن ۾ زنگجي
    اونداهين ۾ گُم ٿي وينديون
    نيڻن جي برسات پڇي ٿي
    ڏاڍي ڏِنگي ڏات پُڇي ٿي...


    وَکر اسانجا واٽ تي وِڃائجي وڃن ته پوءِ؟

    وَکر اسانجا واٽ تي وِڃائجي وڃن ته پوءِ؟
    هِي وهڪرا وجود جا ورهائجي وڃن ته پوءِ؟

    گهڻو ئي ناز آ رهيو، اسان کي پنهنجي ضبط تي،
    گهَمنڊ سارا گهُور سان جي گهائجي وڃن ته پوءِ؟

    ۽ حوصلن سان حالتن کي حاصلات ٿي ملي،
    غُلام در غُلام ڀي گهٻرائجي وڃن ته پوءِ؟

    هِي نَقش جي نئين دُنيا، نئين سمَاج جا جُڙيا،
    جي ڌُوڙ ۽ دُکن ۾ سڀ ڌُنڌلائجي وڃن ته پوءِ؟

    ٿو سَرحدُون سَماج پِيو اَڏي دِلين جي دَرميان،
    جي سُونهن، سَچَ ساھَ ۾ سَمائجي وڃن ته پوءِ؟

    اُلاءُ تو اُجهائِيا شِيراز شام جو مگر،
    اَڱر هي خاڪ مان وري دُکائجِي وڃن ته پوءِ؟


    چَاهَتُن جو چَسَ

    انهيءَ کان اڳ جو سُونهَن جي وِشالتا مَرِي وڃي،
    ۽ رَکَ ۾ اڱَر جو آ، دُکي دُکي ٺَرِي وڃي،
    انهيءَ کان اڳ جو پَيچرا به پَنڌَ کان پري ٿين،
    تون لوڪَ کي لَپاٽَ ڏي، ته راحَتُن جو رَسَ پِيئُون،
    آ چَاهَتُن جو چَسَ پِيئُون۔

    انهيءَ کان اڳ جو مَاٺَ ۾ مُحبتُون مَرِي وڃن،
    جي تُهمتُن جي تاءُ سان، ڳالهڙيُون ڳَرِي وڃن،
    ۽ نِينهن جُون نِشانڙِيوُن، باھَ ۾ ٻَرِي وڃن،
    زَخَم زَخَم وجُود جي، پاڻ ٻيئي پَسَ پِيئُون،
    آ چَاهَتُن جو چَسَ پِيئُون۔


    انهيءَ کان اڳ جو وِکَ وِکَ وجُود هي وِڃائجي،
    بَدَن جي باھ بَرف ٿي ۽ آڳ سان اُجھائجي،
    خُمار سڀ ختم ٿين، گلاس کي گهُمائجي،
    مَچائي مِحفِلُون ھي مِئه ، جنهن جو جيڏو وَسَ پِيئُون،
    آ چَاهَتُن جو چَسَ پِيئُون۔

    انهيءَ کان اڳ ڀَرَم سڄا ڀَسَم ٿين، خَتَم ٿين،
    نَرَم نَرَم جِسم ڪُڌي رَسَم جي سُورِئَ تي چڙهن،
    شِڪَستُون سڀ شراب ۾ شَرَم کان جي ٻُڏي مَرَن،
    شِيراز ڍُڪ حَياءُ جا، جيترا اَٿَس پِيئُون،
    آ چَاهَتُن جو چَسَ پِيئُون۔


    هر گهڙِي ڏات ٿي پڇي مون کان،

    هر گهڙِي ڏات ٿي پڇي مون کان،
    منهنجي اوقات ٿي پڇي مون کان.

    وجد ڇا جو، وجود ڇا جو آ؟
    ذات هر ذات ٿي پڇي مون کان.

    ضابطا ضبط کان ضروري ڇو؟
    راھ ۾ رات ٿي پڇي مون کان.

    منهنجي هستيءَ جي ڇا بناوٽ آ؟
    ڌوڙ ڇو ڌات ٿي پڇي مون کان.

    تنهنجو شيراز شاعريءَ جيون؟
    هي سڪرات ٿي پڇي مون کان.


    جَمهُور جهُريو هُوندو

    سيلاب ڪو سُورَن جو،
    حَد کان جي وَڌيو هُوندو،
    بَندَ ٽَوڙي ڪو ڳَوڙهو،
    نيڻن مان ڪِريو هُوندو۔

    ڪي خواب ڀِنا هُوندا،
    اَکڙين جي آڳُر تي،
    ڪنهن ڪُلف ڏِنا هُوندا،
    چَپڙَن جي چُرپُر تي،
    جِيجَل جي جھوليءَ جيئن،
    جَمهُور جهُريو هُوندو۔۔۔

    ڇَيرَن جي ڇَم ڇَم ۾،
    ڪا چِيخ دَٻيل هُوندي،
    آهُن جي البم ۾،
    تارِيخ دَٻيل هُوندي،
    ۽ خوف منجهان ڀُڻڪي،
    ڪو ڀَرَم ڀُريو هُوندو۔۔۔۔

    ڏُکَ کان به ڏُکي هُوندي،
    چِيريو ته هُوندو جِنهن چَمَ،
    دامَن مان دُکي هُوندي،
    بارُود جي بَاھ ۽ بَمَ،
    جِنهن پيار جي پَرچَم کان،
    ڦَڙڪَڻ ئِي ڦُريو هُوندو۔۔۔۔

    سَاهَن جي سَنگَم ۾،
    هِئَ رُوحَ پنهنجو رَمتو،
    شِيراز طلاطَم ۾،
    هو عَزم پنهنجو پُختو،
    سِر سَاھَ سڄو گهوري،
    سِڪَ ڏانهن سُريو هُوندو۔۔


    ڪوئي ٻالَڪ ٿو پينسِل گهَڙي جهَولَ ۾،

    ڪوئي ٻالَڪ ٿو پينسِل گهَڙي جهَولَ ۾،
    ڳَوڙهو قُلفِي جيان ٿو ڳَڙي جهَولَ ۾۔

    مُون ٿي چاهيو نه دَامَن هِيءَ آلو ٿِيئي،
    اَکَ مان ڇو لُڙڪ پِيو ٿو لَڙي جهَولَ ۾۔

