ڪتاب جو نالو: سونَ وَرِنيُون سوڍِيُون
مصنف: پروين موسيٰ ميمڻ
ڇپائيندڙ: محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 02 جنوري 2019 ع
پڙهيو ويو: 519 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 205 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
’سون ورنيون سوڍيون‘مرتب جي سلجهيل ذهن، ذوق ۽ حسن انتخاب جو عڪاس آهي، پروين موسيٰ کي هن ڪتاب جي تدوين ۾ ڪافي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيو هوندو، دراصل سنڌي زبان ۾ ڪهاڻيءَ واري ادب کي ٿورات داد وارو ادب کڻي نه به چؤن، پر مشڪلات اها آهي جو خواتين ڪهاڻيڪارائن جا مجموعا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس دستياب آهن، انهن ۾ ڳڻڪارين وارين ڪهاڻين Qualitative جو تعداد بنهه معمولي آهي، انڪري مرتب ڪندڙ کي به انهن رسالن ۽ اخبارن تي انحصار ڪرڻو پيو هوندو، جن جي ڇڙوڇڙ پرچن ۾ ڪهاڻين جو چڱو خاصو انگ شايع ٿيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀئي حق محفوظ
  • انتساب
  • سونَ وَرنيون سوڍيُون، رُپي راندِيون ڪَنِ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پروين موسيٰ ميمڻ : سنڌي ادب جي هڪ قابل استاد ۽ اديبه
  • ڪتاب جو تعارف
  • ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيان ڪيترا
  • ڪهاڻي – ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون
  • رچنائون

  • رتنا جا رَنگَ : - جيسي ڪڏواڻي
  • منهنجي ناني : - پوپٽي رامچند هيراننداڻي
  • شڪست : - سندري اُتمچنداڻي
  • ڀــاونــا : - تارا مير چنداڻي
  • مُڪتا : - ايشوري جوتواڻي
  • رانديڪو : - بيگم زينت عبد الله چنا
  • همسفر : - ثريا ياسمين
  • آءٌ اُهائي مارئي : - ثميره زرين
  • پيڙا جو پڙلاءُ : - خير النساء جعفري
  • جـــيــجــي : - زرينه بلوچ
  • رهــــزن : - رشيده حجاب
  • عيبن هاڻي : - پروفيسر تنوير جوڻيجو
  • ڪــــــاري : - ثريا سوز ڏيپلائي
  • تو جنين جي تانگهه، سي سڄڻ سفر هليا! : - مس مهتاب چنه
  • منگل سوُتر : - ڪلا پرڪاش
  • ماءُ جي پيرن هيٺان...! : - ريٽا شاهاڻي
  • زندگي: هڪ ناٽڪ : - وينا شرنگي
  • ڪارو ڪير هو؟ : - فهميده حسين
  • پنهنجي عزت : - نذير ناز
  • رهـيـل جـانـچ : - ماهتاب محبوب
  • مـٺـي مـراد : - ماهتاب محبوب
  • گورڪن : - نورالهديٰ شاهه
  • ڪربلا : - نورالهديٰ شاهه
  • نـاســور : - سحر امداد
  • در لاهه، ڏيئو ٻار : - تهمينه مفتي
  • لڙاٽيل شام : - شبنم گل
  • ماروي ۽ مان : - ميمڻ روشن تبسم
  • ڪشمڪش : - تبسم مهتاب قريشي
  • مـــــــــــاءُ: - خديجه شيخ
  • مـئـل تـخـلـيـق : - ڊاڪٽر ناهيد مغل
  • ڀينر هن ڀنڀور ۾ : - رضيه کوکر
  • شهيد جي ماءُ: - صنوبر سيد
  • سائو ٿيل گاهه : - ڪملا گوڪلاڻي
  • عبادت : - اندرا شبنم
  • بُـــک ۽ اديــب : - شگفته شاهه
  • موبائيل ۽ مِس : - ريحانه نظير
  • مني ڪهاڻيون

  • شادي کان اڳ : - تبسم ماهتاب قريشي
  • شادي کان پوءِ : تبسم ماهتاب قريشي
  • طلاق : تبسم ماهتاب قريشي
  • بــچــايــو : - ريٽا شاهاڻي

  • سڀئي حق محفوظ

    ڪتاب جو نالو : سونَ وَرِنيوُن سوڍِيُون
    ترتيب ۽ تحقيق : پروين موسيٰ ميمڻ
    ڇاپو : پھريون
    تعداد : 1000 هزار
    ڪمپوزنگ : منظور احمد جوڻيجو
    (الرزاق ڪمپوزنگ سينٽر رابعھ اسڪوائر حيدرآباد.
    ڊزائن ۽ لي آئوٽ : مور ساگر
    ڇپائيندڙ : انور خان ميمڻ
    محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي
    ڇپيندڙ : الرزاق پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد. 2634650-0333

    قيمت /= 180 روپـيـه

    ڊجيٽل ايڊيشن :
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    اسٽاڪسٽ
    • يونيورسل بڪ ڊپو- حيدرآباد.
    • نسيم بڪ ڊپو – حيدرآباد.
    • سنڌي ادبي بورڊ اسٽال- تلڪ چاڙهي
    • قليچ ڪتاب گهر- حيدرآباد
    • نيو فيلڊس ڪتاب گهر- نسيم نگر چوڪ قاسم آباد
    • شاهه لطيف ڪتاب گهر- گاڏي کاتو حيدرآباد
    • آئڊيل ڪتاب گهر- رابعه اسڪوائر حيدرآباد
    • فڪشن هائوس – رابعه اسڪوائر حيدرآباد


    انتساب

    وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيوُن،

    جهونجهارن جوانن جيان، ڌرتيءَ ماءُ کي رت جو ريج ڏيندڙ، سنڌ جي عظيم نياڻيءَ
    محترمه شهيد بينظير ڀٽو
    جي نانءُ


    سونَ وَرنيون سوڍيُون، رُپي راندِيون ڪَنِ

    سونَ وَرنيون سوڍيُون، رُپي راندِيون ڪَنِ،
    اَڱَــرَ اوطــاقَــن ۾، کَــٿُــوريـــون کَــٽُــنِ،
    اوتـِيـائــونُ عَـبـيــرََ جـا، مَــٿــي طــاقَ تَـَــڙنِ،
    ٻاٽَنِ ٻيلوُن ٻَڌَيُون، پَسيو سُونهن سَڙَنِ،
    ٿيا لاهوتي، لطيف چي، پَسَڻ لئي پِرِين،
    اِجهي ٿَا اَچنََ، ڪاڪِ ڪَڪُوريا ڪاپَڙِي.

    (3-3-مومل راڻو)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سونَ ورنيون سوڍيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب 1932ع کان 2008ع تائين سنڌي ادب جي ڪهاڻيڪارائن جي چونڊ ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن جي ترتيب ۽ سهيڙ محترمه پروين موسيٰ ميمڻ ڪئي آهي.
    ’سون ورنيون سوڍيون‘مرتب جي سلجهيل ذهن، ذوق ۽ حسن انتخاب جو عڪاس آهي، پروين موسيٰ کي هن ڪتاب جي تدوين ۾ ڪافي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيو هوندو، دراصل سنڌي زبان ۾ ڪهاڻيءَ واري ادب کي ٿورات داد وارو ادب کڻي نه به چؤن، پر مشڪلات اها آهي جو خواتين ڪهاڻيڪارائن جا مجموعا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس دستياب آهن، انهن ۾ ڳڻڪارين وارين ڪهاڻين Qualitative جو تعداد بنهه معمولي آهي، انڪري مرتب ڪندڙ کي به انهن رسالن ۽ اخبارن تي انحصار ڪرڻو پيو هوندو، جن جي ڇڙوڇڙ پرچن ۾ ڪهاڻين جو چڱو خاصو انگ شايع ٿيل آهي.
    هي ڪتاب محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پروين موسيٰ ميمڻ : سنڌي ادب جي هڪ قابل استاد ۽ اديبه

    پروين موسيٰ ميمڻ هڪ قابل ليکڪا، خاموش طبع ۽ جفاڪش عورت ۽ پنهنجي استادانه فن جي ماهر آهي. آئون خود هڪ استاد رهيو آهيان ۽ پنهنجي هم پيشي ڪار ۽ خصوصاً لکڻهار استاد جي فن تي روشني وجهڻ ۾ بي حد خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. اهو ڇو؟ انڪري جو منهنجي ملازمت جو طويل عرصو ڪاليجن ۾ تعليم ڏيندي گذريو ۽ منهنجو جيڪو اهم تجربو اهو ئي رهيو ته سنڌي استاد ڪهڙو به سبجيڪٽ پاڙهيندو هجي مگر پنهنجي صنف تي هو مادري زبان ۾ ٻه اکر لکڻ کان به لاچار هوندو هو. خود سنڌي سبجيڪٽ جي استادن جي اڪثريت اهڙي هوندي هئي جو پنهنجي زبان ۾ تحرير لکڻ کان عاري هوندا هئا. ان جي برعڪس اردو استاد زولاجي ۽ فزڪس جهڙن ٺوس موضوعن تي به بنا ڪنهن تردد جي ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ تي روانيءَ سان روشني وجهي سگهندا هئا. مخزن جي انچارج پروفيسر هئڻ جي حيثيت ۾ معلوم ٿيم ته اردو مادري زبان وارن استادن کي پنهنجي ٻوليءَ تي جتي ڪڙي دسترس حاصل آهي اتي سنڌي استادن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ تي ٿورو درڪ به ناهي. اهو سڀڪجهه سنڌي تعليم جي پس ماندگيءَ سببان هو. سنڌي نصاب جا ڪتاب خام ۽ امدادي ڪتاب عنقا هوندا هئا. اها ستم ظريفي آهي جو اڃا تائين به سنڌي ادب جو نصاب خصوصاً ڪاليج جي ڏاڪي تائين شاگردن جي ذوق ۽ رغبت آهر ۽ تعليمي عمر سان ٺهڪندڙ ناهي. انٽر جي ڪلاس تي اڌ صديءَ کان اهو ئي ساڳيو نصابي ڪتاب رکيل آهي، جيڪو استادن شاگردن لاءِ معمو بڻيل آهي. هن مرحلي تي شاگردن کي تخليقي ادب جو اصناف پاڙهيو وڃڻ کپي، جيئن شاگرد ان کان متعارف ٿين ۽ ادب جو چاهه رکن ۽ منجهن ٻوليءَ جو محاورو پيدا ٿئي. ان جي برعڪس شاگردن کي تنقيدي ۽ فڪري مقالا پاڙهيا وڃن ٿا. ڪاليجن جو نصاف ايئن جوڙيل آهي جو اُٺ نڪريو وڃي ۽ پڇ رهجيو وڃي، اسان جا ويچارا دانشور به اهڙو نصاب ترتيب ڏين ٿا، جنهن ۾ رڳو اٺ جي پڇ ڦاسي پوڻ واري معاملي تي غور و فڪر ڪيل هوندو آهي.
    پروين موسيٰ تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ نهايت سنڀالي قلم هلايو آهي، جنهن سان ٻنهي شعبن کي حقيقي تقويت ملي آهي، مونکي سندس ڪنهن ليڪچر بابت آگاهي ناهي ملي، تاهم هن جا ڪتاب ۽ لکڻيون سندس ڀاڱيداريءَ جي لاڀدائڪ هئڻ جون شاهد آهن، ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ اهو ڄڻ ته سندس ”تدريسي عملي ادبيات“ جو ڪتاب آهي، هن پنهنجي انداز بيان ۾ هر تحرير کي چونڊگڻن سان متصف ڪيو آهي ۽ اهڙيءَ ريت سادن سودن اصولن سان عبارت جون فني خوبيون عيان ڪيون آهن، هوءَ پنهنجي انداز ۾ حتي لامڪان الجهاءُ کان پاسو ڪري ٿي، تاهم جتي مفهوم کي گهرو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي اتي عبارت گنجلڪ بنجي پيئي آهي، پر اهڙا ڪي ٿورڙا مثال آهن. هن لطيفيات متعلق به هڪ يگانه انداز جو ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ لطيفي ڪلام جي انهن مصطلمات جو هڪ فرهنگ جوڙيو ويو آهي، جن کي ليکڪن پنهنجي جدا جدا ڪتابن جو عنوان بنايو آهي. هي ڪتاب پڻ هڪ منفرد ڪوشش آهي جيڪو قيمتي ۽ قدر لائق حوالن جو هڪ موزون ذريعو ثابت ٿيندو.
    ’سون ورنيون سوڍيون‘مرتب جي سلجهيل ذهن، ذوق ۽ حسن انتخاب جو عڪاس آهي، پروين موسيٰ کي هن ڪتاب جي تدوين ۾ ڪافي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيو هوندو، دراصل سنڌي زبان ۾ ڪهاڻيءَ واري ادب کي ٿورات داد وارو ادب کڻي نه به چؤن، پر مشڪلات اها آهي جو خواتين ڪهاڻيڪارائن جا مجموعا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس دستياب آهن، انهن ۾ ڳڻڪارين وارين ڪهاڻين Qualitative جو تعداد بنهه معمولي آهي، انڪري مرتب ڪندڙ کي به انهن رسالن ۽ اخبارن تي انحصار ڪرڻو پيو هوندو، جن جي ڇڙوڇڙ پرچن ۾ ڪهاڻين جو چڱو خاصو انگ شايع ٿيل آهي، بهرحال جيڪو نمايان سرمايو سردست ٿي سگهيو آهي، تنهن کي ترتيب ڏئي پروين موسيٰ هڪ قابل قدر ڪهاڻين جي مجموعي کي جوڙڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، جنهن کي اسين بلاشڪ سنڌي ادب جي حال جو آئينو چئي سگهون ٿا، ڪهاڻين جي مجموعي ۾ شامل سڀني ڪهاڻين بابت هڪڙي يڪسر راءِ قائم ڪرڻ ذرا مشڪل آهي، ڪتاب ۾ اهڙي ڪهاڻين جو وڏو انگ شامل آهي، جيڪي پنهنجي دور ۾ مقبول ٿيون هيون، ٿوريون ڪهاڻيون اهڙيون به ملن ٿيون، جيڪي جذبات ۽ فن کان عاري آهن، جن کي فقط لفظي الٽ ڦير چئي سگهجي ٿو. بهرحال مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون سراسري طور معياري چئي سگهجن ٿيون، اصل ۾ مرتب ڪندڙ جي فني نگاهه ۽ پا ڪيزه جذبي ڪتاب کي هڪ حسين ادبي مرقع بنائي پيش ڪيو آهي، هن جي چونڊ آتشي فوٽو گرافي مثل آهي، هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن ڳالهه طرف اشارو ملي ٿو، ڪهاڻين جي واقعات ۾ ٿيندڙ عمل ڪنهن نه ڪنهن جذبات جو نتيجو آهي، جن جي حرارت ۾ سرخ ۽ پِيلا ٻئي رنگ ملي اچن ٿا، ڪهاڻين ۾ ڪردارن جا سرد ۽ گرم ٻئي احساس شامل آهن.

    ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
    قاسم آباد، حيدرآباد


    ڪتاب جو تعارف

    هن کان اڳ مون ڇهه مڪمل ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ”سنڌي ادب جو جائزو“، ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ۽ ”وکر سو وِهاءِ“ شايع ٿي چڪا آهن ته ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“، ”جي پارکو پارس جا“ ۽ ”سُونهان سڌيون ڏين،“ ڪمپوزنگ ۽ ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهن. هيستائين مون ڪوبه ڪتاب مرتب نه ڪيو هو. سو سمجهيم ٿي ته ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ ڪو گهڻو وقت طلب ڪم نه آهي ۽ جلدي ڪم ختم ٿي ويندو. مون کي ته فقط ڪجهه ڪهاڻيءَ جي صنف ۽ ڪهاڻيڪارائن جي فن جي باري ۾ لکڻو آهي، باقي ته ٺهيل ٺڪيل افسانا ڪمپوز ڪرائي فقط پروف چيڪ ڪرڻو پوندو. ليڪن جڏهن ڪم شروع ٿيو ته خبر پيم ته مار! ڪنهن ڪتاب کي سهيڙڻ ۾ به هيڏي وڏي محنت ٿي سگهي ٿي. اهي چند ڪهاڻيون سهيڙي توهان جي اڳيان آڻڻ لاءِ مون کي گهڻي ۾ گهڻيون ڪهاڻيون پڙهڻيون پيون، بلڪه عورتن جي ڪهاڻين سان گڏ، مرد ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جو به اڀياس ڪيم ته جيئن ڄاڻي سگهان ته ادب جي هن مشاهداتي ۽ تخليقي عمل ۾ ڪهاڻيڪار ۽ ڪهاڻيڪارا جي مشاهدي ۽ تخليقي صلاحيتن ۾ ڇا فرق آهي؟ يا اسان جون قلم ڪارائون ڇا ٿيون چوڻ چاهين، جيڪو مون کي ٻين ڪهاڻين ۾ ڏسڻ ۾ نه آيو آهي ۽ جنهن جي بنياد تي مون عورتن جي لکيل ڪهاڻين کي الڳ ڪري شايع ڪرائڻ جو ارادو ڪيو آهي.
    نتيجي انهيءَ تي پهتيس ته، اسان جي قلم ڪارائن جي، سنڌي نثر ۾ ۽ خاص طور تي ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ سٺي ڀاڱي ڀائيواري رهي آهي موجوده وقت تائين هن نموني جو ڪوبه ڪهاڻين جو مجموعو شايع نه ٿيو آهي، جنهن ۾ سڀني عورتن جون لکيل ڪهاڻيون گڏي شايع ڪيون ويون هجن. نه ئي اسان جي ادبي تاريخن ۾ ليکڪائن جي خاص نمائندگي ڪئي ويئي آهي. انهيءَ لحاظ کان هن ڪتاب ۾ 1932ع کان 2007ع تائين جون ڪهاڻيون شامل آهن، جن ۾ مختلف موضوع آهن. تمام معياري پيشڪش به آهي ته سادو سودو ۽ پُر اثر انداز پڻ شامل آهي. هنن ڪهاڻين ۾ سنڌي عورت جون سوچون، ويچار، عزم، ارادا، ننڍيون ننڍيون خواهشون، ڏُک، سُک، آباديون، برباديون، مانائتي جيون جيئڻ جا آدرش آهن ته سنڌي قوم جي مزاج، تاريخ، تهذيب، معاشرت ۽ ماحول جي مڪمل نمائندگي آهي. قوم پرستيءَ جو نڪتهءِ نظر واضح آهي ته جديد ادبي لاڙن کي به هنن ڪهاڻين ذريعي آندو ويو آهي.
    ايئن به نه آهي ته سنڌي ڪهاڻيڪارائن فقط پنهنجي وجود کي مڃرائڻ لاءِ خود (عورت) کي موضوع بنائي ۽ مظلوم ظاهر ڪري، هن مرداني سماج ۾ همدردي حاصل ڪئي آهي. جڏهن هوءَ عورت جي حق تلقيءَ تي احتجاج ڪري ٿي، تڏهن سماج ۾ مرد سان ٿيل ناانصافين تان به پردو کڻي ٿي، (ڪهاڻيون: ڪارو ڪير، منهنجو گهر) انساني بنيادي حقن جي لتوڙ تي واڪا ڪندڙ به آهي. (ڪهاڻيون: ڪربلا، گورڪن) سنڌي پڙهيل لکيل عورت هاڻي اها نه آهي، جيڪا چند صديون اڳي هئي. اڄ هوءَ مرد ليکڪن سان ڪُلهو ڪلهي ۾ ملائي ادب جي ميدان ۾ بيٺل آهي. انيڪ موضوعن کي، فنائتي نموني، ٻوليءَ جي سونهن سان اڳيان آڻڻ ۾ اسان جي ليکڪائن جو هٿ آهي، بلڪ آئون ته ايئن چونديس ته سنڌي ٻوليءَ کي جيئارڻ ۽ سنوارڻ ۾ جن شخصيتن ملهايو آهي، انهن ۾ اسان جون چند اهم ڪهاڻيڪارائون پڻ اچن ٿيون. جيئن ته هر فرد ٻوليءَ جي شروعات، ٻار جي حيثيت ۾ ماءُ جي گود ۾ ئي ڪندو آهي ۽ عورتن وٽ ڪيترن ئي اهڙن لفظن، پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال هجي ٿو، جيڪي عام طور ڪاروباري ۽ ڪتابي ٻولين ۾ ڪتب نه ايندا آهن. اهڙا لفظ ۽ پهاڪا گهريلو زناني عالم جو صدري خزانو آهن، جن کي ڪجهه ڪهاڻيڪارائن تمام سهڻائيءَ سان ماحول، موضوع ۽ مواد مطابق استعمال ڪيو آهي. انهيءَ لحاظ کان اهو بلڪل چئي سگهون ٿا ته سنڌي ڪهاڻيڪارائن پنهنجي تحريرن سان سماج جي مسئلن جي نشاندهي ۽ اُپاءَ جي رٿن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي به خدمت ڪئي آهي.
    هن ڪتاب ۾ آيل گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي دور جون نمائنده ڪهاڻيون آهن. چند ڪهاڻيون مون پنهنجيءَ پسند سان شامل ڪيون آهن. آخر ۾ مِني ڪهاڻيون پڻ آنديون اٿم ته جيئن مختصر کان مختصر ڪهاڻيءَ ۾ پڻ عورتن جي شموليت ڏسڻ ۾ اچي.
    هن مجموعي ۾ تقريبًا چاليهارو کن ڪهاڻيون مختلف دورن جون ڏنل آهن، جن ۾ وقت سان آيل تبديلي، فن، موضوع، مواد پيشڪش ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان واضح ٿئي ٿي.
    مَنَ ۾ اهو ارادو هُيم ته هن مجموعي جي ڪهاڻيڪارائن جو تعارف ۽ پيش ڪيل ڪهاڻين تي تبصرو ڏيان، ليڪن ڪتاب کي طوالت کان بچائڻ جي پيش نظر ان ريت اهو ڪم ڪري نه سگهيس. پر وري به مون کي خوشي آهي ته مون پنهنجي قارئين جي اڳيان چونڊ ڪهاڻيون آنديون آهن، جيڪي انهن کي بلڪل پسند اينديون.


    ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيان ڪيترا

    ”سون ورنيون سوڍيون“ جي ترتيب کان پهرين ليکڪائن سان رابطو ڪيم ۽ منهنجي خواهش هئي ته سندن مرضيءَ سان يا سندن عام مقبول ڪهاڻين کي هن ڪتاب ۾ آڻيان. جيئن ته هن کان اڳ ڪوبه ليکڪائن جو افسانوي مجموعو ڇپيل صورت ۾ موجود نه آهي، انهيءَ ڪري مون کي ڪهاڻيون چونڊڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ ڪافي دِقت درپيش آئي، ٿيو ايئن ته ڪجهه سينيئر ڪهاڻيڪارائن وٽ سندن ڇپيل ڪهاڻين جو مواد موجود نه هو. اهو چيائون ته مهراڻ، نئين زندگي، سهڻي، روح رهاڻ، سرتيون، آرسي ۽ ٻين مخزنن جا فلاڻن فلاڻن سالن جا پرچا ڏسو. سو بهرحال تحقيق ۽ ترتيب جو ڪم منهنجو ئي هو، ان ڪري انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي جي لائبريريءَ جي مخزنن ۽ ڪتابن جا ورق ورائڻ شروع ڪيم ۽ چڱيءَ جاکوڙ کان پوءِ ته مون وٽ تمام گهڻيون ڪهاڻيون جمع ٿي ويون جو ٻه ٽي ڪتاب ترتيب ٿي سگهيا پئي. ڪجهه ڪهاڻين جي ڳولها لاءِ مون کي وقت لڳو، جيئن بيگم زينت عبدالله چنا جي ڪهاڻي ”رانديڪو“ جي حميد سنڌي صاحب ۽ ٻين تعريف ڪئي، حالانڪ مون وٽ سندس ٻيون ڪهاڻيون هيون، پر ”رانديڪو“ جي لاءِ وري لائبريري ويس. ڊاڪٽر سحر امداد جي ڪهاڻيءَ جي ڳولها ۾ به دِقت ٿي. بهرحال شڪر الحمد الله ته ڪم پڄاڻيءَ تي پهتو. انهيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ جي لائبريري سيڪشن وارن تمام سٺو تعاون ڪيو.
    ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب جا لک لائق آهن جو هن ڪتاب جي مسودي کي نظر مان ڪڍي، مفيد مشورن ڏيڻ سان گڏ مهاڳ لکي ڏنائون.
    ڊاڪٽر رشيده حجاب، مئڊم ماهتاب اڪبر راشدي، نذير ناز، شبانه ملاح (ريحانه نظير جي ڀيڻ)، امر سنڌو ۽ ٻين جا ٿورا مڃيان ٿي جن روبرو ۽ فون تي همٿايو ۽ مدد ڪئي.
    سائين ولي رام ولڀ جون عنايتون آهن جو پاڻ هندوستان مان آيل ڪتابي سوغاتون تمام وڏيءَ دل سان ڏنائون، جن منهنجو ڪم ڪافي آسان ڪيو.
    ادي منظور جوڻيجو ۽ مور ساگر جي مهرباني جن هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ مدد ڪئي.

    پروين موسيٰ ميمڻ
    اسٽنٽ پروفيسر
    ايم بي اينڊ جي ايف
    گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج، حيدرآباد سنڌ
    2008-12-11


    ڪهاڻي – ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون

    ڪهاڻي لکڻ، پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ هڪ وڏو ڏانءَ ۽ ڏات آهي. ڪهاڻي ڪيئن سِرجي ٿي؟ ڪهڙيءَ ريت هڪ سٺي ڪهاڻي (مڪمل ٽريٽمنٽ ۽ اثر انگيزيءَ جي لحاظ کان) لافاني بنجي، ڪلاسڪ ادب (Classic Literature) جي حيثيت ماڻي ٿي، اهو فقط ئي فقط انهيءَ ڪهاڻيڪار جي فطري ۽ فني صلاحيتن مطالعي، مشاهدي ۽ ماحول تي مشتمل آهي.
    ڪوبه رچناڪار/ڪلاڪار جڏهن به سچائيءَ سان سماج جي ڪنهن به چڀندڙ واقعي/ ڳالهه جو حصو بنجي وڃي ٿو، تڏهن سندس لاشعوري ڪيفيتون انهيءَ رچنا جي سِرجڻ، گهڙجڻ ۽ فنائتو ٿي سامهون اچڻ جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. ٻين لفظن ۾ ايئن چونداسين ته ادب سماج جو آئينو ۽ اديب ان آئيني جو اثرائتو عڪس چٽيندڙ ڪلاڪار آهي. اديب، عالم، شاعر قومن جا اهي ڏاها (Intellectuals) آهن، جيڪي پنهنجي قلم جي قوت سان سماجي حياتيءَ جي هر رخ کي گهرائيءَ سان پرکي، پروڙي حساس دل ۽ نظر سان عام جي اڳيان آڻين ٿا. جيڪڏهن وٽن فڪري، ۽ فني قوت سچي ۽ سگهاري آهي ته پوءِ سندن قلم سان ازخود هڪ عظيم لافاني ادب وجود ۾ اچي ٿو. انهيءَ کي نورالهديٰ شاهه پنهنجي لفظن ۾ هن ريت واضح ڪري ٿي ته، ”ليکڪ جي دل ان جي لفظ لکندڙ آڱرين ۾ ڌڙڪندي آهي ۽ انهن لفظن کي ڏسندڙ اکين ۾ به، پنهنجي ئي لفظن تي ليکڪ جا پير پگهرجي ويندا آهن. ڪيفيتن جو سمنڊ ڪيئن ڇُلي ۽ ڇوليون هڻي ٿو ۽ اهي ڪيفيتون ڪيئن لفظ ماڻين ٿيون؟ پيڙا ڪيئن قلم ۽ مَس جو روپ ڌاري ٿي ۽ خيال ڪيئن نازل ٿئي ٿو؟ ڪيئن قلم پٺتي رهجي وڃي ٿو ۽ ڪيفيتون ۽ لفظ ان کان پاڻ ڇڏائي لاشعور کان شعور ڏانهن اٿل کائين ٿا جو ليکڪ سڀ ڪجهه لکي لاهڻ کان پوءِ به اڻ ڄاڻ ۽ حيران رهجي وڃي ٿو.“ (1)
    معنيٰ ته مهان ڪلاڪار پنهنجيءَ ڪلا ۾ شعوري ۽ لاشعوري ڪيفيتن سان مڪمل طور ضم ٿي وڃي ٿو. ڪنهن به ڪلا/ فن جي پرک ۽ پروڙ لاءِ نقادن ۽ ماهرن ڪي اصول پڻ مقرر ڪيا آهن. مٿئين موضوع سان انصاف ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو ڏسون ته ڪهاڻيءَ جي صنف ادب ۾ ڪهڙيءَ ريت رائج ٿي ۽ ان جو ارتقا ۽ ڦهلاءُ ڪيئن عمل ۾ آيو ۽ سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪڏهن کان ٿي؟ ۽ ان ۾ اسان جي ڪهاڻيڪارائن جي شموليت جو معيار ڇا آهي؟
    ڪهاڻي ادب ۾ جُڳن کان موجود ۽ هلندڙ آهي. قديم مافوق الفطرت آکاڻين، منظوم عشقي/ رومانوي قصن، جنگي/ رزمي داستانن ۽ نصيحت جي نڪتن ۽ حڪايتن مان تبديل ٿي انيڪ تجربن مان لنگهي، فني خوبين سان نوازجي جديد مختصر ڪهاڻي وجود ۾ آئي آهي. محققن موجب ته،
    ”دنيا جو هر نثري ادب ڪهاڻيءَ کان شروع ٿيو ۽ هر ٻوليءَ جي ڪهاڻيءَ جي شروعات ڏند - ڪٿائن کان ٿي آهي.“(2)
    ”ڪهاڻيءَ جو فن عيسوي سن کان اٽڪل چار هزار سال پراڻو آهي.“ (3)
    جديد ڪهاڻي مٿي ڄاڻايل قديم آکاڻي نه آهي، جا جيئن جو تيئن ٻڌل ۽ ٻڌايل ڳالهه وانگر پني تي لاٿي وڃي. موجوده مختصر ڪهاڻيءَ (Short Story) جو فن وري به جداگانه حيثيت رکي ٿو. اهو فن داخلي، خارجي ۽ روحاني هئڻ سان گڏ عوامي فن آهي، جنهن ۾ عام جا ڏک سک، خواهشون، خواب، سوچون، ويچار، عزم ارادا ۽ اندر جا اڌما، ليکڪ جي قلم مان اٿل کائي سامهون اچن ٿا. نثر جي هن همه گير صنف ۾ لطافت، نزاڪت، جذبن ۽ احساسن جي گهرائي، تهذيب ۽ ثقافت جي ترجماني، فڪري پختگي، ٻوليءَ جي سونهن، سماجي حَيقت نگاري، سچيتيءَ جو وهڪرو، زمان، مڪان ۽ ماحول جي مطابقت ۽ ٻيون انيڪ فني خوبيون ۽ تخليقي خاصيتون گهربل آهن. ڪهاڻيڪارن مختصر ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ شروع کان موجوده دور تائين گهڻاڻي فني تجربا ڪيا آهن. ساهت جي هِن سگهاريءَ صنف ۾ حياتيءَ جا حقيقي رنگ ڀرڻ سان گڏ ڪردار نگاريءَ جي توازن ۽ آغاز ۽ انجام کي منفرد حيثيت ڏني وئي آهي. رمزيت، وحدت، تاثر، جامعيت ۽ مواد جي فنڪارانه ترتيب سان گڏ اختصار ۽ اثر انگيزيءَ کي اولين اهميت حاصل آهي. خوابي ۽ خيالي دنيا جي بجاءِ عملي ڪارڪردگيءَ ۽ جيون جي تلخ سچاين کي سمايو ويو آهي. مطلب ته مختصر ڪهاڻي مٿين فني خوبين سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ جي ترجماني ڪندڙ مڃيل نثري صنف آهي، جنهن جو لکندڙ جامي چانڊيو جي نظر ۾ ”آرٽسٽ سرجن“ آهي.
    ”ڪهاڻيڪار ماهر سرجن به آهي جو سماجي حقيقتن جي چيرڦاڙ ڪري ٿو ته گڏوگڏ هڪ آرٽسٽ پڻ آهي جو زندگيءَ ۾ حُسناڪيون تخليق ڪرڻ لاءِ حُسناڪيون پيدا ڪري ٿو.“ (4)
    مختصر ڪهاڻيءَ جي وصف ۾ اختصار پهريون اُصول آهي، جنهن کي ماهرن هن ريت پڻ بيان ڪيو آهي:
    Short Story: a story, usually about imaginary characters and events. That is short enough to be read From begining to end without stopping. (5)
    امر جليل ڪهاڻيءَ کي انساني حياتيءَ جي ڪنهن هڪ جذبي ۽ واقعي جو ترجمان سڏي ٿو:
    ”ڪهاڻي اظهار آهي زندگيءَ جي غم، خوشي، ڏک، سک، ڪاوڙ، رحم، انتقام، نفرت ۽ محبت جي ڪروڙين گهڙين مان هڪ گهڙيءَ جو، جيڪا ڪهاڻي زندگيءَ جي انيڪ گهڙين مان فقط هڪ گهڙي، انيڪ آزمائشن مان فقط هڪ آزمائش ۽ انيڪ حادثن مان فقط هڪ حادثي جي عڪاسي ڪري سا فني طور Short Story يا مختصر ڪهاڻي سڏي سگهجي ٿي.“ (6)
    مٿي ڄاڻايل ڪهاڻيءَ جي وصفن کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته مختصر ڪهاڻي سماج جي روزمره جي زندگي ۽ انساني ڪردارن جو اثرائتو عڪس آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيڪارن ٻوليءَ جي سونهن سان گڏ فن، موضوع ۽ مواد ۾ معياري تجربا ڪري. بياني، واقعاتي، مطالعاتي، تاثراتي، ڪرداري، ڊائري نما ۽ خط وڪتابت وارين ڪهاڻين کان علاوه ٻين فني نمونن سان ڪهاڻيون لکيون آهن. اوڻهوين صديءَ ۾ تخليق ٿيل نثر جي هن لازوال صنف کي پوريءَ دنيا جي تقريبًا سڀني سڌريل ٻولين جي ادب ۾ اوچو مقام حاصل آهي. دنياوي ادب ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪهاڻيون لکيون ۽ ڇپيون آهن. اثر انگيزيءَ ۽ اختصار سبب ڪهاڻين جي اشاعت هر اخبار ۽ رسالي جي زينت بڻجڻ لڳي آهي. انهيءَ ڪري ئي اڄ مختصر ڪهاڻي ادب ۾ گهڻي ۾ گهڻي پڙهي، لکي ۽ ڇاپي وڃي ٿي.
    جديد مختصر سنڌي ڪهاڻيءَ جي ابتدا ويهين صديءَ ۾ ٿي آهي. انگريزن جي دور ۾ نثر جي ادبي صنفن ناول، ناٽڪ، افساني وغيره جا دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب مان ترجما ٿيا ته مٿين صنفن ۾ طبعزاد ڪم لکڻ جو رجحان به عمل ۾ آيو.شروع دور ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي قصن، داستانن ۽ لوڪ ڪهاڻين کي لکت ۾ آندو ويو، جن ۾ عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين مان ”چندر ڪانتا“، ”الف ليليٰ“، ”ممتاز دمساز“، ”حاتم طائي“، ”گل بڪاولي“ ۽ ٻيا قصا ترجمو ٿيا ته ڏيهي آکاڻين ۾ ”سورٺ راءِ ڏياچ“، ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ ۽ ”سڌا تورو ڪڌا تورو“ نموني جون نصيحتي ۽ رومانوي آکاڻيون شايع ٿيون.
    شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ 1914ع ۾ ”شريف بيگم“ جي عنوان سان جديد ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي. ترت ئي ٻين ليکڪن پڻ هن صنف ۾ هٿ ونڊايو، جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، لطف الله بدوي، عثمان علي انصاري، آسانند مامتورا، حشو ڪيولراماڻي، سڳن آهوجا، پرمانند ميوارام، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي ۽ ٻين ڪهاڻيون لکيون. ڪهاڻيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ ان وقت سنڌي ساهت سوسائٽي، سندر ساهتيه سک ٽرئڪ سوسائٽي، ڊي جي ڪاليج جو ”سنڌ سرڪل“، امر لعل جو ”ڦلواڙي“، ”آشا“، ”ساقي“، ”پرهه ڦٽي“، ”ڦليلي“، ”جيون ڪلا“، ”ڪهاڻي“، بولچند راجپال جو ”سنڌو“( 1932ع) ۽ ٻيون اخبارون ۽ مخزن هئا.
    سنڌي عورتن ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ ڪڏهن شموليت اختيار ڪئي؟ ۽ ان جي ترقيءَ ۽ ترويج ۾ ليکڪائون ڪيتري قدر ڀاڱي ڀائيوار آهن؟ يا سنڌي سماج جي اڏاوت ۾ پڙهيل لکيل عورتن جي قلمي ڪاوشن جو ڪيترو هٿ آهي؟ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته هڪ طائرانه نظر اسان جي عورتن جي سماجي حيثيت ۽ علمي مرتبي تي وجهجهي.
    تاريخي حوالي سان ڏسنداسين ته سنڌ جي تهذيب جي مختلف دورن ۾ سنڌي عورتن جي عزت، اهميت سماجي ۽ علمي حيثيت مختلف رهي آهي. مجموعي طور هن مردن جي برتريءَ واري سماج ۾ ريتن رسمن، عقيدن، مذهبن، ثقافتي ۽ معاشري قدرن جي اوٽ ۾ کيس ڪُچلڻ، هيسائڻ، دٻائڻ ۽ بي علم رکڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ جاگيرداري نظام، قبيلائي ماحول، معاشي پس ماندگي، ذات پات جو فرق، تعليم جي ڪمي ۽ ٻيا گهڻا سبب رهيا آهن. انهيءَ بنياد تي ئي سندس شعور جي ارتقا ٿي آهي.
    اهڙين حالتن ۾ باشعور عورتن سمجهي ورتو ته سندن آجيپو فقط ۽ فقط علم جي حاصلات ۽ ان جي ڪارائتي ڪتب آڻڻ ۾ آهي. انهيءَ ڪري پڙهيل لکيل عورت پنهنجي سمجهه، سياڻپ ۽ علميت سان اظهار کي بياني ۽ قلمي قوت عطا ڪري پنهنجي خيالن ۽ سوچن کي اڳيان آندو. ايئن به نه آهي ته هتي جي عورت هر دور ۾ سماجي طور بي حيثيت ۽ بي علم رهي آهي. اسين ڏسنداسين ته سنڌو سڀيتا ۾:
    ”موهن جي دڙي واري دور ۾ عورت کي سنڌ ۾ مقدس هستي سمجهيو ويندو هو.“(7)
    ”ويدڪ دور ۾ به عورتن تي علم حاصل ڪرڻ جا دروازا بند نه هئا. اهي فلسفي ۽ حڪمت جو علم پڻ حاصل ڪنديون هيون. اُپشند ۾ ٻن فلسفي خواتين گارگي ۽ ميتريءَ جا عالماڻه مڪالما درج آهن.“ (8)
    ته ”عربن جي دور ۾ عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص توجهه ڏني ويندي هئي.“ (9)
    اهڙيءَ ريت ادب جي حوالي سان پرک ڪجي ٿي ته نظم ۽ نثر جي ٻنهي شاخن ۾ عورتن جو حصو ملي ٿو. مائي مرکان شيخڻ جا صوفيانه ڳيچ ۽ ٻين ڪيترين گمنام شاعرائن جا چيل، سهرا ۽ ڳيچ سومرن جي دور کان ملن ٿا ۽ نثر ۾ سندن شموليت جي باري ۾ ڏسنداسين ته:
    ”ڪيترن ڳيچن ۾ سنڌي عورت جي پڙهيل هئڻ بابت اشارا ملن ٿا، جن ۾ پاڻ خط لکڻ يا خط پڙهڻ جو ذڪر ملي ٿو.“ (10)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ سُر سسئي، سُر سهڻي، سُر مارئي جا ڪجهه بيت سنڌي عورتن جي پڙهيل لکيل هئڻ جي ثابتي ڏين ٿا. جيئن مثال طور:
    الا! اوٺي آڻيين، جي نياپا نين،
    آئون اُنيِن جي آهيان، توڻي مُون نه مَڃينِ،
    مَسُ منهنجي هَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻين
    لُڙڪَ نه لِکَڻُ ڏِين، ڪريو پُونِ قَلَمَ تي.(11)
    (سُر مارئي؛ 6،4)
    ڪلهوڙن جي دؤر جي مائي ملياڻي نعمت شاعره ۽ شاهه جي ڪلام جي خوشخط ڪاتبه هئي.
    ”مائي مُلي نعمت جو هٿ اکر لکيل نسخو نهايت خوشخط صحيح ۽ سنهري جدولن سان آهي. مائي صاحبه ڪمال ڪيو آهي ۽ سندس هيءُ ڪارنامو ابد الآباد قائم رهندو. اهڙيون پاڪباز ۽ نيڪ عورتون سنڌ ۾ گهڻيون ٿي گذريون هونديون، جن نور ناما ۽ ٻيا تبرڪ طور ڪتاب لکيا هوندا. پر افسوس جو انهن جا نالا اسان تائين نه پهتا آهن.“ (12)
    ميرن جي دور ۾ مولائي شيدائي موجب ته ”تعليم جو دائرو فقط شهرن ۽ وڏن ڳوٺن تائين محدود هو. شهرن ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن سان گڏ آخوندن جي مڪتبن ۾ پڙهنديون هيون، امير زاديون يا شهري خواتين پردي جون پابند هيون. سنڌ ۾ ميرن جي حرمن يا ديرن جي چارديواريءَ ۾ سندن عورتن کي مختلف علومن جي تعليم ڏني ويندي هئي. وٽن پنهنجا پنهنجا ڪتب خانا هئا ته پگهاردار ڪاتب مقرر هئا.“ (13)
    اڳيان هلي انگريزن جي دور ۾ جديد تعليمي سرشتو متعارف ٿيو، جنهن جي مسلمانن کان وڌيڪ هندو طبقي پذيرائي ڪئي. انهن زناني تعليم جي اهميت کي ڄاڻندي، نينگرين لاءِ اسڪولن کي قائم ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جي رجحان کي وڌائڻ طرف توجه ڏني. 15 آگسٽ 1888ع ۾ ديوان نولراءِ، ڏيارام گدومل، ساڌو هيرانند شوقيرام آڏواڻي ۽ ٻين جي ڪوششن سان ”پنگتي سڌار منڊلي“ قائم ٿي، جنهن جي مقصدن ۾ عورتن جي سماجي ۽ علمي حيثيت مضبوط ڪرڻ جا اُپاءُ شامل هئا. هنن عورتن لاءِ هنري گهر، ناري شالا ۽ اسڪول قائم ڪيا. حڪومت جي تعاون سان پوري برصغير ۾ انيڪ اسڪول کولايا ويا، جن ۾ فقط حيدرآباد ۾ ئي 10 اسڪول قائم ٿيا، جيئن چنديراماڻي گهٽيءَ وارو اسڪول، ڪندن مل گرلس اسڪول، شوقيرام چانڊومل اسڪول وغيره. هندو عورتن ۾ علم جو چاهه وڌائڻ لاءِ کين اسڪولن ۽ ٽرسٽن ۾ نوڪريون ڏنيون ويون.
    مسلمانن جي طرفان هيڪاري هن دور ۾ عورتن تي تعليم جا دروازا بند ڪري. ”بهشتي زيور“ نموني جا ڪتاب هڪ مقصد تحت رائج ڪيا ويا، جن هيٺ عورتن لاءِ فقط قرآن پاڪ پڙهڻ ڪافي قرار ڏنو ويو. ڊاڪٽر مبارڪ علي موجب ته:
    ”مولانا اشرف علي ٿانوي 1868ع کان 1943ع تائين بهشتي زيور جا ڏهه جلد شايع ڪيا، جنهن جي ذريعي جاگيردانه نظام کي تحفظ ڏنو ويو ۽ هن ڪتاب ۾ عورتن کي غلاميءَ جا سبق پاڙهيل آهن ۽ هڪ سٺي غلام ٿيڻ جون خصوصيتون ڄاڻايل آهن، جنهن ۾ مذهبي معاملن کان رڌ پچاءُ ۽ مڙس کي خوش رکڻ جي طريقن جي تفصيل ڏنل آهي ۽ هيءُ ڪتاب جديد مغربي تعليم جي مقبوليت ۽ ان کي تسليم ڪندي به عورتن جي مخالفت ۾ لکيو ويو.“ (14)
    مسلمان عورتن جي تعليم هن دور ۾ تمام گهٽ رهي.
    ”ڇوڪرين کي اسڪولي تعليم اڪثر نه ڏياري ويندي هئي ۽ کين اسڪول موڪلڻ عيب سمجهيو ويندو هو. قرآن ناظره پڙهڻ کان پوءِ نياڻين کي باب نامو، نور نامو ۽ احد نامو پڙهايو ويندو هو. ٿوري سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ جي تعليم ڏني ويندي هئي. ايتري تعليم کان پوءِ ڇوڪريون ڏهن ٻارهن سالن جي ڄمار کي پهچي وينديون هيون ۽ والدين کين گهر ۾ ويهاري ڇڏيندا هئا.“ (15)
    پوءِ اڳيان هلي عورتن جي تعليم طرف وقت جي ضرورت مطابق اُپاءُ ورتا ويا جن ۾ ”آل انڊيا محمدن ايجوڪيشن ڪانفرنس“ 1907ع ۽ ٻين ادارن تعاون ڪيو.
    مٿئين تمهيد جو مطلب آهي ته جيئن اسين ڄاڻي سگهون ته عورتن جي علم جي حاصلات ۽ ادب ڏانهن رغبت درجي وار ڪهڙيءَ ريت ٿي آهي؟
    نتيجو اهو نڪري ٿو ته ورهاڱي کان اڳ جي ادب ۾ هندو ليکڪائن جو حصو سرس آهي. انهيءَ وقت گڏيل هندوستان ۾ سندن تعليمي معيار به مسلمان عورتن کان وڌيڪ هو. ورهاڱي بعد مسلمان عورتون پڻ درجه بدرجه تعليم يافته ٿي سنڌي ادب جي خدمت لاءِ اڳيان آيون.
    شروع جي انهيءَ وقت ۾ سنڌي ليکڪائن هندي، سنسڪرت، گجراتي، بنگالي، انگريزي ۽ گرمکيءَ ۾ لکيو. سندن تحريرون جلدي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيون. اهڙيءَ ريت هو سنڌيءَ ۾ لکڻ طرف مائل ٿيون. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ موجب ته:
    ”نروپما ديوي، آشا ديوي، شانتا، سيتا ديو سڀاڻي، سروج ڪماري، ديوي ديال، سيتا چئٽرجي شريمتي گهوشال ۽ سؤر ناديوي گهوشال (گيتانجلي جي خالق رابندر ناٿ ٽئگور جون ڀيڻون) ۽ ٻين جي ڪهاڻين ۽ ناولن کي ميلا رام واسواڻي، پارومل، جڳت آڏواڻي، نوتن ڪرپالاڻي ۽ گوبند مالهيءَ جن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مٿين ليکڪائن جون تحريرون معياري هئڻ سبب مقبول ٿيون ۽ انهن کي مختلف ٻولين تي عبور هئڻ جي ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي ٻولين جي ادب جي ڄاڻ هئي. اهڙيءَ ريت پوءِ گهڻيون ليکڪائون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ لاءِ ميدان ۾ آيون جن ۾:
    ”پهرين سنڌي عورت جنهن سنڌي ساهت ۾ قدم کنيو هو ۽ بلڪل ثابت قدم هئي، اها هئي گلي سدا رنگاڻي (جنهن اڳي ڪماري ڪرپالاڻيءَ جي حيثيت ۾ ٽئگور جي ”گورا“ ناول جو ترجمو ڪيو هو) 1941ع ۾ سندس ناول ”“اتحاد“ نڪرڻ سان پنگتي اڳواڻن ۾ چؤٻول مچي ويو.“ (16)
    گلي رنگاڻيءَ کان پوءِ جن ٻين ليکڪائن سنڌي ٻوليءَ ۾ ناٽڪ، ناول، مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيون، انهن ۾ مس گدواڻي، شامداساڻي هاسومل، نروپما ديوي، سهجو هوتچند واڌواڻي، جيسي ڪڏواڻي، مائي واساڻي، ڪماري ڪملا، شانتا، ڀڳونتي ديالاڻي، چندرا آڏواڻي، سيتا ديوي، ڪرشنا ڪيولراماڻي، اندرا هميراجاڻي، ايشوري جوتواڻي، ديوي ناگراڻي، دادي پرڪاش مڻي، سريتا شرما، دادي ليلا، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، ۽ ٻيون شامل آهن.
    سندن لکيل ڪهاڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن جيئن آشا، ڦليلي، روح رهاڻ وغيره ۾ شايع ٿيون.
    هن دور جون اهم ڪهاڻيون، ”ڀارتي“ ڀڳونتي ديالاڻي، ”ديش دروهي“ ڪرشنا ڪيولراماڻي، ”اڌورو پريم“ شريمتي نانڪي گدواڻي، ”رتنا جا رنگ“ جيسي ڪڏواڻي، ”عجب دنيا جو رنگ آه“ مس سامتاڻي، ”ساڙهي“ ڀڳواني لعلواڻي ۽ ٻيون آهن.
    مائي واساڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”مائي واساڻيءَ جون ڪهاڻيون“ 1943ع ۾ شايع ٿيو.
    1947ع کان پوءِ جو ڪهاڻيءَ جو دور سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ تمام اهميت جو حامل آهي. خاص طور 1950ع کان 1985ع تائين ”سنڌي ڪهاڻيءَ جو سونهري دور“ سڏي سگهجي ٿو.
    1950ع کان مرڪزي حڪومت طرفان ”نئين زندگي“ مخزن جو اجرأ، 1951ع کان سنڌي ادبي بورڊ جو قيام، 1955ع ۾ ٽه ماهي مهراڻ جو اجرأ ۽ 1956ع ۾ ،”سنڌ سنگت“ جي بنياد سان ڪهاڻيءَ کي هٿي ملي. 1952ع کان پوءِ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي ادبي ڪلاسن ۾ ڪهاڻين پڙهڻ جي رواج سان سنڌي ڪهاڻي وڌيڪ نکري ۽ سنوري سامهون آئي.
    سنگت جي، ادبي ڪلاسن ۾ ڪهاڻين تي تبصرو ۽ تنقيد ڪئي ويندي هئي. اهڙيءَ ريت هڪ مقابلي جي فضا قائم ٿي. اديبن ۾ لکڻ جو رجحان وڌيو ۽ ڪهاڻي لکجڻ، پڙهجڻ ۽ ڇپجڻ ۾ نه فقط تيزي آئي، بلڪ معياري ڪهاڻيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ جاءِ والاري. سَوَن جي تعداد ۾ افسانوي مجموعا شايع ٿيڻ لڳا. ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي تحقيق مطابق، 1947ع کان 1987ع تائين جي ڇپيل افسانوي مجموعن جو وچور تقريبًا ٽي سؤ آهي ۽ هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون اخبارن جي ادبي صفحن ۽ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون.
    مختصر ڪهاڻيءَ جي هن ٻئي دور، يعني ورهاڱي کان پوءِ ۾ لازوال ڪهاڻيون شايع ٿيون، جن کي وقت جي دز اڄ ڏينهن تائين لٽي نه سگهي آهي. انهيءَ دؤر ۾ جن مرد ڪهاڻيڪارن هن صنف کي هٿي ڏني، انهن ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، غلام رباني آگرو، ابنِ حيات پنهور، بشير مورياڻي، شيخ ابراهيم خليل، اياز قادري، ع.ق شيخ، شيخ عبدالرزاق، ابن الياس سومرو، رشيد آخوند، علي احمد بروهي، سراج الحق ميمڻ، نجم عباسي، عبدالجبار جوڻيجو، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم، حميد سنڌي، غلام نبي مغل، طارق اشرف، عبدالقادر جوڻيجو، عبدالحق عالماڻي، رسول بخش پليجو، زيب ڀٽي، قمر شهباز، علي بابا، جمال رند، محمد حسين ڪروڙ پتي، ناصر مورائي، بيدل مسرور، نظير شيخ، خواجه سليم، غالب لطيف، غياث جوڻيجو، الطاف شيخ، قاضي خادم، هدايت پريم، ظفر حسن، منير احمد (ماڻڪ)، دائود بلوچ، زيب ڀٽي، نور عباسي، مطلب ته انيڪ ڪهاڻيڪارن سان گڏ اسان جون سنڌي ليکڪائون به هن ڪهاڻيءَ جي سفر ۾ شامل ٿيون ۽ سندن ڪهاڻيون ٽه ماهي مهراڻ، نئين زندگي، مارئي، روح رهاڻ، اديون، سرتيون، ڪونج، سوجهرو ۽ ٻين ادبي مخزنن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون. خاص طور ”هلال پاڪستان ڪراچي“ اخبار جي ادبي صفحي ”سگهڙين سٿ“ معرفت ڪافي ڪهاڻيڪارائون متعارف ٿيون. منهنجي نظر ۾ سنڌي ادب ۾ عورتن جديد شاعريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي.
    ورهاڱي کان پوءِ جي مشهور ڪهاڻيڪارائن ۾ بيگم زينت عبدالله چنا، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، بادام ناتوان، بيگم روشن آرا مغل، ثميره زرين، ماهتاب محبوب، رشيده حجاب، خير النساء جعفري، ڪلا پرڪاش، وينا شرنگي، ريٽا شهاڻي، ومي سدارنگاڻي، زيڊ اي شيخ، ثريا ياسمين، نور افشان بيگم، نور شاهين (نور جهان)، مس ماهتاب چنا، مس اقبال پروين سومرو، مس اقبال شيخ، جميله نرگس، ذڪيه دريشاڻي، انيس معصومه، نظير ٿيٻو، بانو محبوب جوکيو، فردوس مزناڻي، ليلا پروين سومرو، صنوبر سيد، فهميده بلوچ، زهره انصاري، ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو، انيس انجم جوڻيجو، رعنا رفيق، ثريا ڀٽي، بيگم ارشاد قمر، آفتاب بانو عباسي، ممتاز عاربي، نظير سلطانه سومرو، تبسم ماهتاب قريشي، فريده مغل، زينت النساء مسرت، تنوير جوڻيجو، نيلوفر جويو، فهميده ميمڻ، سحر امداد، قمر جهان مرزا، تهمينه مفتي، نور الهديٰ شاهه، ليليٰ بانا، نذير ناز، سعيده بشير، ثريا ”سوز“، ڏيپلائي، منگهاڻي، زبيده ميتلو، خالده سومرو، زيب نظاماڻي، ڊاڪٽر ناهيد مغل، شبنم گل، سلطانه وقاصي، رشمي راماڻي، رڪمڻي سندر چئناڻي، ارونا ڄيٺواڻي، اندرا واسواڻي، سوني مولچنداڻي، رتنا گوديا رولاڪ، مايا راهي، تارا مير چنداڻي، ڪملا گوڪلاڻي، لڇمي اميسر، اندرا شبنم، رضيه کوکر، ڪزبانو سنڌي، عطيه دائود، عزيزه قاضي، تانيه ٿيٻو، زاهده گوپانگ، نجمه پنهور، گلبدن جاويد مرزا، شگفته شاهه، ثمينه ميمڻ، قمر واحد، مريم مجيدي، افروز شورو، غزاله چنڙ، رخسانه پريت چنڙ، ريحانه نظير، ساجده جبين، خديجه شيخ، تسليم زنئور، شبانه سنڌي، سنڌو پنهور، بختاور ڄام ساقي، روبينه ابڙو، نائله سمون، ۽ ٻيون شامل آهن.
    بيگم زينت عبدالله چنا ”مارئي“ مخزن جي سنڀاليندڙ صحافي خاتون جو شمار ورهاڱي کان پوءِ پهرين عورت ڪهاڻيڪارا طور ٿئي ٿو.
    سيد مظهر جميل سندس ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:
    ”پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪا خاتون افسانا نگار باقاعده مشاهدي جي قوت ۽ بهترين اسلوب جي اعليٰ درجي تي فائز ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا بيگم زينت عبدالله چنا آهي. سندس ڪهاڻين کي زناني ۽ مرداني خانن ۾ ورهائي نٿو سگجهي، ڇو جو سندس افسانن مان گهڻا قابلِ انتخاب ۽ سٺي فني نوعيت جا آهن. ”مٺي“، ”اونداهي“، ”رانديڪو“ پنهنجي دور جون نمائنده ڪهاڻيون آهن.“ (17)
    مطلب ته سنڌي ڪهاڻي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ فني طور عروج تي رهي آهي. شاهد حنائي بهترين سنڌي ڪهاڻين کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪندي لکيو آهي ته:
    ”انهيءَ حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ سڀ کان عمده ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيون ويون آهن.“ (18)
    سنڌيءَ مان اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل هن مجموعي ”شاهڪار سنڌي ڪهانيان“ ۾ ليکڪائن جون ڪهاڻيون شامل آهن.
    ڪهاڻيڪارائن جي ڪلا تي تبصرو ڪرڻ لاءِ چند اهم ڪهاڻيڪارائن جي فن جو تعارف ڏيان ٿي. جنهن سان موضوع تي ڪجهه روشني پوندي.
    پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي اسان جي شروع دور جي ليکڪائن ۾ تمام وڏو نالو آهي. سندس ڪهاڻيون مختصر، اثرائتيون، فالتو مڪالما بازيءَ کان بچيل، بهترين اسلوب ۽ نج سنڌي ٻوليءَ سان سينگاريل آهن جن ۾ گهريلو ماحول جو نقشو پڻ تمام سهڻو چٽيل آهي. پروفيسر پوپٽيءَ جي اهم ڪهاڻين ۾ ”شهناز،“ ”منهنجي ڦوٽڙي،“ ”دل جو ڦهلاءُ،“ ”من جي سوڙهه،“ ”منهنجي ناني،“ ”ماڻهو ننهن ٿا ڳولهين ۽ مان پٽ،“ ”خزان جو دور پورو ٿيو“ ۽ ٻيون انيڪ ڪهاڻيون آهن. سندس عبارت آرائيءَ جو نمونو هن ريت آهي:
    ”استريءَ جي سيني ۾ پريم جو جذبات هجي، پُرش جي دل ۾ ان استريءَ لاءِ چاهنا هجي ته انهن ٻنهي جي ميلاپ کي ڌرتيءَ تي سرڳ چئجي ٿو.“ (ص21، ”زندگي نه ڪوتانه ڪهاڻي“)
    ”ٻاهر حيدرآباد جون ڪوسيون لڪون، ڦوڪون ڏينديون هيون. اندر اسين باداميون، کس کس، اڇو جيرو ۽ ڦوٽا گهوٽي ٿادَل ٺاهيندا هئاسين.
    اوچتو هُل ٿيو ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو آهي ۽ اسان کي سنڌ ڇڏي هندوستان هلڻو پوندو. ڊپ ۽ هراس پکڙڻ لڳو. هير آباد جي هڪ طرف هئي مسلم شاگردن جي هاسٽل، سامهون هو سلاٽن جو پاڙو، مسلمان جوان ڏند ڪڍي کِلي چوندا هئا، ته ”پهرين ته هيرآباد جون حورون کڻبيون.“
    ”ڌيءَ! هي ڇا پيا چون؟ پنهنجو ملڪ به ڪنهن ڇڏيو آهي؟“ ايئن چئي ناني هوريان هوريان ڪمر کي هٿ ڏيئي پَٽ تي ويهي رهي. مون کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جي چيلهه بيهڻ جي شڪتي وڃائي ڇڏي هئي. هوءَ پَٽ تي ويهي رهي ۽ ان ڏينهن کان پوءِ هن پٽ تي ريڙهيون پائڻ شروع ڪيون.“ (ص81، 82، ”منهنجي ناني“)
    سندري اتم چنداڻي هڪ اديب / شاعر جي وَني آهي سندس تحريرن ۾ تمام اثر انگيزي ڏسجي ٿي، بلڪ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٻنهي دورن تي هن ڪهاڻيڪارا جون ڪهاڻيون ڇانيل آهن. ڪافي افسانوي مجموعا ڇپيا اٿس. ”وڇوڙو“ ڪهاڻيءَ تي کيس ٻه دفعا انعام مليو آهي ۽ ٻيا به کين ڪافي ايوارڊ مليا آهن. سماجي موضوعن ۾ خاص طور عورت جي شخصي آزادي، ڏيتي ليتي، علم جي افاديت، سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ ٻين موضوعن تي لکيو اٿن. هلڪو ڦلڪو طنز ومزاح به سندس تحرير جي خوبي آهي. ”قدر ڪونهي“ انهيءَ قسم جي هلڪي ڦلڪي انداز جي ڪهاڻي آهي. لکي ٿي:
    ”جيڪو ڏِس سو چوي منهنجو قدر ڪر. جوءِ چوي منهنجو قدر ڪونهي، ڀيڻ چوي منهنجو قدر ڪونهي، ماءُ چوي منهنجو قدر ڪونهي، عجيب ماجرا آهي ۽ هن منحوس سپريٽيڊنٽ وٽ وري اسان جو قدر ڪونهي.“ (ص77 ”قدر ڪونهي“)
    الا! امان مان ته ڄڻ مري ويس. هن ڪاري گهوٽ ته هڻي منهنجي سسي نيزي پاند اڇلي ڇڏي. هٿ اڳيئي سوگها ۽ ساهه هيٺ مٿي، وري مٿان هيءَ سرگوشي!! اهڙي سِڪَ ته سهڻن يا خانداني خريدارن به ڪونه ڏيکاري هئي. هنن وٽ ته رڳو ڇڪ ئي ڇڪ هئي.“ (ص9، ”ڪارو گهوٽ“)
    ثميره زرين جون ڪهاڻيون رومانويت ۽ جذباتيت سان گڏ روز مره جي زندگيءَ جي واقعن متعلق پڻ آهن. هوءَ سادن سودن لفظن ۾ عورت جي حسين دل جا منظر پيش ڪري ٿي:
    ”اڄ ڏکن وري ڪَرَ موڙيا. دل ۾ جيڪو زخم وقت جي مرهم سان مٽجي ويو هو، سو وري تازو ٿيو، ذهن نارسا موت وزيست جي ڪشمڪش کان نڪري، ماضيءَ جي خوابيده ياد سان ٽڪرائجي ويو. (ص140، ڪنول)
    ماهتاب کي عورتن جي نفسيات جي وڏي پرک آهي. هن جي هر هڪ ڪهاڻي سنڌي ٻوليءَ ۽ گهريلو سماج جي نمائندگي ڪري ٿي. سندس تحريري اسلوب جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
    ”نياڻي – نياڻي – نياڻي! هر طرف نياڻي، اهي اکر لڳاتار گهنڊڙيءَ جيان ذهن ۾ پيا گونجندا هئس. کليءَ ريت ته ڪا ڳالهه ڪري ئي نٿي سگهي، جو ٺهه پهه نياڻيءَ جو طعنو ملندو هئس. شادي نه ڪرڻ سبب ورهين کان جيڪي قياس ڀريون نظرون هن تي پونديون هيون، تن کيس پنهنجي ئي نظرن ۾ تڇ ڪري ڇڏيو هو. مڱيندن جو مڙهه، گهوٽ ٿيڻ کان اڳ ئي مقام تائين پهچائڻ ڪري به هن کي ڏوهارڻ ٿي سمجهيو ويو. نياڻي جو لفظ هن لاءِ ڪنهن گار کان گهٽ نه هو.“ (ص48 – اوندهه)
    ”اختر حسين کي گهر ۾ زندگيءَ جي علامت نظر آئي، ته نه رڳو سوير اچڻ لڳو، پر جانب جو جمال پسڻ لاءِ، سڄو ڏينهن ٻارن واريءَ ڪوٺيءَ ۾ متيڙو ٿيو ساليءَ سان انگل ڪندو هو. موٽ ۾ سندس لڄاريون مرڪون ۽ ماڻا هن تي شراب جي هلڪي نشي جهڙو اثر ڇڏڻ لڳا. هو هر وقت ڪنهن اڻ لکي سرور هيٺ سَرهو رهڻ لڳو.“ (ص33، آڙاهه)
    ريٽا شهاڻي هندوستان جي اها ليکڪا آهي، جنهن جا گهڻا ڪتاب سنڌ ۾ شايع ٿيا آهن. هن ڪهاڻين سان گڏ ناول مضمون ۽ سفر ناما به لکيا آهن. سندس ڪهاڻيون مختصر، ڇرڪائيندڙ ۽ عام واقعن متعلق پر خاص انداز ۾ هجن ٿيون، مقصد کي هوءَ تمام ٿورن لفظن ۾ بيان ڪري ٿي. ستن پٽن جي دُعا تي احتجاج ڪندي لکي ٿي ته:
    ”تڏهن ڪنوار اکيون مٿي ڪري سوال پڇيو، ”مهاراج ست پٽ ڇو؟“ ۽ سندس ڀيڻ ريشما کيس سُر وٺائيندي چيو، ”ها ها، ڌيئر ڇو نه؟“
    ”ڌيئڙيون! آشيرواد اهڙي نموني تي ڏني ويندي آهي. اهڙي اسان جي پراڻي ”پرمپرا“ آهي.“
    ريشما، ”مهاراج! هاڻي پراڻيون ڳالهيون ڇڏيو، زمانو ڦري ويو آهي....“
    ٻانڀڻ هن کي نظرانداز ڪندي پنهنجي آشيرواد جاري رکي.“ (ص103، ”شاديءَ جي آخري رسم“)
    ”جڏهن ٻار وڏا ٿيندا آهن ته وڏا مسئلا پاڻ سان کڻي ايندا آهن. ڀاري ۽ منجهائيندڙ مسئلا. ڪيڏو به سمجهائڻ سان هُو مائٽ جي هڪ ڳالهه به نه مڃيندا آهن ۽ اُن وقت بڇڙو مَنِ چوندو آهي ته هن کان ننڍڙا هئا ته سٺا هئا، ته گهٽ ۾ گهٽ چيو ته مڃيندا هئا. ٻيءَ حالت ۾ هنن کي هڪ چماٽ سان سڌو ڪري ڇڏبو هو. هاڻي ته پنهنجي هڪ به نٿي هلي. (ص149، ڇوٽڪارو)
    نورالهديٰ شاهه جون 76 ڪهاڻيون ڇپيون آهن، جيڪي موجوده وقت ”ڪيڏارو“ جي عنوان سان سندس ڪتابن جلا وطن، ڪربلا، رڻ ۽ رڃ جو اتهاس ۽ ڪيڏارو جي گڏيل مجموعي طور دستياب آهن.
    هن سنڌي سماج جي غلط رسمن رواجن ۽ دستورن خلاف آواز بلند ڪيو آهي. وٽس موضوعن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي سهڻن لفظن جي ڪابه کوٽ ڪانهي. بلڪ سندس ئي لفظن ۾ ته ”هُن وٽ لفظن جا مَٽَ ڀريل آهن.“ سو ســؤ دفعا صحيح آهي، وطنيت، قوميت، سنڌيت، فرقيواريت، زندگي، موت، جنگ، امن، اميري غريبي، غلامي آزادي، مطلب ته بي حساب موضوعن تي هن لکيو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي سماج ۾ عورت جي تذليل تي واڪا ڪيا اٿس،
    فرقيواريت خلاف، مسجد ۾ ٿيل بم بلاسٽ جي باري ۾، سندس ڪهاڻي تمام منفرد موضوع ۽ انداز جي آهي. لکي ٿي ته:
    ”خدا مون کي مسجد جي خالي اڱڻ ۾ مليو، مان هُن کي ڏسي نه سگهندو هئس، محسوس ڪري سگهندو هئس، پر هن جي مڪمل وجود کي نه، رڳو هُن جي نهار کي، هُن جي مُرڪ کي. شروع شروع ۾ هُو مون ڏانهن نهاريندي بس مرڪندو هو ۽ مان هڪ ساهيءَ هُن سان ڳالهائيندو ويندو هئس. منهنجون ڳالهيون کٽنديون ئي ڪونه هيون ۽ هُن جي مُرڪ ٽٽندي ئي ڪانه هئي.“
    ”منهنجو فرقو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ مان سوچ ۾ پئجي ويس. بُک؟ بيروزگاري؟؟ بي چيني؟ گهاڻي جي ڏاند جيان زندگيءَ جي چوڌاري ڦرڻ ۽ ڦرندي ڦڙندي پيرن کان روح تائين پئجي ويل لڦون لڦون؟؟؟ موٽ ۾ مليل ڌڪار ۽ اڻ برابري؟“ (ص 389، ستن آسمانن هيٺ“)
    سنڌي سماج جي مرداني ذهن جي عڪاسي هن ريت ڪري ٿي:
    ”ٻه ونيون ته اسان سنڌي مردن جو شان آهي، سو احمد کي لکي موڪليائين ته جيتريون گهڻيون ونيون ۽ ٻنيون، ايترو مردن جو شان. جتي پلاند اٽڪائبو، اتي نڀائبو. اهو اسان جي راڄ جو شان آهي، سو فردوس جيستائين جيئري هوندي، تنهنجي لاءِ ويٺي هوندي.“ (ص125، شريف زادي)
    ”ڀلا ٽي وقت ماني، ڀلا پيرن جي جتي، ڀلا هڪڙو وڳو ڪپڙن جو ڪير ڏيندو؟ آمريت ڏيندي ڪه جمهوريت؟“ (ص347، هن پهاڙ جيڏي رات جي پڄاڻي ڪٿي آ)
    ”فنا آهي ماڻهوءَ جي هر سپني کي. هڪ اداس صبح، ڏاهپ جي ڏوهه ۾ مليل طلاق جو ڪاغذ بيگ ۾ وجهي هوءَ ان ننڍڙي ڳوٺ هلي ويئي. گمنامين جي انهن اونداهين غفائن ۾ اچي هن پنهنجيون سموريون ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون ڦاڙي ڇڏيون هيون ۽ پنهنجا چتر ساڙي ڇڏيا هئا. (ص184، ”مندر، اداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي“)
    ”ميان غلام شاهه ڪلهوڙا! اسين توکي وارننگ ٿا ڏيون، حيدرآباد جو شهر خالي ڪر، نه ته سڀاڻي تنهنجو لاش ننگو ڪري، شهر جي گهٽين ۾ گِهليو ويندو.“ ميان صاحب اُٿي ٿو، قبر تي پيل پُڙ سان لڙڪ اگهي ٿو، امن جي مارجي ويل پکيءَ جيان منجهس نئين سگهه (خوف ۾ دٻيل) ڀرجي ٿي. کيس زنده رهڻ گهرجي، ان احساس هيٺ سيد محمد مڪيءَ کي الوداع چئي هُو مزار مان نڪري ٻاهر سڙڪ تي اچي ٿو. ڪرفيو دوران گشت ڪندڙ ٽرڪ بيهي رهي ٿو.
    ڪوئي مٿس اُلر ڪري ٿو.
    ”ڊونٽ مُوو“
    ٻي پل گوليءَ جو ٺَڪاءُ. (ص361، ڪيڏارو)
    ڊاڪٽر فهميده حسين ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن ۾ فهميده ميمڻ جي نالي سان ڪافي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيون پاڻ خاص طور هلال پاڪستان ڪراچي اخبار جي ”سگهڙين سٿ“ صفحي سنڀالڻ دوران ڪيترين ليکڪائن کي به سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرايائين. ڪافي ليکڪائن جا افسانا هن ادبي صفحي تي شايع ٿيا، اهڙي ريت پاڻ پڻ ڪهاڻيون لکنديون هيون انهيءَ دور جي ۽ پوءِ لکيل سندن ڪهاڻين جو مجموعو، ”هڪ حوا ڪيئي ڪهاڻيون“ جي عنوان سان آهي انهن ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج جون اڍنگيون رسمون ۽ رواج وائکا ڪيل آهن ته سنڌي عورت جي شخصي ۽ ذهني آزاديءَ جي پاڻ پتوڙڻ جا سنيها ڏنل آهن. طويل ڪهاڻين سان گڏ مختصر ڪالم ڪهاڻيون جيئن انٽيليڪچوئل ”احساس“ ”پاڻ وهيڻي“ فرسٽريشن“ ”مُنڌل من ”۽“ دوستي“ تمام اثرائتيون آهن، پڙهيل لکيل قلمڪار عورت جي حق تلفيءَ تي لکن ٿيون ته ”اهي مرد جيڪي عورت جي نفسيات ئي نه سمجهي سگهن سي فنڪار عورت جي احساس لاءِ مڏي ڇُري ثابت ٿيندا آهن،“
    (”فرسٽريشن“ صه 128)
    ”ماڻهو ٿا چون سنڌ ۾ ڇوڪرين سان ريتن رسمن جي نالي ۾ ظلم ٿو ڪيو وڃي، هُو مدي خارج روايتن يا رواجن جي گهاڻي ۾ ٿيون پيڙهجن، پر مون سان جيڪي ٿي رهيو آهي ڇا اهو ان کان گهٽ هو؟ آئون هڪ ڇوڪر، هڪ مرد ٿي ڪري به مجبور ۽ بي وس بڻايو ويو هئس مونکي به بدي جي رسم جو کاڄ بڻايو ويو هو، اهو ساڳيو ظلم سوٽ ياسر سان به ٿي رهيو هو،“
    (مان مرد“ ص 28)
    مٿين مثالن کان علاوه انيڪ ڪهاڻيون لکيو ويون آهن جن مان چند اهم هن ريت آهن:
    ”مون توکي پيار ڪيو هو“، ”ماڻهو ننهن ٿا ڳولين مان پُٽ“ پوپٽي هيراننداڻي، ”ڀوري“، ”معصوم التجا“، ”وڇوڙو“ سندري اتم چنداڻي، ”پيئي اڏامي رک“ اندرا واسواڻي، ”ڀاڳي اڀاڳي“ مايا راهي، ”من اجرو تن اجرو“ زينت عبدالله چنا، ”سيمنٽ جي پتلي“، ”راهه“ رشيده حجاب، ”تضاد زندگيءَ جا“، ”سڀ منهنجو ڏوهه“ ريٽا شهاڻي، ”شمع ٻاريندي شب“، ”رمندا بادل“ ثميره زرين، ”محشر موچارو“، ”رهيل جانچ“، ”مٺي مراد“، ”لهر لهر زندگي“ ماهتاب محبوب، ”ضدي“، ”ايئن به ٿيندو آهي“ جميله نرگس، ”جي توڙ نڀائي ڄاڻن“، ”داغن جي روشني“، ”اندر ۾ اونده“ ثريا ياسمين، ”نازلي“، ”پرين سندو پيار“ زيڊ اي شيخ، ”ڀٽڪيل روشني“ رڪمڻي سندر چئناڻي، ”وڻن ۾ گل“ ڪلا پرڪاش، ”پيڙا جو پڙلاءُ“ رتنا گوديا رولاڪ، ”ڪرشنا نديءَ تي پل“ ارونا ڄيٺواڻي، ”سامائي تان سک ويا“ نيلوفر جويو، ”پليٽ فارم“، ”ناسور“، ”پنر جنم“ سحر امداد، ”منهنجو گهر“ فهميده ميمڻ، ”اکيون روئن ڳوڙهن بنا“ سوني مولچنداڻي، ”زندگي: هڪ ناٽڪ“ وينا شرنگي، ”سائو ٿيل گاهه“ ڪملا گوڪلاڻي، ”جلاوطن“، ”آخري مئل ماڻهو“، ”ڏوهي“، ”زندگيءَ جو زهر“، ”منهنجي زندگيءَ جو جنم قيد“، ”زم زم“، ”منهنجو من ڀنڀور“ ”ناگا ساڪي“ نور الهديٰ شاهه، ”ڪشمڪش“ تبسم ماهتاب قريشي، ”ڪو ڪو جيون سواليه نشان“ ڊاڪٽر ناهيد مغل، ”سنجوگ“ صنوبر سيد، ”اٿارٽي“ خديجه شيخ، ”سيڪنڊ چوائس“، ”ساحل جي تمنا“ شبنم گل، ”بنا عنوان“ ريحانه نظير، ”بُک ۽ اديب“ شگفته شاهه ۽ ٻيون ڪافي ڪهاڻيون آهن.
    ڪهاڻين جي هيڏي وڏي ۽ سٺي مقدار سان شموليت جي باوجود اڄ تائين عورتن جي لکيل ڪهاڻين کي سهيڙي ڪڏهن به ڪنهن مجموعي جي صورت ۾ ڇپايو نه ويو آهي. ها! باقي انفرادي طور ڪافي ڪهاڻيڪارائن جا ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيا آهن، جيئن:-
    ”رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون“، ”پڪار“، ”ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو“، ”مون توکي پيار ڪيو هو“، ”خزان جو دور پورو ٿيو“ پوپٽي هيراننداڻي، ”تو جنين جي تات“، ”وڇوڙو“، ”مُرڪ تي منع“، ”ٻنڌڻ“ سندري اتم چنداڻي، ”وڻن ۾ گل“، ”مُرڪ ۽ مامتا“ ڪلا پرڪاش، ”گيت اُڃايل مورن جا“، ”آءُ اها ئي مارئي“ ثميره زرين، ”تخليق جو موت“ خيرالنساء جعفري، ”پچڻ کي پچاءِ“، ”منع ٿيل ميوو“، ”ببليءَ جون آکاڻيون“، ”رشتن جو رقص“ ريٽا شهاڻي، ”آئينو ۽ عڪس“، ”رٻڙ جي گڏي“، ”الجهيل تندون ريشم جون“، ”درد“ تارا مير چنداڻي، ”درد جو آواز“، ”قسم پيار جو“ رڪمڻي سندر چئناڻي، ”آکاڻيون پورب ديش جون“، ”ڪامل جون ڪهاڻيون“ (ترجمو) ڪماري ايشوري جوتواڻي، ”مٺي مراد“، ”چانديءَ جون تارون“، ”پل صراط“، ”لهر لهر زندگي“ ماهتاب محبوب، ”امرت منجهه ڪڙاڻ“، ”عيبن هاڻي“ تنوير جوڻيجو، ”هڪ حوا ڪيئي ڪهاڻيون“ فهميده حسين، ”هيلوڪو وري آءُ“، ”اڏران هن پار“ نذير ناز، ”جلا وطن“، ”ڪربلا“، ”رڻ ۽ اُڃ جو اُتهاس“ نورالهديٰ شاهه، ”نالو؟“، ”منجري“، ”ٿُڙ“ اندرا واسواڻي، ”محبت جو مينهن“، ”موڪش“، ”ڍال“ مايا راهي، ”تنهنجون ڳالهيون تنهنجي ڳولها“ زرينه بلوچ، ”مارئي ۽ مان“ ميمڻ روشن تبسم، ”تلاش“ تبسم ماهتاب قريشي، ”ڪٿا اُپ ڪٿا“ تهمينه مفتي، ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو“ شبنم گل، ”اکيون ميگهه ملهار“ خديجه شيخ، ”ڪو ڪو جيون سواليه نشان“ ڊاڪٽر ناهيد مغل، ”سامائي ته سک ويا“ نيلوفر جويو، ”نرڳ“ زبيده ميتلو، ”مشعل ٻرندي رهندي“ صنوبر سيد“، ”اڌوري زندگي“، ”ڪونج“ شريمتي سروج گوپال ڀارواڻي، ”زندگي: هڪ ناٽڪ“، ”اڌ کليون اکيون“، ”واسنا جو واسينگ“ – وينا شرنگي، ”عبادت“ اندرا شبنم، ”حادثي کان پوءِ“، ”فيصلو ٿيڻ تائين“، ”سائو ٿيل گاهه“ ڪملا گوڪلاڻي، ”زخم زماني جو“، ”سوني چادر“، ”شڪتي“، ”تنها ديوارون“، ”اکيون روئن ڳوڙهن بنا“، ”گلابو پري“سوني مولچنداڻي ۽ ٻيا پڻ ڪافي مجموعا آهن.
    اسان جي ڪهاڻيڪارائن جو ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ مقداري اضافو ته چڱيرو آهي. ها باقي وٽن موضوعن جي وسعت آهي يا نه؟ ۽ سندن ڪهاڻين ۾ معيار، مواد ٻولي ۽ ٻيون افسانوي خوبيون ڪيتريقدر تسلي بخش آهن انهيءَ لاءِ سڀ کان پهرين اسين سنڌي ڪهاڻيءَ جي موضوعن جي پرک ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته، شروع دور ۾ هندو مسلم فساد ۽ پوءِ اتحاد، قوميت، مذهبيت، آزاديءَ جون تحريڪون، عالمي جنگيون، انهن جي تباهڪاري، ورهاڱو، اقتصادي بدحالي، لڏپلاڻ جي افراتفري نموني جا موضوع رائج هئا.
    اڳيان هلي ڏيهي ۽ پرڏيهي ٻولين جي ڪهاڻين جي اڀياس سان موضوعن ۽ فن ۾ وسعت ۽ تبديلي آئي. نوان لاڙا، نيون سوچون ۽ نوان موضوع متعارف ٿيا.
    ورهاڱي کان پوءِ جي ڪهاڻيءَ ۾ حالتن جي افراتفري، ذهني ڇڪتاڻ، طبقاتي ڪشمڪش، مذهب ۽ قوميت سان گڏ خاص طور ون يونٽ ٺهڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافيون، اهم موضوع آهن، ملڪ ۾ لڳايل مارشلائن سان موضوعن ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي. ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ خاص طور اديبن ۽ شاعرن تي سختين، وارنٽن، جيلن ۽ اشاعتن تي پيل پابندين سان مزاحمتي ادب تخليق ٿيو، جنهن ۾ غيرت، سرڪشي، سجاڳي ۽ خود داري هئي ته وطنيت جو جذبو هيڪاري اُتم ٿي ويو. ڌارين جي وڏي پئماني تي آبادڪاري ۽ نڌڻڪي هئڻ جي احساس سان پنهنجي هم ٻوليءَ وارن جي محبت وڌيڪ اُتپن ٿي ۽ هند ۽ سنڌ جي سنڌي ليکڪ جو آواز هڪ ٿي ويو.
    ڏٺو وڃي ته هر ادب پنهنجي پنهنجي دور جو ترجمان هوندو آهي ۽ تخليقي ادب ۾ وقت جا قدر (Values) وڏي تبديلي آڻين ٿا ۽ ادبي تخليق جي هن مسلسل بدلجندڙ عمل کي شري ڪرشنا جي لفظن ۾ پرکينداسين ته سؤ سيڪڙو سچ لڳندو ته:
    “Literature must voice the past, reflect the present and mould the future.”
    مٿين حوالن مطابق جيڪڏهن ڪهاڻيڪارائن جي فن کي پرکينداسين ته معلوم ٿيندو ته سندن ڪم ڪافي حد تائين قابلِ قدر آهي. هندو ۽ مسلم سنڌي سماج جا مسئلا ۽ گُهرجون ڪي قدر هڪٻئي کان مختلف آهن، پر ٻنهي سماجن جي ليکڪائن انيڪ اهم مسئلن کي پنهنجي ڪهاڻين ذريعي اڳيان آندو آهي، جن ۾ ڪُڌن ريتن رسمن خلاف جنگ جوٽڻ، ڌاڙيلن، زميندارن، هارين، ڪامورن، جاگيردارن، پيرن مريدن ۽ طبقاتي استحصال جا نقش چٽڻ سان گڏ خاص طور، عورت ذات جي وجود جي پائمالي ۽ بنيادي انساني حقن جي لتوڙ کي نمايان جڳهه ڏني آهي، جنهن ۾ ستيءَ جي رسم، ڏيتي ليتيءَ جي شادي، بدلي جو پرڻو، جيئري تي جيئري شادي، وڌوا جي شاديءَ تي پيل پابندي، جهيز جي لعنت، حق بخشائڻ، ڪاروڪاري، گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا، ازدواجي زندگيءَ جا جهيڙا، طلاقون، ته گڏ عورتن ۾ تعليم جي ڪميءَ خلاف پڻ احتجاج ڪيا اٿن. مطلب ته هنن رومانويت، قوميت، مذهبيت، وطنيت، جنسيات، طنز و مزاح ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن کي آندو آهي.
    پاڪستان ۽ هندوستان ٺهڻ کان پوءِ جي شروعاتي ڪهاڻين ۾ هندي ليکڪائن وٽ گهرو مسئلا آهن ته سنڌ جي ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ جي فقدان سان ڪهاڻي رومانوي تخيلات جي اوٽ ۾ پيش ڪيل آهي.
    ڊاڪٽر شمس الدين ”انهن ڪهاڻين ۾ مرڪزي خيال جي هڪجهڙائي ۽ يڪسانيت ڄاڻائي آهي، جنهن ۾ پلاٽ ۽ پيشڪش ۾ نواڻ جي ڪمي آهي.“ (19)
    بلڪ نسيم کرل ته بلڪل ايئن چئي ڏنو ته: ”لڳي ٿو پيار ۽ مايوسي سنڌي افسانا نگار خواتين جو پسنديده موضوع آهي.“ (20)
    ستر جي ڏهاڪي ۾ وڏي تبديلي آئي عورتن ڪهاڻين کي فني طور به مضبوط ڪيو ته ٻوليءَ جي استعمال طرف پڻ توجه ڏني. شروع دؤر جي خواتين جي ڪهاڻين تي ڪجهه اردو رسالن جيئن ”حور“، ”زيب النسا“ وغيره جي ڪهاڻين جو اثر هو ۽ اردو ٻوليءَ جي لفظن جو بي سبب استعمال پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. موجوده وقت سنڌي ڪهاڻيڪارائن جون ڪهاڻيون، ٻولي، اسلوب، موضوع ۽ فن جي حوالي کان بهترين آهن. هند جي ليکڪا اڄ به ڪهاڻين ۾ انگريزي، هندي ۽ سنسڪرت لفظن جو استعمال ڪري ٿي، پر وري به سندن ڪهاڻيون خاص طور ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جي اڀياس جو نتيجو معلوم ٿين ٿيون، جن ۾ موضوع اڇوتا ۽ ڇرڪائيندڙ پڇاڙي آهي ته فني طور به ڪهاڻيءَ سان مڪمل انصاف ٿيل آهي.
    پروفيسر پوپٽي رامچند، ايشوري جوتواڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، ۽ ريٽا شهاڻيءَ سان گڏ موجوده وقت ڪملا گوڪلاڻي، اندرا شبنم، مايا راهي، سوني مولچنداڻيءَ جون ڪهاڻيون وڏي مشاهدي ۽ مطالعي جو ڪارڻ معلوم ٿين ٿيون.
    اهڙيءَ ريت ماهتاب محبوب، نورالهديٰ شاهه،. فهميده حسين، شبنم گل ۽ ٻين جون ڪهاڻيون تمام اثر انگيز آهن. ماهتاب محبوب ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ کان، نورالهديٰ شاهه وسيع موضوعن ۽ اثرائتي اسلوب جي سهڻيءَ ڏات سان ته فهميده حسين حقيقت نگاريءَ کان ۽ شبنم گل حساس جذبن جي نمائندگيءَ کان اهم ڪهاڻيڪارائون آهن. سحر امداد جون ڪهاڻيون اثرائتي ڪردار نگاريءَ سان گڏ علامت نگاريءَ جو عڪس چٽين ٿيون ته تهمينه مفتي فطرت نگاريءَ کي سهڻي نموني سان پنهنجي ڪهاڻين ۾ آندو آهي. نذير ناز مختصر، ساديون سوديون ليڪن سچيون ۽ اثرائتيون سماجي حقيقتون بيان ڪيون آهن. زرينه بلوچ سنڌيڪار جي حيثيت کان علاوه طبعزاد پڻ اهم ڪهاڻيون لکيون آهن. ڊاڪٽر رشيده حجاب پنهنجي دور مطابق پهرين ڪجهه رومانوي ۽ جذباتي ڪهاڻيون لکيون، پر پوءِ ترت ئي سندس لاڙو حقيقت نگاريءَ ڏي مُڙي ويو. سندس ڪهاڻين ۾ ”رهزن“، ”ٺڳ“، ”راهون چنڊ ستارا“ اهم آهن.
    اهو چئي سگهجي ٿو ته نثر جي اهم صنف مختصر ڪهاڻيءَ ۾ هند توڙي سنڌ جي ڪهاڻيڪارائن چڱيون معياري ڪهاڻيون لکيون آهن.


    حوالا

    (1) شاهه نورالهديٰ ”ڪيڏارو“ (ڪهاڻي – ڪليات) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2006ع، ص401.
    (2) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1993ع، ص37
    (3) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي 1982ع – ص1
    (4) مفتي تهمينه ڊاڪٽر، ”ڪٿا اُپ ڪٿا“ (مهاڳ)، سي پي ايس پي پبليڪيشن 2007ع ص12.
    (5) آڪسفورڊ ايڊوانس لرنر ڊڪشنري (O.U.P) ص1187.
    (6) سهڻي امر جليل نمبر، سهڻي پبلشرز الهندو ڪچو حيدرآباد 1973ع، ص208.
    (7) ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993ع، ص70.
    (8) تقوي سيد سخي حسن، ”همارا قديم سماج“ ترقي اردو بيورو نئين دهلي 1972ع ص118.
    (9) شيدائي رحيمداد خان ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1959ع ص298.
    (10) ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“، شاهه لطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه 1993ع ص118.
    (11) هوتچند مولچند گربخشاڻي ڊاڪٽر ”شاهه جو رسالو“ ڪمشنر ڇاپخانو 1931ع ص،68.
    (12) دائودپوٽو عمر بن محمد ڊاڪٽر ”شاهه جي رسالي جا ٽي آڳاٽا نسخا“، ماهنامه نئين زندگي سيپٽمبر 1957ع.
    (13) شيدائي رحيمداد خان ”تاريخ تمدن سنڌ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو 1995ع ص،756.
    (14) مبارڪ علي ڊاڪٽر ”الميه تاريخ“ فڪشن هائوس لاهور 2005ع، ص75.
    (15) حسين بادشاهه (سهيڙيندڙ) ”حيدرآباد جي تاريخ“روشني پبليڪيشن 2003ع، ص536.
    (16) ملڪاڻي منگهارام ”سنڌي نثر جي تاريخ“روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1993ع ص،104.
    (17) سيد مظهر جميل، ”جديد سنڌي ادب“، اڪادمي بازيافت 2007ع ص1017.
    (18) شاهد حنائي (مترجم) ”شاهڪار سنڌي ڪهانيان“ اڪادمي بازيافت اردو بازار لاهور 2004ع ص،16.
    (19) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ انسٽيٽيوٽ آڦ سنڌ الاجي 1982ع ص251.
    (20) سيد احتشام حسين ”ادبي دنيا“، اردو افساني پر ايک گفتگو ص،67.


    رچنائون

    رتنا جا رَنگَ : - جيسي ڪڏواڻي

    رتنا جا مائٽ بلڪل شاهوڪار هوندا هوا. پڻس نارائڻداس بمبئي ۾ رهندو هو، ۽ وڏو انجنير هو. کيس فقط ٻه ڌيئون هونديون هيون. رتنا وڏي هئي. ننڍي هوندي ئي کيس پڻس ماڻڪ سان منڱائي ڇڏيو هو. ڇوڪرو خوب صورت، ٺاهوڪو، پڙهڻ ۾ بلڪل هوشيار ۽ قابل هو. پر البت ڪنڌ ۾ ڪيلي هيس، هونءَ سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ چڱو هو. سندس مرضي هئي ته مان ڪو وڏو امتحان پاس ڪريان جنهن ڪري ولايت وڃڻ جا سانباها ڪيائين. ماڻڪ انگلينڊ ۾ ڪليڪٽريءَ جي امتحان لاءِ ويو. نصيبا انهيءَ امتحان ۾ فتحياب ٿيو ۽ ڪن سالن کان پوءِ وطن وريو. سندس سڀ مٽ مائٽ سنگتي ساٿي کيس جهاز تان وٺڻ ويا. هار ٻار پائي ڏاڍي مرحبا ڪيائونس. نارائڻداس پڻ پنهنجيءَ زال سان گڏ کيس وٺڻ ويو. ماڻڪ سڀني کي گڏجي ڏاڍو خوش ٿيو، حال احوال وٺڻ لڳو. انگلينڊ مان بلڪل ڦري آيو هو. ڳالهائڻ ئي بدلجي ويو هوس. سهري کان پڇائين ”سائين رتنا ڪيئن آهي، ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي- هت آڻيوس ها.“ جيتوڻيڪ نارائڻداس پاڻ به آزاد خيالن جو هو ته به هروڀرو اڄ ڪلهه جي گهڻن نئين روشنيءَ وارن جوانن وانگر ويل ڪونه هو. خير- خيرن سان سڀ گهر وريا.
    حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ هفتي ٻن کان پوءِ سورت ۾ نوڪري لاءِ روانو ٿيڻو هو. جو کيس اُتي جي اسٽنٽ ڪليڪٽري ملي. سندس انگلينڊ مان موٽڻ کان اڳ ۾ ٻنهي سيڻن ٺهراءُ ڪيو هو ته ناتال تي سندن شادي ڪرائينداسون جنهن ڪري ماڻڪ جي ايندي ئي سندن شاديءَ جا سانباها ٿيڻ لڳا. پر ماڻڪ جي دل اصل نه هئي ته ڪو هو ايتري ۾ شادي ڪري. پاڻ جو انگلينڊ جون حورون ڏسي آيو هو سو حال في الحال هندوستاني ماڻهو ڏٺا نه ٿي وڻيس. پاڻ کي پڪو يورپين پئي سمجهائين. ڀانءِ ته ڄائو اُتي هو پر شايد ڪوئلن جي جهاز ۾ کڄي آيو هو. خير پيءُ کي ڪيترو جهليائين ته ايتري تڪڙ نه ڪريو پر پڻس چيس ته مون انجام ڪيو آهي سو ضرور پاڙيندس. ماڻڪ رتنا کي ڏٺو ئي ڪونه هو هينئر سندس مرضي ٿي ته کيس ڏسان. پر جرئت ڪونه ٿيس جو ائين ڪري.
    خير شاديءَ جو ڏينهن اچي ويو. گهوٽ صاحب سنڀري موٽر ۾ ڪنواريتي گهر راهي ٿيو. پر دل ۾ ايئن ئي پئي چيائين ته جا ڇوڪري مون ڏٺي ناهي تنهن سان مان ڪيئن ٿو شادي ڪريان. ڪنواريتي گهر پهتو، کيس اندر وٺي ويا ته نارائڻداس کي چوڻ لڳو ته ”سائين مان ڪو ائين شادي ڪندس ڇا اول ڏسان ته ڇوڪري ڪهڙي پاڻيءَ ۾ آهي، ائين بنا ڏٺي مان شادي ڪونه ڪندس، الائي مونکي وڻي يا نه.“ ماڻڪ جي هيءَ عجيب روش ڏسي سڀني جا نشا ٽٽي ويا. ماڻهن سمجهيو ته شايد چرچو ٿو ڪري. پر ماڻڪ اصل ضد ٻڌي بيٺو، چوڻ لڳو ته، ”اول ڪنوار سان ملاقات ڪرايو ته پوءِ شادي ڪريان“. آيل ماڻهو وسا ٿي ويا؛ ڪنوار جي مائٽن کي حيراني لڳي ويئي؛ ڇوڪريءَ جون ساهيڙيون عجب ۾ پئجي ويون. نارائڻداس چيس ”بلڙا اسانجي پيريءَ ۾ پت رک. اهڙي جي تنهنجي مراد هئي ته اسانکي اڳ ۾ اطلاع ڏين ها، هاڻ ائين ڪيئن ٿيندو.“
    ڇوڪري جا مائٽ خود کيس سمجهائڻ لڳا پر هو ڪنهن جي به ٻڌي ڇو ٿو؟ سڀ ڏاڍو اچي لاچار ٿيا؛ ڪن ڇا؟ ڇوڪرو چوي ته، ”مان نه ته موٽي ٿو وڃان؛ شادي ڪونه ڪندس“. رتنا ويچاري جا ڪنوار بڻجي اندر ويٺي هئي آخر تنهن جي ڪن تي اها ڳالهه آئي. پهرين ته منجهي پئي پر پوءِ يڪدم ڪو خيال آيس. پيءُ کي سڏ ڪيائين، چيائينس ته ”دادا توهين خيال ڇا جو ٿا ڪريو موڪليوس منهنجي Drawing Room ۾، پوءِ مان پاڻيهي ٽڪ مان ور لاهيندي سانس.“ ماڻڪ کي اطلاع ڏنو ويو سو يڪدم کيس اندر گڏجڻ ويو. رتنا ته بلڪل وڻندڙ، من موهيندڙ ۽ خوبصورت ڇوڪري هئي، پڙهيل سمجهو هنرمند ۽ چست چالاڪ پڻ هئي. ڇا پينٽنگ ڇا ڊرائنگ، ڇا سبڻ ڀرڻ، ڳائڻ وڄائڻ سڀ ۾ بلڪل هوشيار هئي. ماڻڪ اندر آيو ته يڪدم اٿي کيس سڀ پنهنجا هنر ڏيکاريائين پوءِ سڀ Instruments کڻي ڳائي وڄائي ڏيکاريائينس ماڻڪ هن جو اٿڻ ويهڻ، ڳائڻ وڄائڻ سڀ ڏسي چڪو. ڏسي بنهه هن تي چريو ٿي پيو. اهڙو پيو دل ۾ خوش ٿئي ته وڏا ڀاڳ اٿم جو اهڙي ڪنوار ٿي مليم. جنسي مست ٿي پيو. جڏهن سڀ ڏسي رهيو تڏهن چيائينس ته هل ٻاهر ته شادي ڪريون. رتنا چيس ”هوش ۾ ته آهين ڇاجي شادي! ڪنهن جي شادي؟ ڪنهن سان شادي؟ ماڻڪ جون ته وايون ئي بتال ٿي ويون. منجهي پيو ۽ سوچ ڪرڻ لڳو ته رتنا جو مطلب ڇا هوندو. نيٺ ويچارو رکي رکي چوڻ لڳس ته ”منهنجي شادي توسان ٿيندي ٻيو وري ڪنهن سان. تون مونکان پڇين ڇاٿي؟ رتنا چيس ”سو مان هينئر توسان شادي ڪنديس ڇا؟ تو مون کي سمجهيو ڇا آهي؟ هيترن ماڻهن جي وچ ۾ تو منهنجي آبرو وٺي ڇڏي سو مان هلي توسان شادي ڪريان! تو سمجهيو ته مان تنهنجي ڪا زر خريد ٻانهي آهيان جو جيئن توکي وڻندو تيئن ڪندين. اهي رواج انگلينڊ ۾ ڇڏي آئين. هت هندوستان آهي.“ بس رتنا جو جواب ٻڌي ويچارو بتال ٿي ويو. رتنا جي جرئت ڏسي وائڙو ٿي ويو. وري جو کيس منهن تي روڪ ٺوڪ جواب مليو تنهن ته کيس منجهائي ڇڏيو. دل ته ويچاري جي رتنا کسي وئي هئي سو هاڻي ته بنهه ديوانو ٿي پيو. رتنا کي چيائين ته ”ڀڳوان جي واسطي منهنجي پت رک مون ڀل ڪئي منهنجي دل کسي پوءِ هيئن انگل آرا ڇا جا ٿي ڪرين. ڏاهي ٿيءُ تون مونکي بلڪل پسند آهين ۽ هاڻ اجايو جهيڙي ڪرڻ مان ڇا سوُد.“ پر رتنا چيس ”ڇاڪاڻ جو پسند آهيان تنهن ڪري شادي ٿو ڪرين ۽ جي نه پسند اچائين ها ته نه ڪرين ها. توهان مغرور ڇوڪرن ڇوڪرين کي ڇا سمجهيو آهي. تو منهنجي هيترن جي وچ ۾ بي عزتي ڪئي اوڏي مهل ته خيال به ڪونه پيئي ته ڇا ٿو ڪريان مان تو جهڙي بي غيرت انسان سان هرگز شادي ڪونه ڪنديس. هاڻ جلد هتان روانو ٿي.“ ماڻهو اچي مڙيا، پڻس نارائڻداس ڪيترو سمجهائڻ لڳس. سڀ چوڻ لڳا ته ”هي ڪهڙو اسرار يا ته گهوٽ نٿي باسيو هاڻي جي انهيءَ باسيو آهي ته ڪنوار پڙ ڪڍي بيٺي آهي“. سڀ ڪو سمجهائڻ لڳس پر ڪنهن جو ٻڌي ڇو ٿي. چيائين ”جنهن ڇوڪري منهنجي آبرو وٺي ڇڏي ۽ جنهن کي منهنجو ڪوبه خيال نه پيو تنهن سان مان مور شادي نه ڪنديس. اڄ ڪلهه جا ڇوڪرا ڀانئين ٿا ته شايد هو آسمان مان ڪري پيا آهن. ڇوڪريون مٽيءَ جا نپورا آهن ڇا جو سڀ تي پيون ست ست ڪنديون.“ اهو اسرار ڏسي نيٺ لاچار گهوٽ صاحب کي موٽي وڃڻو پيو. افسوس ۾ هٿ مهٽيندو رهيو. اهڙيءَ طرح چار مهينا گذري ويا. ماڻڪ جنسي چريو ٿي پيو چيائين ته اهڙي ڇوڪري منهنجي هٿ ۾ اچي موٽي وئي. ڪيترا رتنا کي هٿ ڪرڻ جا اپاءَ ورتائين. سورت مان کيس ڏاڍا درد ڀريا خط لکندو هو ۽ پنهنجي هلت تي پڇتاءُ ظاهر ڪيائين. ڀلا ڇوڪريءَ جي دل ٿئي نرم سو کيس بيحد لاچار ڏسي پنهنجي پٺيان ڇيلي وانگر پنائي پنائي شادي ڪرڻ باسيائين. رتنا کي به ڇوڪر هو پسند پر خيال هوس ته ڀل سبق سکي. ايسٽر جي موڪل تي ماڻڪ آيو ۽ خيرن سان سندس شادي رتنا سان ٿي ۽ گهوٽ ڪنوار راضي ٿيا.