    خَارَ جيڪي مِليا خَواب جي ديس ۾،
    سڀ سنڀالي رَکيا وَائِڙي جهَولَ ۾۔

    آسمانن جُون چِيخُون نه نِڪري وَڃَن،
    کَڻَ نه آهُن جي اَرٿِي اَڙي جهَولَ ۾۔

    ڪِنهنجو مِٺڙو لَهُو هو وَهيو رَوڊَ تي،
    ڪو ٿو لاشَن تان مَکِيُون تَڙي جهَولَ ۾۔

    ڪائِناتُن جُون شِيراز سوچُون گَڏي،
    ڪِئين سَلهاڙَي رَکيُون جِيتڙَي جهَولَ ۾۔


    پٿرن جو وجود

    اي هوائن جا پيچرا کڻندڙ
    وحشتن تي به جان وارين ٿو.
    تون پَنن کي به پَرَ ڏئي ٿو ڇڏين
    عام اکرن کي ايئن اڏارين ٿو.
    تون انڌاري جو اَنت آڻڻ لئه
    جي هوائن ۾ دِيپ ٻارين ٿو
    پٿرن جو وجود لرزي ٿو.

    ڪو پَتنگو پرن جلڻ کان پوءِ
    پوپٽن جي پُڪار بڻجي ٿو.
    وقت جنهن کي وڍي آ ڌار ڪيو
    رُوح جي بَڙَ جي ٽار بڻجي ٿو.
    ڪوئي پَستين ۾ به ڪرڻ کان پوءِ،
    عرش جو اعتبار بڻجي ٿو.
    پٿرن جو وجود لرزي ٿو.

    ڌنڌ جيڪر نصيب جي ڌرتي،
    جي ڇُهين تون ته ڇانورا ڇَٽجن
    زخم زرخيز ڪن ٿا بُت جي زمين،
    گھُور سان منھنجا گهاءُ هي گهٽجن.
    منزلون مُرڪندي ملي ٿيون وڃن،
    ۽ پنڌ ڪوھ جهڙا ٿا ڪٽجن.
    پٿرن جو وجود لرزي ٿو.

    وقت جي موت جو فرشتو ٿي،
    روح جي رَيوڙين کي رَڙڪي ٿو.
    ڪوئي ڀَنڀٽ بدن کي ساڙي ٿو،
    عشق شيراز جنهن ۾ ڀڙڪي ٿو.
    تنهنجي هٿ ۾ جو هي عَلَم آهي
    دار تائين ائين جي ڦڙڪي ٿو،
    پٿرن جو وجود لرزي ٿو۔


    مَڪڙي ڄارو اُڻندي هوندي

    جيڪي ڇڏيو هو گهر مون ڪڏهن
    وِيراني اُت پَلندي هوندي،
    مَڪڙي ڄارو اُڻندي هوندي.

    دُونهون دُونهون موسم هوندو،
    سِيوِي کاڌل يادون هونديون.
    سوچ جي سِيني بَلغم هوندو
    اُوندهه پيَرا کڻندي هوندي.
    مَڪڙي ڄارو اُڻندي هوندي....

    رُوح جي هوندا رَهڙيل هوندا
    سِيني ۾ ڪي سُور سموئي،
    دل تي ڄارا چڙهيل هوندا
    دَزَ اکين مان ڇَڻندي هوندي.
    مَڪڙي ڄارو اُڻندي هوندي....

    شُوڪارن سان ڦُڙ ڦُڙ لهندي
    دل ڳري هي ٿي وئي هوندي،
    دِيوارن جا چاپُڙ لهندي
    ياد به ڦيرا هَڻندي هوندي.
    مَڪڙي ڄارو اُڻندي هوندي....

    وياڪل وياڪل ويلو هوندو
    لُونءَ لُونءَ ۾ هلچل هوندي،
    ڪو شيراز اڪيلو هوندو
    وحشت جنهن کي وَڻندي هوندي.
    مَڪڙي ڄارو اُڻندي هوندي...


    پانڌ

    مان پَانڌَ کڻي آيس
    پَٽَ تي ته پَٿارڻ ڏي
    ٻُوٽين کي ٻُھارڻ ڏي.

    بَندن جي بيهوشي،
    مَڌَ جهڙي مدهوشي،
    هيءَ خُوني خاموشي.
    ٿورو ته وِيچارڻ ڏي،
    ٻُوٽين کي ٻُھارڻ ڏي.

    زنجيرون رسمن جون،
    ڄڻ ٻوليون اِسمن جون،
    ڪي ڪِيهون جِسمن جُون.
    چِيخن کي چَٻاڙڻ ڏي،
    ٻُوٽين کي ٻُھارڻ ڏي.

    سي ماڻھُو ڪيئن مرڻا،
    شيراز جي اڻ ڦِرڻا،
    جن اکڙيون ڄڻ ڪِرڻا،
    اُڀ کي ته اُڀارڻ ڏي.
    ٻُوٽين کي ٻُھارڻ ڏي۔


    ڏهرڪي

    اسان جو پيار پهريون آ،
    جئين ڪو ٻار پهريون آ،
    گُلن جي تازگي جهڙو،
    يا ڪنهن ماکي مِٺي جهڙو،
    ڏهرڪي ڏَنگ ڏوڪو آ.

    اڇو ٿر، لاڙ ۽ ڪاڇو،
    پراڻي پيار جو پاڇو،
    اکين جي يار ڀاڪر ۾،
    چپن جي ساري چُرپُر ۾،
    پرين جي نڪ جو ڪَوڪَو آ،
    ڏهرڪي ڏَنگ ڏوڪو آ....

    مقدس ماءُ جهڙو آ،
    سندس پڙلاءُ جهڙو آ،
    گهٽائن ۾ گهِري جيڪو،
    فضائن ۾ ڦِري جيڪو،
    صدين جو يار هوڪو آ،
    ڏهرڪي ڏَنگ ڏوڪو آ .