    (ڦليلي مخزن آڪٽوبر 1932ع تان ورتل)
    


    منهنجي ناني : - پوپٽي رامچند هيراننداڻي

    ”مينگهي! او مينگهي! آئي مينگهي!“ پريان سڏ ٻڌي اسين ڊوڙندا هياسين ۽ نانيءَ کي هٿ کان وٺي پنهنجي گهر وٺي ايندا هئاسين.
    هيراباد جون گهٽيون هيون لڳ ڀڳ ساڳيون، ان ڪري ناني اڳيان يا پٺيان، ڪنهن گهٽيءَ ۾ گهڙي، منجهي، وٺي منهنجي ماءُ کي ”مينگهي مينگهي“ چئي سڏ ڪندي هئي.
    منهنجي نانيءَ کي اوهان مان گهڻا ”گوپال ماءُ“ جي لقب سان سڃاڻندا هوندا. ڪي شايد هاسي يا آسر نالي سان به سڃاڻندا هجنس پر اسين کيس ”ڀاڀي“ ڪري سڏيندا هئاسين.
    پيرن ۾ روغني سليپر، ڪارن ٽڪڙن وارو ڳاڙهو پڙو ۽ ڏائي ڪلهي وٽان ٻيڙن وارو ململ جو چولو پهري، نڪ ۾ ناس چپٽي ڏئي، پڙي جي ڪنڊ مٿي هٿ ۾ جهلي، ناني جڏهن اسان جي گهر ۾ گهڙندي هئي تڏهن اسين کيس ورائي ويندا هئاسين، ”ڀاڀي! اسان جي گهٽي ميرن جي قبن جي بنهه سامهون ۽ اسان جو گهر ميران اسڪول جي بلڪل لڳو لڳ، پوءِ به تون منجهين ڇو ٿي؟“
    رات جو ناني آکاڻي کڻندي هئي. اُها آکاڻي اسان اڳ ۾ به گهڻا دفعا ٻڌي هئي پر نانيءَ جي آکاڻي ٻڌائڻ جو ڍنگ اهڙو وڻندڙ هوندو هو جو اسين ور ور ڪري ساڳئي آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ زور ڀريندا هئاسين. آکاڻيءَ ۾ گلڙيءَ جي ماٽيجي ماءُ کيس سوئو هڻي ماري ٿي ڇڏي ۽ پنهنجي سڳي ڌيءُ ڪاڻيءَ گلڙي جي جڳهه تي ساهري موڪلي ٿي ڏئي. گلڙي پکي بڻجي وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي نوڪرن سان ڳالهائي ٿي:
    ”نوڪرو! پاڻي ڀرا هئه؟ چي: هان
    هنڌ بڇايا هئه؟ چي: هان
    کانا پڪايا هئه؟ چي: هان
    راڻي گهمي ٽنگ به ٽنگان ڪاڻي نال؟“
    اڃا ناني سوال پڇي ته اسين سڀ گڏجي چئون ”چي هان.“ ناني اسانکي ڏسي کلي ۽ اسين کيس ٻڌي کلون.
    نانيءَ جا ڏند سڀ سالم هئا ۽ وار ڊگها ۽ ڪارا هئس. هوءَ مونکي چوندي هئي ته منهنجا وار سنواري چوٽي ڪر. مان ڦڻي کڻي ايندي هُيس ته چوندي هئي ”نه ڌيءَ مان پري جال (ٻڍي زال) ڦڻي ڇا ڪندس. نهري کڻي ڏي. (آڱرين سان وار لسا ڪرڻ)“ سندس ڊگهي چوٽي هٿ ۾ جهلي مان پڇندي هُيس، ”ڀاڀي، تون ننڍي هوندي ڏاڍي سهڻي هوندينءَ؟“ خوشي ۽ فخر منهن تي پکيڙي ناني چوندي هئي، ”ائي، وهانو ڏينهن سڄي امير شاهي گهٽي، بتي کڻي مونکي ڏسڻ آئي هئي. اصل هوڪو پئجي ويو، چي: ”ڪنوار ڪا آهي، جهڙو ڏاڙهونءَ جو داڻو! ٻيڙي ٻڏي ماسي جهميءَ جي، مونکي ڪري کوه ۾ اڇلايائين. شاديءَ رات ئي ننهن ۽ ناٺي ڏٺم. منهنجي ماءُ ڀلا وسوڙي، ڀيڻ جي چئي، مونکي کڻي ڇهن ٻارن تي وڌائين! مئو جندس! کڏ پيو ٻار به گهوريو.“
    ڪاوڙ ۽ دک وچان نانيءَ جو منهن ڳاڙهو ٿي ويندو هو. پر کن پل ئي ڪين گذرندي هئي ته سنيهه ۽ شرڌا سندس دل مان ليئا پائي کيس شانت ڪرائي ڇڏيندا هئا. هوءَ ڪومل آواز ۾ چوندي هئي، ”پر منهنجو ڌڻي ڪو هو، جهڙو ديوتا ڏٺئه. مونکي ڪڏهن پٽ تي پير نه رکڻ ڏنائين. پٽ به مونتان گهوريو قربان پيا ويندا هئا، چي: ”ڪنوار! ڇا پيئندينءَ؟ انگوري يا ترنکي؟ ڀلا گلابي دارونءَ ۾ مصري وجهي ٺارڻ رکون؟“ مينهن پوندو هو ته ٿڌي ماني ۽ ڪوسا پڪوڙا کائبا هئا. وٽيءَ ۾ دارون پيو ٺرندو هو. هڪ ٻئي کي سڏ ڪري اڌ ماني، ٻه پڪوڙا ۽ ڍڪ دارونءَ جو وراهبو هئو. هينئر ته ماڻهن مان اهو هڳاءُ ئي هليو ويو آهي.“
    نانيءَ جي ڪنن ۾ هيترا سارا سوراخ ڏسي منهنجي ننڍي ڀيڻ چوندي هئي، ڀاڀي، هتي ڪهڙا مڻيا پاتا هئئه جو هيڏا ٽُنگ ٿي پيا اٿئي؟“ نانيءَ جي من ۾ ڄڻ ڪتڪتائي اچي ٿيندي هئي. کلي چوندي هئي نڪ ۾ نٿ ۽ بولو، نٿ ۾ ڏانوڻ، ڏانوڻ ۾ سوني ڪنڍي، ڪنن ۾ ڳن، ڪرڪيون ۽ جهومڪ، ڪرائيءَ ۾ سونا ڪنگڻ، پوءِ ڪلهي تائين عاج جون ٻانهيون، وچ وچ ۾ سونيون ڪنگڻيون ٺونٺ وٽ ٻانهن- رکيون، ٻانهن- رکيءَ ۾ لٽڪندڙ ڦندڻ، آڱڻين ۾ منڊيون، ڇلا ۽ آڱوٺا، پير جي آڱرين ۾ بندرا ۽ مٿان ڪڙيون، پازيب، نورا ۽ ڇير، اهي سڀ پائي مان ڪنوار بڻي هيس، ڌيءُ! اڄ جي ڪنوار ٻه ڪنگڻ ٿي پائي ته مَـرَڪي ائين ٿي ڄڻ ڪؤڙيمل جي گهر جي سڄي ”سهاءِ“ خريد ڪري پاتي اٿس. اسان جي ڏينهن جي ڪنوار، ڪنوار هئي!“
    هيترن مڻين جا نالا ٻڌي ڀيڻ ته دهلجي ويندي هئي پر منهنجي اُڻ تُڻ پاڻ وڌي ويندي هئي. ”ڀاڀي، ڀلا وهانو تي تو پتلون پاتي ڪين پڙو؟“
    ”پڙا پتلونون ڇا جون؟ لکن بجاجيءَ کان ڏاجو ڦارائبو هو. ڪنوار پائيندي هئي گهبري جي سوڙهن پاچن واري سٿڻ، زيڪ جو ڪوٽ، اُچيءَ ململ جو چولو ۽ مٿان اَمبر جي ڳاڙهن پيلن چٽن واري چادر.“
    منهنجو وڏو ڀاءُ کلي چوندو هو، ”ڀاڀي، تون لنگهندي هوندينءَ ته رستي تي ماڻهو ئي بيهجي ويندا هوندا؟“
    ”چئين ڇا پيو؟ اسان ميرن جي صاحبيءَ ۾ گجر (گذر) ڪيو آهي. اکڙي ڪڍي نڪربو هو پوءِ ماڻهو ڇيڻو وري ڌوڙ ڏسندو؟ وڙي ۽ مان- ٻئي ڀينر داڻن سان مخمل جون ٽوپيون ۽ سليپر ڀرينديون هيوسين. پر گهر جا مڙسالو ٻاهر ٻاڦ به ڪانه ڪڍندا هئا ته ڪو اسان جي ڇوڪر جو ڀرت تي هلڪو هلندو آهي. مڄاڻ ماريي مير کي ڪا سڻس پئجي وڃي، ته ڪڍي نادر شاهي حڪم ته ڇوڪري منهنجي بيگم بڻجي!“
    ناني چانوري اٽي جو چلو ۽ گوار دل ڪري کائيندي هئي. ورانڊي ۾ سگريءَ تي چلو پچائيندي هوءَ سنهڙي مٺڙي آواز ۾ ڳائيندي هئي:
    ”عمر ماروئيءَ کي کڻي ويو کڻي ويو-“
    ڌنارن کي ڌاڙو هڻي ويو هڻي ويو.
    لکيل قيد قسمت هئو ماروئي کي.
    عمر جو بهانو بڻي ويو بڻي ويو.
    چلو اُٿلائي وري ڪو بيت شروع ڪندي هئي.
    ”ادا گل گلاب جا تون اوري اچ
    موڳو آهين منهن ۾ تون ڳريو آهين ڳچ
    چؤ سڙين ڇا کي؟ تون چؤ کڻي سچ
    چي: ”جڏهن چپ پٽيم تڏهن باغائيءَ بٺ وڌم“ منهنجي وچين ڀيڻ وچ ۾ ڍيڪ ڏيندي هئي، ”ڀاڀي، انجي معنيٰ؟ ڀلا اهو بيت ڪنهن ٺاهيو آهي؟“ ڀاڀي چوندي هئي ”ابا، ڪوي آهي ڌرماتما انهن جو نالو وٺي ڇا وٺبو؟ بس، سندن چوڻيون ياد ڪرڻ ئي چڱو ڪم آهي.“
    ٻاهر حيدرآباد جون ڪوسيون لڪون ڦوڪون ڏينديون هيون. اندر اسين باداميون، کس کس، اڇو جيرو ۽ ڦوٽا گهوٽي ٿاڌل ٺاهيندا هئاسين. ”ڀاڀي! تون پيئندينءَ؟“ امي پڇندي هئي. چڱو ڌيءُ، روپي ڪٽوري ۾ ڪري ڍڪ ڏجانءِ.“
    سامهون پنجل موديءَ وٽ يڪتارو وڄائي مسلمان پينار ڳائيندو هو:
    جيڪو مارن جي مانکي خبر ڪري
    چمان پير تنهنجا مان نيڻ ڌري.
    ملڪ مارن جو آهي ٿڌو
    مون ڏينهن ڄمڻ جو اُت لعل لڌو
    منهنجو مارن سان اهو ٻول ٻڌو
    مان لڄ شرم کان ڪين پري...
    ڀاڀي لوهه جي در وٽ بيهي ٻڌي روئي وجهندي هئي ”ڀلي ڄائي ماروئي، ستياڻي هئي ستياڻي. ائي، مان به ڇلا ڳائيندي هيس ڇلا. پاڙي ۾ رهندو هو هڪڙو ٽمٿو. منهنجو آواز ٻڌي کڏ ٽپي اچي منگهه مان ليئو پائيندو هو. بس سندس ٽمڻو مٿو ڏسي منهنجو گلو ئي سڪي ويندو هو.“ نانيءَ جي چپن تي ان وقت جوانيءَ جي شرارت ڀري مشڪ نچندي هلندي هئي.
    ناني هينئر ستر ورهين جي هئي. تڏهن به هوءَ کڙي ڪنڊي سڌي هلندي هئي. اسان جي سوئيل ڀاڄيءَ مان ڪک پن نڪري ايندو پر ڀاڀيءَ جو سوئيل چانورن مان ڪو سائو به ڪونه نڪرندو! سندس سرو قد، سنهڙا چپ، آمي جي ڦار جهڙو نڪ، شيريون اکيون ۽ هڪ تهو شرير، جوڀن جي بهار گذاري چڪا هئا پوءِ به اهي سڀ ناريءَ جي سندرتا جو نقش قائم رکيو بيٺا هئا.
    ناني سئي سڳو لس ئي لس سوريندي هلندي هئي. منجهند جي ماني کائي گهڙي کن ليٽي، هوءَ نڪ تي عينڪ رکي، سئي دان مان سئي ڪڍي سنڌي پتلون سبڻ وهندي هئي. مان چوندي هئي مانس، ”ڀاڀي، ڏي ته، مشين تي سبي ڏيانءِ. مون کي اڌ ڪلاڪ مس لڳندو،“ ته اُمالڪ آکيندي هئي، ”نه مونکي ڀانءِ سال لڳندا؟ اجها آئي رهي“ سچ پچ هوءَ پنجويهن منٽن اندر پتلون سبي اُٿندي هئي. ڇا ته سندس اوٽيءَ ۾ صفائي ۽ نفيسائي هوندي هئي!
    اوچتو هل اُٿيو ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو آهي ۽ اسانکي سنڌ ڇڏي هندوستان هلڻو پوندو. ڊپ ۽ هراس پکڙڻ لڳو. هيرآباد جي هڪ طرف هئي مسلم شاگردن جي هاسٽل ۽ سامهون هو سلاٽن جو پاڙو. مسلمان جوان ڏند ڪڍي کلي چوندا هئا، ”پهرين ته هيرآباد جون حورون کڻبيون!“
    هيرآباد جي سڀني هندن فيصلو ڪيو ته سڀ کان اڳ نياڻين کي سنڌ کان ٻاهر ڪڍبو. مان نانيءَ کان موڪلائڻ هليس. سندس گهر جي ڏيوڍيءَ ۾ قدم رکيم ته سامهون ڪاٺ جي وڏيءَ صندوق وٽ نانيءَ کي اوڪرو ويٺل ڏٺم. مان اندر گهڙيس ته نانيءَ چيو، ”آءُ ڌيءَ، پر هي چون ڇا پيا؟ پنهنجو ملڪ به ڪنهن ڇڏيو آهي!“ ائين چوندي چوندي نانيءَ جي اکين مٿان ڄڻ ڌنڌ جو پڙدو ويو ڇائنجندو ۽ هوءَ ڪمر کي هٿ ڏئي هوريان هوريان پٽ تي پاٿاري ماري ويهي رهي.
    مون کيس اُٿارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنجي چيلهه بيهڻ جي شڪتي وڃائي ڇڏي هئي. هوءَ پٽ تي ويهي رهي ۽ ان ڏينهن کانپوءِ هن پٽ تي ريڙهيون پائڻ شروع ڪيون.

    


    شڪست : - سندري اُتمچنداڻي

    برسات جا ڏينهن هونئن ئي اُداس، باقي جو ڪڏهن ڀريل ڪڪر ڪارنهن ڪري وڃي پرتي ڪنهن هنڌ وسن، ته وايومنڊل ئي سُڃو ٿيو پوي. پري کان ٿڌي ۽ مٽيءَ جهڙي خوشبوءِ گاڏڙ هوا لڱن سان لڳي، هڪ عجيب سڃائيءَ کي دل ۾ بيدار ڪريو ڇڏي. اهڙي وقت ”ستي“ ۽ ”حشو“ مون وٽ لنگهي آيا، ته ڀانيم قارون جو خزانو مليو اٿم. ٻئي ٻانهون کولي، ٻنهي کي کڻي ڀاڪر پاتم. آخر منهنجي هن سُڃي جيون ۾ هي ئي ته منهنجا ٻالڪ آهن جن ٿوري گهڻي رنگيني ڀري ڇڏي آهي. ڳالهه سچ ته کل جهڙي آهي- مان اڃا ڪنواري، دل ۾ رکان هيڏن سارن ستيءَ ۽ حشوءَ لاءِ ممتا! پر هردي تي ڪنهن جو وس ته هلي ڪين ٿو.
    حشوءَ کي چيم، ”اڄ ته ڀڳوان کان ٻيو ڪجهه گهران ها ته شايد اهو به ملي وڃي ها. سامهون ڏس، بادل ڪيئن نه سڄي آڪاش کي وڪوڙي ويا آهن. ههڙي اڪيلي ڏينهن اوهان جي سنگت ملي ته باقي ڇا کپي.“
    ٻنهي جواب ڪونه ڏنو. ٻنهي کي ڪرسين تي ويهاري چيم، ”پهرين ٻڌايو اڄ ڪهڙو ٽول ٺاهيان؟“
    حشوءَ نرڙ ۾ گهنج وجهي چيو، ”ٽول ٻول جي ضرورت ڪانهي.“
    مان پنهنجيءَ ٻهه ٻهه اڳيان هنن جي بيرخي ڏسي وسي ٿي وئيس. ڪيتري مهل ته وسمي ۾ ٻنهي کي تڪيندي رهيس. آخر چيم، ”هونئن ته ايندا آهيو ته ٻنهي جي ٿيا ٿيا پئي پوندي آهي، اڄ ڪهڙا جهاز ٻڏي ويا اٿوَ؟“
    ستي ڪرسيءَ تان اُٿي وڃي دريءَ وٽ بيٺي. هوا ۾ سندس ساڙهي ڦڙ ڦڙ ڪرڻ لڳي. حشوءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”چڱو، مان وڃان ٿو.“
    مون چيو، ”ڳالهه ڪر، حشو! آئين ڪيئن، وڃي ڪيئن ٿو؟“
    حشو ستيءَ ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”پڇينس.“
    ستي منهن ٻاهر ڪري ائين ڏسي رهي هئي، ڄڻ ڪجهه ٻڌي ئي نه رهي هئي. مون سڏ ڪيومانس، ته به جواب ڪونه ڏنائين. چيم، ”حشو، تون ڀلي گهر وڃ، ستي اڄ مون وٽ ٽڪندي.“
    حشو ڪڙو منهن ڪري ٻاهر وڃڻ لڳو ته ستيءَ سُڄيل منهن سان ڏانهنس نهاري، ساڙهيءَ جي ڪُنڊ ڏندن سان ڇنندي چيو، ”مان به ٿي هلان.“
    حشو بيهي ويو- ”بس، تنهنجي داد جو فرياد ٿي چڪو؟“
    ستي وري به دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳي. مون حشوءَ کي هٿ جي اشاري سان هلئي وڃڻ لاءِ چيو.
    حشو هليو ويو، ته ستي ڦَٽيل پکيءَ جيان تڙڦندي اچي منهنجيءَ گود ۾ ڪري. ڏجهندي چيائين، ”دادي، مونکي هاڻي مرڻ گهرجي.“
    منهنجو من ڀرجي آيو، ته به کلي چيم، ”ايتري ۾؟“
    ”نه ته ڇا . هنجي اکين ۾ مون لاءِ جڏهن ڪابه عزت نه رهي آهي، تڏهن مان ڀلا ڇا ڪنديس؟“
    ”واه ڀائي، تو ته چيو هو ته مان هڪ سهڻو گهر ٺاهي ملڪ جو هڪڙو ننڍڙو حصو آباد ڪنديس... بس، اهو گهر آباد ٿي چڪو، هاڻي مرڻ لڳي آهين!“
    ستيءَ رومال اکين تي دٻائي چيو، ”گهر کي آباد ڪرڻ ڪو ڏئي به نه. هو ته سمجهي ٿو ته مان عياش آهيان، جو گهر ۾ فرنيچر کپنم، درن درين تي پردا کپنم، گلدانن ۾ گل کپنم. اڱڻ ۾ ڪونڊيون کپنم....“
    مونکي ستيءَ جي هنن ننڍڙين تمنائن تي الاجي ڇو ڏاڍي ممتا اچي جاڳي. دل چاهيو، کيس چوان ”ڌيءَ“ پر شرم کان روڪجي وئيس، رڳو ٻئي هٿ سندس ڪلهي تي رکي ٿورو زور ڏنم. ستيءَ منهنجي اکين مان وهندڙ آنسو پنهنجي پلؤ سان اُگهي، ٻئي ٻانهون کڻي منهنجي گلي ۾ وڌيون ۽ آهستي چيائين، ”ڪاش، منهنجي اَمي اڄ جيئري هجي ها؟“
    مون ستيءَ کي روٽي کارائي، ۽ پوءِ ٻئي وڃي بستري داخل ٿيونسين. اڌ رات تائين ڪيتريون ڳالهيون ڪيونسين. ستيءَ روزاني کِٽ پِٽ جون جيڪي ڳالهيون ٻڌايون، تن مان ته مونکي ائين لڳو ته ڏوهه نڪو ستيءَ جو آهي نڪو حشوءَ جو، ٻئي ويچارا سٺي سڱنڌي جيوَت رهڻ جا ڪانگي آهن، پر اُپت ٿوري هجڻ سبب هڪٻئي کي پيا ڏوهه ڏين. دل کي چيم، مان به انهن سورن ڪري ئي ته سڄي عمر شاديءَ کان ننو اکر واري ويٺيس. کٽل پگهارن تي شادي ڪري، روز روز ويهي ”تون ڇا، تون ڇا“ ڪجي، تنهن کان ته بس ڀلي. ستيءَ جي نادانيءَ تي اڄ مونکي رحم ٿي آيو.
    جڏهن رات گهڻي گذري وئي، تڏهن ستيءَ پاسو ورايو. مان به آهستي آهستي اُٿي وڃي پنهنجي کٽ تي ليٽيس. منهنجن اکين اڳيان اهي ڏينهن گذرڻ لڳا، جڏهن ستي مون وٽ ٽيوشن وٺڻ ايندي هئي. مان به تن ڏينهن اڃا چڱي بيٺي هيس. ڏينهن ۾ ٽي چار ٽيوشن ڏئي وٺندي هيس. حشو، منهنجو ڀائٽيو اڃا تازو ماستريءَ ۾ گهڙيو هو. روز اچي منهنجو مٿو کپائيندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو ستيءَ چيو، ”دادي، توهانجو ڀائٽيو اڄ ڇو ڪونه آيو آهي؟“ مان وائڙي ٿي وئيس. دل ۾ چيم، ”جي حشو نه آيو ته هن ڇوڪريءَ جو ڇا ويو!“ اڃا ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته ساڳيو سوال حشوءَ ڪيو. چي، ”دادي، ڪلهه کان هوءَ ڇوڪري ستي تو وٽ ڇو ڪانه ٿي اچي؟“ چيم، ”ناناڻن ۾ ڪراچي وئي آهي.“
    ڪجهه ڏينهن حشو به ڪونه آيو، ۽ جنهن ڏينهن آيو، ان ڏينهن ستي ڪراچيءَ مان واپس اچي چڪي هئي. ان ڏينهن حشوءَ ايڏي وڏي اُتساهه ۾ ڀرجي پئي ڳالهايو، جو مونکي کل اچي وئي. ستيءَ به سندس هرڪا ڳالهه ائين ٿي چاهه مان ٻڌي، ڄڻ ڪنهن مٺي گيت جون نُڪون هيون. حشو پاسيرو ٿيو ته ستيءَ کان پڇيم، ”توکي منهنجو ڀائٽيو وڻي ٿو ڇا؟“
    ستي شرم کان لال ٿي وئي. سرير کي ڌڏڪو ڏئي چيائين، ”مون ائين ڪٿي چيو. مونکي رڳو سندس اُتساهه واريون ڳالهيون وڻنديون آهن، جو چوندو آهي ته ملڪ کي ٺاهجي، ملڪ لاءِ جِيون ڏيڻ ئي سچي معنيٰ ۾ جيئڻ آهي. دادي، سچ ٻڌايو، توهانکي سندس ڳالهيون ڪونه وڻنديون آهن؟“
    مون به چاهه مان چيو، حشوءَ جون ڳالهيون اڪيلي سر ته اهڙيون ڪين وڻنديون اٿم، پر اوهين ٻئي جڏهن اهي ڳالهيون ڪرڻ ويهندا آهيو، تڏهن ڏاڍو وڻنديون آهن“، ستي کِلي پئي.
    ستيءَ ميٽرڪ پاس ڪئي، ته به مون وٽ اچڻ ڪين ڇڏيائين. هڪ ڀيري ستيءَ جي اڳيان حشوءَ جو کِلڻ ڪڏڻ اهڙو ته مڌر لڳم، جو جڏهن ستي هلي وئي تڏهن کائنس پڇيم، ”حشو، توکي ستي ڏاڍي وڻي ٿي ڇا؟“
    حشوءَ عجب مان پڇيو، ”ڇو، توکي نٿي وڻي ڇا، جو پڇين ٿي؟“
    مونکي الاجي ڇو شرم اچي ويو. ڪيترا سال اڳ مان به ته ڪن ڇوڪرن کي اهڙي ئي وڻندي هيس، جهڙو ستي حشوءَ کي. پر ڇوڪرا هئا، حشوءَ وانگر ماستر، يا ٽڪي پئسي وارا ڪلارڪ، سو مان ان وڻڻ کي ڪا معنيٰ ئي ڪانه ڏيندي هيس.
    ستيءَ کي جڏهن چيم، ”ستي، توکي حشوءَ کان پاسو ڪرڻ کپي“، ته ڇرڪي وئي. چيائين، ”ڇو، دادي؟“
    چيم، ”ستي، هو سؤ سوا ڪمائيندڙ ماستر آهي، سو زندگيءَ جو ساٿ ته هڪٻئي کي ڏئي ڪين سگهندا.“
    ستيءَ کلي چيو، ”دادي، توهين الاجي چئو ڇا پيا، رڳو آءِ.سي.ايس. يا ڪنهن پئسي واري انسان سان ئي سٺي جيوَت گذاري سگهبي آهي ڇا؟“
    مون کليو. چيم، ”اَلڙ آهين. دنيا ۾ اُٿ به ناڻو، ويهه به ناڻو لڳو پيو آهي، اڳتي هلي خبر پوندءِ.“
    ستيءَ ڪڇيو ڪين. پر جڏهن وڃڻ لڳي، تڏهن شرمائجي چيائين، ”پيار جو پئسي سان ڪهڙو واسطو؟“
    مون کان ٽهڪ نڪري ويو. اهڙا آدرش رکندڙ جوڙا گهڻيئي ڏسي چڪي هيس، جنجي شادين کي غريبيءَ بي معنيٰ بنائي ڇڏيو هو.
    ٿورن ڏينهن ۾ ئي ستيءَ ۽ حشوءَ جو مڱڻو ٿي ويو. وجهه وٺي حشوءَ کي چيم، ”ڏس، حشو، تنهنجي ستي ناز ڪڙي نار، ۽ تون آهين هڏن گٺو محنتي جوان، سڄي ملڪ کي بدلائڻ جا پيو خواب لهين. سو ستيءَ سان ڪيئن عمر نباهيندين؟“
    حشوءَ چپٽي وڄائي چيو، ”ڏسج ويٺي، دادي، ڪيئن نٿو هيتري ۾ بدلائي ڇڏيانس.“
    وري جڏهن ستيءَ کي چيم، ”ڪڪي، حشو ته گهر تڙ ٺاهڻ وارو ڪونه اٿئي، هنکي ته ٻيءَ سڀ ڪنهن ڳالهه کان پهرين آهي ملڪ جي شيوا جي چنتا“، ته ستي ٿي لوڏ سان چويم، ”ڏسجو ويهي، دادي، ڪيتري ۾ ٿي بدلائي ڇڏيانس... آخر گهر به ته ملڪ جو هڪ ننڍو حصو آهي نه!“
    مان هن ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ جي بهادري ڏسي ٺري پئيس.
    ان کان پوءِ ٻنهي جي شادي ٿي وئي. شاديءَ رات مان ڪيتري رات تائين جاڳندي رهيس. اُن رات مان جيترو پاڻ تي ناراض ٿي هيس، اوترو شايد زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ٿي هونديس. ستيءَ ۽ حشوءَ جي هلڪي هلڪي کِل کِل، چوڙين جي گِهڻ گِهڻ، ڪپڙن تي هاريل عطر ۽ گلاب جي پاڻيءَ جي خوشبوءِ- سڀ هوا جي هلڪن جهوٽن تي کڄي ٿي آيون، ۽ مان بيچينيءَ سان سوچيندي رهيس! ”ڪاش، مان به ڪجهه سال اڳ ۾ حشو ۽ ستيءَ جيڏي همت رکي ڪنهن رواجي ڪمائيءَ واري انسان سان ئي زندگيءَ جي دک سک جو ساٿ ٻڌي ڇڏيان ها.“ پر ان ڏينهن تائين ته مان داءَ لڳائڻ جي هرڪا پونجي- سونهن، شڪل، اکين جي مدهوشي، سرير جي چنچلتا- سڀ خاڪ ڪري چڪي هيس.
    ...پر اڄ اهي ساڳيا ستي ۽ حشو هئا، جي اڄ پاڻ ۾ وڙهي آيا هئا، چڱو ڪيم- ڪنهن اهڙي جهڙي پگهار واري سان شادي نه ڪيم، نه ته شايد هڪ ڏينهن پڇتائڻو پوي ها. پر ستيءَ جو دک جي وقت مونکي ئي همدرديءَ لاءِ چونڊيو هو، سو منهنجي من ۾ هن ڇوڪريءَ لاءِ ممتا جو درياءُ اٿلي پيو. پنهنجي کٽ تي آرام ئي ڪين ٿي آيو. چيم، اُٿي وڃي ستيءَ کي گلي لڳائي سمهان. پر کٽ تان اٿيس، ته ڏسان ستي پنهنجي بستري تان گم! منهنجون ٻه به ويون، ڇهه به ويون. آڌي رات به گذري چڪي هئي. ٻاهر مينهن جي ڪٺي ٿيل پاڻيءَ مان ڏيڏرن جي ٽان- ٽان پئي آئي. چؤطرف سنسان انڌيري جو راڄ هو. ههڙيءَ ٻاٽ انداهيءَ ۾ ستي ڪيڏانهن وئي هوندي، اهو سوچي منهنجو بدن ڪانڊارجي ويو. وٺي زور سان ستيءَ کي سڏ ڪيم. ڇا ڏسان، هوءَ ڪٽهڙي جي پرينءَ ڪنڊ وٽان تڪڙي تڪڙي هلندي پئي اچي. ڪمري ۾ آئي ته سڄي پئي ڏڪي. ڪپڙن تي ٿورا برسات جا ڇنڊا پئجي ويا هئس. ٿڌي هوا پئي لڳي. چادر کڻي کيس ڍڪي ڇڏيم، ۽ ڀرسان ليٽائي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳيسانس. ڇوڪري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. منهنجي ڇاتيءَ ۾ مٿو لڪائي، وياڪلتا سان چيائين، ”دادي،...ٽن سالن ۾ هن طرح وڙهي پهريون ڀيرو هڪٻئي کان جدا ٿيا آهيون.“
    ٿورن منٽن کان پوءِ غم ڪجهه گهٽيس ته چيائين، ”دادي، پر گُهريو ئي ڇا اٿم؟- نه محل، نه ماڙي! هيءَ به ڪا حياتي آهي؟ پاڻ ماستري ڪري ته چوي ملڪ جي شيوا ٿو ڪريان، مان هڪ سهڻو گهر ٺاهي ملڪ جي هڪ ڪُنڊ آباد ڪريان ته اها ملڪ جي شيوا نه ٿي ته ٻيو ڇا ٿيو؟ پيٽ ته ڪُتا به پيا پالين. اسين جو دنيا ۾ آيا آهيون ته پاتو لاٿو، سنجٽ سنوار، ڇا نٿو گهرجي؟“
    مون کي حشوءَ جي خيالن ۽ رهڻيءَ جي چڱي ڄاڻ هئي، سو آهستي چيم، ”اسانجي ملڪ جا ڪئين انسان آهن، جيڪي خون- پاڻي هڪ ڪندي به سٺي زندگي نٿا گذاري سگهن. حشو ته وري به ٻارن جي دلين ۾ سٺيءَ دنيا آڏڻ جا ٻج ٿو ڇَٽي، سو هڪ ڏينهن شايد ملڪ جون ڪئين تو جهڙيون ناريون سٺا سڳنڌا گهر ٺاهي سگهنديون.“
    ”مان ته تيسين مري کپي به وينديس.“ ستيءَ جي اکين وارين پيالين مان ڇلڪندڙ آنسو اُڇلجي اچي منهنجي هٿ تي پيا. پاڻ کي چيم، ”ڀلا هيءَ ننڍڙي ڇوڪري، آئيندي جي نسل ۾ پاڻ کي جيئري ڏسڻ واريءَ فلاسافيءَ مان ڇا ڄاڻي؟“ کلي چيم، ”ستي تنهنجو ڏوهه ڪونهي، اڃا ٻار آهين نه.“
    ”ها، هو ته سمجهي ٿو، اصل ايڏي وڏي ٿي وئي آهيان، جو ننڍين ڳالهين جي گُهر ڪرڻ ئي نه گهرجي.“
    ستيءَ کي جواب سو ڪين ڏنم، پر دل ۾ وڏي واڪي چيم: ”تنهنجي هن لوڏ تان گهوري وڃانءِ، ستي“ ۽ کيس پنهنجيءَ ٻانهن تي سمهاري ننڊ ڪرائي ڇڏيم.
    صبح ساڻ حشو اچي مون وٽ سهڙيو، شڪل ڏاڍي لٿل هيس. دل به ڏاڍي ڀريل ٿي لڳس. منهنجي دل ۾ حشوءَ لاءِ موهه جي ايڏي اُڇل اچي وئي جو ڇا چوان. منهنجي ماءُ سچ چوندي هئي ته ”مُور کان وياج مِٺو لڳندو آهي، ڀائرن کان ڀائٽيا پيارا لڳندا آهن،“ حشوءَ جي ڀر ۾ ويهي، سندس مٿي تي هٿ گهمائي چيم، ”ستي ته توکان سواءِ هڪ رات ۾ اُٻاڻڪي ٿيو پوي، پوءِ الاجي پاڻ ۾ وڙهو ڪيئن ٿا؟“
    ”مان ڇا گهٽ اُٻاڻڪو ٿيو آهيان؟... پر وئي ڪيڏانهن؟“ حشوءَ اهڙي ته آڌيرتا سان پڇيو جو کِل اچي وئيم. چيم، ”سنان تي وئي آهي، ڀائي، ڀڄي ڪانه وئي آهي.“
    حشوءَ لڄي ٿي چيو ”ڪڏهن ڪڏهن خسيس خسيس ڳالهه تان اچي طوفان لڳي، پوءِ وسي برسات، بس، گهر جو گاڏوئي چِڪ ٿيو پوي. ستيءَ جو به سچ پچ ڏوهه ڪونهي. جو قارون جو خزانو ته گهرندي ڪانهي، هوءَ به ته ويچاري سهڻو گهر رکي ملڪ جو هڪ ننڍو حصو سندر ڏسڻ چاهي ٿي، پر....“
    ستي حشوءَ جا پڇاڙيءَ جا اکر ٻڌندي اندر گهڙي. سندس مُک تي ماڪ سان ڌوتل گلن جهڙي مرڪ، ۽ پيرن ۾ نرتڪيءَ جي ترڪ هئي. حشوءَ جو جملو پورو ڪندي چيائين، ”پر ملڪ جو ننڍو حصو ڀلا ڪيئن سهڻو ڪري سگهبو، جڏهن ملڪ جي اِلاهي ماڻهن جون رواجي ۾ رواجي گهرجون به نٿيون پوريون ٿي سگهن؟“ ايئن چوندي، ستي ڪپڙا ڪليءَ تي ٽنگي اچي اسان جي اڳيان ويٺي، ۽ مرڪي چيائين، ”آخر هڪڙو ڏينهن ته ضرور ايندو، جڏهن جيڪي ڪجهه مونکي نه ملي سگهيو آهي سو سڄي ملڪ جي نارين کي ملي سگهندو.“
    پڇاڙيءَ وارن اکرن تائين ستيءَ جي مرڪ ڦُٽي، چپن جي ڪُنڊن وٽ ڏڪ ڏڪ ڪري ڪِري پئي حشو اکيون ڦاڙي ستيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳو. ستيءَ پنهنجا جَل ڀريا نيڻ زمين طرف جهڪائي ڇڏيا. حشو اکين ۾ پيار ڀري کيس ڏسندو رهيو. اها هڪ کن ڪيڏي وڏي ۽ مڌر هئي! ڀانيم، جيڪر اها سڄي کن، مور جا کنڀ پائي، آڪاش تي ناچ وجهي، ساري جهان کي ٻڌائي اچان ته پتي پتنيءَ جي وچ ۾ جيڪا انوکي پنهنجائپ ٿيندي آهي، ان جو ساکيات روپ اڄ ڏٺو اٿم.“
    ”هلون هاڻي گهر؟“ حشوءَ چيو.
    ستيءَ زمين تان ڀِنل نظرون مٿي کنيون، ۽ اکين ۾ لڙڪ ۽ مک تي مرڪ ڀري چيائين، ”ها، ها...“
    مان اچرج ۾ هن جوڙي کي ڏسندي رهيس. مشڪل سان ٻنهي کي نيرڻ تائين ترسائي سگهيس. جڏهن هو مون کان موڪلائي هيٺ وڃي رهيا هئا، تڏهن ڏاڪڻ تي کين چوندو ٻڌم، ”وڙهڻ جي معنيٰ اها ٿوروئي آهي ته اسان جو هڪٻئي سان پيار ناهي ٻه ٺڪر به پيا هڪٻئي سان ٺڙڪن، ان ۾ ڇا؟“.... ”پر دادي ڇا چوندي؟“ ..... ”چوندي وري ڇا؟ پڳلي!“ ۽ ان کان پوءِ ٻڌم هلڪي کل، جا سندن شاديءَ جي رات ٻڌي هيم.
    ڪاش، پيار جي درياءَ ۾ هن طرح غريبيءَ جي شڪايتن کي ٻوڙي واهي ڇڏڻ جي ريت ڪجهه سال اڳ سکان ها، جڏهن اڃا جوان هيس. دل ۾ ستيءَ ۽ حشوءَ جي اچڻ وقت جيڪو سوڀ جو احساس ٿيو هوم، سو سندن وڃڻ بعد بدلجي شڪست جو احساس بنجي ويو آهي.

    (”موتي جي مهراڻ جا“، مان چونڊيل)
    


    ڀــاونــا : - تارا مير چنداڻي

    ”ڀاونا، تنهنجو فون.“
    ڀاونا اُن وقت ڪاليج وڃڻ لاءِ ساڙهي ٻڌي رهي هئي. عجب وچان چيائين، ”ڪير آهي؟“
    ”تنهنجي ڪا شاگرد.“ مسٽر اجواڻيءَ ورندي ڏني.
    ڀاونا تڪڙ تڪڙ ۾ ساڙهي ٻڌي، ٽيليفون جو چوغو کنيو، ۽ چيو، ”هلو.“
    ”ديدي!“ آواز ۾ گهٻراهٽ ڀريل هئي.
    ”چئه، اروڻا.“
    ”ديدي، توهين ڊراما ۾ پارٽ ڪونه ڪندا؟“
    ”ڪنهن چيو توکي.“
    ”توهانجي هسبنڊ (Husband) راجاڻي اَنڪل کي چيو.“
    ”اهو ٿي نٿو سگهي.“
    ”سچ ديدي، ڪالهه راجاڻي اَنڪل، توهان جي گهر آيو هو. توهين سمهي پيا هئا. مسٽر اجواڻيءَ چيس ته توهان جي طبيعت ٺيڪ ڪانهي. انهيءَ ڪري کيس توهان سان گڏجڻ ڪانه ڏنائين ۽ کيس ائين به چيائين ته توهين ڊراما ۾ پارٽ ڪونه ڪندا.... ۽ هن راجاڻي اَنڪل کي توهان سان ڪاليج ۾ به گڏجڻ کان منع ڪئي آهي.“
    ”مونکي وشواس نٿو اچي.“
    ”اهو سڀ سچ آهي، ديدي.“ کن رکي دکي لهجي ۾ چيائين، ”اڄ صبح جو ستين بجي راجاڻي اَنڪل منهنجي گهر آيو هو. سندس صورت ڏسو ها ته جيڪر روئي ڏيو ها. شو ۾ باقي ست ڏينهن بچيا آهن. ٽڪيٽون وڪامي چڪيون آهن. هاڻي ڇا ٿيندو، ديدي؟“
    ڀاونا آٿت ڏيندي چيس، ”تون فڪر نه ڪر، اروڻا. راجاڻي اَنڪل کي چئج ته مونسان ڪاليج ۾ ضرور ملي. مان، پنهنجو پارٽ ڪنديس ۽ ضرور ڪنديس.“
    اروڻا جي ڪنن تي ڀاونا جي مڙس جو دٻاوَ ڀريل آواز پيو، ”تون پارٽ ڪونه ڪندينءِ.“
    ”مان پارٽ ضرور ڪنديس،“ ڀاونا جو محڪم آواز هو.
    ”اياڻي نه ٿي ڀاونا، تون ٺيڪ ڪانه آهين. ڊاڪٽر توکي پارٽ ڪرڻ کان منع ڪئي آهي.“
    ”ڊاڪٽر هروڀرو ڳالهه کي وڌائي ٿو. مونکي ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي. مان پارٽ ضرور ڪنديس.“
    اشوڪ کيس چتائيندي چيو، ”مان به ڏسندس ته تون ڪيئن ٿي پارٽ ڪرين.“
    ڀاونا به ٻرندڙ آواز ۾ چيو، ”مان به ڏسنديس ته توهين ڪيئن ٿا مونکي پارٽ ڪرڻ کان روڪيو.“
    ڀاونا جو رسيور ۾ محڪم آواز، اروڻا، مسٽر راجاڻيءَ کي چئج ته مان پارٽ ضرور ڪنديس.“ ۽ ائين چئي فون رکي ڇڏيائين.
    ڀاونا جو سرير جوش وچان ڌُڏي رهيو هو. چپ لرزي رهيا هئا... اکيون ٻري رهيون هيون. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ وئي. فل اسپيڊ تي فئن هلائي، پلنگ تي ليٽي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. پنج ڏهه منٽ ايئن ئي بت بڻجي پئي رهي. پر پوءِ آهستي هن اکيون کولي، گهڙيال ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ڌيري ڌيري پلنگ تان لهي باٿ روم ۾ وئي. نل کولي پاڻيءَ جا ڇنڊا منهن تي وڌائين. ٽوال سان منهن اُگهي، پنهنجي صورت آئيني ۾ ڏٺائين. بي دليو ڪنگي ڪري چوٽي ڪيائين. نرڙ تي ڳاڙهو تلڪ لڳايائين. فرج مان بوتل ڪڍي ٿڌو پاڻي پيتائين. هڪ گلاس... ٻه گلاس... کيس ائين لڳو، ڄڻ سندس سڪل گلو اڄ آلو ٿيڻو ئي ڪونهي. پرس ۽ ڪتاب کڻي گهران نڪتي ٿي، ته اشوڪ ٽوڪيندي چيس، ”ڇو اڄ نيرن ڪانه ملندي؟“
    ڀاونا بنا پٺيان نهارڻ جي گهر مان ٻاهر نڪري وئي. اشوڪ به بنا نيرن ڪرڻ جي ڪار ڪڍي سڌو ناٽڪ جي ڊائريڪٽر مسٽر راجاڻيءَ جي گهر ويو. پر مسٽر راجاڻي ته ناٽڪ جي ننڍڙي نائڪا اروڻا جو فون ملڻ تي اڳ ۾ ئي نڪري چڪو هو ڀاونا سان ملڻ.
    ڪاليج جي لائبريريءَ جي دروازي وٽ بيٺي هئي ڀاونا. دکمئي.... بي جان مورتيءَ مثل!
    مسٽر راجاڻي تڪڙا قدم کڻندي اچي وٽس پهتو ۽ نهايت ئي بي چينيءَ وچان پڇيائين. ”هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي، ڀاونا؟“
    مورتيءَ ۾ ٿوري چرپُر. هلڪو مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي ڀاونا درد ڀاوَ سان چيو، ”مسٽر راجاڻي، توهين فڪر نه ڪريو. توهانکي مون انجام ڏنو آهي. اهو ناٽڪ ٿيندو ۽ ضرور ٿيندو. مان پارٽ ضرور ڪنديس.“
    مسٽر راجاڻيءَ شڪجندي چيو، ”ڀاونا، مسٽر اجواڻيءَ جي مخالفت ڪرڻ سان..... تنهنجي گهر ۾...“
    ڀاونا ڏکي لهجي ۾ چيو، ”منهنجو گهر! منهنجي گهر ۾ ته ڏار اُن گهڙي پئي، جنهن گهڙيءَ اشوڪ، پنهنجو حق ڄمائي، توهانکي گهر ۾ گهڙڻ نه ڏنو... مون سان ملڻ نه ڏنو... منهنجي ڄاڻ کانسواءِ منهنجي پارٽ نه ڪرڻ جي فتويٰ ڏني.“
    ”پر ڀاونا، پڇاڙيءَ جي وقت، هو ڪا اٽڪ به وجهي سگهي ٿو. توکي روڪي سگهي ٿو. تون اسان جي ڊراما جي مکيه اداڪار آهين. توکانسواءِ....“
    وشواش رکو مسٽر راجاڻي، مان اشوڪ سان پاڻهي سمجهنديس.“
    ”مان سڀاڻي کان پرئڪٽس لاءِ باقاعدي ايندي رهنديس.“
    مسٽر راجاڻيءَ هڪ لنبو ۽ ڊگهو ساهه کنيو. لڳو ته سندس دل تي ڪالهه کان جيڪو بوجو هو، سو اُن ساهه ذريعي هوا سان ملي هوا ٿي ويو هو.
    اُن وقت ڪاليج جو گهنڊ وڳو.
    ڀاونا هلڪو مُرڪي، کيس نمستي ڪري پنهنجي ڪلاس ۾ ليڪچر لاءِ وڃڻ لڳي.
    سانجهيءَ جو ڪاليج مان ڀاونا گهر موٽي. ڪجهه ٿڪل... پر شانت... نشچنت. رنڌڻي ۾ وڃي گئس ٻاري چانهه ٺاهيائين. چانهه گلاس ۾ اوتي، ڊرائنگ روم ۾ سوفا تي ويهي، ميز کي ٿورو اڳيان کسڪائي، اُن تي آرام سان ٽنگون ڦهلايائين. سوفا جي پٺيءَ تي ٿورو ٿورو آهلي ڍُڪ ڍُڪ چانهه جو پيئڻ لڳي. چانهه خلاص ڪري، گلاس پاسيرو رکي، عينڪ پائي مئگزين پڙهڻ لڳي.
    دروازو کليو.
    اشوڪ ۽ ڊاڪٽر بالاڻي ڪمري ۾ داخل ٿيا. ڀاونا ڊاڪٽر بالاڻيءَ کي کيڪاريو.
    ڊاڪٽر بالاڻي سندن فئملي ڊاڪٽر هو. ڊاڪٽر بنا ڪنهن حجاب جي آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. اشوڪ به ڀاونا جي سامهون واري سوفا تي ٿي ويٺو. ڊاڪٽر پڇيو، ”ڪيئن آهين، ڀاونا؟“
    ”ٺيڪ آهيان، ڊاڪٽر.“
    ڊاڪٽر هٽڪندي چيو، ”ڳالهه هيئن آهي ڀاونا، تنهنجي صحت توکي تنهنجي انهيءَ نئين ناٽڪ ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي. منهنجي صلاح اٿئي ته تون ڪجهه وقت اداڪاريءَ جي موهه کي ڇڏي ڏي.“
    ”پر ڊاڪٽر، مونکي ٿيو ڇا آهي؟ مان بلڪل ٺيڪ ته آهيان.“
    ”ڀاونا، مان تنهنجو ڊاڪٽر آهيان. توکي عرصي کان سڃاڻان. ڳالهه هيئن آهي ته تون تمام جذباتي سڀاوَ جي آهين. تون تمام سٺي اداڪار آهين. انهيءَ کان مان انڪاري ڪونه آهيان. پر تون پاڻکي اداڪاريءَ ۾ ايترو جذب ڪري ٿي ڇڏين، جو محسوس ڪرڻ ٿي لڳين ڄڻ اهو واقعو خود توسان ٿي رهيو آهي. ان جو اثر رفته رفته تنهنجي دل، دماغ ۽ سرير تي ٿيندو ويو آهي. ويجهڙائيءَ ۾...“
    ڀاونا ويچارو منهن ڪندي چيو، ”ڊاڪٽر، رڳو لو بلڊ پريشر ئي ته اٿم.“
    ”اهو تون سمجهي ڪانه سگهندينءَ. اصل ۾ انهيءَ ڊراما جي ڪري تو ۾ ڊپريشن اچي ويو آهي. تنهنجو ڏوهه به ڪونهي. اصل ۾ وشيه ئي اهڙو آهي... تون آهين به ڏاڍي نازڪ طبيعت ۽ جذباتڻ. اُن جو اثر تنهنجي صحت تي تمام گهرو پئجي چڪو آهي. انهيءَ حالت ۾، هڪ هڪ ڏينهن جيڪو گذري ٿو، سو تنهنجي صحت لاءِ خطرو پيدا ڪندڙ آهي. ڪيڏي مهل به دماغ تي اثر پئجي سگهي ٿو. تون هيتري پڙهيل آهين، تڏهن ئي...“
    ڀاونا چيو، ”پر ڊاڪٽر، اداڪاريءَ ۾ پوريءَ طرح پيهجي وڃڻ سان ئي ته اداڪار ڪاميابيءَ سان پارٽ ادا ڪري سگهندو آهي. پر اهو سڀ اسٽيج تائين محدود هوندو آهي.“
    ”اهوئي ته افسوس آهي اسانکي. اهو اسٽيج تائين محدود ڪونهي. تون اهو سڀ گهر کڻي ٿي اچين. تنهنجي ڊراما ”آخرين سوال“ ۾ تنهنجو رول ڏاڍو مايوس ڪندڙ آهي. توکي ماءُ جو رول آهي. پتي دل جو مريض آهي. پٽ جو حال ۾ طلاق ٿيل آهي. جوان ڌيءَ کي بلڊڪئنسر ٿي پوي ٿي. تون خود ڊاڪٽر آهين. تون پتيءَ سان ڳالهه ڪري نٿي سگهين، جو هو برداشت ڪري نه سگهندو. پٽ سان ڪري نٿي سگهين جو هو وڌيڪ پريشان ٿيندو. ڌيءُ کي ٻڌائي نٿي سگهين. تون اندر ئي اندر پيئين ٿي... اندر ئي اندر گُهٽجين ٿي... اندر ئي اندر ۾ پيڙجين ٿي. ٻاهران بهادر بڻجي سڀني سان سڀاويڪ وهنوار ڪرين ٿي. اها اندروني جدوجهد... اها مايوسي، تون اسٽيج تي ڇڏي نٿي اچين. تون گهر کڻي موٽين ٿي. تون کاڌو کائي نٿي سگهين... تون سمجهي نٿي سگهين... اڪثر ننڊ ۾ به سُڏڪين ٿي... درديلا آواز ڪرين ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن چيخي ٿي اُٿين.“
    ڀاونا وائڙن وانگر چيو، ”مونکي ته ان طرح جو ڪوبه احساس ڪونه آهي ته مان ننڊ ۾ ايئن ڪندي آهيان. نه ئي اشوڪ مونکي ڪڏهن ورجايو آهي.“
    ڊاڪٽر چيو، ”ويٺو اٿئي سامهون، پُڇي ڏسينس. ڪيترن ڏينهن کان هو خود انهيءَ ڪري پريشان آهي. توکي انهيءَ ڪري نٿي ٻڌايائين ته متان اُن جو اثر تنهنجي سچيت من تي اُبتو پوي. انهيءَ ڪري منهنجي صلاح اٿئي ته تون انهيءَ ڊراما کان پاڻ پل. ڊراما جي پٺيان پنهنجي زندگيءَ جي تباهي نه آڻ.“
    ڊاڪٽر اڃا ڪجهه وڌيڪ چوڻ لاءِ چپ چوريا ته وچ ۾ ئي اشوڪ چيو، ”ڊاڪٽر، اڳئين ڊراما ”هي به ڪو انسان!“ ۾ مالڪڻ پنهنجي نوڪر سان نهايت سختيءَ جو وهنوار ٿي ڪري ته هِن به، پنهنجي سچيت زندگيءَ ۾ پنهنجي ڪم واري ڇوڪريءَ سان ان طرح وهنوار شروع ڪري ڇڏيو.“
    ڀاونا جي چهري جو ڀاو بدلجي ويو. سندس چهرو ڪٺور ٿي ويو. ڪروڌ وچان سندس اکيون ٻرڻ لڳيون. چپ ڀڪوڙي پاڻ کي ڪجهه چوڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
    ڊاڪٽر وايو منڊل ۾ اچانڪ تناءُ ڏسي اُتان وڃڻ ئي بهتر سمجهيو. واچ ڏانهن نهاري چيائين، ”مونکي ڪنهن مريض وٽ وڃڻو آهي. وري گڏباسين،“ ائين چئي هُو تڪڙو تڪڙو ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
    ڊاڪٽر جي وڃڻ بعد، ڀاونا ڪروڌ ڀرئي آواز ۾ چيو، ”سو ناٽڪ جي اثر جي ڪري توهانجي ماڌوريءَ سان سختيءَ جو وهنوار ڪيو اٿم؟“
    ”رڳو سختيءَ جو نه، پر منهنجي پرپٺ کيس ذليل ڪري گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيئه. جڏهن سخت برسات پي پئي، تڏهن اهو به نه سوچيئه ته هوءَ اناٿ ڇوڪري، ههڙي برسات ۾ ڪيڏانهن ويندي.“
    ”۽ توهين کيس وٺي هاسٽل ۾ ڇڏي آيا. اُتي رهائي سندس هر طرح جي پر گهور لهندا رهيا آهيو.“
    ”توکي اجايو شڪ آهي، ڀاونا. برابر آهي ته ٽي سال اڳ، ان اناٿ ٻالڪا کي مان پنهنجي گهر وٺي آيو هوس. ڀانيم ته اسانکي پنهنجو ٻار ڪونهي. تون هنکي پنهنجي ٻار وانگر پيار ڏيندينءِ. هوءَ ڪيڏي نه اسان ٻنهي جي خدمت ڪندي هئي.“
    ”واهه جي ٻالڪا آهي! ارڙهين اڻويهين ورهين جي چالاڪ ڇوڪري... منهنجو گهر ٿي ڦٽايائين. ڌارينءَ سان ايڏي پنهنجائپ...!“
    ڌاري نه چئه ڀاونا. ڌيءُ آهي، پنهنجي آهي.“
    ڀاونا جلندي چيو، ”مان سڀ ڪجهه ٿي سمجهان. اها ڌاري توهان کي هاڻي پنهنجن کان به پنهنجي آهي.“
    اشوڪ رڙ ڪري چيو، بڪواس بند ڪر. اهو تنهنجو وهم آهي ۽ ان پنهنجي وهم جو بدلو ورتئه، هُن بي قصور ٻالڪا کان. پنهنجا افعال ڏٺا اٿئي؟ سڄو وقت مسٽر راجاڻي... مسٽر راجاڻي... مسٽر راجاڻي... ”آخرين سوال“ ناٽڪ ۾ تنهنجو پتي. ناٽڪ ۾، يا ساڀيا ۾ به؟؟...“
    ڀاونا جو تن من جلي ويو. پڄرندي چيائين، ”توهين منهنجي چريتر تي ڪلنڪ ٿا لڳايو. پنهنجي گناهه کي ڍڪڻ لاءِ منهنجي چريتر تي ٿا داغ لڳايو.“ ڪروڌ وچان سندس سرير ڌڏڻ لڳو.
    اوڏي مهل ئي ڀاونا هڪ اٽئچيءَ ۾ ٻه چار وڳا ۽ ضروري سامان وجهي گهر کان ٻاهر نڪرڻ لڳي.
    اشوڪ پڇيو، ”اهو ته ٻُڌائي وڃ ته ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“
    ڀاونا ڪڙهندي چيو، ”جهنم ۾!“
    اشوڪ چيو، ”ڪار ۾ ڇڏي اچانءِ؟“
    ڀاونا چلائيندي چيو. ”ضرورت ڪانهي. مان پاڻيهي هلي وينديس.“
    ڀاونا ٽئڪسي ڪري اچي پنهنجي ماءُ جي گهر پهتي. ماءُ کيس پريان گهر ۾ گهڙندو ڏسي کيڪاري چيو، ”مَسَ مَسَ وقت مليو اٿئي.“ وري اشوڪ کي ساڻس گڏ نه ڏسي پڇيائين، ”اڪيلي آئي آهين؟“
    ڀاونا جو چهرو ڏسي ماءُ ڪجهه گهٻرائجي وئي. ڀاونا وڃي سندس ڀر ۾ ويٺي ۽ سندس گود ۾ منهن وجهي ڦٽي- هنياءَ روئڻ لڳي.
    ماءُ سندس وارن کي سهلائيندي چيو، ڇو پٽ، سڀ سُک ته آهي نه؟ اشوڪ ٺيڪ ته آهي نه؟“
    ڀاونا روئندي چيو، ”اَمي، اَڄ هُن منهنجي چريتر تي شڪ ڪيو آهي. سندس وهنوار هاڻي ڏينهون پوءِ اڻ- سهندڙ ٿيندو پيو وڃي. هاڻي مان ساڻس گڏ رهي نٿي سگهان. ۽ پوءِ عاجز نيڻن سان ماءُ ڏانهن نهاري چيائين، ”اَمي، تون پاڻ وٽ مونکي اجهو ڏيندينءَ؟“
    اِميءَ ڀاونا کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو. ڌيري ڌيري ڀاونا اَميءَ کي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
    ....
    ٻئي ڏينهن اشوڪ ساهري گهر آيو. ڀاونا ڪاليج ۾ وئي هئي. اشوڪ اچي اَميءَ جي ڀر ۾ ويٺو. کيس اميءَ جون نگاهون ڪجهه بدليل بدليل محسوس ٿيون.
    اشوڪ سنجيدگيءَ سان چيو، ”ڀاونا نڄاڻان توهانکي ڇا ٻڌايو هوندو. پر حقيقت هيءَ آهي ته ڀاونا بيمار ٿي پئي آهي. اها تن کان وڌيڪ من جي بيماري آهي. هيءَ بيماري ٻاهران ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي آهي، پر اندران ئي اندران انسان کي کائيندي ويندي آهي. هوءَ اهو سڀ سمجهڻ لاءِ تيار ڪانهي. نه ئي دوا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڊاڪٽر صاف چيو آهي ته سندس بيماري انهيءَ ڪڙي تائين پهچي چڪي آهي، جو هن وقت سندس دماغ تي ڪوبه بار پوڻ نه گهرجي. هوءَ جذبي وچان گهر ڇڏي آئي آهي. اهو به هن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.“
    اَميءَ ڏکندي چيو، ”جي تون سندس دل وٺندو هجين ها، ته ڳالهه ان حد تائين ڇو پهچي ها؟“
    اشوڪ چيو، ”اَمي، هيل تائين ته مورڳو اڪيلي سر پي ڀوڳيو اَٿم. سندس بيماريءَ جي باري ۾ ڪنهن سان ٻڙڪ به ٻاهر ڪانه ڪڍي اٿم. مونکي به ڀاونا پياري آهي. مان سندس صحت چاهيان ٿو. سندس خوشي چاهيان ٿو.“
    ”ته پوءِ اناٿ ڇوڪريءَ جي پٺيان ڪهڙو معاملو متل آهي؟“
    ”اَمي، اهوئي ته افسوس اٿم. اهو سندس دماغي بيماريءَ ڪارڻ وهم آهي. اهو وهم سندس دل ۾ گهر ڪري ويو آهي. وهم جو ڪو علاج ئي ڪونهي.“
    ”۽ تنهنجو مٿس مسٽر راجاڻيءَ جي باري ۾ ٺِڪر ڀڃڻ؟ اهو به شايد دماغي بيماريءَ ڪارڻ سندس وهم آهي؟“
    ”نه اَمي، غصي ۾ اچي مان به ائين چئي ويٺس. پاڻ مون مٿان مڙهيائين، ته مون وري مٿس هلان ڪئي. مان خود اُن لاءِ پشيمان آهيان. هاڻي اَمي، توهين کيس سمجهائي واپس گهر موڪليو. سڀني لاءِ سٺو ٿيندو.“
    اشوڪ ته ويو هلي، پر اَميءَ کي ٻڌ تر ۾ ڇڏي ويو.
    ته ڇا ڀاونا سچ پچ بيمار آهي؟ منهنجي ڀاونا... منهنجي سڪيلڌي!
    سانجهيءَ جو ڀاونا ڪاليج مان موٽي ته اَميءَ پاٻوهه وچان ٻڌايس، ”اشوڪ آيو هو ۽ پنهنجي ڪئي تي بيحد پشيمان هو ۽ توکي گهر اچڻ لاءِ چئي ويو آهي.“
    ڀاونا خاموش رهي.
    اَميءَ چيو، پٽ، اشوڪ چوي ٿو ته تون ٺيڪ نٿي گذارين. پر دوا به نٿي ڪرين. دوا ڇو نه ٿي ڪرين، پٽ؟“
    ڀاونا چيو، ”مونکي ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي، اَمي. مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“
    اَميءَ چيو، ”تون جي ٺيڪ هجين ها، ته پوءَ اشوڪ هيترو پريشان ڇو هجي ها. ڏس پُٽ، پتيءَ جو گهر نيٺ پتيءَ جو گهر ٿيندو آهي. گهر ۾ ننڍا وڏا جهڳڙا ته پيا ٿيندا آهن. پر خانداني ڇوڪريون ائين گهر ڇڏي ڪانه اينديون آهن. تون ههڙي سياڻي... پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪري... ڪجهه سنسار... ڪجهه سماج... جو به خيال رکڻ کپي.“
    ڀاونا آپي کان ٻاهر نڪري وئي، چيائين، ”اَمي، جي تون مونکي پاڻ وٽ بوجو ٿي سمجهين ته صاف ڇو نه ٿي چوين. هر شخص کي پنهنجي زندگي پنهنجي نموني جيئڻ جو اڌيڪار آهي. مان به پنهنجي زندگي پنهنجي طريقي سان جيئڻ ٿي چاهيان. هر انسان جا پنهنجا ڪي اصول هوندا آهن. مونکي پنهنجا اصول آهن. ڪلا ئي منهنجي زندگي آهي، ۽ ڪلا ئي منهنجي زندگي رهندي. مان پنهنجي بابا جي ڌيءَ آهيان جو هڪ مهان ڪلاڪار هو. مان پنهنجي بابا جو نالو روشن ڪنديس،“ ائين چئي ڀاونا جهٽڪي سان اُٿي، اٽئچي کڻي، اهي ئي ساڳيا چار وڳا واپس اٽئچيءَ ۾ وجهي، گهر کان ٻاهر نڪرڻ لڳي.
    ماءُ روئي ڏنو. ٻاڏائيندي چيائين، ”اڙي ڀاونا، تون ايئن ڪيڏانهن ڪانه ويندينءَ. اشوڪ وٽ نه وڃڻو اٿئي، ته نه وڃ. هي گهر تنهنجو آهي.“
    پر ڀاونا پنهنجي ارادي تي اٽل رهي.
    ماءُ هارائي پڇيو، ”ڪيڏانهن ويندينءَ؟“
    ڀاونا سنجيدگيءَ وچان چيو، ”هاسٽل ۾.“
    ”آخري سوال“ ناٽڪ جي رات هئي. سڄو هال کچا کچ ڀريو پيو هو. اشوڪ، امي ۽ ڊاڪٽر بالاڻي به ڏسندڙن ۾ موجود هئا. آهستي آهستي ناٽڪ رنگ لائيندو ويو. ڀاونا جڏهن کليو ٿي، ته پبلڪ به کليو ٿي. ڀاونا جڏهن رنو ٿي، ته پبلڪ به ساڻس گڏ رنو ٿي. سندس اداڪاري بي نظير هئي.
    پڇاڙيءَ جي نظاري ۾ ڪئنسر جي بيماريءَ ڪارڻ ڌيءُ جا وار ڇڻڻ لڳا آهن، سندس چهري تي ڪارا ڪارا داغ ٿيا آهن، اکين جي روشني گهٽجي وئي آهي. ڌيءُ ماءُ جو هٿ پڪڙي دلسوز آواز ۾ چوي ٿي، ”ممي، تون ڀلي مونکي نه ٻڌاءِ ته مونکي ڪهڙي بيماري آهي. پر مونکي سڀ خبر آهي، مونکي ڪئنسر آهي.“
    مميءَ جون اکيون ڀرجي پون ٿيون.
    ڌيءُ چوي ٿي، ”ممي، مان مرڻ کان نٿي ڊڄان. مان سچ ٿي چوان ممي، مان مرڻ کان نٿي ڊڄان. پر ڪُروپ ٿي مرڻ نٿي چاهيان.“
    ممي ڌيءُ کي ڇاتيءَ سان جڪڙي ڇڏي ٿي ۽ پهرين دفعو ڌيءَ جي سامهون اوڇنگارون ڏئي روئي ٿي.
    ڊاڪٽر ماءُ اوڏي مهل ئي فيصلو ڪري ٿي، هڪ پڪو فيصلو. هڪ اٽل فيصلو ته آپريشن ٿيندو.
    آپريشن جي تياري ٿي چڪي آهي. آپريشن روم جو دروازو بند آهي. ڀاونا آپريشن روم جي ٻاهران ڀت کي ٽيڪ ڏئي انتظار ۾ بيٺي آهي.
    انتظار... خبر ملڻ جو انتظار... زندگي ۽ موت جو انتظار.
    دروازو کُلي ٿو. ڊاڪٽر ٻاهر اچي ٿو. ڀاونا ڏانهنس نهاري ٿي. ڊاڪٽر هلڪو ڪنڌ ڌوڻي ٿو.
    ڀاونا هڪ زوردار ڀيانڪ چيخ ٿي ڪري، ”ڊاڪٽر!“ ۽ دروازي جي پرديءَ کي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندي ڪري ٿي پوي.
    ناٽڪ جو پردوبه ڪري ٿو.
    ناٽڪ جو پردو ڪرندي ئي اشوڪ ڌوڪيندو اسٽيج تي اچي ٿو. ڀاونا کي اسٽيج تي ائين بي سُڌ ڪريل ڏسي مسٽر راجاڻي ۽ اشوڪ هراسجي وڃن ٿا. اشوڪ ڀاونا جي ڀر ۾ گوڏن ڀر ويهي، ڀاونا جي نبض ڏسي ٿو. نبض ڍلي ڏسي ڀاونا جي چهري تي ڪوملتا سان هٿ ڦيري پاٻوهه وچان سڏي ٿو، ”ڀاونا!“
    ڀاونا سچيت ٿئي ٿي. ڌيري ڌيري اَکيون کولي ٿي. ڀر ۾ اشوڪ کي ويٺل ڏسي، وشواس نه ايندڙ نگاهن سان ڏانهنس نهاري ٿي.
    اشوڪ سندس نگاهن کي پرکي، قرب وچان چوي ٿو، ”ها ڀاونا، تنهنجي آتم وشواس ئي مونکي نئين نظر ۽ توکي نئون جيون ڏنو آهي.“
    ۽ پوءِ کيس اُٿاريندي مٺي آواز ۾ چيائين، ”اُٿ ڀاونا، ته پنهنجي گهر هلون.“

    (”ڪٿا ياترا“ تان ورتل)
    


    مُڪتا : - ايشوري جوتواڻي

    اسپتال ۾ پهچي، مان ٻارن جي وارڊ ۾ گِهڙي ويس. مان اڪثر اُتي ويندي آهيان، تنهنڪري اُتي جون نرسون مونکي سڃاڻنديون آهن. پاڻ سان ميوي جي هڪ ٽوڪري کڻي وئي هئس. ميوو ورهائڻ کان اڳ مئٽرن کان اجازت ورتم. هن مشڪي چيو، ”ڀلي آئينءَ.“
    هاڻي مان وارڊ ۾ اندر اڳتي اڳتي هلڻ لڳس ۽ چوگرد نهاريندي به رهيس، ڇا ته بيمارن جي حالت هئي؟ ڏاڍي قياس جوڳي!! ڪنهن ٻار جي ٽنگ ٽٽل هئي ته ڪنهن ٻار جي ٻانهن ڀڳل هئي! ۽ ڪنهن ٻالڪ جون ٻئي ٽنگون ”پليءَ“ ۾ مٿي ٻڌل هيون، ته ڪنهن جي ٻانهن تي پلستر ٻڌل هو. اهڙو مايوس ماحول ڏسي، دل ۾ اُداسائي ڀرجندي پئي وئي.
    مون ان وڌندڙ احساس تي قابو پائڻ لاءِ يڪدم ميوي جي ٽوڪريءَ مان انبُ ۽ ڪيلو ڪڍي هڪ ٻار کي ڏيندي چيو، ”توکي انب ڏاڍو وڻندو آهي، نه؟“
    ٻار جو منهن ئي ٽِڙي پيو ۽ سندس چهري تي مٺي مشڪ ڇائنجي وئي. ڪجهه کننَ لاءِ اُن مُرڪ منهنجيءَ دل کي خوشيءَ سان ڀري ڇڏيو، ۽ مان اڳتي وڌي ويس.
    ڪن ٻارن جي دل وٺندي کين ميوي سان گڏ ٻن رپين جو سِڪو به ڏيندي ويس، آڪاش نالي هڪ ڇوڪر کان پڇيم، ”هِن مان ڇا وٺندين.“
    جواب ۾ چيائين، ”پينسل. مون کي لکڻ لاءِ کپي.“
    مون مشڪندي چيو، ”ڏاڍو سٺو“ ۽ پنهنجي پرس مان هڪ سهڻي پينسل ڪڍي کيس ڏيندي چيم، ”تيستائين هن سان لِکج.“
    ٻالڪ سهڻي پينسل ڏسي اهڙو ته خوش ٿيو، جو يڪدم اُمنگ ۾ ڀرجي ويو ۽ نمستي ڪندي چيائين، ”ٿئنڪ يو آنٽي، ٿئنڪ يو.“
    منهنجي دل ۾ نڄاڻان ڇو شڪر گذاريءَ جو اَحِساس اُڀرڻ لڳو! هاڻي هلندي هلندي مان اچي ”مهلا وارڊ“ ۾ پهتس. چؤگرد نهاريم ۽ ڏٺم ته 15-20 ننڍيون وڏيون بيمار استريون/ ڇوڪريون ليٽيل نظر آيون، پر ڇا ته اُداس وايو منڊل هو! جهيڻيون روشنيون، ڄڻ بتيون به بيمار هيون! ميريون چادرون، گويا ڌوٻي سٽرائيڪ تي هئا! ماحول ۾ دوائن ۽ اِسپرٽ جي تِکي بانس ڦهليل هئي، منهنجي هيڻي مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳو. مون پرس مان يوڊي ڪولن جي شيشي ڪڍي ۽ رومال ۾ ٻه ٽي ڦڙا وجهي نڪ تي رکيا. هڪ ٻه ڊگها ساه کنيم، ڪجهه منٽن بعد پاڻ کي بهتر محسوس ڪيم، سرڪاري اِسپتال جو ڪهڙو نه ارمان جهڙو وايو منڊل هو! روشني گهٽ، ته صفائي به گهٽ! ڪن مريضن وٽ سندن ڪي عزيز ۽ دوست ويٺا هئا، جن کين آٿت پئي ڏنو. مطلب، ڏاڍو مايوس ۽ موڳو ماحول هو!
    هڪوار وري چپن تي مُرڪ آڻي ڦل کڻي انهن بيمار اِسترين اڳيان ويم ۽ سندن حال احوال وٺندي انب يا سنگترو يا ڪيلو هٿ ۾ ڏيندي تڪڙو اڳتي هلندي هليم. مون واپس ورڻ لاءِ سوچي دروازي طرف رخ رکيو. ٻه ٽي قدم مس کنيم ته دروازي کان ٿورو پريان هڪ پلنگ تي هڪ ننڍي نيٽي 18 يا 19 سالن جي ڇوڪريءَ کي وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺل ڏٺم. منهن تي مرڪ هئس. سندس مُرڪ ۾ ڪا اهڙي ڪشش هئي، جو مان ٻاهر وڃڻ بدران سندس ڀرسان وڃي پهتس. ڏٺم ته رواجي، پر صاف سُٿري پنجابي سلوار ڪرتي ۾ ملبوس هئي. هٿن ۾ نوٽبُڪ هئس، جنهنجا پنا پئي اٿلايائين ۽ اُداس اکڙين سان هيڏانهن هوڏانهن پئي نهاريائين، ڄڻ ڪنهن جي اچڻ جو انتظار پئي ڪيائين. مونکي پنهنجي بستري ڀرسان بيٺل ڏسي نمستي ڪيائين. سندس آواز نهايت وڻندڙ ۽ مٺو لڳو.
    پڇيومانس، ”وديار ٿي آهين ڇا؟“ ڪنڌ ”ها“ ڪندي چيائين، ”ٻارهون درجو پاس ڪيو اٿم.“ مون سندس نوٽبُڪ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هن ۾ ڇا پئي لکين؟“
    ”ڪجهه شعر آهن.“
    مون ڏٺو، اُن نوٽبُڪ تي سندس نالو مُڪتا لکيل هو.
    البت هِٽڪندي چيائين، ”مان لکندي آهيان، جو اِهو منهنجو شوق آهي.“ هوءَ چپ ڪري مون ڏانهن نهارڻ لڳي.
    ”مونکي پنهنجو ڪو شعر پڙهي ٻڌائيندينءَ؟“
    چيائين، ”ڇو نه؟“ ڪاپي کولي پڙهڻ لڳي:
    تنهنجي وڇوڙي ڪيو آ بيمار مونکي،
    بنا چتائڻ جي گم ٿئين، ڇڏي اڪيلو مونکي؟
    ايترو پڙهندي سندس آواز ٽٽي پيو ۽ هو سُڏڪڻ لڳي. سندس دلِ درد جي ڪيفيت محسوس ڪندي کيس روئڻ ڏنم. پوءِ پنهنجي رومال سان سندس ڳوڙها اُگهندي پڇيم، ”هو ڪير هو؟“
    روئندي وراڻيائين، ”منهنجو سڪيلڌو ڀاءُ. منهنجا ماءُ پيءُ ته اڳ ۾ گذاري ويا هئا. موهن کي اوچتو ”هارٽ ائٽڪ“ ٿيو ۽ ڊاڪٽري علاج پهچڻ کان اڳ ئي هو هليو ويو. هاڻي مان ته اناٿ ٿي پيس.“
    ۽ وري سُڏڪڻ لڳي. منهنجي من به ڀرجي آيو. کيس ڳراٽري پائي چيم، ”نه، تون اناٿ ڪين آهين. اڄ کان مان تنهنجي سنڀال ڪنديس. هاڻي ٻڌاءِ، تون وڌيڪ پڙهڻ چاهين ٿي؟“
    مُڪتا جي اَکين ۾ چمڪ اچي وئي ۽ يڪدم منهنجو هٿ پڪڙي چيائين، ”آنٽي، مان ڊاڪٽر بڻجڻ ٿي چاهيان. غريبن مسڪينن جي شيوا ڪرڻ ٿي چاهيان.“
    مون سندس دل وٺندي چيو، ”تو ته منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي آهي، پر مُڪتا توکي ٿيو ڇا آهي؟“
    ”مونکي تپ آهي. شايد وائرل فيور آهي. اڄ 8 ڏينهن ٿيا آهن،“ اُداس آواز ۾ مڪتا وراڻيو.
    مون سندس خيال ڦيريندي چيو، ”هاڻي تون جلدي ٺيڪ ٿيءُ، توکي ڊاڪٽر بڻجڻو آهي. جي ضرورت پئي ته مان توکي Specialist کي ڏيکارينديس. هاڻي روئڻ بند ڪر ۽ ٿورو مُشڪي ڏيکار!“
    ۽ هوءَ مون ڏانهن پيار ڀريل اکڙين سان نهاري مُرڪڻ لڳي.

    (ڪٿا، ياترا“ تان ورتل)
    


    رانديڪو : - بيگم زينت عبد الله چنا

    جلد ئي مان ۽ اصغر هڪ ٻئي سان هري مري وياسين. اصغر منهنجي ڀاڄائيءَ جو ڀاءُ هو. هو پنهنجي ماءُ پيءُ جو هڪڙو ئي سڪيلڌو پٽ هو. هتي ”لا ڪاليج“ ۾ پڙهندو هو. سندس پيءُ کي چڱي خاصي زمينداري هئي. منهنجي ڀاڄائي ڏاڍي کلمک ۽ خوش مزاج سڄو وقت مسڪراهٽ سندس چپن تي پئي نچندي هئي، ان ڪري سندس ڀاءُ به اهڙو ئي خوش مزاج هو. سڄو وقت مونکي پيو چيڙائيندو هو. ڪڏهن ڊگها بحث ڪندو هو ۽ ڪڏهن وري چيڙائيندو هو. مان به آڻ مڃڻ واري ڪونه هيس ان ڪري اسان جو چڱو خاصو جهڳڙو رهندو هو. منهنجا ماءُ پيءُ اهو جهڳڙو ٻڌي مشڪندا هئا ۽ منهنجو ڀاءُ ته اصغر جو پاسو کڻي مونکي وڌيڪ چيڙائيندو هو. البت ڀاڄائي منهنجو طرف وٺندي هئا. چڱو چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. اصغر جي بي تڪلفي ۽ سندس نگاهن جي عجيب تابش مونکي نرالي لڳندي هئي پر مان پنهنجي پڙهائي جي دائري کان ٻاهر ڪونه نڪرندي هيس. هڪ دفعي مان کاڌي جي ڪمري ۾ ويس سامهون ڪٻٽ ۾ تازا پڪل انب ڏٺم دل سرڪي. هڪدم ٻه چار انب پلاند ۾ وجهي اُٿڻ لڳس ۽ اڃان ڪٻٽ بند ڪو نه ڪيم ته پٺيان پلاند ڇڪيو ۽ چيو، ”چور!“ مون پٺيان ڏٺو اصغر مشڪي رهيو هو. ڊپ ۾ انب سڀ ڪري پيا ۽ هن رڙ ڪري ڌمڪي ڏني ته روز، روز انب تون چورايو کايو ڇڏين ۽ ڏوهه پوي ويچارن نوڪرن تي. بيهه! مان سڀن کي سڏيان.“ مان ڊڄي ويس ته الائي ڪهڙيون اُبتيون سبتيون امان کي ٻڌائيندو ۽ هوءَ مونکي دڙڪا ڏيندي ته هيءُ خوش ٿيندو. جيستائين هو مونکي ڏسندو ۽ معنيٰ خيز نموني مشڪندو رهيو تيستائين ته مان ششدر رهيس پوءِ هو مرڪي انبن طرف جهڪيو ته مون هڪدم سختيءَ سان چيو ته، ”هيل تائين اسين توکي بلڪل بي ضرر سمجهندا هئاسين، پر تون پڪو چور ٿو ڏسجين.“ پوءِ رڙيون ڪري سڄي گهر کي کڻي گڏ ڪيم ”اصغر چور!“ ٻار ٻچا، نوڪر چاڪر ۽ امان اچي گڏ ٿيا. نوڪر چوڻ لڳا روز، روز اسان تي پوندو آهي ۽ امان چوڻ لڳي، ته، ”ابا اصغر توکي انبن جي ضرورت هئي ته مون کان گهرين ها. قربان ٿيان تنهنجي مٿان، پر تو ٻڌايو نه.“ ٻارن ته هڪ هڪ انب کڻي دعا ڪئي. مون سڀني جي نظر کان بچندي اصغر کي سلام ڪيو، هن مونکي اهڙي نظر سان ڏٺو ته ڄڻ چوي پيو ته ڏسجانءِ ڪهڙو سخت بدلو ٿو وٺانءِ“- بس اُن بعد ته منهنجو گهر ۾ ناڪو بند ڪري رکيائين، بس سڄو وقت امان سان منهنجون شڪايتون، ٻارن جي ساري فوج منهنجي پٺيان منهنجي ڪمري جي ڪا به چيز سالم ڪو نه. رهي وري امان جون دٻون ته، ”ها! تون جيئن وڏي ٿيندي وڃين ته بي حيا ٿيندي وڃين. وڏي ڀاءُ کي جواب سڳي ماروٽ سان جهڳڙو- ٻارن جي پٺيان هٿ ڌوئي لڳي آهين. واه تنهنجي پڙهائي اهو پڙهڻ ڪهڙي ڪم جو جو تون وڃين ٿي بي جوابدار ٿيندي.“ بس مان بنهه روئڻ هارڪي ٿي ويندي هيس. پر خير اصغر جي آڻ ڪو نه ٿي مڃيم. اصغر جو سڪو ٿي هليو. سڄو وقت ڪنهن نه ڪنهن تماشي ۾ رڌل، ڪڏهن ڪنهن جي تعريف ۾ مدلل تقرير پيو فرمائي ۽ ڪنهن جي برخلاف بحث پيو بڪي. مان ته سندس جهڳڙي کان بنهه ڊڄندي هيس. پر هو جڏهن جڏهن مونکي اڪيلائيءَ ۾ ملندو هو تڏهن تڏهن سندس عجيب حالت ٿي ويندي هئي. ائين پيو سمجهه ۾ ايندو هو ته هو گهٻرائجيو وڃي ٿو. اُن ڪري مون هر حالت ۾ ڪوشش پئي ڪئي ته مان هن سان اڪيلائيءَ ۾ نه ملان. منهنجي ماءُ، پيءُ جو رخ اهڙو هو جو مون لاءِ اصغر پري ڪو نه هو پر مان الائي ڇو؟ محبت جي شادي جي برخلاف هيس. اهو اُن ڪري جو هڪ دفعي مون پنهنجي پياري ساهيڙي زبيده کي زرد ڳلن ۽ خشڪ چپن سان آهون ڀريندي ڏٺو هو، منهنجي گهڻي زور ڀرڻ تي هن مونکي ٻڌايو ته رياض سان سندس ننڍي هوندي کان تمام گهڻي محبت هئي. رياض سان شادي ڪرڻ ۾ زبيده جا مائٽ راضي ڪو نه هئا ان ڪري رياض کي گهڻئي ڏاکڙا ۽ تڪليفون ڏسڻيون پيون. زبيده هڪ حساس شعريت پسند ۽ نهايت جذباتي ڇوڪري هئي. رياض شادي بعد ڪجهه وقت ته هن جي جذبات جو گهڻو خيال رکندو هو، پر پوءِ بدلجندو ويو، آخر زبيده روئندي چيو ته، ”هو مون کي پنهنجي خواهشن جو وسيلو سمجهي ٿو، منهنجي صحت ۽ منهنجي خوراڪ جو ڏاڍو خيال رکندو آهي منهنجي اڳيان ڪپڙن ۽ زيورن جا انبار لڳا پيا هوندا آهن، جيئن مان وڌيڪ کان وڌيڪ سهڻي لڳان ۽ هن جون خواهشون بهتر کان بهتر نموني پوريون ٿين مگر هو اهو نٿو ڄاڻي ته عورت ڪپڙن لٽن کان زياده پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي زياده گُهري ٿي.“ اُن بعد زبيده آه ڀري ۽ سندس منهن تي زردي ڇانئجي وئي جنهن چهري تي هميشه گلاب مثل تابناڪي ڇانيل هوندي هئي.

    هڪ دفعي اوچتو اصغر مونکي سندس نيڻن ۾ تڪيندي ڏسي ورتو. اُهي نيڻ جن جي ڊگهن پلڪن ۾ منهنجي زندگي جي هر تار منجهي پئي هئي ڪوريئڙي جي ڄار مثل! ڪهڙا نه هئا اصغر جا خوبصورت نيڻ...
    هن مون ڏي رڙهندي پڇيو، ”ڇو، پئي منهنجن نيڻن ۾ نهارين؟“
    مان منجهي پيس ته ڇا چوان؟ آخر جواب ڏيڻو هو، ”ها! تنهنجي اکين ۾ منهنجي شڪل صاف پئي نظر اچي اُها ٿي ڏٺم“ مون منجهندي وراڻيو.
    ”ها! اها تصوير هميشه هنن اکين ۾ رهندي آهي. ورائي ڍڪيانس ته ڍڪجيو وڃي هن اکيون بند ڪندي چيو ۽ زياده قريب ٿيو.
    هنجو گرم گرم ساهه مون پئي محسوس ڪيو هن جون اکيون منهنجي اکين کي تڪي رهيون هيون. ڇا نه هو انهن نيڻن! ۾ شوق.. اُميد.... التجا ۽ سڀ ڪجهه... منهنجي روح کي متاثر ڪرڻ سان گڏ منهنجي جسم کي ڏڪائي ڇڏيو. مان لڇي رهي هيس ۽ اُن لڇ پڇ ۾ ڇا ته لذت هئي! پر اُتي ئي زبيده جو زرد چهرو اکين اڳيان ڦري ويو. پر مان... انهن نيڻن کي نهاريندي رهيس جن ۾ منهنجي حياتيءَ جي هر تار اٽڪي پئي هئي، منجهي پئي هئي. هو اُن وقت آسماني مخلوق پئي معلوم ٿيو ۽ منهنجي دل پئي چيو ته هنجي پيرن تي جهڪي سڀ ڪجهه چئي ڏيان جيڪي اڄ تائين نه چئي سگهي آهيان. الائي... ڇا... ڇا؟ پر وري زبيده منهنجي ذهن تي اُڀري ۽ ڄڻ ته پنهنجي خشڪ چپن سان پئي چوي ته، ”منهنجي حالت مان سبق ڪو نه پرائيهءِ. انهي ڄار ۾ ته مان به ڦاٿي هيس...“ مون هڪدم پنهنجي دل کي سنڀاليو. رڙهي بيٺس ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون شروع ڪيم.
    ”ڇڏي ڏي انهن ڳالهين کي رضو.“ بيزاريءَ سان اصغر چيو، ”تون ڪيترو وقت اڻ ڄاڻ رهندينءَ ۽ پاڻ کي ۽ مونکي ڌوڪي ۾ رکندينءَ. ڇا تون بلڪل نٿي سمجهين. منهنجي جذبات ۽.... منهنجي محبت کي.؟“
    ”ڇا، اها بيهودگي نه آهي؟“ مون وراڻيو پر مون ائين سمجهيو ته مون پنهنجو گلو گهٽيو آهي يا ته منهنجي شه رڳ ۾ نشتر چڀجي وئي آهي ۽ اُن چڀڪي کان مان رڙ ڪرڻ تي هيس... هنجو چهرو اُداس ٿي ويو ۽... هن چيو ته، ”هي سڀ ڇا هو؟“ هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو.
    ”ڇا، مون رکائي سان چيو.“
    ”مونکي ڏسي تنهنجي منهن جو رنگ کلي وڃي ۽... ۽ منهنجي ٿوري تڪليف تي تنهنجو بيقرار ٿيڻ ۽... اکين جو اکين کي پيغام... ۽... ۽...!“
    ”غلط فهمي،“ مون جلديءَ سان اُن باغي آه کي دٻائيندي وراڻيو.
    ”غلط فهمي!“ هن ڪنجهندي چيو. اُتي پيرن جو آواز ٿيو ۽ ڀاڄائي نمودار ٿي.
    ”ڇا ٿيو ادا“ هن مونکي ڏسي شرارت سان مشڪيو.
    ”ڪنڊو لڳو هو“ اصغر آهستي چيو، ”پر نڪري ويو.“
    ”ڀلا ڪنڊي جو چڀڪو ته ڪو نه اٿئي“ ڀاڄائيءَ تسلي لاءِ پڇيو.
    ”چڀڪو ته رهندو“، اصغر مون ڏي نهاريندي وراڻيو- هنجي ويران نگاهن کي مان به ڏسي نه سگهيس مون اکيون کڻي جهڪايون، مون ائين سمجهيو ته ڪنڊو هنکي ڪو نه لڳو آهي پر ڄڻ منهنجي دل ۾ چڀي ويو آهي!
    اُن ڏينهن بعد اسان جي گهر جي وايو منڊل ۾ اُداسي پکڙجي وئي. جنهن گهر ۾ سڄو وقت کل خوشي لڳي پئي هوندي هئي ان ۾ ماٺ، ماٺ جو راڄ هو. اصغر پڙهڻ جي بهاني پنهنجي ڪمري ۾ بند رهندو هو. ڀاڄائي ڀاءُ کي چپ، چپ ڏسي پاڻ به اُداس ۽ ماٺ رهندي هئي. انهن ٻنهي ڀاءُ، ڀيڻ جي ڪري گهر ۾ رونق هئي. هاڻي ٻار به ڇڙو ڇڙ ٿيو پيا گهمندا هئا ۽ گهر تي ويراني ڇانيل هوندي هئي.
    هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڪمري ۾ ڪتاب کنيو بيخياليءَ ۾ ورق گرداني ڪري رهي هيس ته ڀاڄائي اندر آئي مونکي ڳڙاٽڙي پائي چوڻ لڳي ”پياري رضو! تون ڪهڙي نه مٺي ڀيڻ آهين، پر سدائين شل منهنجي هجين!“
    مون ذري گهٽ روئڻهارڪي آواز ۾ چيو ”تنهنجي نه آهيان ته ڪنهن جي آهيان؟“ مون انهن ڏينهن ۾ پاڻ کي بي سهاري پئي سمجهيو پر جهٽ پلڪ لاءِ مونکي ڀاڄائيءَ جو پيار ڏسي وسري ويو ته ڪو مان اڪيلي آهيان- ڀاڄائي چوڻ لڳي، ”پياري رضو! اصغر منهنجي مٺڙي ڀاءُ جو ڳرڻ جهرڻ مونکان ڏٺو نٿو وڃي.“ هو تنهنجي نفرت برداشت ڪري ڪو نه سگهندو- مون ذري گهٽ رڙ ڪندي وراڻيو، ”نفرت!“ منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. مون ائين سمجهيو ته منهنجي ڀريءَ بازار ۾ ڪنهن بي عزتي ڪئي آهي يا مونکي ڪنهن جرم ڪندي پڪڙيو آهي.“
    ”تو هن ۾ ڪهڙو عيب ڏٺو. شڪل، تعليم، اخلاق ۾- ڪهڙي به ڳالهه ۾ هو گهٽ ڪونهي.“ ڀاڄائي چوندي رهي، ”وڏي ڳالهه ته هو تنهنجو رشتي ۾ ماروٽ آهي ۽ اُهو ماروٽ جو توکي پنهنجي جان کان به پيارو سمجهي ٿو ۽... ۽...“ مون ڀاڄائي جي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ته ”ڀاڄائي الا! تون به مونکي ڪو نه ٿي سمجهين؟“ منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙندا رهيا...
    ”هو مڪمل انسان آهي، هن ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانهي، هو پوڄا لائق آهي، مان هن کي بي حد محبت ڪيان ٿي. منهنجو هن کانسواءِ ڪو وجود ڪونهي ۽... ۽ منهنجي محبت پنهنجي ديوتا کي هڪ معمولي ادنيٰ درجي جي روپ ۾ ڏسي نه سگهندي. مان پنهنجي محبت کي بلند رکڻ ٿي گهران مان اهو برداشت نه ڪري سگهنديس ته هو فقط منهنجو ادنيٰ طور تي محبت ڪندڙ هجي. مان پنهنجي خوابن جي طلسم کي قائم رکڻ ٿي گهران.“ مون بي بسيءَ مان روئندي چيو.
    ”ادنيٰ... معمولي!... روپ...! ڇا زبيده؟“ هن مونکي غور سان ڏسندي وراڻيو ۽ مون سمجهيو ته ڀاڄائي منهنجي دل جي اونهي تهه تائين پهچي وئي ۽ مون ڏٺو ته هن جو چهرو نهايت اُداس ٿي ويو.
    ڪجهه دير بعد هن چيو، ”اهڙن لطيف ۽ خوبصورت احساسن جي ڇا وقعت؟ جواني ۽ شادي لازم ملزوم آهي...“
    ”ها! پوءِ ڇا؟“ مون چيو.
    ”نادان“، عجيب مايوسيءَ سان ڀاڄائي چيو ته ”بيشڪ اسان جي محبت جي شادي شده زندگي به ڪاروباري ٿيو وڃي ٿي. اُهي ساڳيا انسان جي اسان جي هر ادا تي فدا ٿيڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن، اُهي شاديءَ بعد فقط تجارت جو تعلق رکندا آهن،- چي اسين تنهنجي لاءِ سارو ڏينهن محنت ٿا ڪريون ۽ اُن ڪري تون به اسان جي خواهشن جو احترام ڪر- ۽ ”خواهش!“...، ڀاڄائي آسمان جي خلائن ۾ نهاريندي چيو... شايد هن جي ذهن تي ڪا ناگوار ياد اُڀري رهي هئي... هن جو آواز ڌيمو ۽ جهڪو ٿيندو ويو هن چيو ته، ”اسين ته رانديڪو آهيون بس رانديڪو... سماج جي هٿ ۾، پيءُ ماءُ جي هٿ ۾... مردن جي هٿ ۾ پڻ... اُن بلند خياليءَ جو ڪو به داد ڪو نه ملندو اُن مقدس جذبات جو ڪو احترام ڪو نه ڪندو... خوابن جي دنيا مان زوريءَ گهلي حقيقتن جي تلخين ۾ وڌو ويندو ۽ جتي ڏسبو ته ”محبت“ هڪ ڪميڻي خواهش جو مهذب نالو آهي ۽ بس...“ مان حيران ڀاڄائيءَ کي ڏسي رهي هيس ته هڪ معصوم ۽ کلمک عورت جي اندر ۾ به ايتريون چڻگون دٻيل آهن- اُف! يا خدا! ڀاڄائيءَ جو چهرو ڪوماڻجي ويو هو ۽ سندس ڊگهين پلڪن ۾ ٻه ڳوڙها اٽڪي پيا هئا، ۽ سندس چپن تي هڪ تلخ مشڪ هئي.
    هن منهنجي اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو ته، ”رضو، اهو قدرت جو قانون آهي يا انسان جو من گهڙت فلسفو ته جواني آغوشِ جوانيءَ ۾ جذب ٿئي ٿي، خوش نصيب آهن اُهي انسان، جن کي اُها آغوش سڃاتل آهي.“ ڀاڄائيءَ جو آواز آه ۾ تبديل ٿي ويو- پوءِ اوچتو ٻاهر آواز ٻڌم ته ”اکيون کوليان“ مون مٿي نهاريو ڀاڄائي ڪو نه هئي، ٻاهر ٻارن جي فوج سان ”اک ٻوٽ“ ڪري رهي هئي. سندس مڌر مڌر کل منهنجي ڪنن تي پئي الائي ڪيڏي مهل وئي هلي.
    ۽ مان پنهنجي خيالن جي ڄار جي تاڃي پيٽي ۾، اهي لفظ دهرائي رهي هيس ته، ”اسين ته آهيون رانديڪو... سماج جي هٿ ۾! ماءُ پيءُ جي هٿ ۾! ۽ محبوب جي هٿ ۾ پڻ رانديڪو آهيون...“!

    (ماهوار نئين زندگي اپريل 1956ع تان ورتل)
    


    همسفر : - ثريا ياسمين

    ٽرين پوريءَ رفتار سان وڃي رهي هئي، ڇڪ ڇڪ ۽ ٺڪ ٺڪ جو مسلسل آواز ڪنن ۾ اچي رهيو هو. سڄي گاڏي ۾ اڪيلو مان ئي هوس. پنهنجو پاڻ تي ئي ڪاوڙ پي ڪيم ته ڇو خواه مخواه خالي گاڏي ۾ چڙهيس. ڏينهن جو جيڪڏهن خالي گاڏي ۾ چِڙهڻ نصيب ٿئي ها ته هوند پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ها. هڪ سيٽ تي ويهي ڪڪ ٿيڻ تي ٻيءَ سيٽ تي ويهان ها. پر هاڻي ڇا ٿي سگهيو ٿي. اهو سوچيندي مان دريءَ کان ٻاهر ڏٺو ته آسمان تي تارا چمڪي رهيا هئا. چنڊ به هاڻي اڀريو هو. دل وندرائڻ لاءِ مان سگريٽ دکائي ۽ رسالو جيڪو مان هلندي وقت ريلوي بڪ اسٽال تان خريد ڪيو هو، ڪڍي پڙهڻ لڳس. منهنجي اها ڪوشش ڪامياب ٿي ۽ ٿوري وقت کان پوءِ مون کي ننڊ اچڻ لڳي. رسالو رکي مان ليٽي پيس. اک کلي ته ڏٺم ته ٽرين بيٺي آهي. ڪنڌ ٻاهر ڪڍي ڏسڻ مان خبر پئي ته ڪا ننڍي اسٽيشن هئي. ٻه جهڪا فانوس ٻري رهيا هئا. پليٽ فارم به ڪافي ننڍو هو. وقت ڏٺم ته ٻه ٿيا هئا. جلدي گاڏي هلڻ شروع ڪيو. ايتري ۾ هڪ ماڻهو ڊوڙندو ڊوڙندو مون واري گاڏي ڏانهن اچڻ لڳو. سندس هٿ ۾ جيڪو ٿيلهو هو تنهن کي گاڏي ۾ اڇلائي هو در کي چنبڙي پيو. ٽرين جي رفتار به ڪجهه تيز ٿي. مان يڪدم اٿي اندران بند ٿيل در کوليو ۽ سندس اچڻ کان پوءِ بند ڪري ڇڏيو. هن ٽوپي لاهي سيٽ تي رکي ۽ رومال ڪڍي نرڙ تان پگهر اگهڻ لڳو. گهٻراهٽ ۽ تڪڙ سبب هو تڪڙا تڪڙا ساهه کڻي رهيو هو. مان دل ۾ خوش ٿيس ته باقي سفر مزي ۾ ڪٽبو سامت ۾ اچڻ کانپوءِ نو وارد مون ڏي نهاريو ۽ مشڪي چيائين ته توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو. مون جواب ڏنو ”ڪراچيءَ“ ۽ وري کائنس سوال ڪيم ”۽ توهان“؟ ”حيدرآباد سنڌ“ هن جو جواب هو تڏهن اسان ٻنهي جي منزل ساڳي نه آهي ”مان کلي چيو جيڪر هجي ها“ هن منهنجي تائيد ڪئي. اسان جي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو. مان ننڊ ڪري چڪو هوس تنهن ڪري ڳالهين ۾ مشغول ٿي ويس. منهنجو همسفر ڪافي دلچسپ ماڻهو ٿي ڏسڻ ۾ پئي آيو. سندس عمر ڇويهه يا ستاويهه سال ٿي ڏسڻ ۾ پئي آئي. اسان جي ڳالهين جو موضوع سياست، ادب، شاعري ۽ فلم تائين هو. ڳالهين ڪندي سگريٽ به ختم پيا ڪندا وڃون ڪجهه وقت کان پوءِ منهنجي همسفر، جنهن مون کي پنهنجو نالو عرفان ٻڌايو، جي اکين ۾ ننڊ جو خمار اچڻ لڳو ۽ مون کان معافي وٺي، هڪ ٻه اوٻاسيون ڏئي سمهي پيو ۽ جلد ئي کونگهرا به هڻڻ شروع ڪيائين. مون گاڏي ۾ نظر ڦيرائي جا بجا سگريٽ جا سڙيل ٽڪر ۽ تيليون پيون هيون مون آخري سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ خالي دٻو دري کان ٻاهر اڇلائي کاڏيءَ تي هٿ رکي آسمان جو جائزو وٺڻ لڳس. رات جي راڻيءَ جو راڄ ختم ٿي چڪو هو. صبح جي شهنشاهه اچڻ وارو هو. ٿوري دير وهڻ کان پوءِ مان اٿي بئگ مان پتلون قميص ۽ صابڻ، ٽوال کنيو ۽ باٿ روم ۾ گهڙي ويس ٿوري دير کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته گاڏي ڪنهن اسٽيشن تي بيٺي آهي. مختلف آواز منهنجي ڪنن ۾ اچڻ لڳا گرم گرم چانهه جو آواز ٻڌي منهنجي دل سرڪي، باٿ روم جو در کولي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، پر ڪمبخت در کي الاجي ڇا ٿيو جو ڪڙو کلي ئي نه. انهيءَ مٿان ڪٽ ۾ مان ٻڌو ته گاڏي جو ڪنهن در کوليو ۽ بند ڪيو، مان سوچيو ته شايد ڪو نئون ساٿي چڙهيو آهي، آخر خدا جي مهربانيءَ سان در کليو ۽ مان ڌڻيءَ جو شڪر ادا ڪندو ٻاهر نڪتس. مون کي سخت عجب لڳو جڏهن مان گاڏي ۾ نئون ساٿي ته ٺهيو پر پراڻو ساٿي به نه ڏٺو. منهنجي دل ۾ خوف جو هلڪو جذبو جاڳيو. جلدي ڪنڌ کڻي اپر سيٽ تي مان پنهنجي بئگ تلاش ڪئي پر اتي به بئگ جي بدران عرفان جو ٿيلهو پيو هو. مان گهٻرائجي سڀني سيٽن جي هيٺان مٿان بئگ ڳولي مگر ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. خيال آيو ته شايد همسفر نشاني سمجهي کڻي ويو هجي پر هو ته ننڊ ۾ هو. مان ٿيلهو کوليو، ان ۾ هڪ پراڻو چمپل ڦاٽل قميص ۽ هڪ بوڇڻ پيو هو، منهنجي حالت بيان کان ٻاهر ٿي وئي. ڪمبخت ڪو ٺڳ هو. جنهن جو ڌنڌو اهو هو ته ظاهري هڪ شريف ماڻهو بڻجي چالاڪيءَ سان ڪم لاهيندو وتي. هاڻي ريل به پوري رفتار سان هلي رهي هئي. منهنجو مٿو ڦري ويو. پنهنجن خيالن ۾ ايتري قدر محو هوس جو ٽرين هلڻ شروع ڪيو ته پتو ئي نه پيو. خشڪ چپن تي زبان ڦيري مان مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيس، اٺيتاليهن روپين جا ڳاڙها ساوا نوٽ ڄڻ بئگ مان نڪري منهنجي اکين اڳيان نچڻ لڳا. مان بيدليءَ سان پنهنجا ميرا ڪپڙا ٿيلهي ۾ وڌا ۽ دل ئي دل ۾ عرفان صاحب جي ڪارنامي کي ساراهڻ لڳس. ڪراچي اسٽيشن اچي وئي. ٽرين تان لٿس ته گيٽ تي ٽڪيٽ ڏيکارڻ وقت مون خدا جا شڪرانا ادا ڪيا جو ٽڪيٽ احتياطاً مان پتلون جي کيسي ۾ وجهي ڇڏي هئي. اتان جند ڇڏائي مان ٻاهر آيس اهي پئسا ڪو نه هئا جو رڪشا ڪري سگهان. ان وقت ائين پيو محسوس ڪريان ته ڄڻ ته هر هڪ رڪشا جي گهنٽي مون تي ئي کلي رهي آهي.

    (ماهوار ”نئين زندگي“ تان ورتل)
    


    آءٌ اُهائي مارئي : - ثميره زرين

    ڇڄهريءَ مان ٽپ ٽپ برسات جو پاڻي ڳڙي رهيو هو. ڏياٽيءَ تي رکيل ڏيئي جي لاٽ هوا ۾ ڪنبي رهي هئي. هو پڇٽيءَ هيٺان پيل کٽ تي ليٽيو پيو هو. ڌيمي جوت سندس اکين کي ڏاڍو سيسائيندڙ پئي لڳي. سڄي ماحول ۾ برسات وڻندڙ خنڪي ڀري ڇڏي هئي ۽ ڏيئي جي ڌيميءَ جوت ۾، آڳنڌ جي مٽيءَ ۾ مليل پلال جا ڪک سون وانگر چمڪي رهيا هئا. آلي مٽيءَ مان وڻندڙ هڳاءُ پئي آيو.
    هن کان ٿورو پرتي ننڍي ورانڊي ۾ ٻن کٽن تي سندس ٻئي پٽ ليٽي پيا هئا. هن جي کٽ به وائکي هنڌ هئي. ڇڄهري هيٺان. ۽ مينهوڳيءَ جي ڀنل هوا سندس جون جولاءِ جي گرمي جهاڳيل بدن کي ٺار ڏئي رهي هئي. پر روشني اندر ڪوٺيءَ جي در وٽ وڃي ستي هئي. هن کيس چيو به ته ”اندر گرمي ۽ مڇر هوندءِ“ پر پوءِ چپ ٿي ويو. ٻئي ڪنهن هنڌ جاءِ به ته ڪانه هئي!
    هن کي پروڪي مينهوڳيءَ جي مند ياد آئي.
    تڏهن گرميءَ جي مند ۾ الله الله ڪري مسين پهريون وسڪارو پيو هو. پر مينهن اهڙي ته اوپلي وقت وٺو، جڏهن هو گهر ۾ هيکلو هو. ٻيو آڌيءَ جو وڳڙو پاڙي اوڙي جا ريڊيو ۽ ٽيليويزن هڪ ٻئي سان آواز ۾ ريس پڄائي مس بس ٿيا هئا. ۽ هن جي اڃا اک مس لڳي هئي ته اوچتو وڏ ڦڙو مينهن اچي پيو. ڪچيءَ ننڊ مان اٿي ٿڙندي ٿاپڙندي هن پنهنجو هنڌ ويڙهي پڇٽيءَ هيٺان ڪيو ۽ کٽ کنئي ۽ ٻه کٽون به هيون انهيءَ واڻئي جون، جنهن جي جاءِ هن الاٽ ڪرائي هئي. سچو ڪاٺ، اهڙو مضبوط جهڙو لوهه، جيڪي هو واڻيو هندوستان ويندي لاچار هتي ڇڏي ويو هو. جنهن جي چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي ڌيءَ رڳو انڪري پنجويهن سالن جي اچي ٿي هئي، جي هن وٽ ڏاج لاءِ پئسا ڪونه هئا.
    هن ڪياڙي کنهي سوچيو، ”نالو به چڱو هوندو هو ڇوريءَ جو! او- ايشان! سڄو نالو الائي ڇا هوس، پر سڀ ايشان سڏيندا هئس. پوءِ کٽ تي ويهي سهڪندي هن ٻنهي پٽن کي سؤکن گاريون ڏنيون. لوفر ڪنهن جاءِ جا! رلي پني الائي ڪهڙي مهل اچي گهر مرندا هئا. وڏو پٽس اليڪٽرڪ جو ڪم ڪندو هو. اول نمبر جو بڪواثي. ولر سنگتين سان ويٺي رات گذري وڃيس ته سمڪ نه پوندي هئس. باقي ننڍو ته خيرن سان ”ايڪ رانجهو لکان دي مٽ“ هو.
    شڪل صورت ۾ ٻئي پٽ پنهنجي ماءُ جهڙا سهڻا هئا ۽ افعالن ۾ ماءُ پيءُ ٻنهي جهڙا. جوڻس ۽ هن جا افعال هڪ جهڙا هئا. پر هڪ جهڙائيءَ جي هوندي به، يا هڪ جهڙائيءَ جي ڪري ئي هو هڪ ٻئي سان جالي نه سگهيا. البت ٻنهي جي عادتن جو ورثو ننڍي کڻي ڇڏيو هو.
    وڏي پٽس کي جڏهن اها خبر پئي هئي ته سندن ماءُ کين ۽ سندن پيءُ کي ڇڏي، پاڻ جهڙي سهڻي ۽ جانٺي جوان سان گڏ فرار ٿي وئي هئي. تڏهن کان هن جو زال ذات تان اعتبار کڄي ويو هو.
    هن جي پيءُ جو ٿر هڪ ڪري ماڻس کي ڳولهي لڌو ته هن وٽس اچڻ کان نابري واري. هن کيس اولاد جا واسطا ڏنا، سندس ڳري مهر لاءِ ٻاڏايو، جيڪو ادا ڪندي هو بنهه فقير ٿي وڃي ها. پر ماڻس مامتا ۽ عورت پڻي ٻنهي کي منڌيئڙو ڏئي واڪ ڏنو ته، ”نه مون کي تنهنجي ڪمائيءَ جي ڪوڏي کپي. نه وري هي تنهنجي خون جا پٽ. اهي توکي ئي نيبهه هجن.“
    هن ٽي شاديون ڪيون هيون. هن جي هڪ زال ويم ۾ ٻار سوڌو مري وئي هئي. ٻيءَ کي هن طلاق ڏني ۽ ٽين پاڻ کيس ڇڏي هلي وئي. باقي جن عورتن سان هو لهه وچڙ ۾ آيو، انهن جو تعداد ته شايد هو ڳڻڻ چاهي ها، ته به نه ڳڻي سگهي ها.
    هو وڏو تجربيڪار ماڻهو هو ۽ عورت جي معلومات جي هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلو پيڊيا. کيس خبر هئي ته ستن پردن ۾ لڪيل عورت، جيڪا ڏسڻ پسڻ ۾ ڪنوار ٻوٽيءَ مثل هوندي آهي اها ڪيترو نه جلد هارائي ويندي آهي، ۽ جيڪي ڏسڻ ۾ رٻڙ جي ڇيت هونديون آهن ۽ سندن هار سينگار به زبردست هوندي آهي، انهن لاءِ ٿوري گهڻي صبر ۽ محنت جي ضرورت ٿيندي آهي. پر هن عورت سندس سڄي علم ۽ تجربي تي پاڻي ڦيري کيس اڻ کٽ اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو.
    هوءَ جنهن سان گڏ فرار ٿي وئي هئي، اهو هن کي ايئن نظرن سان گهوري پستول تاڻي بيٺو هو، جهڙو اسپيني بل فائٽر هجي. هن وٽ نه پستول هو، نڪي کيس گولي هلائڻ ايندي هئي. پر جي اچيس به ها ته، هو ڪو هن کي ماري سگهي ها! هن جا هٿ پنهنجيءَ ڪليسا کي ڀلا ڪيئن ڊاهي سگهن ها! ۽ هوءَ ڏاڍي بي فڪريءَ سان ان جي ڀرسان ٻيٺي هن کي اتڙ جواب ڏئي رهي هئي.
    زال وٽان شڪست کائي هو واپس موٽيو ته هن جي من ۾ هاهاڪار متو پيو هو. ۽ پهريون دل جو دورو کيس تڏهن پيو.
    ڏينهن بعد جڏهن هن کٽ ڇڏي، ۽ جڏهن سندس دل ۽ ذهن ۾ متل وڳوڙ ماٺو ٿيو، تڏهن ڄاتو ته هن کي زال جي وڃڻ جو ۽ نه ئي اولاد جي رلي وڃڻ ڪري ڏک هيو، نه وري هن ڏک جو سبب ڪا غيرت هئي، پر هيءَ ته محبت هئي! اهائي زمانن کان وٺي اڄ تائين انڌي محبت.
    هن جي اڄ به اها شديد آرزو هئي ته رڳو هوءَ هڪوار واپس اچي، ته هوند هو ڪڏهن ڀلي ڀلائي به سندس انهيءَ شرمناڪ روش جو ذڪر نه ڪري. پر هو الائي ڪٿي هئي. ڪي چوندا هئا ته، انهيءَ بل فائيٽر جهڙي جوان سان ڪابل لڏي وئي هئي. هن جي پاڇي کان به پري. هن جي ملڪ کان ڏور ۽ سندس ذهن آڏو هر وقت هن جي تصوير پئي ڦرندي هئي. مسجد جي مينارن جهڙو قد، جهڙي مائيڪل اينجلو جي ٺاهيل وينس، سنگ مرمر جهڙو بدن ۽ وحشي هرڻ جهڙيون اکيون.
    ننڍو پٽس سوڌ ٻوڌ پنهنجيءَ ماءُ وانگر لڳندو هو. ۽ هن جي حصي ۾ روشنيءَ جهڙي لڇمي عورت آئي هئي. هن عورت ۾ ٻئي کي سک پهچائڻ جو ڇا ڏانءُ هيو! نڄاڻ هو ڪيئن هن جون ضرورتون ۽ سندن مسرتن جا اسباب ڄاڻي ويندي هئي.
    اڄ جي ئي ڳالهه هئي. هميشه وانگر برسات پوڻ شرط سڄي شهر جي بجلي بند ٿي وئي. گهگهه اونداهيءَ ۾ سواءِ ماچس جي وٽن ٻيو ڪجهه نه هيو. نه ڪا لالٽين، نه وري ڪا موم بتي. حقيقت ۾ هن جو گهر گهرئي نه هيو، پر ڄڻ جانورن جو واڙو. جتي رلي پني رات جا ٻه پهر هن جا پٽ گذاريندا هئا، ته سڄو ڏينهن ٻاهر هوٽلن تي هن هن سان يخي هڻي جڏهن هو ٿڪبو هو ته گهر اچي کٽ تي ڪرندو هو.گهر ۾ ڇا کپي، ان جي نه ته کيس خبر هئي، نه وري ڪا ضرورت.
    هينئر روشنيءَ جي اچڻ سان هيءُ ڀوتخانو آهستي آهستي انسانن جي رهڻ لائق ٿيندو پئي ويو، پر اويليءَ برسات لاءِ اڳواٽ روشنيءَ جو انتظام ڪري رکڻ پري جي ڳالهه هئي.
    هن کي ڏاڍي بک لڳي هئي ۽ روشنيءَ اڄ ٺاهي به هن جي شوق جي چيز هئي. تريل مڇي. جنهن جي خوشبوءَ هن جي اشتها وڌائي رهي هئي، اوندهه ۾ ٻيو ڪجهه کائي وڃجي ته وڃجي، پر مڇي ڪيئن!
    ”بابلا، اڄ مڇي کائڻ اسان جي نصيب ۾ ناهي. رکي ڇڏ ته، سڀاڻي کائينداسين.“
    ”متان ٿوري دير ۾ بجلي اچي وڃي.“
    ”نڪو، هاڻي ٿي اچي. سڀاڻي منجهند تائين پاور هائوس وارا جي راضي ٿيا ته به شڪر ڪجانءِ.“
    ”هتي هميشه ايئن ٿيندو آ بابا؟“
    ”ٻيو نه ته....“
    روشني ماٺ ٿي وئي. کن رکي، هوءَ سٽ ڏئي اٿي. دلي تان ڍڪڻي لاهي ان ۾ مٺو تيل وڌائين ۽ وهاڻي جا ٽانڪا اکيلي، ان مان ٿوري ڪپهه ڪڍي وٽ ٺاهي ڍڪڻيءَ ۾ وجهي تيلي ڏنائين. سوجهرو ڏسي هن چيو ”هيءُ ڏيئو ڪٿان؟“
    ڌيميءَ جوت ۾ روشنيءَ جو ننڍڙو مڌر ٽهڪ جلترنگ وانگر ڀاسڻ لڳو. ”ڏيئو ڪٿي آ بابا، هن ڍڪڻيءَ کي ڏيئو بڻايو اٿم. هاڻي ماني کڻي اچان؟“
    هن ننڍڙي ڇوڪريءَ جي حاضر دماغي تي هو حيران به ٿيو ته، خوش به. کيس ته هن جو ڄم به ياد هو.
    هوءَ هن جهان ۾ آڌيءَ ويلي پئي آئي ۽ ماءُ کي خوب ستايو هئائين. ڳالهه داين کان چڙهي وئي هئي. هو ”وڏي گهر“ مان ڏاڍيءَ موج مستيءَ مان موٽيو هو. گوهر جان جي ناچ هن جي به انگ انگ ۾ بجلي ڀري ڇڏي هئي. پر گهر اچي هو چڙي پيو. سڄو گهر ٿرٿلي ۾ هو. هن کي ڏسي ڀيڻس کي وڏو آٿت مليو. چيائينس ”ڀائو، سيگهه ڪري ڊاڪٽرياڻي ته وٺي اچ. مريم صبح کان وٺي سورن ۾ اڌ مئي ٿي وئي آ، پر ٻار اڃا نه پيدا ٿيو اٿس.“
    هو ڀڻ ڀڻ ڪندي نڪتو هو. ۽ رلي رلي مس هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ کي اچڻ تي راضي ڪري وٺي آيو.
    ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ هوءَ دنيا ۾ وارد ٿي ته ڀيڻس لٿل منهن سان اچي چيس ”ڌيءَ ڄائي اٿس.“ ۽ هن ورچجي چيو هو هن جي به ضرورت هئي! ڌيون ته گهر گهر رڍن ٻڪرين وانگر اڻ ميون پيون آهن.“
    روشني شڪل صورت ۾ پنهنجي ٻنهي وڏين ڀينرن کان گهٽ هئي. پر جيئن مندن ۾ مند بهار ٿيندي آ، تيئن عمر ۾ به هڪ دور اهڙو ٿيندو آهي، جو پساهن مان به ڪوري گهڙي جي خوشبوءِ ايندي آهي ۽ ماڻهو سهڻو نه هوندي به سونهن جي پرتوي ۾ لپيٽيل نظر ايندو آهي. روشنيءَ جي وهي به زندگي جي انهيءَ دور ۾ هئي، جڏهن هوءَ سڀني سان گڏ هاڪس بي تي وئي هئي. گلو به تن ڏينهن ۾ وٽن آيل هو. سمنڊ جي بيڪران ۽ بيقرار ڇولين جي پس منظر ۾ گلو جو وجود هن کي ٻيٽاري سمان نظر آيو، جتي هن جي روح جي وسندي هئي. ننڍڙي پرسڪون دنيا احساسات جي ڇتين ڇولين سان ڀرپور هڪ مضبوط ۽ ڀرپور پناهگاهه!
    هوءَ پولارن ۾ پيهي پنهنجي سپنن جو تاڃي پيٽو اڻي رهي هئي ته هڪ تکي لهر اچي، هن جا قدم اکوڙي کيس ذري گهٽ ڪيرائڻ تي هئي، تڏهن گلوءَ پنهنجي مضبوط هٿ سان کيس پاڻ ڏي ڇڪيندي چيو.
    ”اڙي روشني، سنڀال ته... متان وير نه کڻي وڃئي.“
    گلوءَ جي هٿ ۾ مضبوط پڪڙيل پنهنجي هٿ مٿان ٻيو هٿ رکي هن عجيب اعتماد مان چيو ”مون کي ڪابه وير جدا نٿي ڪري سگهي گلو.“ کن لاءِ گلو وائڙو ٿي ويو. ٻيءُ گهڙيءَ کلي ڏنائين.
    ڇوڪري پاڻ اظهار ڪري، اها ڳالهه ته بيشڪ عجيب هئي. پر ان کان وڌيڪ عجيب هي ته- گڏ رهندي ڪندي هن ڪڏهن به روشنيءَ لاءِ نه سوچيو هو. هن ته ڪڏهن کيس غور سان به نه ڏٺو هو ۽ هوءَ غور سان ڏسڻ لائق هئي به ته ڪونه. رواجي شڪل صورت، جهڙي هزارين ٻين ڇوڪرين جي هئي، جن کي ڪنڌ ڦيري ڏسڻ جي ضرورت نه محسوس ڪبي آهي. پر روشنيءَ وٽ فضل ربي ڏاڍو گهڻو هو. هن وٽ اڻ ڳڻيون ڊريسون هيون. روشني يا سندس ڀينرون جيڪڏهن فلم تي وينديون هيون ته ساهيڙين جو ٽولو وٺي، باڪس رزروڊ ڪرائي، پوءِ وينديون هيون. جڏهن ته هو سڀ کان سادي ٽڪيٽ ۾ فلم ڏسندو هو ۽ هن وٽ ڏيئي وٺي ٻه چڱيون ڪپڙن جو ڊريسون هيون. باقي گهر جي ڳالهه ته ڪرڻ کان آور هئي. روشنيءَ وٽ گهر ۾ سڀڪي هو، ۽ هن وٽ هن جي گهر ۾ سواءِ سندس ڀاءُ پيءُ ۽ پنهنجي وجود کان سواءِ ڪجهه به ڪونه هو.
    هن جي اندر ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي هن اتساهه مان روشنيءَ ڏانهن ڏٺو. هن جو سانورو رنگ سمنڊ جي نمڪين پاڻيءَ ۾ اڃا به وڌيڪ گهرو ٿي ويو هو. ڳلن وٽ خون جي حدت ائين لڳي رهي هئي، ڄڻ بٺيءَ ۾ گرم ٿيندڙ ڪاروڪٺ لوهه آهستي آهستي ڳاڙهاڻ مائل ٿي رهيو هجي. ايئن، ڄڻ سينس ڪيف ڪافيءَ جي گرم گرم پيالي، سگريءَ ۾ ڌڳندڙ ڪوئلا، Vat 69 جي ڪاري بوتل.
    گلوءَ کي حيرت هئي ته، هن کان اڄ تائين سندس اهو روپ ڪيئن نظر انداز ٿيو هو! ۽ روشني الادين جو چراغ به هئي. هن کي سودي ۾ ڪو نقصان نظر نه آيو. هاڪس بي تان واپس موٽي، هو روشنيءَ جي زندگيءَ جي ڪنارن تائين پهچڻ لاءِ اتاولو ٿي ويو. هو هڪ تي ٿي بيٺو ۽ پڻس سندس هڪ به نه ٻڌي.
    ”ميان، هوش جي دوا ڪر. تو وٽ رکيو ڇاهي. جنهن تي پڏي هي سڱ گهرڻ هليو آهين.“
    ”بابا، تون رڳو هنن کي چئه ته سهين. ڏسجانءِ، هو ڪنڌ نه ڪڍائي سگهندا.“
    ”ها، آهين به ڪو نواب نه. جو سمجهي ڌيءَ کڻي هٿ ۾ ڏيندءِ.“
    گلو چڙي پيو. ”گهڙي گهڙي مونکي منهنجي غريبي ڇو ٿو ياد ڏيارين بابا. مان چوان ٿو ڇا ته مان وڏو ماڻهو آهيان. مون کي نه ڏيندا، پر ڌيءَ اڳيان ته لاچار ٿيندا.“
    ”اڙي....... تڏهن تو هتي به ناٽڪ شروع ڪيو!“ هن کي ننهن چوٽيءَ تائين باهه وٺي وئي.
    ”بس، ناٽڪ پاڻهي ٺهي ويو. مون نه ڪيو بابا.“ هو چپن ۾ مرڪيو. ۽ روشنيءَ جي پاڻ اظهار ڪرڻ واري ڳالهه لنوائي ويو.
    هوڏانهن روشنيءَ روئي روئي جرٿر هڪ ڪري ڏنو، تڏهن سندس ماءُ هن کي ڏوراپو ڏيڻ آئي. ”ماما، هي پنهنجي پٽ جا حال ڏٺئه! هيئن منهنجيءَ ڇوريءَ کي انڌ جي گهوڙي تي چاڙهيو اٿس.“
    هن اکيون جهڪائي ٻيڙيءَ مان وڏو سوٽو هنيو.
    ”تون ئي چئه مان هن کي ڌيءَ ڪيئن ڏيان، جيڪو پاڻ کي ئي پورو نٿو پالي سگهي.“
    ”نه نه! ائين ڪڏهن نه ڪجانءِ. منهنجو مطلب آ، مان توکي ڪڏهن به نه چوندس ته هن کي ڌيءَ ڏي. باقي“
    ”تو پوءِ ٺيڪ آ. تنهنجو به هٿ ناهي ني؟ پاڻهي ڇوريءَ کي پڻس سڌو ڪندس.“
    هن کي ٿورو جهٻو اچي ويو- ڏک مان چيائين ”بابلا، جي کٽيندڙ ڪمائيندڙ هجي ها ته مان پاڻ توڏي اچي سڱ جي ڳالهه نه ڪيان ها...! بس، ڇوري جي متِ کسي آهي، جو ڦاهي ۾ هٿ وڌو اٿس“. چوندي چوندي هنجي آواز ۾ ڏک ۽ ڏوراپو ڀرجي آيو.
    مامي جي ڳالهه ٻڌي هن کي شرم اچي ويو. نرميءَ سان چيائين ”ماما، ائين گلو منهنجو پنهنجو نور ديد آهي. کيس ڏيندي ته منهنجون ٻئي اکيون ٿڌيون ٿين ها. پر ٻڌاءِ، جيڪو پاڻ تائين پورو، تنهن کي ڌيءَ ڏئي بار لاهڻ ته نه ٿيندو؟ هٿئون بار چاڙهڻ ٿيندو. سڀان پرهينءَ ٻچا به پالڻا پون!“
    هن ڪوبه جواب نه ڏنو. ۽ ماڻس وڏو سک جو ساهه کڻي موٽي وئي، پاڻ پنهنجين ٻن زالن کي طرح طرح جا ڏک ڏيڻ جي باوجود هن پٽ کي هٿ نه ڏنو. هن کي ان کان روڪڻ لاءِ ٻه سبب هئا، هڪ ته ڇوري هئي پنهنجي، ٻي هئي وڏو ماڻهو. پر جي هجي ها ڪا ايري غيري، ته پٽس نڪاح ته ڇا، کيس ڀڄائي ها ته به خراب نه لڳيس ها. نيٺ به ته ماءُ جو مٽ هيو.
    هن کي پنهنجا پٽ ڪڏهن نه وڻيا. نه وڻڻ جهڙيون ڳالهيون ڪندي به هنن لاءِ ڪڏهن سندس خون نه ٽهڪيو. هُو ته کين پنهنجو سمجهندو ئي ڪونه هو. مرن جيئن، وڃي کڏ ۾ پون.
    ٿورو ئي قد ڪڍيو هيائون ته هن کين خرچ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو. پوءِ جيئڻ ڪارڻ ٻنهي ڀائرن طرح طرح جا وس ڪيا، پر غريبيءَ جي ڀوت هنن جو پلئه نه ڇڏيو. بس ڪنڊيڪٽر ۽ سئنيما جي ٽڪيٽ چيڪر ٿيڻ کان وڌ هنن جي ڀاڳ ۾ ڪونه هو.
    وڏي پٽس جو ماءُ جهڙو تجلا ڏيندڙ، ڪُندن جهڙو رنگ گهڻيءَ چانهن ۽ ٻيڙيءَ اجهائي ڇڏيو هو. البته ننڍي جي جوت اڃا جهڪي نه ٿي هئي.
    زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن جو خون ٽهڪيو، جو گلوءَ روشنيءَ جي چونڊ ڪري هن کي مائٽن ۾ شرمسار ڪري ڇڏيو.
    گلوءَ جا پرڪار ايئن ته نس پس هن جهڙا هئا، پر هڪ ڳالهه ۾ گلو هن کان بيوقوف ثابت ٿيو هو، هن پنهنجي مائٽيءَ جي دائري جون ڇوڪريون ته ڇڏيون هيون، پر پاڙي اوڙي جي ڇوڪرين کي به بخشي ڇڏيو هئائين. آخر لچائي ۽ بدمعاشي ۾ به ڪي اصول ته رکبا آهن. تنهن ڪري هو ڪهڙو به خوفناڪ هيو، ڪوبه کائنس ڪؤ ڪونه کائيندو هو. هو سڄي پاڙي جو بابا علي هو. پر گلوءَ ۾ اها ساڃهه نه هئي. هن ته اوڙي پاڙي ۾ رڻ تپائي ڏنو هو. ڇوڪرين جا ولر اسڪول ويندا، ۽ گلوءَ جي مهر ڀري نگاهه هر ڪنهن تي هڪي تڪي هئي. هو ڏاڍو ڊڄندو هو ته ڪٿي هو ڪن چڱن ماڻهن جي عزت لاءِ خطرو نه بڻجي پوي. انجو وڏو سبب هنجي پنهنجي ماءُ جهڙي ظالم سونهن هئي. سندس قد و قامت ۽ روِش ماءُ جهڙا هئا. هو يوناني ديو مالا جي ڏند ڪٿائن جو اپالو لڳندو هو.
    ۽ هينئر انهيءَ اپالو ديوتا جي ڏور ۾ سامونڊي سرمائي روشني پڪڙجي پئي هئي. وهه جو ڍڪ ڀري روشنيءَ جي مائٽن سندس نڪاح گلوءَ سان وجهايو. موڪلائڻ مهل ماڻس سندس هٿ پري ڪندي ڏوس مان چيو ”نيٺ تو پنهنجي هلائي! بس اڄ کانپوءِ مونلاءِ مري وئينءَ. هيڏي وري نه اچجانءِ. نه اسان تنهنجا، نه تون اسانجي.“
    روشني کن لاءِ وسامجي وئي.
    هوءَ ڀينرن جهڙي سياڻي نه نڪتي هئي، جيڪي ايڏائي افيئر لڙائينديون هيون، جيڏيون وٽن ڊريسون هيون، پر جڏهن سندن شادين جو معاملو آيو ته ماءُ پيءُ جتي کين پرڻايو اتي ماٺ ميٺ ۾ پرڻجي ويون. ۽ شاديءَ کانپوءِ به نواڻ جو شوق برقرار رکنديون پئي آيون.
    گلوءَ کي پنهنجو ڪري هوءَ مائٽن لاءِ مئي وئي ٿي وئي. ۽ گلوءَ جي خالي گهر ۾ هي هن جو ”پُنرجنم“ هيو.
    ماڻس پڻس جي خيال موجب هيءَ هن جي هوڙهائي هئي. ۽ گلوءَ جو به ذري گهٽ ساڳيو خيال هو.
    گلوءَ کي عورتون ايئن ته ڏاڍيون وڻنديون هيون. شڪل، مزاج هر ڳالهه ۾ مختلف هوندي به هر هڪ ڳالهه ۾ هڪ جهڙيون هيون ۽ اها ڳالهه هن کي ڪڏهن نه آئڙي. هنن جي اندر جي گهريتڙي عورت ڪڏهن به نه مرندي هئي. هو ته پيار پائي ئي نهال ٿي ويندو هو، پر زال کي پناهه گاهون به کپن. ۽ ڇا، ڇا نه کپي!...
    کيس لڳندو هو، ڌرتيءَ وانگر عورت جو زندگيءَ سان رشتو پاتال ۾ کتل هو ۽ هو آسمان ۾ گهلندڙ دلفريب هوائن ونگر هئا. ڪڏهن هتي ته ڪڏهن هتي. پر روشنيءَ جي قربت جو نشو موکيءَ جي مڌ جهڙو هيو، جنهن جي تؤنس سال گذري وڃڻ کانپوءِ به نه وساري سگهبي هئي. انهيءَ نشي ئي هن کي سندس باندي بڻجڻ لاءِ مڃائي ورتو هو.
    ***
    هوءَ جڏهن ننهن بڻجي سندس گهر پئي آئي ته هو شڪي شڪي پئي ٿيو. پٽس سان اک ملائي نه پئي سگهيو. ڄڻ ته سندس مال ڦريو هجائين.
    پوءِ روشنيءَ جو وجود آهستي آهستي سڄي گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ تي ڇانئجي ويو. هوءَ آئي ته گلو ڪارڻ هئي، خدمت هن جي ۽ ولوءَ جي به ڪندي هئي. هن جي آئي کانپوءِ هو هوٽلن تي ماني کائڻ ۾ يا گهر ۾ خود رڌڻ جي رولڙي کان چٽي پيو. هن جو هر ڪم هاڻي روشني ڪندي هئي. صبح ٿيندو هو ته هيڏانهن هوڏانهن هن کي سڏ پيو پوندو هو.
    ”امان روشن، منهنجون ٻيڙيون ڪٿي؟“
    هو تئي تي ماني اٿلائي وڃي جهٽ ٻيڙيون لهي ايندي. ”بابا توهان جي سيرانديءَ کان ئي ته رکيون هيم.“
    ”ڀاڄائي، منهنجيءَ قميص کي بٽڻ ٽاڪيو اٿئي يا...“ روشني مرڪي ڏيندي. ”نه، ڀائڙي جو ايترو ڪم به نه ڪيو اٿم. رات ئي ٽاڪي ڇڏيم!“
    هنن سڏن ۾ گلوءَ جا سڏ سڀ کان وڌ هوندا هئا ۽ هر سڏ تي هن جو روح لبيڪ چوندو هو. جيستائين هو ڪم تي وڃي، تيستائين ڪيڏي ته کيس پريڊ ڪرائيندو هو! ۽ روشنيءَ کي کن لاءِ به اهو ياد نه ايندو هيو ته پيڪي گهر هوءَ هن مهل ستي پئي هوندي هئي. ۽ هن سڄي گهر جو بار ته ڇا، پر ڪڏهن هڪ وقت به اڪيلي سر ماني نه ٺاهي هئي.
    هن جي کاڌي تي جيڪي خرچ هوٽل تي ايندو هو. ان کان به ڏهه پندرنهن رپيه گهٽ هن مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي روشنيءَ جي تريءَ تي رکيا ۽ ڏاڍيءَ رکائيءَ مان چيائين ”مان هنن پيسن مان سڄو مهينو هوٽل تي چانهن ماني کائيندو آهيان. جي تون انهن پيسن مان مون کي گهر جو ٺهيو ٽڪر کارائين ته تنهنجي خوشي، نه ته مان مڙيوئي هوٽلن جي کاڌي جو هريل آهيان. مون لاءِ ڪو خاص فرق نه پوندو.“ هن جي چوڻ ۾ جيڏي بي پرواهي هئي، روشنيءَ جي جواب ۾ اوڏي ئي نوڙت ۽ خلوص.
    ”توهان کان پيسا وٺڻ ڪي سونهن ٿا! بابا، تنهنجو ته ايئن ئي اسان تي حق آهي. مان ته جيڪر هنن مان ٽڪو به توهانجي مانيءَ لاءِ نه کڻان، پر...“ هوءَ چوندي هٽڪجي وئي. هن پاٻوهه سان سندس مٿي تي هٿ رکي چيو، ”ها، هن رئيس توکي ڏنو ڇا هوندو! رکي ڇڏ بابلا. باقي جي ائين سڱ سڃاڻندينءَ ته شل سدا سکي هوندينءَ. تو چيو، مون لاءِ اهوئي لک آ. باقي هي لوفر ته مونکي ٽڪو ڏئي به نه پڇندا آهن.“
    روشنيءَ جي لفظن هنکي پنهنجي حيثيت ياد ڏياري ڇڏي ته هو هڪ پيرسن رٽائرڊ پيءُ آهي، هن گهر جو وڏو، جنهن کي ننڍن وٽان عزت ملڻ کپي. اگرچه هن پاڻ سندن ضرورت وقت کين ڏئي نه پڇيو هو.
    هو اڃا نوڪري ڪندو هيو ۽ گلوءَ جن اسڪول پڙهندا هئا ته هڪ دفعي سندن ماءُ جي ياد جڏهن نرتڪيءَ جي ڇم ڇم ۾ به هن کان نه وسري سگهي ته ان جي احتجاج ۾ جيڪا ڪاوڙ هن جي دل ۾ پيدا ٿي، اها هن سڄي پنهنجن پٽن مٿان هاري ڇڏي. ڀيڻ کي چيائين ”هنن کي چئو ته پنهنجي ڪميڻيءَ ماءُ ڏي وڃن يا کڏ ۾ ٻڏن. باقي مان هاڻي کين ڪوڏي به نه ڏيندو سان. نانگڻ جا ٻچا پالي ڪيان وڏا ته جيڪي مونکي پيريءَ ۾ ڏنگين! نه، مون کان اهو نه پڄندو.“
    ڀيڻس بي وس ٿي ڏسندي رهيس.
    ”ڀائو، هي ته تنهنجي پيڙهه آهن- پنهنجا ٻچا. هنن کانسواءِ تون ڪيئن گرهه ڀڃي سگهندين؟“
    ”ايئن ڀڃندس جيئن حرامزادي ماءُ ٿي ڀڃي. بس، مونکي وڌيڪ نه چئو، نه ته خون ڪري ڇڏيندومانِِ.“
    ۽ پوءِ هو اسڪول ڇڏي، نوڪرين کي لڳا. گهر ۾ ٿوري گهڻي همدردي ۽ پنهنجائپ، جي ڪنهن مان ملي ته اها رنڙ پڦيءَ مان، جنهن کي اولاد ڪونه هو. جنهن جو مڙس مري ويو هو ۽ دل ڀاڱا ٿيل نه هئي، تنهن هنن کي ماءُ بڻجي پاليو، سڄي ساري سالم محبت ڏئي.
    پينشن ملڻ کان پوءِ هن کي گريجوٽي ملي ته هن سڄي رقم بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. هر مهيني پينشن ۽ انهيءَ رقم جي وياج مان هن جو پنهنجو گذر ٿي ويندو هو.
    سڄي ڏينهن رات ۾ هن جو پٽن سان ڪو خيرڪي واسطو پوندو هو. وڌ ۾ وڌ جيڪڏهن هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ٿيندو هين ته به گاريون هي ڏيندو هو ته ڇتا جواب هو به ڏيندا هئس. سندس بيوهه ڀيڻ جي مئي کان پوءِ هينئر ٽيئي الڳ الڳ پنهنجي روءِ سوءِ هوٽلن تي کائيندا هئا- نه هڪ ٻئي جي ٽن ۾ نه تيرهن ۾.
    هينئر هنن ڪڻو ڪڻو ٿي ويل ڀاتين کي روشنيءَ هڪ ئي مرڪز تي آندو ۽ هڪ چلهه تي ٺهيل ڪنيءَ مان کارائڻ لڳي. هي سڀ هنن لاءِ نئون به هو ته بيحد وڻندڙ به.
    زمانا گذريا، جڏهن گلوءَ جي ماءُ جي هوندي هو سڀ گڏجي کائيندا هئا.
    روشني سڄو ڏينهن ڪم ۾ ڳهندي هئي ۽ شام جو گلوءَ جي اچڻ مهل وهنجي سهنجي اڇي اجري ٿي ويهندي هئي. گلو گهر ايندو هو ته روشنيءَ جو سڄو وجود خوشيءَ جي لهرن ۾ لپيٽجي ويندو هو. هن جون اکيون، هن جي مرڪ سڀ بي پناهه مسرتن جي ساک ڏيندا هئا ۽ هو سوچيندو هو ته جيڪر روشني گلوءَ کي ايڏو گهڻو پيار نه ڪري ته چڱو. شادي ڪيائينس ته ٺهيو، ان ۾ ڪو حرج نه هو، پر پيار ته جيءَ جو زيان ٿيندو آهي.
    هن ٽي شاديون ڪيون هيون ۽ اڻ ڳڻيا نينهن رچايا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ئي وقت هن کي ٻه ٽي محبوبائون هونديون هيون، جن سان هو ڏاڍيءَ فراخدليءَ سان نباهي ويندو هو. هو پنهنجي دنيا جو حاتم طائي هو. پارٽ ٽائيم محبتون به نباهيندو ايندو هو ته پرمننٽ به. ۽ ڪنهن به نينهن هن کي پيڙ نه ڏني هئي. سڀ وندر واٽون هيون. پر جڏهن هن جي دل ۾ گلوءَ جي ماءُ لاءِ پيار پيدا ٿيو، تڏهن کيس ڪل پئي ته تانگهي ۾ ته ڪجهه به نه هو. نه ان جي سکن ۾ ساءُ هو، نه ڏکن ۾ ڏنجهه. پر اونهي ۾ اسرار به هئا ته اڻ کٽ عذاب به.
    هو جڏهن روشنيءَ کي گهر جي ڪم ڪار ۾ مشغول ۽ خوش مگن ڏسندو هو ته هن کان ٿڌو ساهه ڀرجي ويندو هو. گلوءَ جي ماءُ به جي هن وانگر سيبتي هجي ها ته...!! کيس گلوءَ جي ڀاڳ تي ريس اچي ويندي هئي.
    روشنيءَ جي اچڻ کان پوءِ ڄڻ هن جي زخمن جا کرنڊ لهي ويا ۽ انهن مان ٽپ ٽپ ڪري جيئرو جاڳندو خون پئي وهيو. الا، ڪيڏا زمانا گذري ويا، هي سور اڃا نٿا وسرن! هي ڦٽ اڃا به اهڙو ئي تازو آ. هي درد ايئن جاودان هيو ڄڻ آبحيات چکيو هجائين! هن جي ذهن جي پردن تي هينئر سموري گذريل زندگيءَ جا واقعات گڏ سڏ ٿيندا رهيا.
    هن جي اها زال، جنهن کي هن طلاق ڏني هئي. اها سيلونتي وفادار عورت هئي. هوءَ سندس گهر ڏاڍو سٺي طرح سنڀاليندي هئي، پر ڪڏهن به سندس جمالياتي حس کي تسڪين نه ڏنائين. پگهر ۾ شم ڪپڙن سان جڏهن هوءَ هن اڳيان ماني رکندي هئي ته هن جو کاڌي تان ارواح کڄي ويندو هو. هن جي سادگي سندس عياشيءَ سان ساٿ نه ڏئي سگهندي هئي. ششدر ٿي هن کيس طلاق ڏئي ڇڏي. ۽ گلوءَ جي ماءُ هن کان به ٻه رتيون اڳتي هئي. هن جو جسم هر وقت خوشبوءِ جي ورکا ڪندو هو، ۽ هن ڪڏهن به کيس وقت سر ماني نه ڏني. گهر جي حالت تي پليٽ فارم جو گمان ٿيندو هو، جتي هر وقت، هر هنڌ بي ترتيب سامان ٽڙيو پکڙيو پيو هجي. پر هو بيحد خوش هوندو هو ۽ گلوءَ جي ماءُ کي خوش رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو. ۽ هوءَ... هوءَ پوءِ به هلي وئي، هڪ پاڻ جهڙي ئي سهڻي ۽ جانٺي جوان سان.
    ***
    ڏينهن کان هوءَ بدليل بدليل لڳندي هئي- ايئن ننڊاکڙي ڄڻ سندس وجود ڪوهيڙي جي ڌنڌ ۾ ويڙهجي ويو هجي. سڄي دنيا کيس خوابن جهڙي خوبصورت ۽ اڻ لکي ڀاسندي هئي. هن کي عجيب طرح جي خوشيءَ جو احساس ٿيندو هو. ايئن جيئن ڪنهن پيرسن ڪڙميءَ کي پنهنجي پوکيل ڪنهن وڻ جي دامن مان سلو ڦٽندو نظر اچي ويو هجي. هوءَ آهستي آهستي ڪنهن ميويدار وڻ وانگر ڳوري ٿي رهي هئي، جنهن جون شاخون ڦل جي بار کان جهڪنديون وينديون هجن.
    هن جون اکيون ڏيئي وانگر تجلا ڏيڻ لڳيون.
    هيءُ هن جو ٽيون روپ هو. هن جي دوشيزگيءَ جو روپ ظاهري حسن نه هئڻ جي باوجود ڪشش ۾ ايڏو قاتل هو، جنهن جي گرفت ۾ گلوءَ جهڙو ٽاري ٽاري لات لنوندڙ پکيئڙو اچي ويو هو.
    دوشيزگيءَ جو ڏاڪو ٽپي جڏهن هوءَ گلوءَ جي زال بڻي، ته هن جو ڪنڌ سومان وچان بلند ٿي ويو. ائين، ڄڻ هن ڪنهن جبل جي چوٽيءَ کي ڇهي ورتو هجي.
    ۽ هن ٽئين روپ ۾، هن جو جسم بي ڊول بڻجي ويو هو، پر هن جي چهري تي تخليق جي فخر ۽ تڪميل جي احساس نرالي سونهن ڀري ڇڏي هئي.
    گلو خفي خفي نظر اچڻ لڳو. ”هيڏي دنيا ڀري پئي آ، هن جي اچڻ جو به ضرور هو!“ هو روشنيءَ جي وڌندڙ پيٽ ڏانهن ڏسي سوچيندو هو.
    هن حال ۾ هن کي ڪم ۾ هڄندو ڏسي کيس جهٻو اچي ويندو هو. هڪ ڏينهن هوءَ ڪم ڪار لاهي نستي ٿي اچي کٽ تي ليٽي، هو دل جهلي نه سگهيو. چيائين ”امان روشن، ٻڌين ٿي بابلا.“
    ”جي بابا، ڇا کپيو؟“ هوءَ اٿي ويٺي.
    ”اڙي، مون کي نه، پر توکي کپي. سو ڳالهه پئي ڪيم کير چُڪو نه پئين جيڪر. ڪڏهن ڪو مالٽو ۽ صوف به.... رنگ ئي هيڊ ٿي ويو اٿئي.“
    ”بابا، سڀڪي ته کاوان ٿي، مڙيو ئي ٺيڪ ٿي ويندس.“ هوءَ مرڪي لنوائي وئي.
    هن ڄاتو ٿي ته وٽن ڪهڙي کير جي ندي پئي وهي. هو ته حيران هوندو هو ته هوءَ ايترن ٿورن پيسن مان کين ٽئي وقت ماني ۽ اڇو لٽو ڪيئن پهچائيندي هئي!
    ***
    سرڪاري اسپتال ۾ بنا توجهه جي جڏهن هوءَ عذاب جون گهڙيون جهاڳي موٽي ته هن جيءَ گود ۾ نس پس گلوءَ جهڙو پٽ هو. ساڳيو، جهڙو اپالو ديوتا. روشنيءَ جي ماءُ پتڪڙن ڪپڙن جو ڍڳ کڻي وٽس آئي.
    ”ها امان، تو کٽيو مون هارايو. منهنجي دل هاڻي رهي نه سگهي.“ هن رئي جي پلئه سان ڳوڙها اگهندي چيو.
    روشنيءَ جهڪي ماءُ جي پيرن تي هٿ رکيا ۽ سندس هٿ چمي کڻي اکين تي رکيائين. ماڻس ڇڪي ڀاڪر وڌس. پوءِ ايتري وقت کان روڪيل اهي ڳوڙها، جيڪي پيڪو گهر ڇڏيندي هر ڪنوار ڳاڙيندي آهي، روشنيءَ جي اکين ۾ اچي ويا. ”مبارڪون هجئي امان. هينئر ڪل پوندءِ ته مامتا ڇا ٿيندي آهي.“ ”روشني اٿاهه پيار مان ننڍڙي اپالوءَ کي ڏٺو. سچ پچ هاڻي ئي هن ڄاتو هو ته مامتا ڇا ٿيندي آهي.“ هڪ اڻ کٽ سمنڊ....
    ننڍڙو اپالو سڀ کي پيارو هو. جي ڪنهن کي گهٽ هيو ته اهو هيو گلو. ٻئي جي شاغلي سهڻي ٻار کي پيار ڪرڻ ته بهار جيءَ هير جهڙي ڳالهه هئي، جنهن لاءِ نه هڏ ڪرڪي نه ڪنهن فرض جو بوجهه محسوس ٿئي. پر پنهنجي ٻار لاءِ پيار جي ڦٽندو ته دل جي گهرائين کي چيري. ۽ ان ۾ جيتري اونهائي هوندي ته اوتروئي وري عذاب به.
    گلو محبت جي ان مقام تي ڪڏهن به وڃڻ نه چاهيندو هو، جتي پيار پيڙا جو ثمر بڻجي.
    پهريون ته پٽ جو اچڻ کيس نه آئڙو. پر روشني جڏهن نئين مهمان لاءِ هن تي ذرو به پيسي جو بار نه وڌو ته سوچيائين، ”ٺهيو جي ڄائو آ ته پاڻهي ٽلڪي ٽلڪي وڏو ٿيندو.“
    ڏاڏو، چاچو ۽ ماڻس ته مٿائنس اول گهول پيا ٿيندا هيا، ۽ وڏي ڳالهه ته وڏا ماڻهو ناناڻا به مٿس راضي هئا. مهيني ٻئي روشنيءَ جي ماءُ اچي هن کي ڏسي ويندي هئي ۽ هن لاءِ ڍڳ جيترا رانديڪا ۽ ڪپڙا آڻيندي هئي، تنهن ڪري هو سندس خرچ کان به ڇٽو پيو هو. ۽ ننڍڙي اپالوءَ جو وجود برداشت ڪري ويو. پر هن جڏهن سندس سانوري سرمائي ڪامڌينو جو توجهه پاڻ ڏي ڇڪي ورتو، ته هو ورچجي پيو.
    هو پهريون گهر ايندو هو ته گهريءَ شام جهڙي سانوري روشني، جنهن جي پساهن مان موکيءَ جي مڌ جهڙي تيز خوشبوءِ هوندي هئي، اها هنجي واٽ جهليو بيٺي هوندي هئي. پر هينئر هو آڳنڌ لتاڙي ڪمري ۾ اچي پهچندو، تڏهن هوءَ آتاري اپالوءَ کان ٿڃ ڇڏائي مرڪي هن اڳيان اچي بيهندي.
    اچي وئين گلو! ڪپڙا مٽائي اچ ته ماني کڻي اچان.“
    ايئن ننڍڙو اپالو گهڙي گهڙي هن جي آڏو ايندو رهيو.
    ”رڙيون ته نه ڪر اچان ٿي، رڳو هيءُ ننڊڙي ڪري وٺي“ هوءَ اٿاهه پيار مان جهڪي هن جي نرم ڳلن تي مٺيون ڏيندي هئي.
    ايئن اڪثر هن کي ڪم ۾ رڌل ڏسي، هڪ ڏينهن هو ٻاهر دوستن سان وڃي ويٺو. دينو رڙهي وٽس آيو: ”گلو، اڄ کيسو گرم آ. اچ ته ٻه ٽي داءُ ٿي وڃن.“
    ”نه يار، مون وٽ ايترا پيسا ڪونهن.“
    ”تون ويهه ته...“
    هو ويهي رهيو. پهرين کٽيائين. پوءِ هارائي اٿيو ته رات جا ٻه ٿي رهيا هئا. هن در کڙڪائڻ لاءِ هٿ کنيو ته در هڪدم کلي پيو ۽ ڀر واريءَ کٽ تي آڏي ليٽيل روشني اٿي ويٺي.
    هن کي پروڻ پئجي ويا ته هزارين دفعا دهرايل پراڻيءَ ڪهاڻيءَ وانگر روشني به هر عورت وانگر شڪايت جا دفتر کولي ويهندي ۽ هو پنهنجي غلطيءَ کي محسوس ڪرڻ ڪري ئي ان کي لڪائڻ خاطر وٺي رڙيون واڪا ڪندو. پر روشنيءَ اڳيان وڌي چيو. ”گلو، اچ ته ماني کائون. ايڏي دير بک ۾ ٻاهر ڪيئن رهي سگهين؟“
    ٻڌي هو شڪي ٿي ويو. هن ته هوٽل تي ماني به کاڌي هئي ۽ چانهن پان به. پر روشنيءَ جي فراخدلي ڏسي هن بنا پڇڻ جي اعتراف ڪيو ته، ”دينو ٻه ڏوڪڙ ڪمائي آيو هو ته ڪڏ کنيس ته کيڏون. مون به کڻي ٻه داءَ لڳايا. پهريون ته جهول ڀري اٿيم ته زور ڪري ويهاريائين. سڀ هارائي اهڙي جو اهڙو موٽي آيو آهيان.“
    روشني مرڪي بورچيخاني ۾ هلي وئي. ڄڻ چوندي هجيس، ”هيئن صفائي پيش ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آ. گلو، تون جيڪي به ڪندين، توکي شايد سڀ ڪي مباح هوندو. ڀلا تون منهنجو پرين جو آن.“
    ٻيءَ رات هن کي ويچار آيو ته دينوءَ سان پلئه ڪري اچان. هو اڃان ٻڏتر ۾ هيو ته روشنيءَ چيس. ”گلو اڄ رات دير سان ايندين ني؟ ايڏي دير ته هينئر مونکي بکيو نه رک. ننڍڙو ٿڃ تي آ. جنهن کي ڪا تڪليف نه ٿي پئي.“
    ته هن کلي چيو ”چري، مان ڄڻ روز جوا کيڏندس! آهيان به ڪو نواب نه؟“
    هيئن چوڻ سان روشنيءَ جو مطلب ڇا هيو، سو ته هو ڄاڻي نه سگهيو پر پنهنجيءَ غلطيءَ جو احساس ضرور ٿيس.
    ***
    هن دفعي روشنيءَ جي ماءُ آئي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ کيس پاڻ سان وٺي وئي. گلوءَ کي چيائين ”جڏهن تنهنجي دل گهري، تڏهن اچي وٺي وڃجانس.“ پهريون ته هن جي وئي کانپوءِ ٻسو گهر لمحي لمحي کيس سندس ياد ڏياريندو رهيو. گهر جي ويرانيءَ کان خفي ٿي هو ٻاهر هوٽل تي وڃي ويٺو ته دينوءَ کي ڏسي جوئا جو پلئه ياد اچي ويس.
    ۽ پوءِ الائي ڪيئن آهستي آهستي هن جا زنجير کلي پيا. کيس سمڪ به نه پئي ۽ هو پنهنجي اڳئين پيچري تي اچي پهتو. هڪ واٽ جوئا ڏانهن... هڪ واٽ گتي ڏانهن.... سئنيما جا آخري شو... ڇوڪرين جي ڪڍ وٺڻ... انيڪ رستا، انيڪ واٽون.... ۽ هر واٽ وندر جي واٽ. مهينو لنگهي ويو، پر گلوءَ جي دل نه گهريو، تڏهن روشني پاڻ هلي آئي. گلوءَ سان ڪهڙا ليکا چوکا! هو ڪو رڳو هن جو مڙس ته نه هيو. هو ته اول آخر هن جو پرين هيو.
    پر گهر اچي هن پنهنجي پرينءَ کي ڏٺو ته وسي ٿي وئي.
    ڇا هيءَ اهائي مضبوط پناهه گاهه هئي، جنهن کي سمنڊ ڪناري ڏسي هن کي هڪ ٻيٽاريءَ جو تصور آيو هو. هي اهو هيو، جنهن ڪاڻ هن پنهنجا مٺا مارو ڇڏيا هئا؟ هيءُ شخص ڪيڏو نه اوپرو پئي لڳو! ٻئي ڪناري جو رهواسي، جنهن جي دل جي ايوانن ۾ هن جو نانءُ جو پڙاڏو به نه هيو. هينئر هو آڌيءَ رات جو مسافر هيو، جنهن جي پساهن مان سستي شراب جي بوءِ ايندي هئي. جنهن کي کيسي ۾ هن لاءِ ڪوڏي به نه هئي.
    هن جي جيءَ ۾ اٿل پٿل مچي وئي.
    مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي هن کيس ڪجهه نه ڏنو ۽ روشنيءَ کيس ڪجهه نه چيو، پر نيٺ ڪيستائين! چئن پنجن مهينن کانپوءِ هن کي چوڻو ئي پيو ”گلو، ڇا مان تنهنجي نه آهيان.“
    ”ها، پر مان...“ چوندي چوندي هو رڪجي ويو- ڄڻ چوندو هجي ”تون ڀلي منهنجي هج، پر مان تنهنجو نه آهيان.“
    ”پوءِ منهنجي سار ڇو نٿو لهين؟ مون کي پالين ڇو نٿو؟“
    سگريٽ جو وڏو ڪش ڀري هن چيو، ”ٿورو قرض آ. اهو لاهيان ته پوءِ.... باقي مان وڏو ماڻهو ته هوس ئي ڪونه. تو پاڻ ئي ته....“
    ”ها، هن پاڻ ئي ته...!“ اهو ڏوهه، اها ڪوتاهي هن جي پنهنجي ئي ته هئي. اها ڄڻ هن کي هڪ گار هئي. هن جي خلوص تي طنز! مرد جي پاڻ ڪنهن کي چاهي ته چاهيندي به هو فخر جوڳو آ. پر جي کيس ڪوئي چاهي ته اڃا به وڌيڪ فخر جوڳو. پر جي عورت ڪنهن کي چاهي ته به گردن زنيءَ لائق، جي ڪوئي هن کي چاهي، ته به گردن زنيءَ لائق.
    ٻئي انسان- هڪ جهڙا جذبا رکندڙ، پر دنيا جا قاعدا ٻنهي لاءِ جدا جدا. عجيب منطق هو.
    ***
    ”بابا، مان ڪيستائين توتي بار بڻي رهندس؟“ ۽ بابا هن کي قياس مان ڏسندو رهجي ويندو هو. چوي ته ڇا چوي!
    هن سندس ڏک ونڊڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. روشني حيران ٿي ويندي هئي ته بابا جهڙي سخت پٿر دل انسان جي دل ۾ هن لاءِ ڪيئن شفقت ۽ خلوص جو چشمو ڦٽي نڪتو هو، جنهن ڪڏهن پنهنجن پٽن جي پر گهور نه لڌي هئي، سو هيتري وقت کان هن جي کاڌي جو بار کڻي بيٺو هو.
    ***
    ۽ هڪوار وري ايئن، جيئن هو روشنيءَ لاءِ اتاولو ٿي ويو هو، تيئن هڪ سون ورنيءَ لاءِ بيچين ٿي ويو، جنهن جو رنگ ڪندن جيان ٻهه ٻهه ڪندو هو، جنهن جون پلڪون ايڏيون سهڻيون هيون، جن کي ڏسي درياهه جي ڪناري بيٺل وڻن جي تشبيهه ياد اچي ويندي هئي. روشني خالي اکين سان هن جي زندگيءَ جي ٻيڙي پنهنجن ڪنارن کان پري ويندي ڏسندي رهي. ۽ هڪ ڏينهن پٽ وٺي ماءُ ڏي هلي وئي.
    ”بابلا، تون نه وڃ. جڏهن نشو لهندس، تڏهن پاڻهي موٽي ايندو.“ هن کي ڪوڙيءَ آٿت لاءِ وڌيڪ اکر نه ملي سگهيا.
    پر روشنيءَ جي دل ۾ ايڏا سڏڪا، ايڏيون آهون دٻيون پيون هيون، جيڪي هينئر سندس دل ۾ سانڍيون نٿي ٿيون. هوءَ ماءُ جي هنج ۾ ڪري روئڻ لڳي. ماڻس کيس سندس هوڙهائي ياد نه ڏياري ۽ پاڻ به هن سان گڏ روئڻ لڳي.
    هڪ اڻلکو انتظار هر لمحي، هر گهڙيءَ هن جيءَ دل ۾ هوندو هيو. کڙڪي تي بار بار هن جون اکيون در ڏي کڄي وينديون هيون. ٻيا سڀ ايندا هئا، پر گلو نه....
    هڪ ڏينهن هن کي گلوءَ وٽان لفافو آيو. هن تڙ تڪڙ ۾ خوشيءَ مان لفافو کوليو ۽ پڙهي هن کي ڦيراٽي اچي وئي.
    هڪڙن چند لفظن هن جو ناتو گلوءَ سان جوڙيو هو. ۽هڪڙن ٽي دفعا دهرايل لفظن هيءُ ناتو ٽوڙي ڇڏيو. ڄڻ رشتن جي ضمانت رڳا لفظ هئا... رڳا ڪاغذ هئا.
    ٻاهر دنيا جي آڏو هن جي دنيا ناگاساڪي بڻجي چڪي هئي- سڀ ڪجهه پرزا پرزا. جنهن ٻيٽاريءَ تي هن جي سک جي وستي هئي، اها لهرن ۾ لڙهي وئي هئي. پر اندر سڀ ڪجهه صحيح سلامت ڪيئن هيو؟ رشتو به ته محبت به. دل هيءَ ٽوڙ ڦوڙ مڃڻ لاءِ تيار ڇو ڪونه هئي؟ ڪٿي ڪٿي نه بسيرو هيو گلوءَ جو! سندس دل ۽ دماغ ۾.... رڳ رڳ ۾.... هر گهڙيءَ، هر وقت.... ننڊ ۽ جاڳ ۾.... اٺ ئي پهر....!!
    اها سون ورني ڇوڪري اڳئين ناتي کي ٽوڙڻ بنا هن سان ناتو جوڙڻ لاءِ تيار نه هئي. گلوءَ هڪڙيءَ ڇڪ سان سڀ ڌاڳا ٽوڙي ڇڏيا. روشنيءَ جي رڳ رڳ ڇڪجي وئي.
    ***
    بستري تي ليٽي هن جي نگاهه در ڏانهن کڄي وئي. جتي ميرن ڪپڙن ۾ پريشان حال بابا بيٺو هو.
    هوءَ خالي نگاهن سان کيس ڏسڻ لڳي. بابا ٿڪل قدمن سان اندر اچي هن جي ڀر ۾ بيٺو. سندس هٿن ۾ مروٽيل سروٽيل ڪاغذات هئا. ”هي وٺ. امان روشن، منهنجو بئنڪ ۾ جيڪي پيسو آهي، سو شبوءَ جي نالي ڪيو اٿم. مان رڳو جيئري انجو وياج... ۽ گهر پٽ شبوءَ جي نالي...“ چوندي هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
    روشنيءَ ڏک ۽ ڏوراپي ڀرين اکين سان هن ڏانهن ڏٺو. سندس مٿي تي هٿ رکي روئي ويٺو.
    ”ڏس، امڙ ٿيءُ امڙ سڏيو اٿمانءُ، ته امڙ ٿي به ڏيکار. امڙن جي دل ته وڏي ٿيندي آ نه.... سڀ بخشي ڇڏينديون آهن.“
    هن ٿڌو ساهه ڀري چيو ”پر تنهنجي ملڪيت جي وارثي ڪهڙي ناتي بابا....؟“
    ”ڏکن سورن جي ناتي بابلا... ڏکن سورن جي ناتي... مان به ته.... مان به ته.....“
    هن اکيون کڻي ڏانهنس ڏٺو. سندس شڪسته وجود ۾ به انهيءَ درد جي آڙاه مان بچي ويل چڻنگ دکي رهي هئي.
    هن کان سڏڪو ڀرجي ويو.
    بابا هٿ وڌائي کيس ڪاغذ ڏنا- ۽ ڀرسان ليٽيل شبوءَ جي پيشانيءَ تي مٺي ڏنائين- سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي شبوءَ جي ڳلن تي ڪري پيا. هٿ سان اکيون اگهندو هو ٻاهر نڪري ويو.

    (ثميره زرين جي افسانوي مجموعي ”آءُ اهائي مارئي“ تان ورتل)
    


    پيڙا جو پڙلاءُ : - خير النساء جعفري

    ڪڏهن ڪڏهن ڪتابي علم به انسان کي ڪيڏو ته بيويساه ۽ بزدل بڻايو وجهي، ان جي شايد توکي سڌ نه هجي- جو تون ان ماحول ۾ اچڻ کان پوءِ به ان لِڇ کان آجو ئي رهين، ورنه هيڏو ڏيسارو ڏورڻ- پئسا خرچ ڪرڻ- پنهنجن کان پري ٿيڻ سڀ اجايا ته ڪين هئا!!
    ”بوسٽن“ اچي ته تنهنجون رَوِشون اهي ئي رهيون جي شايد تنهنجون پنهنجي ديس ۾...
    ها دوست، تون جو ايتري لوڏ سان ٿي هلين- بارش ۾ ٿي ويٺين ۽ گرل فرينڊز سان ٿي گهمين.
    مان به هتي تعليم سانگي آئي هيس ۽ تون به، پر هت اچي اسان ٻنهي جا ”مطلب“ ساڳيا هوندي به ”منزلون“ بدلجي ويون هيون يا منزلون ساڳيون هجڻ کان پوءِ به گس مٽجي ويا هئا...
    پاڻ ٻنهي مان غلط ڪير هو ۽ صحيح ڪير؟- ان جو فيصلو ته وقت به نه ڪري سگهيو. جو چڱائي ۽ لڱائي غلط ۽ صحيح جون جوڙون اسان پاڻ ئي ته جوڙيون آهن. وقت ۽ حالتن، جا سانچا انسان کي به ميڻ جيان مٽايو ڇڏين ته معيارن کي به اڄ به تون چوندين ته تون صحيح هئين ۽ مان ڀائيندس مان. باقي ”حقيقت“ جو ”ڪاٿو“ اچي سو ڪٿان؟
    تون ۽ مان هڪ ڪناري جون ڄڻ ٻه ڪنڌيون هئاسين، جن جا رخ ڄڻ ازل کان جدا.
    تون دريا جي مست وهڪري جيان جتان چاهئي اتان لنگهندو وئين. زندگي جي هر تجربي کي پاڻ ۾ پائي- بي فڪر ٿي روم ۾ هلندو وئين: جيئن جو، جو ڀانيهءِ تيئن ڪيهءِ، سوچڻ ۽ لوچڻ تنهنجي اڳيان اجايا هئا. تو آڏو زندگي جو ساز رڳو موج ۽ مستي جي آواز لاءِ هو. پنهنجي هر ڪرڻي کي بهادري ۽ ويساهه ڀانيهءِ. شايد اعتماد جي اها گهڻائي هئي تو ۾، جو مون هميشه توکي پرسڪون ۽ سانتيڪو ڏٺو.
    ان جي ابتڙ مان هميشه کان بي اعتمادي جو شڪار. ازل کان بيويساه ۽ بزدل- ماڻهو ته ماڻهو ڪڏهن ته خدا تي به اجايا... مان پاڻ کي هميشه دريا ۾ ان ڪُن جيان ڀانيو، جو ماٺ کان پري، هميشه مانڌاڻ جي چڪرن ۾ هوندو آهي. سنگين کان سنگين حقيقتون پاڻ ۾ لڪائي ۽ ڏيکاءَ ۾ ڪجهه نه ڏيکاري. مون جيون جي جهورين کي پاڻ ۾ ملائي هڪ ڪيو آهي جو غمن جي غرقابي، هاڻ ڄڻ حيات جي فطرت بڻجي وئي آهي.
    هاڻي ته من جون مرادون ڪجهه اهڙيون وڃي ٿيون آهن، جو هينئر به جيڪر مون آڏو اهنج ۽ سهنج سامهون ڪرين، ته مان هٿ ڊگهيرينديس اهنجن ڏانهن. جو من کي هاڻي انهن ۾ ئي مزو ملي ٿو. ڇو؟ ان جي شعوري ڪارڻ جي ته خود مونکي به ڪل ڪانهي.
    دوست، اڄ دنيا توکي ڇا به چوي پر تون پاڻ ته جيل جي چوديوارين ۾ چين سان آهين نه ته اڄ تون به مون وانگيان سوچ جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهين ها.
    مون کي ياد آهي ته جڏهن مان هتي نئين نئين آئي هيس تڏهن ڪيترو وقت ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ لڳو هو. جيڪڏهن ڀيڻي به هجي ۽ ڀرجهلو به، ته پوءِ مقصد ماڻڻ هروڀرو ڏکيو ڪونه لڳندو آهي. سمرڪ ايندي ئي مان پنهنجي مقصد ۾ جنبي ويس. ڪتابن جي دنيا ۾ مون پاڻ کي ڪافي حد تائين گم ڪري ڇڏيو جو منهنجي آڏو منهنجو پهريون مقصد ئي اهو هو.
    همت افزائي لاءِ جتي استادن جي همت افزائي هئي اتي ادي عبد القادر جي رفاقت به. پاڻ هتي ٻه سال مون کان سينئر هو. اصل شڪارپور جو هو، ڇريءَ ۽ نيت بريءَ جي چوڻي جي بنهه ابتڙ. بيشڪ هتي جي ماحول ۾ کپي وڃڻ ۾ مون کي ادي قادر جي ڏاڍي مدد هئي. چڱي دوست جو ملڻ به ته خوش نصيبي آهي نه. تڏهن مان به پاڻ کي ڏاڍو نيڪ نصيب ڀائيندي هيس.
    پر هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ ته تن ڏينهن اسان جي خوش نصيبيءَ جو معيار ئي ڪجهه اهڙو هو. خوشيون ايتريون سستيون ڀانئبيون هيون جو ڪٿي اگر پرائي باغ ۾ ڪو گل ٽڙندو هو ته دل پنهنجي پئي خوش ٿيندي هئي. ڪٿي ڪو سٺو راڳ ٻڌم يا سٺو ڪتاب هٿ آيو ته ڀائيندي هيس ته ڄڻ قاروني خزانو ملي ويو. ٻيو ته ٻيو چانهه جو هڪ سٺو ڊوز به خوش نصيبيءَ جي علامت پئي لڳندي هئي- ۽ هاڻي حالتون ٻيون. ماڻهو ٻيا، ۽ ماڻهن سان گڏ معيار به ٻيا...
    منهنجي هتي اچڻ کان ٻارنهن مهينا پوءِ تون آئين. جڏهن پهريون دفعو قادر کان تنهنجو بوسٽن اچڻ جو ٻڌم ته دل خوشيءَ کان ٻلهار ٿي وئي. نه ته توکي سڃاڻندي هيس، پر پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي.
    جڏهن تون آئين ۽ ادي قادر تنهنجي مون سان سڃاڻ ڪرائي ته مون تومان ڪو خاص امپريشن نه ورتو. سواءِ ان جي ته تون بلڪل سادڙو، هاٺي ڪاٺيءَ جو مضبوط، ٿورڙو بي ترتيب ۽ ڪافي رف شيءِ هئين، باقي ان کان وڌيڪ مون توکان ڪوبه تاثر ڪونه ورتو، جو تو ۾ متاثر ڪرڻ جي ڪا ڳالهه ئي ڪانه هئي. ان لاءِ نه ته ڪو تون ديار غير ۾ اچڻ ڪري ڪو هيسيل هئين، بلڪه تو ۾ ڪو لڇڻ ئي ڪونه هو. گهٽ ۾ گهٽ ان وقت مون اهوئي محسوس ڪيو.
    مون کي تنهنجي اوائلي ڏينهن جي ڪابه خبر ڪانه هئي ته تو ڪٿي پئي گهاريا ۽ ڪيئن پئي گهاريا البته ايتري سا خبر پيم ته توکي رهڻ لاءِ ايم. سي. اسٽريٽ ۾ ئي روم مليل آهي! يعني منهنجي هاسٽل جي اڳيان. ورانڊي جي ونجهين ۾ منهن هڻي جي سڌي نهار ڪبي هئي ته لائين ۾ ٻئي پورشن جي مڙني فليٽن جون دريون قطار ۾ ڏسڻ ۾ اينديون هيون، قادر ٻڌايو هو ته توکي ٻئي فلور ۾ ٻيو نمبر روم رهڻ لاءِ مليل آهي.
    آءُ ڪڏهن ڪڏهن اسٽڊي کان پوءِ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ انهن ونجهين مان نهاريندي هيس ته تنهنجي روم جون بتيون رات جي ٻارهين وڳي سوڌي بند ئي رهنديون هيون. ان کان پوءِ البته هڪ ڏيڍ وڳين ڌاري تنهنجي روم جي شيشي مان روشني جا پاڇولا اچي ۽ لڙي ويندا هئا. جنهن مان منهنجو اندازو هو ته تون ڇڙو روم ۾ اچيو ۽ سمهيو رهين. خدا ڄاڻي تون اسٽڊي اورس ڪٿي صرف ڪندو هئين؟
    ڪنهن لائبريريءَ ۾، ڪنهن دوست وٽ يا ڪنهن هوٽل يا بار ۾، تن ڏينهن مون کي تنهنجي ڪا خبر ڪانه هئي.
    باقي سو توسان ڪڏهن ڪڏهن رسمي طور ملڻ ٿيندو ئي رهندو هو. جو اسين سڀئي، ڏيساور کان آيل هم زبان هئڻ جي ناتي ۾ محفلون ڪندا ئي رهندا هئاسين. جتي ٻين ٽاپڪس سان گڏ، اڪثر ٽاپڪ پنهنجي سوني ڌرتي جو به هوندو هو.
    تون هوندو ته ماٺ ماٺ ئي هئين، پر قادر ٻڌايو هو ته سخت قوم پرست آهين. توکي پنهنجي ديس جي محبت ۾ ڪافي دفعا اسٽرائڪون ڪرڻيون پيون هيون ۽ ڪئي ڀيرا جيل به وڃڻو پيو هو، تو ديس ۾ رهي جو ڪجهه ڪيو هو ان ۾ جيتري صداقت هئي تنهن لاءِ آءُ ڇا چوان.
    اڄ تنهنجي سار سان گڏ ”مارٽن“ به ٿو من ۾ هرُيم. مارٽن اسان واري پورشن جي انچارج جو پٽ هو. 18-19 سالن جو ڏاڍو ٺاهوڪو جوان. اڪثر شام جو چاڪليٽ چٻاڙيندو ۽ گٽار وڄائيندي نظر ايندو هو. ”بوب“ سندس ڪتو هر وقت ساڻس گڏ. اهڙو ذهين اهڙو ٽرينڊ جو ماڻهو کي مات ڪري. مارٽن ۽ بوب منهنجا پڪا دوست هئا. آءُ هر روز شام جو لان ۾ بسڪوٽ کڻي ويندي هيس بوب لاءِ. جتي مارٽن پيو گٽار وڄائيندو هو ۽ بوب پاسي کان اکيون بند ڪيو شايد سرن مان پيو سرور وٺندو هو. اتي اسان جون خوب ڳالهيون ٿينديون هيون. مارٽن مون کان سنڌ متعلق ايڏي ته پڇ پڇ ڪندو هو، جو منهنجي خيال ۾ هاڻي سندس ناليج به سنڌ متعلق اوتروئي هئي جيتري منهنجي.
    بوب بسڪوٽن جو ايترو عادي ۽ شوقين هوندو هو جو مجال آهي اڌ ڪلاڪ کن دير ٿئي کيس ڏيڻ ۾. زنجير ڇڏائي، کڙڪائيندو سڌو منهنجي روم ۾. اڳيان بوب پٺيان مارٽن. سزا جي طور تي بوب کي ته بسڪوٽ ملندا ئي هئا، پر مارٽن جي به چانهه لڳندي هئي مٿي تي. حقيقت ۾ منهنجي مارٽن جي دوستي پڪي ٿي هئي، هڪ رليءَ تي. مارٽن کي منهنجي پاڻ سان آندل رلي ڏاڍي وڻي هئي. اڪثر ان رليءَ کي مفلر جيان گلي ۾ ويڙهي پيو گهمندو هو.
    هڪ دفعي اندر روم ۾ آيو ته نظر وڃي پيس سامهون رکيل ڪئلينڊر تي. جنهن تي عمر ۽ مارئيءَ جي ڏاڍي سهڻي تصوير چٽيل هئي. تصوير ۾ عمر مارئيءَ کان پاڻيءَ جي آڇ ڪري رهيو هو، ۽ مارئي اڳيان وڌي پاڻي پيش ڪري رهي هئي، پاسي کان هڪ اُٺ پڻ بيٺل ڏيکاريل هو. جيڪو رليءَ سان خوبصورت ڪجاوو اوڍيل هو. مارٽن ڪئلينڊر ڏسندي ئي هميشه جيان سوال جواب ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئا، ۽ مون جواب ۾ کيس سڄو عمر مارئيءَ جو داستان ٻڌايو هو. ان سان گڏ ڪجهه لوڪ گيت به ٻڌايا مانس جي مون پاڻ سان گڏ ٽيپ ڪري آندا هئا.
    هڪ ڏينهن آيو ته ڏاڍو سرهو هو. رليءَ واري چادر ڪلهن ۾- ڪنڌ ۾ گٽار. ڪئلينڊر ڏانهن ڏسندي چيائين، ”ڪمال آهي هڪ عورت ۾ ايڏو عزم، وفا ۽ پوترتائي!“
    چيومانس ته، ”شابس ته ان مرد کي به ڏي نه مارٽن، جو وڏو حاڪم هوندي به ايترو با اصول، بهادر ۽ ڊيموڪريٽ هو.“
    ”بيشڪ بيشڪ“. چئي کن ڏسي پنهنجي گلي ۾ چادر ڏانهن ڏسندي هڪ شرارتي مرڪ مرڪي چيائين، ”فرينڊ، هيءَ چادر به ڪٿي اوريجنل ته ناهي. جا مسٽر عمر جي اُٺ تي ڏيکاريل آهي؟“
    ”ها، ها ڀائي“، مون چيو.
    اُٺ به ته هي اوريجنل ئي آهي نه، جنهن تي رلي اوڍيل آهي!“ مون ڏانهنس اشارو ڪندي وراڻيو.
    اهڙي طرح مارٽن اسان جي تهذيب، اخلاق ۽ بهادري کان ڏاڍو متاثر هو. ڪڏهن ڪڏهن کلي چوندو هو ته، ”فرينڊ جڏهن تون پنهنجي ديس موٽي واپس ويندينءَ ته توکي مان ڪمپني ڏيندس ۽ پنهنجي اکين سان ان ڌرتي کي ڏسندس جنهن جا رهواسي ايڏا سندر ۽ سٻاجها آهن.“
    توکي ياد آهي ته هڪ دفعو تون اسان واري فلور تي وڃڻ لاءِ ورانڊي ۾ بيٺل هئين. ان مهل مان به يونيورسٽيءَ مان موٽي هئس. آءُ مٿي وڃڻ لاءِ لفٽ جي انتظار ۾ هئس ۽ تون به. جڏهن اسان ٻئي لفٽ تي سوار ٿياسين، تڏهن تون منهنجي وجود کان بيخبر ٿي چپ چاپ بيٺو رهين، ۽ مون پاڻ ئي توسان ڳالهايو هو.
    ”توهان اڄ هن پاسي ڪيئن؟“
    ”قادر ڏانهن“.
    ”توهان پنهنجو وقت ڪيئن گذاريو؟“
    دوستن سان، دوستن وٽ“. تو تمام مضبوط لهجي ۾ ننڍڙو جواب ڏنو.
    ”پر وقت جي گهرج توهان کان ڪجهه ٻيو به چاهي ٿي؟“
    ”دوستن لاءِ منهنجي جان به حاضر آهي، ۽ ان کان وڌيڪ ڪا گهرج، گهرج ناهي“.
    ان کان پوءِ تون مون کي نو لفٽ ڪري خاموش ٿي وئين ۽ مان به هرو ڀرو ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو هو.
    پوءِ هوريان هوريان مون محسوس ڪيو ته قادر وٽ تنهنجا پنڌ پير وڌي ويا آهن. اڪثر يا تون قادر وٽ ايندو هئين يا قادر تو وٽ. شايد تنهنجي دوستن ۾ هاڻي قادر به شامل ٿي ويو هو.
    مون کي پن- ڇڻ رت جي اها پيلي پيلي شام ياد آهي جڏهن تو پهريون ڀيرو مون کي پاڻ هرتو سلام ڪيو هو.
    مان لان ۾ ويٺي هئس. بوب بسڪوٽن ۾ مگن هو، مارٽن گٽار تي هلڪا هلڪا سر پي ڇيڙيا. سڪل سڪل پن هوا جي رخ تي هيڏي هوڏي ٿي وکريا. موسم تي اداسيءَ جو عجيب اثر هو.
    مان رکي رکي غير ارادي طور تنهنجي درين ڏانهن ٿي ڏٺو جي هميشه جيان اڄ به بند هيون. شاهه لطيف ان ئي ويل لاءِ چيو هو:
    ڪڏهن تاڪيون ڏين، ڪڏهن در کلن دوستن جا،
    ڪڏهن اچان ته اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڳجهاندر.
    ايئن ٿي لڳو ڄڻ درين تي صدين جي دز وري وئي هجي. انهن جي ماٺ ۾ ڪڏهن ڪا چر پر ئي نه ٿي هجي.
    سوچيم ڪڏهن ڪڏهن بند دروازا به من کي ڪيڏو ڏکيا لڳندا آهن. اهڙين ڳالهين جي چت ۾ چنتا ڪري وجهندا آهن، جن جو ڏسڻ ۾ ڪو سبب ئي ڪونه هوندو آهي.
    اسان به نادانيءَ ۾، ٻه ڪتاب پڙهي پاڻ کي سمجهه جو صاحب ڀانئي ويهندا آهيون. ايئن ڇو ڀائيندا آهيون ته حالتن جا حاڪم اسان پاڻ آهيون؟ هر ڳالهه جي نفعي ۽ نقصان تي ويچارڻ تي آتا! ان ڳالهه کان قطعي بيخبر ته ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڳالهين جا ڪارڻ، حالتن ۾ نه، ازل کان ڪرم ۾ جڙيل هوندا آهن. جن ڳالهين تي اسان کي پهرين کل ايندي هئي ۽ اسين انهن کي ٻين جون بيوقوفيون ڀائيندا هئاسين اهي ئي اسين اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پاڻ تي لاهي ويهندا آهيون. ان لاءِ جو اهي ڳالهيون اسان جي جنم پتري ۾ جنم کان ئي جڙيل هونديون آهن. جن کان جند ڇڏائي ئي نه سگهبي آهي. ان شام پهريون دفعو مون ڏٺو ته درين تان دز ٿوري وکري هئي. ماٺ ۾ هلڪو تحرڪ ۽ مستي هئي، ۽ درين جا تاڪ کلي پيا هئا، تنهنجي روم ۾ روشني ڦهلي هئي ۽ تون شايد شام جي سوگواريءَ کان ڇڪجي اچي دريءَ ۾ بيٺو هئين. تو سگريٽ جا ڊگها ڊگها ڪش ٿي هنيا، ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي تنهنجي اوچتي نظر مون تي پئي.
    عزت مان تو سگريٽ وارو هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو، ۽ نوڙي ڇاتيءَ تي هٿ رکي ڏاڍي اخلاق سان سلام ڪيو هيئي. اسان جي روايت مطابق.
    مون کي تنهنجي اها ادا ايتري وڻي هئي جو مان خوش ٿي پڪي اڌ ڪلاڪ جو مارٽن سان تنهنجي پرپٺ سڃاڻپ ڪرائيندي رهيس.
    ڪڏهن ڪڏهن روشنيءَ جو ننڍڙو ترورو به من جي ڏنگيندڙ اونده کي ڪيڏو نه منور ڪري ڇڏيندو آهي. روشنيءَ ۽ روح جو به ڪيڏو نه اٽوٽ ناتو آهي هڪ ٻئي سان.
    حيران آهيان گوتم به ته انهن روشنين جو ڳولهائو هو. پوءِ ان کي ڇو زندگي تياڳڻ ۾ روشني ملي هئي؟ جڏهن ته روح زندگيءَ جي انهن روشنين مان ئي نور پايو وڃي، ۽ من کي جا ان روشنيءَ مان آسيس ملي ٿي سا وري تياڳڻ ۾ ڪٿي؟
    وقت جو وهڪرو وهندو رهيو. منهنجي ٿيسز گهڻي ڀاڱي پوري ٿيڻ واري هئي. هونئن به من آڏو ڪو مقصد هجي ته زندگي ڏاڍي روان دوان گذرندي آهي.
    تن ڏينهن ادو قادر مليو. ان ڪجهه اگري تاثر سان تنهنجي لاءِ ٻڌايو ته تون هتي اچي لاپرواه ٿي ويو آهين ۽ بنهه وساري ويٺو آهين ته تون هت ڪهڙي سانگي آيو هئين؟ تنهنجي دوستيءَ جو دائرو وڌندو ٿي ويو. جنهن ۾ ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪريون به شامل آهن.
    توکي تنهنجي دوستن ۾ خاص مرڪزي حيثيت حاصل آهي. هوٽلن ۽ بارن جا بل گهڻو ڪري تون ڀريندو آهين. تنهنجون پسنديون ايتريقدر ته بدلجي ويون آهن، جو چوندو آهين ته ڪوڪ ۽ پاڻي ته فقط موڊ ۾ اچي هارڻ لاءِ هوندا آهن. اهو پيئڻ ڪهڙو جو جيئن لاءِ نه جاڳائي. جو چڪو تکو نه لڳي سو چڪو ڪهڙو؟
    اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي دل کي ايڏو ته ڌڪ لڳو هو جو ان ڏينهن مان ڪو ڪم ڪري ڪانه سگهي هيس، ۽ سارو ڏينهن ڪافي پي ۽ رڪارڊ ٻڌي گذاريو هئم.
    سچ ته هتي توکي روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪير هو. مستيءَ جي انڌ ۾ اچي تون اهو رستو وڃائي ويٺو هئين جنهن لاءِ هيترا ڏورڻ ڏوري هتي آيو هئين.
    مون کي نڪو حق هو ۽ نڪا حيثيت جو توکي انهن ڀليل رستن تان ورائي وٺان ها.
    شايد ڪم جي گهڻائي هئي. وطن جي سڪ به هئي ۽ ڪجهه من جو ذاتي خلفشار به. مان اوچتو بيمار ٿي پيس. اڪيلائيءَ ۾ ڏيل اصل ائين پئي ڏريو جو مجبورن اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو. هتي اچي پنهنجي اهميت جي اصل خبر پوندي آهي. دوستن جي پرگهور لاءِ اچ وڃ، استادن جي خبر گيريءَ لاءِ فونن مٿي فون. مطلب ته مون ڀانئيو، هيل تائين مان پاڻ کي شايد under estimate ڪندي رهي آهيان.
    شايد توکي به قادر جي ذريعي خبر پئي سو تون به ڀلائي ڪري پڇڻ آيو هئين. آئين ته پڇيئي ڪي به ڪين. چپ چاپ ويهي هليو وئين. ويندي ويندي سو ڏاڍي نهٺائيءَ سان چيو هيئي، ”ڪو ڪم ڪار هجي ته مان حاضر آهيان“. ۽ جواب ۾ مان تنهنجي مهرباني به مڃي ڪانه سگهي هيس.
    اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کان پوءِ مون ٿوري وقت لاءِ پنهنجو ڪم هڪ پاسيرو ڪري ڇڏيو هو. مارٽن ۽ سندس ماءُ منهنجي ايتري ته چاڪري ۽ پر گهور لڌي جو مان پنهنجي بيماري کي شرم جو ڪارڻ محسوس ڪرڻ لڳي هئس.
    ان وچ ۾ قادر تنهنجي لاءِ هڪ ننڍڙي ڳالهه ٻڌائي، ته تون اڪثر منهنجي خيريت پڇندو رهندو آهين. پر پاڻ پڇڻ ان ڪري نه ايندو آهين جو اهو مون کي الائي ڪيتري قدر مناسب لڳي! مٿان ادي قادر چيو هو ته، ”اسان هڪ ئي پاسي کان آيل پرديسي هڪ ٻئي جي خبر نه لهنداسون ته ٻيو وري ڪير لهندو؟ پر جي جڙون اتي جي ماحول جون هميشه کان اندر ۾ کتل آهن، تن جي ڪري لحاظ به آخر رکڻو ئي پوي ٿو“.
    ۽ مان اڄ تائين سوچي ڪانه سگهي آهيان ته اسان جي ماحول جون جڙون ته ڪيتريون ئي اسان ۾ کتل هونديون آهن، پوءِ انهن مان ڪجهه اسين قائم رکيو اچون ۽ ڪجهه کي ايئن ڇنيو اڇليون جو اهي ڄڻ اسان جي ميراث مان ئي ڪين هيون. ايئن آخر ڇو آهي؟
    پوءِ ڪيترا ڀيرا مون پنهنجين اکين سان ڏٺو: تون اتي جي ديسي ڇوڪرين جي وچ ۾ راجا اندر بڻيو گهمندو وتندو هئين. ٻڌو هئم ته تو انهن مان ڪي دل پسند ڇوڪريون پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيون آهن ، ۽ تون چوندو هئين، ”انهن کي اگر ڪڏهن مان ڪنهن ”ٻئي سان“ ڏٺو ته غيرت جي ثبوت لاءِ ٽي گوليون هميشه لوڊ ڪري رکندو آهيان“.
    انهن گولين جو ليکو به ٻڌو هئم. هڪ گولي شايد تون ان ڇوڪريءَ لاءِ ڳڻيندو هئين، ٻي ان جي آشنا لاءِ ۽ ٽين گولي!! ٽين گوليءَ جو حساب وسري ويو اٿم- غالبن تو پنهنجي لاءِ چونڊي هوندي اها ٽين گولي!! ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته تنهنجي ۽ قادر جي وچ ۾ ٿوري اڻ بڻت ٿي پئي آهي، جو توهان جو هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ بنهه ڪونه ٿيندو هو.
    ڳالهين مان ڳالهه تي قادر پاڻ ٻڌايو هو ته توهان ٻنهين ۾ رنجشون ويتر وڌنديون وڃن.
    مون کائنس سبب پڇيو هو، پر هو اهو چئي لنوائي ويو هو ته بس مڙئي نظرياتي اختلافن ڪري ويڇا وڌيا آهن- ورنه ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. ان ڏينهن مان هيڏي هوڏي ويچارڻ بدران ڪافي دير ويهي پنهنجي ٿيسز کي فائينل ٽچز ڏنا هئا، ۽ پنهنجي پٽاندر پڪو پهه ڪيو هئم ته آئنده سيرئس ٿي صرف پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏبو جو مون کي آخر پنهنجي وطن به ته واپس وڃڻو هو.
    ڪافي ڪم ڪرڻ کان پوءِ اها رات آءُ ڏاڍي گهري ننڊ ستي هئس. روشنيون جي پري هجن ته انڌاري ۾ هونئن به گهري ننڊ ايندي آهي. سو مان به ننڊ ۾ الائي ڪيترو پري پري وڃي نڪتس جو تڪڙا تڪڙا ۽ زورائتا دروازي تي گهنٽين جا آواز ٿيا. جيسين اٿي دروازو پٽيان تيسين لاڳيتو گهنٽي وڄندي رهي.
    ”پرور، پت رکجانِ“.
    دروازو کوليم ته سامهون مارٽن بيٺو هو. منڌل متيون ۽ جسم ۾ ڪنبڻي.
    ”ڇا ٿيو مارٽن؟“
    ”قتل، قادر قتل ٿي ويو“.
    منهنجو مٿو ڀوانٽي کائي ويو.
    ”ڪنهن قتل ڪيو، ڇو ٿيو قتل، ڪٿي ٿيو؟“
    هڪ ئي ساهه ۾ مون الائي ڪيترا سوال پڇيا هئا.
    مارٽن سامهون ٻئي فلور جي ٻئي نمبر روم ڏانهن اشارو ڪندي رکائي سان هليو ويو ۽ ويندي ويندي تنهنجو نالو به وٺندي ويو.
    تنهنجو نالو ٻڌي مون کي محسوس ٿيو ڄڻ، ڄڻ عبادت ڪندي ،منهنجي تسبيح جا داڻا ڇڄي پيا هجن.
    دوست، تون شايد ذهن جي انهن حالتن مان نه لنگهيو هجين ته ذهن تي جڏهن سانحا گذرندا آهن تڏهن دل پنهنجن جون قربتون چاهيندي آهي ۽ هرو ڀرو ڀانئبو آهي ته ڪن پنهنجن وٽ وڃي وهجي جو لمحن جي اذيت ايترو نه ستائي. مان تڪڙ ڪري بي سمجهائيءَ وچان اٿيس. چيم، ”قادر کي وڃيو ٿي پنهنجو ڏوهه ڏسيان ان سان وڃي ٿي تنهنجون ڳالهيون ڪريان“.
    ”پر قادر ته ڪڏهوڪو ڪسجي ويو“. الائي ڪٿان کان سمجهه موٽي آئي، ۽ پوءِ مان چپڙي ڪري ليٽي پيس جو ويهڻ جو ست ئي ته ڪونه هو. اهو سڄو ڏينهن مان اندران دروازو بند ڪري پئي هئس. ٻاهر طرح طرح جا آواز هئا. اچڻ وڃڻ جا آواز، گوڙ گهمسان، قتل جون خبرون، قياس آرائيون. اهو سارو ڏينهن مون اڪيلو روم ۾ گذاريو، نه مارٽن ئي لڙي آيو نه ئي بوب ڪا سار لڌي.
    تنهنجي ڪيتي تي ٻين ڪيترن کي لوڙڻو پيو. ڪيترا رولز ريگوليشنز پاس ڪيا ويا. ڪيتريون ئي تبديليون آيون ۽ اسان ڌارين تي سختيون برتيون ويون.
    مارٽن پنهنجا آدرش بدلائي ڇڏيا هئا ۽ بوب پنهنجي عادت مٽي ڇڏي ۽ مان تڏهن پهريون ڀيرو ڀانيو هو ته پرائي ڌرتي تي ڪو ڌاريون ماڻهو بيٺي آهيان جنهن کي هتي رهڻ جو هاڻي ڪوئي حق ناهي.
    ۽ جڏهن ڊگري پيتيءَ ۾ وجهي وطن ڏي واپس وڃڻ جي ڪئي هئم، ان ڏينهن دل جهڙو ويٺي ويٺي پئي ڀانيم. مارٽن سان ملڻ ويس ته هو ڏاڍي پاٻوه سان مليو. بوب کي پيار ڪري هڪ نظر قادر جي روم ڏانهن وڌم. پر اتي ته ڄڻ ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا هئا. سندس روم اڃا تائين سيل ٿيو پيو هو. نوڙي نوڙي پٽ کي ڏسڻ چاهيم متان ڪي ماضيءَ جا ميساريل داغ ئي نظر اچن، پر وقت جا ريلا ته ڄڻ رت جي رشتن کي ريٽڻ لاءِ ڪي آتا هوندا آهن، ڪي به ته ڪونه هو اتي! جوڳين کان سواءِ جايون سڃيون سڃيون پئي لڳيون. پولارن مان ڄڻ هر سئو آواز ٿي اٿيا، ”اڄ... ماٺ مڙهين... ۾ جوڳي... جيڪس ويا... اڄ ماٺ... مڙهين ۾ ماٺ... مڙهين ۾! ۽ مان انهن آوازن کان گهٻرائجي روم ۾ هلي آيس. عجيب طرح جي آنڌ مانڌ هئي من ۾! ڀانيم اڃا به ڪا ميخ آهي اندر ۾ جا اٽڪي ٿي. ڪا تند آهي جا ڪجهه تنواري ٿي ۽ مان ان پيڙا کان بچڻ ڪاڻ ڪيترو وقت اڳ ۾ ئي ائروڊرم هلي آيس.
    ايندي ايندي الائي ڪهڙو رحم پيو پاڻ تي جو چيم اڄ هڪ ڦيرو ڇونه تنهنجي چوديواريءَ جو به ٿي وڃي. هتي جا بوجهه هتي ئي ڇڏي وڃجن. پوءِ متان پنهنجو من پاڻ کي ئي ميارون نه ڏي.
    تنهنجي بلڊنگ جو ٽيڪسيءَ ۾ چڪر ڏيندي سوچيو هوم هي ڦيرا ته ڪنهن مذهب ۾ قسمتن جي سنجوڳ جا امين ڪري ڀانئبا آهن، پر مان اڄ هنن ڦيرن جي تعبير بدلائڻ آئي هئس. چيم، ”اڄ توکي ارپڻ آئي آهيان پنهنجي لکئي جا اهي ڏينهن جي منهنجي لاءِ يقينن ڏاڍا ڏکيا هئا، پر هاڻ اڄ توکي اهي بوجهه ارپڻ کان پوءِ انهن جو منهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن گذر نه ٿيندو- ڪڏهن نه!“ اهو منهنجو عزم هو، منهنجو فيصلو هو.
    جهاز ۾ ويٺي ويٺي الائي ڪٿان ”غازيءَ“ جا لفظ تري آيا ذهن تي.
    ”اسٽيشن تي عزيزن کي ”الوداع“ چوڻ وقت ڀاسندو آهي، ڄڻ اسان جي وجود ۾ ڪجهه آهي جو مري رهيو آهي ۽ جڏهن اتان موٽبو آهي تڏهن ڀانئبو آهي ڄڻ اسين پنهنجي ئي وجود جي هڪ حصي کي خدا حافظ چئي آيا هجون“.
    ۽ جڏهن جهاز رن- وي تي ڊوڙڻ لڳو هو تڏهن مون به دريءَ مان منهن ڪڍي فضا ۾ آخري دفعو توکي ”خدا حافظ“ چئي هميشه لاءِ ان ڪهاڻيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو هو: هميشه لاءِ!