    ڪٿي خيالن جي گهرائي،
    ڪٿي شيراز اَرڏائي،
    سنڌوءَ جو وهڪرو آهي،
    ۽ سينو ويڪرو آهي،
    سُندر سَپنو اڄوڪو آ،
    ڏهرڪي ڏَنگ ڏوڪو آ.


    اسانجي بُتَ تي

    اسانجي بُتَ تي
    صدين کان ڪارا،
    وِڇُون ڏنگن ٿا،
    ڪو رنگ رنگن ٿا،
    ۽ ڏوهه سارو،
    اچي ٿو رُتَ تي.
    بکيا اُڊيڙي ،
    رهيو آ ڪوئي،
    وجُود جا ڀي،
    ۽ ڏند ٽيڙي
    رهيو آ ڪوئي.
    رَڳُن کي رَهڙُون،
    زخم مِليا هن،
    اکين جا آهُن،
    ڇَپَر ڇِليا هن،
    ڪا زرد ذِهنن،
    ۾ چَپڪلِش آ،
    ۽ خواب ۾ ڀي،
    کُلي خَلِش آ،
    اسان جي ورتي،
    آ راه رُڃَ ۾،
    سمُوري ڌَرتي،
    اسان آ جهاڳي.
    اندر جي اُڃَ ۾ ،
    مگر سويرو،
    اسان پُڄايو.
    هِتان کان ھُت تي،
    ۽ سُورَ سانڍي،
    وَچن نِڀايو،
    هيءَ سِج روشن،
    اسان سجايو،
    اوهانجي ڳُت تي،
    اسانجي بُت تي...


    رُڃ ۾ رَڙ

    زمانا تو جي غم آڇيا اسان کي،
    ڪٿي ڪهڙي گهڙي آجي رهي آ،
    ڪو اهڙو ناهي جو ورنائي هن کي،
    رُڳو رُڃ ۾ هي رَڙَ گُونجي رهي آ...

    ڪٿي جي ساھ سُستي ڪئي سَفر ۾،
    هلڻ جي هانءُ کي هُر کُر رهي آ،
    خلائن ۾ رُليس تارن جي پويان،
    رڳو بس چاھ جي چُرپُر رهي آ،
    تنهنجي تصوير هئي خوابن ۾ جيڪا،
    ڀيانڪ ڀَئو کان ڇو ڀُلجي رهي آ؟
    رُڳو رُڃ ۾ هي رَڙَ گُونجي رهي آ...

    انڌيرن ۾ڪٿي ساهن جي سُس پُس،
    رَڳن جي لاءِ ڄڻ ڪا روشني آ،
    ڪٿي ڇيرن جي ڪا ڇَنڪار گُونجي،
    ڇُهائن کان اُتي ڇاتي ڇِني آ،
    حياتي سَاھ سان جهَيڙي رهي هئي،
    اڃان تائين اها اُلجهي رهي آ،
    رُڳو رُڃ ۾ هي رَڙَ گُونجي رهي آ...

    زمين تي زِندگي ڇاڪاڻ پئي آ،
    ڪنھن ڦاٽل ڦُوڪڻي جيئن ڪئي ڦِٽي آ،
    تنهنجي پيرن ۽ ڇَيرن کي ڇُهي جا،
    ڪٿي شيراز جي اِهڙي مِٽي آ،
    ڌوئان ڪهڙو مان چِهرو چاهتن جو،
    انهيءَ تي ڌُوڙ بس پِئجي رهي آ.
    رُڳو رُڃ ۾ هي رَڙَ گُونجي رهي آ...


    روشنيءَ کي حِجاب ڇا لئه آ

    آ ڪِٿي ڇيڙ ڇاڙ ڇَيرن جي،
    بَخت جو بند باب ڇا لئه آ،
    روشنيءَ کي حِجاب ڇا لئه آ.

    پَير جي مَير ڪير صاف ڪري،
    ۽ غُلاميءَ جو اِعتراف ڪري،
    بُوند لئه باھ ڪير چاهي ٿو،
    ماڪ کي آهي ڪو جو معاف ڪري،
    خوف ۾ پنهنجو خواب ڇا لئه آ،
    روشنيءَ کي حِجاب ڇا لئه آ.

    ڏَات کي ڏانءُ ڪجهه ڏيڻ گهرجي،
    جَنگ جوٽي به اڄ جيئڻ گهرجي،
    ڪا ته سُرڪي سَرير چاهي ٿو،
    جيڪا اَمرِت ڪري پيئڻ گهرجي،
    ذهن ۾ اِضطراب ڇا لئه آ،
    روشنيءَ کي حِجاب ڇا لئه آ.

    شاعري ڪٿ فَساد چاهي ٿي،
    تُهمتون ۽ تَضاد چاهي ٿي،
    فلسفو ڦير ڦار چاهي ٿو،
    مُسڪراهٽ مَواد چاهي ٿي،
    ڏي نه خوشبو گُلاب ڇا لئه آ،
    روشنيءَ کي حِجاب ڇا لئه آ

    خَوف جي خَول ۾ سڄو جِيون،
    ڍُونڍ ۽ ڌَپَ ۾ دِليون ڌَڙڪن،
    شام شيراز جي لَٽا ٿي کَسي،
    ڳَوٿرين سان ڪٿي ٿا اَنگ ڍَڪجن،
    عرش جو هيءَ عذاب ڇا لئه آ،
    روشنيءَ کي حِجاب ڇا لئه آ.