    (خيرالنساء جعفريءَ جي ڪهاڻين جي مجموعي ”تخليق جو موت“، تان ورتل)
    


    جـــيــجــي : - زرينه بلوچ

    ”جيجي، او جيجي، گُڏين لاءِ ٻه ٽي اڳڙيون ته ڏينم.“ پر جيجيءَ جو جواب ڪونه آيو. وري وڏي واڪي چيومانس: ”ائي جيجي، ڇا ويٺي ڪرين؟ ٻڌين ڪونه ٿي ڇا؟ ٻه ٽي اڳڙيون ته ڏينم.“ پر جواب ڪونه مليو، جان کڻي منگهه مان هيٺ نهاياريان ته جيجي نماز پڙهي، هاڻ سلام پئي ورايو. مون کي ڏسي مرڪي چيائين: ”ممڙي، نماز به پڙهڻ نٿي ڏين، هتان نٿي ڦريو اچين؟ اس ۾ پير سڙي ويندئي.“
    ”نه، جيجي، پير ڪونه ٿا سڙن. هيءَ نوڙي اماڻيانءِ ٿي، ان ۾ ٻٽي اڳڙيون ٻڌي موڪل.“
    ”پٽ، اڃان ته ڪَتر ڪانه ڪئي آهي. ڪپڙا ڪتريان ته پوءِ توکي ڏينديس.“
    ”جيجي، تون ته روز پئي بهانا ڪرين. ڪلهه به چيئي ته سڀاڻي ڏينديس. اڄ منهنجي گُڏيءَ جي شادي آهي، مون اڃان ڏاج ڪونه ٺاهيو آهي.“ مون روئڻهارڪي ٿيڻ جو ارادو ڏيکاريندي چيو.
    ”چڱو ممڙي، پيتي ۾ ڏسان ٿي.“ ائين چئي جيجي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي وئي ۽ ٻٽي ڪاترون ڳولي کڻي آئي. نوڙيءَ ۾ ٻڌي ڏنائينم. آءٌ اڳڙيون کڻي وڃي ڪوٺيءَ ۾ گُڏين جو ڏاج سبڻ ويٺس.
    جيجي ۽ اسان جا گهر گڏيا پيا هئا. وچان رڳي ڀت هئي. سندس اڱڻ ٻيءَ گهٽيءَ ۾ هو. صُفو ۽ ڪوٺي اسان جي اڱڻ سان گڏيل هئا. اسان کي جڏهن به ڪا شئي شڪل کپندي هئي ته آءٌ رڌڻي جي ڀت تي ڏاڪڻ رکي، رڌڻي جو کڏ ٽپي، نوڙي هيٺ اماڻي، جيجيءَ کان شئي وٺندي هيس.
    جيجي ڪپڙا سستي اگهه ۾ سبندي هئي، تنهن ڪري اوڙي پاڙي جون زالون، کانئس ڪپڙا سبائينديون هيون. خاص ڪري برقعا ته لاجواب سبندي هئي. سبراڻي وري ڪيتري؟ پنج يا ڇهه رپيا. مهانگي ۾ مهانگو برقعو ڏهه رپيا ڇيهه ٿيو. تنهن ۾ ڏيڍ رپيو اکين واري کي ۽ اٺ آنا رومالي ۽ ٽوپي ليڪاڻي، باقي کيس وڃي چار يا پنج رپيا بچندا هئا. مرداڻي قميص جي سبراڻي اٺ آنا ۽ سٿڻ جا ٻارنهن آنا. زناني چولي سٿڻ جو رپيو.
    جيجيءَ وٽ سدائين ماين جا ميڙا لڳا پيا هوندا هئا، جيڪي سڄي شهر جون گلائون، جهيڙا جهٽا، شادي غميءَ جا نبيرا اتي اچي ڪنديون هيون. جيجي ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان سندن ڳالهيون ٻڌندي هئي ۽ سندن فيصلا به ڪندي هئي. سندس پوڙهي ماءُ، ناني ڪريمان، جيڪا اٽڪل ستر ورهين جي هئي، سا ننڍي منجيءَ تي ليٽي پئي هوندي هئي. کيس دم جي بيماري هئي، ڪڏهن رڙهي اچي ٻاهر اڱڻ ۾ وهندي هئي، جتي جيجي ڀت جي پاڇولي ۾ مشين پئي هلائيندي هئي. سندس آڏو تڏي تي ٻه ٽي زالون هميشه ويٺل هونديون هيون، جن مان ڪا ناني لاءِ چلم تازي ڪندي هئي: ته ڪا وري چُلهه مان پوريل ٽانڊو ڪڍي ٽوپيءَ ۾ چاڙهيندي هئي. ڪنهن مهل ناني رڙ ڪري چوندي هئي: ”عاشو، مون کي ناس جو سونگي ته کٽ تان کڻي ڏي.“ آءٌ ڊوڙ پائي سونگي کڻي اچي نانيءَ کي ڏيندي هيس. سڀ زالون جيجيءَ ۽ نانيءَ جو ڪم خوشيءَ سان ڪنديون هيون، ڇو جو ڪنهن کي پٽ جي قميص جلدي کپندي هئي ته ڪنهن کي برقعي جي تڪڙ هوندي هئي. ٻارن کي وري گُڏين لاءِ اڳڙيون کپنديون هيون. انهيءَ لالچ ۾ ٻار سندن ڪيترائي ڪم ڪندا هئا. ڪو هٽ تان اٽو گيهه وٺي ڏيندو هون ته ڪو وري پاڻيءَ جو ڏول وهنجڻ لاءِ يا وضو لاءِ ڀري ڏيندو هون.
    جيجيءَ جو ڀاءُ ماما پير بخش، واڍڪي ڪم جو بادشاهه ڪاريگر هو. جي ڪم لڳندو هوس ته مهينن جا مهينا پيو هلندو هو. جي نه ته مهينن جا مهينا گهر ۾ ويٺو هوندو هو. ماما پير بخش سج لٿي مهل سخي بادشاهه جي سلامي ڀرڻ ويندو هو ۽ جمعي رات سائين شهيد سرفراز جي زيارت تي ويندو هو. نه ته سڄو ڏينهن وڏي صفي ۾ منگهه هيٺان کٽ تي ستو پيو هوندو هو. ڪَنن کان ڳرو هو، جنهن ڪري آئي وئي جي گوڙ گهمسان جي پرواهه ئي ڪانه هوندي هيس.
    جيجي صبح جو سويل اٿي، وضو ڪري نماز پڙهي، دور ڪري، پوءِ وڃي چلهه ٻاريندي هئي. ماني پچائي، کارائي پياري هوديءَ ۾ ويهي ٿانوَ مليندي هئي، جا وڏي صفي جي ڪنڊ تي ۽ نانيءَ جي کٽ جي پيرانديءَ کان هئي. اتي ئي ڀت ۾ جارو ٺهيل هوندو هو، جنهن ۾ ٿانوَ ڌوئيندي رکندي ويندي هئي ۽ پوءِ ڇنڊ ڦوڪ ڪري هٿ منهن ڌوئي، ڦڻي ڏيئي، وڃي مشن تي ويهندي هئي. انهيءَ وچ ۾ وٽس ڪيتريون ئي زالون اينديون وينديون هيون، جن سان ڳالهائيندي به ويندي هئي ته سبندي به ويندي هئي.
    وڏي صفحي جي سامهون ٻه ڪوٺيون هونديون هيون، جن مان ننڍي ڪوٺيءَ ۾ ماما جا واڍڪي جا اوزار، پراڻيون ڪاٺيون، دٻا وغيره پيا هوندا هئا ۽ در لڳ جيجيءَ جون چار پنج پيتيون هڪ ٻئي مٿان رکيون هونديون هيون، انهن ۾ اڻ سبيل ۽ سبيل ڪپڙا، برقعا وغيره هوندا هئا. ڪاٺ جي وڏي پيتيءَ ۾ سندس ڪپڙا، زيور ۽ ٻيون پاڙي پتيءَ جون امانتون رکيون هونديون هيون. غريب مايون چوريءَ جي ڊپ کان يا وري مڙسن کان لڪايل ميڙا چونڊي وٽس آڻي رکنديون هيون. جيجي اهي بنا ڳڻڻ جي ويڙهيل سيڙهيل جيئن هوندا هئا، تيئن پيتيءَ ۾ بند ڪري ڪلف ڏيئي ڇڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته اها سادگي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي هيس. زالون کانئس ڦڏو ڪري وڌيڪ پئسا يا زيور ڀرائي وٺنديون هيون.
    جيجيءَ ڪڏهن به نماز، روزو نه ڇڏيو. گرميون هجن توڙي سرديون کانئس نه ڪڏهن نماز قضا ٿي، نه وري ڪڏهن روزو ڇڏيائين. رمضان شريف کان سواءِ به جمعي رات نفلي روزا رکندي هئي. سندس منهن هميشه چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر پيو چمڪندو هو. اوڙي پاڙي ۾ شاديءَ براديءَ ۾ پاڙي جي زالن سان گڏجي ويندي هئي. امان کي ۽ مون کي، بابا جيجيءَ کان سواءِ ڪڏهن به شادي وغيره تي اڪيلو ڪونه ڇڏيندو هو. جيجيءَ جي هلڻ جو ٻڌندو هو ته پوءِ موڪل ڏيندو هو.
    مون کي هڪڙي ته گُڏين جي ڪپڙن گڏ ڪرڻ جي چُوس ۽ ٻيو وري مشين هلائڻ جو شوق. تنهن ڪري سڄو سڄو ڏينهن جيجيءَ وٽ ويٺي هوندي هيس، جيجيءَ کي برقعو سبڻو هوندو هو ته مون کي مشن هلائڻ لاءِ چوندي هئي ۽ پاڻ برقعي جون پليٽون سڌيون جهلي سبندي ويندي هئي، ڇو جو گهڻي مشين هلائڻ ڪري کيس رات جو ٻانهن ۾ سخت سور پوندو هو. آءٌ دعائون پيئي گهرندي هيس ته الله ڪري ڀاڳل شيدياڻي سگهي سگهي اچي. ڇو ته پوءِ جيجي مشين منهنجي حوالي ڪري، ٻن ٽن سٿڻن جا ڏر سبڻ لاءِ ڏيئي پاڻ وڃي پينگهي ۾ ڀاڳل سان رهاڻيون ڪندي هئي. ماما ڪم تي هوندو هو. ناني ستي پئي هوندي هئي. جيجي ۽ ڀاڳل پاڻ ۾ پيون ڳالهائينديون هيون. ڳالهين ڪندي جيجي اوچتو سڏ ڪري چوندي هئي، ”عاشو ٻاهرين در کي ڪڙو ته ڏيئي ڇڏي، متان ڪا فقيرياڻي ڪو ٽپڙ ٽاڙي کڻي وڃي.“ جيجيءَ وٽ فقيرياڻيون گهڻيون اينديون هيون. پاڻ ڪڏهن به کين هٿين خالي نه موٽائيندي هئي. کين اٽي لپ، مانيءَ ڀور يا پراڻو سراڻو ڪپڙو ڏيندي هئي، پوءِ به فقيرياڻيون وجهه وٺي ڪو نه ڪو ٽپڙ تڳائي وينديون هيون. آءٌ اٿي وڃي در بند ڪندي هيس ۽ اڃان مشين تي ويهڻ جي ڪندي هيس ته چوندي هئي، ”مٺا پٽ هي در به ورائي ڇڏ. مکيون ٿيون پٽين.“ ڪوٺيءَ جو در جيڪو اڱڻ ۾ کلندو هو، سو هميشه بند هوندو هو. وچان در بند ٿيڻ تي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. آءٌ وجهه وٺي پنهنجي گڏين جا چولا سبي وٺندي هئس.
    منهنجون اٽڪل ويهارو کن گُڏيون هونديون هيون، جن جا وري ٻار ٻچا به هوندا هئا. انهن سڀني گڏين مان مون کي هڪڙي گڏي ڏاڍي وڻندي هئي، جا امان هڪ رپئي ۾ صفوران ساٽياڻيءَ جي سؤٽ کان ٺهرائي ڏني هئي. سندس وڏيون اکيون، ڊگها وار، ننڍڙا سهڻا هٿ ۽ پير اهڙا هوندا هئا. جهڙي ڪر پدمڻي! مون کي ايڏي ته وڻندي هئي جو مون کڻي جيجيءَ جو نالو رکيس ۽ سڀني گڏين جي پٽ راڻي ڪيومانس. ٻي گڏي جا مون کي زبيءَ ٺاهي ڏني هئي، تنهن جون اکيون چنجهيون هيون. ٿلهي، بي ڊولي وري اهڙي هئي، جهڙوڪر ڀاڳل. مون به کڻي ڀاڳل جو نالو رکيس ۽ سڀني گڏين جي نوڪرياڻي ڪيومانس. سڄو ڏينهن پيئي ٻين گڏين جي آڳي پيڇي ڪندي هئي.
    ڀاڳل کي سدائين پئسن جي کوٽ هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن آءٌ امان جي ڪم سان جيجيءَ وٽ ويس ته ڀاڳل چلم پيئي پيتي ۽ جيجيءَ مشين پئي هلائي. ناني ٻاهر اُس ۾ منجيءَ تي ستي پئي هئي. ڀاڳل مون کي ڏسي جيجيءَ کي چيو، ”اجها عاشو آئي اٿئي، کڻي انهيءَ کي اماڻ.“ جيجيءَ مون کي ڏسي آهستي چيو، ”عاشو چڱو ٿيو جو آئينءَ، بيٺي پير حليمان کان ويهه رپيا آڻي ڏينم.“
    آءٌ حليمان کان ويهه رپيا وٺي اڃان گهٽيءَ جي در وٽ پهتس ته ڀاڳل سامهون پئي آئي ۽ سٽ ڏيئي منهنجي هٿن مان ويهه ئي رپيا کسي ورتائين.
    مون چيو ”ماسي، اهي پئسا جيجيءَ جا آهن.“
    ”ماڻهين جيجهين جا ڪونه آهن، منهنجا آهن.“ مون کي تڙي ڏيئي چيائين.
    مون روئي اچي جيجيءَ کي دانهن ڏني. جيجي چيو: ”ممڙي، اهي پئسا مون ڀاڳل لاءِ گهرايا هئا.“
    مون چيو: ”جيجي، مون کي ڇڙٻ ڇو ڏنائين؟ آءٌ ڪو پئسا کڻي ٿي ويس ڇا؟“
    نانيءَ اها ڳالهه ٻڌي، جيجيءَ کي چيو: ”اها رن ڦري فقير ڪري ڇڏيندئي.، جيڪو ٿي ڪمائين، سو ٿي انهيءَ کي کارائين.“
    پوءِ ته جيجي ۽ ناني پئي پاڻ ۾ وڙهيون. آءٌ امان جو چولو کڻي گهر هلي آيس. امان منهنجي منهن ۾ ڏسي چيو: ”ڇو، رني آهين ڇا؟“
    مون ڀاڳل واري ڳالهه ڪري ٻڌائي. امان کي خار وٺي ويئي ۽ پنهنجي منهن چوڻ لڳي: ”انهيءَ ڪميڻيءَ رن ملڪ تپائي ڏنو آهي! چڱو اچي ڪزوءَ کي ڀتي آهي: اڄ سؤ گهرجيم. شاديءَ تي وڃڻي آهيان! اڄ جمعي جي ڀيڻ گذاري ويئي آهي، تنهن لاءِ ڇاڙ ڏيڻي آهي! اڄ امڪي لاءِ پئسا کپن. اڄ ڊمڪيءَ لاءِ کپن.“
    ڳچ ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن امان رلين جون ٽڪريون پئي ڳنڍيون مون به کيس ٽوپي ۾ همراهي پئي ڪرائي ته ڪنهن مهل ماسي جانل لنگهي آئي. ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي جيجيءَ جي ڳالهه نڪتي.
    ”ڪزوءَ ويچاريءَ سان ناحق ٿي ويو!“ ماسي جانل چيو.
    ”ڇو؟ ڇو؟ ڇا ٿيو؟“ امان پڇيو.
    ”ادي، انهيءَ ڀاڳل ڪسبياڻيءَ جو اچي خرچ کٽو، سو منهن ڀيلڙو ڪري، ڳوڙها ڳاڙي ڪزوءَ وٽ اچي ويهي رهي. چي: ”مون کي پنج سئو رپيا گهرجن، منهنجو ڀاءُ چوري ۾ جهلجي پيو آهي، تنهن لاءِ وڪيل ڪرڻو آهي.“ ڪزوءَ ويچاري وٽ هڪيا پئسا ڪونه هئا، تنهن ڇا ڪيو جو ساران شوريءَ جي دهري کڻي ڏنس، ته اها ڪٿي گروي رکي پئسا ڪم ۾ آڻ.“
    ”ائي مٺيس! هاڻي دهري ته ڇٽي!“ امان دانهن ڪندي چيو.
    ”ها، ادي، اها ته ڳالهه ڪريان پئي. اڄ اوچتو ڦاٽ ڦاٽو ته دهري ته ڀاڳل مورڳو وڪڻي ڇڏي آهي.“
    ”ائي گهوڙا!“
    ”ساران جي مائٽن جي ڪا اتر ۾ شادي آهي، تنهن لاءِ پنهنجا ڳهه ڪزوءَ کان وٺڻ آئي، تڏهن دهريءَ جي ڳالهه ڦاٽي پيئي. پوءِ ته اڳيان ساران آهي، تنهن نه ڇڏيو ڪزوءَ کي. نه ڀاڳل کي. هاڻ ته ڪزوءَ کي سر سان اچي لڳي آهي ته متان ڀاءُ جي ڪن ڳالهه پوي. پر ادي اها ڳالهه ڪا لڪڻ جي آهي؟“
    ”ڪزوءَ جا به انصاف آهن! رن اصل اهڙو ته انڌو ڪري ڇڏيو آهيس، جو پنهنجي عزت جو خيال نٿو ٿئيس.“
    ”ها ادي، هاڻ ته ويچاري منجهي پيئي آهي، ڇا ڪري؟ ساران سان ٽن ڏينهن جو واعدو ڪيو اٿس. اڄ ته ويئي آهي ڀيڻ وٽ، ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. مون تي به ڪم رکيو آهيس ته وڏيرن وٽ منڊيون رکي پئسا آڻي ڏي. سو اوڏانهن ٿي ويس ته چيم ته تو وٽان به ٿيندي وڃان.“
    ٻئي ڏينهن امان ۽ آءٌ جيجيءَ جي گهر ويونسين ۽ جيجيءَ وٽ زبي ۽ زبيءَ جي ماءُ ويٺيون هيون. زبيءَ جي ماءُ جيجي سان پئي ڳالهيون ڪيون ۽ زبي مشين پئي هلائي.
    آءٌ زبيءَ وٽ ويهي رهيس. ناني اندر ليٽي پئي هئي. ڳالهين ڪندي زبيءَ جي ماءُ چيو:
    ”ڀاڳل ته اڄ ڪلهه شهربانو وٽ سڄو ڏينهن ويٺي هوندي آهي.“
    ”ڪهڙي شهربانو؟“ جيجيءَ چيو.
    ”اها، امان، ٻٻرياڻيءَ جي ڌيءَ ڪانهي، جيڪا اڳي کهنڀاٽيءَ سان ڦٽيل هئي؟“
    ”ائي، ها ها، اها بچائيءَ جي ڌيءَ نه؟“ امان چيو.
    ”ها، ادي، اها بچائيءَ جي ڌيءَ انهيءَ کي گهٽ ڪري نه سمجهه. انهيءَ رن ماڻهن جا ڀُنگا ڀينگ ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو انهيءَ جي ور چڙهيو. سو ڇٽو!“ زبيءَ جي ماءُ چيو.
    ”آءٌ به چوان ته ڀاڳل روز روز اديءَ ڪزوءَ وٽان پئسا وٺيو وڃي، سو انهيءَ کي پيئي کارائي.“ امان چيو.
    جيجي اها ڳالهه ٻڌي ڪُڇي ڪانه، پر مون ڏٺو ته سڄي هيڊي ٿي ويئي.
    ڪيترا ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن مون جيجيءَ جي مٿي مان جُون ويٺي ڪڍيون. ماسي جانل ۽ امان به ويٺيون هيون ته اوچتي ڀاڳل اچي نڪتي. جيجيءَ ڀاڳل کي ڏسي ڇرڪ ڀري، منهن کڻي پاسي ڪيو. ڀاڳل جيجيءَ ڏانهن منهن ڪري چيو:
    ”ايتري ڪاوڙ؟“
    جيجيءَ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. اتي جانل ڀاڳل کي ٺوڪو ڏيئي چيو ”ڀاڳل ڪر خبر؟ ڪيئن نڪري پئين؟ شهروءَ مان پيٽ ڀرجي ويئي ڇا؟ يا وري ڪا ٻي دهري ٻهري کپئي؟“
    ”ائي هاڻي گهڻو ڪيئي، اجايو وات نه هڻ، توکي به سڃاڻان ٿي.“ ڀاڳل ٽپ ڏيئي اٿي چيو.
    ماسي جانل چيس ”ائي ته پوءِ وري ڪهڙو منهن کڻي آئي آهين؟ وڃي پنهنجي انهيءَ چهڳوٽيءَ وٽ ويهه.“
    ”ڇو نه ويهنديس؟ ڇو نه ويهنديس؟ اوهين سڙو، کامو، پچو، رن ڀڙوي! ڀڙوتون پاڻ ڪري ۽ چوي وري ٻين کي!“ ائين چئي، گاريون ڏيندي، ڀاڳل پڇ ڇنڊي اٿي هلي.
    ڪيترن ڏينهن کان وٺي جيجي اجهاميل اجهاميل پئي لڳي. اهڙي ته ماٺ اچي ويس، ڄڻ کيس کلڻ ڳالهائڻ وسري ويو هو. اڳي نانيءَ سان ڳالهه ڳالهه تي چڙيو پوندي هئي. هاڻ ناني ڪيترو، ڪاوڙبي هئي ته به ڪو جواب ڪونه ڏيندي هئي. سيبو ڪندي ڪپڙو ابتو سبتو سبيو وجهندي هئي، جنهن کي وري وري اڊيڙي سبڻو پوندو هوس. سبندي سبندي ڪو پور پئجيو ويندو هوس، ته مشين ڇڏي منهن ويڙهي وڃي پينگهي ۾ پوندي هئي.
    امان چوندي هيس، ”ڇو ڪزو، اڄ مشين ڪونه ڪڍي اٿئي؟“
    جيجي چوندي هئي: ”ادي هاڻ ته ڪم به نٿو اُڄهي، الائي ڇو، من موڳو پيو لڳي! ڀانيان ته هي گهر ڇڏي، اڏامي ڪنهن اهڙي پاسي وڃان جتي ڪير نه هجي.“
    اها ڳالهه ٻڌي آءٌ چوندي هيس: ”جيجي، تون جي اڏامي ٻئي پاسي ويندينءَ، ته پوءِ ماما کي ماني ڪير پچائي کارائيندو؟“
    ”امان پوءِ کٽي سندن قسمت، مون ڪو سندن سڄي عمر جو ٺيڪو ته ڪونه کنيو آهي.“
    جنهن تي ناني چيو: ”امان، هينئر اسين بي پهچ ٿي پيا آهيون، تڏهن روز روز کاڌي جا مهڻا پئي ڏي.“
    اسين منهنجي ماساتن جي شاديءَ تي ڪراچي هليا وياسين ۽ پندرهن ڏينهن اتي رهي پياسين، جنهن رات موٽياسين، تنهن جي ٻئي ڏينهن امان ۽ آءٌ جيجيءَ لاءِ مٺائي کڻي وياسين، جيجي کٽ تي ستي پئي هئي. ناني منجيءَ تي ويٺي هئي ۽ جانل مانيون پئي پچايون.
    امان جانل کان پڇيو: ”ڇو، ادي، خير ته آهي؟ ڪزو ستي پئي آهي.“
    جانل ماني اٿلائيندي چيو: ”ڪزوءَ ويچاريءَ کي ته الله بچايو آهي، مري بچي آهي.“
    امان پڇيو ”ڇا ٿيس؟“
    ماسي جانل چيو” اوچتو ويٺي ويٺي دورو اچي پيس، ويچارا ٻئي ماءُ پٽ پريشان ٿي پيا. مون کي کڻي سڏيائون، ڊاڪٽر گهرايوسين، ڪئين علاج ڪياسين، پر فائدو ئي ڪونه ٿيو، جيئن پوءِ تيئن پٽ پوندي ويئي. پوءِ ته ادا وڃي مولوي عبدالله کي وٺي آيو، جنهن سڄيون سڄيون راتيون پڙهي دم ڪيس، تڏهن هاڻ مس ٽيون ڏينهن کان وٺي آرام آيو اٿس. خدا بچايس نه ته بچڻ جي اميد ڪونه هئس.“
    جيجي سڄو مهينو کٽ تي پيئي هئي. خدا خدا ڪري مهيني کان پوءِ مس ڪنڌ کنيائين. پوءِ به ماما سڄو مهينو پئي مولويءَ کان ڇنڊا ڦيڻا ڪرايس. تڏهن وڃي ڪا هلڻ چلڻ جهڙي ٿي.
    چاچو مولوي عبدالله اسان جي پاڙي جي مسجد ۾ پيش امام هو. اڳي جيڪو مولوي هو، سو اسان کي اصل ڪونه وڻندو هو. سدائين منهن ۾ سونڊ پيو هوندو هوس. آءٌ ۽ زبي ڪڏهن کڻي مسجد جي درين مان اندر جهاتي پائينديون هيونسين، ته وٺي رانڀاڙ ڪندو هو ”ڇوريون، مرداريون وڃو نٿيون!“ تنهن ڪري اسين گسان پنڌان کيس ڏسنديون هيون سين ته وٺي سندس اهلون ڪنديون هيونسين، ۽ آواز بڇڙو ڪري چونديون هيونسين: ”ڇوريون مرداريون وڃو نٿيون!“ هُو وٺي اسان جي پٺيان پوندو هو، پر اسين ڀڄي وينديون هيون سين. چاچو عبدالله ڪنهن سان به ڪونه وڙهندو هو. مون کي گسان پنڌان گڏبو هو ته چوندو هو ”ناني، پڻهين کي چئو ته سانجهيءَ ڪراچي مان عالم سڳورا ايندا، نماز تي سويل اچجو.“ يا وري چوندو هو: ”ناني، فجر جو پڻهين نماز تي ڪونه آيو، چاڪ ته آهي نه؟“ اسين گڏيون پرڻائڻ وينديون هيون سين ته مرڪي چوندو هو: ”ناني، گڏين جي نڪاح تي ملان ڪونه وٺي هلنديون!“
    سندس زال بڇڙي ۽ جهيڙاڪ هئي. ماسي جانل ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي: ”خدا جي قدرت! مولوي ڪهڙو مور جهڙو سدا سهڻو مڙس ۽ زال وري ڪهڙي بڇڙي بدشڪلي مٿي ۾ لڳي آهيس. سڄو ڏينهن گهر مٿي تي کنيو ويٺي آهي. مولوي ويچارو ويٺو ٻڌي، ڪڇي ئي ڪونه. ٻيو ڪو مڙس هجي ها ته ٽڪ مان ور لاهي ڇڏيس ها.“
    ٻن پهرن جو امان جي سٿڻ کڻي آءٌ ۽ امان، جيجيءَ جي گهر ويوسين. گهٽيءَ وارو گهر کليو پيو هو. جيجي ڪوٺيءَ جي در وٽ بيٺي هئي ۽ چاچي عبدالله سان پئي ڳالهايائين. اسان کي ڏسي ڪجهه هٻڪي، پوءِ امان کي چيائين: ”ادي، آءُ ڀلي ڪري آئينءَ.“
    امان مرڪي اندر وڏي صُفي ۾ وڃي ويٺي. جيجي مشين تي اچي ويٺي، نانيءَ ستي پئي ڀڻ ڀڻ ڪئي.
    مون چيومانس ”ناني پاڻي کپئي ڇا؟“ ”نه نه.“ ڪيائين.
    مون پڇيو: ”جيجي، ناني ڇا ٿي چوي؟“
    جيجيءَ چيو: ”انهيءَ جي ته اچي مت کسي آهي، سڄو ڏينهن ڀُڻ ڀُڻ ڪري رت پي وئي آهي. نڪا ٿي مري، نه ڪا ٿي منجو ڇڏي.“
    اتي امان جيجيءَ کي چيو: ”ڪزو ادي، مائٽ جي دل نه ڏکوئبي آهي! چري، مائٽ وري به مائٽ آهي. چوندو، پر چورائيندو ڪونه!“
    جيجيءَ وراڻيو: ”پر، ادي ڏسين ٿي! ڪو ماڻهو ڇيڻو سلائيءَ لاءِ اچي ٿو ته وٺيو باهه ٻاري! هڪڙو پورهيو ڪريو کارايان ۽ ٻيو وري سڄو ڏينهن ڪُر ڪُر سهان. وڏي ڌيڻس ڌم ڌمان سان پرڻائي ڇڏيائين، باقي مون کي پنهنجي ۽ پٽس جي گيس ماري ۽ ڦٽ لعنت لاءِ ويهاري ڇڏيائين! ائين چئي جيجي اچي اوڇنگارن ۾ ڇُٽڪي. امان اٿي ڳراٽڙي پائي پرچايس.
    مون گهر اچي امان کان پڇيو: ”امان پوءِ ماما جيجيءَ جي شادي ڇو نٿو ڪرائي؟“
    امان چيو: ”پٽ مامهين جي به شادي ٿيل آهي ۽ جيجهين جي به شادي ٿيل آهي.“
    ”ته پوءِ جيجي پنهنجي گهر ڇو نٿي وڃي؟“
    ”نه، پٽ هي بدن جا سڱ آهن، جيئن تون ڪونه گڏين جون ڏي وٺ تي شاديون ڪري، پوءِ اهاني بهاني ڪاوڙائي وهاري ڇڏيندي آهين، تيئن هنن ڀاءُ ڀيڻ جو ليکو به ائين آهي.“
    ”امان، منهنجون گڏيون ته وري به پنهنجي مڙسن سان پرچي موٽي وينديون آهن.“
    ”امان مامهين چٽ ٻوڙو، جوڻس آ سدا ملوڪ، هٿين پيرين سهڻي، سا وٽس نه ويٺي. مامهين وري خار ۾ جيجهين کي ويهاري ڇڏيو. سال ٿي ويا آهن. ويچاري ويهي سڙي کامي ويئي آهي.“
    ”پوءِ مڙسس وٺي نٿو وڃيس؟“ مون وري اعتراض ڪيو.
    ”چري مڙسس ته گهڻو وٺي وڃيس، پر مامهين به ڇڏي نه!“
    هڪڙي ڏينهن پاڙي ۾ وڏيرن سچيءَ جي ڪندوري ڪئي. اسان کي ۽ جيجيءَ کي به ڪوٺ هئي، رات جو اٺين بجي امان ۽ آءٌ جيجيءَ سان گڏجي ڪندوري کائڻ ويون سين. ڪلاڪ کن ويهي جيجي، امان کي اشارو ڏيئي اٿي، اسين زالن جي وچان گهُت ڏيئي نڪري آيوسين. جڏهن گهٽيءَ جي ويجهو ٿيوسين، تڏهن جيجيءَ، امان کي چيو: ”توهين هلو ته آءٌ مولوي جي زال وٽان ٿيو ٿي اچان.“
    گهر اچي مون امان کي چيو: ”امان، جيجي مولويءَ جي زال جي گهر اڳتي ته ڪڏهن به ڪانه وڃي.“
    امان چيو: ”امان، ڪو ضروري ڪم هوندس، تڏهن ته ويئي آهي.“
    ”پر امان“ مون ڪا ڳالهه ياد ڪري چيو ”امان، سچي مولويءَ جي زال ته اڄ گهر آهي ئي ڪانه، ڪالهه مائٽن ۾ ويئي آهي.“
    امان خفي ٿي چيو: ”ڇوري توکي ته ڪا اجائي بڪ بڪ جي عادت پئجي وئي آهي.“
    ان کان پوءِ مولويءَ جي زال ۽ جيجي هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ لڳيون. جيجي کانئس ڪپڙن جي سبراڻي به ڪانه وٺندي هئي. چوندي هيس. ادي توهان جا مون تي بيماريءَ ۾ ئي گهڻا احسان آهن. ڪڏهن ڪو سٺو کاڌو رڌيندي هئي ته جهڙو اسان کي موڪليندي هئي، تهڙو مولويءَ جي زال کي.
    نيٺ هڪڙي رات ناني گذاري وئي، پوءِ ته گهر ۾ واويلا مچي وئي. جيجيءَ جي ڀيڻ ۽ اوري پري جون مٽياڻيون اچي گڏ ٿيون. صبح جو ٻيون به ڪيتريون مايون فاتحه لاءِ اچي گڏ ٿيون. ڪيترا ڏينهن پئي مايون آيون ويون. اسين سڄو ڏينهن جيجيءَ وٽ ويٺيون هونديون هيون سين. جيجي سڄو ڏينهن نانيءَ کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيندي هئي. چاچي عبدالله کي به گهڻو ڏک ٿيو. هو صبح شام جيجيءَ کي دلداري ڏيڻ لاءِ در تي اچي بيهندو هو.
    هڪڙي ڏينهن آءٌ ۽ امان گڏجي جيجيءَ جي گهر آيوسين، ته جيجيءَ وڏي ڪوٺيءَ جي ڀت کي پئي کوٽيو. امان پڇيس، ”ڇو پئي کوٽين؟“ ته چيائين، ادي اڪيلائيءَ ڪري روح منجهيو پوي. اڄ ڪلهه ادا به خيرن سان ڪم کي لڳو آهي. مولوي عبدالله جي زال چيو ”آءٌ به اڪيلي آهيان، وچان ڪوٺيءَ مان دري ٺاهيون ته هڪ ٻئي کي سڏ صلح ڏيڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سوليون ٿيون.“
    امان چيو: ڀاڻين کان پڇيو اٿئي؟ متان اهو ڳالهائڻ نه ڏيئي.“
    چيائين: ”پهريائين انهيءَ کان موڪل ورتي اٿم، نه ته ٿي آءٌ ايئن پنهنجي هلايان.“
    مون کي دريءَ جي ڳڻتيءَ ۾ رات جو ننڊ ڪانه آئي. صبح جو بابا جي وڃڻ کانپوءِ کڏ تي چڙهي، منگهه مان جيجيءَ کان پڇيم: ”جيجي دري ٺهي ويئي؟“
    چيائين: ”ها، ممڙي، رات ئي کوٽي لنبي به ڇڏيم.“
    مون ڊوڙي اچي امان سان ڳالهه ڪئي، ”امان جيجيءَ دري کوٽي لنبي به ڇڏي.“
    امان چيو: ”ها، امان هاڻي جيجهين جو روح ڪونه منجهندو.“
    پوءِ زبي آئي، چيائين، ادي تنهنجن گڏين کي منهنجون گڏيون سڏ ڏيڻ آيون آهن. سڀاڻي مڱڻو، پرهينءَ وناهه، پنڌرهينءَ جي رات ميندي ۽ سورهينءَ جي شادي آهي.“
    آءٌ پنهنجي گڏين جي تياريءَ ۾ لڳي ويس.
    جيجيءَ جو آواز ڏاڍو سٺو هوندو هو. کيس شاهه جون ڪيتريون ڪافيون ياد هونديون هيون ۽ پنهنجي منهن ويٺي جهونگاريندي هئي. آءٌ ويٺي ٻڌندي هيس. کيس اهڙيون ڪافيون وڻنديون هيون، جن ۾ ڏک هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي به چوندي هئي ته فلاڻي ڪافي ڳائي ٻڌاءِ. خاص ڪري کيس ”قابو ڪوٽن ۾ آهيان بند ڙي اديون“ واري ڪافي ڏاڍي وڻندي هئي.
    هڪڙي ڏينهن شام جو جيجيءَ چيو: ”عاشو، هوءَ ڪافي ته ٻڌائي: ”قابو ڪوٽن ۾.“
    مون چيو: ”نه اڄ ڪا ٻي ٿي ٻڌايان.“
    ”چڱو ڀلا بيهه ته پهريائين آءٌ ٿي ٻڌايان. ائين چئي هڪڙي ڪافي کنيائين: ”آئي مند ملهار، آءٌ کهنبا ڪنديس ڪپڙا.“
    مون اها ڪافي کانئس اڳ ڪڏهن ڪانه ٻڌي هئي. ان ڏينهن جيجيءَ اهڙي مٺي سر سان، اهڙيءَ موج ۾ اچي ڳايو، جهڙي مون اڳي منجهس ڪڏهن به ڪانه ڏٺي. مون چيو زبي هجي ته ان سان گڏ اٿي ڦيريون پايان. سندس اکيون پئي چمڪيون، منهن تي اهڙي پياري، اهڙي وڻندڙ مرڪ هجيس جو ماڻهو ڀانئي ته الائي ڇا کڻي ڪريان، پر جڏهن ڪافي ڳائي پوري ڪيائين، تڏهن سندس ڳلن تي ٻه لڙڪ پئي جرڪيا! پوءِ وري هن ٻي ڪافي کنئي ”منهنجي سيد سار لهندو، مون کي آهي اميد الله ۾.“ سندس منهن ننڍڙي معصوم ٻار وانگر ٿي ويو، ڄڻ ته ليلايائين پيئي. مون کي حياتيءَ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ تي ايڏو قياس نه آيو. الائي ڇو منهنجي دل ڀرجي آئي. مون پٺ ورائي لڙڪ اگهي ڇڏيا.
    پندرهن، ڏينهن آءٌ ۽ امان جيجيءَ وٽ ڪونه ويوسين، ڇو جو امان ۽ بابا گهر جي لنب کي لڳا پيا هئا. آءٌ ۽ منهنجا ٻئي ڀائر سڄو ڏينهن مٽيءَ جا کڙا پيا ڪٽيندا هئاسين. هڪڙي ڏينهن امان جيئن ڇيڻو ۽ مٽي گڏيو پئي ته ماسي رحيمان چاڪياڻي در مان منهن ڪڍيو ۽ امان کي سڏ ڪري چيائين ”بچو هيڏانهن ته اچ.“
    امان مٽيءَ مان هٿ ڪڍي وڃي ماسي رحيمان سان ڳالهائڻ لڳي. مون سندس ڦس ڦس ڪانه سمجهي، رڳو امان کي ايترو چوندي ٻڌم: ”چڱو، تون هل ته آءٌ اچان ٿي.“
    ماسي رحيمان هلي ويئي. امان اچي بابا کي چيو: ”جاني، ادي ڪزوءَ جي طبيعت خراب ٿي پيئي آهي، آءٌ کيس ڏسيو ٿي اچان.“ ائين چئي، امان مٽيءَ وارا هٿ ڌوئي، مون کي ساڻ ڪري جيجيءَ جي گهر آئي. جيجيءَ صفي واري هوديءَ ۾ الٽيون پئي ڪيون، امان اچي پٺن تي هٿ هنيس. ماسي رحيمان به بيٺي هئي.
    امان چيو: ”اوچتو ڇا ٿي ويس؟“
    ماسي رحيمان چيو: ادي چئن ڏينهن کان پئي چوندي هئي ته هينئون ٿو ڪچو ٿئي، مون سمجهيو، شايد ڇڪي پئي اٿس، گهڻيئي هٿ هنيامانس، پر فائدو ڪونه ٿيس. ڪالهه ستي ڪاڙهيو پئي پيتائين. زليخا چانگهڻ ڪو ڏس ڏنو هوس ته ”اها ستي پيءُ ته هنئين جي مونجهه لهي ويندئي“ پر ان مان ڪو فرق ڪونه ٿيس، رات وري جمال گهوٽي جو جلاب ورتو اٿس. هاڻ ته اجهو صبح کان وٺي الٽيون پئي ڪري.“
    امان جو جمال گهوٽي جو ٻڌو، تنهن يڪدم ماسي رحيمان کي پنهنجي هڙان وڙان ڏيڍ رپيو ڏيئي سٺي گيهه گهرائڻ لاءِ موڪليو. ماسي رحيمان جي وڃڻ کان پوءِ امان جيجيءَ کي کڻي کٽ تي سمهاريو ۽ چيائينس، ”ڪارو منهن ٿيئي، مون توکي اڳيئي پئي چيو ته سنڀالي پير کڻ. هاڻي پيئي لوڙ.“ جيجيءَ ڪو به جواب ڪونه ڏنو.
    ”مولويءَ کي ٻڌايو اٿيئي؟“ امان پڇيس.
    ”انهيءَ ته وٺي آڻي ڏنم. ستين ڦڪين مان ڪجهه به ڪونه ٿيو.“
    امان چيو: ”ڀلا جمال گهوٽي مان ڪو فائدو ٿيو آهي؟“
    جيجيءَ چيو: ”ها، ڦوٽي جو ڦوٽو اسر مهل الٽين ڪندي ڪري پيو. هاڻ ته هينئون پيو پٽجيم.“
    ايتري ۾ ماسي رحيمان گيهه وٺي آئي ۽ جيجيءَ کي ڍڪ ڀرايائون. گيهه پيئڻ کانپوءِ جيجيءَ کي ڪجهه فرحت آئي. امان به ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتو جيجيءَ کي پڇڻ ويئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جيجي ساهه پٽيو. مهيني کن ۾ وري به اڳي وانگر نوبني ٿي پيئي.
    جيجيءَ جي طبيعت هاڻي اڳي جهڙي ڪانه هئي. اڳي هوءَ جهڙي ويچاري پئي لڳندي هئي. ڪا چار اکر چئي ڇڏيندي هيس ته ڪڇندي ڪا نه هئي. اڳي مايون ڪپڙن سبڻ لاءِ اچيو تنگ ڪنديون هيس، ته رڳو پئي ”ها ها“ ڪندي هئي. هاڻ کيس ڪا جلدي سبڻ لاءِ چوندي هئي ته ڪاوڙجي چوندي هئي. ”آءٌ ڪا مشين ته ڪانه آهيان، توهان کي به واري واري تي سبجي ملندا. اڳي ڪا چرچي جهڙي ڳالهه نڪرندي هئي ته رڳو مرڪيو ڏيندي هئي پر هاڻ کيس چرچي ڀوڳ مان ڏاڍو مزو ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به ڪو چرچو ڪري وٺندي هئي ۽ ٽهڪ ڏيندي اکين مان پاڻي اچي ويندو هوس. امان هوندي هئي ته چوندي هئي، ”ڪزو ڇوري ايترو گهڻو نه کل، جيڪي گهڻو کلن، سي وري مُيون گهڻو روئن.“
    جيجي نڪ کي موڙو ڏيئي چوندي هئي، ”هينئر ته کلي وٺون. روئڻ جا ڏينهن گهڻائي پيا آهن.“
    هڪڙي ڏينهن آءٌ ۽ امان جيجيءَ وٽ وياسين، جيجي وهنجي سهنجي ڪپڙا مٽائي آرسي هٿ ۾ جهليو، ڏندن کي مساڳ پئي هنيو. امان ويندي ئي چرچي مان کنگهڪار ڪئي. جيجيءَ وٺي ڇرڪ ڀريو. امان کي ڏسي مرڪي ڏنائين، مون امان کي چيو:
    ”امان اڄ ته جيجي جهڙي ڪر ڪنوار.“
    امان چيو: ”ها امان، جيجهين آهي به ڪنوار.“
    مون چيو: ”جيجي تنهنجي عمر ڪيتري هوندي؟“
    جيجيءَ مرڪي چيو: ”ممڙي، سٺ ستر ته ضرور ٿيندي.“
    ماسي جانل جنهن چلم پئي پيتي، تنهن امان کي چيو، ”ويچاري ڏکن ماري آهي، نه ته ڪالهوڪي ٻار آهي. چوڙڻ ماڻڻ جي وهي آهيس. 24-25 سالن جي به مشڪل ٿيندي، جڏهن منهنجي شادي ٿي هئي، تڏهن ڀانيان ٿي ته 9-10 سالن جي مس هئي.
    هڪڙي ڏينهن جيجي اسان جي گهر آئي ۽ امان کي اچي چيائين ”انهيءَ عبدالله جي ڪميڻي رن ماڳهين ملڪ تپائي کنيو آهي. سڄو ڏينهن برقعو وجهيو، گهر گهر جهوتون ڏيندي چوندي وتي ته ”آءٌ ڀاڻس کي چوندس. ڪميڻي پاڻ کي ڏاڍو اشراف پيئي سمجهي! سڄوڏينهن سالو مڱريي جي گهر ۾ پوري پيئي آهي، سو ته نه.“
    امان چيو، ”تو به رن سان کڻي وير پاتو آهي. مون ٻڌو آهي ته تو ٽيون ڏينهن به مار ڪڍرائي هيس.“
    جيجيءَ چيو: ”منهنجي ته ملائڪن کي به خبر ڪانهي.“
    سڄو ڏينهن گهر ۾ جهيڙو مچايو ويٺي هوندي ته پوءِ پادر ته کائيندي نه، ٻيو ڇا ڪندي.“
    هڪڙي رات بابا نماز تي ويو. آءٌ به کير ڀت کائي وڃي ٿي ستيس ته ڪنهن مهل دانهن جو آواز ٻڌم.
    امان چيو ”ڇوري، اٿي کڏ تان ڏس ته ڇا آهي؟“
    ڊوڙ پائي کڏ تي چڙهي، منگهه مان ڏٺم ته ماما جي هٿ ۾ ڦوڙاٽي ۽ ٻيو هٿ جيجيءَ جي چوٽيءَ ۾ هو. مون وٺي اتان رڙ ڪري چيو ”امان جيجي مري ويئي!“
    امان ڊوڙ ڪري برقعو پائي ڦري ويئي پر در اندران بند هو. امان ڦري جانل جي گهر وئي. جانل به رڙين تي ڏاڪڻ رکي ڀت ٽپي، امان به امالڪ ڏاڪڻ تان چڙهي جانل جي پٺيان ويئي، پوءِ ته امان وچ ۾ پئي ماما کي سمجهائڻ لڳي ته ادا! ڏاهو ٿي، پاڻ تان ماڻهو نه کلاءِ، نيٺ ماما ٻاهر نڪري ويو ۽ امان ۽ ماسي پوءِ ويٺيون جيجيءَ کي هيڊ ۽ تيل گرم ڪري مکڻ، جيجيءَ رکي رکي سڏڪا پئي ڀريا. آءٌ به ماٺ ڪري لهي وڃي ڪوٺيءَ ۾ روئڻ لڳس.
    امان، جيجيءَ جي مار جي ڳالهه بابا سان ڪانه ڪئي ۽ مون کي به جهلي ڇڏيائين. مون کي ڪيترا ڏينهن جيجيءَ جي مار جي ڳالهه جو ڏاڍو ڏک هو. اڳي آءٌ گڏين جي اڳڙين لاءِ جيجيءَ کي ڏاڍو ستائيندي هيس پر هاڻي ته مون کي گڏيون ڏٺيون ڪونه ٿيون وڻيون.
    مون اڳڙيون وٺڻ ۽ گڏين راند ڪرڻ ڇڏي ڏني، جيڪا مولويءَ جي زال جهڙي گڏي هئي تنهن کي ڪينچيءَ سان ڪتري ٽڪريون ٽڪريون ڪري ڇڏيم ۽ ٻيون گڏيون پيتيءَ ۾ بند ڪري دُڇٽيءَ تي رکي ڇڏيم.
    ڪيترا ڏينهن ايئن گذري ويا. جيجي چڱي ڀلي ٿي اٿي، وري اڳي وانگر ڪپڙا سبڻ لڳي پر ماما سان ڪونه ڳالهائيندي هئي. هڪڙي ڏينهن بابا امان سان ڳالهه ڪئي ته ”ڪلهه رات پاڙي جي ماڻهن مولوي عبدالله کي مسجد مان جواب ڏيئي ڇڏيو آهي. مولوي لڏي ٻئي پاسي هليو ويو آهي.“
    جلد ئي بابا جي بدلي ميرپورخاص ٿي ۽ اسين لڏي اوڏانهن وياسين، آءٌ جيجي کي ڏاڍو ياد ڪندي هيس. امان به ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا جيجي جي ڪا نه ڪا ڳالهه ڪندي هئي. بابا منهنجي وندر لاءِ مشين آڻي ڏني. آءٌ پنهنجا ۽ امان جا چولا سٿڻون پاڻ سبندي هيس. مون کي ائين لڳندو هو، ڄڻ هي جيجيءَ جي مشين آهي.
    ٻن سالن کان پوءِ بابا چئو چاءِ ڪرائي، پنهنجي بدلي وري حيدرآباد ڪرائي. بدليءَ جي ڳالهه ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. خوشيءَ ۾ سڄي رات ننڊ نه آيم. ٻئي ڏينهن صبح جو اسين حيدرآباد لڏي وياسين. آءٌ ته لهڻ شرط بابا کان موڪلائي جيجيءَ جي گهر ويس. جيجي نماز پئي پڙهي. ٽن ڇوڪرين آهستي آهستي دور پي ڪيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ جيجي به سلام ورائي، مون ڏانهن نهاري مرڪي ڏنو ۽ پوءِ دعا گهري، مون کي کڻي ڀاڪر وڌائين. پنهنجي ڳلن تي پاڻيءَ جا ڦڙا محسوس ڪيم. منهن مٿي کڻي ڏٺم جيجي مرڪي اکيون اگهندي چيو: ”ممڙي هاڻ ته وڏي ٿي ويئي آهين.“
    پوءِ مون کان ميرپورخاص جون سربستيون خبرون پڇيائين. مون به ذريون پرزيون ڳالهيون ڪري ٻڌايس. ڳچ دير ٿي وئي ته مون چيو: ”هاڻ هلان ٿي، پوءِ وري اينديس.“ جيجي چيو، ”چانهن ٺهي پئي، پي وڃ.“
    آءٌ ويهي رهيس ۽ وري ڳالهيون ڪرڻ لڳيون سين. پٺيان ڪنهن زال اچي چانهه جو ڪوپ ڏنم. لوڻو هڻي ڏٺم ته ڀاڳل شيدياڻيءَ کي بيٺل ڏٺم.
    ”نينگري، سنڀال چانهه ٿي هارين.“ ڀاڳل رکائيءَ سان چيو.
    مون کي الائي ڇو ڪراهت وٺي پئي. ائين لڳم، ڄڻ سڀ ڪِنا آهن. ڀاڳل، جيجيءَ جو گهر، خود جيجي به.
    آءٌ چانهه جا ٻه ٽي ڍڪ ڀري، ڪوپ رکي ٽپ ڏيئي اٿي بيٺس، جيجيءَ بيحد پيار ۽ محبت مان چيو: ”ائي، ممڙي هاڻ ويهه ته سهي، ڏاڍا ڏينهن وڃي لاتا ٿئي، ويهه ته...“
    جيجي چوندي چپ ٿي ويئي. هڪ پل لاءِ منهنجي منهن ۾ يڪ ٽڪ نهاري چيائين ”ممڙي تون به!“
    سندس ڏکويل دانهن جهڙو آواز ٻڌي، آءٌ ڏڪي ويس. مون لڄي ٿي سندس منهن ۾ نهاريو. سندس چنڊ جهڙي منهن تي ڄڻ اوندهه اوندهه ٿي وئي. هوءَ رني ڪانه. ته به هڪڙو لڙڪ الائي ڪيئن آهستي آهستي ڳڙندو سندس چولي ۾ جذب ٿي ويو. پر مون جڏهن کيس ڀاڪر وڌو، تڏهن منهنجا لڙڪ روڪجي نه سگهيا.
    مون سوچيو ته چوانس جيجي مون کي معاف ڪر! آءٌ تنهنجي ممڙي توکي ڪڏهن به ڪانه ڇڏينديس، توکان نفرت نه ڪنديس، کڻي ڇا به ٿئي. تو لاءِ منهنجو پيار تر جيترو به نه گهٽبو، جيجي...
    پر آءٌ ڪجهه به چئي ڪانه سگهيس. رڳو سڏڪا پئي ڀريم.

    (زرينا بلوچ جي فن ۽ سوانح تي مشتمل ڪتاب ”جيجي“ تان ورتل)
    


    رهــــزن : - رشيده حجاب

    دريءَ جو شيشو ٿورو مٿي ڪيو ته تيز زوڪٽ سان برف جهڙي هوا جو ٿڦڙ منهن تي لڳو. تيزيءَ سان شيشو بند ڪري مون اکين مان پاڻي اگهيو. بهانو سرديءَ جو هو، پر دل بي اختيار اُداس ٿي وئي. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هليو وڃجي. موسم جي خاص خوشبو هر هنڌ موجود هوندي. ساڳي اداسي، ساڳي اونداهي، ساڳي سياري جي ٿرٿراهٽ مون کي پنهنجي وطن ۾ به محسوس ٿيندي هئي، فرق ايترو هو جو هن وقت اتي منهنجا پيارا گرم گرم بُصريون يا ڳڙ جي طاهري کائيندا هوندا ۽ هتي فضا ’پين ڪيڪ‘ جي مٺي ۽ هيبرگر جي چهري چهري خوشبو سان رچيل آهي. مانيءَ جو ٽائيم ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو، مان اڄ ماني کائڻ ڪانه وئي هيس. سوچيم پي ڪجهه کائي اچان ته اُن ئي وقت دروازو کڙڪيو، مون اندر اچڻ لاءِ چيو ته هوءَ اندر آئي.
    ”هلو مان ڪرسٽين آهيان، هن پنهنجو هٿ وڌايو، مان ڊينمارڪ مان آئي آهيان، ڪمري نمبر 210 ۾ آهيان. تون ٻنهي مان هڪ آهين، جيڪي نالا ٻاهر لکيل آهن ۽ توهان ٻئي پاڪستاني آهيو.“
    ”ها- مون پنهنجو تعارف ڪرايو. هوءَ بي تڪلفيءَ سان پلنگ تي ويهي رهي.
    ”ايڏا لاتعلق ۽ آدم بيزار آهن هن Dorm جا ماڻهو جنهن جي ڪا حد ئي ڪانهي. مون کي اها خبر هجي ها ته ڪڏهن به Stonier ۾ رهڻ پسند نه ڪريان ها. غضب خدا جو، پاسي واري ڪمري ۾ رهندڙ جي به ڪنهن کي خبر ڪانهي.“
    هوءَ ڏاڍي مڇريل هئي ۽ ڪاوڙ جو اظهار هٿ هلائي هلائي ڪري رهي هئي. ان عرصي ۾ مون هن جو تفصيلي جائزو ورتو. هڪ نظر ۾ هوءَ ڇوڪري گهٽ ۽ ڇوڪرو زياده معلوم ٿي رهي هئي (بعد ۾ جڏهن هُن سان نڪتل هڪ فوٽو گهر موڪليم ته گهر وارن دڙڪا لکي موڪليا ته آمريڪا جي هوا لڳي وئي اٿئي ڇا؟ پرايو ڇوڪرو ڪلهن تي هٿ رکي بيٺو اٿئي؟) چيڪ جي خاص ’اسڪينڊي نيوين‘ ٽائيپ جي اسڪرٽ ۾ ڊگهو، سنهو ۽ بيڪشش جسم ويڙهيل هو، چشمو به تمام پراڻي نموني جو هوس، سڄي وجود ۾ ڪا شيءِ جيڪڏهن چڱي هئي ته اُهي هن جون ڊگهيون سونهري چوٽيون هيون، جن کي هوءَ My Tails چوندي هئي. هُنَ ڪاوڙ ڍري ڪئي ته مون معذرت ڪندي چيومانس ”ڇا ڪجي Stonier ۾ هر ڪو پرديسي آهي. ڪي گهر کي ياد ڪندا هوندا. ڪي پنهنجي مقصد جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪم ۾ مصروف هوندا. ملڻ ملائڻ جو موقعو گهٽ ئي ٿو ملي.“
    ”اجائي ڳالهه آهي تون اڪيلي شايد سخت بور ٿي رهي هُئين. هونءَ به هي وقت ڪمري ۾ ويهڻ جو ته نه آهي!“ هن جي وِنڌ وِنڌ مان اندازو لڳايم ته شڪل ئي نه پر عادت به پوڙهين جهڙي اٿس. بحث ختم ڪرڻ لاءِ چيم ”هل Student Centre هلون، مان ماني ڪانه کاڌي آهي، پر مان ڪافي آئسڪريم کائيندس.“
    اِها منهنجي ڪرسٽين سان پهرين ملاقات هئي. ان کانپوءِ گهڻي ڀاڱي هر روز اسان سان ملڻ ايندي هئي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهيون ڪندي رهندي هئي. مون کي تعجب لڳندو هو ته هڪ يورپين ڇوڪري، بجاءِ، ڇوڪرن جي، ڇوڪرين سان دوستي ڪيئن قائم رکي ويٺي آهي. ان جو راز به هڪ ڏينهن کُليو. ڪرسمس واري رات هوءَ ضرورت کان وڌيڪ اسڪينڊي نيوين پنچ Scandinavian Punch پي وئي، جيڪو هن پاڻ ٺاهيو هو. ٻن ڏينهن جي نيم بيهوشيءَ کان پوءِ جڏهن هوءَ ملڻ آئي ته اڃا ’پنچ‘ جي اثر کان ٻاهر نه نڪتي هئي،
    ”مان بدقسمت آهيان، مان خوبصورت نه آهيان، منهنجي جسم ۾ ڪا خوبصورتي ڪا ڪشش ڪانهي. مان، مان بغير گلن پنن جي سڪل شاخ آهيان. منهنجي اکين ۾ ستارن جي چمڪ ڪانهي. مان ڏاڍي اجڙيل آهيان.“
    مون هن کان ڪجهه نه پڇيو هو. پر هوءَ مسلسل کُلندي پئي وئي.
    ”توکي خبر آهي اسان جو گهر ڪيڏو ويران، ڪيڏو اُداس آهي. منهنجو پيءُ ڊرسيوڊا ۾ بحري آفيسر آهي، صرف موڪلن ۾ ڪڏهن ڪڏهن گهر ايندو آهي. منهنجي ويچاري ماءُ جاپان ۾ پندرهن سال گذرڻ کانپوءِ هر وقت پنهنجي بورچي خاني کي جاپانين جهڙو مثالي بورچيخانو ٺاهڻ جي فڪر ۾ لڳي پئي هوندي آهي. اسان کي ڏاڍو پيار ڪندي آهي ويچاري. پر مون کي هن جي قريب وڃي رڳو جام، جيلي ۽ ڪيڪ جي خوشبو ايندي آهي. ڏس منهنجي عمر جيلي ۽ ڪيڪ کائڻ جي ته نه آهي نه؟ لاچار سڀ ڪجهه پاڻ کي ئي کائڻو پوندو اٿس. ويچاري منهنجي ماءُ! مان آمريڪا مان ويندس ته هن جي لاءِ نئين قسم جي جيلي جام ٺاهڻ جون ترڪيبون ضرور وٺي ويندس.
    ”منهنجو ڀاءُ نول ذهني مريض آهي. هن وقت تائين سڀ ڪورسز آزمائي ڇڏي چڪو آهي. جيڪڏهن هر هفتي هو ماءُ سان وڏو جهيڙو نه ڪري ته اسان ان کي بي حس ۽ بي جان ئي سمجهون. اسان جي گهر ۾ گرم گرم جذباتي گفتگو ۽ زندگي بخش ٽهڪن جو گذر ئي ڪونهي. سوچ اها ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي. هڪ گهر، جنهن ۾ هڪ مڪمل جوان ڇوڪري ۽ ڇوڪرو رهندا هجن، اتي موت جهڙي خاموشي ڇانيل هجي.“ مان هن کي خاموشيءَ سان ڏسي رهي هيس ۽ هوءَ بيهوشيءَ جي عالم ۾ هوش جون ڳالهيون ڪري رهي هئي.
    ”مون کي پنهنجو خاص ڏک ڪونهي ڇاڪاڻ ته مان پُرڪشش ڪونه آهيان، پر نول حسين جوان آهي. چيڙاڪ آهي. پر دل جو صاف ۽ نرم. پوءِ به ڪا ڇوڪري هن کي دوست نه ٿي بڻائي؟ منهنجي هڪ گرل فرينڊ هئي، اُن کي مون دوست بڻايو ئي نول جي لاءِ هو. ٻنهي ۾ ڪافي دوستي ٿي به وئي، پر هوءَ حرام خور جلد ئي ڀڄي وئي. مون کي لکي موڪليائين ته تنهنجو ڀاءُ چچين (Lizards) جي کاڌي تي ريسرچ ٿو ڪري، تنهنڪري مون کي پسند ڪونهي. ويچارونول!“ مون دل ۾ چيو: ويچاري تون.
    ”معاف ڪجانءِ، مون بي وقت توکي تنگ ڪيو، پر تو جو پڇيو ته مان رهي ڪانه سگهيس. واقعي ڇوڪرين جي دوستي به هڪ نعمت آهي. شايد ڪنهن ڇوڪري- دوست جي اڳيان مان دل جو حال ائين نه ڪري سگهان، پر تون ڪرين ڇا پئي.“ هن هميشه پهرين پُڇڻ وارو سوال اڄ آخر ۾ ڪيو.
    ”ڪو خاص ڪم نه، پڙهي رهي هيس.“ مون جواب ڏنو. منهنجي پاسي ۾ پيل ڪتاب ڏسي هوءَ هن کي اٿلائڻ پٿلائن لڳي. ڪتاب جي ڪَور تي ٺهيل تصوير ۾ هڪ نقاب پوش گهوڙو ڀڄائي وڃي رهيو هو ۽ زمين تي گوڏن ۾ منهن ڏيئي هڪ ڇوڪري ويٺي هئي، تصوير کي غور سان ڏسندي هُن پڇيو، ”هن ڪتاب جو نالو ڇا آهي؟“
    ”راهزن“
    ”اِن جو مطلب؟“
    ”مطلب؟ مطلب هن جو ٿيندو، رستي ۾ ڦريندڙ.“
    ”تنهنجو مطلب کيسو ڪٽيندڙ سان آهي؟“ هن سوال ڪيو.
    مان منجهي پيس، اهو لفظ ته اسان جي زبان ۾ ڪيترن ئي طرحن جي ڌاڙي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڪافي مثال ڏيئي هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر شايد اڃا هوءَ نشي ۾ هئي يا هنن جي فطرت آهي ڳالهه جي صفا تهه تائين پهچڻ جي، اُن ڪري لڳي پيو پوري طرح مطمئن نه ٿي آهي.
    ڪِرسمس واري رات پهرين برف پئي هئي سڀ White X,mas (اڇي ڪرسمس) جي ڪري ڏاڍا خوش هئا. منهنجي ڪمري جي بلڪل سامهون ٻه وڻ، جنهن کي اسان Love Spot ڪوٺيندا هئاسين، جو اڪثر ڇوڪرا ڇوڪريون انهن جي ڇانوَ ۾ ويهي ڪچهريون ڪندا هئا، برف سان ڍڪجي ويا هئا، برف باري جو سلسلو ڪافي ڏينهن تائين جاري رهيو. ڊپارٽمينٽ کان موٽي ٻاهر نڪرڻ تي دل ڪانه چوندي هئي. ڪرسٽين به ڪيترن ڏينهن کان ڪانه آئي هئي، مون سوچيو پي ته اڄ وڃي سندس خير خبر وٺي اچان ته دروازي تي ناڪ ٿي.
    “People of 214 are yon alive?” (ٻه سؤ چوڏهن ڪمري وارو زنده آهيو؟“)
    ”اچ.“ مون اٿي دروازو کوليو.
    ”مان نه اچان ته توهان منهنجي خبر به نه رکو. ڏاڍيون بي مُروت آهيو. توهان ٻيئي پاڪستانياڻيون؟“ هوءَ کلندي اچي بستري تي ڪري.
    ”ڏاڍي خوش ٿي نظر اچين؟“
    ”ڪڏهن نه ايندي آهيان؟“
    ”اُن رات ڪرسمس جي ٻئي ڏينهن...“ مون حوالو ڏنو، هوءَ ٽهڪ ڏيڻ لڳي.
    ”اُن رات ڪمبخت پنچ ڏاڍي سخت ٿي وئي هئي، پر ڏاڍي مزيدار به هئي. توهان ٻئي صفا بور آهيو. چکي ته ڏسو ها، اسٽيو Steve پيو چوي ته ان جهڙي لذيذ پنچ هن زندگيءَ ۾ نه پيتي آهي، چڱو تون ٻڌاءِ ڇا پيئي ڪرين؟“ هن هميشه وارو سوال ڪيو.
    ”پچايان پئي.“
    ”اهو ته ڏسان پئي پر ڇا ڪا خاص شيءِ؟“
    لِڪي ڪمري ۾ پئي پچايان، سو خاص شيءِ ته ڏکي آهي، اڳي دفعي تنهنجي چوڻ تي ڪباب ٺاهيم ته سڄي ڊورم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ته 214 ۾ باهه لڳي آهي، ذري گهٽ فائر برگيڊ پي آئي. ان ڪري مون ته رڌيا آهن دال ۽ چانور.“
    ”واه، مزو اچي ويو. وارو ڪر، ڪڍ.“ ٻي پليٽ ختم ڪري هوءَ Stove تي چانهه جو پاڻي رکي ٿانوَ ڌوئڻ لڳي.
    ”توهان جا کاڌا تمام مزيدار آهن پر مصيبت اها آهي جو سڻڀا ڏاڍا ٿا ٿين. اصل خبر کائڻ جي ٿانون ڌوئڻ مهل ٿي پئي. پر خير برداشت ڪري سگهجي ٿو جو پيٽ ۽ وات ٻئي ڏاڍي مزي ۾ آهن. مون Steve کي ٻڌايو هو، هن واعدو ڪيو ته ڪڏهن به آزمائيندو، توهان ٻئي تڪليف ڪري هڪ ڏينهن اسٽيو لاءِ ڪو پنهنجو کاڌو پچائيو.“
    اڄ اسٽيو جو تذڪرو بار بار ٿي رهيو هو! منهنجا ڪَن ڪجهه کڙا ٿيا، پر ڪا خاص اهميت ڪانه ڏنيمانس. اچڻ وارن ڏينهن ۾ ائين ٿيو جو ڪرسٽين صاحبه ڄڻ اسٽونير هال Stonier Hall مان غائب ٿي وئي. ٻه دفعا سندس ڪمري واري چائينز ڇوڪري جوزفين سو ٻڌايو ته هوءَ صبح جو سوير نڪري ويندي آهي. شايد هوءَ پنهنجو ٽرم پيپر لکڻ ۾ مصروف هوندي. مون سوچيو.
    هڻ هڻان واري هُن مشيني زندگيءَ ۾ هونءَ به ايتري فرصت ئي ڪٿي ٿي ٿئي جو ڪنهن جي باري ۾ ايتري کوجنا ڪجي؟ هڪ ٻه دفعو ڪمري جي دريءَ مان مون ڏٺو ته هوءَ Rutskeller ڊائننگ هال مان هڪ امريڪن ڇوڪري جي ٻانهن جهلي واپس پئي آئي. منهنجي روم ميٽ به کيس ساڳي امريڪن ڏاڙهيءَ واري ڇوڪري سان ٻه ٽي دفعا بس مان لهندي چڙهندي ڏٺو هو، ڪڏهن ڏاڪڻيون لهندي چڙهندي ’هلو ’هلو‘ ٿي ويندي هئي، اسان سک جو ساهه کنيو ويچاريءَ جي ٻيڙي ڪناري سان لڳي هئي.
    موڪل واري هڪ ڏينهن، هوءَ تيز تيز ڊوڙندي آئي، يورپين منهن ڳاڙهو ٽامي جهڙو پي لڳس. پنهنجي بهترين ڊارڪ گرين (تکي سائي) رنگ جي اسڪرٽ ۾ ملبوس، ”ڏس مان هاڻي ڪيئن ٿي لڳان؟“
    ”ڏاڍي سٺي، پر... ڪجهه تبديلي پئي لڳي مان غور ڪرڻ لڳس.،
    ”ڪمال آهي، توکي ڪجهه نظر نه ٿو اچي، هُن جهٽڪو ڏئي وارن کي پکيڙيو.
    آهه- ها، ته وار ڪٽائي آئي آهين؟“ مون هاڻي غور سان ڏٺو. مون کي ڪجهه افسوس ٿيو، جو هُن جون سونهري ڊگهيون چوٽيون مون کي ڏاڍيون وڻنديون هيون.
    ”مون سوچيو. ڪجهه تبديلي هئڻ گهرجي، حالانڪ انهن Tails سان پنجويهه سالن جو رشتو هو. منهنجي ماءُ، مان سال جي هيس، تڏهن کان منهنجون چوٽيون ڪندي هئي، پر خير- اِسٽيو کي ننڍا کليل وار پسند آهن.“
    ”اڃا اسٽيو جو ڀوت سوار آهي؟“
    ”ڀُوت؟“ هوءَ کلڻ لڳي ”هُو ته منهنجي زندگي آهي. مان سوچيان ٿي. مون کي جو ايترا ڏينهن ڪو بُواءِ فرينڊ نه مليو هو ته ان جو به شايد اهو ئي سبب هو، جو مون کي اسٽيو جهڙو دوست ملڻ وارو هو. هو مون کي اڄ پرنسٽن يونيورسٽي ڏيکارڻ وڃي رهيو آهي.“
    ”پر اڄ ته موڪل آهي. يونيورسٽي ته بند هوندي؟ مون دل ۾ ويچاريءَ تي رحم کاڌو، عجيب دوست هو موڪل واري ڏينهن تي به ويچاريءَ کي ڪنهن يونيورسٽيءَ تي پي وٺي ويو.
    ”اُتي جو ماحول اِسٽيو کي ڏاڍو پسند آهي. هو اتان ئي ته آيو آهي، اُتي جي خوبصورت باغ ۾ مون کي وائلن ٻڌائيندو. چڱو مان هلان ٿي، منهنجي لاءِ دعا ڪجانءِ.“
    مان هن کي ڏسندي رهيس. پيار جي پاڇي هن جي شخصيت کي ئي بدلائي ڇڏيو هو. هاڻي نه هوءَ بي ڪشش هئي نه سڪل شاخ، هن جي چهري تي رونق جو هجوم هو ۽ راتون رات سڪل شاخ تي گلن جا ڇُڳا نڪري آيا هئا.
    اسٽيو سان سڄو ڏينهن گهمڻ کانپوءِ هوءَ ايتري جوش ۾ هئي، جو ساڳي شام کيس اسان جي ڪمري ۾ به گيهلي آئي. اهو پهريون دفعو هو جو اسان اِسٽيو کي ويجهو ڏٺو، منهنجي روم ميٽ کي ته هو ’سخت بور‘ لڳو، پر مان ويچاري ڪرسٽين تي هڪ دفعي وري رحم کائڻ لڳس. هو نهايت سنجيده ۽ بردبار قسم جو ڇوڪرو هو، عام فلرٽ ڇوڪرين وانگر نه. هن گهڙي گهڙي ڪرسٽين جو هٿ ٿي پڪڙيو. نه ٽيپ رڪارڊ ٿي ٽيپ ٿيل هڪ ئي جملو پي ورجايو جيڪو اڪثر هتي ڪيو ويندو آهي I Love you (مان توکي پيار ٿو ڪريان شايد دل ۾ نه هئڻ واري شيءِ جو اقرار بار بار ڪري ڪوڙ جو ڀرم رکيو ويندو آهي) بلڪه مون ڏٺو ته هو سڄو وقت هن کي نظرانداز ڪري اسان ٻنهي سان گفتگو ڪندو رهيو. هن جا ارادا چڱا بلند هئا، گهڙيءَ گهڙيءَ هو پنهنجي مستقبل جي باري ۾ انديشا ظاهر ڪري رهيو هو.
    ”مان جلد ئي ورجينا هليو ويندس. اتي ڏاڍو سٺو ميوزڪ اسڪول آهي. مون کي پنهنجي ميوزڪ جي تعليم اتي مڪمل ڪرڻ گهرجي يا وري بوسٽن. اُتي وائلن جو بهترين اُستاد آهي، حالانڪه هاڻي ريٽائرڊ ڪري ويو آهي، پر مان سجهان ٿو ته مون کي ضرور ڪجهه سيکاريندو. لائبريري سائنس مون کي خاص متاثر نه ڪيو آهي.“
    مون ڏٺو ته ڪرسٽين جي مُنهن جو رنگ ڦڪو ٿيڻ لڳو هو، گهڙيءَ گهڙيءَ هوءَ بيچينيءَ سان پاسا ورائي رهي هئي. آخر مون کي غسل خاني ڏانهن هلڻ جو اشارو ڪيائين. مان چانهه جو پاڻي کڻڻ لاءِ اُٿي هيس.
    غسل خاني ۾ هن آهستي سان چيو، اِسٽو کان پڇ، آخر هو Settle (گهر آباد) ڪڏهن ڪندو، مون کي هن جا ارادا خطرناڪ ٿا نظر اچن، بوسٽن ۾ ڇهن سالن جو ميوزڪ ڪورس آهي.“
    ”تون ڇو نٿي پُڇينس؟“
    ”بحث نه ڪر. تون شادي شده آهين. تنهنجو پُڇڻ ٻئي نموني جو ٿيندو!“
    ”تنهنجو ڇا مطلب آهي مان هتي ’وچ وارين‘ وارا ڪم ڪرڻ آئي آهيان ڇا؟“ پرائي مرد کان اهڙو ذاتي سوال ڪندي مون کي عجيب پيو لڳي.“
    ”پليز.“ هن روئندي آواز ۾ چيو. مون کي رحم اچي ويو.
    ڪرسٽين چانهه ڏيڻ لڳي ته مون آخر همت ڪئي. ”ائبريري سائنس به سٺو سبجيڪٽ آهي، اهو پورو ڪري تون هتي ئي ڇو نٿو رهين. گهر ٻار آباد ڪر.“
    ”نه، هن نهايت صفائيءَ ۽ صاف گوئيءَ سان چيو. مون کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، مون تي انهن خواهشن جو وڌيڪ حق آهي، جيڪي ننڍپڻ کان منهنجي وجود ۾ سمايل آهن، پوءِ جي اُڀرڻ وارن جذبن جو وارو دير سان ايندو.“ ڪرسٽين کي ٽيڏي اک سان ڏسندي هن جواب ڏنو. مون نااميد ٿي ڪرسٽين کي ڏٺو، هو به شايد منهنجو مطلب سمجهي ويو هو. تنهنڪري وري چيائين ”تنهنجي دوست ڏاڍي سٺي آهي. ٿوري ئي عرصي ۾ هن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي پر مان هن کي به وقت به وقت ٻڌائيندو رهيو آهيان ته في الحال مان شادي ڪري پنهنجي ذميدارين کي وڌائڻ نٿو چاهيان.“
    اهو کُتو جواب هو. اڳتي ڪڇڻ پڇڻ جو ته سوال ئي نه پيو پيدا ٿئي. هو ٻئي هليا ويا. مون ڏٺو ڪرسٽين جي قدمن ۾ لرزش هئي پر چهري تي ڪجهه اعتماد پنهنجي صنف جي جادوءَ جو غرور ۽ عزم به هو، شايد هوءَ اڃا ايتري نااُميد نه ٿي هئي.
    پوءِ ايئن ٿيو جو موسم جي آندل برف، ڄڻ هر جذبي تي پئجي وئي، اسان سڀ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ ايئن جُنبي ويا هئاسين جو هڪ کي ٻئي جي خبر نه رهي هئي، خود ڪرسٽين جنهن پهرين ڏينهن مون سان ملاقات تي هن هاسٽل جي رهندڙن جي بي مروتيءَ جي شڪايت ڪئي هئي، خود به ان سرد مهري ۽ بي مروتيءَ جو شڪار ٿي الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي هئي. هن جي چيني پارٽنر، جيڪا هميشه هن جي غير موجودگيءَ ۾ ماڻهن سان ملڻ پسند ڪندي هئي، پنهنجي چيني کجورن ۽ آمريڪي چاڪليٽن (جنهن سان هوءَ مهمانن جي خاطر ڪندي هئي) سميت غائب هئي. منهنجي روم ميٽ جڏهن پڙهي پڙهي ٿڪبي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن ٿڌو ساهه کڻي چوندي هئي ”آخر ڪرسٽين هڻي هنڌ ڪيو، اڏائي وئي اِسٽيو کي. حالانڪ مان نٿي سمجهان ته ڪرسٽين ۾ ڪا اهڙي ڳالهه آهي.“
    هڪ ڏينهن بلڪل پهرين ڏينهن وانگر اوچتو هوءَ در کولي اندر هلي آئي. مان ڪجهه چوان تنهن کان اڳ هوءَ بستري تي ڪري پئي، مون کي شڪ گذريو شايد وري ڪو سخت ’ڊوز‘ چاڙهي آئي آهي، هٿ منهن کان هٽايومانس. هن جو منهن باهه وانگر ڳاڙهو هو ۽ اکين جا نيرا بلور ڄڻ ٻاهر نڪرندا ٿي آيا. هوءَ بظاهر چپ هئي، پر مون کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته هوءَ ڄڻ بارود جي ڍير تي ويٺي آهي ۽ کن ۾ اهو بم ڄڻ ڦاٽڻ ئي وارو آهي. هن جي حالت ڏسي ڏک کان اڳ مون ڊپ محسوس ڪيو.
    ”توکي ڇا ٿيو آهي ڪرسٽين؟“
    ”ڪجهه نه.“ هن جو آواز ڪنهن زنده انسان جو محسوس نٿي ٿيو.
    ”تون رني آهين؟“
    ”رُني آهيان؟ صرف رُني آهيان؟ مان پنهنجن ڳوڙهن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي آهيان، مون کي پنهنجي نڙيءَ ۾ صرف پنهنجن ڳوڙهن جو لوڻ ڳرندو ٿو محسوس ٿئي، پر ان سمنڊ ۾ به غرق ٿي منهنجي اندر جي باهه هميشه کان وڌيڪ تکي ۽ روشن آهي، مون کي خبر هئي ايئن ٿيندو، مان بدصورت ۽ بي ڪشش آهيان، مون کي اهو ڇو وسري ويو هو؟ مون هن جي لاءِ ڇا نه ڪيو؟“
    ”مون ٻن Terms ۾ ’C‘ کڻي پنهنجي اسڪالرشپ جو موقعو وڃايو، منهنجي پيءُ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مون کي Bermuda ۽ ٻيا قريبي هنڌ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ موڪلي هئي، اها واپس ڪيم حد ته اها... ته... مون کي پنهنجي هڪ ئي شيءِ سڄي وجود ۾ وڻندي هئي، اها به هن جي پسند تي قربان ڪئي.“ هُن روئندي پنهنجي ڪٽيل وارن تي هٿ ڦيرايو. .پر هو ڏاڍو ظالم هو. هن کي ذرو به احساس ڪونه ٿيو ته هڪ انساني زندگي، هڪ بيقرار روح، جيڪو ورهين کان غمگين هو، صرف هُن جي پاڇي پوڻ سان ڪيڏي خوشي ۽ راحت محسوس ڪرڻ لڳو هو. هُن جي انتظار جو اُتساهه، هن جي ملڻ جي ڪن ڳاڙها ڪندڙ خوشي، هن جي ڪاميابي تي پنهنجي مڪمل ٿي وڃڻ جو احساس، هُن جي تڪليف ۾ بيقرار ٿيڻ جو نوڪيلو غم، اهي سڀ جذبا ڪيڏا نوان، ڪيڏا خوبصورت هئا! ايڏو ڪجهه ڏئي پوءِ هو ڇو مون کي ايئن فقير ڪري ويو. هو هليو ويو. هو هليو ويو.“
    پنهنجي ان امريڪي رومان جي مرڻ تي ڪرسٽين ڏاڍو رني ۽ پوءِ بلڪل خاموش ٿي ويئي، اڪثر جيئن ٿيندو آهي، ڪنهن شيءِ جي اچانڪ وڇڙي وڃڻ تي دل ايئن ئي ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي آهي. ۽ پوءِ پاڻ ئي صبر اچي ويندو آهي. هن کي به صبر اچي ويو هو ۽ اسان به قُل پڙهي بخشياسونس.
    ۽ هاڻي موسم مٽجي ويو هو، سُڪل شاخن تان برف ڪڏهوڪو پگهري وئي هئي ۽ فضا ۾ زندگي بخش حرارت ۽ بهار جي اڻ لکي خوشبو پنهنجو پاڻ اچڻ لڳي ۽ هڪ صبح ڪمري جي سامهون واري وڻ تي راتو رات ڦٽي اچڻ وارن گلابي ڇڳن کي ڏسي، بي اختيار دل چيو، بهار اچي وئي.
    ان ئي خوبصورت موسم ۾ وطن واپس ورڻو هو. Stonier ڇڏڻ وقت ڪرسٽين سان آخري دفعو نه ملڻ جو به افسوس هو. هڪ عرصي کان هوءَ غائب هئي، جوزفين ڪيترا ڏينهن اڳي ٻڌايو ته شايد هوءَ بوسٽن وئي آهي. اهو به ممڪن هو ته هوءَ واپس وطن هلي ويئي هجي، ڇاڪاڻ ته اسڪالرشپ جو ٽائيم ختم ٿي ويو هو. جان ايف ڪينڊي ايئرپورٽ تي اها آمريڪا ۾ آخري رات هئي، پنهنجن عزيزن کي خداحافظ چئي جڏهن مان ڊپارچر لائونج ۾ آيس ته هڪ دفعو دل چيو نيويارڪ جي جڳ مڳ ڪندڙ رات جو آخري نظارو ڪجي.
    اڃا بورڊنگ ٽڪيٽ ڪانه ملي هئي، مان شيشي جي دريءَ وٽ بيٺس ته ٻيءَ دريءَ جي شيشي سان چپ پيوست ڪري هوءَ بيٺي هئي، اُداس، ٽٽل ڀڳل، اکين جي نِيرن جامن ۾ پاڻي ڇلڪيل. ”اڙي تون؟“ مون ڪجهه حيرت ڪجهه خوشيءَ ۾ رڙ ڪئي.
    هوءَ اداسيءَ مان مرڪي ”ڏاڍو خوش آهين؟“ هن سوال ڪيو.
    ”ظاهر آهي. تون نه آهين ڇا؟“ مون بي خياليءَ ۾ چئي ڏنو، پر هُن جي حالت ڏسي، وسريل افسانو ياد اچي ويو. هوءَ بلڪل چپ هئي، ۽ ٻاهر ڏسي رهي هئي. مون به ٻاهر نظر ڊوڙائي. جڳ مڳ ڪندي رات نه ڏسڻ جو افسوس ٿيو. جو ٻاهر صرف پيسنجر لائونج نظر اچي رهيو هو. مختلف رنگ روپ، مختلف لباس، مختلف زبانن جا هزارين انسان، مرد عورتون ٻار اچي وڃي رهيا هئا، ڪي خوش ڪي غمزده. ڪي هر جذبي کان عاري، پر سڀني جي مٿان سفر طاري. ايئرپورٽ جو هي وسيع خوبصورت لائونج سڀني کي راهه جي هِن يا هُن طرف ڪرڻو هو.
    اُن وقت ئي بورڊنگ سلپ وٺڻ جو اعلان ٿيو TWA جي خوبصورت ايئرهوسٽس اسان کي اچڻ جو اشارو ڪيو. ڪرسٽين ٿڌو شوڪارو ڀري، لائونج تي آخري نظر وڌي ۽ آهستي چيائين ”رشوتو هڪ دفعو مون کي، هڪ لفظ جي معنيٰ سمجهائي هئي پر مون کي سمجهه ۾ نه آئي هئي. مان سمجهان ٿي ته مون کي هاڻي ان لفظ ”رهزن“ جو مطلب چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو آهي.

    (ماهوار سهڻي مخزن تان ورتل)
    


    عيبن هاڻي : - پروفيسر تنوير جوڻيجو

    سياري جي مند ۾ حيدرآباد شهر جي وچولي گهر جو ڏيک... ڪمري ۾ ڪُل پيو ٻري، جنهن جي کاٻي پاسي ٻه ڏوڪريون ٻن منجين تي ويٺيون آهن ۽ ساڄي پاسي تونئري تي ٻه ڏيڪريون ويٺل آهن.
    شريف خاتون پنجاهه پنجونجاهه ورهين جي رعبدار ڏوڪري آهي ۽ سندس ڀيڻ رحمت خاتون، چاليهن ورهين جي سنهڙي سڪل پر تيز مزاج واري عورت آهي.
    زاهده سانوري رنگ واري بي ڊولي نينگري آهي، جڏهن ته ذڪيه پوري پني قد بت جي سمجهو نينگر آهي. ماحول ڪجهه ڳنڀير آهي، جنهن مان ڀاسجي پيو ڪا خاص ڳالهه آهي يا ڪو خاص مسئلو.
    ”مان پاڻ چوان ته پهرين ڀيري ئي هائو ڪئي اٿن، سو ڪا ڳالهه مڙئي ضرور آ“ شريف خاتون نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
    ”ادي شريف خاتون، تون ڀيڻ ويٺي آهين... سچ چوانءِ، شڪ ته مون کي پريندي ئي پيو هو، پر ڳالهه ڪونه ڪيم ته متان تون دل ۾ ڪرين.“ رحمت هٿ کي نچائيندي چيو.
    ”ائي هاڻي وري ڏس... تون چئين ۽ آءٌ دل ۾ ڪيان.“ شريف خاتون ڀيڻ کي ڏوراپو ڏنو.
    ”وري به ادي... پر هاڻي به ته ڪا مهل ڪانه وئي آ.“ رحمت ڳالهه ٽاريندي صلاح ڏني.
    ”ها رحمت... ويل ته ڪانه ٽري آ، پر مون کي عجب ٿو لڳي ماڻهن تي، ڏسڻا وائسڻا ٿي ڪري ڪيئن نه پيا ڊوهه ڪن.“ شريف خاتون عجب وچان چيو.
    ”ها ادي... بس ڪلجڳ آ ڪلجڳ... اصل رب سائين کان پئي پناهه گهرجي.“ رحمت نڪ مهٽيندي سر وٺرايو.
    ”سچ پڇين ته آءٌ ته ڌڻيءَ جا شڪرانا پئي مڃان، جو اڳواٽ ئي خبر پئي، نه ته ڪِني مک اجائي ڳهجي وڃي ها.“
    ”امان... خبر اٿئي منهنجي به ڏاڍي چمچه گيري ڪندي هئي.“ زاهده به وارو ورتو.
    پر ذڪيه کيس جوهه پائي ڪاوڙ مان ڏٺو.
    ”توکي ڇو ٿي خار وٺي، ڪهڙي تنهنجي ڏاڏي پوٽي آ.“
    زاهده جواب ۾ ڇڙٻ ڏنيس.
    ”تعويذ ڪيا هوندئين ڇوريءَ تي... ڏسينس ته سهي ڪيئن نه ٻوٿ ڦري ويو اٿس.“ شريف خاتون به ڊٻ ڪڍيس.
    ”مون ماسيءَ وٽ به ايترو ڪانه ايندي هئي، جيترو هن رن وٽ ويندي هئي.“ رحمت کي به وسريل ڳالهه ياد آئي.
    ”پر امان، سلمه جهڙي ٻي ڇوڪري ڏکي ملندو.“ ذڪيه هيسيل لهجي ۾ احتجاج ڪيو.
    ”ائي بس ڪر... اسان جي انور کي ڪا ڇوڪرين جي کوٽ. جتان گهرندو اتان ملندس، پڙهيل ڳڙهيل آ نوڪريءَ وارو آ.“ شريف خاتون وري شروع ٿي.
    ذڪيه چپ.
    ”پر ادي هاڻي ڪندو ڇا؟“ رحمت ڳالهه جو رخ ٻئي پاسي مڙندي ڏسي واپس مقصد تي آئي.
    ”ڪنديس وري ڇا؟ وڃي ٻوٿ تي منڊي ۽ موڙو اڇلي ايندي سانس، ڪونه کپي اسان کي سندن ڌيءَ.“
    شريف خاتونءَ جي آواز ۾ ڪاوڙ هئي.
    ”ها امان ها... ادا لاءِ ڪو ڇوڪريون کٽيون.“ زاهده ٻيهر ماءُ کي ٽيڪر ڏني.
    ”ها ادي شريف خاتون چوندا آهن ته ڌونئري ۾ هجي ها ته ڌڻي نه ڇڏين ها... سو اڳ جو مڱڻو ٽٽو آهي ته پڪ ڪا ڳالهه هوندي.“ رحمت ٻيهر لانڍ ٻڌي.
    ”ڇوڪري پڪ چال جي خراب هوندي نه ته هوند ڪير اهڙي ڇوڪري ڇڏي ها!“
    ”ها لڳي مڙئي ايئن ٿو. اچي بچل ماءُ ته کوٽينديسانس.“
    ”ها امان برقعو به ته ڪونه اوڍيندي آ.“ زاهده ڪڇي.
    ”ها پٽ اهي رنون رڳو ڏسڻ ۾ ساديون هونديون آهن نه ته اندر ۾ ابليس هونديون آهن. شڪر آ رب جو، جو ادي بچل ماءُ ڳالهه ڪئي نه ته اڳتي الائي ڇا ٿئي ها. آءٌ ته صبحاڻي وڃي ٿي ٽپڙ اڇلي اچان ته پنهنجي رن پاڻ وٽ سوگهي ڪن، ڪونه گهرجي اسان کي اهڙي بدڪار.“
    سلمه چپ هئي، نه نيڻن ۾ نير هئس نه چپن تي سڏڪا.
    بس حيران! اڄ سندس ٻيو مڱڻو ٽُٽو هو. بي ڏوهي هوندي به سندس پاند آلو ٿيو هو.
    پهرين مڱڻي جي ٽٽڻ ڀيري رني به هئي ته سڏڪي به هئي پر هن ڀيري ته ماٺ هئي... خاموش! پل لاءِ ايئن لڳو ڄڻ پنڊ پاهڻ ٿي وئي هجي پر پوءِ ڄڻ ڪنهن منتر ڦوڪي جادو ختم ڪري ڇڏيو هجيس ۽ معمول جيان ڪم ڪار ڪرڻ لڳي. ڄڻ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه نه ٿي هجي.
    باقي ماڻس جي اکين ۾ لڙڪ به هئا ۽ پڻس جي منهن جي گهنجن ۾ واڌارو، پنهنجي عمر کان ڏهه ورهيه وڏو نظر اچڻ لڳو.
    ”هوند اسان اڳ ۾ سندس بار لاهيون ها!“ پڻس ڌيمي لهجي ۾ چيو.
    ”چوندا آهن ته تر جي گُٿي سو چوٽون کائي، سو اسان کي ڪهڙي ڄاڻ ته ثريا جو سوچيندي، سلمه کي ٿا اوجهڙ ۾ اڇليون.“ ماڻس وراڻيو.
    ”ٻه مڱڻا ٽُٽا آهن، نه ڄاڻ ماڻهو ڇا چوندا هوندا؟“ پڻس جي اکين ۾ پاڻي تري آيو.
    ”نه سلمه جا پيءُ دل نه لاهه... اسان جي سلمه کي هر ڪو سڃاڻي سڀني کي ڄاڻ آهي ته سٺي ۽ سلجهيل نينگر آهي. ڪو به ته عيب ڪونهيس.“ ماڻس سندس پيءُ کي آٿت ڏنو.
    ”ڪيڏي نه ڳهيلي آهي امان، چئي ٿي ته مون ۾ ڪو عيب ڪونهي، ٻه مڱڻا ٽُٽڻ گهٽ عيب آهي، گهٽ مهڻو آهي.“
    سلمه ماءُ پيءُ جون ڳالهيون ٻڌي ويچارڻ لڳي. ايئن لڳس ڄڻ ڦٽ مٿان کرنڊ ڪنهن لاهي ڦٽو ڪيو هجيس.
    پهريون مڱڻو ياد اچي ويس. جڏهن سندس آڱر ۾ منڊي وجهي، کيس مسعود سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌو ويو هو. ان وقت پاڻ کي ڪيترو ته اتاهون سمجهيو هئائين، ڪيترو نه بلند. سڀني جيڏين سرتين ۾ پهرين هئي جنهن جو مڱڻو ٿيو هو.
    سندس سڀني جيڏين سرتين کيس لڪ ڇپ ۾ واڌايون ڏنيون هيون. هن وقت هن اهو به محسوس ڪيو هو ته سندس ساهيڙين جي اکين ۾ حسرت به هئي ته هلڪو هلڪو ساڙ به. ۽ اهو سوچي تهائين سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو هو پر رات جو کانئس وڏي ڀيڻ ثريا جي هنڌ مان روئڻ جو آواز ٻڌي ٿورو ٿورو ڏک به ٿيو هئس.
    ثريا جيتوڻيڪ کائنس چار سال وڏي هئي، پر سندس مڱڻو اڳ ٿيو هو. ڪارڻ اهو هو جو ثريا جي مُک تي ماتا جا چِٽا هئا ۽ شڪل ۾ پوري ساري هئي.
    ماءٌ ثريا جو ڏک به محسوس ڪيو، پر مجبور هئي آخر ڪري به ڇا ها؟ چئن نياڻين جي ماءُ هئي.
    ”في الحال مڱڻو ته ٿي وڃي، شادي کڻي اڳ ۾ ثريا جي ڪنداسين.“ ماڻس ويچاريو هو.
    وقت گذرڻ لڳو. ثريا جي وارن ۾ اڇاڻ اچي لڳي پر ڪا مِٽي ڪانه آئي ۽ پوءِ مسعود جن به گهر ڪئي ڪيترو ويهن ها!
    ”آخر ڪجي ڇا؟“ هڪ وار ماڻس سندس پيءُ کان پڇيو.
    ”ثريا جي ماءُ چئين ته ٿورو صبر ڪن، جيئن وڏيءَ جو بار پهرين لاهيون.“ ثريا جي پيءُ جو جواب هئو. کيس به ته ڌيءَ جو احساس هو ۽ سندس محروميت جي ڄاڻ به هئي ۽ هن اهو به نٿي چاهيو ته متان وڏي ڌيءَ جي دل ۾ هيڪاري احساس ڪمتري پيدا ٿئي ۽ ماڻهو به ٽوڪون ڪن ته وڏي کي ڇڏي ننڍيءَ کي ٿو پرڻائي.
    اهو ساڳيو جواب ٽي ڀيرا دهرايو ويو، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن منڊي ۽ ڪپڙا واپس گهر پهچي ويا. ان ڏينهن سلمه کي ڄاڻ پئي ته قيامت ڇا ٿيندي آ. ان ڏينهن هن ڳوڙها به ڳاڙهيا ته رُني به. ۽ سندس اهو ڳاٽ جو ڪنهن ڏينهن مٿي هو جهڪڻ لڳو. جيڏين سرتين جون همدرديون ويتر ڄڻ ڦٽن تي لوڻ ٻرڪنديون هيس ۽ کيس ايئن ڀاسندو هئو ته ڄڻ کيس ڏسي سندس ئي شاگردياڻيون هڪ ٻئي جي ڪن ۾ سُس پُس ڪري اشارا ڪنديون هجن. دل چاهيندي هئس ته سوڙ ۾ منهن لڪائي سمهي رهي ڪنهن جي اڳيان به نه اچي ۽ ڀيڻس ثريا ته ڏٺي ڪانه وڻندي هيس. اها ئي ته سندس راهه ۾ رڪاوٽ هئي ”سماج جي ديوار“ جنهن سندس ۽ مسعود جي ميلاپ کي اصل لاءِ وڇوڙو بڻائي ڇڏيو هو.
    وقت گذرڻ لڳو ۽ چوندا آهن ته وقت ئي سڀ کان وڏو مرهم هوندو آهي، سلمه جي رهنڊ تي به وقت جي مرهم کرنڊ ٻڌي ڇڏيو.
    انهن ئي ڏينهن سندن ئي هڪ رنڙ مائٽ جي مِٽي ثريا لاءِ اچي وئي. مائٽن ثريا جو بار لاٿو هاڻي سلمه ۽ ان کان ٻن ننڍين ڀينرن جي ڳڻتي هئي. سلمه سهڻي ۽ سليقه مند ته هئي، تنهن جي هڪ هنڌان مٽي اچي وئي.
    ٻيهر سندس آڱر ۾ منڊي وڌي وئي.
    هاڻي ته سندس ڏاج پڻ تيار هو پر اڄ؟ وري سندس مڱڻو به ٽُٽي پيو.
    منڊي ۽ موڙو سندس اڳيان واپس پيو هو.

    (پروفيسر تنوير جوڻيجو جي ڪهاڻين جي مجموعي ”عيبن هاڻي“، تان ورتل)
    


    ڪــــــاري : - ثريا سوز ڏيپلائي

    ”ڪاري.“ ”ڪاري.“
    ٻار گڏجي گُڏيءَ کي ڇيڙڻ لڳا ۽ جڏهن گُڏي انهن جي پٺيان ڊوڙي تڏهن ٻار تاڙيون وڄائيندا، کلندا پري پري ڀڄڻ لڳا ۽ پريان بيهي وري به کيس ’ڪاري‘ ڪري ڇيڙڻ لڳا.
    گُڏي ويچاري گهڻي ئي پٺيان ڊوڙي، پر اَٺن ٻارن سان ڪٿي ٿي هيءَ غريب پهچي. رئڻ جو آواز ٻڌي آءٌ ڇرڪي اُٿيس ۽ دريءَ مان هيٺ نهاريم، گڏيءَ کي روئندو ڏسي ڄڻ هانءُ وڍجي ويم، جي گڏيءَ جو رنگ ڪارو هو ته ان ۾ سندس ڪهڙو ڏوهه هو؟ خدا جي قدرت هئي، اَٺن ٻارن ۾ صرف سندس ئي رنگ مون تي ويو.
    ٻيا ٻار اهڙا اڇا ۽ گلابي هئا، جهڙا گلاب جا گل! بلڪل پنهنجي پيءُ جهڙا هئا ۽ گڏي ويچاري مون وانگر ڪاري!
    آءٌ لهي هيٺ ويس، ويچاري نياڻي، نون سالن جي ٻار معصوم مون کي ڏسي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
    ”نه روءُ منهنجي مٺي. ڪارا ته پاڻ الله جا پيارا آهن.“ مون کيس ڀاڪر پائي چيو ۽ پوءِ چميون ڏيئي مٿي وٺي آيس. ويچاري کي پيار مليو ته هنج ۾ ئي سمهي رهي. منهنجي نيڻن ۾ اڄ کان پورا ويهه سال اڳ جو نظارو تري آيو.
    منهنجي اَميءَ جو رنگ به تمام سهڻو ۽ اَڇو هو. ٻيا سڀ ڀاءُ ڀيڻ به انهيءَ تي ويا، سهڻا ۽ ڳورا پر آءٌ... بابا وانگر بنهه ڪاري! بابا سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو، ان ڪري سندس بدليون نون نون شهرن ۾ پيون ٿينديون هيون، هر شهر ۾ ماڻهو به نوان نوان ملندا هئا ۽ بابا جي سٺي پوسٽ جي ڪري هر ڪو آيو ويو. ننڍڙا ٻار ڏسي خرچي به ڏيندو ۽ پيار به ڪندو هو، پر مون کي اهو پيار ڪڏهن به ڪونه ملندو هو، ڇو ته ماڻهو مون کي پاڙي جو ٻار سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيندا هئا، اهڙيءَ طرح اهڙا ڪيترائي موقعا آيا جڏهن مون کي پنهنجي ڪاري رنگ جو هيڪاري احساس ٿيو.
    ننڍي هوندي ته خير ٺهيو، پر جڏهن ڏهن يارهن سالن جي ٿيس، تڏهن اڪثر مون محسوس ڪيو ته ٻين ٻارن ۽ خاص ڪري منهنجي وڏيءَ ڀيڻ جي مقابلي ۾ اميءَ مون کي ڪمتر ٿي محسوس ڪيو. اميءَ جي لاپرواهيءَ جي ڪري ننڍا ڀاءُ ڀيڻ به مون کي اهميت ڪونه ڏيندا هئا. بابا جو البت ورتاءُ جهڙو ٻين سان سٺو هو، مون سان به اهڙو ئي هو.
    ياد ٿو اچيم ته هڪ ڏينهن بابا هڪ سهڻو گلابي رنگ جو ڪپڙو وٺي آيو. سڀ ڏاڍا خوش ٿيا.
    ”آءٌ پائينديس.“ مون چيو.
    ”تون.“ اميءَ ٽهڪ ڏيئي چيو.
    ”توکي ڪو هي رنگ ٺهندو ڇا؟ هروڀرو ڪپڙي جي سونهن ئي لڪي وڃي.“
    اَميءَ کي منهنجي ڪاري رنگ وانگر آءٌ به ڪونه وڻندي هيس!“ اهي لفظ ٻڌي آءٌ ته شرمسار ۽ رنجيده ٿي ماٺ ٿي ويس پر ٻين ٻارن کي لڳو رونشو تن ٽهڪ ڏيئي:
    ”ڪاري ڇوڪري ڪپڙا پائي گلابي.“
    جو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو. نيٺ مون کي روئاري ڇڏيائون ۽ پوءِ جڏهن بابا کين ڇينڀيو تڏهن ڪٿي ماٺ ٿيا.
    جيئن سرءُ جي مند ۾ وڻن جا پن هڪ هڪ ٿي ڇڻندا آهن. تيئن ڏينهن گذرندا ويا.حالتن مون کي اهڙو احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، جو ڪابه ڳالهه سهي ڪانه سگهندي هيس.
    هڪ ڏينهن الائي ڪهڙي ڳالهه تي وڏي ڀيڻ ڪاوڙجي مون کي چيو ته ”هل ڙي هل، آهين به ڏاڍي سهڻي جو ايڏي وڏائي ٿي ڪرين.“ اديءَ جو اهو چوڻ منهنجي سهڻ کان ٻاهر هو، سڀ خوبيون ڪاري رنگ لڪائي ڇڏيون هيون: اصل انهن لفظن مون کي باهه ڪري ڇڏيو، ۽... پوءِ اهو ٿيو جيڪي نه ٿيڻ کپندو هو شايد.
    ’چٽاخ‘ جو آواز ٿيو ۽ ان سان گڏ اديءَ جو هٿ سندس ڳل تي پهچي ويو. ادي ڪجهه ششدر ٿي چيو، ”تو هي ڇا ڪيو ڪڪي!“
    ڀلا ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه، سمجهي ڪري ته ڪونه هنيو هومانس نه، الائجي ڪيئن غيرارادي طور منهنجو هٿ مٿي ٿيو ۽ اديءَ جي ڳل تائين پهچي ويو. پر پوءِ جڏهن سرت ٿيم. تڏهن متيون ئي منجهي ويم، سو وٺي گهر کان ٻاهر ڀڳس ۽ پاڙي ۾ هڪ جيڏيءَ جي گهر وڃي راند ڪرڻ لڳس. سڄو ڏينهن راند ڪندي رهيس ۽ گهر وارا ڳوليندا رهيا. جڏهن سانجهيءَ مهل ڪجهه اوندهه ٿي تڏهن پير، پير ۾ ڏيئي ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ پيل وهاڻن جي ڍڳ تي وڃي سمهي رهيس. الائجي ڪيڏي مهل ادي وڏي هنڌ کڻڻ آئي، تڏهن پهرين مون کي ڏسي ڇرڪي، پر پوءِ سندس من ۾ رحم جو ڪو جذبو جاڳيو، سو ڪڇي ڪونه ۽ وڃي ماني کڻي آئي. ماني کائي اتي ئي سمهي رهيس ۽ ادي وڏي وڃي گهر جي ڀاتين کي ٻڌايو ته هاڻ ڪڪيءَ کي ڳولهڻ جي ضرورت ڪانهي. هوءَ ته کائي پي سمهي به رهي. ان ڳالهه تي سڀ گهر جا ڀاتي ته ٿيا بي الڪا، پر مون کي اڃا الڪو هو، سو اِهو ته اڃا بابا ايندو ان کي منهنجي ڪيل بدتميزي ٻڌائي ويندي ۽ پوءِ مار... مون ايترو اڃا سوچيو مس ته بابا به اچي ويو. مون کڻي اکيون بند ڪيون ۽ بابا جي مار جو انتظار ڪرڻ لڳس ته اجها ٿي مار ملي.
    بابا جي اڳيان ماني رکي امان ڳالهه شروع ڪئي. ”ڪڪيءَ جا افعال ٻڌا اٿئي؟“
    ”ڇو ڇا ٿيو. ڪهڙو گناهه ڪيو اٿس؟“ بابا گرهه چٻاڙيندي چيو.
    ”ڏوهه ته وڏو ڪيو اٿس وڏي ڀيڻ تي هٿ الاريو اٿس.“
    ”پر آخر ڇو، پوري ڳالهه ٻڌايو ته خبر پوي.“ بابا ڪنهن جج وانگر چيو، ۽ اديءَ کان واقعي جا تفصيل پڇيائين. اديءَ ٻڌايس، ”بابا مون الائجي ڪهڙو ڪم چيومانس ته جواب ڏيئي ڇڏيائين. مون رڳو ايترو چيو ته آهين به ڏاڍي سٺي جو ايترو وڏاءُ ٿي ڪرين.“
    ”ته پوءِ پٽ. ڏوهه تنهنجو آهي.“ بابا چيو.
    ”ڇو بابا.“ ادي حيران ٿي چيو هو.
    ”امان تو ڪڪيءَ کي ايئن چيو ڇو؟ ڀلا ڪڪي ڇا ۾ خراب آهي؟ شڪل کان وڌيڪ اهميت افعالن جي هوندي آهي. سهڻو يا بڇڙو، سٺو يا خراب ته انسانن کي ماحول ٿو ڪري، وڏي ڳالهه آهي عزت جي ۽ عزت هر انسان لهڻي، تون ڪڪيءَ کي پيار ۽ عزت سان چوين ها ته هوءَ ضرور تنهنجو ڪم ڪري ها. هڪڙي خوددار ڇوڪريءَ کي شاباس ڏيڻ بدران سزا ڏيڻي ڪانهي؟ ڪڪي آهي ڪٿي ته آءٌ شاباس ڏيانس.“
    بابا جي هيءَ ڳالهه ٻڌي ادي ۽ امان ته اصل چڙي پيون. مون جو شاباس جي ڳالهه ٻڌي سا اٿي اچي بابا جي ڀرسان بيٺس ۽ چيو هئم.
    ”بابا ادي پيار سان چوي ها ته ڪم ڪري ڏيان ها.“
    ”بلڪل ٺيڪ.“ بابا چيو ۽ اديءَ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو:
    ”پٽ، شڪل ۽ صورت کي نظرانداز ڪري ٻين جي عزت ڪر ته توکي به عزت ملي ۽ ڪم به وٺ، قرب سان. ايئن برابر آهي ته ڪي ماحول جي ڪري ماڻهو اهڙا ٿيو وڃن جو گار ۽ مار کائي ڪم ڪن ۽ ڪي وري اهڙا آهن جو گلن کان به گهائجيو وڃن، اسان جي ڪڪي به گلن کان ٿي گهائجي. غلطي تنهنجي هئي هاڻي کيس پيار به ڪر ۽ معافي به وٺ.
    پوءِ بابا مون کي ويهي سمجهايو ته وڏن جي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ جواب نه ڏيڻ گهرجي. پر پهريائين منهنجو پاسو ورتائين ته آءٌ اصل خوشيءَ ۾ ڀرجي ويس.