    بي رَبط سڄو جِيون، هڪ ڳالهه ته منهنجي مَڃ

    بي رَبط سڄو جِيون، هڪ ڳالهه ته منهنجي مَڃ
    ڏئي ساھس ساهَن کي، هن سانت کي ٽوڙي وَڃ

    هيءَ گردش گِرهَن جي، مُونڏي به ته مَوڙي ڇڏ
    هن لوھ کي ڪر سَونو، ٿي پارس مونکي سَڃ

    مُدَت کان ڪو دودو، هن ديس نه آ جنميو
    آ ماءُ مري وئي يا، ٿي وئي آ ٿُوهر ٿَڃ

    ٿي جِسم سڄو شُعلا، شِيراز جَلي جنهن ۾
    ڪو ڀَنڀٽ ڀڙڪائي، ڀاڪر ۾ آرَس ڀَڃ


    ڳَڀرو

    سَمَي کان جي ڊِنا ناهن،
    ۽ ڌرتيءَ کان ڇِنا ناهن،
    جنين جا نَيڻ ڊرِل ٿي ويا،
    مگر جيڪي ڀِنا ناهن،
    هو جيڪي رَت ۾ لَت پَت ها،
    مگر پوءِ ڀي ڪِنا ناهن،


    جي گهائي ماريا ويا آهن، جي روڊن ڀر مليا آهن
    گُلابي بَوسڪي پاتل، اِهي ڳَڀرو اسان جا هِن

    مُترڪن آڱريون جن جون،
    چِٿيون آهن، ڀڳيون آهن
    جنين جي رُوح سان هردم،
    ڪيون هر ڪنهن ٺڳيون آهن،
    انهن جا هٿ رَتا ٿي ويا،
    جنين مهنديون لڳيون ناهن،

    انڌيري رات ۾ جن جا گهرن لاشا پڳا آهن،
    گُلابي بَوسڪي پاتل ، اِهي ڳَڀرو اسان جا هِن


    ڪٿي چھرا مَسَخ ڪيا ويا،
    ڪٿي لاشن کي ٻاريو ويو،
    اهي ماڻهو گُلن جهڙا،
    زهر جن کي پِياريو ويو،
    رَڳن جو رَت نپوڙيو ويو،
    گرم جِسمن کي ٺاريو ويو،

    ۽ ٽارچر سيل جا پِنڃرا، جنين جي رَت سان ڳاڙھا هن،
    گُلابي بَوسڪي پاتل، اهي ڳَڀرو اسان جا هِن

    جَنبورين سان ڪٿي ڇِڪجي،
    زبانون جهِيرجي ويون هن،
    ڪٿي چَھبڪ ۽ چاقوءَ سان،
    سي چَمڙيون چِيرجي ويون هن،
    ڪٿي ٻوٽيون ڪي جسمن کان،
    لٽن جيئن لِيرجي ويون هن،

    هو جي شيراز دِهشت جو نشانو ٿي ويا آهن،
    گُلابي بَوسڪي پاتل، اهي ڳَڀرو اسان جا هِن


    سارا سَپنا ڀُري چُڪا آهن،

    سارا سَپنا ڀُري چُڪا آهن،
    ڇو ته جَذبا مري چُڪا آهن.

    رَت رَڳن ۾ ڄَمي ويو آهي،
    جِسم سارا ٺَري چُڪا آهن.

    مَچَ ڪو سَچَ جو مَچي ئي نَٿو،
    سارا ڇَيڻا ٻَري چُڪا آهن.

    دِل جي ڪَشتي اڃان نه پار لڳي،
    نَيڻ ڇوليُون تَري چُڪا آهن.


    گِهلي آيو گَورک جِيون

    سِج پئي ساڙيو سَاهوارن کي،
    ائين ئي آخر آوارن کي،
    گِهلي آيو گَورک جِيون.

    هُو جي پُوروِڇوٽيون آهن،
    چوڌاري جي چوٽيون آهن،
    ڇُهندڙ چنڊ سِتارن کي
    ائين ئي آخر آوارن کي ،
    گِهلي آيو گَورک جِيون.

    هو جي مَست قَلندر ماڻهو،
    اُجرا ٻاهر اندر ماڻهو،
    ڪهڙي ڪهڙي ڪِردارن کي،
    ائين ئي آخر آوارن کي،
    گهلي آيو گورک جيون..

    ڏورانهان ڪي بادل ايندا،
    جِسم سڄا هي جَل ٿَل ٿيندا،
    ٽَپ ٽَپ ڪَڪرن ڪارن کي،
    ائين ئي آخر آوارن کي،
    گِهلي آيو گَورک جِيون

    هٿ شيراز جي مَوھ ۾ پَڪتا،
    ڪِلِڪ ڪِلِڪ ڪي فوٽو نِڪتا،
    سُونهن ڏني جن دِيوارن کي
    ائين ئي آخر آوارن کي ،
    گِهلي آيو گَورک جِيون


    ڪُنب تي مِلون ها جي

    جيئن خِزان ختم ٿي ها،
    ۽ بهار جهَلجي ها،
    لَوڪ کان لِڪي ڇَورِي،
    ڪُنب تي مِلون ها جي،
    سُور سڀ سَلون ها جي

    جيئن گُلن جي سِيني تي،
    پَوپٽن جي چَپڙن جو،
    ڪو ڇُهاءُ سُرڪي ها،
    ٿورڙو پري پَنَ تي ،
    ڪِتڪِتائيون سَوچيندي،
    ماڪ ويٺي مُرڪي ها،
    بي خبر ٿي دُنيا کان،
    پاڻ پنهنجي مَستيءَ ۾،
    چَپَن جي مُڱيرن کي،
    ڇانءُ ۾ ڇِلُون ها جي،
    لوڪ کان لِڪي ڇَورِي،
    ڪُنب تي مِلون ها جي

    چِٺين کي ڏئي بَوسا،
    دَر جي ڏار مان اُڇلڻ،
    عِشق جون ادائُون هن،
    پنهنجي پوري ننڍپڻ جون،
    خوشگوار لَمحن جون،
    ڪيتريون ڪَٿائون هن،
    چاهه جون سي چَوڏيلون،
    لِڪ لِڪوٽي لُونءَ لُونءَ جي،
    ساري سي ئي ساروڻيون،
    ٽهڪ ڏئي ٽِلون ها جي،
    لوڪ کان لِڪي ڇَورِي،
    ڪُنب تي مِلون ها جي

    ڪي پَھر لڳي ويندا،
    ها جڏهن به مِلنداسين
    ٽَوڙي ڀِت اَنائن جي،
    نقش بدلجي ويا هوندا،
    وقت جون تَھُون هونديون ،
    ڀِيڙ ڀوڳنائن جي،
    جي شِيراز گڏجون ها،
    وقت جا ٿڦوڙا ۽،
    ڌُنڌ کي پري ڌِڪندي،
    ماڻيون منزلُون ها جي
    لوڪ کان لِڪي ڇَورِي،
    ڪُنب تي مِلون ها جي.


    رُوح ۾ جاري رَت جي راند کان ٻاهر نِڪران،

    رُوح ۾ جاري رَت جي راند کان ٻاهر نِڪران،
    توڏي اچبو آنڌ مانڌ کان ٻاهر نِڪران.

    ڌرتيءَ تنهنجي دَردن خاطر ڌرڻا هڻندس،
    پيرن ويڙهيل پوتيءَ پانڌ کان ٻاهر نِڪران.

    منهنجي اِحساسن کي جيڪي گھائن ويٺا،
    پُرکن جي هن يار پَلاند کان ٻاهر نِڪران.

    ماڻهوءَ جي عظمت جو آ ءُ به ساکي ٿيندس،
    مَذهب جي هن هَٿ چُراند کان ٻاهر نڪران.

    جا شيراز صَحيفن وانگي آهي لٿي،
    ڳَٽ ۾ ورتل تنهن ويڙهاند کان ٻاهر نڪران.


    ٻُڌ ته؛

    ٻُڌ ته؛
    چاهتون وِرهائجي ويون ڇا؟
    زِندگيءَ جي رَش ۾،
    دُونهين ۾ يا ڪَش ۾،
    زِندگيون وِڃائجي ويون ڇا؟

    ٻُڌ ته؛
    سوچون ٽَڪرائجي ويون ڇا؟
    شَراب ۽ گِلاس جون،
    سَماج ۽ ڪِلاس جون،
    سَرحدون اَڏائجي ويون ڇا؟

    ٻڌ ته؛
    دِليون مُرجهائجي ويون ڇا؟
    ڊَڳَڙ جي ڊُڪ ڊوڙ ۾،
    زِندگيءَ جي مَوڙ ۾،
    آڱريون ڇَڏائجي ويون ڇا؟

    ٻڌ ته؛
    مَنزِلون وِڃائجي ويون ڇا؟
    تُهمتون ۽ تَعزيرون،
    زور جون هي زَنجيرون،
    پَير ۾ پائجي ويون ڇا؟

    ٻڌ ته؛
    اکڙيون نِمائجي ويون ڇا؟
    دهشتن جي دور ۾،
    شيراز هيڏي شور ۾
    خواهشون دَٻائجي ويون ڇا ؟


    اڄ ته پنهنجي اَنا جهَنجهوڙ کڻي،

    اڄ ته پنهنجي اَنا جهَنجهوڙ کڻي،
    ائين نه رِشتا صَدين جا ٽَوڙ کڻي.

    هي جا ڀُڻ ڀُڻ ڀِٽن جي ڀر ۾ آ،
    گُونج ٿي، خَتم ڪر هي گَوڙ کڻي.

    ٻُڏترن ۾ ٻڏي مرڻ کان اڳ،
    وقت جي وِهڪرن کي موڙ کڻي.

    وحشتون ڪنڌ ٿيون کڻن پَل پَل،
    مُرڪندي ڪنڌ سي مَروڙ کڻي.

    دَرد شيراز مُونکي گهيري ويا،
    پنهنجي ٻانهن ۾ اچ وَڪوڙ کڻي


    ٻاڦ ڪَڪرن جو رُوپ ڌاري ٿي،

    ٻاڦ ڪَڪرن جو رُوپ ڌاري ٿي،
    رَکَ اکرن جو رُوپ ڌاري ٿي.

    ڪا ڳجهي ڳالهه زِندگي ساري،
    ڳل تي قَطرن جو رُوپ ڌاري ٿي.

    ڀَوڳنائن جي ڀِيڙ ۾ ڀَٽڪي،
    آس چَٿرن جو رُوپ ڌاري ٿي.

    اِرتقا آهي اِنتها جي هيءَ،
    ڇَير پَيرن جو رُوپ ڌاري ٿي.

    ڇا لئه شيراز شام جي سُرخي،
    ناز نَخرن جو رُوپ ڌاري ٿي.


    شام ڌاري جي توکان ڇِنا سي پرين،

    شام ڌاري جي توکان ڇِنا سي پرين،
    رات تارن سان گڏجي رُنا سي پرين.

    جيڪي رَنگن ۽ خُوشبوءِ ۾ واسيل هئا،
    خواب وياڪل سڄا تو بِنا سي پرين.

    خواب شُعلن جيان جي ٻَريا عُمر ڀر،
    مونکي تُحفا حَياتي ڏِنا سي پرين.

    جن جي نَعرن سان باهيون لڳيون شهر ۾،
    چِڻنگ، دُونهين کان ڇا لئه ڊِنا سي پرين.

    شعر شيراز شِيشن جيان هيءَ ٽُٽل،
    منهنجي جِيون جا ٿئي آئينا سي پرين.


    پَوڙهو ڏات ڌڻي

    وڻ جي ٽار تان ڪوئي پَوپٽ
    پنهنجي ذات ۾ گم ٿيل پَوڙهي
    ڏات ڌڻي کي ڏسندو آهي،
    مِينهن اکين مان وَسندو آهي،
    رُوح تي هُوندي آ ڪا ٻُوسٽ.
    ھن جي هٿ جو گهُنج آ جيڪو ،
    رستو ڄڻ محسوس ٿئي ٿو ،
    ڳوڙهن جو درياهه اُڪاري،
    ٿَڪجي پيو آ، ڦَٽجي پيو آ،
    پوءِ به نه هو مايُوس ٿئي ٿو،
    هَلڪا هَلڪا ڪَشَ هڻي ٿو،
    دائرا جي دُونهين جا آهن،
    ٻُڙين جهڙا جي ٿا ڀَاسن،
    تن ۾ پنھنجا ڏِينهن ڳَڻي ٿو،
    پِنبڻين ۾ هو پيار سَجائي،
    جهُرين پويان خَواب ڏسي ٿو،
    عَڪس اُميدن جا ٺاهي ٿو،
    ڪاغذ تي جِيون لاهي ٿو،
    لَوڪ ٿو سوچي آ هو چَرٻٽ.