    ان ڏينهن بابا مون کي جيڪا خوداعتمادي بخشي سا منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويئي. سڄي عمر منهنجي رهنمائي به ڪيائين، نتيجي ۾ آءٌ تمام خوشگوار زندگي گذاري رهي هيس.
    اڄ گڏيءَ کي ڏسي سوچيان ٿي ڇو نه جيئن بابا منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ خوداعتمادي بخشي، تيئن آءٌ به گڏيءَ لاءِ ڪريان ها. مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. جيئن مون علم حاصل ڪري پنهنجي هستيءَ کي مڃرايو ۽ ٻين جي عزت ڪري مان پرايو. تيئن ڪرڻ جو گڏيءَ کي به سبق ڏينديس. مون کي خبر آهي ته ”اڀري ڍور تي مڇر گهڻا.“
    پاڻ کي پاڻ ئي گهٽ سمجهبو ته ٻيا به گهٽ سمجهندا. آءٌ اڄ کان ئي عملي طور تي جيڪو پيار ۽ توجهه چاهيندي هيس سو گڏيءَ کي ڏينديس ۽ جن ڳالهين تان پاڻ کي ڏک ٿيندو هئم سي ڪڏهن به گڏيءَ لاءِ ڪنهن کي ڪرڻ نه ڏينديس.
    ايئن ٿو لڳيم ڄڻ منهنجي اڳيان ويهه سال واري ڪڪي سمهي پيئي آهي، بلڪل ايئن آءٌ گڏيءَ جي ڪاري چهري کي چمان ٿي...
    اڄ سمجهيو اٿم ته ٻين تي ۽ پنهنجي اولاد تي مڪمل توجهه ۽ قرب جا گلڙا اهي ئي وسائين ٿا. جيڪي ننڍپڻ ۾ انهن نعمتن کان محروم رهيا هوندا... بابا به ته ڪارو هوندو هو نه...
    ته شايد بابا به... مون وانگر...
    خير ڪجهه به هجي، منهنجي حياتي بابا ٺاهي ۽ آءٌ گڏيءَ جي ٺاهينديس، مون اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

    (ناري پبليڪيشن جي ڪتاب ”هيل نه ڪوسنگ کاڌم“ 1979ع تان ورتل)
    


    تو جنين جي تانگهه، سي سڄڻ سفر هليا! : - مس مهتاب چنه

    پر انجم، تون ڪٿي آهين؟
    تنهنجو ڪمرو ساڳي طرح بند آهي. ان ۾ تنهنجا ڪتاب، جن تي مٽي چڙهي وئي آهي، اڃا تائين تنهنجا منتظر آهن. تنهنجي ميز تي هاڻي به هڪ کليل ڪتاب اونڌو ٿيو رکيو آهي، جنهن کي تو پڙهندي اتي ڇڏيو هو. ان جي پاسي ۾ تنهنجي پين ۽ گلابي جلد سان ڪاپي رکي آهي. نه ڄاڻان ڇا آهي ان ڪاپيءَ ۾؟ مان اها ڪاپي ڪڏهن به ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪنديس. اهي شيون اڄ ڇهن ورهين کانپوءِ به اهڙيون ئي آهن. تنهنجي سيرانديءَ وٽ شمعدان ۾ هڪ اڌ ٻريل ميڻ بتي لڳل آهي. تون ان شمعدان ۾ شمعون ٻاري پروانن جي جلڻ جو نظارو ڏسندي هئينءَ ۽ ستت ئي ميڻ بتي کڻي دريءَ کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيندي هئينءَ، پر ٻئي ڏينهن وري نئين شمع روشن ٿيندي هئي. هي سڀ مان ان دريءَ جي شيشي مان ٿي ڏسان جيڪا باغ ڏانهن کلندي آهي. باغ ۾ انب جو جيڪو وڻ تو پنهنجي هٿ سان لڳايو هو، اهو هاڻي وڏو ٿي چڪو آهي. مينهوڳيءَ ۾ ان تي ڪوئل ڏاڍي پرسوز آواز ۾ ڪوڪاريندي آهي. هن سال ته ان ۾ انبڙيون به ٿيون هيون، پر ڪوبه هٿ انهن کي ٽوڙڻ لاءِ اڳتي نه وڌيو هو. تنهنجا گلاب جا ٻوٽا سڙي چڪا آهن. رڳو تنهنجي ”نرگس“ رهجي وئي آهي، جنهن کي تون سڀ کان وڌيڪ ڀائيندي هئينءَ. مان ان کي روز پنهنجن هٿن سان پاڻي ڏيندي آهيان. اهي سڀ شيون تنهنجي غم ۾ سوگوار آهن، تنهنجون منتظر آهن، ۽ انجم مان به ته تنهنجو انتظار ڪندي آهيان. ڪيترا دفعا ته ايئن لڳندو آهي، ڄڻ تون، پنهنجي خاص انداز ۾ ننڍا ننڍا قدم کڻندي اچين پئي ۽ جڏهن مان نظرون کڻندي آهيان ته تون خاموشيءَ سان پري ٿي ويندي آهين. ايترو، جو مان ان جو تصور به نٿي ڪري سگهان...
    انجم! مون کي اها رات چڱيءَ طرح ياد آهي، جڏهن اسان پهرين پهرين تنهنجي گهر جي پاسي ۾ آيا هئاسين. مان اڪيلائيءَ ۽ ٻوسٽ کان تنگ ٿي ٻاهر گڏيل لان ۾ نڪري آئي هيس. تون گهميل ڇٻر تي ويهي، اڀن گوڏن تي ٺوٺون ٽيڪي، هٿن جي پيالي ۾ کاڏي رکي، محويت جي عالم ۾ آسمان ڏي تڪي رهي هئينءَ. مون توکي ڏٺو ۽ تڪيندي ئي رهجي ويس. مون سمجهيو ڪو سڳورو روح ڀلجي هن پاسي اچي ويو آهي. گهرن ڪارن وارن جي وچ۾ تنهنجو چهرو چنڊ کي شرمائي رهيو هو. مون کنگهار ڪري توکي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريو. توکان ڇرڪ ڀرجي ويو، ”اوهه،“ ۽ مان تنهنجين اکين جي سحر ۾ گم ٿي ويس: اداس منتظر اکيون، جهڙيون نرگس جو گل، سٻاجهيون ۽ بي انت! مون مرڪندي پنهنجي مداخلت لاءِ معافي ورتي ۽ تنهنجو نالو پڇيو. تون وراڻينءَ: ”انجم“ ۽ توهان جو؟“ ”شبنم.“ ڪيترو نه مختصر تعارف هو، پر ان کانپوءِ اسان هڪ ٻئي جي ويجهو اچي وياسين، ايترو ويجهو، جو جيڪڏهن مان هڪڙي وک کڻان ته انجم، جي تون هڪڙي وک کڻين ته شبنم.
    تنهنجي اکين جي اداسيءَ ۽ انتظار جو راز تڏهين کليو، جڏهن تو گهڻن گهڻن ڏينهن پڄاڻان، ڳوڙهاٽيل ڇپرن ۽ ننڊاکڙي آواز ۾، مون کي ٻڌايو: ”مون کي ايئن لڳندو آهي ڄڻ مان ازل کان ڪنهن جي منتظر آهيان، مان ايامن کان ڪنهن جي واٽ ويٺي نهاريان...“ ايئن چوندي تنهنجو آواز جذبات ۽ احساس جي شدت وچان ڏڪڻ لڳو هو ۽ مان جڏهن تنهنجي ان عجيب انتظار تي کلي ڏنو هو ته توکي جهڙو جهٽڪو لڳو هو: ”ڏسجان شبي، هڪ ڏينهن هو ايندو، ضرور ايندو... ۽ پوءِ... منهنجي روح جي انتظار جي اڃ اجهامي ويندي.“ تنهنجي آواز جي يقين مون کي به متاثر ڪري ڇڏيو. ڪيڏو نه پيار هو توکي پنهنجي ان انتظار، ان اوسيئڙي سان، ۽ ڪيڏي نه عزيز هئي توکي اها اڻ ڄاتل هستي، جنهن جي تون ايامن کان واٽ نهاري رهي هئينءَ.
    پوءِ هڪڙي ڏينهن اسين گلاب جي ٻوٽن وٽ ويٺيون پنهنجن پسنديده ڪتابن تي بحث ڪري رهيون هيونسين ته تو گلاب جي هڪ ٽاريءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو. گلن تان ماڪ جا ڪي ڦڙا ڇٻر تي ڪري پيا. تو اوچتو سوال ڪيو:
    ”انجم ۽ شبنم ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
    ”تمام وڏو. اهو ئي جيڪو تو ۾ ۽ مون ۾ آهي.“
    ”اونهون... مان چرچو ٿوروئي ٿي ڪريان. سنجيدگيءَ سان ٿي پڇان.
    ”مان به سنجيده آهيان، انجم! ڏس هڪ جو مقام بلنديون آهن ۽ ٻي جو پستيون. ماڪ کي رات جا ڳوڙها چيو وڃي ٿو ۽ تاري کي رات جي سونهن.“
    ”پر ماڪ لاءِ گلن جي سيج به ته آهي.“
    ”رڳو راتوڪي رات. ٻي ڏينهن سج ان جي حياتيءَ کي پورو ڪيو ڇڏي.“
    ”سج تاري جي حياتيءَ کي به ته پورو ڪندو آهي.“
    مون تنهنجين اکين ۾ ڏٺو،جن جي تري ۾ مون گهاٽا ڪارا پاڇا نچندي ڏٺا. مان ڊڄي ويس: ”تارا ڀٽڪيل واٽهڙي کي واٽ به ته ڏيکاريندا آهن.“
    ”۽ جيڪڏهن واٽ نه ڏيکاري سگهندا آهن ته ٽُٽي ويندا آهن...“ ايئن چوندي تنهنجا چپ ڪنبڻ لڳا ۽ اسين ٻئي اداس ٿي ويوسين.
    پوءِ انجم، ڏينهن تمام تيزيءَ سان گذرڻ لڳا. ڀلا، وقت جي لهر کي ڪير روڪي به سگهيو آهي؟ هميشه وانگر تنهنجي ڪمري جون بتيون رات جو دير تائين ٻرنديون رهنديون هيون ۽ تنهنجا هٿ ان گلابي جلد واريءَ ڪاپيءَ تي خبر ناهي ڇا لکندا رهندا هئا؟ تنهنجو هٿ سان لڳايل انب جو وڻ هوريان هوريان وڌڻ لڳو ۽ هڪڙي ڏينهن تو مون کي جهيڻي ۽ سٻاجهي لهجي ۾ ٻڌايو ته تنهنجو انتظار ختم ٿي ويو آهي، ڇو ته تون جنهن جي منتظر هئينءَ سو اچي ويو هو.
    ”هو زهره کان وڌيڪ روشن ۽ خوبصورت آهي، شبي!“
    ”ڇا توکان به وڌيڪ؟“ مون شرارتي مرڪ مرڪندي پڇيو، ۽ تو معصوميت سان جواب ڏنو، ”ٻيو نه ته ڇا... مان... مان ته ڪجهه به ناهيان. مون کي ايئن ٿو لڳي ڄڻ مان هڪ ذرو آهيان جيڪو اڳي هن جي انتظار ۾ روشن هو.“ مون بي اختيار کلي ڏنو:
    ”چري، تنهنجي مقابلي ۾ ڪير ايندو؟“ پوءِ مون نالو پڇيو. تو آسمان ۾ ٻيپهريءَ جي سج ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”شمس.“ آسمان ۾ پري پري تائين ڪنهن به تاري جو آثار ڪونه هو. منهنجي منهن جو پنو لهي ويو. پر مان خاموش رهيس. تون مون کي گهليندي پنهنجي گهر وٺي وئينءَ. مون هن کي ڏٺو، جو تنهنجي انتظار کي ختم ڪرڻ آيو هو. هو ڪاري پتلون ۽ اڇي قميص ۾ ملبوس هو ۽ هڪ خاص انداز ۾ سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو. هن جي سونهري وارن جي هڪ چڳ، ڪنهن فلمي ايڪٽر جي انداز ۾، هن جي موڪري نرڙ تي ڪڏي رهي هئي. هن جون اکيون مون کي ڏاڍيون عجيب لڳيون. ايئن ناهي ته ڪو اهي ٺاهوڪيون نه هيون نه، پر انهن ۾ ڪا اونهائي ڪانه هئي. انهن ۾ ڏسڻ سان ايئن ٿي لڳو ڄڻ انهن اکين ۾ هو پاڻ ئي هجي... تو منهنجي سڃاڻپ ڪرائي. مان ڊنل ڊنل بيٺي رهيس، توسان ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو هن مون ڏانهن منهن ڪيو ۽ وات مان هوريان هوريان سگريٽ جون دونهون ڪڍندي مون کي چيائين: ”توهان کي ڳالهائڻ ايندو آهي؟“
    ”جي؟ جي نه... چڱو انجم مان هلان ٿي.“
    ”اڙي توهان ته اسان کي پنهنجي ڳالهائڻ لائق به ڪونه ٿيون سمجهو.“ هن ٿورو مشڪي چيو پر مان واپس هلي آيس. هو مون کي بلڪل نه وڻيو هو، انجم!
    هاڻي توکي مونسان ملڻ جو وقت ئي نه ملندو هو. رات جو تنهنجي ڪمري جون بتيون جي اڳ دير تائين ٻرنديون هيون سي هاڻ ستت ئي وسامي وينديون هيون. تو هاڻي نرگس کي به پنهنجي هٿن سان پاڻي ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. تون ۽ شمس چوويهه ئي ڪلاڪ ڳالهين ۾، گهمڻ ۾ مشغول رهندا هئا. تنهنجي ماءُ خوش هئي ته سندس لاڏلي غمگين ڌيءَ هاڻي بشاش رهڻ لڳي آهي ۽ پوءِ شمس، جيڪو سندس مرحوم ڀيڻ جو پٽ ۽ انجنيئر به هو، تنهن جي هتان بدلي ٿي وئي. وقت گذرندو رهيو ۽ مون کي خبر پئي ته تنهنجي شادي شمس سان ٿي رهي آهي. ها، مون کي خوشي به ٿي، پر دل ۾ اها خلش به هئي ته ڀلا سج ۽ تاري جو ڪهڙو ميلاپ! پر اهو ته وهم هو، فقط لفظن جي راند. پوءِ هڪڙي ڏينهن تنهنجي گهر ۾ شادمانا ٿيڻ لڳا. مان به شاديءَ ۾ شريڪ ٿيس. اتي مون کي خبر پئي ته تنهنجي پيءُ جي مرضي ڪانه هئي، پر هن کي به تنهنجي مرضيءَ اڳيان جهڪڻو پيو- جو هو توکي ناخوش ڪونه پئي ڏسي سگهيو.
    ڪنوار جي وڳي ۾ تون ڏاڍي خوش ۽ سٺي پئي لڳينءَ. منهنجي دل مان اها دعا نڪتي ته خدا ڪري تون هميشه اهڙي ئي خوش هجين. ڇوڪرين ان ڏينهن ڪيترائي گيت ڳاتا- ٽمڪندڙ تارن جا گيت، ٽڙندڙ گلن جا گيت، جهونگهاريندڙ جهرڻن جا گيت، انتظار جا گيت ۽ لافاني پيار جا گيت! ان وقت تون پاڻ به هڪ گيت پي لڳينءَ... بهار جو سريلو گيت! ڪاش، تون ڪڏهين به ويران خزان جو مرثيو نه ٿين ها!
    شادي کانپوءِ تون هتان هلي وئينءَ. ٻه ورهيه اک ڇنڀ ۾ لنگهي ويا، اصل ڪڪر ڇانوَ وانگر ۽ هڪڙي ڏينهن جڏهن مان تنهنجي ماءُ سان ملڻ آيس ته تون اتي هئينءَ. تون مون کي بدليل نظر آئين، اڳينءَ انجم کان بلڪل مختلف. تون بيحد ڪمزور ٿي وئي هئينءَ. مون کي پنهنجي اکين تي پت ئي نه پئي آهي. منهنجي دل تي هڪ ڌڪ لڳو. تون پنهنجي پلنگ تي اکيون بند ڪيو ليٽي پئي هئينءَ. مون توکي آهستي سڏ ڪيو، ”انجم.“ تنهنجيون اکيون کليون ۽ تنهنجا چپ ٿورو ڏڪيا. ”تو پاڻ کي هي ڇا ڪري ڇڏيو آهي، انجم؟“ تنهنجي ويران اکين ۾ درد جي ليڪ ٺهي ۽ ڊهي وئي ۽ تو ٿڪل ٿڪل انداز ۾ مرڪي ڏنو. دراصل تون ناتجربيڪار هئينءَ. توکي تنهنجي انتظار ڌوڪو ڏنو هو. شمس، تنهنجو آدرش، هڪ سراب هو. هو صبح کان شام تائين شراب ۾ غرق رهندو هو ۽ رات جو جوئا ۾. تو هن ڀٽڪيل واٽهڙي کي واٽ ڏيکارڻ چاهي، ۽ تون ڪامياب نه ٿي سگهينءَ، اٽلو هن تنهنجي وجود کي ئي نظرانداز ڪري ڇڏيو. پوءِ تنهنجي اکين جي اداسي ۽ ڳوڙهن کان تنگ ٿي هن توکي پنهنجي پيڪي گهر موٽائي موڪليو. هن جو غم توکي اڏوهيءَ جيان کائيندو رهيو ۽ جڏهن تون موٽي آئينءَ ته تون پرڻجي ويل انجم جو رڳو پاڇو رهجي وئي هئينءَ. غم توکي هونءَ به پيارا هئا ۽ هيءُ غم ته اڃا به پيارو هو، ڇو ته اهو توکي تنهنجي مايوسيءَ ڏنو هو! ۽ جڏهن تون ڳوڙهن ڀريل آواز ۾ چيو، ”هاءِ شبي، مون پنهنجي دل ۾ محبت جا جيڪي ڏيئا روشن ڪيا هئا، تن کي هن ظالم هڪڙيءَ ئي ڦوڪ سان وسائي ڇڏيو، شبي، هڪڙي ئي ڦوڪ سان...“ ته مان رڳو هڪ ئي ڳالهه سوچي سگهيس: تاري ۽ سج جو ڪهڙو ميلاپ!
    هڪ ڀيري رات جو مان دريءَ ۾ بيٺي ڪجهه ويچاري رهي هئس. اوچتو مون توکي ڏٺو. توکي ٽئي لٽا اڇا پيل هئا ۽ مون کي ايئن لڳو ڄڻ تون ڪو روح آهين، جنهن جو هن دنيا سان ڪوبه واسطو ڪونهي. تون هوريان هوريان جهڪئين ۽ سجدي ۾ ڪري پئين. مان خاموشيءَ سان توکي تڪي رهي هيس. جڏهن تو دعا گهرڻ لاءِ هٿ کنيا ته مون کي اچانڪ خيال آيو ته ڪٿي تنهنجي طبيعت خراب ته نه آهي؟ مان تڪڙو تڪڙوهيٺ لٿس ۽ تنهنجي ڪمري ڏانهن وڌيس پر دروازو بند ٿي چڪو هو. تنهنجي بتي ٻري پئي. هڪ وار دل چيو ته توکي سڏ ڪريان، پر ٻي وار دل منع ڪئي، شايد تون ان ڪاپيءَ تي ڪجهه لکندي هوندينءَ.
    ٻئي ڏينهن جڏهن مان تنهنجي گهر پهتس ته تنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ڊاڪٽر کي پلنگ جي پاسن کان بيٺل ڏٺم. تنهنجي طبيعت وڌيڪ خراب هئي. مان تو وٽ پهچي هٿ تي پنهنجو هٿ رکيو، پر چئي ڪجهه به نه سگهيس. جڏهن ڊاڪٽر ويو هليو ۽ تنهنجا ماءُ پيءُ ٿورو پاسيرو ٿيا ته تو مون کان پڇيو ”ان ڏينهن واري گفتگو ياد اٿيئي؟“ منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي تون چوڻ لڳين، ”جڏهن تو چيو هو ته هڪ جو مقام بلنديون آهن ۽ ٻي جو پستيون، پر هن بلنديءَ کان ته پستي سٺي هئي... اچ شبي، تون ۽ مان نالو مٽايون...“ تنهنجو آواز گهُٽجي ويو، مون پنهنجن ڳوڙهن کي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تنهنجي هٿ کي هلڪو زور ڏنو. ساهه کڻي تو وري چيو، ”۽ مون اهو به ته چيو هو ته جيڪڏهن تارا واٽ نه ڏيکاري سگهن ته ٽُٽي ويندا آهن... ها نه...؟“ ان ڏينهن هڪڙو تارو ٽُٽي ويو، انجم ۽ تنهنجي ڪمري جا دروازا بند ٿي ويا.
    اڄ ڇهه سال ٿي ويا آهن. مان تنهنجي ڪمري جي دريءَ جي هيٺان ويٺي آهيان. اڄوڪي ڏينهن ئي ته تون هتان وئي هئينءَ. مان هردم تنهنجو انتظار ڪندي آهيان، ۽ رڳو مان ئي نه، پر هي سڀ شيون به تنهنجون منتظر آهن. تون ڪڏهن ته ايندينءَ، انجم! ڪڏهن ته ايندينءَ...

    (ڊسمبر 1963ع جي ماهوار نئين زندگيءَ تان ورتل)
    


    منگل سوُتر : - ڪلا پرڪاش

    سيتا صبح جو ڇهين بجي پنهنجي گهر مان نڪتي. شواجي پارڪ واري بس اسٽاپ تان انڌيريءَ جي بس پڪڙيائين. پوڻي ستين بجي هوءَ چار بنگلو ايراضي ۾ رتن نگر ۾ اچي پهتي. اي- بلڊنگ طرف وڌندي هن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ پنهنجي گهر وڃي رهي آهي. اُن بلڊنگ جي پهرئين ماڙي تي فليٽ نمبر پنجين ۾، پرديپ پنهنجي ماءُ سان رهندو آهي. پَرُ سال هن جي پرديپ سان شادي ٿي هئي. هوءَ مسز سيتا پرديب ماکيجاڻي بڻجي ان گهر ۾ گهڙي هئي.
    هاڻي هوءَ مِس سيتا- ايس- سامتاڻي بڻجي رهي آهي. ٻه مهينا گڏ رهڻ بعد پرديپ هُن کان طلاق گهريو. هنن ٻنهي طلاق جي پٽيشن جا ڪاغذ به صحيح ڪري ڇڏيا آهن. ڪالهه کيس وڪيل وٽان فون آيو هو، ته پرديپ تنهنجي پيڪن طرفان مليل سون مون وٽ ڊپازٽ ڪري ويو آهي، تو وٽ هن جو ڏنل منگل سوُتر آهي، سو مون وٽ ڊپازٽ ڪري وڃ.
    وڪيل جو فون ملڻ بعد سيتا جو سڄو ساهه وڃي منگل- سوتر ۾ پيو. هن اڃا تائين منگل سوتر لاٿو نه آهي. رات سڄي رات هن سوچيندي گذاري آهي ته منگل سوتر گلي مان ڪيئن لاهيندي؟ هوءَ جڏهن مڱيل هئي ۽ کيس خبر پئي هئي ته سندس نران منگل سوتر خريدڻ وڃڻي هئي، تڏهن هن پرديپ کي فون ڪري چيو هو، ’مان چاهيان ٿي ته مان تنهنجي ڀيڻ سان گڏ وڃان ۽ منگل سوتر پسند ڪريان.‘
    پرديپ کلي چيو هوس، ’خيال نه ڪر. منهنجيءَ ڀيڻ جي پسندي تمام سٺي آهي.‘
    سيتا اهو جواب ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي هئي پر هن جي اندر ۾ تِر تِر ڏاڍي هئي، ته جڏهن منگل سوتر سندس ڳچيءَ ۾ پوندو، تڏهن سندس ڳچي ڪيئن ٻهڪي پوندي! منگل سوتر پوڻ واريءَ گهڙيءَ کان هوءَ مسز پرديپ ماکيجاڻي بڻبي. جڏهن سندس نران کيس منگل سوتر پاتو هو، تڏهن هوءَ آرسيءَ ۾ پاڻ ڏسي نه سگهي هئي. گهڻن ئي مٽن مائٽن وچ۾ گهيريل هئي پر گهڻائي ڀيرا منگل سوتر کي آڱرين سان ڇُهيو هئائين.
    هينئر به هن جو هٿ پنهنجيءَ ڳچيءَ طرف کڄي ويو. هڪ هٿ سان منگل سوتر کي ڇُهيائين ۽ ٻئي هٿ سان پرديپ جي گهر جو ڊور بيل وڄايائين.
    سيتا واچ ۾ وقت ڏٺو. اَڃا ست به نه ٿيا آهن. هن کي پڪ آهي ته پرديپ ننڊ ۾ هوندو. هو اَٺين بجي ڌاري مس اُٿندو آهي. باقي هُن جي ماءُ... جنهن کي سيتا ٻن مهينن لاءِ اَمي ڪري سڏيو هو ۽ هن کي راضي رکڻ لاءِ هر قسم جا جتن ڪيا هئائين، سا ننڊ مان سويل اٿندي آهي، اڌ منٽ کن در نه کليو ته سيتا سمجهي ويئي ته پرديب جي ماءُ سنان ڪندي هوندي يا پوڄا پاٽ ۾ مشغول هوندي. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. پهرئين ماڙي جي ٻين ٻن فليٽن جا دروازا بند هئا. ٻن مهينن لاءِ هت گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو سندس پاڙيسري هئا. جيتوڻيڪ کيس ايترو وقت نه مليو هو، جو ڪنهن به پاڙيسريءَ سان هِري مِري سگهي.
    سيتا ٻيو دفعو بيل وڄائڻ واري هئي ته ڪم واري اِندو ٻائي اچي پهتي. هن سيتا کي ڏسي عجب وچان چيو، ’تون؟‘
    سيتا چپ چاپ هن ڏانهن نهاريو.
    اِندو ٻائي ڊور بيل وڄائيندي چيو، ”ڏاڍي ڦٽل قسمت اٿئي. ڪهڙي گهر ۾ تنهنجي شادي ٿي. پرديپ ۽ ماڻس ڪي ماڻهو آهن!؟“
    پرديپ جي ماءُ در کوليو ته سراپجي ويئي. هن سمجهيو هو ته اِندو ٻائي در تي هوندي. هوءَ کيس روز وانگر دٻ ڪڍي ها ته گهنٽي ٿي وڄائين يا ڪن ٿي ڦاڙين! هوءَ وري کيس چوي ها، هونئن وري تون ٻڌين ها ڇا؟ پر اڄ هنن جي وچ ۾ ڳالهائڻ ڪين ٿيو. اِندو ٻائي ته دراوزي مان سرڪي اندر ويئي ۽ وڃي پنهنجي ڪم کي لڳي. باقي سيتا کي گهر ۾ گهڙڻ کان پرديپ جي ماءُ ستي روڪ ڪري بيٺي. نرڙ ۾ گهنج پيل تمام ڪؤڙي آواز ۾ پڇيائين، ”ڇو آئي آهين؟“
    ”منگل سوتر موٽائڻ.“
    ”وڃي وڪيل جي آفيس ۾ ڏيئي اچ.“
    ”جي توهان کي ڏينديس، ته ڪهڙو فرق پوندو.“
    پرديپ جي ماءُ دروازو بند ڪرڻ تي هئي ته سيتا زبردستيءَ گهر اندر گهڙي. اُن بعد دروازو بند ڪري چيائين، ”توهان کان ڪجهه پنڻ ڪانه آئي آهيان. بس چاهيان ٿي، ته پرديپ پاڻ منگل سوتر منهنجي ڳچيءَ مان لاهي.“
    ”هو نه لاهيندو. اِيئن ڪو ٿيندو آهي ڇا؟ نڪرين ٿي گهر مان، يا پوليس کي فون ڪريان؟“
    ”پوليس کي فون ڀَل ڪريو! اُهي پڇندا ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ سيتا ڳالهائيندي ڳالهائيندي هال ۾ اچي صوفا تي ويهي رهي. پرديپ جي ماءُ جي منهن ۾ سڌو نهاري چيائين، ”اِهو منهنجو ضد آهي ته پرديپ پاڻ منگل سوتر لاهي.“
    ”دماغ خراب اٿيئي ڇا؟“
    ”اِيئن ئي سمجهو. بس پرديپ پنهنجي هٿن سان منگل سوتر منهنجيءَ ڳچيءَ مان لاهي، پوءِ مان چپ چاپ هلي وينديس.“
    اِندو ٻائي چانهه جا ٻه ڪوپ کڻي آئي. هڪ پرديپ جي ماءُ کي ڏنائين ۽ ٻيو سيتا کي.
    پرديپ جي ماءُ چانهه جو ڪوپ ميز تي رکي صوفا تي ويهندي چيو، ”ڪنهن چانهه گهُري توکان؟“
    سيتا چانهه جو ڪوپ کڻندي اِندوءَ کي چيو، ”ٿئنڪ يو.“
    پرديپ جي ماءَ ڪرڙيءَ نگاهه سان سيتا ڏانهن نهاريو. پنهنجو چانهه جو ڪوپ ميز تان کڻي اِندو ٻائيءَ کي واپس ڏيندي چيائين، ”واپس کڻي وڃ. اَڄ صبح هن جو منهن ڏٺو اٿم، نه چانهه نصيب ٿيندي، نه پوڄا پاٽ هٿ ايندو.“
    ايئن چوندي هوءَ پرديپ جي ڪمري طرف وڃڻ لڳي.
    سيتا بيڊروم جي دروازي کلڻ ۽ ٻيڪڙجڻ جو آواز ٻڌو. اِهو بيڊروم پر سال، ٻن مهينن لاءِ، سندس ۽ پرديپ جو بيڊروم هو. شاديءَ جي رات هوءَ اِن بيڊروم ۾ گهڙي هئي. نوورنيءَ جا ويس وڳا پهريل، هٿ پير مينڌيءَ رتا، ڪراين مان چوڙين جي جهنڪار پئي ٻُڌڻ ۾ آئي. ڪن ۽ نڪ سون سان سجيل. ۽ ڳچيءَ ۾ منگل سوتر.
    سيتا کي ياد آيو ته جڏهن سندس وڏيءَ ڀيڻ جي گلي ۾ منگل سوتر پيو هو، تڏهن سندن ڏاڏي حيات هئي. ڏاڏيس ڀيڻس جي مٿي تي هٿ رکي چيو هو، ”جيجل! هي منگل سوتر وڏي وَٿِ اَٿئي. اِن جي ڪري پيار، مان، مُرتبو ملندءِ، سي مُلهه مهانگيون وستو ساهه سان سنڀالجانءِ. ڌيئڙي، شل آخري تائين منگل سوتر ڳچيءَ ۾ سلامت هجيئي.“
    شاديءَ جي ڏينهن سيتا پيڪو گهر ڇڏڻ مهل ڏاڏيءَ جي فوٽي اڳيان ٻه منٽ وڃي بيٺي هئي. ڏاڏيءَ کان ساڳي آسيس گهري هئائين، جيڪا ڏاڏيس ڀيڻس کي ڏني هئي. اِها ڳالهه ياد ايندي ئي ڏاڏيءَ جو چهرو سندس اکين آڏو ڦرڻ لڳو.
    سيتا ٿڌو ساهه ڀريندي چانهه جو ڍڪ ڀرڻ لاءِ ڪوپ هٿ ۾ کنيو، پر ڪوپ خالي ٿي چڪو آهي، سا هن کي خبر ئي نه پيئي هئي. هونئن کيس ننڊ مان جاڳي ڪر موڙڻ جي عادت آهي. رات نه ننڊ آئي هئس، نه ئي صبح جو ڪر موڙيا هئائين. بدن ۾ سيٽ محسوس ڪندي سوچيائين، جيڪر ڪم واريءَ اِندوءَ کي چوان ته چانهه جو ٻيو ڪوپ ٺاهي ڏي، پر نه، سندس دل نه وري...
    هوءَ کاٻي پاسي سِرڪي صوفا جي ڪُنڊ کان ٿي ويٺي. اُن ڪنڊ کان پرديپ وارو بيڊروم ٿورو نظر ايندو آهي. بيڊ روم جي دروازي تي نظر پوندي ئي هن کي پنهنجو پاڻ ٿي نظر آيو. هوءَ بيڊ روم ۾ پلنگ تي ويٺي آهي. شاديءَ وارو وڳو مٽائي پاڻ کي گلابي رنگ جي نائيٽيءَ ۾ سمائي ڇڏيو اٿائين. ههڙي عمدي نائيٽي هن پهريون دفعو پاتي آهي. ڀيڻس اها نائيٽي ڏاجي جي بئگ ۾ رکڻ مهل چيو هو ’هن نائيٽيءَ ۾ تون ته اپسرا لڳندينءَ، اپسرا.‘
    اَپسرا آڪاس ۾ اُڏامي رهي آهي. هن جي ڌڙڪندڙ دل چاهي ٿي ته پرديپ ڪمري ۾ جلدي اَچي. هن جي اُڏامندڙ جسم ۽ جان کي هوا مان جهپي، ٿانئيڪو ڪري.
    پرديپ بيڊ روم ۾ آيو ته سهي، پر گهڙندي سان چيائين، ”سُمهين ڇو نه ٿي پئين؟ هينئن بُت بڻجي وهڻ جو مطلب؟“
    اَپسرا آڪاس مان ڪِري پيئي. هن جو جسم ڇيهون ڇيهون ٿي ويو. من وڃي پاتال ۾ ڪريس. هوءَ سمجهي نه سگهي، ته ڇا چوان، ڇا ڪريان. کيس پرديپ ڏانهن نهارڻ جي به همٿ نه پئي ٿي.
    پرديپ بيپرواهي سان سگريٽ مان ڪش ڪڍڻ لڳو. ٻه ٽي سگريٽ پيئڻ بعد هُن فون جو رسيور کڻي هڪ ٻن دوستن سان ڳالهايو. فون تي هو بلڪل نارمل نموني کلي ڳالهائي رهيو هو. فون رکڻ بعد سيتا کي چيائين، ”سمهي پئه هاڻي، ڏائڻ ڪٿان جي.“
    ڏائڻ؟ اِن لفظ سيتا کي ڄڻ برف جي ڇپ تي ليٽائي ڇڏيو هو. هن جي بدن کي ڏڪڻي وٺي ويئي هئي.
    هينئر به سيتا جي بدن ۾ ساڳئي نموني جي ڏڪڻي پئدا ٿي رهي هئي. هوءَ پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته ڏٺائين سامهون پرديپ ۽ سندس ماءُ ڏانهس اچي رهيا آهن. پرديپ کي گنجي ۽ لوُنگي پهريل آهي. اِها گنجي ۽ لونگي پر سال هن ٻن مهينن ۾ گهڻائي دفعا اِستري ڪئي هئي. هال ۾ پهچي پرديپ چيو، ’نڪري وڃ منهنجي گهر مان.‘
    سيتا اُٿي بيٺي. پرديپ جي منهن ۾ سڌو نهاري چيائين، ’منگل سوتر منهنجيءَ ڳچيءَ مان لاهه. پوءِ مان هڪ منٽ به نه ترسنديس.‘
    ’نه ڪندس مان اِيئن.‘
    ’اِهو ته توکي ڪرڻو ئي پوندو.‘ سيتا محڪم آواز ۾ چيو.
    ’پر ڇو؟‘ پرديپ چتائي چيو.
    ’ڇو؟ ڇاڪاڻ مان ٿي چاهيان.‘ سيتا به بلند آواز ۾ چيو، ’تو شادي ٽوڙڻ جو ڪهڙو سبب ٻڌايو آهي مون کي، بس شادي ٽُٽي پيئي، ڇو ته تون ٿو چاهين ۽ منگل سوتر تون منهنجي ڳچيءَ مان لاهيندين، ڇو ته مان ٿي چاهيان.‘
    ’ڏائڻ ڳالهائي ته ڪيئن ٿي؟‘ پرديپ جي ماءُ چيو.
    ’توهين وچ۾ نه ڳالهايو.‘ سيتا پرديپ جي ماءُ طرف شوخيءَ سان نهاري چيو، ’۽ ڏائڻ لفظ واپس وٺو.‘
    پرديپ کيس اِن طرح گهوريو، ڄڻ مٿس مارڪٽ ڪرڻ وارو آهي.
    سيتا جي بلڪل سامهون بيهي ڏند ڪرٽيائين ته سيتا کيس هٿ سان ٿورو پٺيان ڌڪيندي چيو، ’وقت نه وڃاءِ. منگل سوتر لاهه ته مان وڃان.‘ پوءِ هوءَ کيس پُٺي ڏيئي بيٺي.
    پرديپ منگل سوتر لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس هُڪُ هٿ نه آيو. پنهنجو سمورو غصو هٿن ذريعي ڪڍندي هن منگل سوتر کي اَهڙي ڇِڪ ڏني، جو منگل سوتر ٽُٽي اچي سيتا جي پيرن ۾ پيو.
    سيتا منگل سوتر اورانگهي دروازي طرف ويئي. جيئن ڏاڪڻ لهي بلڊنگ مان ٻاهر نڪتي، تيئن ڌيان ويس ته سج جي روشنيءَ ماحول کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو آهي. هوءَ هلڪن قدمن سان بس اسٽاپ طرف وڌڻ لڳي.

    (”ڪٿا-ياترا،“تان ورتل)
    


    ماءُ جي پيرن هيٺان...! : - ريٽا شاهاڻي

    ”مما، اڄ وري گهر ۾ زبردست جهڳڙو ٿيو آهي. اصل مارڪٽ ٿيڻ لڳي.
    ”ڪنهن، ڪنهن تي هٿ هلايو؟“
    ”مما، توکي خبر آهي ته جڏهن هوءَ غصي ۾ ايندي آهي ته الائي ڇا ڇا ڪندي آهي. مون کي ڌڪ هڻڻ شروع ڪيائين ۽ مون به ٻه ٽي هنيامانس.“
    ”پٽ، هي توهين ڇا ڪري رهيا آهيو؟ هيءَ ڳالهه ٺهي ٿي؟“
    ”مما، مان ڇا ڪريان؟ هوءَ توکي گنديون گنديون گاريون ٿي ڏئي ۽ چوي ٿي ته مان به هن کي سُر وٺايان. نه ته هوءَ ڪجهه ڪندي. مون کي گهر کان ٻاهر ڪري ڇڏيندي ۽ ببلوءَ کي پاڻ وٽ رکندي.“
    ”پٽ توکي همٿ کان ڪم وٺڻو پوندو.“
    ”مما، هوءَ چوي ٿي ته مان ماءُ جو مڄو آهيان، ڇو ته مان هر ڪا ڳالهه توکي ٿو ٻڌايان.“
    ”ته، نه ٻڌاءِ نه، مون کي! توهين زال مڙس پاڻ ۾ خوش رهو. مون کي ٻيو ڪجهه به نه گهرجي.“
    ”مما، هوءَ چوي ٿي ته مان توکي فون تي گنديون گنديون گاريون ڏيان. هن کي اهو سڀ ٻڌي خوشي ٿيندي. مون کي ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي ته مان ماءُ جو مڄو ناهيان. نه ته هوءَ...!“
    ”نه ته هوءَ ڇا ڪندي؟“
    ”نه، نه مان نٿو ٻڌائي سگهان توکي... ٻُڌ مما، هن وقت مان ٻاهران ويٺو فون ڪريان. ڏهن منٽن بعد گهر پهچي، هن جي اڳيان توکي گاريون ڏيندس. تون ڏک نه ڪجان. اهو رڳو هن کي خوش ڪرڻ واسطي ڪندس. تون رڳو ڳالهيون ٻڌج.“
    ”چڱو پٽ.“
    ٿوري دير بعد فون جي گهنٽي وڄي ٿي.
    ”مما، تو مون تي ۽ منهنجي سونوءَ تي ظلم ڪيا آهن. تون ظالم آهين!“
    ”ڇا پيو چوين؟“
    ”مما، تون ڪِني آهين. تون خراب سَسُ آهين. تو پنهنجي ننهن کي ڏک ڏنا آهن. مان توکي معاف ڪونه ڪندس.“
    ”ڇا؟“
    ”تو منهنجي زندگي برباد ڪئي آهي.“
    ”......“
    ”تو اسان ٻنهي جي زندگي برباد ڪئي آهي.“
    اهڙي طرح هن جو فون تي گارين جو وسڪارو ٿيندو رهيو. مما چپ چاپ ٻڌندي رهي. پوءِ فون ڪٽ ٿي ويو.
    پندرهن منٽن بعد وري فون وڳو، ”مما، هاڻي مان ٻاهران فون تي آهيان، مما ساري! مما، مون کي معاف ڪج.“
    ”نه پُٽ!“
    ”مما، مون تنهنجي دل کي ڏکويو آهي. اهو مون رڳو هن جي چوڻ تي ڪيو. رڳو منهنجي وات ٿي ڪيو، دل ۾ نه ڪيو آءِ لو يوُ مما! ساري، ساري!“
    ”پٽ، ساري چوڻ جي ضرورت ناهي.“
    ”ها، ٻُڌ هوءَ اڃا به خوش ناهي.“
    ”ڇو؟“
    ”هوءَ چوي ٿي ته مما جو ڪو ردعمل ئي ڪونه ٿيو!“
    ”هن کي ڪهڙي خبر؟“
    ”هن فون جي اسپيڪر جو بٽڻ آن رکيو هو ۽ هوءَ سڀ ٻُڌي سگهي ٿي. هوءَ چوي ٿي ته ’مما ڪاوڙ ڇو نه ڏيکاري؟ نه ئي هن رُنو. هن کي غصو اچڻ گهربو هو! هن کي اڃا سنتوش نه مليو آهي.“
    ”ته مان ڇا ڪريان؟“
    ”مان رات جو وري گهران هُن جي اڳيان فون ڪندس ۽ وري گاريون ڏيندس تون ريئڪٽ ڪج ۽ موٽ ۾ مون کي گاريون ڏج.“
    ”مان؟ گاريون؟“
    ”ها، مما! توکي ڪرڻو پوندو. مما، منهنجي صدقي، پليز!“
    ”چڱو پُٽ، مان ڪوشش ڪنديس.“
    ”ڪوشش نه، توکي ڪرڻو پوندو. مما پليز.... نه ته هوءَ...“
    ”هو ڇا؟“
    ”نه، نه مان ٻڌائي ڪونه سگهندس.“
    هن فون رکي ڇڏيو.
    رات جو ماني کائي مما اڃا ليٽڻ جون تياريون ڪري رهي هئي ته فون جي گهنٽي وڳي.
    ”توکي ڪو شرم آهي يا نه؟“
    پهرين ته مما گهٻرائجي ويئي، پر پوءِ ”شرم ته توکي ناهي، جو ماءُ کي گاريون ٿو ڏين!“
    ”تون ڪهڙي ماءُ آهين؟ تو منهنجي حياتي تباهه ڪئي آهي.“
    ”حياتي ته تو منهنجي تباهه ڪئي آهي.“ هاڻي هوءَ روئڻ لڳي هئي.
    ”مان توکي ڏسي وٺندس.“
    ”ڏسان ٿي ڇا ٿو ڪرين؟“ هوءَ وڌيڪ روئي رهي هئي.
    ”تو مون کي ڪٿي جو به ڪونه رکيو آهي.“
    ”تون مون کي ڪٿي جو ڪونه رکيو آهي. توکي پرڻائي ڦاسجي ويئي آهيان.“ هن جي وات مان اکر ڏکيا ٿي نڪتا.
    ”ها، تنهنجي ته مرضي هئي ته مان ڪنوارو ئي رهان.“
    ”ها، اهو سچ آهي.“
    پٽ پنهنجي فون جي اسپيڪر جو بٽڻ آن رکيو هو ۽ نُنهن ٻنهي ڌرين جي گفتگو ٻڌي رهي هئي. هن جي چهري مان خوشي بکي رهي هئي. هوءَ مڙس کي گاريون ڏيڻ لاءِ اُتساهه ڏيارائي رهي هئي، کيس نيون نيون گاريون ٻڌائي، مدد ڪري رهي هئي. نيٺ جڏهن سندس سنتوش جو پيالو پُر ٿيو ۽ پوري خوشي ملي ته هن اُن جو اظهار ڪيو ۽ مڙس کي بس ڪرڻ جو اشارو ڏنو. مڙس فون جو چوغو رکي ڇڏيو، ان کان اڳ، فون تي مما جي اوڇنگارن جو آواز برابر اچي رهيو هو.
    هن پاسي ماءُ فون رکي اکيون پوري ڇڏيون. سندس روئڻ بند ٿي چڪو هو ۽ کيس ڄڻ ته سُن وٺي ويئي هئي.
    ڪجهه وقت کان پوءِ وري فون وڳو.
    ”مما، آءِ ايم ساري... مون کي معاف ڪر، ساري، ساري!“
    ”هاڻي ڪنوار خوش ٿي؟“ هن نرليپ ڀاوَ سان چيو.
    ”ها، مما!“
    ”۽ تون به خوش آهين؟“
    ”ها، مما! هوءَ خوش ته مان به خوش! توکي خبر آهي نه ته هوءَ...“
    ”ٻئي خوش هجو، شال! مما ڍرڪندڙ آواز ۾ چيو.

    (ريٽا شهائيءَ جي ڪهاڻين جي مجموعي رشتن جو رقص“، تان ورتل)
    


    زندگي: هڪ ناٽڪ : - وينا شرنگي

    اڄ اسر ويلي فون آيو ته دليپ جي زندگيءَ بيوفائي ڪري ڇڏي، سندس روح هن جهان کي الوداع ڪري اُن جهان ۾ پهچي ويو آهي، جتان نه ڪو موٽيو آهي نه موٽڻو آهي. اها دردناڪ خبر ٻڌي دل کي ڌڌڪو رسيو ۽ دانهن نڪتي.
    ”اڙي الله اڃا ته جواني ئي ڪين ماڻيائين.“
    جڏهن ماتمي گهر پهتس ته دليپ جي لاش مٿان چادر پيل هئي. چئني طرفن کان زالن جو ميڙاڪو، مٿن کان سندس ننڍي نيٽي گهر واري رچنا، ڀر ۾ پوڙهي ماءُ ۽ ٻاهر آڳر ۾ بزرگ پيءُ، مٽ مائٽ ۽ اوڙي پاڙي جا مرد سوڳ جي عالم ۾ مٿي تي هٿ ۽ زمين ۾ اکيون کپائي ويٺا هئا.
    رچنا کي ڏهاڳڻ جو اڇو جوڙو پهريل ڏسي اکين آڏو ست سال اڳ جو سندس چهرو اُڀري آيو، انهيءَ گهر جي آڳر ۾ ماتم جو ميڙاڪو نه بلڪ باراتين جي ڀيڙ هئي. موت جهڙو سناٽو نه بلڪ رنگين بتين جي جهرمر ۽ گلن جي خوشبو هئي، رچنا کي ڏهاڳڻ جو سفيد وڳو نه بلڪه سهاڳ جو سرخ جوڙو پهريل هو. رچنا جي نڪ ۾ نٿ، چهري تي مسڪراهٽ ۽ اکين ۾ چمڪ هئي. دليپ ۽ رچنا هر گهڙي، اُٿي رسيپشن ۾ آيل مٽن مائٽن جون مبارڪون قبول ڪري رهيا هئا. مبارڪبادي طور تحفا مسڪراهٽ سان وٺي. شڪريه ادائي ڪري رهيا هئا.
    رچنا کي گهر آباد ڪرڻ جو بيحد شوق هو، دل ۾ اُمنگ ۽ تمنائون، هٿن تي ميندي لڳائڻ جو جنون. سهاڳ جي سرخ جوڙي پهرڻ ۽ سينڌ ۾ سنڌور ڀرڻ جي آرزو، رچنا ماءُ پيءُ جي پهريٽي اولاد هئي. کين پٽ جو اولاد ڪونه ٿيو هو. رچنا کي پٽن وانگر پاليائون. ايئن ته رچنا جون ٻيون به ڀينر هيون، پر هوءَ سڀني کان سرس هئي. لاڏ ڪوڏ سان پليل رچنا جي شاديءَ لاءِ ماءُ پيءُ ڄڻ ڄمڻ واري ڏينهن کان ئي ڏاج ڏيوڻ ٺاهڻ شروع ڪيو هو، رچنا کي شاديءَ جو بيحد شوق هو. پنهنجي اوڙي پاڙي ۾ نه صرف جيڏين سرتين ۽ هم جولين ۾ پر ٻڍين عورتن ۾ به بيحد مقبول هئي. اوڙي پاڙي ۾ جتي ڪابه شادي مرادي ٿئي، کيس نينڍ ضرور ملي. پاڻ به سعيو ڪري شريڪ ٿئي، نه صرف شاديءَ جي دعوتن ۾ پر اُن کان اڳ مينديءَ جون رسمون هجن يا شاديءَ مراديءَ جو ڳائڻ. اهڙن موقعن تي سڀني جي وچ ۾ ويهي دهل تي ٿاپ هڻي ڳيچ ڳائڻ جو سڳن ضرور ڪري. ”هڪ سون جو روپيو الا ڙي الا.... اها گهوٽ ماءُ هوندڙي، گهريئي ٿي مائو، مائو وائو ڪانه گهري ٿي، گهوٽ گهري ٿي ٻائو...“ يا جهوٽا ديورا ڀاڀي نال اڙيو ري...“ يا ”گوري گوري هاٿون مين ميهندي لگاڪر“ يا وري ”چل ري سجني اب ڪيا سوچي ڪجرا نه بهه جائي روتي روتي...“ يا ”ڇوڙ بابل ڪا گهر، موهي پي ڪي نگر آج جانا پڙا...“ يا ”وري گانو هجي ته: ”سياور رام ميري پرڀو رام، دين ديال ورڌ سنڀاري...“
    بس انهن شادين مرادين تي کانئس سوال ته رچنا شادي ڪڏهن ٿي ڪرين؟ ٻيلي اسان کي پنهنجي شاديءَ ۾ ضرور گهرائجان. رچنا جو سڀني کي اهو ئي جواب... جلدي ڇوڪر ڳولهيو ته جلدي شادي ٿئي. رچنا جو گهر آباد ڪرڻ ۽ جيون ساٿي ملڻ لاءِ نه صرف مٽن مائٽن جون پرارٿنائون پر اوڙي پاڙي جي ٻڍڙن ٻڍڙين جيڏين سرتين جون به دعائون شامل هيون.
    شايد ڪا اهڙي ڇوڪري هوندي جيڪا بنا حجاب جي پنهنجي شاديءَ جي تيارين ۾ اهڙيءَ طرح اڳواٽ مصروف، سڀني کي کلي چوي منهنجي شاديءَ جو مهورت ئي نه ٿو نڪري، خبر نه آهي ڪڏهن مان...
    اهو سڀاڳو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن سڀني جون دعائون برثواب ٿيون. رچنا جو دليپ سان مڱڻو ٿيو. ”جهٽ مڱڻي پٽ شادي“ ڪئي ويئي. محفلون متيون، اوڙي پري کان مٽ مائٽ ٻارن ٻچن سميت اچي شامل ٿيا. تحفن جا ڍير لڳي ويا.
    رچنا جا سپنا پورا ٿيا. آرزو ۽ اُمنگ پورا ٿيا. سهاڳ رات سينگار ۾ هٿن پيرن تي ميندي زلفن ۾ گلن جي سجاوٽ، نرڙ تي اڇن ڳاڙهن ستارن جو جهرمٽ، سهاڳ جا چوڙا، منگل سوتر، جهومر، پازيب مطلب ته هر ذات جي ڪنوار جي سينگار کي رچنا پنهنجي سهاڳ رات جي سينگار ۾ رچيو.
    ٻن سالن جي اندر ڌيءَ ۽ پوءِ پٽ، هار سينگار، اُمنگ ۽ آرزوئن جي جاءِ ٻارن جي سار سنڀال ورتي. تنهن کانپوءِ آکيري ۽ اجهي اڏڻ جو فڪر، دليپ ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ پيءُ ماءُ سان گڏيل ڪٽنب ۾ رهندو هو، جتي به ٻه باسڻ هوندا ته ضرور کڙڪندا.
    حال جي خوشين جي جاءِ مستقبل جي فڪر والاري، رچنا جي سوچن جو وسيع دائرو سڪڙجي ٻارن جي آئيندي جي پروگرامن تائين وڃي محدود ٿيو.
    ٻئي طرف رچنا جي ماءُ پنهنجي ڌيئرن جون بار لاهڻ کان پوءِ مٽن مائٽن ۽ واقفڪارن وٽ اچڻ وڃڻ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. رچنا جي ماءُ هر هنڌ پنهنجي خوشقسمتيءَ ۽ اڄ جي دور ۾ ڌيئرن جي بار لاهڻ واري پهاڙ ڏارڻ واري ڪم تي ۽ پنهنجي سياڻپ تي فخر ۽ ناز ڪري ٻين کان پڇي ته ٻارن جي ڪم ۾ اوير ڇو ڪئي اٿو؟ ڏسو مون ڪيڏو نه جلدي ڪم اُڪلايا آهن. منهنجون ڌيئر ته امڙ ”تري هڻي تخت تي ويٺيون آهن.“ جن بدنصيب مائٽن جي ٻارن جي انگن کولڻ ۾ اوير پئي، سي ويچارا مائٽ شرم وچان رچنا جي ماءُ کان وتن ڪنڊون پاسا ڪندا.“ هوءَ اهڙن بدنصيب مائٽن کي بدنصيبي جي دهائي ڏيئي اچي. وري جي ڪنهن جو ڪو سندس ٻارن جي ڀيٽ ۾ سائي ستابي گهر ۾ ٿئي ته ٻنهي ڌرين کي ليز ڏيئي ڇڏي. چوندا آهن ”لکيو لوها ڪوٽ ڀڃي“ پر رچنا جي ماءُ ته لکئي کي به پنهنجي فن جي ذريعي ڪوٽ اورانگهڻ نه ڏني. انهن جي بدنصيبيءَ جو ڍنڍورو ضرور ڏئي.
    رچنا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ماءُ کي سمجهائيندي به هئي ته ٻين جي معاملي ۾ نه پوي ته سٺو ٿيندو، پر ”هيري سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي.“ انسان ته عادت کان مجبور ٿيندو آهي. ماڻس ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندي آهي.
    ٻئي طرف رچنا کي اجهي اڏڻ جي فڪر ۽ ٻارن جو بوج، جيڏين سرتين کان اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پري ڪندو ويو. ڪڏهن ڪٿي اُنهن سان ملاقات ٿي وڃي ته چوي ”سرتيون حال ئي نه پڇو.“ ۽ وري پنهنجي شاديءَ ۽ گهر گهرهستيءَ تي اهڙا لطيفا ٻڌائي جو ٽهڪن جو سلسلو اصل بند ئي نه ٿئي.
    سندس گهوٽ پنهنجو ڪاروبار ڪندو هو. هنن ننڍڙو فليٽ ورتو. دليپ جي پنهنجي سر تي بوجهه هئڻ ڪري ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ وقت جي پابندي هئي، صبح جو گهران نڪري ۽ رات جو پير پائي. ان کان پوءِ وري ٻارن جي پڙهائي لکائيءَ جو فڪر، هر مهيني جاءِ جي قسطن ڏيڻ جو اونو. مٿان هنن ڪار به بوڪ ڪرائي هئي. اُن جو نمبر به اچي ويو ۽ مٿان اُن جي رقم جي ادائگيءَ جوبه فڪر- روشن مستقبل جي آسن اُميدن ۽ آئيندي اڏڻ جي فڪر ۾ سندن شاديءَ جي ستن سالن جو عرصو ادائگيءَ جي ڳڻ ڳوٽ وارن فڪرن ۾ اک ڇنڀ ۾ گذري ويو.
    هڪ ڏهاڙي رچنا دليپ کي چيو ”دليپ اسين ته قسطن جي ادائگي ۽ آئيندي جي فڪر ۾ ايترو ته رڌل رهياسين جو تنهائيءَ ۾ چند گهڙين لاءِ پاڻ ۾ گفتگو به نه ڪري سگهياسين. هل ته ڪنهن Hill Station هلون. يا وري هلي Honey Moon ملهايون.
    هل اسٽيشن جو ماحول- رچنا ۽ دليپ- ۽ هنن جا ٻار- هنن جو پنهنجو سنسار- پنهنجا امنگ- آرزو- ۽ خوشيون ۽ خوشين جي انتها- عروج- ۽- ۽- عروج کان پوءِ- هل اسٽيشن تان واپسي.
    هل اسٽيشن تان واپس ورڻ تي دليپ کي گردن ٽوڙ بخار ٿيو. سندس دماغ جي نس ٽُٽي پئي ۽ هو هفتي تائين بيهوشيءَ جي عالم ۾ رهيو. رچنا کي دليپ جي اکين پٽڻ جو انتظار. هڪ دفعو وري رچنا سڀني ڏانهن دعائن لاءِ نهاريو. هڪ دفعو وري سينڌ ۾ سنڌور جي ستارن جي چمڪ لاءِ- سهاڳ لاءِ- سهاڳڻ جي جوڙي لاءِ- ۽ جيون ساٿيءَ جي ساٿ لاءِ.
    اڄ نه ٻڍڙين جون پرارٿنائون اگهيون- نه جيڏين سرتين جون دعائون برثواب ٿيون. دليپ جي اکين ٻوٽڻ سان پوڙها ماءُ پيءُ اکين هوندي جوت وڃائي ويٺا، رچنا جي سينڌ جو سنڌور مٽجي ويو، آشيانو اُجڙي ويو.
    منهنجي اکين آڏو اڄ کان ست سال اڳ جو منظر تري آيو. سنواريل سينگاريل چمڪيلي لباس واري ڪنوار رچنا- رنگ برنگي بتين جا جهرمٽ، شاديءَ ۾ شريڪ ٿيندڙن جا هوا ۾ گونجندڙ ٽهڪ- اڄ ماضيءَ جي اُنهن وڻندڙ ٽهڪن، دل ڏاريندڙ ورلاپن جو روپ اختيار ڪيو. منهنجي لبن تي ”زندگي هڪ ناٽڪ“ جا لفظ اُڀريا. اُهو ناٽڪ جو ٻيو منظر هو.
    ها ناٽڪ جو پهريون حصو مختصر هو بيحد مختصر.
    ايترو جلد اهم ڪردار دليپ جي Exit، رچنا کي الوداع.
    دليپ جي الوداعي سفر وقت رچنا جي ماءُ سيني تي زور سان هٿ هڻي چيو ”اي ڀڳوان! هن ابهم ته ڪو پاپ ڪونه ڪيو هو، تو هن معصوم کي ڪهڙن پاپن جي سزا ڏني؟“ اُن دانهن تي دل مان دانهن نڪتي: ”ڪنهن جي پاپن جي سزا ڪير ڀوڳي رهيو آهي.“
    سندس ماءُ هر وقت چوندي هئي ته مون ته پنهنجي ٻارن جا گهر آباد ڪري ڇڏيا آهن. مان ته اصل وهاڻو سيرانڌيءَ ڪري آرامي آهيان. مون ته پنهنجي ٻارن جي تانگهه لاٿي آهي. رچنا جي ماءُ صحيح فرمايو ”ته مان پنهنجي ٻارن جي تانگهه لاٿي آهي. مون پنهنجون جوابداريون پوريون ڪيون آهن.“ پر رچنا کي ته پنهنجي جوابداري اڃا نباهڻي آهي. رچنا مٿان اڃا ٻارن جون جوابداريون آهن- رچنا جي ناٽڪ جي شروعات ته اڃا هاڻي ٿي آهي. اڃا ته ناٽڪ جو هڪ انگ پورو ٿيو آهي. ”ها زندگي هڪ ناٽڪ آهي.“

    (سرتيون ِ – ڊسمبر 1991ع تان ورتل)
    


    ڪارو ڪير هو؟ : - فهميده حسين

    ڪڏهن انسان دماغ جي هٿان مجبور هوندو آهي ته ڪڏهن دل جي هٿان پر جڏهن دل ۽ دماغ ٻئي مجبور ڪندا هجن ته انسان پنهنجي پاڻ کي تقدير جي هٿن ۾ رانديڪو سمجهندو آهي. ان ڏينهن هو پنهنجي پاڻ کي جيترو ٿڪل محسوس ڪري رهيو هو، اوترو هن ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هو. هونئن به عام ماڻهن توڙي دوستن، عزيزن قريبن هن ۾ ڪجهه اهڙي تبديلي محسوس ڪئي هئي. جنهن جي هن منجهان ڪنهن کي به اميد نه هئي. هو پنهنجي حلقي ۾ فقط وڪيل صاحب مشهور هو. ڪيترن کي ته هن جي اصل نالي جي به خبر ڪانه هئي. وڪيل صاحب ٽن ڳالهين کان مشهور هو: ”ڪارو ڪاري“ جي رواج خلاف هن جو جهاد، بچاءُ جي وڪيل طور سندس قابليت ۽ پنهنجي ڌيءَ فيروزه کي پهرين وڪيلياڻي ڪري آڻڻ- ٽيئي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي وڏيون ڳالهيون هيون ۽ وڪيل صاحب جي شهرت آسمان تي پهچي ويئي هئي. وڏي عدالت ۾ گهڙندو هو ته پاڻهي پاڻ جج به اٿي هن جي آجيان ڪندا هئا. پر تازو سندس نوجوان پٽ جي گمشدگيءَ کان پوءِ هو ڄڻ دنيا کان ئي ڪناره ڪش ٿي ويو هو.
    اهي ڳالهيون سڀ جدا جدا هيون پر انهن جو جيڪو پاڻ ۾ سنٻنڌ هو، ان جي فقط وڪيل صاحب کي ئي خبر هئي. هن جي ڌيءَ فيروزه حيران هئي ته سندس بابا سندس ڪيس جي ڪاميابيءَ تي کيس جيڪا مبارڪ ڏني هئي، ان ۾ ڪا خوشي ڪانه هئي ۽ ڪا مرڪ نه هئي، پر ان ۾ عجيب تلخي هئي! پر پوءِ کيس اهو خيال ٿيو ته ادا کي وئي ٻه سال به پورا ڪونه ٿيا آهن ۽ اهو زخم اڃا تائين هن جي دل تي سائو هو ۽ ڪڙيون ٻڌڻ بدران پوسرڻ لڳو هو. فيروزه کي وري اهو ڪيس ياد اچي ويو، جنهن پيءُ جي شهرت سان گڏ کيس به شهرت جي آسمان تي پهچائي ڇڏيو هو. ۽ هوءَ خوش هئي!
    منٺار ڪارو ڪاريءَ جي خون جو جوابدار هو، جنهن کي هن جي پيءُ ڪاغذن ۾ ۽ هن پاڻ ڪورٽ ۾ بيگناهه ثابت ڪيو هو... پوليس جي رپورٽ- اکين ڏٺو شاهد ڪوبه نه- بندوق وڏيري عالم خان جي- وڏيري جي وات مان اهي لفظ ته ”مان پنهنجي نياڻيءَ کي ڪاري ٿيڻ تان بندوق جي منهن ۾ سو ڀيرا به ڏيندس-“ ”ڪاري“ جو ڀڄي وڃڻ- وڏيري جو هڪ شاهد کي اهو چوڻ ته ”ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي اٿئي ته ان ساڳي بندوق سان مغز ڏاري ڇڏيندوسانءِ-“ اهي سڀ ڳالهيون منٺار بجاءِ ڪنهن ٻي کي مجرم ثابت ڪري رهيون هيون.
    ”ڪاري“ وڏيري عالم خان جي ڌيءَ هئي، جنهن کي منٺار منهان منهن ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هو... پوءِ اهو کيس ڇو ماريندو؟ منٺار تي ڏوهه ثابت ٿي نٿي سگهيو... ۽ پوءِ چئن ڏينهن جي دليل بازي کانپوءِ فيروزه عدالت ۾ ثابت ڪيو ته منٺار ڏوهاري ٿي نٿو سگهي، هن جي فوتيءَ سان مٽي نه مائٽي، ڪڏهن کيس ڏٺو به نه هئائين. بندوق به وڏيري جي، وڏيري جون هڪ شاهد کي ڌمڪيون، وڏيري جي پنهنجي نياڻي ۽ غيرت...! ۽ ڪارو ڪير هو، ڪنهن کي خبر ڪانه هئي، پوءِ نه دشمني، نه اکين ڏٺا شاهد... عدالت منٺار کي شڪ جو فائدو ڏئي ڇڏي ڏنو ۽ فيصلي ۾ لکيو ته ”ممڪن آهي ته خون وڏيري عالم خان ڪيو هجي!“
    سمورن وڪيلن فيروزه کي، وڪيل صاحب جي بيماريءَ ۽ غير حاضريءَ ۾، پهريون خون جو ڪيس کٽڻ جي جيڪي مبارڪون ڏنيون، تن جي تپش اڃا تائين پئي هن محسوس ڪئي، جنهن هن جي ڳلن تي ڳاڙهاڻ آڻي ڇڏي هئي ۽ سڀ کان وڌيڪ منٺار جي اکين جا لڙڪ ۽ انهن لڙڪن منجهان مرڪ ۽ ان مرڪ منجهان اهي لفظ ته ”ڌيءَ خدا ڪندو ته جڙي هوندينءَ!“ ٻڌي هن کي الائي ڇو پنهنجي دل جي تارن ۾ ٿرٿلو مچندو محسوس ٿيو. گهڙيءَ لاءِ اهو لفظ ”ڌيءَ“ هن جي دل ۾ پيهي ويو هو، پر ان کي محض پنهنجي ڪمزوري سمجهي هن لڙڪن کي موٽائي ڇڏيو هو.
    گهر اچي هوءَ اڃان ان ٻڏتر ۾ هئي ته بابا اڳيان ڪيئن وڃي ۽ ڪيئن کيس سمورو منظر ٻڌائي ۽ ڪيئن پنهنجي بابا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪي مزيدار ڳالهيون چوي ته نوڪر ٻڌايس ته منٺار جيل مان ڇٽي آيو آهي ۽ وڪيل صاحب ۽ وڪيلياڻيءَ سان ملڻ آيو آهي. هوءَ وڪيل صاحب جي آڏو اچي ويهي رهي. سندس اداس اکين ۾ گهورڻ سان ئي سمجهي ويئي ته کيس آصف ياد اچي رهيو هو. هوءَ پاڻ به پنهنجي ڀاءُ جو تصور ڪري اداس ٿي ويئي پر زندگي ته آس جي سهاري جيئبي آهي نه؟
    هن اکين ئي اکين ۾ پنهنجي بابا کي اهو پيغام ڏنو. هن ٿڪل ٿڪل مرڪ سان پنهنجي ڌيءَ ڏانهن ڏٺو.
    ”بابا منٺار آيو آهي!“
    هن کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”ڪهڙو منٺار؟“
    ان ڇرڪ تي هوءَ به وائڙي ٿي ويئي. سندس بابا لاءِ منٺار الائي ڪيترا آيا ويا هوندا. جوابدار طور. اصيل طور ۽ شاهد طور، پوءِ هي ڇرڪ ڇو؟
    ”بابا، خون جي ڪيس جو جوابدار، جيڪو پاڻ کٽيو.“ هوءَ چوڻ واري هئي ته ”جيڪو مون کٽيو.“ پر پوءِ خودبخود ”جيڪو پاڻ کٽيو“ لفظ سندس زبان تي تري آيا.
    سامهون منٺار بيٺو هو: چاپئين ڏاڙهي، اکين ۾ عجيب ڳاڙهاڻ، نرڙ جي گهنجن ۾ آڏا ابتا خاڪا، وارن ۾ چيڙهه ۽ ڳنڍيون، ڪاري سٿڻ ڪارو پهراڻ چتين لڳل، کهرا کهرا پورهيت هٿ، جن ۾ هڪ ننڍڙي هڙ!
    فيروزه الائي ڇو، هن جي منهن ۾ گهورڻ لڳي، پوءِ هن پنهنجي بابا ڏانهن ڏٺو، جنهن جو چهرو بنهه کير جهڙو اڇو ٿي ويو هو. سندس مٺيون ڪرسي جي ٻانهن ۾ ڀڪوڙجي ويون، سندس اکين ۾ عجيب وحشت اچي ويئي... ”تون...؟ منٺار!“
    هن پنهنجي بابا کي ايترو ڏڪندو ڪڏهن به نه ڏٺو هو. متان دل جي تڪليف وري ٿي ٿئي. هوءَ ڊوڙي ٿاٻڙجندي پاڻيءَ جو گلاس کڻي اچي بيهي رهي. پر پوءِ هن ڏٺو ته سندس بابا جي بدن جي سيٽ ڍري ٿي ويئي، سندس اکين مان وحشت بدران عجيب درد جا پاڇا اڀرڻ لڳا. هن فيروزه ڏانهن ڏٺو، هن منٺار ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ هري هري چيائين، ”منٺار... ويهه!“
    ”فيروزه تون ڪيس کٽڻ تي خوش آهين، مان به خوش آهيان، منٺار به خوش آهي... ۽ شايد اصلي ڏوهاري وڏيرو عالم خان به خوش هوندو، جيسين قانون جو هٿ هن تائين پهچي...!“
    ان کان پوءِ هن جيڪي ڪجهه چيو، تنهن کي ٻڌڻ کان پوءِ فيروزه دل ۾ اها آرزو ڪئي ته شل هوءَ هي قصو نه ٻڌي ها، ڪاش هوءَ هي ڪيس نه کٽي ها، ڪاش هوءَ ڄمي ئي نه ها، شل هوءَ مري وڃي... شل...
    هن جو بابا منٺار جي منهن ۾ چتائي نهاريندو رهيو. هن محسوس ڪيو ته منٺار ڪجهه ڪجهه نروس ٿي رهيو هو، ڄڻ هو ڪا ڳالهه ياد ڪرڻ يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اوچتو هن جي بابا سوال ڪيو: ”منٺار مون کي سڃاڻين ٿو؟“
    ”نه سائين، رڳو اها خبر اٿم ته تون وڏو وڪيل آهين... اسان گريبن جي اهڙي ڄاڻ سڃاڻ ڪٿي...؟!“
    ”فري... پٽ، آءٌ هن منٺار کي گهڻي وقت کان سڃاڻان... هيءُ خوني آهي...!“
    فيروزه جي هٿن مان ڄڻ ڪجهه ڪري پيو. ڪيس کٽڻ جي سموري خوشي ڪافور ٿي ويس. هن منٺار ڏانهن ڏٺو، جنهن جون مٺيون پنهنجي ننڍڙي هڙ ۾ وڌيڪ کپي ويون، ڄڻ ته ان هڙ کي هو ڪک جو سهارو سمجهندو هجي، سندس گهايل گهايل اکين ۾ ڊپ وري نوان گهاءَ ڪرڻ لڳو. هن جي ڀرون جا گهنج وڌيڪ گهرا ٿي ويا. هو هڪ ٽڪ هن جي بابا جي منهن ۾ چتائي نهارڻ لڳو، ۽ ان وقت هن ڏٺو ته منٺار جو مٿيون چپ اهڙي اڻ لکي نموني ڦڙڪيو، جيئن هن جي ادا آصف جو مٿيون چپ ڦڙڪندو هو. شايد اها ڳالهه هن جي بابا به محسوس ڪئي ۽ گهڙيءَ لاءِ هن جي بابا وري هن ڏانهن ڏسندي، ڄڻ ورچجي چيو: ”ها پٽ... آصف جو چپ به ايئن ڦڙڪندو هو...“ ۽ هن جي بابا ڏاڍي جتن سان هڪ ٿڌي آهه ڀري ان کي پنهنجي چپن مان گذاري ڇڏيو.
    ”ها... هي خوني آهي... هن کان خون ڪرايو ويو هو، شايد بلڪل اهڙي طرح، جنهن خون مان ڇٽي آيو آهي، سو به هن کان اڳئين وانگر ڪرايو ويو هوندو. ڪيئن منٺار؟“
    هاڻ ڊپ منٺار جي اکين مان صاف بکڻ لڳو هو: شايد هو اهو سوچي رهيو هو ته اجهو ٿو وڪيل صاحب پوليس کي سڏائي، وري کيس ٻڌائي. هن جي اکين ۾ زخمي هرڻ وارو ڊپ هو، جنهن کي شڪاريءَ تاڙي ورتو هجي...
    ”اڄ کان پنجويهه ڇويهه سال اڳ هڪ نوجوان ماستر، زوريءَ تعليم واري وقت ۾، وڏيري عالم خان جي ڳوٺ ۾ مقرر ٿي ويو هو. جيئن سنڌ ۾ هميشه ٿيندو آهي، ماستر کي عالم خان جي اوطاق تي رهڻو پيو. وڏيرو عالم خان زورآور مڙس هو. تر ۾ سندس وڏو ڏکو هو... ماڻهو چوندا هئا ته عالم خان ڪير سڏائي! خون ڪرائڻ، خون لڪائڻ، خون ۾ ٻڌائڻ ۾ هن جو جوڙ جيس ڪونه هو، پوليس کي به ڪو خون جو پار پتو کپندو هو ته عالم خان جا اچي مهمان ٿيندا هئا... ڪيئن منٺار برابر ايئن هو نه؟“
    ”بروبر، سائين بروبر... عالم خان ڪير سڏائي؟... اسان جو ڀوتار جهڙو تهڙو وڏيرو ڪونهي.“ پنهنجي وڏيري جي ساراهه سان منٺار ۾ ڄڻ ته ساهس موٽي آيو.
    هن جو بابا اڃا به چتائي منٺار جي منهن ۾ گهوري رهيوهو ۽ پوءِ هن منٺار تان اکيون کڻي، کيس هڪ نئين نظر سان ڏٺو:
    ”نوجوان ماستر کي ٻيو سڀ سک حاصل هو، فقط هڪڙي ڳالهه هن جي آڏو هئي ته عالم خان سندس ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ لڳندو هو... پنهنجي خاص ماڻهن لاءِ چوندو هو ته انهن جي ٻارن جو نالو نه وٺي. نه سندن نالا لکي، نه رپورٽ ڪري. ماستر ان مداخلت جو مقابلو ان طرح ڪيو هو جو هو هارين نارين، ڪمين ڪاسبين سان گهرو ٿيندو ويو... ماڻهو مٿس ڀروسو ڪرڻ لڳا... ۽ هو ڳالهين ڳالهين ۾، چرچي ڀوڳ ۾ کين ان ڳالهه تي اڀارڻ تي لهي ايندو هو ته هو پنهنجا ٻار پڙهڻ لاءِ موڪلين... ايئن ئي هن جي دوستي منٺار سان ٿي، منٺار عالم خان جو خاص نوڪر هو، کيس هارپو ڇڏائي، اوطاق جي سنڀال سڙيءَ لاءِ مقرر ڪيو هئائين. اوطاق ۾ ئي ماستر ۽ منٺار جي دوستي وڌي وڻ ٿي... منٺار جي ذريعي هن کي ڳوٺ جو سڄو واءُ سواءُ ملندو هو... عالم خان جا گهڻا ديرا هئا، گهڻا ٻار هئس، ڪهڙا شوق شڪار ڪندو هو... گهڻا خون ٿيا هئا جن ۾ هن جو هٿ هو، ڪهڙا زوراور ڌاڙيل سندس سلامي هئا... ڪئين منٺار، توکي اهو ماستر ياد آهي؟“
    اوچتو منٺار جا هٿ زور سان ڪرسيءَ ۾ کُپي ويا، هن جي چهري جو رنگ ئي مٽجي ويو. هن جون اکيون جنسي رت ڇڏڻ لڳيون... ”سائين، ان مروان جو نالو نه کڻو...“ اهي لفظ چٻجي چچرجي منٺار جي ڦڙڪندڙ چپن ۾ ڀيڙيل ڏندن مان نڪري، ڄڻ سموري فضا کي گهائل ڪرڻ لڳا.
    ”هون... چئبو ته توکي اڃا مٿس ڪاوڙون آهن...“ هن جي بابا جي چپن تي هڪ اڻ لکي، پيلي پيلي ۽ زرد زرد مرڪ اچي ويئي:
    ”سو پٽ، ڳالهه ٿي ڪيم، ماستر ۽ منٺار جي دوستيءَ ياريءَ جي... اها ياري اهڙي ٿي جو منٺار کيس پنهنجي لوڙهي ۾ وٺي آيو... سندس دعوتون جهليائين... ۽ ماستر ڄڻ هن جي گهر جو ڀاتي ٿي ويو... منٺار کي ٻه نهايت پيارا پيارا ٻار هئا... هڪ ننڍڙي نينگري چئن سالن جي، ۽ هڪڙو پٽڙو ڇهن ستن سالن جو... ۽ ماستر کي جيڪو وقت ملندو هو، سو انهن پيارن پيارن معصومڙن سان کيڏندي کين پڙهائيندي گذاريندو هو.“
    هن جي بابا جا لفظ هن جي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ بتيون ٻارڻ ۽ اجهائڻ لڳا. هن جي جسم ۾ هڪ عجيب انديشو ڪر موڙي اٿيو ۽ الائي ڇو، هن جي دل چاهيو ته هن جو بابا، وڌيڪ ڳالهه نه ٻڌائي... منٺار کان سواءِ هاڻي هوءَ پاڻ کي به زخمي هرڻيءَ جيان گهائل محسوس ڪرڻ لڳي، پر هن جو بابا چئي رهيو هو:
    ”هڪڙي ڏينهن ماستر کي اسڪول ۾ ڪافي دير ٿي ويئي... ٻئي ڏينهن صاحب جي منزل هئي، هن کي سڄي رپورٽ لکڻي هئي، ڳوٺ واسين سان سندس سٺي سلوڪ جي ڪري هن نٿي چاهيو ته ڪنهن مسڪين تي ڪو ڏنڊ پوي يا ڪو ڪيس داخل ٿئي... جن جا ٻار نه ٿي آيا، تن جي مائٽن کي سڏائي، هو سمجهائيندو رهيو ته هو هروڀرو تڪليف ۾ ايندا، ان ڪري ٻارن کي داخل ڪرائين... ۽ ايئن شام ٿي ويئي. اوطاق ڏانهن ويندي، هو منٺار جي لوڙهي وٽان لنگهيو ته کيس ڪن تي اهي لفظ پيا: ”توکي ٻچن جو واسطو آهي... رسول جي صدقي...“ ۽ پوءِ هن هلڪي ڪيڪ ٻڌي، ماستر تڪڙو تڪڙو لوڙهو ٽپي اندر ٿيو... اندر عالم خان منٺار جي زال کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو... ۽ منٺار جي زال پاڻ بچائڻ لاءِ هٿ پير هڻندي، کيس ايلاز ڪندي ٿي ويئي... ماستر کي ڏسي، عالم خان کان ڇرڪ نڪري ويو... لوڙهي کان نڪرندي رڳو اهو چيائين: ”ماستر، زبان بند رکجانءِ، نه ته پاڻ ٿو ڄاڻين...“
    ”ٻار جيڪي وڏيري عالم خان جي ڊپ کان وڃي اندر لڪا هئا، سي به ڊوڙي اچي ماستر جي ٽنگن کي چنبڙيا... ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳا... ماستر کين پاٻوهه مان دلداري ڏيندي چيو ”ادي، آءٌ منٺار کي ڪوٺيو ٿو اچان...“ ماستر جو اهو چوڻ ۽ منٺار جي زال گندي سندس آڏو ڦهلائيندي، روئيندي چيو: ”ادا منهنجا هي سنها ٻچا آهن... هن کي ٻڌائيندين ته هو وڏيري کي به ڪهاڙيءَ مان ڪڍندو، مون کي به ۽ هنن معصومڙن کي به... سو ڀلائي ڪر... مڙي وڃ...“ ماستر منجهي پيو... منٺار هن جو يار هو، هن جي لڄ ۾ هٿ پيا هئا... ايئن ڪيئن ڪندو؟ پر ڇا ڪرڻ گهرجي... هو ٻنهي ٻارن کي پرچائيندو، منجيءَ تي ويهي رهيو... هو منجهيل منجهيل الاهي ڪيترو وقت ايئن ويٺو رهيو ته ڳوٺ جو هڪ ٻارنهن تيرنهن سالن جو ڇوڪرو لوهه پائي سهڪندو اندر آيو... ”سائين! عالم خان، منٺار، علڻ، ولو ڪهاڙين ۽ بندوقن سان پيا هيڏانهن اچن... چون ٿا ته منٺار جي جوءِ ”ڪاري“ آهي ۽ ماستر ”ڪارو“.... سائين، توهين هتان ڪنهن طرح سان نڪري وڃو...“
    ۽ پوءِ ماستر الائي ڇا سوچيو... هن ننڍڙيءَ کي هنج ۾ کنيو ۽ ننڍڙي جي آڱر جهلي، لوڙهي کان ٻاهر گهگهه اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو....
    ”۽ ان رات منٺار پنهنجي زال کي ”ڪاري“ ڪري ڪهاڙيءَ سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو...“
    هن جي بابا هاڻ ته سرد آهه کي به نه روڪيو ۽ ڊگهو شوڪاري ڀري چيائين:
    ”منٺار، اهو ماستر... اهو آءٌ آهيان...“
    هوءَ ڪرسيءَ تان اڇلجي، پنهنجي بابا ڏانهن آئي ۽ سندس ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي، سڏڪا ڀرڻ لڳي، سندس گهگهي نڙيءَ مان آواز نڪتو:
    ”بابا...!“
    منٺار جون ڀڪوڙيل مٺيون ڍريون ٿي ويون، هن جي منهن تي ڄڻ هيڊ هارجي ويئي. هن جا شهپر به ڄڻ لڙڪي پيا. هن جي اکين ۾ هاڻ زخم نئين سر انگورجڻ لڳا.
    ”ماستر... تون! مار...!! ڀلا منهنجا ٻچڙا ڪٿي...؟“ هن جي دل منجهان لفظ چيرجي نڪتا...
    هن جي بابا جا لفظ، جيڪي هن ٻڌڻ نه ٿي گهريا، پر ساڳي وقت کيس پڪ هئي ته هوءَ اهي ضرور ٻڌندي، جهيڻا جهيڻا هن جي مک سان نڪتا ۽ سموري ڪمري ۾ ڪنهن فانوس وانگر لٽڪي پيا: ”منٺار... تنهنجي ننڍڙي هيءَ آهي، فيروزه، جنهن توکي ڦاسيءَ جي تختي تان جيئدان ڏياريو آهي... ۽ تنهنجو ننڍڙو جيڪو منهنجو آصف، مون پيرسن جي اکين جي روشني هو، سو اڄ کان ٻه سال اڳ جيئن گهر کان نڪتو آهي، تيئن واپس نه وريو آهي... خدا ڪري، جتي به هجي، شل خوش هجي... اڄ ٻه سال ٿيا آهن، پر اڃا تائين اکين اڳيان پيو ڦري ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي... اڇي پتلون تي آسماني ڪوٽ، تنهن تي ڳاڙهي ٽاءِ، شهزادو جوان، سندس ٻنهي اکين جي وچ تي هسو، جيڪو کلڻ مهل...“
    پوءِ منٺار کي الائي ڇا ٿيو... هن پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ٻئي مٺيون وجهي، وار پٽڻ شروع ڪيا... هو پنهنجي ٻانهن ۾ چڪ وجهي ڪنهن زخمي جانور جيان نڙيءَ منجهان هانبارا ڪڍڻ لڳو... سندس سڄو بدن رڦڻ لڳو... پر پوءِ هو اٿي بيٺو... هن وڌي هن جي بابا جا پير ڇهيا ۽ ڀڻ ڀڻ ڪيائين:
    ”ماستر... معافي ته الله به ڪونه ڏيندم، پر تون معاف ڪج...“ هاڻ سندس اکين مان لڙڪ لڙي سندس کنڊر ڏاڙهيءَ ۾ جذب ٿيڻ لڳا... ۽ پوءِ... سندس ڏڪندڙ هٿ، هن جي مٿي تي ڦڙڪڻ لڳو... ”منهنجي مٺي... آءٌ برابر خوني آهيان... مون تنهنجي بي گناهه امڙ کي خون ڪيو... الله سائين... الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي... اهو خون لڪي ويو... پر خون ۽ کٿوري ڪونه لڪندا آهن... مون کي الله سائين ان بيگناهه خون جو بدلو به ڪهڙو ڏنو... مون هنن ئي هٿن سان پنهنجي ئي جگر جي ٽڪر... تنهنجي ڀاءُ آصف جو خون ڪيو، جنهن مان تو ئي مون کي ڇڏايو... وڏيري عالم خان جي هشيءَ تي مون سندس وڏور نياڻيءَ سان ”ڪارو“ ڪري، ٻنهي کي گوليون هڻي ماريو... هو چوندو رهيو ته ٻيلي آءٌ بي ڏوهي آهيان... هو واڪا ڪندو رهيو ته اسين ٻئي شهر وڃي، حق شرع موجب نڪاح وجهنداسين...“ هن کي ڪهڙي خبر ته ڳوٺن ۾، حويلين ۾ ايئن نه ٿيندو آهي... حويلين ۾ ته نياڻين جا مٿا چاندي ٿي ويندا آهن... ۽ وڏيري جي ڌيءَ ته حق بخشايل هئي... پر ڇٽل گوليون نه موٽنديون... هن جو لاش ئي عالم خان گم ڪرائي ڇڏيو...
    ”پر مون پرمتڙئي کي هاڻ مت آئي آهي ته اصل خوني ڪير آهي... ڌيءَ آءٌ وڃان ٿو... مون کي اڃا پلئه ڪرڻو آهي... پنهنجي زال جو، پنهنجي پٽ جو ۽ هن بي گناهه نياڻيءَ جو... اهي پلئه ضروري آهن، پٽ! ماستر، مون کي بخش ڪجانءِ... آءٌ وڃان ٿو.... الله کي پرتئو...!“
    منٺار جي انهن لفظن ۾ ڪو طوفان لڪل هو يا الائجي ايترو وزن هو جو هن ايئن ڀانيو ڄڻ ته ڪمري ۾ فانوس وانگر لٽڪندڙ سمورا لفظ پٿر بڻجي هن جي مٿان اچي ڪريا هئا... ۽ هوءَ انهن جي بار هيٺان دٻجندي ٿي وئي... ۽ پوءِ هن پنهنجي بابا کي ڳراٽڙي پائي ڪيڪون ڪرڻ شروع ڪيون... هوءَ الائي ڪيترو وقت رڙيون ڪندي رهي... هن جي بابا جو ڪرسيءَ تي ڪنڌ لڙي پيو هو... هن جو نراڙ ٿڌو ٿي ويو هو... آصف جي خون جو ٻڌي، هن جي بابا جي خون جو دورو هميشه لاءِ بيهي رهيو هو... هوءَ پاڳلن جيان الائي ڪيترو وقت ڪيڪون ڪندي رهي هئي.... ”بابا... منهنجا بابا...“
    پر الائي ڪهڙو بابا، جيڪو هن جي ڳراٽڙيءَ ۾ مري ويو هو، يا اهو بابا، جيڪو نئون خون ڪري، ڦاسيءَ تي لٽڪڻ لاءِ وڃي رهيو هو!