    خاموشي

    ساريون سَوداگريون رهن ڳجهه ۾
    دل جون سڀ دِلبريون رهن ڳجهه ۾
    وِجهه نه ان ۾ ڏُڦيڙ خاموشي،
    هاڻ مونکي نه ڇَيڙ خاموشي.

    ڪير ڳَڻتين ۾ ايئن ڳَتل هوندو،
    وقت جي وِير ۾ وَتل هوندو،
    چَولين ۾ مَمَڻ مَتل هوندو،
    ڪنهن جو تارون ئي اڄ تَتَل هوندو،
    ايئن نه اندر اُڊيڙ خاموشي،
    هاڻ مونکي نه ڇَيڙ خاموشي.

    دَرد دامن اچي جهَليو آهي،
    جِسم جَاکوڙ ۾ جَليو آهي،
    هار کائي هتان هليو آهي،
    آسرو پر نه هن پَليو آهي،
    ٿَرٿلين سان نه ٿَيڙ خاموشي،
    هاڻ مونکي نه ڇَيڙ خاموشي.

    خواب جي خواهشن سنڀاليا هن،
    ڄڻ ته شيراز نانگ پاليا هن،
    ڌُنڌ جي ڌات ۾ جي ڍاليا هن،
    پر اهي عَزم ۾ هَماليا هن،
    آءُ سپنا سَهيڙ خاموشي،
    هاڻ مونکي نه ڇيڙ خاموشي.


    دل جو آئينو ڀَور ٿيو ساجن،

    دل جو آئينو ڀَور ٿيو ساجن،
    چؤطرف آھي شَور ٿيو ساجن۔

    مان ته بد بخت ھان زَمانن جو۔
    تنھنجو ھر آهي دؤر ٿيو ساجن۔

    پنھنجي مِٽجڻ جي آ خُوشي مونکي،
    سِر آ توتان جو، گھَور ٿيو ساجن۔

    زھر شيراز ٿي ويو جِيون،
    رھڻ زنده آ، زَور ٿيو ساجن۔


    جِيون سَپنو آھي جانم،

    جِيون سَپنو آھي جانم،
    ڪوئي ڪنھنجو ناھي جانم۔

    زھر پيالو اَمرِت سمجھي،
    مَقتل پياسين ڪاھي جانم۔

    تنھنجون يادون، تنھنجي مُحبت،
    باقي دنيا ۾ ڇَاھي جانم۔

    سمنڊ ڪناري، محل جي ٺاھيا،
    لھر ڇڏيا سي ڊَاھي جانم۔

    شيراز جيون فريب ۽ دوکو،
    ڪير ٿو ڪنھن کي چَاھي جانم۔


    (We Want Peace ) وي وانٽ پيس

    (We Want Peace ) وي وانٽ پيس

    پنھنجي ڌرتي تي ھي آخر ڪيسِين ٿيندا ڪِيس،
    وِي وانٽ پِيس، وِي وانٽ پِيس، وي وانٽ پِيس.

    امن جا پَنڇي گُم سُم، گُم سُم، ڪيسِين ڦِرندا رھندا،
    اڇا جھَنڊا ظالم آڏو، ڪيسِين ڪِرندا رھندا،
    امن جي پُوڄارين جا آخر، ڪيسِين وَڍبا سِيس۔

    تو وٽ مِيزائيل، ڪِلاشن، مونوٽ ھِمت آ ھَٿيار،
    تون اُڇلائين نَفرت بَم، مون وٽ اُلفت جا اَنبار،
    ڇا تون سمجھيو آھي اسانکي، او خُوني خَبِيث۔

    ڌَرتي ساري لال ڪري هو، ڪيسِين جِيئندا رھندا،
    خُون غريبن، مِسڪينن جو، ڪيسِين پِيئندا رھندا،
    شيراز ماريو مَروانن کي، رھي نه ڪو اِبليس۔


    اڄ به سُوريءَ تي خواھشون ۽ مان،

    اڄ به سُوريءَ تي خواھشون ۽ مان،
    زِندگاني جون ڪوششون ۽ مان۔

    توکي ساري ٿا، اڄ رُئون جاني،
    ھي ڪَڪَر، کِنوڻيون، بارشون ۽ مان۔

    جَنگ لَڙون ٿا، وَجود جي پنھنجي،
    ھن زماني جون سازشون ۽ مان۔

    بندشون اڄ به، سوچ تي شيراز،
    ٽِياس تي ساهه، ڪاوشون ۽ مان۔


    وُٺو ڳَلين ۾ جو تنھنجي خاطر، اھو لَھُو رائيگان نه ويندو،

    وُٺو ڳَلين ۾ جو تنھنجي خاطر، اھو لَھُو رائيگان نه ويندو،
    تاريخ جي بي رحم پَنَن تان، ڪڏھن به ڳاڙھو نِشان نه ويندو۔

    ڪاريون راتيون خَتم ٿين ٿيون، ٿئي ٿي رَوشن سَموري دُنيا،
    مگر اَنڌيرو پنھنجي وَطن تان، لڳي ٿو يارو اڃان نه ويندو۔

    وجوِد دُنيا ختم ڪرڻ لئه، اڄوڪو اِنسان لڳو پيوآ،
    بارود جي ھن ڪَڪَر وَسڻ سان، وِسامي ھي ڪھڪشان نه ويندو؟

    سَرد دنيا ۾ آ اڃان به، شيراز ڪَوسي لَھُوءَ جي گردش،
    ھي جذبا تيسين جوان رھندا، بدلجي جيسين جھان نه ويندو۔


    مُنھنجو آھي جِيون سارو، بس ھڪ شخص ۽ پاڇولا،

    مُنھنجو آھي جِيون سارو، بس ھڪ شخص ۽ پاڇولا،
    مونکي اَرپي ويو آ جيڪو، پنھنجو عَڪس ۽ پاڇولا.

    تولئه منھنجي دل ۾ ڪيڏي چاھت آھي، بس ٿا ڄاڻن،
    تولئه لکيل پيار ڀريا خط، ليٽر بڪس ۽ پاڇولا.

    تنھنجو جِيون سُندر سُندر، رنگ ڀَريل ڪنھن خواب جيان،
    مون لئه جيون تو بن ساجن، موت جو رقص ۽ پاڇولا۔

    ڪئين وِساري سگھندس مان، ماضِي تُنھنجون ساروڻيون،
    چِهري تي شيراز چِٽا هن، تنهنجا نَقش ۽ پاڇولا۔


    پَنک مُنهنجا ڪمزور،

    ڪيڏو ڏُور گَگَن...

    ساٿِيئڙا تُون چَنچَل چَنچَل،
    مُنهنجون ڳالهيون بَورَ،
    ڪيڏو ڏُور گَگَن...

    سَونِي ساهمِي ۾ تُون جاني،
    جَذبن کي نه تَور،
    ڪيڏو ڏُور گَگَن...

    وِحشي جهَولَن ۾ جِيون جي،
    ٽُٽي نه پئي هي ڏَور،
    ڪيڏو ڏُور گَگَن...

    مُنهنجو آهين تُون شيراز،
    اَڄ پنهنجا چَپَ ته چَور.
    ڪيڏو ڏُور گَگَن...


    پيار سَمائي پنهنجي مَن ۾،

    پيار سَمائي پنهنجي مَن ۾،
    هڪ پَل هِن ساري جِيون ۾،
    ڪو ته چاهي ها.

    سَنگريزَن کي ميڙي ميڙي،
    مُورَت ٺاهي ها،
    ڪو ته چاهي ها.

    دِلين جي دِيوارِ بَرلِن،
    پَل ۾ ڊاهي ها،
    ڪو ته چاهي ها.

    لُولِي لَنگڙِي هيءَ حياتي،
    ڌِڪي ها، ڪاهي ها،
    ڪو ته چاهي ها.

    لَوڪَ چئي جي ” شيراز تُنهنجو؟ “
    چئي ها ” آهي ها “
    ڪو ته چاهي ها.


    تَيز طُوفان، بارِشن ۾،

    تَيز طُوفان، بارِشن ۾،
    زِندگيءَ جي ڪوششن ۾،
    ڪاغذي ٻيڙي اَمن جي.

    چئوطرف آهي وڪوڙيل،
    سامراجي سازشن ۾،
    ڪاغذي ٻيڙي اَمن جي.

    تَڙپي، تَڙپي دم نه ڏئي هي،
    آجپي جي خواهشن ۾،
    ڪاغذي ٻيڙي اَمن جي.

    گوليُون هت بي لغام،
    هي مگر آ بَندشن ۾،
    ڪاغذي ٻيڙي اَمن جي.

    ٿو لڳي شيراز ٻُڏندي،
    رَنجشن ۽ شَورشن ۾،
    ڪاغذي ٻيڙي اَمن جي.


    مُونکي مُعاف ڪجان

    جي ڏِيئا مُون وٽ باقي هن،
    مان آزاديءَ لئه ٻاريان ٿو،
    اي ساجن !مُونکي مُعاف ڪجان.

    ڪُجهه سَپنا سِيني ۾ سانڍيل،
    ڪُجهه پيار تُنهنجي جُون رَچنائُون،
    ڪُجهه جِيون گِهرا گهاءُ ڏِنا،
    ڪُجهه گهايل مَن جُون پِيڙائُون،
    ڪُجهه واعدا ها جي پُورا ٿيا،
    ۽ ڪن لئه هَنجُون هاريان ٿو،
    اي ساجن !مُونکي مُعاف ڪجان.

    چاھ ته ساھ جو نالو آهي،
    مان ساھ کڻڻ ٿو چاهيان دوست !
    ڪِيئن احساسن کي دَفن ڪيان،
    مان پَٿَر دِل ڀي ناهيان دوست !
    مان تُنهنجي ساٿ کان دُور سهي،
    هرساھ ۾ توکي ساريان ٿو،
    اي ساجن! مُونکي مُعاف ڪجان.

    ڪجهه جوڌن سَوني دانگِيءَ سان،
    هو پنهنجي مُنهن تي ليپ ڪيو،
    جن ڌَرتيءَ کي اڳ ماءُ سڏيو،
    پوءِ گڏجي اُن سان رَيپ ڪيو،
    مان آزاديءَ جي نالَي کي،
    اڄ زَم زَم سان وِهنجاريان ٿو،
    اي ساجن! مُونکي مُعاف ڪجان.


    سڀ ڪُجهه لَٽي وڃي ٿي،

    سڀ ڪُجهه لَٽي وڃي ٿي،
    مُونکي ڦَٽي وڃي ٿي،
    هي چاهتن جي پِيڙاھ.

    هِڪ ساھ مَس کڻان ٿو،
    مُونکان جهَٽي وڃي ٿي،
    هي چاهتن جي پِيڙاھ.

    مان ڀي وڏو کلاڙي،
    مُونکان کَٽي وڃي ٿي،
    هي چاهتن جي پِيڙاھ.

    ڏائڻ به ناهي پوءِ ڇو،
    گوڏا چَٽي وڃي ٿي،
    هي چاهتن جي پِيڙاھ.


    هي جِيون گهاريندي،

    هي جِيون گهاريندي،
    هَر پَل کي ساريندي،
    سوچيان ٿو ڇا آهيان.

    مان وِکريل جِيون جا،
    هي وار سنڀاريندي،
    سوچيان ٿو ڇا آهيان.

    جذبن جي قَبرن تي،
    مان ڏيئا ٻاريندي،
    سوچيان ٿو ڇا آهيان.

    تو چيو؛ چاهت چَئُه،
    مان لَفظ اُچاريندي،
    سوچيان ٿو ڇا آهيان.

    تو مُرڪي مُونڏي ڏِٺو،
    مان ڌيان نه ڌاريندي،
    سوچيان ٿو ڇا آهيان.

    جِيون سان جَنگ لَڙي،
    زَخمن کي ٺاريندي،
    سوچيان ٿو ڇا آهيان.

    شيراز ٿڪاوٽ آ،
    هر ڳالھه ٽاريندي،
    سوچيان ٿو ڇا آهيان.