    (فهيمده حسين جي افسانوي مجموعي ”هڪ حوا ڪيئي ڪهاڻيون“، 1973ع تان ورتل)
    


    پنهنجي عزت : - نذير ناز

    زينوءَ کي پٽ تي زور سان ڦٽو ڪندي وڏيري سرفرار چيو، ”رن، هاڻي سڄي ڄمار توکي هن ڪوٺيءَ ۾ بند رکندس، تون عورت نه پر ڪتي آهين ڪتي.“
    سرفراز زينوءَ کي ڏاڍي مار ڏني، جنهن جي ڪري هن جو سمورو جسم ڏڪي رهيو هو. هر هنڌ ڪارا نير پئجي ويا هئس، روئڻ ڪري اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هئس. تڏهن به هن جي آواز ۾ ڪڙڪو هو ۽ سرفراز کي نفرت سان ڏسندي چيائين: ”وڏيرا، ٺلهي جسم کي قيد ڪري ڇا ڪندين، مڙد توکي تڏهن مڃان، جڏهن منهنجي روح کي به قيد ڪري سگهين.“
    اهو ٻڌي وڏيرو باهه ٿي ويو ۽ ڪاوڙ مان زينوءَ کي وارن مان جهلي زمين تي سٽيائين ۽ چيائين: ”مان مڙد ناهيان، ٻڌاءِ رن. اڙي تو جهڙيون پنج به گهٽ آهن. منهنجي لاءِ.“
    زينو تڪليف کان دانهن ڪندي چيو، ”مون غريب سان ناحق پيو ڪرين، شل خدا جي مار پونئي وڏيرا.“
    سرفراز تپي باهه ٿي ويو ۽ ٿڏو هڻي چيائين، ”آءٌ توتي ناحق پيو ڪريان، ڪهڙو ناحق پيو ڪريان؟ اڙي رن، تون ته منهنجي سريت آهين. مون توکي پورن پنجن هزارن ۾ خريد ڪيو آهي ۽ تون مون کي ڇڏي ڀڄي وئينءَ، مون ڇا نه ڏنو توکي، نوڪر چاڪر، عاليشان بنگلو. ڪهڙو ٻرو هو توکي، پر ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان. هر ڪا خوشي توکي ڏنم، هر ڪو سک توکي ڏنم. دنيا جي ڪهڙي نعمت هئي جيڪا مون تنهنجي اڳيان حاضر نه ڪئي. تڏهن به مون جهڙي جوان مڙد کي ڇڏي وڃي ٽڪي جهڙي ڪمدار سان ڀڄي وڃي نڪاح ڪري ڇڏيئي.“
    ڪاوڙ مان ڏند ڀڪوڙي سرفراز چيو، ”ڏسي رهندس آءٌ هن ٽڪي جهڙي ڪمدار کي، منهنجن ماڻهن کيس اهڙي ته سيکت ڏني آهي جو هاڻ نالو به نه کڻندو تنهنجو.“
    ”خبردار جو رمونءَ کي ٽڪي جهڙو ماڻهو چيو اٿئي. هو منهنجو مڙس آهي، تون ڀليو آهين، وڏيرا، رمون مڙس آهي ۽ مڙس پنهنجن ننگن کي نه وساريندا آهن. ٽڪي جهڙو آهين تون، جنهن مون کي ناڻي تي خريد ڪيو، بنان نڪاح جي زوريءَ پاڻ وٽ سريت ڪري رکيو. رمون منهنجو مڙس آهي، آءٌ هن جي ننگ آهيان، هن جي عزت آهيان. مڙس پنهنجن ننگن کي ڪڏهن به نه وساريندا آهن.“
    سرفراز رڙ ڪري چيو، ”ماٺ ڪر رن، متان گهٽو ڏيئي ساهه نه ڪڍي ڇڏيائين. مون به توکي ڪونه وساريو هو، تون ڀڄي وئين تڏهن به توکي وٺي آيس، توسان ته منهنجو پيار آهي، نه ته ٿڪ به نه هڻان تو جهڙي ڀاڄوڪڙ کي.“
    منهن کي موڙو ڏيئي، زينوءَ ٽوڪ مان چيو، ”پيار، ڪهڙو پيار؟ توکي مون سان پيار هجي ها ته هر رات مون وٽ ايندي، تون شراب جو سهارو نه وٺين ها. شرابي، تون ڇا ڄاڻين پيار کي، منهنجي موجودگي ۾ گهر ۾ عورتون وٺي ايندو هئين، پنهنجي عياشي کي پيار ٿو چئين. مون کي مينڊريسن جو عادي ڪيئي؟“
    مينڊرس جو نالو وٺي هوءَ سوچ ۾ ٻڏي ويئي، زينو وڏيري سرفراز جي ڳوٺ ۾ ڄائي ۽ وڏي ٿي هئي ۽ ننڍي هوندي کان ئي رمون سان مڱيل هئي. زينوءَ جو پيءُ سرفراز جو هاري هو، هڪ ڏينهن زمين تي چڪر هڻندي سرفراز زينو کي ڏٺو، جيڪا ڍڳن لاءِ گاهه کڻي گهر پي ويئي. زينو جي ڀرپور جواني ۽ حسن ڏسي سرفرار هرکي پيو ۽ زينو جي پيءُ کي لالچائي ڌمڪائي پنج هزار ۽ زمين جو ٽڪر ڏنائين ۽ واعدو ڪيائين ته شهر وڃي ڪورٽ ۾ زينوءَ سان نڪاح ڪندو، ڇو جو هتي وڏيريءَ جي موجودگيءَ ۾ نڪاح نٿو ٿي سگهي ۽ راتون رات زينو کي جيپ ۾ ويهاري شهر وٺي ويو، جيپ ۾ ويهاريندي پڻس چيو هو: ”وڏيرو تنهنجو گهوٽ آهي.“
    زينو به هر ڇوڪريءَ وانگر پنهنجي شاديءَ جا سپنا ڏٺا هئا، هن جي سپنن جو شهزادو رمون هو. هوءَ خيالن ئي خيالن ۾ پاڻ کي رمونءَ جي ڪنوار ٿيندو ڏسندي هئي. هوءَ ڳاڙهي وڳي ۾ ويڙهجي شرم ۽ حيا جي ڳٺڙي بنجي سيج تي ويهندي ۽ رمون شرنائين ۽ دهلن جي گوڙ ۽ شور ۾ سهرو ٻڌي، هن کي پنهنجي دل جي راڻي بنائي، گهر وٺي ويندو.
    پر نه شرنايون وڳيون، نه ساهيڙين سهاڳ جا گيت ڳاتا، نه هٿن ۾ ميندي لڳي، اڪيلو وڏو بنگلو، جنهن ۾ ڪابه عورت نه هئي، صرف نوڪر هئا. زينو جو ڊپ ۽ خوف کان ساهه سڪي ويو. خوف کان روئڻ ئي وسري ويس، وڏيرو هن کي بيڊ روم ۾ ڇڏي پاڻ ڪمري ۾ شراب پيئڻ لڳو.
    زينوءَ ڊڄندي ڊجندي بيڊ روم کي ڏٺو، سائو مخملي قالين، ساوا ريشمي پردا، ساوا بيڊ ڪور، هلڪي هلڪي سائي روشني، سڄو ڪمرو هلڪي ساوڪ ۾ رچيل هو. پر هي دلفريب ساوڪ به هن کي متاثر نه ڪري سگهي هئي. هن جو سڄو وجود سڙي رهيو هو. هتي هڪ ڪنواري ڇوڪري جي تصورات جي تصوير وارو ماحول هو. پر هن ٿڌاڻ ۽ خوشبو سان رچيل ماحول ۾ به هوءَ تڙپي رهي هئي، اڄ هن جي سهاڳ رات هئي، شادي جي پهرين رات، جيڪا هر ڇوڪريءَ لاءِ زندگيءَ جي اهم رات هوندي آهي. پر اڄ جي رات لاءِ هن جي دماغ ۾ ڪوبه تصور ڪونه هو، ڪنهن جو انتظار نه هو. پنهنجي جيون ساٿي سان ملڻ جو هن کي ڪوبه چاهه ۽ ارمان نه هو.
    هوءَ پنهنجن کان پري هئي ۽ هنن پروان هٿن ۾ به هن کي پنهنجن ئي ڏنو هو، هن کي مجبوراً پنهنجو پاڻ کي سرفرار جي حوالي ڪرڻو هو، هوءَ سوچن جي ڪُنَ ۾ ڦاٿل ڪمري ۾ وڇايل غاليچي تي ويٺي رهي ۽ سرفرار جو خيال ايندي، ڏڪي، ٻانهن تي منهن رکي روئڻ لڳي ”رمون رمون.“ هن سڏڪا ڀريا، ”رمون مان اهڙي هنڌ اچي ويئي آهيان، جتي تنهنجو نالو وٺڻ به پاپ آهي. مان توکي وساري نٿي سگهان، نڪو تو وٽ اچي سگهان ٿي، رمون مان ڇا ڪريان؟ ڪاڏي وڃان؟ ڪنهن کي چوان.“
    هوءَ رمونءَ کي ياد ڪندي رهي ۽ روئيندي رهي، ايتري ۾ ڪمري جو دروازو کليو، سرفرار ڪمري ۾ داخل ٿيو. سرفراز ڏاڍو خوش هو. سرفراز کي ايندو ڏسي، هوءَ ڊپ مان اٿي بيهي رهي ۽ بت بڻجي سرفراز کي ڏسڻ لڳي.
    سرفراز زينوءَ جي ويجهو اچي، ڪجهه دير هن کي ڏسندو رهيو. گهنڊيدار کليل وارن جي وچ ۾ هن جو منهن روئڻ ڪري وڌيڪ چمڪي رهيو هو، هوءَ سنگ مرمر جي تراشيل مورت پي لڳي. سرفرار کي هن تي پيار اچي ويو، هن هٿ کان وٺي زينوءَ کي شاندار ڊبل بيڊ تي ويهاريو.
    اوچتو زينو کي تکي بوءِ آئي. شراب جي بوءِ، هن جو بوءِ جي ڪري مٿو چڪرايو. سرفراز جون ڳاڙهيون ڳاڙهيون اکيون ڏسي هن کي ڊپ وٺي ويو. هوءَ گهٻرائجي ايئن تڙپي، جيئن پاڻيءَ بنا مڇي. هوءَ سرفراز جي ٻانهن مان نڪري ويئي. پر ڪيستائين، اها زينوءَ جي سهاڳ رات هئي. پر زينو جذبات کان بلڪل خالي هئي.
    پوءِ هر رات سرفراز زينو وٽ ايندو رهيو پر زينو هڪ ڏينهن، هڪ سيڪنڊ لاءِ به سرفراز جو وجود قبول نه ڪيو. جڏهن رات جو سرفراز پاڻ تي پرفيوم جو وسڪارو ڪري، زينوءَ کي ڇڪي، ڇاتي سان لائيندو هو ته سرفراز جي ڪڇ ۾ ايندي ئي زينو سرد لاش بڻجي ويندي هئي ۽ خوف وچان کڻي اکيون بند ڪندي هئي.
    زينوءَ جو اهو رويو ڏسي، سرفراز زينوءَ کي نشي جو عادي ڪرڻ چاهيو، زينوسرفراز جي هزارين منٿن جي باوجود، شراب نه پيتو ته پوءِ دوا جي بهاني، مينڊريسن جا ڪيپسول کارايائين، پوءِ نشي ۾ زينوءَ کي هوش نه رهندو هو، اهڙي طرح هوءَ مينڊريسن جي عادي ٿي ويئي هئي.
    سرفراز هن کي زندگي جي هر آسائش ڏني هئي. هن کي هر نعمت مليل هئي، انهيءَ هوندي به هوءَ دکي هئي. هر وقت پاڻ کي اُجڙيل اُجڙيل محسوس ڪندي هئي. ڇو جو سرفراز هن کي سچي خوشي نه ڏني، جنهن جي جنم جنم کان عورت اڃايل هوندي آهي، هن جو جيون ساٿي اهڙو وڻ هو، جنهن جو نه هن کي پاڇو نصيب هو، نه هن وڻ جو ميوو. سرفراز هن سان نڪاح به نه ڪيو، بهانا ڪندو رهيو، نيٺ هن سرفراز کي نڪاح لاءِ چوڻ ئي ڇڏي ڏنو. بس جيئري هوندي به هوءَ مئل هئي.
    سرفراز وٽ ٻيون به عورتون اينديون هيون، جنهن رات سرفراز وٽ ڪا ٻي عورت ايندي هئي ته هوءَ سُک جو ساهه کڻندي هئي، پر جڏهن بدقسمتي سان هُن جو وارو ايندو هو ته، اُها رات هن لاءِ عذاب جيان هوندي هئي. سرفراز جي ڪڇ ۾ ايندي ئي هن کي ڪرڀ ۽ بچان ايندي هئي. فوم جو نرم گدو ڪنڊن وانگر چڀڻ لڳندو هوس ۽ سرفراز جو وجود هن کي زهر لڳندو هو، هوءَ مجبور ٿي خالقِ حقيقي کي ٻاڏائيندي هئي ته هن کي هن ذلت جهڙي زندگيءَ مان ڇڏاءِ.
    جڏهن سرفراز زال ۽ ٻارن سان ملڻ ڳوٺ ويندو هو ته هوءَ به اڪثر ڪري سرفراز سان گڏ ڳوٺ ويندي هئي. سرفراز هن کي مائٽن ۾ ڪونه ڇڏيندو هو، هوءَ اوطاق تي رهندي هئي ۽ سرفراز حويليءَ ۾.
    هڪ ڏينهن هن رمونءَ کي ڏٺو. منجهيل وار، پگهر ۾ شل ۽ اُگهاڙي پيرين. رمون ڪم تان موٽيو هو. زينو ته هن کي ڏسندي دهلجي وئي، جيئن ئي رمون جي نگاهه زينوءَ تي پئي، هو نفرت سان منهن ڦيري هليو ويو.
    ’رمون جي نظرن ۾ ڪيڏي نه نفرت هئي.‘ زينو سوچيو.
    هن زينوءَ کي اهڙي نظرن سان ڏٺو هو، جو زينو سڄي ڏڪي ويئي. رمونءَ کي ڏسندي ئي کيس سک نه آيو. انهيءَ رات، اڌ رات جو زينو اُٿي، اوندهه ۾ رمون جي گهر پهچي ويئي، رمون مٿي هيٺ ٻانهون رکي ليٽيو پيو هو، اڄ شام جو هن زينوءَ کي ڏٺو هو. زينو هن جي مڱ هئي، جوان ٿي ته سرفراز هن کي وٺي ويو ۽ هي غريب ۽ ننڍي عمر هئڻ ڪري ڪجهه نه ڪري سگهيو. ڪري به ڇا ٿي سگهيو. جڏهن ته زينو جي پيءُ ئي زينوءَ کي سرفراز جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.
    پر اڄ زينو هن جي اڳيان اچي ويئي هئي ۽ زينوءَ کي ڏسندي هن جي دماغ ۾ هلچل مچي ويئي هئي. هن کي به ننڊ نه آئي ۽ جاڳندو رهيو. ڪاوڙ ۾ الائي ڇا ڇا سوچيندو رهيو ۽ اوچتو زينو هن جي اڳيان اچي بيٺي. چنڊ جي چانڊاڻ ۾ کيس زينو چٽيءَ طرح نظر اچي رهي هئي.
    ”زينو هلي وڃ هتان، متان مان توکي ماري نه وجهان. منهنجي صبر کي نه آزماءِ، هلي وڃ.“
    زينو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ چيائين، ”رمون مان جيئري ڪٿي آهيان، مان ته مئل آهيان. اڄ مان سڀ حدون لتاڙي آئي آهيان، تون ته مڙد آهين، مون کي هتان وٺي هل، جيئرو رک يا پنهنجن هٿن سان گهٽو ڏيئي ماري ڇڏي. پنج سال مون تنهنجو اوسيئڙو ڪيو، ڪڏهن ته تنهنجي غيرت جوش ۾ ايندي، تون مون کي وٺڻ ايندين، يا اچي ماري ڇڏيندين. هر رات انهيءَ اميد ۾ جاڳندي رهيس، پر تون نه آئين.
    ”ٻڌاءِ رمون، تنهنجي غيرت کي ڇا ٿيو. مڱ ته تنهنجي هيس، تون چپ ڇو ويٺو رهين. هاڻي مارڻ جي ڌمڪي ڏين ٿو. مون کي جيئڻ جو چاهه ناهي. مون کي مار رمون، مون کي ماري ڇڏ. تنهنجي عزت آهيان، تنهنجي غيرت آهيان. مڙد آهين ته مڙس ٿي منهن ڏي. مون کي ذلت مان ڇڏاءِ، نه ته ڪهاڙي هڻي سِسي لاهي ڇڏيم.“ اهو چوندي هوءَ اچي روئڻ ۾ پيئي.
    زينوءَ کي روئيندي ڏسي، رمون جو جوش ۽ ڪاوڙ ڍري ٿي ويئي. هن وڌي زينوءَ کي ڇاتي سان کڻي لاتو ۽ چيائين، ”زينو، توکان پوءِ مان به جيئرو ڪٿي آهيان. هل هاڻي هن ڳوٺ مان نڪري هلون، جيڪا به گهڙي توسان گڏ گذري اِها ئي زندگي آهي، اُهو ئي جيئڻ آهي.“
    پوءِ ٻئي ڄڻا، انڌيري رات ۾، ڳوٺ مان نڪتا ۽ هلندا رهيا. صبح ٿي ته هو سرفراز جي ڳوٺ کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا هئا. ٻئي ڳوٺ ۾ رمون جو مامون رهندو هو، رمون مامي وٽ آيو ۽ زينوءَ سان نڪاح ڪري، هن ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو ۽ هن ڳوٺ ۾ هاريپ ڪرڻ لڳو.
    زينو رمون سان گڏ ڪيڏو نه خوش هئي، ڪکن جو ڪچو گهر، هن کي سرفراز جي بنگلي کان به وڌيڪ عزيز هو. رمون زمين تي محنت ڪري ڌرتتيءَ ۾ پگهر ۾ شل ٿي، جڏهن گهر ايندو هو ته، زينوءَ جي هڪ مُرڪ سان هن جو سڀ ٿڪ لهي ويندو هو.
    زينو سڄو ڏينهن رمون جي پيار ۾ سرشار رهندي هئي ۽ رات جو رمونءَ جي ٻانهن ۾ لڪي مدهوش ٿي ويندي هئي ۽ مينڊرسن جو نشو به وسري ويو هوس. ڪو ڊپ هو ته فقط سرفراز جو. سرفراز جي ڊپ کان ڪيڏيءَ ڪيڏي مهل زينو ڏڪڻ لڳندي هئي. رمون هن کي دلداري ڏيندو هو ۽ چوندو هو ’زينو، ڊپ نه ڪر، بس پوک سٺي لهي، ڪجهه ڏوڪڙ ملن، پوءِ پاڻ ڪيڏانهن پري هلي رهنداسين، جتي سرفراز پهچي نه سگهندو.‘
    زينو جڏهن کان گم ٿي هئي، سرفراز تپي باهه ٿي ويو هو ۽ هن چئني طرف ماڻهو پکيڙي ڇڏيا هئا ۽ چئي ڇڏيو هو ته ”زينوءَ کي چوٽيءَ مان جهلي مون وٽ وٺي اچو.“
    زينوءَ جي ڳولها ٿيندي رهي، نيٺ خبر پئجي ويئي ته زينو رمون وٽ آهي ۽ رمونءَ سان نڪاح ڪيو اٿس. بس، سرفراز جا ماڻهو ويا ۽ زينو کي کڻي آيا ۽ رمونءَ کي خوب مار ڏنائون ۽ چيائون: ”خبردار، جو هاڻي زينو جو نالو ورتو اٿئي، خبر ڪانهي توکي، زينو سرفراز جي سُريت آهي. هن کي ڏسڻ به ڏوهه آهي.“
    ۽ زينو کي زوري کڻي سرفراز جي حوالي ڪيائون.
    زينو اڄ وري سرفراز جي قيد ۾ هئي ۽ زينو سوچ ۾ ٻڏل هئي ته ايتري ۾ سرفراز جو نوڪر ڊوڙندو آيو ۽ ايندي ئي چيائين، ”سائين قهر ٿي ويو.“
    سرفراز ڪاوڙ ۾ پڇيو، ”ڪهڙو قهر؟“
    نوڪر ڏڪندي چيو، ”سائين رمون کي ته مار ڏاڍي ڏني اٿئون پر ڪمبخت کي سيکت ڪانه آئي. کٽي کنيو اٿس، وڃي حويليءَ ۾ توهان جي نياڻي کي زوري کڻي ويو آهي.“
    ”ڇا چيئي،!“ سرفراز وڏي رڙ ڪئي.
    ”اڙي تون آيو آهين مون کي ٻڌائڻ! ڪريو بدبخت کي گولين جي حوالي.“
    ”پر سائين، ملي ته ڪريون گولين جي حوالي، جيپ ۾ آيو هو ۽ ٻه ماڻهو ٻيا به گڏ هئا، سڌو ويو حويليءَ ۾ ۽ زوري وڃي نياڻيءَ کي کڻي ويو. ويندي ويندي چوندو ويو:
    ”وڏيري کي چئو ته عزت سان زينو کي ڇڏي ڏي ۽ قرآن تي هٿ رکي ساک کڻي ۽ عزت سان زينو کي اُماڻي، نه ته زينو واري حالت تنهنجي ڌيءَ سان ڪندس. مرڻ کان نٿو ڊڄان، مرڻو ته آهي. زينو کان سواءِ جيئڻ ڪهڙو. اڳي زينو کي کنيو هئيئي، تڏهن زينو پيءُ جي ڌيءَ هئي. هن بي غيرت پاڻهي زينو توکي ڏني هئي. پر هاڻي زينو منهنجي زال آهي، منهنجو ننگ آهي. انهيءَ جي بي عزتي ڪئي اٿئي ته انهيءَ کان ٻيڻو وير وٺندس.“
    اهو ٻڌندي ئي زينو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين، ”وڏيرا، ڏٺئي مڙس جا ڪم، غيرت ۾ حويلي به ٽپي ويو. عزت انهيءَ ۾ اٿئي ته مون کي ڇڏي ڏي، نه ته مون وانگر ڌيڻيئي به سُريت ٿي گذارو ڪندي.
    ”بس ڪر زينو.“ سرفراز تڪڙ مان چيو. زينو، هينئر جو هينئر هلي وڃ ۽ منهنجي نياڻيءَ کي موڪلي ڏي.
    ”پر ٻڌ، منهنجي ڌيءَ جي عزت کي ذرو نقصان پهتو ته توهان ٻنهي کي جيئرو ساڙيندس.“
    زينو ٽهڪ ڏيندي چيو، ”پنهنجي عزت تي رت ٿو ٽهڪي، پر مان به ته ڪنهن جي ڌيءَ هيس، تو مون کي ذلت جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو. پر رمون غيرت وارو جوان آهي، هو تنهنجي ڄائي کي تڏهن هٿ لائيندو، جڏهن هن جي عزت کي ڪير هٿ لائيندو.
    ”چڱو هاڻي وڃ، وڌيڪ ڳالهيون نه ڪر.“
    ”وڏيرا، مان ايئن نه وينديس، پهرين قرآن تي ساک ڏي، پوءِ وينديس.“
    جڏهن سرفراز قرآن تي قسم کنيو، تڏهن هوءَ فاتحانه انداز ۾ ٻاهر نڪري ويئي. هاڻ هن کي رمونءَ جي تلاش هئي، جيڪو وڏيري جي ڌيءَ کي کڻي ڪٿي لڪي ويو هو. پر زينو پڇا ڳاڇا ڪري نيٺ رمونءَ کي وڃي ڳولهي لڌو ۽ هن رمونءَ کي ٻڌايو ته ”وڏيري توبهه ڪئي آهي، تون سندس ڌيءَ ڇڏي ڏي.“
    ۽ پوءِ زينو وڏيري جي ڌيءَ کي پاڻ ساڻ ڪري ڳوٺ اچي ٻانهن وڏيري جي حوالي ڪئي ۽ جنهن وقت وڏيري جي ڌيءَ، پيءُ ڏانهن وڌي رهي هئي، تنهن وقت زينوءَ چيو، ”وڏيرا، وٺ پنهنجي ڌيءَ. تو وٽ پرائي نياڻيءَ جي عزت محفوظ ڪانهي، پر اسان ننڍن ماڻهن وٽ تنهنجي ڌيءَ جي عزت محفوظ رهي آهي. ياد رک وڏيرا! جيڪڏهن توکي پنهنجي عزت پياري آهي ته توکي ٻين جي عزت جو به خيال رکڻو پوندو.“
    وڏيرو ڪنڌ جهڪايو ويٺو رهيو، هن ڪوبه جواب نه ڏنو. زينو وڏي شان سان موٽي رمونءَ وٽ هلي ويئي.

    (نذير ناز جي افسانوي مجموعي ”هيلو ڪووري آ“ تان ورتل)
    


    رهـيـل جـانـچ : - ماهتاب محبوب

    اُماس جي اها رات گذرڻ تي هئي. ته هن کان وڌيڪ سَٺو نه ٿيو، جهٽ پلڪ ۾ سٽ ڏئي کٽ تان اٿي ته نٿ جو ڪُنڍو خبر ناهي ڪيئن واڏاڻ ۾ اٽڪي پيو. ”الا.... ا....ا.... مري ويس!“ هوءَ ايذاءُ مان ٻيڻي ٿي وئي. رت ٺِينڍيون ٿي وهڻ لڳو، ننڊ ۾ الوٽ ابهمن کانسواءِ ٻيو ڪوبه ته نه هو گهر ۾ جيڪو اُٿي هِن جو حيلو وسيلو بنجي ها. سنجهان کان جيڪي وهم ڪاٺ ڪُٽي واري ٽڪ ٽڪ سان کيس ٽُڪي رهيا هئا، جيئري رت ڏسي ڪوڏر جي وار جيان سندس اندر اڌ ڪري رکيو. هن کان سمورو سور وسري ويو. بس ڇڙو رئو مروڙي سروڙي کڻي نڪ تي رکيائين ۽ هوريان هوريان ورانڊي مان اڱڻ ۾ اچي، ٻاهريون در کولي هيڏي هوڏي اورتي پرتي نهارڻ لڳي. ٻاٽ اوندهه ۾ کيس ڪجهه نظر ڪونه ٿي آيو، ايڪڙ ٻيڪڙ گهرن مان ڪنهن بي وس جي آس جيان لالٽين جي جهڪي روشني ٻڏندي اُڀرندي رهي، مڙني حواسن جي طاقت ڪنن ۾ لهي آئي هئس، جيڪي کڙين جي ڄاتل سڃاتل کڙڪي ٻڌڻ لاءِ کڙا هئا. پريان موٽر جو آواز آيو ته ان کي ٻيهر جهٽڻ لاءِ ساهه روڪي ورتائين ته ڪٿي اِها سوزوڪي ته نه هئي، جنهن کي قسطن تي خريدڻ لاءِ هو ميڙي چونڊيءَ جا ڏهه هزار به ساڻ کڻي ويو هو.
    چوئنٽ وٽ بيٺي بيٺي کيس چڱي دير اچي ٿي، پر هو نه آيو. هِن وڏا سڏ ڪيا.
    ”نياز... نيازو.... نيازو... و... و.... و!“
    من جي پولار ۾ پري پري تائين آواز ويس، پر ٻاهر ٻڙڪ به نه ڪڍي سگهي نه ته جيڪر ست پاڙا اُٿي کڙا ٿين ها ۽ انهن جون ننڊون حرام ڪرڻ جي عيوض الائي کيس ڪهڙيون ٽسريون ٻڌڻيون پون ها. اهو سوچيندي هوءَ سراپجي وئي.
    ”ڪٿ وڃان... ڪٿ ڳولهيان... ڪنهن کان پڇان پنهنجي پنهل جو ڏس...“ هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو پر من جا سڀئي طاق بند هئا.
    ٽيو ڏينهنڪو نظارو اکين اڳيان ڦري آيس...
    کيس ايندو ڏسي هو رسي ڀت ڏي منهن ٿي ڪري ته هن اچي ڀاڪر پاتس. اهو سندس پرچائڻ جو خاص انداز هو جيڪو هن جي سڀني رسامن کي ريٽي، مرڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هئس. ”ايڏيون ديريون ڪبيون آهن...؟“
    ”خبر نه ٿي، اِهي ديريون قرب جون ويريون ٿين... ايڏا خراب خيال ٿا اچن جن جو ڪو انت ئي ناهي، اڳتي جي ايئن ڪيهءِ ته مان مري...“
    ”شه شه شه...“ ڇاتيءَ کان الڳ ڪري سندس چپن تي آڱر رکندي چويس ٿو، ”متان اها ڳالهه ڪئي اٿئي، دير سوير تو وٽ پهچو ته وڃان نه، اِهي اجايا خفا ڇڏي شينهڻ ٿي گهر ۾ ويهندي ڪر.“
    ”اِن اڪيلائيءَ ۾ ته شام کان ئي دل ۾ گدڙ اچو ويهي.“
    ”اڪيلي ڪٿي آهين. هي ٻه نياز نه ويٺا اٿئي.“ هن مرڪي معصومڙن ڏي اشارو ڪيو.
    ”اِهي ٻوٽا ته الائي ڪڏهن وڌي وڻ ٿين منهنجو ڇانورو ته تون آهين... وري نه ڪرائجانءِ اوسيئڙو.“
    ”بنهه نه“
    ”پڪو انجام ڏي...“
    ”مڙساڻو انجام“ هو کاڏيءَ تي هٿ رکي چوي ٿو.
    ٻئي ڏينهن انجام موجب پوريءَ مهل تي آيو. پر اڄ ته سمورا ليڪا لنگهي ويا.
    هِن ڄاتو ٿي ته مل ۾ فورمين هئڻ ڪري ڪنهن مهل هُن کي دير ٿي ويندي هئي، پر اهڙي دير ته ڪڏهن به ڪونه ٿي. نڪ تان رئي ويڙهي هٽائڻ سان کيس محسوس ٿيو ته يڪي دٻاءُ پوڻ ڪري رت بند ٿي ويو، ڪالهه ئي ته ٺهي آئي هئي اِها نٿ، جنهن کي پائڻ جي نه ڪا هير هئس نه ئي شوق، پر نياز جي خواهش هئي ته کيس اِها ضرور ٺهرائي ڏي، جو شاديءَ ويل سکڻو لونگ آڻي سهري جي تريءَ تي رکيو هئائين، جنهن سندس اشرافت تي موهجي اهو ڪري اکين سان لاٿو. پر اڳيان نياز به روايت پسند سنڌي، اهو ڪيئن ٿي نٿ جي اهميت مان ڪنڌ ڪڍائي سگهيو. هن کي خبر هئي ته اِهي سهاڳڻين ڀاڳڻين جو شان ليکبيون آهن، پوءِ ڀل ته پيڙهين کان پيتيءَ ۾ پرڙيون پيون هجن.
    پائي پائي گڏ ڪري هن نٿ جوڙائي. ڪالهه اِها پائڻ لاءِ گهڻو ئي زور ڀريائينس پر هن نه مڃيو- چيائينس، ”مان ته صبح جو وهنجي سهنجي نوان لٽا اوڍي پوءِ پائيندس، شام جو اچي ڏسجانءِ ته ڪيئن ٿي جڙيم.“
    صبح کان نٿ پائي هوءَ ڪڪ ٿي پئي، اوڙي پاڙي وارين کيس مبارڪون به ڏنيون، پر جنهن کي پائي ڏيکارڻ جي اُڻ تڻ هئس، اهو ته اڃا سوڌو نه موٽيو. ايڏي تڪليف سهڻ کانپوءِ دل چيس ته اِها لاهي ڇڏي، پر ان خيال ايندي ئي رهندو وهم وڪوڙي ويس... ”اڳ ئي من ماندو... ويتر خيري صلي نٿ وڌائي بدسوڻي ڪريان! ڀل ڪيڏي به پيڙا ڀوڳيندي هجان، جيتر پاڻ نه اچي تيتر نه وڌائيندس.“
    هن چاهيو ته سامهڻو در کڙڪائي پاڙي جي چڱي مڙس کي وڃي جاڳائي ته اُٿي ڪا هن جي ڳولها ڪرائي، پر لوڪ لڄا کان آڌين جو پراوا در کڙڪائڻ جي حجت نه ساري سگهي.
    ”روز ٻه ميل ٽنگون هڻي بس ۾ ٽنگجي اچڻ ۽ وڃڻ واري شهر جي نوڪريءَ کان ته چڱو جو بابي وٽ وڃي ڳوٺ رهجي.... ٻني ٻارو سنڀالي گذارو پيا ڪنداسين... بابو پاڻ وندرجي پوندو، ٻيو ڪهڙو مِٽ اٿس اسان کانسواءِ... حياتي وِهه ڪندڙ اوسيئڙي کان به جان ڇٽي پوندي...“ هن سوچيو. پر جتي هو رهيا پي اهو به ته شهر جو نهايت ئي پٺ تي پيل علائقو هو، ڄڻ ڪو ڳوٺڙو.
    هِن جو رنگ زرد ٿيندو ويو، چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا، اوسيئڙي مرڻ ڪنڌيءَ تي آڻي بيهاريس. در تي هٿ ڍرا ڪري هوءَ گِهرڪندي چئونٺ تي لڙي پئي. پهرين باک سان هن وڃي پاڙي جا در کڙڪايا، ڪنهن وٽان به هٿيڪو ڏس نه مليو ته اُن دم بابي ڏي ماڻهو مڪائين. پاڙي واريون گهر ۾ مڙي کيس جهار جيان ورائي ويون، هوءَ روئي رڙي لڇي ڦٿڪي بي حال ٿي پئي. پوياڙيءَ جو وڏي هڻ هڻان کان پوءِ پراڻي پلِ هيٺ، وڻن جي جهڳٽن مان وڃي ڪو نياز جو پار پتو پيو، جنهن مان اِهو گمان ڪڍيو پي ويو ته وٽس يڪا ڏوڪڙ ڏسي، مل جي ڪنهن ساٿيءَ گهاٽ گهڙي اونڌاين جي اوٽ وٺي ساڻس اها ويسا گهاتي ڪئي.
    چئن چڱين جي ميڙاڪي ۾ هڪ جهونيءَ اڳتي وڌي اچي هن جي نٿ لاٿي ته کيس لڳو، اِها نٿ نه پر سِگنل هو، جنهن واڏاڻ ۾ اٽڪي رت ريلا وهائي نياز جي خون جو اطلاع ڏنو! هن جي اکين ۾ اُماس جون اونڌايون لهي آيون، سمورو آسمان ڇڪجي اچي مٿان ڪريس. ”نيازو... و.... و....و...“ هوءَ دهشتناڪ رڙ ڪري غش کائي، فرش تي ڍرڪي پئي.
    ڏينهن پڄاڻان نه خوني سوگهو ٿيو نه ئي ڪا خون جي ڪڙي جانچ ٿي سگهي ته ربوءَ ڌيءَ کي چيو،
    ”هل ته هلي ڳوٺ رهون، اِت رهي ڇا ڪندينءَ.“
    ”هاڻ ڪيڏانهن ويندس اِهي ڪک ڇڏي، اهائي ته نيازو جي ياد گيرين جي مِلڪ وڃي بچي اٿم...“
    ”جيئني ٻچڙا، دل نه لاهي ڌيءَ، رب جي سرڪار ڏاڍي آهي، پِٽين کي پاڻهي پڄندي.“ هن کيس دلداري ڏني ۽ ڳوٺ زميندار جي چاڪري ڇڏي ساڻس رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
    ڏينهن رات مشين تي اوڙي پاڙي جا ڪپڙا سبي هن ٻچن کي ٿي پاليو ته گهر به ٿي هلايو- ڇاتيءَ ۾ لڳاتار سور جي سٽن، ايڏو ته ڪمزور ڪري ڇڏيس جو هڪ اڌ ڪپڙو سبڻ سان ئي بس ٿي ويندي هئي، پر ساهيون پٽي پٽي جيئن تيئن ڪري هن اهو گاڏو ٿي گهليو. هوءَ مکڙي جيان مرڪي، گل جيان ڪومائجي وئي هئي، لڳو ئي نٿي ته هيءَ ڪا اها شانان هئي، جنهن جي نيمڪ واري چهري تي سدائين مرڪن جا رنگ پکڙيل هوندا هئا.
    تنهن شام سبيل ڪپڙا ڏئي موٽي، ته ڏٺائين ورانڊي ۾ رکيل مشين غائب هئي! هن پاڻ کي گهاڻي ۾ پيڙجندي محسوس ڪيو....
    ”جن جا وارث وصي هليا وڃن، تن جي تڏي چورن کي اچڻ جو ڪهڙو ڀئو...“ هن ڇڙو ايترو سوچيو، زبان سان ڪجهه نه چيو، نياز کانپوءِ هن ڄڻ پنهنجا چپ سبي ڇڏيا هئا.
    ربو پنهنجي پر ۾ مشين ڪاڻ گهڻيئي سٽون ڏنيون پر معاملو کانئس چڙهيل هو. لاچاريءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري، ڌيءَ آڏو اچي ويٺو. هوءَ ان مان ئي سمجهي وئي ته کيس دٻي ۾ ٺلهيون ٺڪريون به ڪونه مليون.
    مشين جي چوري، ربوءَ جو سک ڦٽائي وڌو، هو گهر جي ٻاهران ننڍڙي ڇپر ۾ ٻڌل مينهن جي ڀر ۾ کٽ وجهيو پيو هوندو هو ته ڪٿي اهو واحد وسيلو به نه کڄي وڃي. پاڙي جا ڇورا ڇنبر، مڙها سڙها ۽ رنڙ اڌڙوٽ به ننڍي نيٽي نينگر گهر ۾ ڏسي هرو ڀرو جو به اچي پوڙهي سان همدرديون ڪرڻ لڳا.
    خون ۽ چوريءَ جي باري ۾ ماڻهن جون پڇائون ۽ صلاحون ٻڌي ٻڌي هن جا ڪن ئي پچي پيا. تنهن ڏينهن اُجهڪا پي کاڌائين ته علوءَ ٽانگي واري اچي تيلي ڏنس،
    ”ميان اڄ مشين وئي ٿئي سڀاڻي وري ڪجهه ٻيو ويندءِ. اُٿي ڪو بلو ڪر، پوليس ۾ رپورٽ لکرائي، ايئن ٻانهن سيراندي ڏيو پيو واڏاڻ ڇندين تنهن مان ڇا ورندءِ.“
    ”ڀائو رپورٽ لکرائي ڇا ڪبي، اشراف ماڻهو ڪٿ پيا ٿاڻن جا ڌڪا کائينداسين“ هن چلم جي ٽوپي ۾ پيل ٽانڊن کي ڦولاريندي وراڻيو.
    ”پر ماٺ ڪري ويهڻ به ته مڙسي ناهي، اها ته رهندو چورن کي هٿي ڏيڻي ٿي.“ علوءَ کٽ تي پير رکندي چيو.
    ”سچ ٿو چئين پريا مڙس،“ ميڙو متل ڏسي، مانڊڻيءَ وارو نوجوان بشير به رڙهي اورتي آيو. ”نياز جي خون جو ته ڪو داد فرياد ڪونه ٿيو پر چوريءَ جو به کرو نه مليو! اهو ته نسورو ناحق آ غريب ٻچڙيوالن سان.“ ٻه ٻول همدرديءَ جا ٻولي، هن کٽ تي ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويهڻ جو ڄڻ حق حاصل ڪري ورتو.
    ”ابا رب الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي، شل حقون به رکي ناحقون به، جن اسان سان ڪئي آهي، موليٰ انهن جون به برباديون آڻيندو... رڌيون ڪُنيون لاهيندو....“
    ”چاچا اهي زالاڻا پاراتا توکي ڪونه ٿا سونهن، يا عليءَ جو نعرو هڻي اُٿي ڪا مڙسي ڪر، مڙساڻيون غيرتون هٿ وٺي وڃائبيون ڇا.“
    ”بشيرو جائي ٿو چئي،“ علوءَ ٽيڪو ڏنو. ”دشمنن کي دشمنين سان پڄبو، اشرافت جا زمانا ويا موٽ کائي، ننڍي نيٽي نينگر اٿئي گهر ۾، جي بوتو بڻيو ويٺو هوندين ته ان کي به نه ڪاهي وڃن.“ هن رهڙ ڏني.
    ”ڳالهائين ڇا ٿو...!“ هو کهرو پوڻ تي هو پر هيڻن هڏن هڻي ٺپ ٺاري وڌس، نه ته جيڪر اها ڳالهه ٻڌڻ سان کل ئي کاري وجهيس ها، رڳو ايترو گفتو ڪڍيائين:
    ”جڳ جي نياڻين جي صدقي الله اسان جي به لڄ رکندو.“
    نيٺ روز روز جي توتڙن، کيس ٿاڻي جو منهن ڏيکاريو.
    .... .... .... ....
    ”ميان اها مشين ڪير هلائيندو هو؟“
    ڳهٽيل اکين واري صوبيدار موليٰ بخش، شهپر وٽيندي پڇيو.
    اهو ٻڌي هن ميز تي مڪ هڻي شودپائيءَ مان ڳاٽ مٿي ڪندي وراڻيو:
    ”سمجهه ته چور لڀجي ويو.“
    ”ڪيئن سائين؟“ ربوءَ جي چهري تي اُميدن جو چمڪاٽ ٿيو.
    ”ميان ڌييڻن اها مشين پنهنجي يار کي ڏئي ڇڏي آهي.“
    ”سائين-!“ هن دانهن ڪئي ته صوبيدار گجگوڙ مان وراڻيس:
    ”اڙي وري دهمان ٿو ڪرين کوٻلا، وٺي اچينس ته سچي ڪرايانس، ڏسجانءِ ته ڪيئن نه ٿي ٻولي.“
    ”سائين معافي ڏي، مون رپورٽ تان ئي هٿ کنيو.“
    ”هٿ ٿو کڻين رپورٽ تان جو تنهنجي صاحبي آهي، اهو ته رهندو چورن سان ساٿ ٿيو، ڪيانءِ اندر؟“
    ”سائين منهنجي پڳ نه اُڇل، مڙئي مهر ڪر... توکي پنهنجي ٻچڙن جو قسم، مان ته وڃي کڏ ۾ پوان، هن بيواهي کي ته نه روليو جنهن جي ڪونڌر مڙس جي خون جو ڪيس به لئي مٽي ٿي ويو!“
    ”خون جي جانچ ڪا چرچي جي ڳالهه ڪانهي، مون کي ته لڳي ٿو مڙس به مائيءَ پاڻ مارايو آهي، اها رهيل جانچ به پوري ڪرائبي.“
    ”سائين الله لڳ، منهنجي ڳوڀ مسڪين نياڻيءَ تي اهو دئين نه رک.....“ هو هراسجي ويو.
    ”اڙي ڀوڪ اِهي رنون ئي ته يارن پويان مڙس مارائينديون آهن، سڀاڻي ٻچا ڳچيءَ ۾ وجهي، مشين واري يار ڪڍ هلي ويندءِ تڏهن اک کلندءِ.“ اهو ٻڌڻ سان هن جو هيانءُ کاڄي ويو، رت سڙي منهن تي دانگي گهمائي ويس، هو مٿو جهلي پٽ تي ويهي رهيو، ۽ ڊڄندي ڊڄندي چوڻ لڳو:
    ”ايڏي زوراوري نه ڪر سائين.... ڪا ڪهل ڌار.....“
    صوبيدار موليٰ بخش، جنهن چڱو عرصو ڊس مس ٿي رهڻ کانپوءِ، حرفتن سان نئين سنئين وڃايل عهدو ماڻيو هو تنهن اُبتا تارا ڪندي ٽيڳر مان وراڻيو:
    ”گهڻي ٽڻ مڻ ڪيهءِ ته هينئر ئي ٿو لاڪپ ۾ هڻئين.“
    ”سائين باڇا پير جي ڊوهي اٿئي....“ هن وري جهولي جهلي ليلهڙاٽ ڪيو.
    ”چه...“ صوبيدار کي بڇان وٺي وئي. هن ٻه وکون پريان، ڀڳل ڪرسيءَ تي ويٺل جمعدار خميسي کي هڪل ڪندي چيو.
    ”هن چچڙ کي ته هڻينس لاڪپ ۾ ڀيڻسان مٿو ڦيرائي ويو آهي.“
    جمعدار بي اعتباريءَ مان ڏانهنس نهاريو ته هن وڏي کڙڪي سان چيس:
    ”سمجهئي نه ڳالهه کي؟“
    ”سائين بس، سمجهي ويس.“ هن هوشياريءَ مان وراڻيو ۽ ڪياڙي ربوءَ ڏي گهمائيندي رازداريءَ مان چوڻ لڳو:
    ”جهونا، پيءُ جيڏو ٿي پيو آهين تنهنڪري تنهنجو حال ڏسي قياس ٿو پئيم، هڪ ئي صورت آ تنهنجي ان ڪيس مان بچڻ جي...“
    ”ٻچا بچنئي وارو ڪر.“ اُجهامندڙ لاٽ ڀڙڪو کاڌو.
    ”رپورٽ رد ڪرائڻ جي ڏوهه جا هزار پندرهن سؤ کڻي اچ، پوءِ تون ڇٽل آهين. هاڻي هل، سائينءَ کي ٻيا ڪيس نبيرڻا آهن.“

    (ماهتاب محبوب جي ڪهاڻين جي مجموعي ”مٺي مراد“، تان ورتل)
    


    مـٺـي مـراد : - ماهتاب محبوب

    اِهو اُڀ اکئين پئي ڏٺو ته وڏيرو مبارڪ علي با جنس جهڙو ممڙو. ڪڻي ڪاسي جيتري ڪا ڪسر هئي به کڻي ته ڀروُئن پوري ڪري ڇڏي، جيڪي شهپرن کي به شهه ڏيو بيٺا هئا. اهو راوڻ توڙي جو اڌ وهي ٽپيو ته به پار اُهي ئي پراڻا. ڪراڙي شينهن جيان واجهه وجهيو اونڌاين ڪوٺين ۾ پيو هوندو هو. جا ڦاٿي ناهي سا ڦٿڪي ناهي. ويندڙن جا پيرا ڏسبا ها ته ايندڙن جا ڪونه. اها ته جن ڪن ئي ڪانه هئي ته ڪو ٽاڪ منجهند جو وڏيري شاهه بانو پيتين مان ”خاشا“ بسترا ڪڍائڻ ڪاڻ نئين ساماڻيل ٻانهي ساڻ ڪري انهيءَ پاسي اچي نڪرندي. کيس ڏسي وڏيري جي حياتي ڇڏائجي وئي.
    ايڏهين ڪوڀ ۾ ڇا پيو ڪرين؟“ عينڪ، ٺونگي سان مٿي ڪري، چاٻين جو ڇڳو ٻانهيءَ جي حوالي ڪندي عجب مان پڇڻ لڳي.
    ”ٿڌڙي جاءِ آ نه، مونکي اتي سمهڻ ۾ فرحت ٿي اچي.“
    ”ايئر ڪنڊيشن مان اُلا ٿي نڪتا ڇا؟“ هن رهڙ ڏني.
    ”جيڪو مزو قدرتي ٿڌڪار ۾ آ، سو ايئر ڪنڊيشنر جي ڀون ڀونءَ ۾ ڪٿان لڀي.“
    هن گوڏ جو پلاند ٺاهي، ڏندڙا ڪڍي وراڻيو پر نئين شڪار جي صاف بچي نڪرڻ تي دل ئي دل ۾ جک پئي کاڌا.
    شاهه بانو ته هونءَ به کيس ڪانه ٿي وڻي، جو ڏاڏي پوٽيون ورلي وڻن. مڙيئي الو ڀلو ڪيو پي وقت نڀايائين. هن به گهڻا ڏينهن آسرو پلي لا طمع بنجي وڃي ٽي- وي ۽ ريڊيو سان لنئون لاتو. جتان ذڪاتن جا ذڪر ٻڌيو پئي سبحان الله سبحان الله ڪندي هئي ته ڪڏهن وري ”بُل“ مارڪه ڪلام ۽ ڪافيون ٻڌيو پئي دل پرڀائيندي هئي. جڏهن مبارڪ علي کي هن منجهان ڪا مٺي مراد نه ملي ته وجهه ملنديئي بنا دير وڃي ٻي پرڻيو جنهن سان منڍ منڍ ۾ هُن قربڙو ته رکيو ۽ ڪيئي ساوڻ سيارا لنگهي ويا پر ڪو ٻوٽو ڪونه ٻريو ته اُٿندي ويهندي ميتڙن جيان طعنا تُنڪا ۽ ٽين شاديءَ جون دل هول ڏياريندڙ ڌمڪيون ڏئي ڏئي کيس هيسائي ڇڏيو. نتيجي ۾ هوءَ به وڃي ٿي درگاهن بلي- راتيون مقامن ۾ اوجاڳا ڪڍندي ته ڏينهن زيارتن ۾ وارن سان ٻهاريون ڏيندي گذرڻ لڳس. ڳچيءَ ۾ ڳارا وجهيو ڇڙو پئي پير سوريندي هئي ته من ڪنهنجي دعا سان ڪا مٺي مراد ملي پئي. ولوءَ ڀوپي کان وٺي مارُل مستانيءَ جي آستاني تائين اهڙو ڪو در نه رهيل هو جت تعويذن ڦيڻن پٺيان هن جهوت جهوتان نه ڪئي هجي. حويليءَ ۾ ويهڻ ته خير ڪو، پر ڪڏهن ويهندي به ته اوڙي پاڙي جا مڙئي مهانڊا غاليچي تي پلٿي هنيون ويٺائي ويٺا هوندا هئا. هڪڙي پلاند ڇنڊي اُٿندي ته مٿان ٻي اچي پاڻ سٽيندي. درويشن ديوانن جا نوان نوان ڏس، تعويذ تڙن ۽ خوابن خيالن جا اڻ ميا ”نذرانا“ پرمتڙيءَ جي جهوليءَ ۾ وجهي پنهنجي آڌي کُٽيءَ جي پورت ڪيو بالم بڻيون پيون ڀوليءَ جيان هلائينديون هيس. وهم کيس ائين وڪوڙي ويا جيئن مانجهانداڻيءَ کي رسو. ڏهاڪو کن مهانڊا ساڻ ڪري قافلي جي صورت ۾ جتان به لنگهندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن تربت کي ڏسي اُتي ضرور ترسندي هئي ته متان ”ولي“ نه ڏمرجي. پر جي جيپ اڳتي نڪري وئي ته رڙ ڪري ڊرائيور کي چوندي:
    ”اي بيهجان، بيهجان يعقوب! ٿورو پوئتي هل ته سلام ڀري وٺان.“
    انهيءَ ٿڙ ڦٿڙ ۾ برقعو به جيپ جي ڦيٿي ۾ اچي ويس. مُئي مئي بچي ته به اُٽلندو فخر مان چوڻ لڳي:
    ”ائي ڏٺو معجزو، اهو سائي پڙ واري پير ڇڪيو اٿم پاڻ ڏي- منهنجي ڇڪ ٿي اٿس، متان پٺ ڏيوس.“
    ڪڏهن کليو کلايو ته ڪڏهن وڏيري جي ڊپ کان لڪ ڇپ ۾ سارو ڏينهن هلي هلي نه رڳو هن مومنياڻيءَ جي برقعي جو پڪو رنگ اُڏاڻو پر ساٽن جهڙي ترڪڻي لسي کل به فڪر ڳڻتين ۽ ڪاڙهن لُڪن ۾ لوساٽجي ڪوري بافتي جو روپ ورتو ته مبارڪ علي به پنهنجا پرڙا ساهيا. پهرين ئي اُڏام ۾ هُن جي اک وڃي برقعا پوش نرس تي پئي. قضا سان جنهن جو لنگهه ئي شاهي حويليءَ اڳيان ٿيڻ لڳو. هن جي نئين فيشن واري سئنڊل جي پائنٽيڊ هيل پدهڻن پيرن سميت هيانءُ ۾ ايئن کپي ويس جيئن ڪِلي کُپي ڀت ۾. تنهن ڏينهن کان پوءِ روزانو اسٽيريو ٽيپ کڻائي نم جي ڇانو ۾ شاندار رلي وڇايل ڳاڙهن پاون واري کٽ تي ويهي هاسيڪار وڏيون وڏيون کنگهڪارون ڪري ڇيڙي نبيري وارن سان ويٺو حال احوال ڪندو هو. بس رڳو سئنڊل جي کڙڪي ٻڌڻ جي دير هوندي هئي جو ٽيپ جي پلي واري بٽڻ کي دٻائيندو هو. جنهن ۾ ڳاتل سمورا گيت سندس دل جي ترجماني پيا ڪندا هئا.
    ”تنهنجي اچڻ جون واٽڙيون،
    نِت نت اُڀي نهاريان“
    ته ڪڏهن وري:
    ”منهنجي اڱڻ اچين مونسان مُرڪي ملين،
    تنهنجي قدمن تان قربان ٿيان“.
    زال ذات کي مرد ماڻهوءَ جي ڪهڙي ادا، خبر ناهي ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن وڻي وڃي. لاشڪ ته ممڙائي اسٽائيل نرس کي به موهي ڇڏيو- جنهن جو ثبوت اُهي نت نوان عطر ۽ سستيون سينٽون هيون جن جو استعمال شايد ته هوءَ پاڻيءَ جيان ڪرڻ لڳي جو سندس لنگهندي ئي انهن جون هٻڪارون وڏيري جي چوگرد پکڙجي پئي ويون. جن کي هن وڏا ساهه کڻي پئي جهٽيو نه ته جيڪر اهڙين سادين سينٽن کي هو ٿُڪ ئي نه هڻي.
    نينهن نيٺ هڻي هنڌ ڪيو. جلد ئي ڪنوار بڻجي ڪڙن ڪوٽن ۾ اچي قابو ٿي پر،
    ”جاڏي وڃي واگهو تاڏي پاڻي تانگهو“
    جيان لڳو ٿي ته اها شادي به وڏيري کي ڀانءِ نه پئي، جو انهيءَ سان سندس گوڏن جو پراڻو سور تهائين سهڻ کان ٻاهر ٿي ويو. لاچار کيس سرڪاري اسپتال جي در اڳيان ويٺل ڄورن واريءَ سان رابطو قائم ڪرڻو پيو جنهن چئن ڄورن وارو سنياريل ٽڀو سمجهاڻيون ڏئي سندس حوالي ڪيو. رات ٿيندي ته هئو مئو ٽاري پلنگ هيٺان هٿ ڊگهيري ٽڀو سيريندو ۽ هر هڪ گوڏي کي مکڻ ذرو مکي ٻه ٻه ڄورون چهٽائي ڇڏيندو هو. تڏهن وڃي ڪنهن حال ۾ ڏسبو هو. نئين جوءِ تي سندس گهڻو راز هيو جو سارو ڏينهن هنج ۾ ليٽيو پيو مٿي کي سيرون ڏياريندو هيس. اڃان هن پيار جي ڇانوَ ۾ ڪي گهڙيون ئي ڪونه گهاريون ته جوڻس جو ارواح هن تان کڄي ويو. ڪجهه ٽِڀي واري لقاءُ ڪري، ڪجهه مهل ڪمهل ٽوٿ پڪ سان پاڏي جيڏو وات ڦاڙي ڏاٺن کوٽڻ جي عادت جي ڪري ته ڪجهه وري مٺي مراد ماڻڻ ۾ دير پوڻ ڪري. هو کيس نڙيءَ ۾ ڦاٿل ان مک جيان لڳو جيڪا نه ڪڍي سگهجي نه ڳهي سگهجي.
    هوءَ ڏاڍي حيران پريشان رهڻ لڳي. گهڻو تڻو ته ڪو ڪتابڙو کڻي روح وندرائيندي هئي نه ته مٿي کي پٽي ٻڌيو پئي ڪنڊون پاسا ڳوليندي هئي، ڀائين ته وڏيرو پري هجي ته چڱو.
    هو اڃا شهپر وٽي ويجهو ئي مس آيو ته ٻوٿ بڇڙو ڪري چوڻ لڳي:
    ”وڏيرا ايڏهين ايڏهين! آءُ چاڪ ڪونه آهيان.“
    ”ڇو مٺا، هاڻ مان توکي ڪونه ٿو وڻان ڇا؟“ هُن بيٺي ئي پڇيو.
    ”ڇو ڪونه ٿو وڻين“، هوءَ کٽ تي ڄنگهون سيون ڪندي چوڻ لڳي- ”گهڻئي ٿو وڻين پر ڇا ڪيان جو مٿي جي سور ڪري ڪا ڳالهه ئي نٿي وڻي.“
    ”ڀر ۾ ويهڻ تي به مارشل لا لڳل آ ڇا؟“
    ”ويهه ڀلي اکين تي پر کٽ کي ڌڏڪو نه ڏجانءِ.“
    اهو ٻڌڻ سان هن جي سموري حشمت نڪري وئي. سگريٽ دکائيندي چوڻ لڳو:
    ”مٺا هينئر ئي اهڙيون وڇوٽيون ڪيئه ته اڳتي الائي ڇا ٿيندو؟“
    ”اَلا، اها ڳالهه ناهي.“
    ”نيٺ به، ڪائي ته ڳالهه هوندي؟“
    ”خالي هيانءُ، چانهه جي هڪ ڪوپ سان يڪيون ساريون ٽي گوريون ڳيتيون اٿم- کاڌو ته وڻي ئي ڪونه. ڌڏڪي سان تهائين دل ٿي ڪچي ٿئي- هوءَ ڪرسي پئي اٿئي، اورتي ريڙهي اچي ويهه.“
    ايئن چوندي کيس ٻڙڪو آيو.
    ”بس بس، مان سمجهي ويس. آهي ڪو ڪچو پڪو الله مان اميد ڪا لاهبي ڇا. ديريون سويريون ته ٿينديون ئي آهن.“
    ايئن چئي ڊگهي خميس جيڪا مٿي کڄي وئي هيس، هيٺ ڪري ڪمري مان ڦونڊجي ٻاهر نڪتو ته هن پاسو ورائيندي پاڻمرادو ڀڻڪيو.
    ”ڪڍيس خدا، ڏني نه ورتي مئو راه گناهه جو پاسا ڪڍي وجهيم ها. اهڙو قرب ئي گهوريو جنهن مان هوند نه شڪر.“
    هو اڃا ورانڊو ئي پار ڪري رهيو هو ته مهڙ ۾ ئي کيس حويليءَ جي خاص ٻانهي جافران ملي، جنهن جو ڪنهن زماني ۾ ساڻس ريزڪي حساب ڪتاب هلندڙ هو.
    ”ڏاڍو خوش پيو ڏسجين وڏيرا.“
    ”مبارڪون هجنئي جافران، اڄ تو واري وڏيري اٻڙڪا پئي ڏي.“
    ”هون! اِهڙا ته مان ڏينهن ۾ ڏهه اٻڙڪا ڏيان.“
    اِهو ٻڌي هن جي هٿ مان ”گولڊ ليف“ جو پئڪٽ ڇڏائجي ويو.
    ”وڏيريءَ جند ڇڏائڻ لاءِ بهانو ڪيو هوندءِ.“
    هوءَ پٽ تان پئڪٽ کڻي کيس ڏيندي ٽوڪ مان چوڻ لڳي.
    ”بهانو ڇا لاءِ ڪندي، هن جو ته مون سان ڏاڍو قرب آهي، جافران تون سڙين ٿي.“
    ”ڌڪ هڻي ڪڍين ها وڏيرا، پر اِها ڳالهه نه ڪرين ها.“ هن سندس اکين ۾ اکيون پائيندي چيو. ”مان ڇو تنهنجين خوشين کان ارهي ٿينديس. مان ته پاڻ...“
    ”هون!“ هُو وڏائيءَ مان هليو آيو، پر جافران جي ٽوڪ ڀري مرڪ جي ڪري هن جي دل ۾ انيڪ شڪ گمان پئجي ويا.
    ڏينهن پڄاڻان، جڏهن جافران جي ڳالهه سورهن آنا سچ نڪتي ته سمورو عشق، ڦشڪ ٿي ويو، اجايون لومڀون ڏئي ڏئي هن سندس پتا ئي لوڻين رکيا.
    هيءَ به پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب ڀائيندي هر وقت ٿڌا ساهه ڀري انهيءَ گهڙيءَ کي پئي پٽيندي هئي جڏهن هن ساڻس پيچ پاتو هو.
    وڏيري مبارڪ عليءَ جي، ڪوراڙ بلا جهڙي اسي مت کسي ماءُ ته پٽ کان به ٻه ڏاڪا گوءِ کڻي وئي. صبح سانجهي پڌر ۾ چلم ٽيڪي آئي وئي اڳيان پئي ننهن جا روئڻا روئيندي هئي. ڪنهن کڻي پڇيو:
    ”سائڻ آهي ڪا وڏيري جي گهر اميدواري؟“
    ”امڙ ڪٿان آيون اُميدون،“ هن ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان وراڪو کاڌو. ”ڦنڊرون ڪاهي اچي گهر ۾ وڌيون اٿس جي نه ڏهڻ جون نه ڪهڻ جون- مونکي ته انهن ۾ ڪو حال ئي نٿو سجهي. ٻچڙي جي قسمت ۾ ئي ڪي سنڍون لکيل هيون.“
    ”سائڻ وري به کڻي شادي ڪرائينس، شرع ۾ ڪهڙو شرم.“
    ”امڙ ڏسي وائسي اڪ جو کير اک ۾ ڪير ڏهائيندو- ٽي اڳ ئي ويٺيون آهن. چوٿين ڏکي ملندي.“
    ”ڇو نه ملندي، ملڪيت آ ته ڪهڙي پرواهه، سُکي سنجهي ٿيو ويٺي کائيندي.“
    ”ائي کيئڻ ۾ ڇا آهي- ڪو کيئڻ لاءِ ڪونه ٿي گهرايانس- جنهن ڳالهه لاءِ ٿي ڦاهو کاوان، دعا ڪيو ته شال اها پوري ٿئي.“
    اهو ٻڌي ويڙهي جي ماڇاڻين مان هڪڙيءَ چرچو ڪندي چيو:
    ”جيجان اسان کي جي وڏيرو گهر ۾ زالون ڪري ويهاري ها ته هوند ٻارن جو گُنديون ڀري ڏيونس ها.“
    ”ائي لاچار پيو آ وڏيري کي. اسين مهاڻين ماڇاڻين جا ٻار ڪاڏي ڪيون ها.“ هو تيئن ڳڙي تي چڙهي.
    ”جيجان اهو به شڪر ڪر جو ماڇاڻين مان ويچاري جي پيڙهي ته پيدا ٿي پئي ها- خاندانڻين مان ته ٻير جو ککڙو به ڪونه آيو.“
    هن کي ڪو جواب نه سجهيو ته گڙ گڙ ڪري چلم مان زورائتا سوٽا ڀرڻ لڳي.
    روز جا توتڙا ٻڌي ٻڌي راڄوڻي ۾ وڏيري جي ماءُ، پٽ جي چوٿين شاديءَ جي سنڀت جو فيصلو ڪري ورتو. حجامڻ ڏانهن ماڻهو ڊوڙايو ويو جيڪا اُن دم ئي ڳاڙهو رومال ۽ ناس جي دٻلي ساڻ ڪري اچي حويليءَ تي پهتي ۽ ڀاڙي ڀتي جا پئسا وٺي اوڏانهن رواني ٿي جتي ڇوڪريون سجهنديون هيس. وڏي گيهه گيهان کانپوءِ پُکو نيٺ شاهدان جي نالي نڪتو، جنهن جي سڀ کان وڏي ڳالهه اِها هئي ته هوءَ بيحد غريب مائٽن جي مٿي جو بار هئي- ٻئي مٿا وڏيري جي کنڌي رهيا. هڪ وار وري ڳاڙهو گهوٽ ٿيو- جيتر پٺ پڌري ٿئي تيتر هنجو مڙهه مقام اڃا رولڙي ۾ هيو.
    چوويهه ڪيراٽ سون جهڙي سدا سهڻي لکيو لوڙڻ ڪاڻ شرنائين جي گونجار ۽ دُهلن سان حويليءَ جي پڌر ۾ پير پاتو ته هُن پنهنجي زندگيءَ ۾ نئين سنئين بهار جا جهوٽا محسوس ڪيا.
    لنگهياڻين پنهنجون ويٺل نِڙيون سرليون ڪيون ته انهن گڏ ڪاري ڏاوڻ واري شورڪي نٿ سان گهوٽ ماءُ به ست سري دهري وارو ڳاٽ مٿي ڪري تاڙين جو ڦهڪو لائيندي سر ڪڍيو:
    ”تنهنجي ڄاڃين پيتو کير الا
    تو سان حامي حضرت پير الا...“
    غاليچن تي راڄ سان گڏ، مهمانن جيان رنگ برنگي بلبن واري جِهر مِر ڪندڙ ڪنڊ ۾ ويهي ٽيئي پهاڄون ساڳي ”گريڊ“ تي پهچڻ ڪري پاڻ ۾ کير ڀت ٿي هيانءُ هلڪو ڪرڻ لڳيون.
    ”اسان کيج کٽيو باقي اِها ٽيٽمڪڙي اچي سونا آنا لاهيندي.“
    ”مٿو اگهاڙو ڪري ڌر تتيءَ جو ٻئي هٿ کڻي چاچيءَ جي ستن پيڙهين کي نه پٽيائين ته منهنجو نالو به ڪنهن ڪتيءَ تي رکجو.“
    ”ائي مُئي مڙهانگ کي ته ڏسو ڪيئن نه کانڀٽيون کنيو بيٺي نچي.“
    ”اسان ڀيري به ته ائين پئي نچي نه؟“
    ”هڻڻ ڏينس کانڀٽيون، پاڻهي خبر پوندس، جڏهن تريون کوڙيندي.“
    مس مس ڪري وڃي ساٺ سوڻ پورا ٿيا- هوڏانهن گهوٽ به دوستن، عزيزن کان رسا ٽوڙائي سينگاريل ڪمري ۾ اچي ڪنوار ڀيڙو ٿيو- جرڪندڙ گهونگهٽ هٽائي، کاڏي مٿي ڪري چوڻ لڳو:
    ”مٺل، اهڙي سونهن منهنجي اڳ نه ڏٺل... مان ازل کان ئي تنهنجي قرب جو ڪٺل.“
    ماکيءَ لار جيان ڪنن ۾ رسڻ وارا مٺا ٻول نه چاهيندي به الائي ڇو شاهدان کي سيڪرين جيان لڳا البت برجستو آواز کيس وڻيو.
    ”مِٺل اکيون کول.... مون ڏي نهار ته سهي...“ هُن پنهنجا چپ چمٽي جيان وڄائيندي چيو.
    لحظي لاءِ هِن اکيون کڻي ڏانهنس نهاريو ته کيس ائين لڳو ته هوءَ موتئي جي ڪومل مکڙيءَ مان ڦري هڪدم ٿوهر بڻجي پئي آهي... رڻ جو ساٿي... هِن ڳيت ڏني ته بيشمار ڪنڊا نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس، جن اڃان به کيس خاطري ڏياري ته هاڻ اهي رڻ- پٽ جا رولڙا، سندس نصيب آهن.
    ڏک مان هِن جون اکيون ساوڻ جي مند ۾ نديءَ وانگر اُٿلي پيون- مبارڪ علي گهٻرائجي کڻي کيس پنهنجي ڊبل فوم جهڙي ڇاتيءَ سان لاتو.
    ”رو نه مِٺا، مان ڄاڻان ٿو مائٽن جي وڇوڙي توکي بي حال ڪيو آ، دلجاءِ ڪر کين توسان جلد ملائبو- هت توکي ڪائي تڪليف نه ٿيندي. مان سڄو سارو تنهنجو آهيان، جيسين سسيءَ ۾ ساهه آهي تيسين رڳو تنهنجو ٿي رهندس، تنهنجي سڪ ڪڏهن نه گهٽبي.“
    وڏيري جو چاڳ نئين ڪنوار تي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ٿيندو ويو.
    هِتان هُتان ڦِريو مٺا، مِٺا ڪيو بيٺو هيس. سسڻس به گهور گهور ٿيڻ لڳي، ”منهنجي سوڀاري ٻچڙي صدقو ٿيانءِ گهور وڃانءِ! سوڀ نيٺ وري به منهنجي تو مان ٿيندي، ماءُ- پٽ ٻئي تو ۾ اکيون وجهو اميدوار ٿيا ويٺا آهيون.“
    ايئن چوندي سسڻس جهڙو اُٿي کيس ڀاڪر پاتو ته سندس منهن وارو پوڙهو اُڀو هڏو ٺڪاءُ ٿي ويو شاهدان جي لوندڙي ۾. هن کان دانهن نڪري وئي.
    ”چاچي، چاچي! ماري وڌءِ. منهنجي لوندڙي هڏي سان ٽوڙي رکيهءِ.“
    ”گڏهه کي به ڪو گج پائبو،“ هوءَ مٿس ڏاڪا ٻڌي چڙهي وئي. ”منهنجي ڀاڪر ۾ ٿي تنهنجي لوندڙي ڀڄي.... بلي! اهڙي تون نازڪڙي ٿي پئي آهين، ڀينگين مائٽن جي گهر به اهڙا لاڏ هيهءِ؟ دعا ڪر منهنجي شهزادي پٽ کي جنهن ٻئي مٿا کڻي اگهايئي نه ته يا ڄمار پئي ڇاڻين ٻهارين ها.“
    سسڻس ڪر ڪر ڪندي ٻي ڪوٺيءَ ڏانهن وئي ته هِن دري مان ليئو پائي ٻانهيءَ کي سڏيو جا ڊوڙندي آئي- سندس ٽامڻي هاڻو منهن ڏسي پريشانيءَ مان پڇڻ لڳي، ”مان صدقو! ڇا ٿيئي ننڍي سائڻ؟“
    ”تو واري ٻانڀ وڏيريءَ قرب ڏئي ماڳهين پورو ٿي ڪيم.“
    ”ائي گهوڙٽ، مٺيس!“ ٻانهيءَ سٿر تي هٿ هڻي چيو، ”سائين وڏيرو ايندو ته ڇا چوندو؟“
    ”اهو کَل وري ڇا ڪندو، ڪانگن کي جي سونا کنڀ هجن ها ته اُڏامندي پيا ڏسجن ها.“
    ”سائڻ اهڙو پهاڪو ته اسان ڪونه ٻڌو، اسان ته ٻيو ٻڌو هو....“
    ”ائي ڇوري هل، دل نه ڪچي ڪر، سگهو وڃي چيڪو ڀتر ڪوسو ڪري آ ته ٽاڪوڙ ڪيان.“
    آڌيءَ رات جو وڏيرو مبارڪ پنهنجي بيڊ روم ۾ بي آراميءَ مان پاسا ورائڻ لڳو، جوڻس کي به جڏهن پاسن وارا اُڀا گوڏا ۽ نوڪدار ٺونٺيون لڳيون ته هن ننڊاکڙي بيزاريءَ مان چيو:
    ”ڇا ٿيو اٿئي وڏيرا، ڪُکيون ڪڍي وڌيون اٿئي.“
    ”ڪيڙو....“ هُن ايذاءُ مان مس ايترو چيو ته هِن ”ائي گهوڙا“ ڪري پلنگ تان هيٺ ٽپو ڏنو ۽ اڇيءَ چادر ڏي دهشت ڀريل نظرن سان نهارڻ لڳي.
    ”ڀئو نه ڪر، ڪو هنڌ ۾ ته ڪونه ٿو هلي.“
    ”تڏهن خواب ۾ ڏٺئي ڇا؟“
    ”مان اهڙو بد ذوق ناهيان جو خوابن ۾ ڪيڙا ڏسان، ڏاٺ واري ڪيڙي سور کان بي حال ڪري رکيو آ.... هاءِ هاءِ.... الا ڙي...“ هو چنگهڻ لڳو.
    ”ڏاٺن ۾ به ڪيئان پيا اٿئي! بس وڏيرا هاڻ تون ڇُٽين.“
    ”ڇو مان ڇٽس، اِها وائي ته نه ڪڍ، ڪا مهل ڪهڙي ڪا ڪهڙي.“ هن کي ڪيسڪاٽ اچي ويو ته به ڦونڊجي چوڻ لڳو، ”صبح سان ٿو وڃي ڏاٺ ڪڍرايان.“
    ”ڪيڏانهن ويندين جمبور وجهائڻ، اِهي پاڻهي ڇڻي پوندءِ.“
    ”مان اهڙو ويل ته ڪونه هان.“
    ”اِنهيءَ کانپوءِ ڪهڙو ڇٽو لڳندءِ.“
    ”مٿو نه هڻ، سمهي پئو ماٺ ڪري.“
    ائين چوندي هو جيئن ”الا“ ڪري اُٿيو ته وڃي چيلهه ڀر ڪريو. هِن اڳتي وڌي سهارو ڏنس ته چڙ مان ٻانهن کي اُڇل ڏيندي چوڻ لڳو: ”تنهنجي اُذبَڪين بَڪڻ ڪري پير کسڪي ويو، ڪو جڏو ته ناهيان جو اُٿاريم ٿي.“
    ”پير يا گوڏو ٿڙي پيئي؟“
    ”گوڏو ڇو ٿڙندو، اِها ته وائيءَ جي سور جي مصيبت آ، نه ته مان ڪو ڪراڙو ٿورو ئي آهيان جو هينئر ئي ٿي منهنجا گوڏا ڦيرائين.“
    ائين چئي پلنگ جي ٽيڪ تي اُٿي کڙو ٿيو ته ڀر ۾ رکيل چانديءَ جي گلاس هيٺ اچي ڦهڪو ڪيو.
    ”ڪهڙا ڦڙڦوٽ ٻاريا اٿئي آڌيءَ رات جو! ڇا کپنئي؟ مونکي چئو ته آڻي ڏيانءِ نه.“
    ”ڪٻٽ مان ڏاٺ جي دوا لڀنئي ته کڻي آ. هن پلنگ تي ويهندي چيو.
    ڪمري جون چار ئي بتيون ٻاري به کيس ڪا دوا نه لڌي ته آخر ۾ سسڻس جي ناس جي دٻليءَ مان چپٽي ناس جي ڀري آڻي وڏيري جي کاڌل ڏاٺ ۾ وڌائين.
    ”من تنهنجي سهڻن هٿن جي صدقي اِهو سور ٺري پوي.“
    هُن ليٽندي چيو. هيءَ به پاسي ۾ اچي پئجي رهيس.
    جڏهن وڏيري جي وات مان رکي رکي عجيب قسم جا ڦوڪارا نڪرڻ لڳا ته هن کي خاطري ٿي ته کيس ننڊ کڻي وئي، پر هن جي پنهنجي ننڊ پَر ڪري اُڏامي وئي.
    سدا جيان، سوليءَ جهڙيون سوچون اچي ڳلي پيس. ظاهري ته گهڻئي رعب تاب رکيو ويٺي هئي پر اندر ۾ لڳل جهوريءَ کيس پل لاءِ به سک جو ساهه نه کڻڻ ڏنو هو- هن اِها زندگي، جهڙي به هئي مقدر جو لکيو ڄاڻي جيئن تيئن ڪري گهارڻ جو فيصلو به ڪري ورتو. پر هڪ آسري.... هڪ سهاري.
    جڏهن کوڙ ڏينهن لنگهي ويا ته پڪ ٿي هيس ته هيءَ اُها ٿوهر نه هئي جنهن جي لامن ۾ گل به نسرندا آهن. هِن جي ڀاڳ ۾ ته رڳو خوفناڪ نوڪدار ڪنڊا هئا.
    تنهن رات هن سوچي پڪو پهه ڪيو ته هوءَ عملي طرح به ٿوهر جو وڻ بنجي وڏيري جي سامهون ايندي.
    سج اُڀرڻ سان وڏيري کي ايئن کڻي کنيائين جيئن سانُ پاڏو کڻي سڱن تي.
    هُن اڃا سگريٽ جو پورو سوٽو ئي ڪونه ڀريو جو چوڻ لڳس:
    ”وڏيرا مونکي به ته ڪجهه کپي رڳو رات ڏينهن اِهي نڀاڳ جا سوٽا پيو هڻين، تنهن مان ڇا ورندءِ...“
    ”مٺا، هن ننڍي شهر ۾ رهندي به مون توکي راڻين کان سکيو رکيو آهي، اڃان ڇا کپنئي؟“
    ”مونکي ڇڙو دل جو چين کپي، ورهيه گذري ويا آهن وڏيرا هاڻ مون کان سٺو نٿو ٿئي. مان چاهيان ٿي ڪوئي هجي جو مون کي امڙ ڪري ڪوٺي.“
    ”الله ۾ اميد آ،“ هن سگريٽ وسائي ٿڌو شوڪارو ڀري وراڻيو. ”ڪوشش ته هر جمعرات گهڻي ٿو ڪريان.“
    ”اهو جمعرات جو وري ڪهڙو شوشو ڇڏيو اٿئي؟“
    ”انهيءَ شوشي جي پاڻهي توکي خبر پوندي آخر ٻانگي ساوڻ کي به ته ڪنهن ڳالهه پٺيان ارڙهن ٻار ڄاوا آهن.“ هن اک ٻيٽي ڪنڌ کي ڌوڻ ڏئي ٿورو مرڪي وراڻيو.
    ”اِهي سکڻا دلاسا ٻين کي ڏنا هوندءِ.“
    ”مونکان رڳو اِها خطا ٿي ته مان جمعرات جو سعيو ڪري اُنهن ڏي نه ويندو هوس، هاڻ ٻانگي ڏسيو اٿم ته بسم الله ڪري پنهنجن حقن ڏي وڃبو آهي.“
    ”ڀلي وڃين، مون ته نه جهليو ٿيمانءِ.“
    ”هونهه، مان وري ڪو جهلجڻ جو آهيان ڇا؟ پر مٺا اُهي ويچاريون ته ويون لسٽ مان نڪري، هاڻ آهين تون، سو ماٺ ڪيو ويٺي ڏس جمعرات مٺي مراد جا رنگ.“
    ”ڏسان ته ڪهڙا ٿو اڪ ڪارا ڪرين.“
    ”رک موليٰ تي.“ هو شڪار تي وڃڻ جي سنبت ڪاڻ سوير ئي پلنگ تان اُٿي کڙو ٿيو.
    ”رات سور کان ڦٿڪئين پئي وري شڪار تي ٿو وڃين؟“
    ”اِهي سور وري اسان جهڙن لوهه مروڙن کي ڪو جاليندا ڇا.“
    هو تيئن سيٽيو ۽ ڪارتوسن جو ڪنڍلو ڪلهي ۾ هڻي بندوق جو پٽو کٻي ٻانهن تي لڙڪائي لوڏ سان هلندو وڃي جيپ ۾ چڙهيو. جتي ٻه چار همراهه اڳ ئي سندس اوسيئڙي ۾ ها.
    سڄيون ساريون سورهن جمعراتون چاڪيءَ جي ڏاند جيان هلي هلي وڏيرو ساڻو ٿي پيو پر نڪو کڙ نڪو تيل. شاهدان جي طعنن مهڻن کان سڀ شوق شڪار وسري ويس. چار ئي ڏسون کيس ڄڻ اوندهه ٿي آيون. ڪمدار اچيو چونس، ”سائين فصل ٻڏي ويو.“ ته چوين، ”ابا پيو ٻڏي.“
    زمينن جو ڪم به کائنس نه پي سنڀاليو ٿيو، جيڪو پوءِ سوٽن، ماساتن کي لاچار ٿي سنڀالڻو پيو هو.
    ماءُ جي چوڻ تي لڳي ڇُٽل ڦٽ کي ڄَر هڻايائين. اڳيون ته مقدر جو لکيو ڀانيو ماٺ ڪيو پيون هيون، پر هِن جل ڦٽاڪيءَ نه رڳو وڏيري جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، پر سندس ٽڀو ئي اونڌو ڪري ڇڏيو. ڏينهن رات ٻارڻ ٻاريو پئي هئي- پر هن جو کيس هڪ ئي جواب هو:
    ”مان ڇا ڪيان مٺا، منهنجي وس جي ڳالهه ته ناهي- مان ته مُلان موراڻا سڀ جانچي بيٺو آهيان ته سڀ ڪو مونکي جمعرات جو ڏس ٿو ڏي- نيٺ اهو به ته ڪو سڀاڳو سوڻ هوندو.“
    ”جمعرات جي چڪرن ۾ ڇو اچي پيو آهين، ڇو نه ٿو ڪنهن حڪيم ڏي وڃين.“
    شاهدان جو رايو هن جي مرداڻي قوت تي ڄڻ ڪاري ضرب ٿي لڳو.
    ”چري ٿي آهين ڇا، مان ڇو ڪرايان علاج- مان ته سنئون آهيان، اوهين زائفائون وڃي پنهنجو علاج ڪرايو.“
    ”ايڏو بانور تون به نه ڪر وڏيرا، چئنين ۾ ته عيب ڪونه هوندو- ٿي ٿي کڻي به هڪ ٻن ۾ ٿيندو.“
    ”مونکي ڪهڙي خبر، مان ڪو ”دايو“ ته ڪونه آهيان.“
    ”اولاد نه ٿيڻ معنيٰ ضروري ناهي ته ڪو عيب هجي، اهو ته رب جو ڏنو آهي ڪنهن کي ڏي يا نه، اهڙا به اشراف پيا آهن جي صبر سان وقت پيا گذارين، زال ۾ جي عيب هوندن به کڻي ته ٻي ڪري پرڻبا آهن، پر تو ڏسي وائسي چئن چئن جي حياتي وڃائي ته به پاڻ ڏي ڪونه ٿو سمجهين، آخر سڀئي عيب الله زالن لاءِ ئي ته نه خلقيا آهن، حڪيم کان صلاح وٺڻ ۾ ڪهڙو مان گهٽبئي؟“
    ”گهڻئي واعظ ڪيهءِ هاڻ بس ڪر ته ڦيري نه اچي وڃنئي.“
    ”ڦيري ايندي جو....“
    ايتري ۾ ٻانهي اندر اچي دسترخوان وڇائڻ لڳي ته ٺاهوڪو جواب هن جي چپن تي ئي رهجي ويو.
    مبارڪ علي حڪيم ڏي وڃڻ کان گهڻي گيسر ڪئي پر اڳيان هيءَ به اُگهاڙي ترار، اُٿندي ويهندي اهڙا ته گهاوَ وڌائينس جو لاچار فون تي ٽائيم وٺي کيس حڪيم ڏي وڃڻو پيو.
    سج لاڙي جڏهن اُتان موٽيو ته سندس قدم اڙيا تڙيا پي پيا.
    ”ڇا چيهءِ حڪيم؟“ هوءَ کيس ڏسندي ئي پڇڻ لڳي.
    ”حڪيم ته مونکي وڏي خفي ۾ وجهي ڇڏيو آ.“
    هن صوفي تي ويهندي وراڻيو.
    ”ڇا جو خفو؟ جيڪا ڳالهه آهي سا ڪر کڻي، اندر ۾ ڇو گهٽيو ويٺو آهين؟“
    ”مٺا....“ هٿ ۾ جهليل، حڪيم جي ڏنل دوائن واري وڏي پُڙي ڏي گهوريندي هو وري ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.
    ”ڇو ٻڏي وئين، اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ هوءَ جا اڳ بيٺل هئي، پيرائتي ڳالهه ٻڌڻ ڪاڻ سندس ويجهو غاليچي تي ئي ويهي رهي.
    ”سچي ڪري سڻانيانءِ... حڪيم چيم ته مون منجهه حرڪت آ...“
    ”مُئا مرض لڳا پوءِ ڇو ٿي پرڻئين مونسان! مون پسونئڙيءَ جي حياتي کڻي وڃايئي.“ ايئن چوندي پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لڳي.
    ”مونکي ڪهڙي خبر ته مائٽ مونکي ٻٽيهه مرضئي واڳونءَ جي وات ۾ وجهندا.“ هنجي اکين مان ڳوڙها جهر جهر ڪري وهڻ لڳا.
    ”مٺا رو ته نه...، تون پوري ڳالهه ته سڻ....“
    ”هو.... و.... ون! ته اِهو ڪو خلل هو“ هِن کيس اڻ ٻڌو ڪندي چيو ”اهي ويچاريون ٽي نماڻيون، جن صبر ڪري اڇون سينڌون ڪيون تن سان اهو ڪو ويل هو، جهان جا مهڻا سهيو به ڍڪ ڍڪيو پيون هيئي- مون کان رکڻي ڪانه رکبي.“ هن کيس کُليئي پلو جواب ڏنو.
    ”اولاد ڪاڻ تون پنهنجي مڙس کي گلا جو گهانگهو ڏيندينءِ؟“
    ”مون نيٺ ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو منهنجي حياتي وڃايئي؟ شرع شريعت ۾ به اِهو پرڻو بي واجبي آهي.“
    ”تون آپريشن تائين صبر ته ڪر، نه مونکي بڇڙو ڪر نه پاڻ...“
    ”پيريءَ ۾ آپريشنون ڪرائي پنهنجا ڇوڏا لهرائيندين تنهن مان ڇا ورندءِ؟“
    ”پوءِ ڇا ڪيان؟ تنهنجي ڪري ته طبيب حڪيم پڇائيندو وتان.“
    ”مان سڄي عمر ڇوڪري ته ڪانه هوندس، تون به سدائين ته ڪونه هوندين- پيريءَ ۾ ته پنهنجو اولاد ڪم ايندو.“
    ”مٺا دولت جا دروازا کليا پيا اٿئي، توکي اولاد جي ڪهڙي پرواهه.“
    ”مان ٻَن ڏيان دولت کي، سڏ تي اِها مونڏي هلي ته نه ايندي. اولاد بيماري سيماري ۾ ڊوڙندو ته ايندو. اِهي بنگلا ماڙيون چٽيندس ته ڪانه...“
    ”صفا لانگڙ لاهه نه ٿي، ڪجهه ته حيا ڌار.“
    هوءَ ڪي گهڙيون سوچ ۾ پئجي وئي... هِن ڄاتو ٿي ته ”ستي لَڪڙن کان موٽي ته ڪتن هاب ٿئي،“ پوءِ به سوچي سوچي هن نيٺ چئي ڏنو: ”تو جي شرع محمدي موجب چار شاديون ڪيون آهن ته مونکي به شرع محمدي موجب ٽي ڀتر ڏي ته مان به وڃي ڪو ڪکين پنين لڳان.“
    وڏيرو مبارڪ، جو هيلتائين هيٺاهين وٺيو پي آيو تنهن کيس زورائتي لت وهائي، دوائن وارو پُڙو دريءَ کان ٻاهر اُڇليندي هڪدم ڀڙڪو کاڌو: ”رن، جي اهڙو ئي اولاد ڪاڻ ماندي پئي ٿين ته سڄي حويلي پئي ٿئي وڃي دانگي مل- باقي طلاق کان هڻندومانءِ منهن وارو پادر.“

    (ماهتاب محبوب جي ڪهاڻين جي مجموعي ”مٺي مراد“ تان ورتل)
    


    گورڪن : - نورالهديٰ شاهه

    نما شام جا هوريان هوريان ٻڏندڙ پاڇولا، ڌرتيءَ تي پکڙجي آيا هئا. هن جي اونداهي ڀاڳ جيان رات جون اونداهيون به پر پکيڙڻ لاءِ ڄڻ آتيون هيون. قبرستان ۾ هوا جا سڏڪا، وڻن جي جهومندڙ پنن جي سر سر، موت جهڙي سانت ۽ تربتن تي پکڙيل ويرانيون – اهو سڀ ڪجهه ڄڻ هن تي موت جي پڇاڙڪي پل وانگر اڏول ٿيو بيٺو هو ۽ هو هيڪلو ان سموري وايو منڊل ۾ نم جي وڻ هيٺ، ڪنڌ نوايو ايئن ويٺو هو، ڄڻ جڳن کان پنهنجي اونداهي ڀاڳ تي ماتم ڪري رهيو هجي. موت جي ان سنسان وايو منڊل ۾، هن جو ڀڳل ٽٽل وجود، ويتر ئي پراسرار ٿي محسوس ٿيو. ڀر ۾ ڪوڏر رکيل – هن وانگر اداس ۽ ٿڪل ٿڪل. (ڪم از ڪم هن ته ايئن محسوس ڪيو هو)
    ان قبرستان ۾ هو تڏهن کان گورڪن هو، جڏهن هن جي چهري تي ڏاڙهيءَ جي ساوڪ مس ٿي هئي ۽ اڄ هن جي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار اڌواڌ اڇا هئا. ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ ۾ زندگيءَ کان ڇڄي ويل انسانن کي دفنائي، پيٽ پوڄا ڪرڻ هن جو اباڻو ڪم هو. ان جو پيءُ ۽ ڏاڏو ۽ شايد پڙڏاڏو به اهو ئي ڪم ڪندا هئا. موت، زندگي، تربتون، ويرانيون، دنيا کان ڇڄي ويل هيڪلا انسان، اهو سڀ ڪجهه زندگيءَ جو اڌ محسوس ٿيندو هئس.
    ۽ هينئر هي ٻه ڏينهن اهڙا گذريا هئا جو هن جي گهر جي چلهه نه دکي هئي. بک موت وانگر پر پکيڙيو بيٺي هئي. انهن ٻن ڏينهن کان هو ڪنهن هارايل جواري جيان گهر موٽندو رهيو هو. انهن ٻن ڏينهن کان هن جي ڪوڏر به اداس هئي. هن جي ٻارن جي اکين ۾ بک جو واسو هو. جوڻس جي چهري تي پيڙائن جو هجوم هو، انهن ٻن ڏينهن کان.
    انهن ٻن ڏينهن کان موت نه جاڳيو هو. ان شهر ۾ ڪنهن جي به زندگيءَ جي تند نه ٽٽي هئي. هو لاڳيتو سوچي رهيو هو ته جت روز انيڪ انسانن جا سمورا لاڳاپا دنيا کان ڌار ٿي ويندا آهن، اتي ٻن ڏينهن کان سڀئي جيئرا آهن. ان شهر ۾ ڪو ٻيو قبرستان به ته ڪونهي. ٻن ڏينهن کان جڏهن هو خالي هٿين گهر موٽندو هو ته هن جي ٻارن جا چهرا، هن کي ڏسي، تيل کان محروم ڏيئي وانگر اجهامي ويندا هئا. رات ته هن جو ننڍو پٽ بک وگهي، آڌيءَ تائين روئندو رهيو ۽ هن کي ماٺ ڪرائيندي ڪرائيندي جوڻس به سڏڪي پئي هئي.
    انهن سمورين سوچن کيس ساڻو ڪري ڇڏيو هو. هن هڪ ڀيرو پوسرندڙ اکين سان، سموري قبرستان تي نهار ڪئي ۽ ڪنڌ نوائي اٿي بيهي رهيو. ڪوڏر ڪلهي تي رکي – هو ٿاٻڙجندڙ وکون کڻندو قبرستان مان ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر اچي هن هڪ ڀيرو، ڪنڌ ورائي، پويان دور دور تائين پکڙيل قبرستان ڏانهن نهاريو. هن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ انيڪ مُردا، تربتن مان نڪري اڇي ڪفن ۾ موت جو رقص ڪري رهيا هجن، ٽهڪ ڏئي رهيا هجن. گهٻرائجي هو تکيون وکون کڻندو قبرستان کان دور نڪري آيو.
    هو جڏهن گهر آڏو پهتو ته پل اپل لاءِ خيال آيس، ٻاهران ئي موٽي وڃڻ جو. سوچيائين، ٻيهر قبرستان موٽي وڃان. ڪهڙي خبر ته اڄ رات ڪنهن جي زندگيءَ جي لاٽ اجهامي وڃي. پوءِ خيال آيس ته جيڪڏهن ايئن ٿيو ته سدائين جيان ماڻهو کيس سڏي وٺندا. تڏهن هٻڪندو، در تي لٽڪندڙ ڳوڻ جو ڦاٽل پڙدو مٿي کڻي هو گهر جي اڱڻ ۾ هليو آيو. لالٽين جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾، جوڻس ڪنڌ نوايو چپ ويٺي هئي. سندس آڏو سندس ننڍو پٽ ستل هو. هن جي ڳلن تي پکڙيل لڙڪن جا نشان هن ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ به چٽا ڏسي ورتا هئا ۽ اندر ئي اندر ڪجهه ڀرندو ڀانيو هئائين. پَٽ تي هن جا ٻئي وڏا پٽ بلور راند ڪري رهيا هئا يا الائي پنهنجو پاڻ وندرائي رهيا هئا. هن کي ڏسي هو سڀ ايئن ڇرڪي پيا، ڄڻ هو جڳن کان هن جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هجن. پر – پر – هن جي چهري تي پکڙيل پيڙا جا پاڇولا ڏسي، هنن جي چهرن تي به مايوسيون پکڙجي ويون. هو ڪنڌ نوائي ڇنل کٽ تي ويهي رهيو. جوڻس شوڪارو ڀري چوڻ لڳي؛ ”ننڍڙو مانيءَ لاءِ روئي روئي هاڻي ستو آهي.“
    هُن ڪابه وراڻي ڪانه ڏني.
    ”بابا! مون کي به ڏاڍي بک لڳي آهي.“ سندس وچٽ پٽ جو آواز ايئن چوندي ڀرجي آيو. ”بابا! اڄ به ڪو ڪونه مئو؟“ پر هن ڪا وراڻي ڪانه ڏني – هن جا چپ ڄڻ ڪنهن سبي ڇڏيا هئا.
    ”بابا! جڏهن ڪو مرندو، تڏهن ماني پچندي؟“ پٽس ٻيهر پڇيو.
    ”ها.“ جواب ڏيندي هن کي پنهنجو آواز پاتال مان ايندو محسوس ٿيو هو. تڏهن پٽس ٻئي هٿ مٿي کڻي، آڪاس ڏانهن اکيون کڻندي چيو: ”الله سائين هاڻ تون ڪنهن کي ماري ڇڏ ته اسان جي گهر ماني پچي او الله سائين!“ تڏهن هن جي من اندر دور ڪٿي ”آمين“ جي صدا اُڀري. هو پاڻ به ٻن ڏينهن کان دعا گهري رهيو هو ته ڪاش، اڄ ڪو اوچتو مري پوي – ڪاش!
    هن جا ٻئي ٻار انهيءَ آس تي ته شايد سڀاڻي ڪو مري پوي، اکيون پوري ليٽي پيا. جيتوڻِڪ بک جي ڪري کين ننڊ ڪانه هئي. هو ۽ جوڻس، ڪنڌ نوايو ويٺا رهيا. جوڻس جو آواز بي انت سانت کان پوءِ اوچتو اڀريو: ”تون ڪو ٻيو ڪم ڇو نٿو ڪرين؟“
    ”ڪهڙو ڪم ڪريان، ڪهڙو ڪم مون لاءِ رهيو آهي؟ آئون ته ڪو ٻيو ڪم ڄاڻان به نٿو.“ هن جي آواز ۾ مايوسيون هيون.
    ”تون ڪيستائين اهو ڪم پيو ڪندين؟ اڄ ڪو مرندو، سڀاڻي ڪونه به مرندو. هاڻ ته ان ۽ اٽي جيئان موت به مهانگو ٿي ويو آهي. مئا ڊاڪٽر پيدا ٿي پيا آهن، ڪنهن کي مرڻ ئي ڪڏهن ٿا ڏين!“
    ”بختاور! انسان جي نصيب ۾ جڏهن موت ايندو آهي، تڏهن ئي هو مرندو آهي. جڏهن به ڪو مرندو آهي، پنهنجي وقت تي مرندو – تڏهن تنهنجي گهر ۾ به ماني پچندي.“ هو جوڻس کي سمجهائڻ لڳو، جيتوڻيڪ سندس اندر واريءَ جي گهرن جيان ڀُرندو ٿي ويو.
    ”مون ته بادشاهه پير جي مٺائي مڃي آهي ته جڏهن ڪو مرندو، تڏهن ورهائيندس. ٻن ڏينهن کان منهنجا ٻار بکيا آهن، آخر ڪيسين تائين بکون پيا مرندا؟“ اهو چوندي هن جون اکيون ڀرجي آيون. هو پنهنجي ڦاٽل پوتيءَ جي پلاند سان اکيون اگهڻ لڳي. جوڻس کي روئندو ڏسي هن لالٽين اجهائي ڇڏيو ته جيئن جوڻس سندس لڙڪ ڏسي نه وٺي، جيڪي سندس ڏاڙهيءَ کي پُسائي رهيا هئا. هن نٿي چاهيو ته جوڻس هن کي روئندو ڏسي. لالٽين وسائي هو آڌيءَ تائين روئندو رهيو، ان خيال کان ته ٻن ڏينهن کان هن جا ٻار بکيا آهن. هن جون کليل اکيون در تي ڪنهن سڏ جو اوسيئڙو ڪنديون رهيون پر سڄي رات هن کي ڪوبه سڏ ڪونه ٿيو. رڳو ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڪتا ڀونڪندا رهيا. هن کي خبر هئي ته جوڻس به سڄي رات روئندي رهي آهي. جوڻس کي به ڪل هئي ته هو ساري رات لڙڪ هاريندو رهيو آهي. سڄي رات ۾ ڪيترا ڀيرا جوڻس جي لڙڪن سندس ٻانهن پسائي ۽ سندس لڙڪن جوڻس جو چهرو پسايو، پر هو ٻئي لڪائيندا رهيا.
    ٻي ڏينهن، باک ڦٽڻ کان اڳ ۾ ئي هو ڪوڏر ڪلهي تي رکي قبرستان هليو ويو. سڄي واٽ هن جي ڪنن کي روئڻ جا آواز ٻڌڻ جو اوسيئڙو رهيو پر چؤڌاري زندگي پنهنجا خوبصورت پر پکيڙيو بيٺي هئي. هن من ئي من ۾ سوچيو ته جيڪر اڄ به ڪو جنازو ڪونه آيو ته هو چوري ڪندو، ڌاڙو هڻندو پر خالي هٿين نه موٽندو. قبرستان ۾ به سڄو ڏينهن سندس اکيون جنازن جو اوسيئڙو ڪنديون رهيون. ماڻهو ايندا رهيا، تربتن تي قُل پڙهي هليا ٿي ويا. ڪي گل رکيو ٿي هليا ويا. ڪي آيا تربتن تي مٿو رکي، سڏڪي سڏڪي هليا ويا. هو روز اهو سڀ ڪجهه ڏسندو هو. ان ۾ هن لاءِ ڪابه نواڻ ڪانه هئي ۽ نه ئي هن لاءِ ۽ هن جي ٻارن لاءِ زندگيءَ جو ڪو نور هو.
    ڏينهن گذرندو رهيو ۽ پوءِ گذريل ڏينهن وانگر اڄوڪو سج به چپ چاپ ٻڏي ويو. (خبر ناهي سڀاڻي اڀرندو به يا نه؟ هن سوچيو) هڪڙي وسريل ساروڻِي هانوَ تي تري آيس ته هڪ وار هڪ نوجوان، هتي ڪنهن تربت آڏو بيهي چيو هو: ”اي موت! ڪاش توکي موت اچي.“ تڏهن موت لاءِ پِٽ ٻڌي هن جا لڱ ڪانڊارجي ويا هئا ۽ اڄ هر هر سندس ڪنن ۾ اهي لفظ پڙاڏو بڻجي ٿي گونجيا. هاڻ ايئن ٿي محسوس ٿيس، ڄڻ سچ پچ موت کي ڪو موت اچي ويو آهي. رات جي پکڙجندڙ اونداهيءَ ۾ هو پنهنجن ئي سوچن کان گهٻرائجي ويو. هن جي ٻارن جي بک کي اڄ ٽيون ڏينهن هو. ان خيال سان ئي کيس پنهنجو من وسامندڙ محسوس ٿيو. هو ڪيئن هنن جي سوالن جا جواب ڏيندو، ڪيئن جوڻس جي چهري تي پکڙيل پيڙا ڏسندو؟ هن جا لڱ ئي ڪانڊارجي ويا. هو اندر ئي اندر ڀُرندو رهيو، وسامندو رهيو. رات جا ٻارهن اچي ٿيا هئا. هو قبرستان ۾ ئي ويٺو رهيو، پر ڪوبه نه آيو. هڪ ڀيرو وري هو ٿڙندو ٿاٻڙجندو، ڪوڏر ڪلهن تي رکي، سندس گهر ڏانهن ويندڙ رستي تي هلڻ لڳو. واٽ تي هو من ئي من ۾ سوچيندو رهيو ته سڀاڻي هو ٻِيو ڪو ڪم هٿ ڪندو. سڀاڻي کان هو مزور نه سهي چور بڻجي ويندو. ٻِئي ڏينهن لاءِ انيڪ رٿائون رٿيندو رهيو – ٽوڙيندو رهيو – اندر ئي اندر اجڙندو ۽ جڙندو رهيو. زندگي هن لاءِ ڪائنات جو سڀ کان وڏو هاڃو بنجي وئي هئي. هو من ئي من ۾ ان هاڃي تي ماتم ڪندو پئي ويو. گهٽين ۾ رات جي گهور اونداهي پکڙيل هئي. هن جي اندر ٻاهر اونداهيون هيون. نور جو ڪو هڪڙو ترورو – ڪا هڪڙي چڻنگ – دور، هن کان گهڻو دور، هڪڙو پاڇولو وڃي رهيو هو. بجليءَ جي شاڪ وانگر هڪڙو خيال هن جي ذهن جي سنسان ايوانن ۾ واسو ڪري ويو. جيڪر هو ڪوڏر جي هڪڙي ئي ڌڪ سان هن پاڇولي کي ختم ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ جي سوچ ڪيڏي خوبصورت هئي. هن پنهنجن خيالن ۾ جوڻس کي چلهه تي ماني پچائيندي ڏٺو ۽ هوءَ مرڪي به رهي هئي. هن جا ٽئي پٽ ڀر ۾ ماني کائي رهيا هئا ۽ هڪٻئي سان شرارتون به ڪري رهيا هئا. هو مرڪي پيو – پر هن پاڇولي کي ختم ڪرڻ جو تصور ڪيڏو نه ڀوائتو هو. هن ته ڪڏهن چوري به ڪانه ڪئي هئي، خون ڪيئن ٿي ڪري سگهيو؟ ٻي لمحي هن جي ڪنن ۾ سندس ٻارن جون صدائون پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳيون. هن جون وکون تکيون ٿي ويون. گهٽيءَ ۾ گهور اونداهي هئي. ان اونداهيءَ ۾ هو تکيون وکون کڻي پاڇولي جي پويان هلڻ لڳو. هن جو ساهه ڀرجي آيو ۽ هن جو من طوفان ۾ ڦاٿل ڪک سمان ڏڪي رهيو هو. هن جا هٿ ڪوڏر جي ڳن ۾ ايئن کپي ويا، ڀانءِ ڪڏهن به ڌار نه ٿي سگهندا.
    ۽ پوءِ هو پاڇولي جي ويجهو اچي پهتو. هن اکيون پوري ڇڏيون ۽ ڪوڏر کڻي هڻي ڪڍيائين. هڪڙي دانهن چوڌاري پڙلاءُ بڻجي گونجي ۽ ٻڏي وئي (ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو) اها دانهن شايد ڪنهن ٻار جي هئي، پر هن ۾ سگهه ئي ڪانه هئي نمي ڏسڻ جي. بس پل اپل لاءِ هن جي اکين آڏو پنهنجن ٻارن جا چهرا ڦري ويا. سڄو بت پگهر ۾ شم ٿي ويو هئس. هو ابتن پيرن قبرستان ڏانهن ڊوڙڻ لڳو. هن جون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. ايئن ٿي ڀانيائين، ڄڻ هي پل هن جي زندگيءَ جو آخري پل هجي. پهريون ڀيرو هن کي موت کان ڊپ ٿيڻ لڳو. موت جيڪو ڪنهن بدروح سمان پنهنجا ڪارا وار پکيڙي پنهنجا ميرا ڏند ڪڍي ٽهڪ ڏيندو هن جي پويان پويان ڊوڙي رهيو هو. هن جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت ڄڻ برف وانگر ڄمندو ٿي ويو. ساهه جي تند – اجها ڪي اجها ٽٽي – هو قبرستان جي گيٽ وٽ پهتو. تڏهن هن ڪنڌ ورائي پويان نهاريو، پويان ڪجهه به نه هو. سنسان گهٽيون، ستل انسان، رات جي گهور اونداهي ۽ هُو هيڪلو. هن قبرستان جي نل تي رت هاڻي ڪوڏر کي ڌوئي صاف ڪيو ۽ نم جي وڻ هيٺ اکيون پوري ويهي رهيو. هن جي اندر ۾ طوفان متل هو پر هو سوچي رهيو هو بند اکين جي اندر ته صبح جو ماڻهو هن ٻار جو جنازو کڻي ايندا، هن کي قبر کوٽڻ جا ٽيهه روپيا ملندا ۽ سمورو هفتو ڪيڏو ٿانئيڪو لنگهي ويندو. هن جا ٻار ڪيڏا نه خوش ٿيندا ۽ هو به ڪيڏي مانَ سان اوچو ڳاٽ ڪري اندر گهڙندو. هن جي زال به بادشاهه پير جي مٺائي ورهائيندي. هو پنهنجو ڏوهه ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندو. پنهنجي زال کي به نه، جنهن کان هو ڪابه ڳالهه نه لڪائيندو هو. ڪنهن کي به خبر ڪانه پوندي.
    پر انهن سمورين سوچن تي ڀوَ جون ڀاونائون ڳريون هيون. جي هو پڪڙجي پيو ته هن کي جنم ٽيپ ضرور ايندي. پوءِ هن جا ٻار ۽ زال بکون مرندا. هو هنن لاءِ جيل ۾ روئندو رهندو.
    رات لنگهي وئي. باک ڦٽي – نئون سج هن لاءِ اميدن جو نور پکيڙي اڀريو. هن جون اکيون گيٽ جي هن پار نظر ايندڙ روڊ تي اٽڪيل هيون، جتان اهو جنازو اچڻو هو. ٻن پهرن ڌارين ماڻهو ڪلهي تي جنازو کڻي گيٽ اندر گهڙيا. سچ پچ ڪنهن ٻار جو ئي جنازو هو، پر ڪنهن جي اکين ۾ لڙڪ نه هو. ڪنهن جي به چهري تي پيڙائن جو هجوم نه هو. ڏک، جيڪو ڪنهن پياري جي وڇوڙي تي چهري تي واسو ڪري وڃي، اهو ڏک ڪنهن به چهري تي نه هو. هو سڀ ايئن آيا هئا، ڄڻ ڪو اهڙو فرض پورو ڪرڻ آيا هجن، جنهن ۾ هنن کي ڪابه دلچسپي نه هئي. هن به ڪوڏر کنئي ۽ قبر کوٽڻ لڳو. سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. من ۾ واسو ڪيل ڀؤ جا ڀاوَ ته ڪو سڃاڻي نه وٺي. متان ٻار جو جنازو اٿي ويهي رهي ۽ چئي ڏي ته اجهو – هي آهي منهنجو خوني. پر ايئن نه ٿيو. هو قبر کوٽيندو رهيو. تيستائين هنن سڀني جنازي نماز پڙهي ۽ قبر جو انتظار ڪرڻ لڳا. هن محسوس ڪيو ته هو ڪجهه پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هن ڪن ڏنا، پر آواز ڄڻ پريان کان اچي رهيا هئا. هو شايد چئي رهيا هئا ته: ”نڄاڻ ڪهڙن اڀاڳن مائٽن جو ٻار آهي – ڪنهن جي هن ٻارڙي سان دشمني ٿي سگهي ٿي – ڪير ظالم هو جنهن کي کن پل لاءِ به مٿس ڪهل نه آئي. مائٽ ويچاري کي ڳوليندا هوندا – الائي ڪير آهي، ڪٿان جو آهي؟ هيڏي پڇا کان پوءِ به ويچاري جا مائٽ نه لڌا.“ پر هو انهن سڀني ڳالهين کان اڻڄاڻ قبر کوٽيندو رهيو. قبر کوٽجي تيار ٿي ته ماڻهن ٻانهن تي اڇي ڪفن ۾ ويڙهيل جنازو کنيو. هن تڏهن ڏٺو ته ڪفن تي رت جا داغ هئا. الاءِ ڇو هن جون اکيون آليون ٿي ويون. جڏهن هو ٻار کي قبر ۾ رکڻ لڳا، تڏهن دل چيس ٻار جو مک ڏسڻ لاءِ. ماڻهن جي ڪلهن تان نمي هيٺ ڏسڻ لڳو - ۽ - پوءِ هو ڄڻ اونداهين ۾ ٻڏندو ويو. هن جي رت جي هر بوند ۾ اونداهيون ئي اونداهيون سمائجي ويون. موت جو زهر جهڙو ڪڙو ڪسارو ذائقو هن جي نڙيءَ ۾ چڀڻ لڳو.
    گهر ويندي، واٽ تي هو ڪيترا ڀيرا ٽريفڪ هيٺ ايندي بچيو. مٺ ۾ هئس ڏهن جا ٽي نوان نڪور ساوا نوٽ. پر ٻيو هٿ اڄ ڪوڏر کان خالي هئس. پر پوءِ به هو پنهنجو وجود بيحد ڀاري محسوس ڪري رهيو هو. جڏهن هو پنهنجي گهر واري گهٽيءَ ۾ گهڙيو ته جوڻس کي در جي چائنٺ تي پنهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺل ڏٺائين. هن جي اکين ۾ لڙڪ جهلمل ڪري رهيا هئا. هن کي ايندو ڏسي هوءَ اٿي بيهي رهي، پر هو ايئن ئي ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر اندر هليو آيو. هوءَ سندس پويان ذري گهٽ ڊوڙندي آئي ۽ هن جي اڳيان اچي سڏڪي پئي. ”منو رات کان تنهنجي پويان نڪتل آهي، مون ته گهڻو جهليومانس پر هن مڃيو ئي نه – چوڻ لڳو ڏسان ته بابا کي پئسا مليا آهن يا نه؟ تو وٽ پهتو ڪي نه؟“
    هو چپ موت وانگر.
    ”تون – تون ڳالهائين ڇو نٿو – ڳالهائين ڇو نٿو؟“
    ”“
    ”تون روئين ڇو پيو – ڇو پيو روئين؟“
    ”تون ٻڌائين ڇو نٿو؟“ جوڻس پاڳلن وانگر رڙيون ڪرڻ لڳي. ٻئي ٻار اچرج وچان ماءُ پيءُ کي ڏسي رهيا هئا ۽ هو – اهڙي ڏوهاري وانگر ڪنڌ نوايو بيٺو هو، جنهن ۾ ڏوهه مڃڻ جي سگهه نه هجي.
    ”منهنجو منو ڪٿي آهي؟“ جوڻس دانهن ڪئي.
    ڪوبه جواب ڏيڻ بدران هن پنهنجي مٺ مان ٽيهه روپيه ڪڍي جوڻس جي پکڙيل هٿ تي رکي ڇڏيا ۽ پنهنجي ننڍي پٽ کي ڇاتيءَ سان لڳائي ٻارن وانگر سڏڪي پيو.