    مڪڙي ڄارو اُڻندي هوندي : محمد دين راڄڙي

    حقنواز شيراز جي نظمن جي احساساتي اُڻت نه فقط فوٽوگرافڪ آھي پر ٽيليويجنڪ به آھي، اڪثر نظم اکين ۾ آلاڻ آڻڻ جي سگھه رکن ٿا. مُترنم، مناسب، نِج ادبي، سُھڻيءَ سلوڻي ٻولي، تجنيسي اُپٽار، علائقائي ٻولي جو برجستو استعمال، نفاست، خيال جي خوبصورت پيشڪش، سندس شاعري کي اپيلنگ بڻائي ٿي.حق نواز شيراز به شاعري سان اهڙو رشتو جوڙيو آهي جهڙو رات سان چنڊ جو ۽ چنڊ سان رات جو هوندو آهي. ڪڏهن چوڏهين جي سفيدي جهڙو ته ڪڏهن اماس رات جهڙو، ڪڏهن ڪڏهن ترورو ترورو ته ڪڏهن اڌ ماني جهڙو، ها اها به الڳ وارتا آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪڪرن هن جي اکين تي پٽيون ٻڌيون آهن ۽ ڌرتيءَ جي پاڇي ” گرهڻ “ بنجي هن جي رستا روڪ ڪئي آهي، پر هن چنڊ آسمان جي ڪينواس تي روشني جي مصوري ڪندي شاعري جا انوکا عڪس پئي چٽيا آهن.
    ڊرائيونگ، ٽريولنگ، فوٽوگرافيءَ، موسيقي، ٽي وي چينل سرچنگ سان چاهه رکندڙ شيراز جو شخصي سڀاءُ، بُردباريت، زبردست خانداني پسمنظر، اعليٰ ڪردار، اخلاق، مُھذب پڻو، شائستگي، زنده دلي، امن پسنديءَ، اندر جي سچائيءَ، زندگيءَ ڏانهن مثبت رويو، صاف سُٿري سوچ هن جو خوبصورت پورٽريٽ جوڙي ٿي. هن نفيس ماڻهو جيترو پروفيشنل لائف سان نڀايو آهي، اوترو ئي پنهنجي گهريلو زندگيءَ کي اطمينان بخش، پُرسڪون بڻايو آهي. شيراز هڪ بهترين مئنيجر آهي جيڪو رشتن، نوڪري، ادب، ذاتي دوستن، گهر ۽ ٻارن ۾ پاڻ کي ائين هڪ جيترو ورهايو آهي، جيئن ڪو پوڙهو ساقي سڀني پياڪن جي پئمانن ۾ هڪ جيتري مَڌ ڀريندو آهي.
    شيراز جي شاعري ۾ سماجي طبقه بنديءَ، نا انصافيءَ، ظلم، اڻبرابري، انياءُ خلاف جتي زبردست تڙپ ڀريل آهي اتي هن جمالياتي رنگ، ماڻهوءَ جي فطري ضرورتن، محبت، انسانيت، آدميت، امن، وطن ۽ سماج کي پڻ قلم هيٺ آندو آهي.
    خوبصورت ۽ بامعنيٰ مُرڪ مُرڪندڙ ۽ ڪڏهن ڪڏهن لحاظو ۽ شرميلو لڳندڙ ” شيراز “ جي شاعري ۾ قومي تڙپ ۽ سماجي بي حسي ججهي ملي ٿي. خوبصورت ٽهڪن جي مالڪ شيراز جي مهمان نوازي ۽ هن جي دريا دلي، هن جي شخصي وشالتا آهي جو هن شخص اينگرو جهڙي رائل ڪلچر رکندڙ ماحول ۾ رهي به پنهنجو ناتو ادب، ماڻهن ۽ سماج سان ائين جوڙي رکيو آهي جيئن اوچائين تي اڏري ويل لغڙ جو هڪ ڌاڳي ۽ تار ذريعي ڌرتي سان جڙيل هوندو آهي. ڀلي اهو ڌاڳو نظرن کان اوجهل هجي پر پنهنجو وجود رکندو آهي.
    حق نواز شيراز جي شاعري جدت سان ڪلها گس ڪري ٿي، شيراز جو شعور امن جو گهُرجائو آهي ۽ پيار جي پکيڙ جو خواهشمند آهي.
    شيراز جي شاعري جي اها خوبصورتي آهي ته هو پنهنجي من جي ٻاري ۾ ڦُٽندڙ گُلن جهڙي خيالن کي ڪاميابي سان پنهنجي شاعري ۾ فنائتي نموني اظهاري وڃي ٿو.
    شيراز سماجي گدلاڻ، اندر جي ڪارنهن، ميرائپ، تروري تروري نظر ايندڙ انسانيت، منافقت، ٻهروپ، موقع ۽ مفادپرستي جي ڌُنڌلايل ماڻهپي کي اُجرائپ ڏيڻ لاءِ چاهت جو علاج تجويز ڪري ٿو. ڊاڪٽر حياتياتي علاج ڪندو آهي جڏهن ته شاعر، دانشور، اديب سماجي بربريت لاءِ اخلاقي ۽ محبتي علاج تجويز ڪندو آهي.
    حق نواز شيراز جهڙا اُجرا ۽ انسانيت جي سُڌائپ رکندڙ، سُلڇڻا ۽ سُچيت ماڻهو سماجي تاڃي پيٽي ۾ ريشمي سُٽ سان اُڻيل هوندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن ئي هميشه بي رونق چهرن کي خوشي جي رونق آڇي آهي ۽ پنهنجي مجموعي نفاست سان ڪيترين ئي دلين تي حڪمراني ڪئي آهي.
    جيستائين منهنجي مشاهداتي حس جو تجزيو آهي ته آءٌ حق نواز شيراز جي شخصيت کي سهيڙيندي هڪ جملو لکندس ته هميشه قيمتي لباس پائيندڙ ، بنگلي جهڙي گهر ۾ رهندڙ، وڏي نوڪري ڪندڙ ۽ ڏيک ويک ۾ دولتمند لڳندڙ شيراز هڪ درويش دل رکندڙ فقير منش ماڻهو آهي.

    محمد دين راڄڙي
    02 مارچ 2018ع ڏهرڪي ـــ سنڌ


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 982
    ڪتابن جو مشاهدو: 3272000
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 861506
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