    (نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪيڏارو“ تان ورتل)
    


    ڪربلا : - نورالهديٰ شاهه

    پتڪڙو هئس. تڏهن، اسڪول ويندو هئس ڦاٽل ڳوٿريءَ ۾ ڪتاب وجهي. رات جو جڏهن امان کان ماني گهرندو هئس – تڏهن امان مون کي ماني ڏيڻ بدران آسمان تي تارا ڏيکاريندي هئي.
    هو ڏس ڀٽون – هو آهي ٽيڙو - ۽ هوءَ کٽ آهي.
    ايئن تارا تڪيندي تڪيندي، نڄاڻ ڪهڙي مهل اک لڳي ويندي هئم. صبح جو چوندي هئي ته تون اسڪول هل، آئون کنيو ٿي اچان ماني. آئون سڄو وقت در ۾ اکيون اٽڪايو ويٺو هوندو هئس. منهنجي پيٽ ۾ ڄڻ ٻليون پيون وڙهنديون هيون، پر امان ڪانه ايندي هئي. منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا هئا ۽ آئون انهن کي لڪائڻ لاءِ اکين آڏو ڏئي ڇڏيندو هئس ڦاٽل – ساٽل ڪتاب.
    منهنجي هڪ وڏي ڀيڻ به هوندي هئي. سڄو وقت نڄاڻ ڇا پئي سوچيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي سوچيندي اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا هئس. شايد امان انهيءَ کي به مون وانگر مانيءَ جا آسرا ڏيندي هوندي. ٻيو هڪڙو پتڪڙو ڀاءُ به هوندو هئم. ڇنل کٽ جي جهول ۾ پيو هوندو هو. هن جي تن تي ڄڻ ماس هوندو ئي ڪونه هو. بيمار هوندو هو شايد. مون کي ياد آهي ته هن جي وات تي سدائين مکين جا ميڙ هوندا هئا. هو انهن ڀڻ ڀڻ ڪندڙ مکين سان ڳالهائيندو هو شايد، آغون – آغون ڪري. بابا صبح ساڻ نڪرندو هو گهران ۽ لوڪ ستي موٽندو هو. امان ڳل تي هٿ رکيو پئي بابا جو اوسيئڙو ڪندي هئي. نڄاڻ ڇا پئي ڀڻڪندي هئي ۽ روئندي ويندي هئي ۽ جڏهن بابا موٽندو هو، تڏهن هوءَ ڄڻ سڏڪن ۾ پئجي ويندي هئي. آئون پنهنجي مٿان پيل ڦاٽل ڳوڻ جي ڳڙک مان پيو ڏسندو هئس. بابا ڀت تي ڪنڌ لاڙي اکيون پوري ڇڏيندو هو ۽ هوءَ سڏڪندي ويندي هئي، ڳالهائيندي ويندي هئي – نڄاڻ ڇا ڇا پئي چوندي هئي – پر هن جون ڳالهيون ٻڌي ڳوڻ اندر منهنجون اکيون به لڙڪن سان ڀرجي وينديون هيون. نيٺ بابا به سڏڪي پوندو هو. ٻئي هٿ کڻي امان آڏو جوڙيندو هو – چوندو هو: ”جنت! تون روز روز ڇو ٿي منهنجن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪين – آئون ڀلا ڇا ڪريان – ڪيڏانهن وڃان – منهنجي پيرن ۾ ته لڦون پئجي ويون آهن هاڻي – ڪٿي به روزگار نٿو ملي – تون سمجهين ٿي منهنجو هانءُ نٿو جهُري، هنن کي بکيو سمهندو ڏسي – آئون ته اوهان جي ڪري آپگهات به نٿو ڪري سگهان جنت! نه ته خدا شاهد آهي – جيئڻ ڪاڻ دل نٿي چوي.“ ايئن چئي هو سڏڪن ۾ پئجي ويندو هو، بلڪل امان وانگر. منهنجي دل چوندي هئي ته آئون بابا جا لڙڪ وڃي اگهان، پر آئون چپ چاپ بي ستو پيو هوندو هئس ڦاٽل ڳوڻ جي اندر ۽ بک جو احساس تهائين وڌي ويندو هو.
    اسان جو گهر هڪ اونداهين بدبودار گهٽيءَ جي ڇيڙي تي هوندو هو. بيحد پراڻو – سوڙهو ۽ اونداهو ڪمرو، جنهن ۾ ڪابه دري ڪانه هوندي هئي. امان چوندي هئي: ”هي گهرو ٿورو ئي آهي – هي ته جيل جي کولي آهي – انهيءَ کان به ابتر.“ هڪڙو ننڍڙو اڱڻ به، جنهن جي هڪڙي ڪنڊ ۾ رڌڻو (جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ئي آباد ٿيندو هو) ٻي ڪنڊ ۾ ڪاڪوس ۽ ٽين ڪنڊ ۾ وهنجڻ جي جاءِ (جتي پاڻيءَ جي بي پناهه کوٽ جي ڪري ڪير وهنجندو به ڪونه هو) ڏاڍي باس هوندي هئي اسان جي گهر ۾. اهڙا انيڪ گهر هوندا هئا پاڙي ۾ . شام ٿيندي هئي ته اسان پاڙي جا ٻار گهٽيءَ ۾ ڦهليل اونداهيءَ ۾ لڪ لڪوٽي راند رهندا هئاسون. اسان جن گهرن جي پويان پڪو پختو ڏامر جو ڪارو روڊ هو ۽ روڊ جي هن پار نڄاڻ ڇا جو ڪارخانو هو، جنهن جو ڪارو دونهون سڄو ڏينهن رات پيو اسان جي گهرن مٿان لنگهندو هو..... پاڙي جا گهڻي ڀاڱي مڙد انهيءَ ڪارخاني ۾ مزدور هئا. مون کي خواب وانگر ساروڻا آهن ته بابا به انهيءَ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو. تڏهن اسان ٻه ويلا ماني کائيندا هئاسون. پوءِ هڪ ڀيرو انهيءَ ڪارخاني ۾ ڏاڍو گوڙ ٿيو هو. ماڻهن جو هجوم هو، جيڪو ٻاهران لهرائي لهرائي رڙيون ڪري رهيو هو. انهن جا منهن تپي ٽامو ٿي ويا هئا ۽ انهن سڀني جي اڳيان اڳيان هو منهنجو بابا. هن جي هٿ ۾ ڪارو جهنڊو هو ۽ هو ڪجهه ڳالهائي رهيو هو. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ بابا ڪڏهن به ڪارخاني ڪونه ويو. سندس نوڪري ختم ٿي وئي هئي. بس اهو ڏينهن هو، جڏهن کان اسان ٻه ٻه ڏينهن ماني کائڻ ڇڏي ڏني هئي. شروع شروع ۾ آئون ۽ ڀيڻ ڏاڍو روئندا هئاسون، پر پوءِ اسان کي عادت پئجي وئي هئي انهيءَ بک جي. جيڪڏهن بک لڳندي به هئي ته تارا ڳڻڻ لڳندا هئاسون. ايئن اک لڳي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن امان ٻُڪ کڻي انهيءَ ڪارخاني کي پٽيندي هئي: ”شل باهه لڳي انهيءَ ڪارخاني کي.“ پر باهه نه لڳي هئي انهيءَ کي.
    انهن ئي ڏينهن امان جو پيٽ مٽ وانگر ڀرجڻ لڳو هو. آئون ڀيڻ کان پڇندو هئس: ”ڀيڻ! امان جي پيٽ ۾ ڇا آهي؟“ ڀيڻ ڏاڍي عقل واري هوندي هئي. ڪي کن سوچي پوءِ چوندي هئي: ”ڀاءُ آهي امان جي پيٽ ۾“ پر امان کي ڪابه خوشي ڪانه هئي پيٽ ۾ ڀاءُ جي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هوءَ بابا سان گهڻو اٽڪندي هئي، تڏهن پيٽ تي مڪون هڻندي ويندي هئي ۽ چوندي ويندي هئي: ’انهيءَ مصيبت کي به هينئر اچڻو هو. آهي کائڻ لاءِ ڪڻو به ڪونه، هيءُ ڪيئن پلبو!‘ موٽ ۾ بابا گهٻرائجي چوندو هو؛ ”نه – نه – جنت! هرڪو پنهنجو روز پاڻ ساڻ ٿو آڻي. نه هڻ پيٽ تي مڪون، ڇو ٿي پاپ ڪرين.“ بس انهيءَ ڳالهه تي امان مچ ٿي ويندي هئي – رڙ ڪري چوندي هئي: ”اسان ڪهڙو پنهنجو روز پاڻ ساڻ آندو جو هيءُ به آڻيندو.“
    بابا چپ ٿي ويندو هو. هو ڪڏهن به امان سان پڄي نه سگهيو. هڪ صبح جڏهن آئون ننڊ مان اٿيو هئس ته امان جي ڀر ۾ ڀاءُ پيو هو. بيحد پتڪڙو، ڪمزور ۽ هيڊو، بابا جي پراڻي گوڏ ۾ ويڙهيل. هن اکيون ڇنڀي مون کي ڏٺو کن پل لاءِ ۽ پوءِ پوري ڇڏيون هئائين. ٻليءَ جي پونگڙي جهڙيون هيون هن جون اکيون. مون کي ته ڏاڍو وڻيو هو. سڄو سڄو ڏينهن پيو ڏسندو هوسانس. هو ڇنل کٽ تي جهول ۾ پيو رڙندو هو – مکين جا ميڙا هوندا هئا مٿس، پر امان مڙي به نه نهاريندي هئي ڏانهنس – بس ڀيڻ پئي ڪڇ تي گهليندي هيس – بابا ايندو هو ته ڪاوڙبو هو امان تي ’تون کير ڇو نٿي ڏين هن کي!‘ امان سدائين جيان مچ ٿي ويندي هئي، ’ڪٿان آڻيان کير؟ بک ۾ پاهه پئي ٿيان – کير اچيم ته ڏيانس.‘ بابا ٿڌو شوڪارو ڀري ڀاءُ ڏانهن نهاريندو ۽ اکيون پوري ڇڏيندو هو. امان بابا کي سدائين چوندي هئي ته اسان جو هيءُ حال تنهنجي ڪري ٿيو آهي – نه ڪرائين ها ڪارخاني ۾ گوڙ ته ڇو اڄ اسين بک مرون ها.
    ڀيڻ ته ڪجهه ڳالهائيندي ئي ڪانه هئي. سڄو وقت ماٺ ماٺ ۾ هوندي هئي. ڀيڻ کي شيشي جون چوڙيون ڏاڍيون وڻنديون هيون، پر ڪڏهن به اهي چوڙيون وٺي نه سگهي هئي. آئون گند جي دڙن تان هن کي ڀڳل چوڙين جا ٽڪر ڳولهي آڻي ڏيندو هئس. هن وٽ هڪڙي کوکي ۾ ڍڳ کن گڏ ٿي ويو هو، ڀڳل چوڙين جي ٽڪرن جو. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ اهو کوکو کولي ويهندي هئي. هرڪو رنگ ڌار ڪندي ويندي هئي ۽ اکين ۾ لڙڪ گڏ ٿيندا ويندا هئس ۽ جڏهن لڙڪ ڳلن تي لڙي ايندا هئس، تڏهن هوءَ کوکو بند ڪري ڇڏيندي هئي. هوءَ ڪانه ڳالهائيندي هئي، پر آئون ساڻس ڳالهائيندو ويندو هئس. هوءَ هون – هان ۾ پئي جواب ڏيندي هئي – شايد بک کان ڳالهائي ڪانه سگهندي هئي.
    هڪ ڏينهن اسڪول کان موٽندي گند جي دڙن تي ڀيڻ لاءِ چوڙين جا ٽڪر ڳولهڻ لڳو هئس، جو نظر پئجي وئي هئم دڙي تي هاريل پاروٿي ڀت تي. ڪتو سونگهي رهيو هو انهيءَ ڀت کي. ڪتي کي سروٽو اڇلي ڀڄائي ڪڍيو هئم ۽ جهوليءَ ۾ ميڙي – سيڙي کڻي آيو هئس اهو ڀت. جڏهن گهر ۾ گهڙيس ته بابا ويٺو هو. انهيءَ ڏينهن نڄاڻ بابا ڪيئن جلدي موٽي آيو هو.
    ”جهوليءَ ۾ ڇا اٿئي؟“ بابا پڇيو هو.
    ”ڀت!“ ڊڄندي ڊڄندي وراڻِي ڏني هئم.
    ”ڪٿان آندو اٿئي؟“
    ”گند جي دڙي تان.“ آئون ڪوڙ ڳالهائي نه سگهيو هئس. پوءِ ته بابا ڄڻ سڃاتو ئي نه پئي. ڳچيءَ مان اچي پڪڙيو هئائين مون کي. ايڏو ماريو هئائين جو اڌ مئو ٿي پيو هئس. ڀت پٽ تي ڪِري پيو هو. آئون ڪنڊ ۾ ويهي روئڻ لڳس ۽ سدائين جيان امان اچي بابا کي ورايو هو. پريان ويٺل ڀيڻ ٽڪ ٻڌي پٽ تي پيل ڀَت کي ڏسندي رهي هئي. بابا سڏڪندي رڙ ڪئي هئي؛ ”منهنجو هانءُ ٿو جهُري جنت! هن جو گند جي دڙي تان ڀت آندو آهي.“ پوءِ الاءِ ڇا ٿيو هو جو هٿ جي پٺ سان لڙڪ اگهندي مون کي سڏ ڪيو هئائين – آئون ڊڄندو ڊڄندو ويجهو اچي بيٺو هوسانس.
    ”بک گهڻي لڳي اٿئي ڇا؟“
    موٽ ۾ منهنجي اکين مان لڙڪ ڪِري پيا هئا. مون کي ٻانهن کان جهلي پٽ تي ويهاريو هئائين ۽ چوڻ لڳو: ”چڱو ويهه کاءُ هي ڀت.“ مون ڊنل نظرن سان ڏانهس نهاريو – اعتبار ئي نه پئي آيم.“
    ”ها – ها – ڀلي کاءُ ڀت.“
    آئون لڙڪ اگهي پٽ تي پيل ڀت کائڻ لڳس. ڀرسان ويٺل ڀيڻ به اٿي آئي هئي.
    ”امان! تون به اچ نه.“ مون امان کي سڏ ڪيو.
    بابا کي چوڻ جي ڪنهن به سگهه ڪانه پي ساري. ڪي کن هو اسان کي ڀت کائيندو ڏسندو رهيو، پوءِ چوڻ لڳو؛ ”اڙي! مون کي به ته ڀت کارايو.“ ايئن چيو هئائين، ڄڻ روئندو هجي. هو به ڀت کائڻ لڳو ۽ ساڻ ساڻ روئندو ٿي ويو. ڏاڍي بانس هئي انهيءَ ڀت ۾ پر اسان سڀ کائي ويا هئاسون.
    ٻئي ڏينهن جڏهن آئون اسڪول مان موٽيو هئس ۽ در تي پير رکيو هئم ته اڱڻ ۾ ويٺل ڀيڻ ڇرڪي نهاريو هو، منهنجي خالي جهوليءَ ۾. کن کان پوءِ امان اندران نڪتي هئي. بي اختيار ٿي پڇيو هئائين؛ ”ڀت آندو اٿئي ڇا؟“ مون ته ڪجهه به نه آندو هو. چپ چاپ بيٺو رهيس. انهيءَ رات بابا جڏهن آڌيءَ مهل موٽيو هو، آئون ڳوڻ ۾ ويڙهيو پيو هئس. امان کان سرٻاٽ ڪري پڇيو هئائين؛ ”ڪاڪي ڀت ڪونهي آندو اڄ؟“
    ”نه.“ امان جو آواز ڏاڍو جهيڻو هو.
    ”اڇا!!“ ۽ پٽ تي ليٽي پيو هو بابا.
    مون ۽ ڀيڻ انب جو ڪوئلو پوکيو هو اڱڻ ۾. روز ننڊ مان اٿي انهيءَ ڪنڊ جو رخ ڪندا هئاسون. سوچيندو هئس ته جڏهن انب جو وڻ وڏو ٿيندو ۽ انب ڏيندو، تڏهن اسين ڪڏهن به بک ڪونه مرنداسون. ڀيڻ به شايد ايئن سوچيندي هئي. هڪ ڏينهن زمين مان منهن ڪڍيو هو انب جي ٻوٽي.
    پوءِ هوريان هوريان وڌڻ لڳو هو اهو ٻوٽو. آئون هاڻ آسمان تي تارا ڳڻڻ بدران پهرن جا پهر انهيءَ ٻوٽي کي پيو تڪيندو هئس.
    هڪ ڏينهن بابا آيو ته ساڻ آندا هئائين پنجاهه روپيا. بلڪل ايئن، جيئن اوچتو عيد جو چنڊ ڏسي وٺجي. ڪٿان آيا هئا اهي پنجاهه روپيا – انهيءَ جي ته ڪنهن کي به ڪَل ڪانه هئي، پر انهيءَ ڏينهن اسان ڍوَ تي ماني کاڌي هئي. بابا نڄاڻ ڇو سمورو وقت چپ چاپ اکيون پوريو پيو هو. ڪجهه به ته نه پي ڳالهايائين.
    انهيءَ ڏينهن پهريون ڀيرو امان پيار منجهان بابا کان پڇيو هو؛ ”ڇو ايئن پيو آهين؟ چاق ته آهين نه؟“
    بابا کن لاءِ اکيون پٽي امان کي ڏٺو ۽ پوءِ وري اکيون پوري ڇڏيون هئائين.
    ”ماني نه کائيندين؟“ امان بابا جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي وري پڇڻ لڳي.
    ”نه.“ بابا ٻئي هٿ کڻي اکين تي رکيا هئا.
    ”ڇو؟“
    ”مٿو پيو ڦريم.“ بابا جا هٿ هوريان هوريان ڏڪي رهيا هئا.
    ”ڪم ڪهڙو ڪري آيو آهين؟“ امان جو آواز تهائين مٺو ٿيندو ٿي ويو.
    ”ڇا ٻڌي ڪندينءَ جنت! تو ته اڄ ڍوَ تي ماني کاڌي آهي نه!“
    ”“ امان ڪابه ورندي ڪانه ڏني هئي.
    ”جنت!“ اکين تان هٿ لاهي بابا امان ڏانهن اکيون پٽي نهاريو.
    ”چئو!“
    ”آئون پنهنجي – رت – جي بوتل وڪڻي آيو آهيان.“ بابا وري کڻي اکين تي هٿ رکيا هئا، پر مون پريان کان ئي بابا جي اکين ۾ ڪجهه جرڪندو ڏسي ورتو هو. لڙڪ هئا شايد ۽ بابا جي ڳالهه ٻڌي اسين سڀ ڇرڪي پيا هئاسون. آئون ته سمجهي به نه سگهيو هئس بابا جي ڳالهه. ها امان ۽ ڀيڻ کي نانگ سونگهي ويو هو ڄڻ. امان ته ڪيتري دير گوڏي تي مٿو رکيو بابا کي ڏسندي رهي هئي. لڙڪ نه ها امان جي اکين ۾، پر مون کي ايئن لڳو هو، ڄڻ اجهو – هينئر امان روئي پوندي. ڀيڻ چلهه ٻارڻ ۾ لڳي وئي هئي، ڀاءُ ڇنل کٽ جي جهول ۾ پيو هو – اڄ انهيءَ به ڍوَ تي کير پيتو هو – انهيءَ ڪري هو به ڏاڍي گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو.
    ”جنت!“ بابا امان کي چوڻ لڳو؛ ”ماٺ ڇو ٿي وئي آهين جنت؟“
    امان ڪابه ورندي ڪانه ڏني هئي – هوءَ بس ٽڪ ٻڌي ڏسندي رهي هئي بابا کي.
    پوءِ ٿيو ايئن جو بابا ويو ٿي ڪمزور ٿيندو. هن جو سانورو رنگ هيڊو پوندو ٿي ويو. اکين هيٺ ڪارا دائرا پوندا ٿي ويس. بلڪل هڏن جو پڃرو لڳندو هو – پر هو اڪثر ساڻ پنجاهه روپيا آڻيندو هو ۽ اسان ٻه ويلا ماني کائڻ لڳا هئاسون. بابا کي مٿي ۾ سور ۽ ڦيري ٿيڻ لڳي هئي. هاڻ ته هو ٻاهر به ڪونه نڪرندو هو – سڄو ڏينهن ڀت جي پاڙ ۾ پيو هوندو هو. اٿندو هو ته ٻه وکون کڻي ڪِري پوندو هو. چوندو هو ته منهنجين اکين اڳيان اونداهي ٿي اچي. امان زوريءَ ڪڻس مانيءَ جا گرهه وات ۾ وجهندي هئي. بابا کائيندو ئي ڪونه هو ماني. امان چوندي هئي؛ ”ماني نه کائيندين ته هيڪاري ڳرندو ويندين – ڪيئن منجهئي رت ٿيندو.“ ۽ ايئن چوندي امان جون اکيون نمي وينديون هيون – بابا ڇرڪي نهاريندو هو امان ڏانهن. سندس اکين ۾ نڄاڻ ڇا هوندو هو، جو انهيءَ پل آئون به ڏانهس نهاري نه سگهندو هئس. ايئن کلي چوندو هو؛ (ڄڻ روئندو هجي) ”ڏاڍي خود غرض آهين – جنت!“ ۽ امان جون اکيون هيڪاري نمي وينديون هيون.
    بابا ڳرندو ٿي ويو – ايترو، جو ڪڻس ڏسي ڊپ ٿيندو هو – هڪ ڏينهن ويو پر ساڻ پنجاهه روپيا نه آندا هئائين.
    ”ڇو – اڄ ايئن پيو اچين؟“ سندس خالي هٿ ڏسي امان پڇيو هو. چلهه ۾ باهه ٻاريندي ڀيڻ جا هٿ بيهي رهيا هئا – بابا ساڻو ٿي اچي ڪِريو هو ڀت جي پاڙ ۾.
    ”جنت!“
    امان اٿي ويجهي اچي ويٺي هيس.
    ”ڇا – ٿيو؟؟“
    ”ڊاڪٽر چون ٿا هاڻ تومان رت نه ڪڍنداسين – نه ته مري پوندين ۽ خون پوندو اسان جي ڳچيءَ ۾.“
    امان جي نرڙ تي گهنڊ پئجي ويو هو.
    ”ٻڌئي جنت! هاڻ ته رت به کٽي ويو آهي مون مان.“ ايئن چئي بابا اوڇنگارن ۾ پئجي ويو هو – ڄڻ ڪو مري ويو هجي – امان چپ چاپ ڏسندي رهي هئي بابا کي.
    ٻئي ڏينهن بابا ٿڙندو ٿاٻڙندو نڪري ويو هو روزگار جي ڳولها ۾. ٻيو ڏينهن اچي ٿيو، پر بابا نه وريو. امان وري نڄاڻ ڇا ڀڻڪڻ لڳي هئي ۽ ساڻ ساڻ روئندي ٿي وئي. انهيءَ رات آئون ڪيتري دير ڦاٽل ڳوڻ جي ڳڙک مان در ڏانهن ڏسندو رهيو هئس.
    ٽين ڏينهن پاڙي وارو ڪو ماڻهو آيو هو، ٻڌائڻ لاءِ ته بابا اسپتال ۾ پيو آهي. ڪني پاڻيءَ جي نالي ۾ بيهوش پيو هو جو ماڻهو کڻي ويا هئس اسپتال. اسين ويا هئاسون بابا کي ڏسڻ لاءِ. پلنگن جي قطار ۾ هڪڙو اڇو اجرو پلنگ بابا جو به هو. ڇت ۾ اکيون اٽڪايو چپ چاپ پيو هو. اسان سڀني کي ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو. ڪجهه به ته نه ڳالهايو هئائين.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بابا اسپتال مان موٽي آيو.
    انهن ڏينهن جڏهن بابا اسپتال ۾ هو، امان روزگار لاءِ ٻآهر نڪري ويندي هئي. پر جڏهن بابا موٽيو ته امان وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ اسان کي به منع ڪري ڇڏيو هئائين بابا کي ٻڌائڻ کان. نڄاڻ ايئن ڇو ڪيو هئائين، نه ته بابا اسان کي ٻه ٻه ويلا ڪڏهن ڪڏهن کارائيندو هو، پر امان ٽي ويلا کارائيندي هئي. شايد امان ۾ بابا کان جهجهو رت هوندو. بابا آيو ته اسين وري ڪيترا ڪيترا ويلا لنگهڻ ڪاٽڻ لڳاسين.
    بابا اهو ئي پيو روزگار لاءِ ڀٽڪندو هو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن بابا کي روزگار ملي ويو. بابا فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو. انهيءَ ڏينهن بابا نما شام مهل ئي موٽي آيو هو. ڳالهه ڳالهه تي ٿي ٽهڪ ڏنائين. اسين سڀ حيران ٿي بابا کي ڏسندا رهيا هئاسون ته ڇو ٿو کلي بابا!! رات جو بابا اوچتو ٻڌايو ته هو فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو آهي. آئون ڏاڍو خوش ٿيو هئس. مون کي فوجي ڏاڍا وڻندا هئا. بندوق ڪلهي تي، مٿي تي لوهي ٽوپ ۽ پيرن ۾ ٺڪ ٺڪ ڪندڙ ڪارو بوٽ. مون ته بابا کي سدائين ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڏٺو هو. خوشيءَ منجهان مون بابا کي کڻي ڀاڪر پاتو هو. ڀيڻ مرڪي پئي هئي – هوءَ جڏهن خوش ٿيندي هئي ته بس مرڪي ڏيندي هئي ۽ امان – اها ته بابا کان به وڏا ٽهڪ ڏئي رهي هئي. سڄو پاڙو آيو هو مبارڪون ڏيڻ. اسان ته ڪڏهن ماڻهن وانگيان عيد ملهائي ئي ڪانه هئي، پر انهيءَ ڏينهن ڄڻ عيد اچي وئي. جيتوڻيڪ انهيءَ رات به اسان ماني ڪانه کاڌي هئي، پر خوشيءَ مان اسين سڄي رات جاڳندا رهيا هئاسون. وچ ۾ بابا ويٺو هو ۽ انهيءَ جي چوڌاري آئون، ڀيڻ ۽ امان. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ امان ڀاءُ کي ڪڇ ۾ کنيو ويٺي هئي.
    ”بابا! هاڻ ته ٽئي ويلا ماني ملندي نه؟“ مون پڇيو هو. بابا کڻي ڀاڪر پاتو هو مون کي.
    ”اڙي ها منهنجا راجا! هاڻي سمجهه ته وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين تون.“
    ”بابا! تون هت ئي رهندين نه؟“ ڀيڻ پڇيو هو. کن لاءِ بابا چپ ٿي ويو هو.
    پوءِ چيو هئائين: ”نه، پر هاڻ اوهين بک ڪونه ڪاٽيندا. هاڻ ڦاٽل ڳوڻ ۾ ڪونه سمهندا. هاڻ اهڙي گهر ۾ ڪونه رهندا.“ بابا اسان کي ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو.
    ”بابا! آئون نوان ڪتاب وٺندس.“ مون چيو هو.
    ”اڙي! توکي انهيءَ خيراتي اسڪول مان ڪڍائي ڪنهن سٺي اسڪول ۾ ويهاريندس. هاڻ ته پڪ ئي پڪ تون ڊاڪٽر ٿي ويندين.“
    ”بابا! آئون ريشمي ڪپڙا ۽ چوڙيون وٺنديس.“ ڀيڻ چيو هو.
    بابا ٻي ٻانهن سان ڀيڻ کي ڀاڪر پائيندي چيو هو: ”توکي ته آئون ڪنوار ڪندس.“ آئون ٽهڪ ڏئي کلي پيو هئس ۽ ڀيڻ کي چيڙائڻ لاءِ چوڻ لڳس: ”ڀيڻ! هاڻ تنهنجي شادي ٿيندي – تنهنجي ڄڃ ايندين – تون ڪنوار ٿينديئن.“ ڀيڻ شرمائجي بابا جي پويان لڪي وئي هئي.
    امان ته بس گوڏن تي ڪنڌ لاڙيو اسان سڀني کي ڏسي مرڪندي رهي هئي. نڄاڻ ڇا ڇا سوچيندي رهي هئي. سندس ڪڇ ۾ ڀاءُ ستو پيو هو ۽ ننڊ ۾ مرڪي رهيو هو، شايد اسان جي ڳالهين تي.
    پوءِ بابا هليو ويو، اسين ٻه ويلا ماني کائڻ لڳاسون. مون اسڪول جا ڪجهه نوان ڪتاب ورتا هئا. ڀيڻ چوڙيون ورتيون هيون. امان هاڻ ڀاءُ کي شيشيءَ ۾ کير وجهي ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا پيارڻ لڳي هئي. بابا کي وئي ڪيترا ڏينهن ٿي ويا هئا. اڱڻ ۾ لڳل انب جو ٻوٽو ڪجهه اڃا به اُڀري آيو هو – پر هاڻ آئون يا ڀيڻ گهٽ انهيءَ جي سار سنڀال لهندا هئاسون. امان روز صبح جو اُٿي مون لاءِ نيرن ٺاهيندي هئي. اسڪول مان موٽندو هئس ته ماني تيار رکي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن کٽ تي ليٽي تارا ڳڻيندو هئس ۽ امان رڙ ڪري چوندي هئي: ”ڇورا! نه ڳڻ تارا – مٿي ۾ سور پوندئي.“
    ۽ مون تارا به ڳڻڻ ڇڏي ڏنا هئا – هاڻ ته آئون دڙي تان ڀيڻ لاءِ ڀڳل چوڙين جا ٽڪر به نه ڳولهيندو هئس – هاڻ ته ڀيڻ چوڙيون گڏ ڪرڻ لڳي هئي ۽ سندس ٻنهي ٻانهن ۾ ڳاڙهيون سايون چوڙيون پيون جرڪنديون هيون.
    هڪ ڏينهن بابا جو پهريون خط آيو هو – لفافي ۾ بند خط کڻي آئون اڱڻ ۾ نچڻ لڳو هئس ۽ امان ۽ ڀيڻ منهنجي پويان پويان ٿي ڊوڙيون خط وٺڻ لاءِ. انهيءَ خط ۾ بابا لکيو هو؛ ”آئون اوهان کي ڏاڍو ياد ٿو ڪريان، پر في الحال اچي نه سگهندس. ڏاڍي سخت ٽريننگ آهي.“ موٽ ۾ اسان به بابا کي خط لکيو هو. پوءِ ايئن بابا جا خط ۽ پيسا ايندا رهيا. جنهن ڏينهن پيسا ايندا هئا، اهو ڏينهن عيد جو هوندو هو. امان پيسا گڏ ڪري ڀاءُ لاءِ ننڍڙو پينگهو ورتو هو. هاڻ ڀاءُ انهيءَ پينگهي ۾ سمهندو هو. هاڻ هو ٿلهو ٿيندو ٿي ويو – ڀيڻ به هاڻ کلڻ ۽ ڳالهائڻ لڳي هئي – گهر به هاڻ صاف سٿرو هوندو هو.
    هڪ نما شام جو بابا اچي نڪتو هو – بابا جي پويان پويان پاڙي جي ٻارن جو ميڙ هو. بابا ته سڃاڻپ ۾ ئي نه پي آيو. بدن ۾ ڀريل ڳاڙهو ڳٽول فوجي ورديءَ ۾، مٿي تي لوهي ٽوپ، ڪلهن تي بندوق ۽ پيرن ۾ ٺڪ ٺڪ ڪندڙ ڀاري بوٽ. بابا دروازي تي بيهي مون کي سليوٽ ڪيو هو ۽ منهنجو وات ڦاٽي ويو هو بابا کي ڏسي. امان ته بابا جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي سڏڪن ۾ پئجي وئي هئي. بابا گهر جو نئون رنگ ڏسي مرڪي پيو هو: ”ته چئبو ته مزي ۾ آهيو.“ اسان سڀني بابا کي اهي ننڍڙيون شيون به ڏيکاريون، جيڪي اسان بابا کان پرپٺ ورتيون هيون.
    بابا هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات هو. سڄو پاڙو آيو هو ساڻس ملڻ لاءِ. انهيءَ ڏينهن بابا جون اکيون ڏاڍيون پئي چمڪيون.
    بابا هليو ويو – ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو ته ساڻ ڄڻ عيد کنيو ايندو هو. آئون پڇندو هوسانس، ”بابا! تنهنجو ڪم ڪهڙو آهي؟“
    ”منهنجو ڪم! منهنجو ڪم آهي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ.“
    ”ملڪ جي حفاظت ڪيئن ٿيندي آهي بابا؟“ آئون سمجهي نه سگهندو هئس.
    ”جڏهن به هن ملڪ ۾ جنگ لڳندي، تڏهن آئون وڙهندس.“ بابا جا هٿ بندوق جي ناليءَ تي مضبوط پئجي ويندا هئا. مون جنگ جو ناءُ جڏهن کان ياد ٿو پويم، تڏهن کان ٻڌو هئم. جنگ ڇا ٿيندي آهي، اها ته سڌ ئي نه هئم. بابا ٻڌائيندو هو ته ڪيئن جنگ ۾ حملا ٿيندا آهن – ماڻهو مرندا آهن – بم ڪِرندا آهن – بندوقون، گوليون، موت، رت، تباهه ٿيندڙ شهر، ڳوٺ، گهر، بليڪ آئوٽ، آئون سڄو سراپجي ويندو هئس. منهنجين اکين ۾ نڄاڻ ڇا اچي ويندو هو جو بابا کڻي ڀاڪر پائيندو هئم. مون کي ياد آهي – چلهه وٽ ويٺل امان جا هٿ ڏڪڻ لڳندا هئا ۽ ڀيڻ اٿي هلي ويندي هئي.
    ”بابا!“ منهنجو آواز نڙيءَ ۾ گهٽجڻ لڳندو هو.
    ”جيءَ بابا؟“ بابا جو ڀاڪر هيڪاري تنگ ٿي ويندو هو.
    ”بابا! تون ته چوندو آهين ته ماڻهو مارڻ گناهه آهي – ها نه – بابا؟!!“ ڀوَ کان آئون بابا جي ٻانهن جي گهيري ۾ لڪندو ويندو هئس. بابا چپ ٿي ويندو هو – ڪابه ورندي نه ڏيندو هو.
    انهن ئي ڏينهن مون کي سڄيون سڄيون راتيون ننڊ نه ايندي هئي – آئون بستري ۾ پئي پئي سوچيندو هئس، جيڪڏهن جنگ لڳي ته ڇا اسين سڀ مري وينداسون؟ اسان جو گهر، جنهن جي اڱڻ ۾ پوکيل انب جو ٻوٽو گهڻو اُڀري آيو هو، جنهن جي ديوارن تي بابا تازو گلابي رنگ ڪرايو هو، جنهن کي هاڻ امان جيل جي کوليءَ جو نانءُ نه ڏيندي هئي. آئون سوچيندو هئس ڇا آئون به مري ويندس – ڀيڻ به، جيڪا هاڻ هر وقت پئي ڳالهائيندي هئي ۽ کلندي هئي – ڀاءُ به – جيڪو هاڻ سرڻ لڳو هو – ڳالهه ڳالهه تي پيو ٽهڪ ڏيندو هو – آئون چپ چپ رهڻ لڳو هئس.
    بابا جڏهن به ايندو هو، منهنجو اندر سراپجي ويندو هو.
    رات جو اڱڻ ۾ پيل کٽ تي بابا جي ڀر ۾ اچي ليٽندو هئس. مٿي آسمان تي تارا پيا جرڪندا هئا – بابا اُتي جون ڳالهيون پيو ٻڌائيندو هو، جتي هاڻ هو رهندو هو.
    آئون ڀوَ کان بابا جي ڀاڪرن ۾ گهڙندو ويندو هئس.
    ”بابا! جنگ ڇو لڳندي آهي؟ ڏس نه بابا – ايئن ته سڀ ماڻهو مري ويندا نه!“
    بابا چپ ٿي ويندو هو. شايد جواب پيو سوچيندو هو. مون کي خبر هئي ته بابا کي منهنجي ڪنهن به سوال جو جواب نٿو اچي.
    ”بابا! تون به ماڻهو ماريندين ڇا؟ تون نه مارجئين بابا! نه ته انهيءَ ماڻهوءَ جا ٻار روئندا – ڪونه ماريندين – نه؟“ آئون اميدن مان بابا ڏانهن نهاريندو هئس ۽ بابا اکيون پوري ڇڏيندو هو – الاءِ ڇو!!!
    ”بابا! تون به ماڻهن جي گهرن تي بم ڪيرائيندين ڇا؟“
    ”بابا! ڇا اسان جن گهرن تي به بم ڪِرندا؟“
    ”مون کي ڊپ ٿو ٿئي بابا!“
    آئون بابا جي ڀاڪرن ۾ پيو هوريان هوريان ڏڪندو هئس – بابا نڄاڻ ڇا پيو سوچيندو هو – ڪڇندو ئي ڪونه هو. امان رڙ ڪري چوندي هئي، ”چپ نٿو ڪرين ڇورا! مرڳو هانءُ ئي ڪڍيو رکين.“
    آئون چپ ته ٿي ويندو هئس، پر منهنجو ڊپ ويندو هو وڌندو.
    بابا واپس هليو ويندو هو، پر آئون پيو سوچيندو هئس.گهر جي هڪ هڪ شيءِ کي ايئن پيو تڪيندو هئس، ڄڻ ڦرجڻ واريون هجن مون کان. امان، ڀيڻ ۽ ڀاءُ به ڄڻ ڦرجڻ وارا هجن مون کان.
    بابا جا خط پيا ايندا هئا. امان اهي خط ڪاٺ جي هڪ پراڻيءَ پيتيءَ ۾ سانڍيو پئي رکندي هئي.
    هڪ ڀيرو گهڻن گهڻن ڏينهن کان پوءِ بابا آيو. چپ چپ هو، نه ته اڳي ايندو هو ته بابا جون ڳالهيون ۽ ٽهڪ ئي نه کٽندا هئا. مون ڪيترو ڳالهائڻ چاهيو هو، پر بابا ڳالهايو ئي نه. نڄاڻ ڪهڙي ڳالهه تي رٺل هو – آئون سوچيندو هئس.
    بابا جي وڃڻ ۾ ٻه ڏينهن هئا باقي. هڪ صبح ساجهر بستري ۾ پيو هئس اڃا. بابا چلهه جي اڳيان امان وٽ چانهه جو ڪوپ هٿن ۾ جهليو ويٺو هو. امان ڳالهائي رهي هئي:
    ”هاڻ وري ڪڏهن ايندين تون؟“ امان پڇيو هو.
    ”الاءِ“ بابا جهيڻي آواز ۾ ڀڻڪيو هو. ڪي کن ٻئي چپ چاپ ويٺا رهيا. بابا هٿن ۾ ڪوپ جهليو نڄاڻ ڇا سوچيندو رهيو.
    ”جنت!“ بستري ۾ پئي پئي بابا جو ڀڻڪو ٻڌو هئم.
    ”جنت! جنگ لڳڻ واري آهي. نڄاڻ وري ڪڏهن اچڻ ٿئي! ٿي سگهي ٿو ته هي پاڻ آخري ڀيرو ملندا هجون.“
    امان جي هٿن مان ڪو ٿانءُ ڇڏائجي ويو هو شايد – هوءَ ٽڪ ٻڌي ڏسندي رهي هئي بابا کي. رليءَ مان سِير ڪري مون ڏٺو – امان جي اکين ۾ هوريان هوريان جيڪو پاڻي گڏبو ٿي ويو، سو سندس ڳلن تي لڙي آيو هو.
    ”روئين ڇو ٿي چري! مرڻ ته هونئن به هر ڪنهن جي مٿان رکيو آهي.“ بابا کلي چيو هو، پر الاءِ ڇو مون کي بابا جي کل ڪانه وڻي هئي. بابا سدائين ايئن ٿوروئي ڪو کلندو هو.
    ”جنت!“
    “هون.“
    ”جي آئون موٽي نه آيس ته اوهان کي حڪومت ٿورا گهڻا پيسا پئي ڏيندي. ڪاڪي کي به مُڇن جي ساوڪ بيٺي آهي. ڪنهن ڪم تي لڳرائي ڇڏجانس. پڙهڻ نه ڇڏرائجانس. منهنجو پٽ آفيسر ٿيندو.“ هن ڀيري به بابا کليو هو، پر هن ڀيري به مون کي بابا جي کل ڪانه وڻي هئي. امان ڪابه ته ورندي ڪانه ڏني هئي. انهيءَ صبح جڏهن آئون بستري مان اٿيو هئس ته سڄو پگهر ۾ شم هئس ۽ منهنجو بدن هوريان هوريان ڏڪي رهيو هو.
    امان مون کي اسڪول لاءِ اٿاريو هو. الاءِ ڇو آئون روئي پيو هئس. سڏڪندي چيو هئم، ”اڄ آئون اسڪول ڪونه ويندس امان!“
    الاءِ ڇو امان سدائين وانگر اها ڳالهه ٻڌي دڙڪو نه ڏنو هو مون کي – بس ايترو پڇيو هئائين ته؛ ”ڇو اسڪول نه ويندين؟“
    ”نه – اڄ آئون اسڪول ڪونه ويندس – اڄ آئون بابا سان ڳالهيون ڪندس.“
    منهنجي ٻانهن تان امان جو هٿ ڍرو پئجي ويو هو.
    ”اڙي ڇو اڄ اسڪول ڪونه ويندين؟“ پريان کان بابا رڙ ڪئي هئي.
    ”اڄ آئون توسان ڳالهيون ڪندس بابا!“
    ”ڇو؟!! آئون ڀڄيو ٿو وڃان ڇا؟“
    ”الاءِ.“ منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو ۽ نڄاڻ ڇو امان به پوتي اکين تي رکي روئڻ لڳي هئي.
    انهيءَ ڏينهن آئون اسڪول ڪونه ويو هئس. انهيءَ ڏينهن مون کي بابا ڀر ۾ ليٽائي ڪيتريون ئي آکاڻيون ٻڌايون هيون، بهادر ڇوڪرن جون.
    نڄاڻ ڪهڙيون آکاڻيون هيون – آئون ته بس بابا کي ڏسندو رهيو هئس. ڀاءُ کي به کڻي پيٽ تي ويهاريو هئائين. پوءِ جيترو وقت به بابا هو، مون امان کي سڀني کان لڪي ڪنڊن پاسن ۾ روئيندي ڏٺو هو.
    هڪ شام بابا هليو ويو – وڃڻ مهل امان اوڇنگارون ڏئي رني هئي. ڀيڻ به سڏڪي سڏڪي رني هئي. بابا ڀاءُ کي ڪڇ تي کڻي سندس نرڙ چميو هو. مون کي ۽ ڀيڻ کي ڀاڪر پاتو هئائين. امان ڏانهن نهاريو هئائين – ته ڏٺو هئم شايد لڙڪ هئا بابا جي اکين ۾.
    ڪيترا ڏينهن لنگهي ويا هئا بابا کي وئي. امان سڄو سڄو ڏينهن پئي ٽپالي جو انتظار ڪندي هئي. ڪو خط ئي نه آيو هو بابا جو. هڪ اونداهين رات جو ننڊ مان اک پٽجي پئي هئم، عجيب قسم جي شور کان. مون کي ايئن لڳو، ڄڻ زمين ڌٻي رهي هجي.
    گگهو وڄي رهيا هئا.
    کٽ تي امان گوڏن ۾ منهن لڪايو رني ٿي شايد! ڀيڻ امان جي ڀر ۾ ويٺي هئي. گهور اونداهيءَ ۾ هو مون کي ڪنهن پاڇولي وانگر ٿي نظر آيون. آئون به کٽ تان لهي امان جي کٽ تي وڃي ويٺو هئس – مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ اسان جا بدن هوريان هوريان ڏڪي رهيا هئا.
    ”امان!“
    ”امان! هيءُ ڇا پيو ٿئي؟“ آئون روئي پيو هئس.
    ”جنگ لڳي آهي.“ امان جو آواز به ڏڪي رهيو هو. آئون سڄو سراپجي ويو هئس ڀوَ کان.
    ”هاڻ ڇا ٿيندو امان!“ هن ڀيري ڀيڻ سڏڪي هئي.
    ”امان! هاڻ پاڻ مري وينداسون؟ پنهنجو گهر به ڊهي پوندو؟ بابا هاڻ ڪڏهن به نه ايندو ڇا؟ تون ڳالهائين ڇو نٿي امان؟!!“ موٽ ۾ امان پنهنجو هٿ کڻي منهنجي وات تي رکيو هو.
    رهيو رهيو ٿي ٺڪاءُ ٿيا.
    سڄي رات اسان ايئن کٽ تي ويهي گذاري هئي.
    ايئن لنگهڻ لڳا هئا ڏينهن هوريان هوريان.
    بابا جو خط ئي نه پي آيو.
    ڀيڻ سڄو سڄو ڏينهن انب جي انهيءَ اڀرندڙ ٻوٽي کي ڏسيو نڄاڻ ڇا پئي سوچيندي هئي! ڪنهن ڪنهن مهل ڪٻٽ ۾ رکي کوکي مان چوڙيون ڪڍي پئي ٻانهن ۾ لاهيندي چاڙهيندي هئي. امان نڄاڻ ڇو ٽڪ ٻڌي گهر جي هر شيءِ کي پئي ڏسندي هئي. ڀاءُ کي ته ڪل ئي نه هئي ڪنهن ڳالهه جي.
    سج لهندو هو ته اونداهي ڦهلجي ويندي هئي. آئون بتي ٻارڻ چاهيندو هئس پر امان ٻارڻ نه ڏيندي هئي ۽ مون کي اونداهيءَ ۾ ڊپ ٿيندو هو. کٽ تان هيٺ لهندو ئي نه هئس. گهر جي پويان جيڪو ميدان هو، اتي خندقون کوٽجي ويون هيون. گگهو وڄندو هو ته پاڙي جا ڪيترا ماڻهو انهن ۾ وڃي لڪندا هئا. اسان جي گهرن مٿان جهاز زوزاٽ ڪندا لنگهندا هئا – منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳندي هئي. سوچيندو هئس، اجهو هي جهاز بم ڪيرائيندو ۽ اسين سڀ مري وينداسون. بابا جي ڪا خبر ڪانه هئي – آئون سوچيندو هئس بابا کي ڪيڏو نه گناهه ٿيندو، جو هو ماڻهو ماريندو هوندو. ماڻهو، ماڻهوءَ کي ڇو ماريندو آهي!؟ مون کي سمجهه ۾ ڪونه ايندو هو. سوچيندو هئس آخر اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ٻي ملڪ وارا اسان کي مارڻ ٿا چاهين. آئون ته ٻي ملڪ وارن کي سڃاڻندو به ڪونه هئس. مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو هوندو! گهٽ ۾ گهٽ منهنجي گهر مٿان ته نه بم ڪيرائين. مون کي ته نه مارين. پر شايد بابا ڪو ڏوهه ڪيو هوندو! ڪنهن جو پيءُ پڪ ماريو هوندو – پڪ ڪنهن جي گهر مٿان بم ڪيرايو هوندو، تڏهن ته هو زوزاٽ ڪندا لنگهندا هئا اسان جي گهر جي مٿان کان.
    هڪ صبح سرڪاري تار آئي هئي اسانجي گهر، انگريزي ۾ هئي. ٽپاليءَ امان کي پڙهي ٻڌائي هئي – بابا جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو هو – مون کي ياد آهي، امان گهٽيءَ ۾ بيهي پار ڪڍي رهي هئي. مٿي ۾ ڌوڙ ڀري ڇڏي هئائين. ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪيا هئائين – پاڙو سڄو اچي مٿانس گڏ ٿيو هو. آئون چپ چاپ در تي بيٺو رهيس – ڪيتريون ئي ڳالهيون سوچيندو رهيو هئس. انهيءَ پل گگهو وڳو هو – امان جي چوڌاري گڏ ٿيل ماڻهو ڊوڙي وڃي خندقن ۾ لڪا هئا – گهٽيءَ ۾ امان اڪيلي رهجي وئي هئي ۽ مٿان جنگي جهاز زوزاٽ ڪندا لنگهيا هئا – امان ڪنڌ کڻي انهن کي ڏسندي رهي هئي – سڪل ٺوٺ اکين سان چوڻ لڳي، ’آه – ڪهڙو ظلم ڪيو اٿوَ مون تي، منهنجا هيڏڙا پسون يتيم ڪري ڇڏيانو! – اڙي! مون کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيانوَ – ڪهڙو ته ڏوهه ڪيو هو مون اوهان جو؟؟‘ جهاز بنا ڪا وراڻي ڏيڻ جي لنگهي ويا هئا.
    انهيءَ شام ڀيڻ اڱڻ ۾ ويهي پٿر سان ٻانهن ۾ پيل ڳاڙهيون سايون چوڙيون ڀڃي ڀور ڪيون هيون – امان سڄو ڏينهن پار ڪڍي رُني هئي. سندس چوڌاري پاڙي جي عورتن جا ميڙا هئا.
    پر امان ته ڄڻ پاڳل ٿي پئي هئي – ڀيڻ جي اکين ۾ لڙڪ ئي نه هئا – هوءَ ته بس چپ چاپ اکيون ڦاڙي سڀني کي ڏسندي رهي هئي. مون کي بابا ٻڌايو هو ته جنگ ۾ مرڻ وارا شهيد ٿيندا آهن ۽ شهيد مرندا ناهن، جيئرا هوندا آهن – بس ٻين کي نظر نه ايندا آهن.
    انهيءَ رات، جڏهن امان پٽ ۾ پئي شوڪارا ڀريندي رهي هئي – ڪوٺيءَ ۾ ڪنهن ڪنهن مهل ڀيڻ جو سڏڪو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو ۽ آئون سڄي رات جاڳي بابا جو، اکيون پٽي انتظار ڪندو رهيو هئس. بابا شايد سچ پچ مري ويو هو، تڏهن ته نه آيو هو – مري نه ها ته ضرور اچي ها امان کي ايئن روئندو ڏسي.
    بابا نه آيو –
    ٻي ڏينهن به نه آيو –
    امان کي شايد پڪ هئي ته بابا ڪونه ايندو – تڏهن ته هوءَ روز صبح جو ايئن پار ڪڍي روئندي هئي ڄڻ بابا اڄ مئو هجي.
    مون کي ياد آهي بليڪ آئوٽ جي اُها اونداهين رات – ڪجهه به نه رڌو هو اسان جي گهر. امان گذريل ڪيترين راتين جيان پٽ ۾ پئي هئي – سندس شوڪارا ۽ سڏڪا اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾ پئي گونجيا. ڀيڻ کٽ تي اونڌو ڪنڌ ڪيو پئي هئي – سندس چوڙين کان ٻُٽي ٻانهن کٽ کان هيٺ لٽڪي رهي هئي. ڀاءُ پينگهي ۾ پيو هو.
    آئون اونداهيءَ ۾ اکيون ڦاڙيو ويٺو هئس. شايد بابا مئو نه هجي ۽ ڪنهن مهل اچي نڪري – ننڊ منهنجي اکين ۾ مرچ ڀري ڇڏيا هئا ڄڻ، پر اکيون نه پوريون هئم تڏهن به .
    انهيءَ لمحي گگهو وڳو هو گهٽيءَ ۾ ماڻهن جي ڊوڙڻ جا آواز اچڻ لڳا هئا – شايد خندقن ۾ لڪڻ ٿي ويا – نڄاڻ ڇو منهنجي دل چئي رهي هئي ته اسين به خندقن ۾ وڃي لڪون – امان کي چيو هئم؛ ”مون کي ڊپ ٿو ٿئي امان! هل پاڻ به هلي خندقن ۾ ليٽون – هل نه امان!“ موٽ ۾ امان هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه ڀريو هو – ڄڻ سڏڪندي هجي – چوڻ لڳي، ”هاڻ ڪهڙا ڊپ – جنهن ساڻ جيئڻ هئا سو ئي ويو هليو.“
    ماٺ ڇانئجي ويئي هئي چوڌاري ۽ انهيءَ ماٺ ۾ جنگي جهاز زوزاٽ ڪندا لنگهيا هئا اسان جي گهرن جي مٿان کان.
    ياد اٿم مون کٽ تان لڙ ڪندڙ ڀيڻ جي ٻي ٻانهن پڪڙي ورتي هئم. انهيءَ لمحي جڏهن ايڏو زبردست ٺڪاءُ ٿيو هو – ڄڻ زمين ڦاٽي پئي هجي ۽ هر شيءِ منهنجي مٿان اچي ڪِري هجي. مون رڙيون ڪري پڪارڻ چاهيو هو سڀني کي، نڄاڻ ڇا ٿيو جو ڪنهن به ورندي نه ڏني هئي مون کي.
    نڄاڻ ڪنهن مهل اکيون پٽيون هئم – ڄڻ قبر ۾ پيو هئس – سوچيو هئم مري ويو آهيان شايد – مون کي روئڻ اچي ويو هو – سوچيو هئم ڇو مئو آهيان آئون – مون کي ته اڃا جيئڻو هو نه – وڏو آفيسر بڻجڻو هو – وڏو ٿي مون کي ته اڃا سڄي دنيا مان جنگ بند ڪرائڻي هئي – ڇا ڇا نه ڪرڻو هو مون کي – پر مون ايئن محسوس ڪيو هو ڄڻ آئون مري ويو آهيان – ڀيڻ به شايد انهيءَ قبر ۾ هئي – جو سندس ٻانهن اڃا تائين منهنجي هٿ ۾ هئي.
    ”ڀيڻ!“ مون قبر جي اونداهيءَ ۾ ڀيڻ کي سڏ ڪرڻ چاهيو – ڀيڻ ڳالهايو ئي نه – شايد هوءَ به سوچيندي هوندي ته آئون ڇو مري وئي آهيان؟!
    نڄاڻ ڪهڙي مهل هئي – جو قبر جي ٻاهران مشينن جو آواز ۽ ماڻهن جو آواز اچڻ لڳو – الائي ڪيتريون قبرون هيون منهنجي قبر جي پاسي ۾ - مشينن جو آواز ڇا جو هو؟ ڇا قبرن اندر به جنگ لڳندي آهي؟؟ ڀوَ کان اکيون پوري ڇڏيون هئم.
    منهنجي مٿان قبر جي مٽي هٽڻ لڳي هئي – ماڻهن جا ۽ مشينن جا آواز ويا ٿي اوچا ۽ ويجها ٿيندا. مون کي ڏسي ڪنهن رڙ ڪئي هئي، ”اڙي! هي ته جيئرو آهي.“ مون کي ڇڪي قبر مان ڪڍيو ويو – ڀيڻ جي ٻانهن منهنجي هٿ مان ڇڏائجي وئي - ۽ آئون جيئرو هئس – ڀيڻ اندر قبر ۾ رهجي وئي هئي.
    ”اندر – منهنجي ڀيڻ به آهي.“ ڀر ۾ بيٺل فوجيءَ کي رڙ ڪري چيو هئم – هو قبرون کوٽڻ لڳا – پر اُهي قبرون ته نه هيون – گهر هو منهنجو – مٽيءَ جو دڙو – ڪجهه دير کان پوءِ هنن ڀيڻ کي ڇڪي ڪڍيو هو – پٽ تي پئي هئي مون نهاريو اُها ڀيڻ نه هئي.
    ڀيڻ جي ٻانهن هئي – ڪپيل - ۽ ٻُسي.
    ڀاءُ جو صرف پينگهو نڪتو هو – ڀڳل – ڀور ڀور ٿيل ڪاٺيون.
    ۽ امان – سا ته نڄاڻ ڪيڏانهن گم ٿي وئي هئي – بس سندس پوتي پئي هئي دڙي اندر – اڇي ڦاٽل پوتي.

    (”ڪيڏارو“، تان ورتل)
    


    نـاســور : - سحر امداد

    پليٽفارم تي رش آهي، گوڙ آهي ڏاڍو، ٻارن جو روڄ، وڏن جا کين ماٺ ڪرائڻ لاءِ دڙڪا دهمان، ڇڙٻون، گهورڙين جا هوڪا، هڪ پائيءَ لاءِ پينوئن جون ليلڙاٽيون، ليمن سوڍا وارن جون رڙيون – اوچتو ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو ٿو پئجي وڃي. ٽرين پليٽفارم تي اچي رهي آهي. قلي سامان کڻڻ لاءِ ڊوڙي رهيا آهن. جيڪي گهڻي سامان ۽ عيال سان آهن، اهي ئي وڌيڪ دانهين به رهيا آهن. کين زال ۽ ٻارن جي اون کان وڌيڪ ان قليءَ جي ڪڍ وڃڻ جو فڪر آهي، جيڪو سندن سامان ڍوئي، ڪنهن ڪمپارٽمنٽ ڏانهن ڊوڙي رهيو آهي.
    ۽ هو پنهنجي لٺ جي سهاري ماڻهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندي، اڳتي وڌي رهيو آهي، ماڻهو چڙهن پيا، ماڻهو لهن پيا، چڙهڻ وارا پهرين چڙهڻ ٿا چاهين – ”متان گاڏي ڇُٽي وڃي،“ لهڻ وارا پهرين لهڻ پيا چاهين،“ متان گاڏي ڇُٽي وڃي،“ ۽ نتيجي ۾ جو جتي آهي، اتي ئي آهي. هرڪو پنهنجي اِنرجي ان رستي تان ٻئي کي ڌڪي هٽائڻ تي خرچ ڪري رهيو آهي. رڙيون، گوڙ، ڀڄ ڀڄان.
    ۽ هو انهيءَ پيهه ۾ڪڏهن ڌڪجندو اڳتي هليو ٿو وڃي ۽ ڪڏهن پٺتي .... ان کان اڳ جو هو ٽرين تائين پهچي، ٽرين ڪُوڪ ڏيئي رڙهڻ ٿي لڳي.
    ماڻهن جو گوڙ ۽ رڙيون تِهائين وڌي ٿيون وڃن..... ڪي ٽرين سان گڏ ڊوڙي رهيا آهن چڙهڻ لاءِ، ڪنهن جو ٻار رهجي ويوآهي، ڪنهن جو سامان اڃا پورو نه چڙهيو آهي. ٻارن کي درين مان ئي اندر ويٺل مسافرن مان ڪنهن نه ڪنهن کي مڙهايو پيو وڃي. سامان بد حواسيءَ ۾ درين مان اندر اڇلايو پيو وڃي. ٽرين جي اسپيڊ سان گڏ ئي ماڻهن جي ڊوڙندڙ ٽنگن جي اسپيڊ به وڌي رهي آهي.
    ۽ هو پنهنجا چيڀاٽيل، زخمي ٿي ويل پير کنيو – پرتي ٿيندڙ ٽرين جو آواز ٻڌي رهيو آهي. ٽرين جو پل پل پرتي ٿيندڙ ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ جو آواز، ويجهو ٿيندو لڪڻ جي ٺَڪ ٺَڪ ٺَڪ ٺَڪ ۾ بد لجي ٿو وڃي.
    پر مان هتي آيو ڇو آهيان؟
    نه مان ڪيڏانهن وڃان پيو؛ نه ئي ڪو مون وٽ اچڻو آهي..
    نيٺ پنهنجي ڪمري (قبر) مان نڪتس ڇو؟
    (ڪارڻ – آڪارڻ!)
    ڪمرو يا ڪمري کان ٻاهر – فرق ڪهڙو ٿو پوي؟!
    ساڳي انت – اونڌاهي، انڌي رات: پنهنجون بي نور اکيون ڇنڀيندي، بنا نهار جي، احساسن ۽ اُڌمن کان پالهين اکين سان مون ڏانهن تڪيندي رهندي آهي. منهنجو پيڇو ڪندي رهندي آهي. اها ٿڌي، يخ، ڄمي ويل نهار icicles جيان منهنجي وجود ۾ لهندي ويندي آهي. ڀاسند و اٿم اهي icicles ميخن جيان سَلَ ڪنديون، منهنجي تند تند ۾؛ رڳ رڳ ۾؛ کُپنديون پيون وڃن.
    تڏهن اِها ٿڌاڻ منهنجي وجود کي ساڙڻ لڳندي آهي.
    ۽ مان چرين جيان پنهنجو پاڻ کي پَٽيندو، ڇيڇاڙيندو، رڙيون ريهون ڪندو، ڀڄي وڃڻ چاهيندو آهيان، اهڙي سمي ڪمري جون اڪيلايون مون کي ڪو به دلاسو ۽ ڏڍ نه ڏيئي سگهنديون آهن. ٿڌيون، بي جان ڀتيون هٿ وڌائي منهنجي نراڙ کي ڇهي به نه سگهنديون آهن.
    جي وڌندو به آهي ته موت جو ٿڌو، کهرو ۽ ڪٺور هٿ ئي وڌندو آهي.
    ۽ ڪمرو مون لاءِ تابوت بڻجي ويندو آهي؛ جنهن ۾ پل پل، کن کن لهندو ويندو آهيان مان ..... ۽ اهو کن پل انت ڪالن تائين پکڙجي ويندو آهي.
    تنهن وير ئي پنهنجي سموري سگهه سان روڪي وٺندو آهيان، موت جي ٿڌي ۽ ڪٺور هٿ ڏانهن وڌندڙ پنهنجي هٿ کي.
    ۽ لٺ جي لوهي مُٺ ۾ ڦٻائي ڇڏيندو آهيان.
    ٻاهر لُوهه پائيندو آهيان
    گم ٿيڻ چاهيندو آهيان
    ماڻهن ۾
    گوڙ ۾
    پيهه ۾
    پر انڌي رات جي، اها ٿڌي، يخ، ڄمي ويل نهار منهنجو پيڇو ڪندي رهندي آهي، مان ڀڄي ڀڄي ساڻو ۽ نست ٿي ويندو آهيان، تڏهن به اها منهنجي وجود ساڻ چهٽيل ۽ چنڀڙيل رهندي آهي، ان ناسُور جيان، جو منهنجي جسم جو حصو نه هوندي به، جسم سان ڳنڍجي ويو آهي، جنهن مان هر پل اٿندڙ سُور جون سٽون ان جي هئڻ جو احساس ڏيارينديون رهنديون آهن.هاڻ ته خود اهو احساس به منهنجي هرديه جو اڻ ٽُٽ حصو بڻجي ويو آهي.
    هو وچ پليٽفارم تي بيٺو آهي، ايئن ڄڻ هو به ان پليٽفارم جو ڪو حصو هجي، شيڊ جي پِلر وانگيان؛ جنهن تي پان جي پِڪن ۽ کانگهارن جا ليپا هئا. يا سيمنٽ جي ان بينچ جيان جنهن تي هاڻ ماڻهن بدران سُڪل سڙيل، گَر لڳل ڪُتو retire پيو ڪري، اکيون پوريو پنهنجي ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻ جي ضرب، ونڊ، ڪٽ ۾ ٻڏو پيو هو، اوچتو ڪو مسافر ڊوڙندو (پان جو گُرڙو هڻڻ بدران) ساڻس ٽڪرائجي، اَٿڙجي ٿو ۽ (ٿورو شڪي ٿي: ”ساري!“ چوڻ کان سواءِ ئي) پنهنجن ڳرن ڳرن بوٽن سان سندس پير چيڀاٽيندو، اَٻهرو ڊوڙندو هلندو ٿو وڃي.
    ٽرين ڪڏهوڪي وڃي چڪي آهي. گوڙ جهَڪو ٿي ويو آهي.
    پر سڄي وايومنڊل ۾ مَکين جو، بلڪل اهڙو ڄڻ گند جي ڪنهن ڍير تي ڪوڙين مَکيون مِڙيل هجن، ڀُڻڪو ڇو پکڙيل آهي؟
    هڪڙي مَک هن جي ڪن وٽان ڀُڻ ڀُن ڪندي ڦيريون ٿي پائي، هو هٿ جي ڇنڊڪي سان مَک اُڏاري ٿو. مَک وري به ڦيرو پائي اچي ٿي..
    وايو منڊل ۾ پکڙيل مَکين جو ڀُڻڪو مون ڏانهن ڇو وڌندو پيو اچي....
    ”...... روڪيو ان کي ... اڙي ...... انهن کي روڪيو ....... روڪيو .....“ هو چرين جيان مَکين کي هڪليندي رڙيون ڪرڻ ٿو لڳي: ”مان ان گند جو حصو ٿيڻ نٿو چاهيان.،.. مان ان گند جو حصو ٿيڻ نٿو چاهيان....“
    هو ڊوڙڻ ٿو چاهي، ان ڀُڻڪي کان دور ڀڄي وڃڻ ٿو چاهي؛ پر گهڻي ڪوشش جي باوجود به ڊوڙي نٿو سگهي. ڀاسيس ٿو چڻ پيرن ۾ پِڃريون ٻڌل هُجنس. جهُڪي پيرن کي ڇُهي ٿو، پير رهڙيل ۽ سُچيل آهن. سنئون ٿي، ساڳي هٿ سان لٺ کي سوگهو ڪري جهلي ٿو ۽ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان، وکِ وِک وڌندو، لٺ جي سهاري تي رستو ڳوليندو، ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪندي، هلندو ٿو وڃي ۽ ٻاهر رستي تائين پهچندي پهچندي سهڪي ٿو پئي...

    (ٽه ماهي مهراڻ 4/ 1978ع تان ورتل)
    


    در لاهه، ڏيئو ٻار : - تهمينه مفتي

    اڄ هوءَ مون کي گهر جي ڪم کان جواب ڏئي وئي آهي. هوءَ ڄامشورو ڇڏي، پنهنجي ۽ ڌيءَ جي حياتي بچائڻ لاءِ ڪراچي ويندي . سندس نالو شهناز آهي. هوءَ ڪم جي ڀلي ۽ تڪڙي آهي. هُن جي اچڻ سان منهنجي ذميوارين ۾ گهٽتائي ٿي هئي. مان خوش هيس جو اهڙي سيبائتي ۽ سگهڙ، ڪم ڪرڻ واري مائي ملي هئي. هن صرف ڇهه مهينا مون وٽ ڪم ڪيو، مون وٽ کيس مالي وٺي آيو هو. سندس سٺي چال ۽ ايمانداريءَ جي ساک ڏني هئائين. اڃان سُج لهڻ ۾ چڱي دير آهي. هِن جو اوسيئڙو اٿم ته هوءَ ايندي، آخري ڀيرو مون سان ملڻ لاءِ هوءَ ضرور ايندي. مان لان تي ڪرسيءَ تي ويٺي آهيان. ايتري ۾ بيل وڳي آهي، تڪڙ ۾ وڃي گيٽ کوليو اٿم، شهناز بيٺي هئي. مُنهن لٿل ۽ ڳڻتيءَ ۾ ورتل، مون کيس پاسيرو ٿي رستو ڏنو. هوءَ اندر لنگهي آئي آهي.
    ”آپا، اڄ اوهان ٻاهر ويٺا آهيو؟“
    ”ها، تنهنجي آسري ۾ ته آخري ڀيرو مون کي چانهه ٺاهي پيارين ۽ منهنجا ڪپڙا استري ڪرين.“
    منهنجي ايتري چوڻ تي هُن ٿڌو ساهه ڀريو.
    ”اجهو هينئر ٿي ٺاهي اچان.“
    چئي Enterance door کوليائين ۽ ڪچن ڏانهن هلي وئي آهي.
    شهناز بدن ۾ سنهي، قد جي پوري، ڦڙت ۽ اڌ وهيءَ ۾ آهي. ميندي رنڱيل ڳاڙها وار، صاف سٿري، ان ڪري ئي هوءَ مون کي پهرئين ڏينهن ئي وڻي وئي هئي. ڪم جي نوعيت، پگهار ۽ وقت طئي ڪرڻ کان پوءِ هوءَ ٻئي ڏينهن تي اچڻ جو چئي هلي وئي هئي. ان صبح سوير پنهنجي معمول واري واڪ ڪرڻ لاءِ نڪرڻ وقت پاڻ کي ڪجهه وڌيڪ Relax محسوس پئي ڪيم. واڪ ڪندي هوءَ ريلوي اسٽيشن جي پٽڙيءَ کي ڪراس ڪندي يونيورسٽيءَ جي بسن جي اڏي وٽ مون کي ملي هئي. اُن مهل واچ ۾ ڏٺم ساڍا ڇهه ٿيا هئا، هوءَ ڪاري چادر ۾ پنهنجي منهن کي لڪائيندي تڪڙو تڪڙو هلندي مون تائين پهتي. هڪدم سوال ڪيائين.
    ”ايڏو سوير اوهان هِت ڇا پيا ڪريو؟“
    مون کيس جواب ڏيندي چيو ته
    ”روز صبح جو واڪ ڪندي آهيان.“
    ”آپا اوهان کي پريشر آهي ڇا؟“
    هن همدرديءَ سان پڇيو، مون کي کل اچي وئي، مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو، هوءَ عجب ۾ پئجي وئي،
    ”تون گهر هل ته مان واڪ پوري ڪري اچان ٿي.“
    هن پنهنجي هلڻ جي رفتار تيز ڪري ڇڏي ۽ هاڻي روز صبح سوير ڳيرن جي ولر کي هاءِ وي جي پاسي ۾ ته ڪڏهن وري روڊ جي وچ تي چوڳو ڪندي ۽ وري اوچتو گاڏيءَ جي آواز تي سندن اُڏار منهنجي من ۾ عجيب خوشيءَ جو احساس پيدا ڪندي آهي. سنهڙين ڄنگهن سان ٽـٽيهر جو هوا سامهون ٿيڻ مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي. پبلڪ اسڪول جي بس جي درين مان ننڍڙن ٻارن جا ليئا ۽ سندن مرڪ، مون کي مرڪائي وجهندي آهي. ڪڏهن ٽرڪ واري جو غير ضروري هارن ۽ مون کي Mirror مان جانچي ڏسڻ، منهنجي من کي مُنجهائي وجهندو آهي ۽ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندي آهيان. ڪيفيتن جو اِهو حصار اُن مهل ٽٽي پوندو اٿم. جڏهن سوسائٽيءَ جي مين روڊ جي اڌ تي تڪڙا قدم کڻي پنهنجي گهر جي گهٽيءَ ۾ قدم رکندي آهيان. منهنجي پناهه گاهه، منهنجو گهر، سڏ پنڌ تي نظر ايندو اٿم ته اڃان به تڪڙا قدم کڻڻ لڳندي آهيان. گهر اندر پهچندي آهيان ته هوءَ پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندي آهي. شهناز هاڻي ڄڻ گهر جو ڀاتي هئي، کيس اهو شدت سان احساس هوندو هو ته هوءَ سکئي گهر جي ۽ بڻ بنياد واري آهي. کائنس ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندي هئس ته هڪدم چوندي هئي ته
    ”مجبوريءَ کان پئي ڪم ڪريان آپا، ڪاوڙ نه ڪريو، در در جا ڌڪا ڀاڳن ۾ لکيل آهن، ان ڪري ٿي ڀوڳيان.“
    هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا هئا، ايئن جيئن ڪنهن سُڪل ڍنڍ ۾ پاڻي تار ٿي اچي. هن جا لڙڪ ڏسي مون کي به افسوس ٿيندو هو ته اجايو ڳالهايومانس ۽ پوءِ کيس پرچائڻو پوندو هو. اڃان همدرديءَ جا ٻه ٻول چوانس ئي مس ته هوءَ شروع ٿي ويندي هئي. پنهنجن جون ڳالهيون، يادون ۽ ساروڻيون پنهنجي ڳوٺ جون، ڏاڍي سڪ ۽ پاٻوهه سان بيان ڪندي ويندي هئي. سرنهن جي پيلن گلن ۽ ڏوڏين جون، سانوڻ جي مينهوڳيءَ رُت جون، بي واجبيون اهڙي طرح بيان ڪندي هئي، جو ڄڻ اُهي منهنجي ئي وجود جو حصو هجن، منهنجو اصل ۽ ازل هجن. هن جي لهجي ۾ ٿڌڙي پاڻيءَ جي نرمل وهڪري جهڙو رڌم ۽ ٿڌاڻ ڀرجي ايندي هئي. لفظن ۾ شيريني هوندي هئي.
    ”ڪسين ڪناري گهاٽن نمن ۽ ٽالهين جي روشن ڇانورن ۾ ويهجي ته سارا ٿڪ لهي وڃن. پير غازي شاهه جي درگاهه تي باس باسڻ، آس پڄڻ تي ڏيئو ٻاري ٻارن ۾ مُستي ورهائڻ جو رنگ تو ناهي ڏٺو آپا، پر اهو سڀ ڪجهه مون ڏٺو آهي.“
    اهو نئون ناهي منهنجي لاءِ، منهنجي من مون سان ڳالهايو. منهنجي لاشعور ۾ اُهو محفوظ آهي، تڏهن ته اوپرائپ نه آهي. پنهنجائپ جو احساس سگهارو لڳو اٿم، ڀلي منهنجون ڪيتريون ئي پيڙهيون شهر جون رهواسي ڇو نه هجن. مون کيس ڪجهه به نه چيو ۽ چپ چاپ کيس ٻڌڻ لڳس.
    بادشاهه پير جو سوا ڪسيرو رئي جي پلاند ۾ ڳنڍ ڪري ٻڌڻ اڃان به ياد اٿم.“
    هن پنهنجي يادن جي تسبيح کي سوريو.
    ”پر هاڻي ڪابه آس پُڄي ئي نٿي، الائي ڇو؟“
    هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو.
    ”تهه سياري ۾ ٿوٻيءَ تي جوئر جي گول ماني، مکڻ جي چاڻي کي ساڳ مٿان پگهاري گهر جي ننڍي وڏي ڀاتيءَ کي ونڊي ورهائي ڏئي ۽ پوءِ باهه جي مچ جي ڀر ۾ ويهي سک ۽ ڏک جون ڳالهيون، لابارن ۽ پوکن جون، ڳڻتين ۽ ڳارن جون ته وسرن ئي نٿيون. چانڊوڪين ۾ ڏينهن وٺڻ ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ننڍاکڙو ٿيڻ ۽ پوءِ هڪ هڪ ٿي سوڙين ۾ وڃي آرامي ٿيڻ.“
    مون سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو ته
    ”شهناز توهان اُهو سک ڀريو گهر ڇو ڇڏيو ۽ شهر ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“
    سندس منهن تي ويچارگيءَ ۽ اداسيءَ جون ريکائون ڪجهه وڌيڪ گهريون ٿي ويون.
    ”اوچتو ئي اوچتو الائي ڪهڙو واءُ لڳو جو محبت جو اِهو گهاٽو وڻ پاڙئون پٽجي پَٽ پيو، الائجي ڪنهن جي نظر لڳي وئي جو راڄ ڀاڳ دشمن ٿي پيو، پنهنجن ئي پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻي تباهيءَ ۽ برباديءَ کي سڏ ڪيو. آپا، پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب، ڪنهن کي ڏوهه ڏيون؟
    سکيو ستابو گهر هو. پنهنجيءَ مڇيءَ مانيءَ وارا هئاسين. ايئن ڪير ڇڏيندو آهي پنهنجو گهر ۽ تڙ.“
    هن منهنجي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو.
    ”ڏک هجي يا سک، پنهنجا سنگي ساٿي هجن ته منهن ڏئي وجهبو آهي.“
    هوءَ رَئي جي پلاند سان وهندڙ لڙڪن کي اُگهڻ لڳي.
    مان حياتيءَ جو ڇيد ڪرڻ لڳس. پنهنجي من ۾، حياتي ريل گاڏي هئي. ڪهڙي ساعت ڀرپور رفتار سان هلندي هلي ۽ ڪنهن مهل ايئن جيئن ڪنهن اسٽيشن تي فيول ڀرڻ لاءِ رُڪجي ۽ لاچار وري هلڻ لڳي. پر شهناز وٽ ڪيڏو ته ڀوائتو روپ هو. حياتيءَ جا سارا خواب ۽ تمنائون کائنس کسجي ويا. ٿوري خوشي ۽ ڇت جي ئي ته کيس گهرج هئي. هوءَ هر حال ۾ خوش هئي، پر پوءِ به سندس دامن ۾ پيلا پوپٽ هئا ۽ مون وٽ پوپٽن جا ڪجهه رنگ. هن جي سُڏڪن تي مون کيس گلاس ۾ پاڻي ڀري ڏنو.
    ”آپا، زهر آڻي ڏينم ته کائي انت آڻيان ته منهنجي جند ئي ڇٽي پوي.“
    مون کيس آٿت ڏني، ڪوڙو دلاسو،
    ”سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ ”ڪجهه به نه ٺهندو آپا، مون کي ڄاڻ آهي.“
    منهنجي اندر ۾ چهنڊڙي پئجي وئي.
    ”تون ڪجهه ڪري سگهندينءَ مون لاءِ منهنجي سام جهليندينءَ آپا؟“
    هن سوال ڪيو. ”مان، مان...“
    مون پنهنجي هٿن سان پاڻ ڏي اشارو ڪيو. کيس ڪجهه به جواب نه ڏئي سگهيس، منهنجا لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. مون ڳيت ڏيندي چيو،
    ”شهناز، تون ڳالهه ته ڪر، ڪهڙي ويڌن ٿي آهي توسان؟“
    ”آپا منهنجو اصل نالو شهناز ناهي ۽ ذات به مٽائي اٿم خوف کان. هي شناختي ڪارڊ ڏسين ٿي نه، اهو به ڪوڙو آهي.“ هن ڪارڊ ڏيکاريندي چيو (سندس شناختي ڪارڊ مون کائنس گهريو هو، اهو پاڻ سان کڻي آئي هئي)
    ”پر منهنجيءَ ڪهاڻيءَ تي توکي يقين ڪرڻو ئي پوندو.“
    سندس سچائي سندس لهجي مان پڌري هئي،
    اُها دهشتناڪ رات اڄ تائين مون کان ناهي وسري. وسري به ڪيئن؟ منهنجي ڏير جو پٽ آڌيءَ رات تارن جي جهڪي روشنيءَ ۾ پاڻي وارڻ لاءِ نڪتو. جڏهن واپس وريو ته پاڻ سان گڏ تباهي ۽ بربادي به کڻي آيو، ڇا ڏسان ته ساران اجرڪ ۾ ويڙهيل هن جي ڀر ۾ بيٺل آهي. شفوءَ کيس ڪرائيءَ مان جهلي اڳتي ڪيو. ساران جي اکين ۾ خوف ڇپ هڻي ويٺو هو. سندس بت ۾ ڏڪڻي هئي ۽ چپن تي خشڪيءَ جا تهه ظاهر هيس. هنن سان گڏ ٻه همراهه پڻ هئا، جيڪي شفوءَ جا دوست هئا. هوءَ اسان جي ڳوٺ جي هئي، پر هن جو ڪٽنب قبيلو ڌار هو ۽ اسان ڌار، زمينون گڏ هيون. ريتون رسمون ساڳيون، هڪ ٻئي سان اچڻ وڃڻ، اگهائي سگهائيءَ ۾، بيماري بڙيءَ ۾، موتي فوتيءَ، ڪاڄ ۽ ونگار ۾ هڪ ٻئي سان گهرو تعلق هو. پر آپا، اسان جو هنن سان ناتو سالن کان نه پر صدين کان هيو. ٻنهي ڌرين جي وڏڙن جون هڏيون ان ڌرتيءَ ۾ ئي دفن ٿيل هيون، هي لڪاءُ ڏسي گهر ڀاتين کان دانهن نڪري وئي.
    ابا شفو! هي ڪهڙو قهر ڪيئي.
    منهنجيءَ سس ڏڪندڙ هٿن سان شفوءَ جي ڇاتيءَ کي ڪٽيندي دانهيو.
    ”اسان ٻنهين جي مرضي ۽ رضا شامل آهي. امان، مون هن کي ڀڄايو ته ناهي ۽ نه ئي ڪڌو ڪم ڪيو آهي.“
    امان، ڀاڄائي، شفوءَ ۽ هن مون طرف نهاريو. آپا هن جي اکين ۾ التجا هئي. جنهن پيار ۽ خاطريءَ جي کين گهرج هئي، تنهن جي ضمانت اسان کين نه پئي ڏني. تنهنڪري ئي سندس لهجو هيڻو ٿيندو پئي ويو، آزيون نيزاريون پر ڪجهه به نه وريو. مون ساران کي ٻانهن کان ورتو ۽ اندرئين ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويس ۽ ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.
    ”ساران هي تو ڇا ڪيو؟“
    ۽ هوءَ اچي سُڏڪن ۾ پيئي.
    سج اُڀرندي ئي اسان جي مٿان ته قيامت گذري ويندي هن جي ايئن هلي اچڻ تي مون کيس چنبا هڻي ڪڍيا. سندس ڪارا نيڻ ڇلڪي پيا، من جي آنڌ مانڌ هن جي چهري مان ظاهر هئي.
    مون ڪوبه اهڙو قدم ڪونه کنيو آهي ڀاڄائي،
    ”پر تو تي ڪير اعتبار ڪندو؟“
    هن جي سڏڪن ۽ لڙڪن مون کي ميڻ وانگر ڳاري وڌيو.
    ”تون، تون، منهنجي ماءُ وانگر آهين، ڀاڄائي. مان پاڻ تو وٽ لنگهي آئي آهيان، منهنجا مائٽ ته ڪڏهن به راضي نه ٿين ها، اهوئي منهنجو ڏوهه آهي.“
    پر ساران، توکي زندگيءَ جو دان ڪيئن ملندو چري! مان ڇا ڪريان، تنهنجي لاءِ سڀ در بند ٿي ويا آهن ۽ اِهي تو پاڻ بند ڪيا آهن. تنهنجي ايئن گهر ڇڏي اچڻ تي توکي ”ڀاڄوڪڙ“ سڏيندا ۽ ”ڪاري“، ڪري ماريندا. هنن وٽ تنهنجو ملهه ۽ قدر ”ڪني آڱر وڍي ڀلي جيترو آهي.“ پر ساران شفوءَ سان تنهنجو ناتو ڪيئن جڙيو؟“
    هن هٻڪندي چيو غازي شاهه جي درگاهه تي ڏيئو ٻارڻ ويندي هئس.
    هر جمع رات اُتي شفو به ايندو هو، پر مون کي ڄاڻ نه هئي ته هُو مون کي چوريءَ ڏسڻ ايندو هو. هڪ دفعو نماشام مهل ڏيئي ۾ تيل وجهي وٽ کي سولو ڪري دُعا گهري واپس ٿي ويس ته شفو سامهون بيٺو هو. هن جي اکين ۾ منهنجي تصوير هئي ۽ الائي ڇا هو، ڄڻ منهنجي پيرن ۾ سنگهر پئجي ويا. پنهنجي سهيليءَ جي جنجهوڙڻ تي سامت ۾ آيس ۽ پوءِ اُهو ناتو وڌيڪ مضبوط ٿيو، جڏهن سرمئي شامن ۾ هڪ ٻئي سان پريت پاڙڻ جا واعدا ۽ قسم کنيا، اُن شام اسان گڏجي غازي شاهه جي درگاهه تي ڏيئو روشن ڪيو ته گڏ جيئنداسين ۽ گڏ مرنداسين!“
    مان اِهو ٻڌي رهي نه سگهيس.
    ”شهناز هنن ٻنهي پيار جو ديپ جلائي اونداهين کي روشن ڪرڻ پئي چاهيو، شفو ۽ ساران ان اَڻ اظهاريل محبتن کي زبان ٿي ڏني.“
    اِهو چئي مان چپ ٿي ويس جو منهنجو اندر سُڏڪڻ لڳو. اسان وٽ محبتن جو انجام الميو ئي ته آهي، اُهو دلين ۾ هميشه لاءِ مٺو سور بنجي دکندو رهندو آهي.
    ”پر آپا شفو کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها. اهڙي پيار جو فائدو؟ جنهن جي انجام جي اڳواٽ ڄاڻ هجي. اُهو عشق ڪهڙو جيڪو گهرڀاتين لاءِ بربادي ۽ ڏک جو سبب بنجي.“
    هن جي لهجي ۾ نفرت ۽ ڌڪار ڀريل هو. شهناز کي ٿوري دير لاءِ مون چُپ ڪرائي ڇڏيو. پر هوءَ منهنجي من کي چپ نه ڪرائي سگهي. پريت بربادي جو ڪارڻ نه پر خوشين ۽ شادمانن جو سنيهو آهي. منهنجي اندر هر هر پئي ورجايو اسان نياڻين لاءِ ٻيا ٿي پوندا آهيون. سندس جنم تي اسان جا منهن لهي ويندا آهن، ڪنڌ جهڪي پوندا آهن. اندر جي گوڙ ۽ شور کي ڪن لاٽار ڪندي شهناز کي چيم.
    ”ته پوءِ ڇا ٿيو؟“
    شهناز ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته ”شفوءَ کي مون نپايو هو. سندس ماءُ ننڍپڻ ۾ ئي مري وئي هئي، منهنجي ڏير وري وهانءُ ڪونه ڪيو. اولاد ۾ ڄڻ هن جو ساهه هو.
    ڏاڏهيس ۽ مون کيس نپائي تاتي وڏڙو ڪيو. پنهنجي اولاد جيان ڄاتومانس، پر هو رکوالو ٿيڻ بجاءِ رهزن ۽ ڌاڙيل بنجي پيو. صلاح اِها ٿي ته شفو ۽ ساران کي گهر ۾ نه رکجي. اِهو ٻُڌي هن جي آيل دوستن پڻ اسان کي چيو ته شفو ۽ ساران کي ڪچي ۾ موڪلي ٿا ڏيون، جو اُتي اسان جا ڪي مائٽ رهن ٿا. رات پيٽ ۾ اُتي رسي ويندا. شفوءَ ۽ ساران جي موڪلاڻي، موڪلاڻي نه هئي، پر هميشه جي لاءِ جدائي ۽ وڇوڙو هئي. اسان سڀني پنهنجن سڏڪن کي اندر ۾ دفن ڪري ڇڏيو.
    گهر ڀاتين جي اِها صلاح ٿي ته ڳوٺ ڇڏجي. ٺاهه ٿيڻ جي صورت ۾ شهزاديءَ جو سڱ ڏيڻو پوندو ۽ راڄ اسان جو داڻو پاڻي بند ڪندو. پر ڀريل تريل گهر کي ۽ پنهنجي زمين جي ٽڪر کي ڪيئن ڇڏجي؟ منهنجي ور، شهزاديءَ جي پيءُ چيو ته مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏبو. صبح ٿيڻ تي ساران جي مائٽن ۽ وارثن زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو. سندن شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو، جڏهن ساران جي ننڍي لاڪون جي سرتي راڻيءَ کان پڇا ٿي. ڦاٽ ڦاٽي پيو، هو اسان جي گهر تي ڪاهي پيا. منهنجي مڙس عرس ۽ ڏير کي هڪل ڪري مٿن اُلر ڪئي. ڪهاڙين ۽ ڏنڊن سان، پر الائي ڪيئن آپا هڪ معجزو ٿيو پاڙي وارن جي وچ ۾ اچڻ ڪري جهيڙو ٽري ويو. معاملو وڃي راڄوڻيءَ تي بيٺو. اسان ڏوهدار هئاسين، راڄ ڌڻين فيصلي لاءِ ٽن ڏينهن جو وقت ڏنو. مون کي خبر هئي ته راڄ ۾ ڪهڙو فيصلو ٿيندو، هنن جي وات تي اِهائي وائي هئي ته ٻانهن واپس ٿئي يا سڱ ڀري ڏيو. ساران جي نڪاح جي کين خبر پئجي چڪي هئي، تنهن ڪري هو سڱ وٺڻ تي زور ڀري رهيا هئا. سندن نياپا اسان تائين پاڙي وارن ۽ مائٽن جي وسيلي پئي پهتا. سڱ ڏيڻ جي صورت ۾ هو منهنجي گلڙن جهڙي نياڻيءَ سان جيڪي ڪجهه ڪن ها، اُهو چڱي نموني مون کي سجهيو پئي. سو مون فيصلو ڪيو پنهنجو پاڻ سان ۽ پنهنجي گهر واري سان ڳالهه ڪيم. هن به جيئري پنهنجي ڌيءَ کي آڙاهه ۾ اُڇلائڻ نه پئي چاهيو، اسان کي ڌيءَ به هڪ ئي هئي ٻيا پٽڙا اٿم.
    آپا ڏهه نياڻيون به هجن ها ته ايئن نه ڪري سگهان ها. سڀئي اِهو ٻڌي هڪ ڳالهه تي بيٺا ته هي گهر، مال، زمين ۽ پنهنجو ويڙهو ڇڏجي. ٻيءَ صورت ۾ ڌيءَ ڏئي هميشه لاءِ عذاب سَهجي ۽ اسان کيس هميشه لاءِ جيئري ئي وساري ڇڏيون. اهو اسان لاءِ سولو نه هو، منهنجن آنڊن ۾ ڄڻ ڪنهن ڇُريون پئي هنيون. پوءِ هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ ڏڍ تي آڌيءَ رات ڀريو تريو گهر ڇڏيوسين.
    جنهن مهل گهر جو اڱڻ ٿي ڇڏيم، تڏهن ڪُنڍيءَ ۽ چال ورائي ورائي ٿي مون ڏانهن ڏٺو. ننڍڙن ڦرن کي ڏُهائيءَ مهل ڇڏيندي ئي ٿڻن ۾ کير لهڻ ۽ چونئري جو کير سان ڀرجي وڃڻ واري اِها ويل، منهنجي اکين آڏو پئي ڦري. ڦٽين جو چونڊو ۽ پلاندن جو ڀرجڻ مون کي ياد اچي رهيو هو. هاڻ ته جهوليءَ ۾ ڪجهه به نه هو، ابابيلن جا ولر ۽ ڪونجڙين جي قطار جو هڪ ٻئي پويان ڍنڍ ڪناري لهڻ ڏسي نه سگهندس. مينهن ڪڻين ۾ ڪچيءَ مٽيءَ جي سڳنڌ جو واس منهنجي روح مان ڪڏهن به نه ويندو. گهر جي ڀتين کي ڀاڪر پائي رُنس.
    هن ئي گهر جي اڱڻ تي لائون لڌيون هيم. آپا وڏن پڌرن ۾ ٻُڪين جي مهل کجڪا ۽ سانگ سڀ پوئتي رهجي ويا. ڇٺين تي ۽ ونواهن تي ڳيچ اڄ به ڄڻ ٻُڌان پئي. ”اکيون لاڏل جون ٻرن مشالا... ڪجل جوڙ بنايو“.
    هن جي اکين ۾ يادن جي مشعل ٻرڻ لڳي. سندس چپ چرڻ لڳا ۽
    ”لُڏي لُڏي ٿو انبن جي ٽارين ۾“ ”لڳو ونيءَ جو واءُ او راڻا توکي لڳو ونيءَ جو واءُ.“
    ڀائرن ۽ ڀائٽين کي دعائن جي ڇانو ۾، شل ويڙهو وسندو رهي، ڪوسو واءُ نه لڳئي. ”راڻا تون مان لک ٿيندا، راڻا تون مان راڄ ٿيندا.“ نه اُهي راڄ رهيا ۽ نه اُهي ميل ملاپ آپا، سڀ ڪک پن ٿي ويا. لِڪَ ڇپ ۾ ساهه مُٺ ۾ ڪري هڪ درگاهه تي اچي رهياسين. اُتي چلي جي بهاني ڪجهه ڏينهن ترسياسين، اُتي جي مُتوليءَ جون شڪي نگاهون ۽ پوءِ هرو ڀرو هن جون مهربانيون ککڻ لڳيون. لنگر گهر ته پهرئين ئي فقير اسان کي ڀَت جو ديڳڙو ڀري ڏئي وڃن. هر وقت اسان جي سار سنڀال، جي بهاني اسان جو واءُ سواءُ پئي ورتائون، هڪ ڏينهن متوليءَ کي اهو چيو ته چلو پورو ٿيو، هاڻ ڳوٺ واپسي آهي. اُتان جان ڇڏائي هڪ وستي جنهن کي خدا جي بستي ٿي سڏيائون اُتي هڪ ننڍي ڪوٺي مسواڙ تي وٺي رهياسين.
    در تي ڦاٽل ٻوري جو پردو ٽنگيل ۽ گرانٺ جيڏي پڌر تي مٽيءَ جي چلهه ٺهيل هئي، جنهن جي مٿان ڪو ڇپر نه هو. مڙوئي زندگيءَ جو سفر شروع ٿيو. منهنجي سس هن عمر ۾ اِهڙو صدمو برداشت نه ڪري سگهي. سو وڃي الله کي پرتي.
    ”نئين سر حياتي ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي آپا.“
    هِن مون ڏي لاچاري مان نهاريو.
    ”هي ته زوريءَ جو جيئڻ هو.“
    شهناز مون ڏي نهاريندي چيو.
    ”شروع ۾ منهنجو مڙس ۽ ڏير ڏهاڙيءَ تي مزدور ٿيا. شناختي ڪارڊ نه هجڻ ڪري ٺيڪيدار سندن مزدوريءَ مان ڏوڪڙ ڪٽڻ لڳو. کين ڪو هنر يا سکيا ته ڪانه هئي، جو هو ڪو ٻيو ڪم ڪري سگهن. سو مجبورن اُن تي صبر شڪر ڪري گذران ڪرڻ لڳاسين. نيٺ ٺيڪيدار جون زيادتيون وڌڻ لڳيون، کين اٻوجهه سمجهي هو من ماني ڪرڻ لڳو. ڄڻ بيگار ڪئمپ هئي ۽ ٺيڪيدار خرڪار، نيٺ اُتئون به ڇڏيائون. اِها حالت ڏسي، سون جا پنڙا ۽ چانديءَ جون ڪڙيون پنهنجي گهر واري کي ڏنم ته اِهي وڪڻي ڪجهه ڪري، سو ايئن پهرئين چانهه جو کوکو کوليائين، جيڪو هلڻ لڳو ۽ حياتيءَ جا ڏينهن جيئن تيئن گذرڻ لڳا. آهستي آهستي کوکو هڪ ڪچي پڪي ننڍڙي هوٽل ۾ تبديل ٿي ويو. اُتي هر قسم جا گراهڪ اچڻ لڳا، منهنجا پٽ ۽ سندن چاچو به ساڻس هٿ ونڊائڻ لڳا. اسان جي پيٽ جو بلو ته ٿيو، پر هر وقت اُلڪو هوندو هو ته هو اسان کي ڳولهي نه لهن. حياتي پُل صراط تي هئي. هڪ دفعي چانهه پيئڻ لاءِ ڀرپاسي جا ڪي ماڻهو آيا، جن اسان کي نه پئي سڃاتو، سو اڻڄاڻائيءَ ۾ ڳالهه ڪيائون ته شفو ۽ ساران جي ڳولا ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو اٿائون ۽ شفوءَ جي مائٽن ۽ سؤٽ جي ڪڍ پڻ آهن. خبر پئي اٿن ته اُهي ڪنهن شهر وڃي رهيا آهن. پاڻ ۾ احوال ڪندي چوڻ لڳا ته ڇوڪريءَ واري ڌر پيڇو نه ڇڏيندي. ٻئي همراهه چيو ته شفوءَ جي وڏن ويساهه گهاتي ڪئي آهي. پلاند وٺڻ هُنن جو حق آهي. راڄوڻيءَ تي راضي ٿي رات پيٽ ۾ ڀڄي ويا. هو نوس نوس ڪندا ٿا وتن،
    اِهڙين حالتن کي ڏسندي منهنجو گهر وارو اُها ننڍڙي هوٽل بند ڪري هڪ پٺاڻ وٽ وڃي بيٺو.
    اُها هڪ چڱي وڏي هوٽل هئي، روزگار جي ڳولا ۾ هر ڪو ٽڙي پکڙي ويو. هو اسان ماءُ ڌيءَ کي ڪوٺي ۾ بند ڪري تالو هڻي ويندا هئا. شام لڙيءَ موٽندا هئا، شهزادي منهنجي ڌيءَ چوندي هئي ته
    ”هت به باندياڻي آهيان. اُت به غلام ٿي ڏينهڙا گهاريان ها. امان، اجايو پنهنجو گهر، مال، زمين ڇڏي سين. مون هڪڙيءَ جي ڪري اوهان سڀني ڀوڳيو آهي.“ ايئن نه چئه ڌِيءَ! نيٺ چڱا ڏينهن ايندا.
    ”ان اڻتڻ ۾ سمجهيم ته شايد ڪي گهڙيون سُک جون منهنجي نصيب ۾ هجن. پر ايئن نه هو.“
    شهناز جي اکين مان هڪ ڀيرو وري لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. مون کي سونل ياد اچڻ لڳي. سهڻي، سون جهڙي، سونهري وارن واري، سندس سُونهن جي هر هنڌ هاڪ هئي، جا هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾. ستن ڀائرن سان گڏ رهندي هئي. هڪ ڏينهن هڪ راڪاس سندس اکيون سئيءَ سان سبي ڇڏيون ۽ وار ٿَنڀَ سان ٻڌي ڇڏيا. راڪاس سندس گوڏي تي سمهي رهيو. ڪم ڪار تان سانجهيءَ ويل موٽندي کيس ڀائرن سڏ ڪيو.
    ”ادي سونل، ادي سونل! در لاهه، ڏيئو ٻار.“
    سونل ڀائرن جو آواز سڃاڻي جواب ڏنو:
    ادا ڙي ادا، اکيون سُئيءَ سبيون،
    چوٽو ٿنڀ ٻڌو، راڪاس گوڏڙي سُتو.
    اِهو ٻڌي ماٺ ڪري ويا، پر نيٺ ڀائرن راڪاس کي ماري سونل کي قيد مان آجو ڪرايو. پوءِ هو سڀ گڏجي خوش ٿي رهڻ لڳا. پوءِ الائي ڇا ٿيو، جو راڪاس وري روايتن جي سُئيءَ سان سونل جون اکيون ٽوپي ڇڏيون. کيس قيد ڪري ڇڏيو، ڪڙا ۽ قيد هميشه لاءِ ٿيا.
    اُها صدا اونداهين جي پولار ۾ گم ٿي وئي ”در لاهه، ڏيئو ٻار.“ منهنجي ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو. شهناز سڏڪو ڀريو، هوءَ اکين مان وهندڙ ڳوڙهن ۽ نڪ کي رئي جي پلاند سان اُگهڻ لڳي. سامت ۾ اچڻ کان پوءِ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”شهزاديءَ جو پيءُ گهر ايندو هو ته پٺاڻ جو ذڪر ڪندو هو ۽ اُن جي ساراهه مان ڍاپندو ئي نه هو. هو ڏاڍو ڀلو آهي، مون کي ڪاروبار ۾ حصيدار بنائڻ چاهي ٿو. شهزاديءَ ماءُ! جڏهن مون کيس ٻڌايو ته مان زر زمين جو مالڪ آهيان، پنهنجو ڳوٺ تر آهي ته هو پهرين حيران ۽ پوءِ خوش ٿيو. چوڻ لڳو ته ”هم تمهاري ڳوٺ چلي گا، اس سي تمهارا فيصلا ڪرائي گا.“
    نيٺ هڪ ڏينهن ڦاٽ ڦاٽو، هن جا لڇڻ هاڻ ٻيا هئا. جنهن ڌيءَ ۾ ساهه هيس. اُها هن کي زهر لڳڻ لڳي.
    ”شهناز منهنجي مڃ ۽ ڳوٺ هلي پيش پئون ايئن ڪيستائين رهنداسين.“ هاڻ هو سڄڻ نه پر دشمن هو. اندر ئي اندر ڪا کِچڻي هئي، جيڪا رڌجي پئي. هن پنهنجي جند پئي ڇڏائڻ چاهي. نيٺ پٺاڻ جي طلاق يافته ڌيءَ فيروزه بيگم سان نڪاح ڪري ڇڏيائين. مان هن جي سڳي سؤٽ هيس، پٽن ماءُ هيس، آپا پرديس ۾ مون کي خوار خراب ڪيائين پيرين پئي مانس ته ٻيلي ايئن نه ڪر. هو مون کي هن زندان مان ڌڪي ڪڍڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو ۽ شهزاديءَ کي واپس ڳوٺ دشمن حوالي ڪرڻ لاءِ زور وجهڻ لڳو. جڏهن مون نه مڃيو ته هن مونکي طلاق ڏئي ڇڏي. مٿس منهنجين دانهن به اثر نه ڪيو. مان جيئري مري ويندس، جوان ڌيءَ کي وٺي ڪاڏي ويندس، تون منهنجو وارث آهين، مون کي ڀرپاسي ۾ رهڻ ڏي، پٽڙا ڪجهه ساهه پٽين، پنهنجي پر ڪو روزگار ڪري سگهن، تيستائين مون کي هتي ئي رهڻ ڏي. الائي ڪيئن کيس خيال آيو، هن اسان کي گهران نه ڪڍيو ۽ فيروزه بيگم کي ڀر ۾ ٻيو گهر وٺي ڏنائين.
    وڏو ڏير هيروئيني بنجي ويو، سڄو سڄو ڏينهن ستو پيو هوندو هو. سڄي ڪمائي فيروزه بيگم تي خرچ ٿيڻ لڳي، پٽ به پيءُ جا ٿيا. آپا ڀيڻ ۽ ماءُ کي بار سمجهڻ لڳا، فيروزه بيگم ۾ الائي ڪهڙو جادو هو، اسان جا ٻه ويلا مٿن ڀاري ٿيا، مان ته پنهنجو ڀريو تريو گهر ڇڏي آئي هيس. هوءَ منهنجا پٽ به هٿ ڪري وئي، هوءَ وڻ ويڙهي هئي، بنا پاڙ جي. پر هاڻي مان بي پاڙي هيس، منهنجي پيرن هيٺان ڪجهه به نه هو، ڌرتي ٽامو هئي منهنجي لاءِ.
    هو ڪڏهن ڪڏهن ڌيءُ جي خبر چار وٺڻ لاءِ ايندو هو. هڪ دفعو ننڍي پٽ کي فيروزه بيگم ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو، جو منهنجي پٽ دلدار کيس جهليو ته امڙ ۽ ڀيڻ کي بي گناهه ڇو پئي گهٽ وڌ ڳالهائين، پوءِ پيءُ جي بي واجبي ڏسي دلدار مون کي ۽ ڀيڻ کي هتان ڪڍي، ڄامشوري ڦاٽڪ تي اچي رهايو. دلدار جي ڏهاڙي ڪڏهن لڳندي هئي ڪڏهن نه، ايئن مجبوري کان ٻاهر نڪتس ته اوهان وٽ مون کي ڪم مليو. مان ڏاڍي خوش هيس ته هاڻي ڪجهه ساهه پٽيندس. پر آپا گهر جي پاسي ۾ ڪن شڪي ماڻهن جي چرپر مون کي ڏڪائي وڌو آهي. شهزاديءَ کي ڪوٺيءَ ۾ واڙي تالو ڏئي اوهان ڏي ايندي هيس، پر هاڻي ايئن نه ٿي ڪري سگهان. منهنجي ڌيءَ تازي هوا لاءِ سِڪي مُئي آهي. سندس زرد رنگ، ڪارا حلقا نشان هن جي چهري تان مٽجن ئي نٿا، هوءَ بيمار رهڻ لڳي آهي آپا، مان ڪنهن به قيمت تي هن کي هٿن مان وڃائڻ نٿي چاهيان، ان ڪري هيءَ وسندي ڇڏي پري وڃان ٿي، حياتي رهي ته ٻيهر ملنداسين، چيو اکيو معاف ڪجانءِ آپا!“
    اندرئين دروازي کُلڻ تي مون مٿي نهاريو هوءَ چانهه کڻي آئي آهي. چانهه جو ڪوپ مون کي ڏنو اٿس. سندس لڙڪ خشڪ ٿي چڪا آهن. لڳي ٿو ته هوءَ گهڻو رُني آهي. هن جي لاءِ مان ڪجهه نه ڪري سگهيس. پڇتاءُ جو احساس وڪوڙي ويو اٿم. هوءَ سمجهي وئي آهي، پر ڪجهه چئي نٿي. هوءَ عورت کي سمجهي ٿي، ان جي حيثيت کي ڄاڻي ٿي. هوءَ موڪلائڻ لڳي آهي. هن هٿ ڏيڻ لاءِ هٿ وڌايو آهي، هاڻي هن جو هٿ منهنجي هٿ ۾ آهي. ايئن ٿو لڳيم ڄڻ مان پُتلي آهيان. منهنجا هٿ ڪاٺ جا آهن. هٿ جي آڱرين کي چهري ڏانهن ڪري. جانچڻ لڳي آهيان. اُتي ته هڪ پتلي جو چهرو آهي. هوءَ ڪجهه به نٿي ڏسي سگهي. اکيون سُئيءَ سان ٽوپيل اَٿس. هوءَ هٿ ڇڏائي ٿي ۽ گيٽ طرف مُڙي ٿي.
    مان گهٻراهٽ ۾ اکيون کوليان ٿي. هن کي روڪي نٿي سگهان، هوءَ گيٽ کولي ٻاهر نڪري وئي آهي. مون پنهنجيون اکيون پوري ڇڏيون آهن. ڪاري رات لهي آئي آهي. ڪوبه روشن تارو ناهي. تارا پٿر بڻجي وسڻ لڳا آهن. شهناز ۽ شهزادي پورجڻ لڳيون آهن. سنگسار ٿيڻ لڳيون آهن. مان اهو ڏسي نٿي سگهان. وري اکيون پوري ڇڏيون اٿم، سانت آهي، ڪوبه آواز ناهي، ڪابه صدا ناهي، اها صدا ”در لاهه، ڏيئو ٻار“ الائي ڪاڏي گم ٿي وئي آهي. سج لهڻ ۾ دير آهي. سهاندڙي جي اڇڙين مکڙين جا منهن اڌ کليل آهن. بربلين ڀيرا ڏئي رس چوسي مکڙين کي نستو ڪري وڌو آهي. هوا جي نرم جهونڪن سان ٽارين جا ساوا پن هڪ ٻئي پويان ڪرندا ٿي ويا. توت جي نازڪ ٽارين تي ڪرڻا ترڪندا ٿي ويا. ٻڇڙن وات ڦاڙي بلبل ڏي پئي نهاريو. هي سرنهن جي پيلن ۽ ڳاڙهن گلابن سان ڀونر جا سرٻاٽ، هن منظر کي پنهنجين اکين ۾ بند ڪري، قيد ڪرڻ چاهيان ٿي. پر سج لهڻ تي آهي، سارو منڊل شفق جي لالاڻ ۾ ريٽجي زخمي ٿي سُڏڪڻ لڳو آهي. اوندهه جو سمنڊ اڳتي وڌي رهيو آهي. رات لهي آئي آهي. ڪاري ٻاٽ. پٿر وسڻ لڳا آهن. مون پنهنجو چهرو ٻانهن جي گهيري ۾ لڪائي ڇڏيو آهي.

    (تهمينه مفتي جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪٿا اُپ ڪٿا“ تان ورتل)
    


    لڙاٽيل شام : - شبنم گل

    ٽيرس کان هيٺ ڏٺم ته ملوڪ، فروٽ واري کان انگور پئي ورتا. اوچتو انگورن تي هڪ سهڻو من موهڻو پوپٽ اچي ويٺو، جنهن کي ملوڪ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوپٽ پنهنجا سهڻا پر پکيڙي فضائن ۾ مٿي اڏرڻ لڳو. ملوڪ انگور ڦٽي ڪري پوپٽ پويان ڊوڙڻ لڳو. فروٽ واري کيس ڪيترائي سڏ ڪيا پر ملوڪ پوپٽ پٺيان ڊوڙندي گهڻو پري نڪري ويو.
    رنگ برنگي پوپٽ هجن يا لغڙ، ملوڪ جي ڪمزوري آهن. مين روڊ جي ڀرسان بنگلن جي قطار آهي، جنهن جي پٺيان ملوڪ جو ننڍڙو گهر آهي. هو اٺن سالن جو معصوم ٻار آهي. جنهن جون ڳالهيون پنهنجي عمر کان گهڻيون وڏيون آهن. ڏک سدائين انسان کي پنهنجي عمر کان اڳتي ڌڪي ڇڏيندا آهن. ملوڪ به زندگيءَ جو وڏو ڏک ڀوڳي رهيو آهي.
    غربت جو ڏک.....
    بي بسي ۽ بک جو ڏک......
    ڪيترين خواهشن جي اڻپوري رهجي وڃڻ جو ڏک، جنهن ۾ تعليم حاصل ڪري نه سگهڻ جو ڏک به شامل آهي.
    سندس وڏي ڀيڻ لالي اسان جي گهر جو ڪم ڪندي آهي. هو لالي سان گڏ اڪثر اسان جي گهر ايندو آهي. سندس چهري تي سنجيدگي ۽ مظلوميت جي ڇاپ منهنجو ڌيان هن ڏانهن ڇڪائي ورتو.
    شايد ان ڪري به، ته هو پنهنجي عمر جي ٻارن کان گهڻو مختلف آهي. هڪ ڏينهن لالي بيمار هئي، هو ان جي جاءِ تي ڪم ڪرڻ آيو.
    ”تون ڪم ڪندين؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”جڏهن به لالي بيمار ٿيندي آهي ته مان ان جي بدلي گهرن ۾ ڪم ڪرڻ ويندو آهيان.“
    ايئن چئي هن ڪچن ۾ پيل ٿانوَ مهارت سان ڌوئي چمڪائي رکيا. ڪچن کي ٻهاري ڏئي صاف ڪري هو وڃڻ لڳو ته مون کيس سڏ ڪيو.
    ”ملوڪ! ڇا توکي پڙهڻ جو شوق نه آهي.“
    ”شوق سان ڇا ٿو ٿئي.“ هن مايوسيءَ ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”ڇو گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ڏس جيڪڏهن شوق نه هجي ته ماڻهو علم ڪيئن حاصل ڪري، اڳتي ڪيئن وڌي.“
    ”مون کي پڙهڻ جو شوق آهي پر ڪتاب به ڏاڍا مهانگا آهن. اسڪول جي في ڪير ڀريندو. ۽ ها، جي مان اسڪول ويس ته ڪم ڪير ڪندو. گهر جو خرچ ڪيئن هلندو.“
    ”مان توکي ڪتاب وٺي ڏيندس. تنهنجي اسڪول جي في ڏيندس. پوءِ ته پڙهندين نه.“
    ”سچ!!“ ملوڪ جي اکين ۾ خوشيءَ جا پوپٽ رقص ڪرڻ لڳا.
    ”پر امان ته ڌڙڪا ڏيندي. نه نه.... مان اسڪول نه ويندس......“
    ”مان ماسي ساران سان پاڻ ڳالهائيندس.“
    ”ٺيڪ آهي.“ ملوڪ خوشيءَ مان چيو. ۽ ٽپا ڏيندو دروازي کان نڪري ٻاهر هليو ويو.
    ٻئي ڏينهن مان ساران جي گهر ويس. مون کي ڏسي هوءَ اٿي بيٺي.
    ”ائي امان تون هتي ڪيئن!“ هوءَ مون کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي حيران ٿي وئي.
    ”ٻڌو هيم توهان جي طبيعت ٺيڪ نه آهي. انڪري سوچيم پڇي اچان.“ مان سندس ڀر ۾ پيل کٽ تي ويهندي چيو.
    ساران جو مٿو رئي سان ٻڌل هو. هوءَ ٽِڪ تي گج ٺاهي رهي هئي.
    ”ماسي هي ڪنهن جو گج آهي؟“
    ”بازار مان آرڊر مليو اٿم.“
    ”هن گج جا ڪيترا وٺندي آهين.“
    ”ويهه رپيا.“
    ”ويهه روپيا!!!“ مون حيرت مان رڙ ڪئي.
    ساڳيو گج مون بازار ۾ ڏيڍ سئو ۾ کپندي ڏٺو هو.
    ”اها ته ناانصافي آهي. ماسي توکي ايترو سستو گج نه ٺاهڻ گهرجي.“
    ”امڙ! اهو ئي ته ڪم اٿم جنهن تي گذر سفر هلي پيو، نه ته جيڪر بک مري وڃون. لالي به اچي جوان ٿي آهي. پراون گهرن ۾ موڪليندي شرم ٿو اچيم. سندس شاديءَ جو فڪر الڳ اٿم. پوءِ ڀرت جو جيڪو به ٿورو گهڻو ملي ٿو ڪم اچي ٿو وڃي.“
    اسان وٽ پورهئي جو ڪوبه مانُ نه آهي. ساران جي ڳالهه ٻڌي دل جي گهراين سان افسوس ٿيڻ لڳو. اهو رڳو ساران جو مسئلو نه بلڪه پوري سنڌ جي ڀرت ڀريندڙ غريب پورهيت عورتن جو مسئلو آهي، جن کان سستي اگهن تي رليون، گج، چادرون ۽ ٻيو ڀرت جو سامان ٺهرائي، ان ساڳئي سامان کي شهرن ۾ مهانگي اگهن تي وڪرو ڪيو ويندو آهي. ۽ کين پورهئي جو ايترو حصو به نه ملندو آهي جو هو پنهنجو گذر سفر آسانيءَ سان ڪري سگهن. گجن ۾ هر شيشي سان خبر نه آهي ڪيترا لڙڪ ٽاڪيل هوندا آهن. هر ڌاڳي سان خبر نه آهي، ڪيتريون محروميون اڻيون وينديون آهن، پر پوءِ به ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي، جيڪو ان ناانصافيءَ تي آواز اُٿاري سگهي. هر ماڻهوءَ کي رڳو پنهنجا حق ياد رهندا آهن. هو اِهو وساري ڇڏيندا آهن ته ان تي ڪي فرض به آهن. جتي فرض جي ادائيگي جو پورو خيال رکيو وڃي اُتي ڪڏهن به حق تلفي نه ٿي ٿي سگهي.
    ان کانپوءِ ساران مون کي پنهنجا ٺاهيل گج ڏيکارڻ لڳي. ۽ مان سنڌ جي ثقافت جي حسين رنگن ۾ ڪٿي وڃائجي ويس.
    دنيا ۾ خبر نه آهي ڪيترا خطا، ڪيترا ملڪ هوندا، ڪيترا ماڻهو، ڪيتريون تهذيبون هونديون، پر يقين اٿم ته سنڌ جهڙو خلوص جي خوشبوءَ سان مهڪندڙ حسين خطو ڪٿي به نه هوندو، جتي جڏهن ساريون پچنديون آهن ۽ سونهري سنگ لهرائيندا آهن ته ٻنين جي پاسي ۾ رهندڙ پورهيتن جي اکين ۾ خوابن جون پريون رقص ڪنديون آهن ۽ سندن چهرا محنت جي عظمت سان پُرنور هوندا آهن.
    پوءِ اهڙي خطي کي ڇو نه ساهه ۾ سانڍي رکجي، سنڌ جي ثقافت جو مان رکندڙ هٿن جي ڇو نه حفاظت ڪجي.
    جتي فضائن ۾ چاهتن جا چنگ ڇڙن، جتي جي هوائن ۾ بانسريءَ ۽ الغوزي جا آلاپ هجن، ان زمين جا وارث، فنڪار، راڳي، شاعر ۽ پورهيت ڇو بي بسيءَ جي ڀٽن ۾ لاوارث ٿي ڀٽڪندا رهن. جتي سون جهڙا سويرا ۽ چانديءَ جهڙيون راتيون هجن، اُتي خواب ڏسڻ تي ڇو پهرا هجن، ۽ ڇو ساڀيائون بي يقينيءَ جي رڃ ۾ رستو ڀلجن!
    ساران جو ڏيکاريل هر گج انتهائي وڻندڙ ۽ خوبصورت هو، پر سندس محنت جو اجورو تمام گهٽ هو، تقريباً نه هئڻ جي برابر. پر هوءَ گهٽ قيمت تي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور هئي. سندس مڙس بيمار هو. ٺيڪ ٿيڻ جي صورت ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن مزدوري تي ويندو هو. ۽ بيماريءَ جي صورت ۾ ساران جي سڄي ڪمائي سندس دوائن تي کڄي ويندي هئي. ان ڪري مجبور ٿي هن لالي ۽ ملوڪ کي ڪم تي لڳائي ڇڏيو هو.
    ”ملوڪ ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو.
    ساران ملوڪ کي سڏڻ لڳي. ٿوري دير کانپوءِ ملوڪ گهٽيءَ مان ظاهر ٿيو، سندس هٿ ۾ لغڙ هو.
    ”اڄ بيماريءَ جو بهانو ڪري ملوڪ ڪم تي نه ويو، جيڪڏهن وس پڄيس ته سڄو ڏينهن پيو نچي ڪڏي، ٽوٽي ڪٿان جو.“
    ”ويچارو ٻار.“ مون ملوڪ کي همدرديءَ سان ڏٺو، جنهن وٽ کيڏڻ ۽ خوش ٿيڻ جو ٽائيم ڪيترو گهٽ هو. جنهن کي هو ڪو بهانو ڪري حاصل ڪندو هو.
    ”وري مٿان نئين مصيبت، پٽ جا انگل ته ڏسو، هاڻ چئي ٿو پڙهندس.“ ساران ملوڪ کي گهوري چيو.
    ”پڙهڻ لاءِ مون ملوڪ کي چيو آهي.“ مون وضاحت ڪئي.
    ”پڙهائيءَ جو خرچ ڪٿان ايندو.“
    ”سڀ ڪجهه ٿي ويندو. توهان ڪوبه فڪر نه ڪيو. ماڻ پاڻ ملوڪ کي پڙهائيندس.“
    ايئن ملوڪ نه صرف اسڪول ۾ داخلا ورتي پر مون وٽ به پڙهڻ لاءِ اچڻ لڳو. سندس چهري تي هاڻ مظلوميت بدران ذهانت جي روشني چمڪڻ لڳي، پهرين ۽ ٻي ڪلاس ۾ هن سٺا نمبر کنيا. هاڻ هو ٽئين ۾ پڙهي رهيو آهي. هڪ ڏينهن آيو ته منجهيل هو، مٿي تي ڌڪ جا نشان هيس.
    ”ڇا ٿيو ملوڪ ڪنهن سان وڙهيو آهين ڇا!“
    ”ڀائو ماريو آهي.“ هن معصوميت سان چيو.
    ملوڪ جو وڏو ڀاءُ شانو سڄو ڏينهن آواره ڇوڪرن سان رلندو وتندو آهي. هو گهر تمام گهٽ ايندو آهي.
    ”ڇو ماريو اٿس!“
    ”سچ ڳالهايو هيم.“ وري ٿوري دير رکي وري هو سوال ڪري ٿو. ”ڇا سچ نه ڳالهائڻ گهرجي!“
    ”هاها، هميشه سچ ڳالهائڻ گهرجي.“ مون سندس حوصله افزائي ڪئي.
    ”سچ ڳالهائڻ وارن کي مار ڇو ملندي آهي!“
    ”اهو دنيا جو دستور آهي. ملوڪ جي سوال مون کي منجهائي وڌو.“
    ”ڀلي مون کي مار ملي پر مان سدائين سچ ڳالهائيندس، ڪتاب جي سبق ۾ ته اهوئي لکيل آهي.“
    جيڪي ڳالهيون ڪتابن ۾ لکيل هونديون آهن، اسان انهن تي عمل نه ڪندا آهيون.“
    ”ڇا ڪتابن ۾ لکيل ڳالهيون ڪوڙيون هونديون آهن.“
    ”نه، ڪتابن کان ٻاهر رهندڙ ماڻهو ڪوڙا هوندا آهن.“ منهنجي ڳالهه ٻڌي هو منجهي پيو.
    ”ته پوءِ اُهي ڪتاب ۾ لکيل ڳالهين تي عمل ڇو نه ڪندا آهن.“
    جيڪڏهن هو ايئن ڪن ته سندن سڄي شان شوڪت ختم ٿي ويندي ۽ هو ضمير جي سچ اڳيان شرمسار ٿي مري ويندا.“
    ”ڪوڙن ماڻهن کي مري وڃڻ گهرجي.“ ملوڪ ضدي لهجي ۾ چيو.
    ”چڱو ڀلا تون اهو ٻڌاءِ، تو ڇا تان مار کاڌي.“
    ”شانو امان جا پئسا چورايا هئا. مون امان کي ٻڌايو ته گهر ۾ وڏو جهيڙو ٿيو. امان شانو کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو.“
    ”مون کي لڳي ٿو مون غلط ڪيو. نه مان سچ ڳالهايان ها، نه شانو گهر مان نڪري ها.“
    ”شانو موٽي ايندو.“
    ”نه، هاڻ شانو ڪونه ايندو.“
    ”چڱو هاڻ تون پڙهائي شروع ڪر.“ مون ڪتاب کولي ملوڪ جي اڳيان رکيا ۽ هو اداسيءَ جي ڪيفيت ۾ پڙهڻ لڳو.
    ملوڪ جون اکيون ڪتاب ۾ ۽ ذهن ڪنهن ٻئي هنڌ ڀٽڪي رهيو هو. هن ٿوري دير جي خاموشي کانپوءِ پڇيو.
    ”ڇا غريبن جو سڀ مائون مار کائينديون آهن!“
    مون ڇرڪي کيس ڏٺو. هن جا سوال سدائين ڇرڪائيندڙ هوندا هئا.
    ”تون اهو ڇو ٿو پڇين.“
    ”ڪلهه امان وري بابا جي هٿان مار کاڌي.“ ملوڪ مايوس لهجي ۾ چيو ۽ پنهنجي سوال کي ٻيهر دهرايو.
    ”عورت هميشه مار کائيندي آهي. پوءِ چاهي اها امير هجي يا غريب.“
    منهنجي جواب تي هو مطمئن نه ٿيو.
    ”سامهون جيڪو بنگلو آهي ان ۾ جيڪا مائي رهي ٿي اها ته مار نه کائيندي آهي.“
    ”پوءِ به هوءَ پنهنجي زندگيءَ کان خوش نه آهي.“
    ”هن وٽ ايتري دولت آهي ته پوءِ به خوش نه آهي؟“
    ملوڪ کي حيرت ٿي.
    ”هن مقدر جي هٿان مار کاڌي آهي؟“
    ”مقدر ماڻهوءَ کي ڪيئن ماريندو آهي!“
    ”اها ڳالهه تون نه سمجهي سگهندين.“
    ”پر هن جي جسم تي ڌڪن جا نشان ته نه آهن.“
    ”مقدر جي مار کائيندڙ ماڻهن جي رڳو روح تي زخم هوندا آهن.“
    مون کي لڳو ڄڻ ملوڪ منهنجي ڳالهه کي سمجهي ورتو هو. هونئن به مقدر جا ڌڪ کائيندڙ ٻار پنهنجي عمر کان اڳ وڏا ٿي ويندا آهن هوبه سمجهه جي ان تڪليف ڏيندڙ عمل کان گذري رهيو هو.
    ڪيترا ڏينهن گذري ويا ملوڪ نه آيو. مان سندس گهر ويس ته ملوڪ گهر ۾ نه هو. ساران کٽ تي ستي پئي هئي. هوءَ بخار ۾ تپي رهي هئي.
    مون کي ڏسي کٽ تان اُٿڻ لڳي پر مون کيس ليٽائي ڇڏيو ۽ سندس ڀر ۾ ويهي رهيس.
    ملوڪ ڇو پڙهڻ لاءِ نه ٿو اچي!“
    ”الاءِ امڙ ڇا ٿيو اٿس. چپ چاپ ويٺو الاءِ ڇا سوچيندو رهندو آهي.“
    ”هن گهر جي حالتن جو گهڻو اثر ورتو آهي.“
    ”جڏهن کان ملوڪ جي پيءَ مون سان جهيڙو ڪيو آهي. تڏهن کان ملوڪ چپ ٿي ويو آهي.“ هاڻ مون کي ملوڪ جو مسئلو سمجهه ۾ اچڻ لڳو.
    توهان ۾ جهيڙو ڪنهن ڳالهه تي ٿيو.
    ”هو چاهي ٿو ملوڪ پڙهڻ بدران ڪو ڪم ڌنڌو وڃي ڪري.“
    مون کي ملوڪ جو مستقبل اونڌاهو نظر اچڻ لڳو.
    ”ڇا توهان جي مڙس جو توهان سان شروع کان اهڙو رويو هو.“
    منهنجي سوال تي ساران چپ ٿي وئي. ايئن محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ ماضيءَ جا وڃايل پيرا ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي.
    ”جڏهن کان اسان جي شادي ٿي آهي. مون کي ياد نه ٿو اچي ته هن ڪڏهن منهنجا ڏک سور ونڊيا هجن. ڪڏهن منهنجا حال پڇيا هجن. صبح جو گهر مان نڪرندو هو ته شام جو موٽندو هو. باقي وقت پيو سهائيندو هو ته توهان جي ڪري ٿو ايترا ڌڪا کانوان، بس ڏکيو سکيو وقت گذري ويو.“
    مان سوچڻ لڳس. شادي زندگيءَ جو هڪ اهو سفر آهي، جنهن جو مطلب هڪ سٺي گهر، هڪ اهم اداري جو بنياد آهي پر اهو طبقو جيڪو زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي، ان لاءِ شادي محض دنياداري نڀائڻ جو نالو آهي. جنهن ۾ رشتا هڪٻئي لاءِ بوجهه بڻجي ويندا آهن. عورت ته رڳو محبت ۽ توجهه جي طالب هوندي آهي. خلوص جي چند ٻولن جي عيوض زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. پر جن گهرن ۾ توجهه کان محروم ساران جهڙيون بي بس عورتون رهنديون هجن اهي گهر تاريڪ ۽ ويران قبرن جو ڏيک ڏيندا آهن. هوءَ ڊگهي عرصي کان بيمار هئي ۽ گهر ۾ اُڇلايل ڪنهن فالتو شيءِ وانگر پئي هئي، مڙس اها زحمت گوارا نه ٿي ڪئي ته کيس ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاري.
    ”مان توهان کي سڀاڻي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويندس.“
    ”اجائي تڪليف ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو، باقي گهڻا ڏينهن بچيا هوندا زندگيءَ جا! ٻه يا ٽي، اُهي به گذري ويندا.“ هوءَ تمام گهڻي مايوس هئي.
    ”لالي، ملوڪ ۽ شانو کي توهان جي ضرورت آهي.“
    ”شانو....!!“ ساران جي اکين ۾ اونداهي لهي آئي.
    ”غريبيءَ ۾ شل نه ڪنهن جو مقدر ڦٽل هجي. جي شانو سڌريل هجي ها، ته نه لالي پراون درن تي ڌڪا کائي ها ۽ نه ئي ملوڪ جي پڙهڻ تي روز گهر ۾ جهيڙا ٿين ها.“
    ”ملوڪ کي مون وٽ پڙهڻ لاءِ ضرور موڪلجو، مان شام جو انتظار ڪندس.“
    هڪ شام ڇا ڪيتريون شامون گذري ويون پر ملوڪ نه آيو. هڪ ڏينهن آيو ته سندس منهن لٿل هو ۽ هٿن ۾ ڪتاب هئا.
    ”ماسي ساران ڪيئن آهي؟“
    ”ٺيڪ آهي. پر اڃان ڪم ڪرڻ جهڙي نه آهي. لالي جي وڃڻ کانپوءِ امان جو ڪم مان ڪندو هيس انڪري ايترا ڏينهن نه اچي سگهيس....“
    ملوڪ جي چهري تي عجيب ڪيفيت هئي، مون کي ايئن محسوس ٿيو، هو هڪدم تمام وڏو ٿي ويو هجي. ايترو وڏو جو هن تي روح جي زخمن جو مفهوم واضح ٿي ويو هجي.
    ”هي توهان جا ڪتاب موٽائي ڏيڻ آيو آهيان. اڳتي مان نه پڙهندس.“
    ”ملوڪ....!!!“ مون حيرت مان رڙ ڪئي.
    ”مان نه ٿو چاهيان ته منهنجي ماءُ روز منهنجي ڪري مار کائي، روز منهنجي پيءَ جون گاريون ٻڌي.“
    ”ملوڪ! تون هڪ ذهين ڇوڪرو آهين توکي علم حاصل ڪرڻ گهرجي.“
    ”امان بيمار رهڻ ڪري ڀرت ڇڏي ڏنو آهي. منهنجو پيءُ بيماريءَ جو بهانو ڪري گهر ۾ پيو آهي. هو چوي ٿو ته مان ڪنهن ڌنڌي تي لڳي وڃان، هو هڪ ڪارخاني ۾ مون لاءِ ڳالهائي آيو آهي. مون کي صبح کان شام تائين اُتي ڪم ڪرڻو پوندو.“
    سندس ڳالهه ٻڌي مون کي يونيسيف جي رپورٽ ياد اچي وئي ته دنيا ۾ ڏهه ڪروڙ ٻار مزدوري ڪن ٿا. هر پنجاهه ٻارن ۾ هڪ ٻار مزدوري ڪري ٿو، خاص ڪري ٽِين دنيا جي ملڪن ۾ مزدوري ڪندڙ ٻارن جو تعداد وڌيڪ آهي. اڄ جو ٻار زندگيءَ جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هو ننڍپڻ جي فطري معصوميت کان پري ڪيو ويو آهي. زندگيءَ جي بوجهه کانئس ننڍپڻ جون مرڪون کسي ورتيون آهن.
    ”تون چاهين ته پڙهائي جاري رکي سگهين ٿو.“
    ”ڪارخاني ۾ مون کي پڙهڻ لاءِ ٽائيم نه ملندو.“
    ”ملوڪ! دنيا ۾ ڪابه ڳالهه مشڪل نه آهي.“
    ”دنيا ۾ جيئڻ تمام مشڪل آهي.“ ملوڪ تلخيءَ سان چيو. مان ڇرڪي کيس ڏسڻ لڳس. هن چيو.
    ”ها مان سچ ٿو چوان. مان هاڻ ٻار نه آهيان، جو ڳالهيون نه سمجهي سگهان. اسان غريبن لاءِ ماني اهم آهي نه ڪي تعليم. ماني کانسواءِ انسان جيئرو رهي نه ٿو سگهي. مون کي لالي جي شادي ڪرائڻي آهي. مان امان جو علاج ڪرائيندس. مان مزدوري ڪندس، سخت محنت ڪندس.“
    مون کي ملوڪ جي ڳالهه ٻڌي سخت افسوس ٿيو.
    ”ڇا توهان مون کان ناراض آهيو؟“
    ”نه“
    ”ڇا مزدوري ڪرڻ عيب آهي؟“
    ”نه“
    ”ڇا علم کانسواءِ انسان، سٺو انسان نه ٿو بڻجي سگهي؟“
    ”عقل ۽ ساڃهه علم جي محتاج نه هوندي آهي.“
    منهنجي ڳالهه ٻڌي ملوڪ جي اکين ۾ خوشيءَ جا پوپٽ رقص ڪرڻ لڳا.
    ”ڇا مان سٺو انسان بڻجي سگهان ٿو.“
    ”تون هڪ سٺو ڇوڪرو آهين. ڇو ته تو پنهنجي ذميداري محسوس ڪري ورتي آهي. علم رڳو ڊگرين جو نالو نه آهي. علم، انسان جي وسيع ڄاڻ ۽ بهترين ورتاءُ جو نالو آهي، ڪي ماڻهو اعليٰ تعليم حاصل ڪري به بي عمل هوندا آهن، پر تون ته هڪ بهترين عمل سان زندگي ڏانهن اڳتي وک وڌائي رهيو آهين.“
    خبر نه آهي. منهنجي ڳالهه ٻڌي ملوڪ کي خوشي ٿي يا نه، پر سندس اکين ۾ گهري اداسي هئي. لڙاٽيل شام جهڙي اداسي. هن پوپٽن پٺيان ڊوڙڻ ڇڏي ڏنو هو. ڇو ته سندس هٿن زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جو پلئه جهلي ورتو هو.

    (شبنم گل جي ڪهاڻين جي مجموعي ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو،“ تان ورتل)
    


    ماروي ۽ مان : - ميمڻ روشن تبسم

    تو ته سَتُر جي سوڀ ماڻي ملير جو پاڻ مهندار بنائي سنڌ جي ستي ۽ سونهن سوڀيا جو اُهڃاڻ بنجي پاڻ مڃائي ڇڏيو. ڀينر توکي عمر عياري ۽ ويساهه گهاتيءَ سان ڏوٿين ڏاڏاڻن کان ڏور ڏيساور ڀيڙو ڪيو. پر اي عصمت جي راڻي! خبر اٿئي تنهنجي دور جي عمر کي اڃا تائين ڪمزور، هوس پرست ۽ عشق جو انڌو سڏيو وڃي ٿو.
    جيڏل! جيڪڏهن جيئري هجين ها ته هينئر جيڪي هاڃا ٿين پيا ته جيڪر پل پل پاند پسائي پروردگار کان موت جي منٿ ڪرين ها. هينئر هر مرد عمر آهي، هر عورت مارئي جيان ليلائي پنهنجي عزت جي پناهه ٿي گهري. پر اڄ جو عمر انسان هوندي به جانورن جيان مارئي کي مسمار ڪريو ڇڏي. اڄ جي عمر جي ظلمن تي مارئيءَ جي اک آلي آهي. تو ڏيهه کي ساري ساهه ڏيڻ تي مڙهه ملير ۾ دفن ڪرائڻ جي التجا ڪئي هئي. پر ادي اڄ جي مارئيءَ جو ديس به پنهنجو ديس ڪونهي، ڌارين جي ڌرتي ٿيندي وڃي.جيئري سنڌ بدر ڪرڻ جا سعيا ٿي رهيا آهن، مُئيءَ کان پوءِ منهنجي ماءُ، اسان جي لاشن کي گهوڙن جي سنبن ۾ پائمال ڪرائي نيست نابود ڪيو ويندو، اسان جي سڃاڻپ ختم ٿي ويندي.
    ڀيڻ! هتي جي ٻچڙن جي خون کي پاڻيءَ جهڙي اهميت ڪونهي ۽ پاڻيءَ کي اسان کان ڇني پياسو ڪري، واريءَ جا لپ وات ۾ پائي پائي مارڻ جا سانڀاها ڪيا پيا وڃن، سنڌو، مجبور بيوس پنهنجي پٽن جي خون کي پاڻ ۾ جذب ڪندي وڃي ٿي. آخر هوءَ به امڙ آهي، رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي هوندي، اُهي رت جا ڳوڙها مهراڻ جي موجن ۾ شهيدن جي خون ۾ شامل ٿي ويندا هوندا،
    مارئي تون ڪوٽ ڪنبائي پاڻ بچائي نڪتئينءَ، تڏهن جو عمر انسان هو، سچ هن ۾ انسانيت هئي جنهن تنهنجي ضد کي انا جو مسئلو نه بنايو. اڄ جو عمر مارئي کي موت جي گهاٽ تائين به بخش نٿو ڪري. مرڻ کان پوءِ به عصمت لٽي ٿي وڃي. ماءُ پيءُ اڳيان بي آبرو ڪيو ٿي وڃي.
    جيڏل! اڄ جي مارئيءَ کي رانديڪو سمجهي کيڏي اڇلايو ٿو وڃي. ڪوٽن ۾ بند ڪري سڪائي ساهه گهٽيو ٿو وڃي، محفلن ۾ نچائي زخمي ڪيو ٿو وڃي، غيرت جي نالي قتل ڪري ڪاريءَ جو لقب ڏنو ٿو وڃي. ملڪيت بچائڻ لاءِ ڪُهي دريائن ۾ ٻوڙيو ٿو وڃي. ڪهڙا سور توسان اوريان ڪهڙا ڪلور ٿي رهيا آهن. تنهنجي سنڌ ۾ ساهه کڻڻ گناهه، سچ ڳالهائڻ ڏوهه، حق جو آواز موت جو سڏ ٿو بنجي. آزاديءَ جي ڳالهه سوريءَ تي ٿي لٽڪائي، حق تي لکندڙ هٿ ۽ قلم ڪرائيءَ کان ڪٽيا ٿا وڃن.
    ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايان. منهنجو سارو سرير سور آهي. آءٌ ڏکن جو ڏونگر ڏوري ڪنهن واٽ وڃي نٿي سگهان، منهنجا رستا بند آهن. رسمن ريتن جون ديوارون منهنجو مٿو ڦاڙين ٿيون، مان سر ٽڪرائي نٿي سگهان!
    جيڏل! تون ظلم ۾ نه هئين، ظلم ۾ مان آهيان! مان آهيان!! اڄ جي عورت، ها اڄ جي عورت آهيان. مارئي مان گهڻو ماريل هيسيل ڏکويل آهيان.

    (ميمڻ روشن تبسم جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ماروي ۽ مان“ تان ورتل)
    


    ڪشمڪش : - تبسم مهتاب قريشي

    جلال کي اڃا به ڀر واري ڪمري مان شازيه جي سڏڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هو دل گرفته هو. هزار ضبط جي باوجود به هو جذبات ۾ اچي انڌو ٿي ويو هو. هن شازيه جي دل کي ڏکويو هو. پر هينئر ضمير جي خلش کيس بي حال ڪري ڇڏيو هو. ننڊ اکين کان رُسي وئي هئس، ۽ هُو رات جي ويران تنهائي ۾ لڇي رهيو هو. ”هيءُ هن ڇا ڪيو؟ شازيه سان هو اهڙو ظلم ڪيئن ڪري سگهيو؟“ انهيءَ سوچ کيس پاڳل ڪري ڇڏيو. سگريٽ جي ٽڪرن سان سٿيل ايش ٽري انهيءَ ڳالهه جو ثبوت هو ته جلال سخت اضطراب ۾ مبتلا هو . سوچيائين: ”مان شازو کي وڃي پرچائيندس. کائنس معافي گهرندس. هو منهنجي ڌيءَ آهي- ۽ بس، انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به سوچڻ منهنجي لاءِ گناهه آهي. هوءَ مونکي نازوءَ کان به وڌيڪ پياري آهي.“
    انهن خيالن ۾ گم رات جي پهرين پهر جلال شازيه جي ڪمري ۾ آيو. هوءَ سُتي پئي هئي، سندس چهري تي فرشتن جهڙي معصوميت هئي. ڪجهه وقت جلال کيس ڏسندو رهيو، پوءِ اڳتي وڌي سندس مٿي تي هٿ رکيائين. شازيه ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي. جلال جي مجرم صورتِ سندس آڏو بيٺي هئي. نفرت ۽ خوف منجهان شازيه چيو، ”توهان هت ڇو آيا آهيو؟“
    ”شازو، مونکي بابا چئو. ايئن اجنبين وانگر نه ڳالهاءِ. آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان شازو، جيڪو ڪجهه ٿيو، تنهنکي وساري ڇڏ. مونکي معاف ڪر، آءٌ هٿ ٿو ٻڌان، پيرين ٿو پوان، مونکي معاف ڪر منهنجي ڌيءَ؟“
    شازيه جلال ڏانهن وڌي آئي ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
    ”بابا سائين، آءٌ به اوهانکي فقط پيءُ ٿي سمجهان، ٻيو ڪجهه سمجهڻ لاءِ منهنجو ذهن تيار ناهي.“
    ”بس ڪر منهنجي راڻي، نه رو. ٻيهر ايئن نه ٿيندو.“
    جلال دل ۾ عهد ڪيو ته ٻيهر شازيه کي ميري اک سان ڪڏهن نه ڏسندو ۽ شازيه جو رويو ڏسي هو مطمئن ٿي ويو.
    سڪينه جي جڏهن نعمت الله سان شادي ٿي هئي ته پاڻ تمام ننڍي عمر جي هئي ۽ مڙسهس ويهارو سال کن وڏو هو. ننڍي عمر ۾ گهر جي سار سنڀال سان گڏ، عمر رسيده مڙس جا ظلم به برداشت ڪرڻا پيا، ۽ انهيءَ ڪري سڪينه جي شخصيت ڏاڍي متاثر ٿي. پر هوءَ پنهنجي هستي فنا ڪري به مڙس جي خوشنودي حاصل ڪري نه سگهي. نعمت الله جي اڳئين زال هڪ پٽ کي جنم ڏئي مري وئي هئي ۽ پٽ به زنده نه رهيو. ۽ انهي حادثي نعمت الله کي اڌ چريو ڪري ڇڏيو. هو سخت گير ۽ چيڙاڪ ٿي پيو، تنهنڪري مٽن مائٽن جي سمجهائڻ تي ٻي شادي ڪيائين، پر هو سڪينه کي اهو پيار نه ڏئي سگهيو، جيڪو سڪينه جي نازڪ مزاج ۽ فنڪارانه ذهن جو حق هو.
    سڪينه جا ارمان حسرتن ۾ بدلجي ويا، پر شريف ماءُ پيءُ جي شريف ڌيءَ هئي، سڀئي سور پي به مڙس جي خدمت ڪندي رهي. جڏهن پيٽ سان ٿي ته نعمت الله چيس، ”پٽ ڄڻي نه ڏيندينءَ ته ٿڏي تي طلاق ڏئي ڇڏيندوسائين.“
    اهي اکر خنجر وانگر سڪينه جي دل ۾ کپي ويا. پڇڻ چاهيائين، پر پڇي نه سگهي ته: ”انهيءَ ۾ سندس ڪهڙو ڏوهه هوندو؟ جنهن جي سزا اڳواٽ ساڻس لاڳو ڪئي وئي آهي. ڌيءَ يا پٽ ته الله سائينءَ جي اختيار ۾ آهي.“ پر زبان کولڻ معنيٰ هڏَ گُڏ ڀڃائڻ، سو ماٺ رهي. هر نماز کانپوءِ پٽ لاءِ ڌڻيءَ در واجهائيندي هئي. حبيب جا واسطا ڏيندي هئي، پنهنجي مظلوميت ۽ بيوسيءَ جا واسطا ڏيندي هئي ته ڌڻي کيس پٽ عطا ڪري، نه ته سندس زندگي تباهه ٿي ويندي.
    پر انسان تقدير جي هٿن ۾ بيوس آهي، جنهن کي وڻي ٺاهي، جنهن کي وڻي ڊاهي. انسان جي ساري جدوجهد، تقدير هڪ ئي وار سان ختم ڪَريو ڇڏي، ۽ انسان جو خالق به ڪيڏو بي پرواهه آهي، جو پوري ڪرڻ تي اچي ته ننڍي ۾ ننڍو عرض به ٻڌيو وٺي، نه ته گهر برباد ٿي وڃي ته به رحم نه ايندس.
    سڪينه جي تقدير ۾ به ذلت لکيل هئي. هزار دعائون گهريائين. حبيب جا واسطا ڏنائين، پر دعا قبول نه ٿي. کيس ڌيءُ ڄائي، سڪينه جو هانءُ ڏڪي ويو: ”هاڻ ڇا ٿيندو؟ هن معصوم کي پيءَ جي شفقت ملي نه سگهندي.“
    ۽ ٿيو به ايئن. نعمت الله ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو. چيائين، ”مون توکي اڳي ئي چيو هو، مونکي ڌيءُ جي نه، پُٽَ جي ضرورت آهي. آءٌ هن نڀاڳيءَ جي شڪل به نه ڏسندس. مان توکي طلاق ٿو ڏيان. اڄ کانپوءِ منهنجو توسان ڪوبه واسطو ڪونهي.“
    سڪينه جا ته حوصلا ئي خطا ٿي ويا. اهڙي وقت ۾ مڙس سوَ ناز ۽ نخرا سهندا آهن، پر سڪينه کي اهو دل ڏاريندڙ پيغام مليو، ته: اڄ کان وٺي هوءَ هن گهر لاءِ اجنبي آهي. هوءَ سهاڳڻ هوندي به ڏهاڳڻ آهي. سندس ڌيءَ پيءُ هوندي به يتيم آهي.
    هوءَ ويچاري بي موت مري وئي. پر کيس زنده رهڻو هو، پنهنجي بدنصيب ڌيءَ لاءِ، جنهن جي جنم کيس بي گهر، بي آسرو ڪري ڇڏيو.
    شازيه هاڻي پنجن سالن جي ٿي چڪي هئي. سڪينه کيس ڏاڍي پيار سان پاليو هو، پر پيءَ جي شفقت کان محروم شازيه، نهايت سنجيده ۽ عام رواجي ٻارن کان بلڪل مختلف هئي.
    تقدير جا رنگ عجب آهن. جڏهن انسان خوشين جي ڳولها ۾ هوندو آهي، ته ڏک ملندا آهن ۽ جڏهن انهيءَ حالت تي صبر ۽ شڪر ڪري ويهي رهندو آهي ته اوچتو خوشين جا انبار مليو وڃن. ساڳيو حال سڪينه سان به ٿيو. جڏهن هن خوشيون چاهيون ٿي ته کيس سُور مليا. رَبَ جي رضا تي راضي ٿي ته خوشين اچي سندس در کڙڪايو.
    جلال سڪينه جي رشتي جي گُهر ڪئي. هو پڙهيل هو، امير هو، نوجوان هو. انسان ذات سان پيار سندس وصف ۽ نيڪي سندس ايمان هو. شريف ۽ خوش مزاج هو. جلال سڪينه جي ڀاءُ فيروز سان گڏ پڙهيو هو. ايم. بي. بي. ايس، ڪري پنهنجي اسپتال کولي هئائين، غريبن ۾ ڏاڍو مقبول هو. فيروز کي جلال جي بلند اخلاقي ۽ انسان پروريءَ ڏاڍو متاثر ڪيو، تنهن ڪري سڪينه جو داستان جلال جي ڪنن تائين به پهتو. جلال اهڙيءَ مظلوم کي پنهنجو بنائڻ جو فيصلو ڪيو.
    جڏهن جلال اهڙي خواهش جو اظهار فيروز سان ڪيو، ته هو دنگ رهجي ويو. ”ڇا عرش ايڏو جهڪي سگهي ٿو، جو فرش جو منهن چمي سگهي؟ ڪاڏي جلال جو روشن مستقبل، ڪاڏي سڪينه جي تاريڪ زندگي؟ ڪٿي اهو جذبو اڳيان هلي پشيماني ته نه ٿيندي؟“ فيروز جي سوچ ۽ طويل خاموشيءَ کان جلال جو ساهه مُنجهڻ لڳو هن وري پنهنجي خواهش کي ورجايو. فيروز چئيس، ”ادا، مان جيتوڻيڪ سڪينه جو ڀاءُ آهيان، ۽ سندس بهتر مستقبل چاهيان ٿو. پر آءٌ.... آءٌ.... کيس تنهنجي قابل نٿو سمجهان. تون به ته منهنجو دوست آهين.“
    ”فيروز، مون نهايت سوچي سمجهي اهو فيصلو ڪيو آهي.“
    ”جلال.... سڪينه سان گڏ شازيه جو مسئلو به ته آهي.“
    ”فيروز، شازيءَ سان جيڪا مونکي اُنسيت آهي، انهيءَ کان تون به واقف آهين، هوءَ به مونسان هريل آهي. آءٌ کيس پنهنجي ڌيءُ ڪري پاليندس. شاديءَ کانپوءِ هو شازيه جلال ٿي ويندي.“
    فيروز جي اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ تري آيا.
    شاديءَ کانپوءِ جلال جي پيار سڪينه جي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. هو زنده رهڻ جي تمنا ڪرڻ لڳي. جلال جي پيار سندس دل سان گڏ سندس حُسن کي به تازگي بخشي هئي. جلال ڪڏهن ساڻس تکو به نه ڳالهايو هو. سڪينه کي ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ پهرين شادي هڪ ڀيانڪ خواب هو، هن پنهنجي مضبوط شخصيت جي ڇانوَ ۾ کيس پناهه ڏني هئي. سندس شازيءَ کي پنهنجو بڻايو هو. هو شازيه جي ڪنهن به ڳالهه تان ناراض نه ٿيندو هو. شازيه لاءِ گهوڙو به بڻبو هو ۽ اسپتال کان واپس ايندي شازيه لاءِ رانديڪا ۽ شيون به وٺي ايندو هو. شازيه به پيءَ جو پيار ڏسي ڏاڍي شوخ ۽ حرڪتي ٿي پئي هئي. ٻي سال شازيه- ”شازيه جلال“ جي نالي سان اسڪول ۾ داخل ٿي.
    جڏهن نازيه پيدا ٿي ته سڪينه جي دل ۾ پور پوڻ لڳا ته: ”هاڻي جلال جو پيار نازيه لاءِ وقف ٿي ويندو ۽ منهنجي شازيه وري محروميءَ جو شڪار ٿي ويندي.“ پر هن اهو ڏسي سُک جو ساهه کنيو ته جلال جو پيار شازيه لاءِ اڳي کان به وڌي ويو هو. پور پنهنجو موت پاڻ مري ويا. سچ پچ جلال انسان جي روپ ۾ ديوتا هو.
    ايئن پندرهن سال گذري ويا. شازيه ايم. اي. ۾ اچي وئي ۽ نازيه فرسٽ ايئر ۾. جلال ۽ سڪينه به هينئر جواني کي ڇڏي ٻُڍاپي ڏي سفر ڪرڻ لڳا. هاڻي سندس سوچ هئي- شازيه ۽ نازيه جو مستقبل.
    صبح کان وٺي جلال جي طبيعت سخت خراب هئي. شازيه بي حد پريشان هئي. هر هر روئي ٿي ڏنائين. نازيه ۽ سڪينه سُتيون پيون هيون، پر شازيه جلال وٽ ويٺي هئي.
    ”شازيه، ٿورو مٿي کي ته زور ڏي.“
    شازيه يڪدم زور ڏيڻ ويهي رهي. شازيه جي نرم ۽ نازڪ هٿن جي لمس جلال تي عجيب اثر ڪيو. زندگي ۾ پهريون دفعو کيس اهو احساس ٿيو ته شازيه سندس ڌيءُ ناهي. هوءَ قدرت جو تراشيل هڪ حسين شاهڪار آهي، جنهن کي سجدو روا آهي.
    اکيون کولي شازيه کي ڏٺائين. هوءَ اڃان تائين زور ڏئي رهي هئي. جلال سونهن جي هن سردار کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ بي اختيار ٿي شازيه جي هٿ تي پنهنجو هٿ رکي ڇڏيائين. پر شازيه ڪجهه به محسوس نه ڪيو.
    جلال سندس هٿ کڻي پنهنجي ٻرندڙ چپن تي رکيو. شازيه لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه نه هئي، پر جلال لاءِ اهو هڪ نئون تجربو هو. پوءِ شازيه جو هٿ کڻي سيني تي رکيائين. سندس دل ايڏي زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي، جو کيس محسوس ٿيو ته اجها ٿي سيني کان ٻاهر نڪري اچي. اڄ شازيه، جلال جي جذبات ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي. هُن ڀاڪر پائڻ لاءِ ٻانهون ڦهلائي ڇڏيون. شازيه انهيءَ تي به هريل هئي. هن سندس ڇاتي تي مٿو رکي ڇڏيو. جلال کيس مٿي تي چمي ڏني. پوءِ ڳلن تي. پوءِ چپن تي. جلال جا هٿ شازيه جي چيلهه تان ڦري پيٽ تائين اچي ويا. پوءِ مٿي سيني تائين- شازيه ڇرڪ ڀريو ۽ ڀڙڪو ڏئي هٽي وئي. هوءَ ڦاٽل اکين سان جلال جو مَٽيل روپ ڏسي رهي هئي.
    ”بابا، هيءُ توهان ڇا ڪيو؟“ هن چوڻ چاهيو، پر چئي نه سگهي، ۽ خاموشيءَ سان پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي ۽ اچي سڏڪن ۾ پئي. محروميءَ ۾ ڌاريائپ جو احساس پهريون ڀيرو اڀري آيو. ۽ پوري شدت سان کيس پنهنجو پيءُ ياد اچي ويو، جنهن جو هن کان اڳ فقط خيالي تصور هئس. ”ڪاش، اڄ مان جلال بدران نعمت الله جي گهر ۾ هجان ها.“ انهيءَ خواهش شازيه کي ڏاڍو پريشان ڪيو. سو چيائين: ”ظالم هو، بي حِس هو، پر هو ته پيءُ. پيار نه ڪري ها، پر عزت ته محفوظ هجي ها. کيس جلال کان نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. هو روئي روئي سمهي رهي.
    ۽ رات جو پوئين پهر، جلال سندس ڪمري ۾ آيو. کائنس معافي گهريائين- ۽ مطمئن ٿي ويو.
    ٻي ڏينهن ناشتي جي ٽيبل تي جلال به موجود هو ۽ شازيه به. جلال جي طبيعت پهرين کان بهتر هئي، پر شازيه ڪومائيل- هيسيل- جهريل ۽ بدليل نظر پئي آئي. جلال شازيه جي اها حالت ڏسي دل ئي دل ۾ ڏاڍو لعنت ملامت ڪرڻ لڳو.
    ڪجهه عرصي تائين ٻنهين جي ڳالهه ٻولهه بند رهي پر جلال حالتن کي سڌاري ورتو، هن انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ آهستي آهستي شازيه جي خود اعتمادي به واپس اچڻ لڳي. هن ذري گهٽ هن حادثي کي وساري ڇڏيو. پر جلال، جيڪو هڪ دفعو انسان کان حيوان بڻيو هو، سو شازيه لاءِ پنهنجي دل ۾ پيدا ٿيندڙ عجيب جذبن جو گلو گهٽي نه سگهيو. هزار ضبط ۽ وعدن جي باوجود، ضمير جي ملامت جي باوجود، جڏهن جلال کي تنهائيءَ ۾ شازيه ملي وئي، سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيائين، ”شازو، مون توکي ننڍي هوندي کان وٺي پيار ڪيو آهي. منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ بي انتها پيار آهي. انهيءَ کي دل مان ڪڍڻ چاهيان به، ته به نه ڪڍي سگهندس. تون مون کان ناراض نه ٿيندي ڪر. نه ته آءٌ مري ويندس.“
    ”بابا سائين، آءٌ به پيار ڪيان ٿي، جهڙو ڌيءُ پيءَ سان ڪري سگهي ٿي.“
    ”شازو، منهنجي مِٺي.“
    جلال وري جذبات کان شڪست کائي ويو. شازيه کي ٻانهن ۾ ڀڪوڙي کيس پيار ڪيائين. جلال جا هٿ ڳلن تان ڦرندا هيٺ اچڻ لڳا. شازيه جو ساهه مُنجهڻ لڳو، پر هو بُتَ وانگر ماٺ هئي. جلال جا هٿ پيٽ کان به هيٺ لهي آيا.... پوءِ ٿورو هيٺ.... شازيه کان دانهن نڪري وئي ۽ جلال کي به هوش اچي ويو. پر تيستائين شازيه وڃي چڪي هئي.
    سڪينه کي شازيه جي روئڻ جو آواز ڪنن تي پيو. بي چين ٿي سندس ڪمري ۾ وئي. شازيه اهڙيون اُڇنگارون پي ڏنيون جو سڪينه جي دل ۾ وَڍَ پوڻ لڳا.
    ”منهنجي مٺڙي، ڇا ٿيو! ٻڌاءِ ته سهي؟ ايئن نه رو مِٺي، مونکي الائي ڇا ٿو ٿئي.“
    ”امان.... امان.... هڪڙي.... ڳالهه.... چوان....؟“
    ”چئو منهنجي راڻي، پر تون پنهنجي بابا کي ٻڌاءِ، هو تنهنجي ڳالهه ضرور پوري ڪندو.“
    شازيه جا لڙڪ ايئن بند ٿي ويا، جيئن بتيءَ جو سوئچ آف ٿي ويو هجي. هن سوچيو ته: ”جلال جو، جيڪو احترام ماڻس جي دل ۾ آهي، انهيءَ کي قائم رکڻ گهرجي. پاڻ سڄي عمر ته اتي ڪانه رهندي، پوءِ ڇو ماڻس جي زندگي زهر ڪري.“ هن فيصلو ڪيو ته هوءَ ماڻس کي ڪجهه به نه ٻڌائيندي. تنهن ڪري چيائين، ”امان ڪجهه ناهي، مٿي ۾ سُور اٿم.“
    ”مٿي ۾ سُور جي ڪري ايڏو روئڻ. تو ته ڏڪائي ڇڏيو. اچ ته مان زور ڏيان.“
    شازيه کي هاڻ جلال کان ايڏي ته نفرت ٿي وئي، جو هن جلال جي سامهون وڃڻ به ڇڏي ڏنو. ماني پنهنجي ڪمري ۾ کائيندي هئي، ۽ يونيورسٽي به ڪار جي بدران بس ۾ ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن نوڪر اچي چيس، ”شازيه بي بي، اوهانکي صاحب سڏايو آهي.“
    شازيه پاڻ وڃڻ بدران نازيه کي موڪلي ڇڏيو.
    ٿوري دير کانپوءِ جلال شازيه جي ڪمري ڏانهن پاڻ هليو آيو، پردو هٽائي ڏٺائين. شازيه ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. جلال اندر داخل ٿيو. شازيه نفرت مان مُنهن ڦيرائي ڇڏيو. جلال هٿ ٻڌي بيهي رهيو.
    ”هٿ ڇو ٿا ٻڌو؟“
    ”شازو آءٌ تنهنجي ناراضگي برداشت نٿو ڪري سگهان. آءٌ ڏاڍو ذليل آهيان، مونکي معاف ڪر. آئينده ايئن نه ٿيندو.“
    ”معافي ته تمام پراڻو لفظ آهي، ڊاڪٽر جلال.“
    ”مونکي وڌيڪ ذليل نه ڪر، انهيءَ ڏيڍ هفتي ۾ آءٌ ڏاڍو لڇيو آهيان. منهنجي ضمير مون تي ملامت ڪئي آهي، منهنجون آزايون نيزاريون ڏس. مونکي معاف ڪر. آءٌ توکي خوش ڏسڻ لاءِ پنهنجي جذبات جو گلو گُهٽي ڇڏيندس.“
    ”مونکي اڪيلو ڇڏي ڏيو.“
    جلال جي وڃڻ کانپوءِ شازيه کي گذريل پندرهن سال اکين اڳيان ڦرڻ لڳا. کيس جلال جو پيار ياد اچي ويو، ۽ ڏک ٿيس ته هڪ عظيم ماڻهو کان اهڙيون ذليل حرڪتون ٿي ويون. کيس ڏک ٿيو ته جلال ڇو نٿو سمجهي ته کيس محبوب جو عشق نه، پيءَ جي شفقت گهرجي. هو ڇو پنهنجي عظمت کي پاش پاش پيو ڪري. هوس لاءِ پيءَ ۽ ڌيءَ جي مقدس رشتي جي توهين پيو ڪري. سچائي کي ڇڏي رياڪاري کي پيو اپنائي. پاڻ به سوچن ۾، ته شازيه به ڪشمڪش ۾، ذهني عذاب ۾. پر نه ڪنهن کي ٻڌائڻ جي قابل، نه لڪائڻ جي.
    جلال عمر جي انهيءَ حد ۾ هو، جت انسان جذبات کان وڌيڪ مصلحت کان ڪم وٺندو آهي. شازيه جي دلي ڪيفيت کان واقف هوندي به کيس ايئن ئي پيار ڪندو رهيو. ۽ حالتن کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو. جلال کي اڳوڻي حالت ۾ ڏسي، شازيه به نارمل ٿي وئي.
    هڪ ڏينهن شازيه ڪمري جي صفائي ڪري رهي هئي ته جلال به اچي ويو. کيس ڏسي هوءَ وڃڻ لڳي.
    ”ڇو شازو وڃين پئي؟“
    ”بابا، توهان ڀلي آرام ڪريو. مونکي ٻيو ڪم پيو آهي.“
    ”ڇو شازي، ايڏي بدلجي وئي آهين. اڳي ته اهڙي ڪونه هئين.“
    ”بابا، اڳي توهان به ته اهڙا ڪونه هئا.“
    ”مون ته شروع کان توکي پيار ڪيو آهي، انهيءَ کي نه وسار.“
    ”لاڏ ۽ پيار جو اهو مقصد ناهي ته مان ڌيءَ کان محبوبه بڻجي وڃان. مونکي اوهانجو عشق نه، شفقت گهرجي.“
    ”شازو، تون مونکي ڏاڍي مٺي آهين، منهنجي پيار کي ايئن نه ٺڪراءِ.“
    ”اولاد ڪڏهن به ماءُ پيءُ کي ٺڪرائي نٿو سگهي.“
    ”توکي ڪيئن سمجهايان، مونکي ڇا ٿي ويو آهي؟ مونکي هڪ دفعو ڀرپور پيار ڪرڻ ڏي، پوءِ آءٌ توکي ڪجهه نه چوندس.“
    ”بابا، ڇا هينئر منهنجو پيار ڀرپور ناهي؟“
    ”شازو سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. هڪ دفعو ڀرپور پيار ڪرڻ ڏي. ايئن نه سِڪاءِ، ايئن نه لڇاءِ. اها تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ رهندي.“
    ”ته پوءِ بابا سائين، نازيه جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“
    ”شازيه!“ جلال رڙ ڪئي ۽ هڪ زوردار چماٽ شازيه جي ڳل تي وڃي پئي. ”هلي وڃ اتان بدتميز.“ جلال ڪاوڙ ۾ ڏڪندي چيو.
    ”ڇو بابا، ايڏي ڪاوڙ،“ شازيه چماٽ جي تڪليف برداشت ڪندي طنزيه مرڪ چپن تي آڻي چيو، ”آءٌ به اوهانجي ڌيءَ آهيان، ۽ نازيه به. ڀرپور پيار لاءِ انتخاب هڪڙي ڌيءَ جو ڪجي يا ٻيءَ جو- ڳالهه ته ساڳي آهي.“
    ”بڪواس بند ڪر.... نازيه منهنجو رت آهي.... ۽ تون.... تون منهنجي ڪجهه به ناهين.... آءٌ ئي بيوقوف هوس جو توکي پيار ڪيم.“
    ”پيار ۽ هوس ۾ فرق آهي.“
    ”ٽري وڃ منهنجي اکين اڳيان.“ جلال جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو.
    هوءَ هلي وئي. جلال جي اکين ۾ رت پي ٽهڪيو. اڄ شازيه جيڪا سندس بي عزتي ڪئي هئي، سا سندس برداشت کان ٻاهر هئي، هو اها ڳالهه برداشت نٿي ڪري سگهيو ته سندس ٽڪرن تي پليل ڇوڪريءَ جي وات ۾ گستاخ زبان اچي وڃي.
    ٻي ڏينهن هو شهر کان ٻاهر پنهنجي زمين تي هليو ويو. شازيه جي جدائيءَ کيس احساس ڏياريو ته ڏوهه سندس ئي آهي. شازيه بي قصور هئي. ۽ هو جڏهن واپس آيو ته شازيه کان پڇيائين، ”شازو پٽ، خوش ته آهين؟“
    ”اندر رياڪار، سڀني اڳيان پٽ. ۽ تنهائي ۾ مٺڙي، سڀني آڏو ڌي چئي، محبوب ڪيئن ٿو سمجهي! ۽ محبوب سمجهي، ڌي ڪيئن ٿو چوي!“ شازيه نفرت منجهان سوچيو. پر جواب ڏنائين، ”شڪر آهي بابا. دعا آهي توهانجي.“
    حالتون ڪنهن حد تائين معمول تي اچي ويون. هڪ ڏينهن جلال شازيه جي ڪمري ۾ آيو.
    ”شازو، تنهنجي خوشيءَ لاءِ آءٌ سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو، پر تون اجنبيت جو اظهار نه ڪر.“
    ”شازو ته ساڳي آهي بابا. توهان ئي بدلجي ويا آهيو، ۽ انهيءَ جو صدمو مونکي به آهي.“
    ”جي تون انهيءَ ۾ خوش آهين، ته آءٌ توکي هٿ نه لڳائيندس.“
    ”هٿ اخلاق جي حد اندر رهن ته بهتر.“
    ”آءٌ تنهنجي پيرن تي سر ٿو رکان. پنهنجي دل جي گمان کي هاڻ ڪڍي ڇڏ.“
    ”بابا، هر هر معافيون گهري ڇو پنهنجو شان ٿا وڃايو. آءٌ اوهانجو بيحد احترام ڪيان ٿي، پر توهان منهنجي جذبن جو احترام نٿا ڪيو. منهنجي خوشي ته انهيءَ ۾ آهي، ته توهان مونکي نازيه سمجهو.“
    ”شازو، تون مونکي معاف ڪري ڇڏ. اڳيون ڳالهيون سڀئي وساري ڇڏ.“
    ”بابا، توهان پنهنجي وعدي تي قائم رهو ته آءٌ به چري ڪونه آهيان، جو هروڀرو ناراض ٿيندس.“
    ”بس، ڳالهه ختم. هاڻي ٻيون ڳالهيون ڪر. مان پنهنجي واعدي تي قائم رهندس.“
    پوءِ جلال هميشه اهو خيال رکندو هو ته شازيه ۽ نازيه ٻئي هڪ آهن ۽ ڪوشش ڪندو هو ته ڪو ناخوشگوار واقعو پيش نه اچي.
    اُها رات ڏاڍي تاريڪ هئي. غضب جي سردي ۽ شدت جي برسات. سڪينه ۽ نازيه ڪنهن شادي ۾ ويل هيون. جلال جي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ شازيه جو امتحان ٿيڻ وارو هو. ٻئي گهر ۾ اڪيلا هئا. شازيه به ٿوري ٿوري دير کانپوءِ وڃي جلال جي خبر چار لهي ايندي هئي. سمهڻ کان اڳ آخري دفعو وئي ته جلال چيس، ”شازو، پردا هيٺ ڪري ڇڏ.“
    ڪمري ۾ انڌيرو ٿي ويو، شازيه واپس وڃڻ لڳي.
    ”شازو.“
    ”جي.“
    ”ڳالهه ٻڌ.“
    ”جي.“
    ”هيڏانهن اچ.“
    ”ڇو؟“
    ”مٿي ۾ سُور اٿم.“
    ”بابا، مونکي ننڊ پئي اچي.“
    ”بس ٿوري دير زور ڏيم.“
    شازيه خوفزده ٿي وئي. پر لاچار پلنگ تي اچي ويٺي، ۽ هوريان هوريان زور ڏيڻ لڳي. اونداهي رات. رات جي اڪيلائي. اڪيلائي ۾ ٻه شخص. هڪ مرد، هڪ عورت. عورت جو نرم ۽ گرم لمس مرد کي جذبات جي طوفان ۾ ڦاسائي ڇڏيو. طوفان آيو ۽ لنگهي ويو.
    جڏهن طوفان ختم ٿيو ته ڪجهه به باقي نه بچيو. نه عزت، نه عظمت. نه خلوص، نه محبت. نه رشتا، نه لاڳاپا. نه بلندي، نه پستي. سڀ ڪجهه ڊهي پيو.
    ٻئي ڏينهن سڄو وقت شازيه بيماريءَ جو بهانو ڪري ڪمري ۾ سُتي رهي. مغرب وقت ٻاهر نڪتي ته کيس ڪفن جهڙو سفيد لباس پهريل هو. هوءَ غم کان بي حال هئي.روئي روئي اکيون سڄي پيون هئيس. ذهني اضطراب منهن مان ظاهر هو ۽ هُو ڏاڍي وحشتناڪ لڳي رهي هئي. ڄڻ ڪو ڀٽڪيل روح. چپ چاپ گهران نڪري وئي ۽ اڌ ڪلاڪ ۾ واپس موٽي آئي. سڌي سڪينه وٽ وئي ۽ سندس هنج ۾ ڪِري اوڇنگارون ڏيڻ لڳي.
    ”امان، جيڪڏهن مان توهان کان پري هلي وڃان ته پوءِ؟“ هن هڪ هڪ لفظ رڪجي رڪجي ڳالهايو.
    ”اهڙيون نڀاڳيون ڳالهيون نه ڪر، شازي.“
    ”ا.... ما.... ن....“ هوءَ اوڇنگارن ۾ اچي ڇٽي. ”امان.... مونکي تمام گهڻو پيار ڪر.“
    سڪينه پرچائيندي رهي. شازيه روئي روئي ٿڪجي پئي ته نازيه وٽ وئي، هوءَ سندس اهڙي حالت ڏسي پريشان ٿي وئي. ”ادي خير ته آهي. توهانجي طبيعت ته ٺيڪ آهي.“
    ”ڪجهه خراب آهي. اچ، مونکي ڀاڪر پاءِ.“
    نازيه شوخيءَ منجهان چيو، ”ڇو ادي، ساهري پئي وڃين ڇا؟“
    ”بس، اڄ ننڍي ڀيڻ تي پيار اچي ويو آهي.“
    نازيه ڀاڪر پاتو ته شازيه وري روئڻ ۾ اچي ڇٽڪي. پوءِ هو رڌڻي ۾ وئي ۽ رمضان بابا، کي چيائين ”بابا، طبيعت ٺيڪ ڪانهي مَاني نه کائيندس. در نه کڙڪائجانءِ، آءٌ سمهان ٿي.“
    ”چڱو بي بي.“
    شازيه ڪمري ۾ اچي در بند ڪيو. ٽيبل تي پيل جلال جي تصوير کي اونڌو ڪري ڇڏيائين. نماز پڙهيائين، ۽ دعا ۾ مستقل روئندي رهي. ۽ پوءِ.... پرس مان زهر جي شيشي ڪڍيائين.
    ٻئي ڏينهن صبح جو دير تائين شازيه ٻاهر نه آئي ته سڪينه کي فڪر ٿيو. هن در کڙڪايو، سڏ ڪيائين. پر ڪو هجي ته جواب ڏي. سڪينه روئڻ لڳي، نازيه به اچي وئي. هن در کڙڪايو. پر جواب نه مليو. فون ڪري اسپتال مان جلال کي گهرايو ويو. هو آيو. شيشو ڀڃي اندران در کوليو ويو. سڀئي جلدي جلدي اندر ويا. اندر فقط شازيه جو بي جان بُت هو. زهر ڪم ڪري چڪو هو، شازيه ذهني ۽ جسماني ڪشمڪش کان آزاد ٿي چڪي هئي.
    نازيه ڀيڻ جي لاش کي چنبڙي روئڻ لڳي- پر سڪينه....؟ هو ته روئي به نه سگهي. بي هوش ٿي پئي، جلال کيس ٻانهن ۾ کڻي پلنگ تي سمهاريو. جلال پاڻ کي مجرم محسوس ڪري رهيو هو. ۽ شازيه مرڻ کان اڳ سندس احسانن جو بدلو لاهي ڇڏيو هو. هو هڪ خط ڇڏي وئي، جنهن ۾ خودڪشي جو ڪارڻ ته لکيائين، پر انهيءَ جو ذميوار ڪير هو، اهو نه ڄاڻائين.
    جڏهن شازيه کي قبرستان کڻي پي ويا. ته جلال پوري شدت سان روئي ڏنو، ۽ چپن ۾ ورجائيندو رهيو: ”شازيه تو مونکي سزا ڏئي ڇڏي. منهنجو ضمير مونکي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. شازي تو مونکي مجرم نه ڄاڻايو، اهو احساس مونکي سدائين پيو ڏنگيندو.“

    


    مـــــــــــاءُ: - خديجه شيخ

    اڄ محرم جي ڏهين آهي. مان بيچين آهيان. ايئن پيو لڳيم ڄڻ ڪربلا جي ميدان ۾ بيٺي آهيان، سامهون يزيد جي ٻه لک فوج آهي. مون سان گڏ جمهوريه ڪوريا جي ڊاڪٽر اونا آهي. جنهن آمريڪي امداد تي پي- ايڇ- ڊي ڪئي آهي. جنهن جي شڪل امر جليل نان خطائي جهڙي بيان ڪئي آهي- مون سان گڏ ڊائريڪٽر تعليم ڪوريا جي زال به آهي- جيڪا مڙس جي تاڙي وڄائڻ تي سندس پيرن ۾ اچي ويٺي ۽ جڏهن مڙس هن کي بچيل ماني ڀور اڇلاءِ ڏنو ته اهو کڻي هلي وئي!
    مون سان گڏ- امر جليل جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”زندگي هڪ ڪن“ واري هيروئڻ ليلا به آهي جيڪا پنهنجو حرامي ٻار دفن نٿي ڪري سگهي ۽ اڃان ڪڇ تي کڻيو پئي هلي. مون سان گڏ اها شاني به آهي جنهن جي مڙس انهيءَ کي، انهي لاءِ طلاق ڏني، جو هوءَ، ڊاڪٽر اونا وانگر پينٽ ۽ لانگ بوٽ پائي فخر سان هلڻ سکي نه سگهي! مون سان گڏ اها راڻي به آهي جنهن جو مڙس ان کي صرف انهيءَ لاءِ ڇڏي ويو هو، جو هن پنهنجي حق لاءِ احتجاج جا ٻه اکر چيا- مون سان گڏ اها جنت به آهي جنهن جو نڪاح قرآن شريف سان ٿيو آهي. مون سان گڏ اها حوا به آهي جيڪا گهر جي چارديواري ۾ محفوظ نه آهي. مون سان گڏ اها نازو به آهي، جنهن جو نڪاح هڪ ٻار سان ڪرايو ويو آهي. جيئن ملڪيت خاندان کان ٻاهر نه وڃي. مون سان گڏ اها ڇوڪري به آهي جنهن کي حفيظ شيخ ڀڄي وڃڻ جي صلاح ڏني!
    منهنجي فوج مختصر آهي. ڪمزور به آهي پر حق چوڻ- حق لاءِ وڙهڻ منهنجو بنيادي حق آهي! حق لاءِ جان ڏيڻ شهادت آهي. حضرت امام حسين ڪربلا ۾ حق لاءِ شهادت جو جام پيتو- شايد مون کي به اهو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.
    مونکي اهو چوڻ ڏيو ته ڊاڪٽر اونا پينٽ پائي يا اهو چوغو جنهن کي مئڪسي چوندا آهن، ڊاڪٽر اونا نان خطائي هجي يا نان- پر هوءَ ماءُ آهي. عظيم ماءُ- جنهن امر جليل کي جنم ڏنو. مونکي چوڻ ڏيو ته ڪوريا جي ڊائريڪٽر تعليم جي اها زال جنهن کي مڙس ڪتن وانگر ماني ڀور اڇلاءِ ڏنو. اها به ماءُ آهي. هِن عظيم ماءُ جمهوريه ڪوريا ٺاهڻ وارن کي جنم ڏنو.
    مونکي چوڻ ڏيو ته هي راڻي، شاني، ليلا، حوا سڀ مائون آهن. عظيم مائون جن هوشو شيدي کي جنم ڏنو سچل، لطيف، قلندر کي جنم ڏنو. جيڪڏهن هي سچ آهي. هي حق آهي- ته پوءِ ظلم جون تلوارون اوهان جي هٿن ۾ ڇو آهن؟ جي هي سچ آهي، هي حق آهي ته پنهنجا هٿيار انهن مائن جي قدمن ۾ اڇلاءِ ڇڏيو. پر يزيد پنهنجي غلطي ڪانه مڃي- ڇا توهان به........!!
    


    مـئـل تـخـلـيـق : - ڊاڪٽر ناهيد مغل

    ٻي بجي کن ڪاليج کان موٽي، ماني کائي، هاسٽل جي ڪمري ۾ ستاسين، ڪجهه لمحن لاءِ ٻيهر وارڊ وڃڻ جو خيال ذهن تان لهي ويو... شايد ان ڪري جو هَرِ شاعر قسم جو ماڻهو، ويهاڻي تي مٿو رکڻ وقت، ٻيو ڪجهه به ناهي رهندو، فقط هڪ احساسن ۽ خيالن وار جوڳي (شاعر) ٿي پوندو آهي.
    ڪجهه وڌيڪ وقت لاءِ اک لڳي وڃڻ ڪري ”وارڊ“ وڃڻ ۾ هڪ ڪلاڪ ليٽ ٿي ويس.
    شايد اسان جهڙا ماڻهو هميشه ليٽ ٿي ويندا آهن، ان ڪري، جو انهن جا سپنا ليٽ ٿي ويندا آهن، هميشه... بهارن جا سپنا تڏهن ساڀيا ٿيندا اٿن، جڏهن پن ڇڻ اچي چڪي هوندي آهي. ساٿ جا گهاٽا وڻ مٿانئن تڏهن پن جهليندا آهن، جڏهن هنن جا لڱ چيٽ ۾ لوهه ۽ هنن جي چمڙي، بي رنگ ۽ سخت ٿي چڪي هوندي آهي... جڏهن هو پاڻ گهاٽن وڻن ٿيڻ جهڙا ٿي پوندا آهن، تڏهن کين ڪنهن ڇانوَ جي ضرورت ئي ناهي رهندي...
    ”ڇانو!؟... اهو لفظ ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي؟ پيدا ڪرڻ واري، جو هيڏو وڏو ڇپر (آڪاش) مٿان جهليو آهي، اُن ۾ ڪهڙي ڇانوَ آهي؟ ساڳئي طرح پيءُ ماءُ، دوست، عزيز، ساٿي... ڇا؟ ڇانوَ آهن؟... اگر آهن ته پوءِ ايڏي اُس ڇو آهي؟... ايڏي انت، ٻوسٽ، تپش... جو، سائو، سائو نه رهي، سُڪو صفا سڙي وڃي... هڪ دفعي خاموشيءَ ۾ (ويهاڻي ۾ منهن لڪائي) پاڻ کان پڇيو هيم، ”تو اُس جا تيز ڪرڻا ڏيندڙ وڻ ڏٺا آهن...“ ... پاڻ ئي جواب ڏنو هيم، ”ڪو وڻ ڇانورو به ڏيندو آهي ڇا؟“ ... اها فقط اسان جي اميد هوندي آهي. انهن وڻن مان، جيڪا ڇانوَ جي ڳولا ۾ اسان کي هنن جي پويان، رڻ جو راهي ڪري ڇڏيندي آهي.
    .... الائي ڇو شام جي وقت مون کي اسڪولن، ڪاليجن جيان اسپتالون به ڀيانڪ ڏيک ڏينديون آهن. وارڊ ۾ ڪافي ڊاڪٽرز موجود هيون، پر ماحول پوءِ به نڌڻڪن جهڙو لڳي رهيو هو.
    ليبر روم ۾ گهڙيس ته، ٻه ڪيس اندر موجود هئا، جن مان هڪ ته ختم ٿي چڪو هو، باقي هڪ رهيل هو. ڊاڪٽر چيو ته فارغ ٿيل ڪيس کي بلڊ لڳايو،... مان هڪدم ان ڏانهن مڙيس ۽ بلڊ لڳايم (شايد ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڃا به ڪنهن جي تڪليف ڏسي سگهڻ کان انڪار موجود آهي، ان ڪري ٻئي ڪيس تي وڃڻ ۾ ڪجهه دير چاهيم.)
    هوءَ عورت... سوچيان پئي ته ”پيرن هيٺان جنت ڏيڻ“ واري لالچ ڇا، عورت جو عذاب گهٽائي ٿي سگهي؟
    اسان جهڙين ينگ ڊاڪٽرز کي سکڻ جو شوق ۽ غريب جي غربت (اُن جي مجبوري) هڪٻئي جي ڪم اچي ويندا آهن، اهڙين اسپتالن ۾... ۽ هوءَ (غربت جي مجبوريءَ وارا) سڀ عذاب الائي ڪهڙي عجيب ڪيفيت ۾ سهي رهي هئي...
    مون مٿان وڃي پڇيومانس، ”گهڻا ٻار اٿئي؟...“ پگهر ۾ پاڻي ٿيل منهن کڻي، سهڪندي چيائين ”پهريون آهي“ ... پڇيومانس ”شاديءَ کي گهڻا سال ٿيا اٿئي؟“ ...”ڊاڪٽر صاحب ڏهه سال“ ... الائي ڇو محسوس ٿيو ته ڪجهه تماشي وارو ماحول پکڙجي ويو آهي (هُن جي مسلسل، شديد تڪليف) ان ڪري هن عورت جي ماءُ ۽ سَسُ وغيره کي ٻاهر وڃڻ لاءِ چيم... ڪافي دير کان پوءِ به هُن کي مڪتي ملي نه سگهي. ڊاڪٽرز ۽ ماسيون (دائيون) هُن کي ڏاڍا دڙڪا ڏيڻ لڳيون... دل چاهيو ته هن عورت جي بي وسيءَ جو بدلو وٺان... مونجهه کان ٻاهر اچي بيٺس...
    هن عورت جي سَسُ ۽ ماءُ جي ڳالهين صفا منهنجي دماغ جا پردا ڦاڙي ڇڏيا.
    ”هُن“ جي ماءُ چئي رهي هئي ته ”ڏسجانءِ پٽ جي ماءُ ٿيندي.“ هن جي سَسُ وراڻيو... ته ”ڇا؟ ڏهن سالن جي ڪلراٺي زمين هاڻي به ڌيءَ ڏيندي ڇا؟ ايئن ٿيو ته مان پٽ کي ٻي پرڻائي ڏيندس.“
    هُن جي ماءُ وراڻيو... ”ها، ها، تون ته هن ڦصل (فصل) تي به تيار ويٺي هئينءَ، پر قادر جي قدرت اهڙي ٿي جو منهنجي ڌيءَ به پير لڌا... نه ته تون تيار ويٺي هئينءَ.“
    ٻيو نه ته، ڇوري ڏهه سال ڪو ٿورو وقت ٿورئي آهي.“
    ”اڙي! تو ڇا سمجهيو ته منهنجي ڌيءُ به ڪا جهڙي تهڙي آهي. تو منهنجي ڌيءُ تي ٻي زائڦان آڻڻ جو سوچيو ته مان به ”کُدَن (خدن) وارن کي آسرو ڏنو آهي ته اهي مون کي پرڻيل ڇوڪر تي به پندرنهن هزار ڏيڻ لاءِ تيار هئا.“
    ان ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ مون کان بيٺو نه ٿيو ۽ اندر ليبر روم ۾ هلي آيس.
    هڪ اڌ چري دائي، مريضه کي مارڻ جي ڪوشش ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي نظر اچي رهي هئي، جنهن تي هڪ ڊاڪٽر کيس دڙڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو ۽ ٻيءَ دائيءَ کي مدد لاءِ سڏيائين.
    مون کي ڊاڪٽر ڊرپ ۾ سنٽو جي انجيڪشن وجهڻ لاءِ چيو.
    انجيڪشن لڳائيندي مون ڏٺو ته مريضه تي عجيب قسم جي ڪيفيت ڇانيل هئي. هوءَ پگهر ۾ پاڻي ٿي وئي هئي، ساهه ساهه ۾ نه پئي آيس، عذابن کان سندس ڏند، ڏندن ۾ ڀيڙيل هئا، پر... هوءَ ٿڪجي نه هئي... هُن جا جذبا بلند نظر ٿي آيا... اُن وقت مون سوچيو ته ”هن بيوقوف عورت کي اگر پيرن هيٺان جنت جي لالچ نه به ڏني وڃي پوءِ به هيءَ ”تخليق“ ضرور ڪندي.“
    مون سوچيو ته هن جو عذاب ڏسڻ جي سگهه کان به ٻاهر آهي. پر هيءَ خوشيءَ سان سڀ ڪجهه سهي رهي آهي.
    ڪجهه دير کان پوءِ هڪ ڪومل پنکڙين کان به نازڪ... ڏاڍو خوبصورت... بند اکيون پتڪڙو نڪ... معصوم ننڍڙو وات کليل... بلڪل بي سڌ ٻار جنم ورتو... هڪ ڊاڪٽر تڪڙ ۾ ويندي چيو. ڇوڪرو آهي... مريضه جي ماءُ ٽڙي پئي ۽ خوشيءَ ۾ وٺي ٻاهر ڀڳي (شايد ٻاهر ڪنهن کي ٻڌائڻ لاءِ)... هوءَ چري... اها خبر ئي نه لڌائين ته، اهو معصوم، خوبصورت سفيد، پاڪ، نازڪ ۽ پيارو ٻار... رنو ئي ناهي... منهنجا ڪن هُن جو روئڻ ٻڌڻ لاءِ ”سان سان“ ڪرڻ لڳا... دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي ته ٻار روئي پئي...
    ڊاڪٽر گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر ٻار رنو ئي نه ۽ نيٺ هن جي مٿان ڪپڙو وجهي هلي وئي... منهنجو من روئڻ لڳو ۽ مان اهو مڃڻ لاءِ بلڪل تيار نه هئس، ان ڪري ان معصوم جي مٿان بيٺي رهيس ته متان روئي پوي، جاڳي پوي... متان ماءُ جا پورهيا ۽ سُور ساري اٿي پوي... هڪ سينيئر ڊاڪٽر، منهنجي روئڻهارڪي حالت تي کلندي هلي وئي، ڇو ته اهي جذبا ينگ ڊاڪٽرز ۾ ئي پاتا ويندا آهن ۽ جونيئرٽيءَ جي علامت سمجهيا ويندا آهن.
    مريضه جي سَسُ ”جيڪو نصيب“ چوندي چپن ئي چپن ۾ مرڪندي، معصوم لاش کڻي ٻاهر هلي وئي. پوءِ مان، اُن کان اڳ جو مريضه کي ”مئل تخليق“ جي خبر پئي... هاسپيٽل کان ٻاهر نڪري آيس.

    (ڊاڪٽر ناهيد مغل جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪوڪو جيون سواليه نشان،“ تان ورتل)
    


    ڀينر هن ڀنڀور ۾ : - رضيه کوکر

    رات ڪافي گذري وئي هئي، پر مان اڃان جاڳي رهي هيس. ڳوٺ وڃڻ جي خوشيءَ ۾ ننڊ ويجهوئي نه پئي آئي. سڄي رات اهوئي سوچيندي رهيس ته سوا سال کئون پوءِ سکر وڃي رهي آهيان، اتي انهيءَ عرصي دوران الائي ڪهڙيون تبديليون اچي ويون هونديون مٽن مائٽن ائون اباڻن ڪکن جي سار صرف مارئيءَ کي ئي نه لڳي هئي، پر اها مٽيءَ سان محبت ائون وڏڙن جي ڪکن جو قرب اسان سڀني سنڌ واسين کي ورثي ۾ مليل آهي. دل ٿي گهريو ته شل جلدي رات کٽي ته ڏينهن جو پنڌ کي ڇڪيون.
    مانکي اصل خوشي ته ان ڳالهه جي هئي ته هن ڀيري ڳوٺ هفتي ڏيڍ لاءِ نه، پر پورن ٻن مهينن لاءِ وڃي رهي هيس. مان بي- اي جو امتحان ڏئي ڇڏيو هيو ائون منهنجي ڀاءُ جي ڪاليج به بند هئي، سو ٻئي ڄڻا گڏجي موڪلان گذارڻ ڳوٺ وڃي رهيا هياسين بابا ته گهڻوئي چيو ته باءِ روڊ وڃو، پر اسان ٻنهي ضد ڪئي ته هن دفعي باءِ روڊ اصل ڪونه وينداسين. آخر ٿوري بحث کان پوءِ بابا اسان ٻنهي جي ڳالهه مڃي ۽ سيٽن جي بڪنگ ڪرائي آيو.
    آخر اها گهڙي به اچي پهتي، جڏهن اسان کي وڏو ڀاءُ اسٽيشن ڇڏڻ هليو. گهر کئون اسٽيشن تائين سڄو رستو ڪنن ۾ امان ائون بابا جي نصيحتن جي ڪيسٽ وڄندي رهي. نيٺ وڃي اسٽيشن تي پهتاسين.
    جيئن ئي پليٽ فارم تي پهتاسين ته ريل به اچي وئي. جلدي جلدي ڪوليءَ اسان واري بوگي ڳولهي ائون اسان به ان جي ڪڍ گاڏي ۾ چڙهي پياسين. پوءِ پنهنجو سامان مناسب جاءِ تي رکي ٻيئي ڄڻا پنهنجي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهياسين. ان دوران ٻيا ڪيترائي ماڻهو گاڏي ۾ چڙهندا ۽ لهندا رهيا.
    اسانکي اتي ويٺي ٻه ٽي منٽ مس گذريا هوندا، ته اسانجي سامهون وارين سيٽن تي هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري اچي ويٺا. ڇوڪري کي برائون جين ائون رينگلر جي ٽي شرٽ پيل هئي. ڇوڪريءَ کي پيلي سائي رنگ جو هڪڙو ڏاڍو سٺو پرنٽڊ سوٽ پيل هيو. شرٽ ته ڏاڍي ٽائيٽ ۽ فٽنگ واري هيس. ٻانهن تي ويڪسنگ ٿيل هيس، بروز تمام سٺي نموني سان پلڪ ٿيل هيس. وار ته ڏاڍا، سٺا نرم ۽ چمڪندڙ هيس، جن ۾ قيمتي بڪل پيل هيس اهي ٻئي به پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائي رهيا هئا.
    هوءَ جيئن ئي اچي منهنجي سامهون ويٺي ته مانکي ايئن لڳو ڄڻ اڳي به هن کي ڪاٿئين ڏسي چڪي آهيان.
    اڃان مان اهوئي سوچي رهي هيس ته هن کي اڳي ڪاٿي ڏٺو هيو ته ريل هلڻ شروع ٿي وئي. جيئن جيئن ريل اڳتي وڌڻ لڳي، تيئن مان پنهنجي دماغ جي دٻليءَ کي وڌيڪ کڙڪائڻ لڳس، ائون پنهنجي سامهون ويٺل ڇوڪريءَ ڏي ڏسندي رهيس.
    جڏهن ريل لانڍي ٽپي اڳتي هلي ته مانکي ياد آيو ته ان کي ڪجهه ڏينهن اڳ طارق روڊ تي تي ڏٺو هيو.
    جڏهن مان سکر وڃڻ جي تياري ڪري رهي هيس ته شاپنگ ڪرڻ لاءِ طارق روڊ به وئي هيس. اتي اها به اجايو هڪ دڪان تئون لهي ٻئي دڪان تي پئي چڙهي. ان ڏينهن به مانکي اها ايڏي ئي وڻي هئي جو سندس فيس مان کئون وسريوئي ڪونه هيو.
    ريل اڳتي هلندي رهي. ان دوران نه هن مان کي ڪجهه چيو، نه ئي مان هن سان ڳالهايو.
    جڏهن ريل گهاري ۽ ڌاٻيجي جي وچ ۾ پهتي ته هن مان کئون پڇيو ته ”توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو“؟ ٻڌايومانس ته ”اسان سکر وڃي رهيا آهيون.“ اهو ٻڌي هوءَ ٿورو کلي ۽ چيائين ته ”اسان به سکر ئي وڃي رهيا آهيون.“
    هوءَ جهڙي خوبصورت هئي، هن جو آواز مانکي ان کئون به وڌيڪ وڻيو. ٻين لاءِ الائي هوءَ اهڙي وڻندڙ هئي الائي نه، ۽ ٻين کي هن جو آواز به الائي ڪينئن لڳندو هوندو. پر مانکي ته هوءَ ايڏي وڻي وئي جو منهنجون اکيون هن جي سراپي ۾ ئي اٽڪي پيون هيون.
    الائي ڪيڏي دير مان هن کي بيخياليءَ ۾ گهوريندي رهيس. هوءَ مانکي ايئن پاڻ ڏي ڏسندي، سوبه ايڏو غور سان ڏسندي، ڪجهه نروس ٿي وئي. مان به هن جي حالت ڏسي ٿورو شڪي ٿي ويس، ائون دريءَ کئون ٻاهر ڏسڻ لڳس.
    ٻاهر چؤطرف ڄڻ ڪينجهر جو پاڻي پکڙيو پيو هيو ۽ مان پاڻيءَ ڏي ڏسي سوچڻ لڳس ته ڄڻ هيءَ منهنجي سامهون ويٺل مورت نوريءَ کئون وڌيڪ وڻندڙ آهي. ان مهل جيڪڏهن ڄام تماچي به هن کي ريل ۾ ويٺل ڏسي ها ته جيڪر هن کئون نوري وسري وڃي ها.
    مان انهن ئي خيالن ۾ گم هيس ته هن پڇيو ”توهان پڙهنديون آهيو“؟ چيومانس ته ”مان گريجوئيشن ڪرڻ واري آهيان ۽ توهان؟“ جواب ڏنائين ته ”مان ائون منهنجو ڀاءُ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا آهيون ۽ هاڻي موڪلن ۾ ڳوٺ وڃي رهيا آهيون.“
    وري ڳالهه کي ڪجهه اڳتي وڌائيندي چيائين ته ”مان پنهنجي خاندان جي پهرين ڇوڪري آهيان جا پرائمريءَ کئون اڳتي پڙهي آهيان، نه ته منهنجيون سڀ عزيز وغيره ته ان معاملي ۾ ويچاريون صفا بدقسمت آهن.“
    مانکي اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان دوران ڪوٽڙيءَ جي اسٽيشن به اچي وئي، ڪي ماڻهو لٿا، ڪي چڙهيا. جڏهن گوڙ ڪجهه گهٽيو ته هن پنهنجي پرس کولي ان مئون آئينو ڪڍيو ۽ پنهنجو ميڪ اپ درست ڪرڻ لڳي. هوءَ آئينو ڏسي رهي هئي ۽ ٻيا سڀ ماڻهو هن کي ڏسي رهيا هئا!! مانکي الائي ڇو اهو سڀ ڪجهه نه وڻيو!!!
    جڏهن ريل حيدرآباد جو ٽنڊي ٺوڙهي وارو ڦاٽڪ ٽپي اڳتي وڌي ته اسان ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ پنهنجو ٽفن باڪس کوليو. اسان اخلاقاً هنن کي آفر ڪئي، جنهن کي هنن قبول ته ڪيو، پر ان سان گڏ پنهنجي لاءِ ڊائننگ ڪار جي ماني به گهرائي.
    ماني کائي هٿ ٻٿ ڌوئي جڏهن واندا ٿياسين ته ريل وڃي ٽنڊي آدم کي پڳي.
    جڏهن دريءَ مئون نواب شاهه جون جايون نظر اچڻ لڳيون ته مان سوچڻ لڳس ته هيءَ به ته ڇوڪري آهي، پر اها ۽ هن جا گهر وارا ڪيڏا نه ايڊوانس ائون براڊ مائينڊيڊ آهن، جو هوءَ ڳوٺ وڃي رهي آهي، ته به ههڙي ٽپ ٽاپ لڳي رهي آهي ۽ صفا ايئن لڳي رهيو آهي ته ڄڻ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڪنهن ساهيڙيءَ جي گهر وڃي رهي هجي. هڪڙا منهنجا مائٽ آهن، جو جڏهن مان سکر ويندي آهيان، ته مٿي تئون رئو به نه لاهي سگهندي آهيان. گهر جي ڀرسان ته اکيون اصل ڌرتيءَ ۾ کپيل هونديون آهن.
    جڏهن ريل محراب پور جي حدن ۾ داخل ٿي ته هن مان کئون پڇيو ته ”ڇا توهان سکر برقعو پائينديون آهيو“؟
    جواب ڏنومانس ته ”نه“ ۽ وري ساڳيو سوال هن کئون پڇيو، ته ورندي ڏنائين ”ها مان اتي برقعو پائيندي آهيان.“
    اهو ٻڌي مانکي ايئن لڳو ڄڻ هوءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي هجي، يا مان سان مذاق ڪري رهي آهي.
    ريل جڏهن راڻيءَ پور ائون گمبٽ جي وچ ۾ پهتي ته هوءَ اٿي وڃي منهن ڌوئي آئي. لڳو ڄڻ سسئي کئون سونهن کسجي وئي هجي. هاڻي هوءَ صفا هڪ عام ڇوڪري لڳي رهي هئي ۽ هن جو اڌ کئون وڌيڪ چارم گهٽجي ويو.
    وري هن سوٽ ڪيس کولي ڪپڙن جو هڪ جوڙو ڪڍيو ۽ وڃي باٿ روم ۾ ڪپڙا بدلائي آئي. هيس ته اهي ڪپڙا به ڏاڍا سٺا، پر ايتر شاڪنگ ڪلر وارا نه هئا، ائون هيس به ڍلا ڍلا.
    جنهن مهل ريل خيرپور جي اسٽيشن تي بيٺي ته هن وري پنهنجو سوٽ ڪيس کولي اِن مئون هڪ ڪارو برقعو ڪڍي پائڻ لڳي.
    اهو سڀ ڪجهه ڏسي الائي ڇو مانکي ڏاڍي حيرت ٿيڻ لڳي ائون هن لاءِ جا جاءِ ٿوري دير اڳ ۾ منهنجي دل ۾ پيدا ٿي هئي، سا ختم ٿي وئي.
    ريل جڏهن روهڙيءَ کي ويجهو پهتي ته ان مهل هن جي برقعي جا ٻئي پڙدا هيٺ ڪريل هئا. جينئن ئي ريل بيٺي اسان به لٿاسين ۽ هوءَ به لٿي. ڏاڪڻ ٽپي ٻئي پاسي پهتاسي ته ڇا ڏسان ته هڪڙي جيپ چوڌاري ڪپڙا ويڙهيل بيٺي آهي، آئون ڊرائيور ويچارو اڌ فرلانگ پري بيٺو آهي ۽ هيءَ مومل جيپ ۾ سوار ٿي رهي هئي.
    اهو منظر ڏسي مانکي ته وحشت وٺڻ لڳي، ائون مانکي ايئن لڳو ته هوءَ زائفان نه پر ڪو پکي آهي جو پڃري ۾ قيد ٿي رهيو آهي. پر هوءَ ڪراچيءَ ۾ ته آزاد پکي هئي، اتي ته هن کي ڪنهن به قيد نه ڪيو هيو........ آخر هتي اچي پاڻ کي پڃري ۾ ڇو بند ڪرڻ ڏنو؟؟؟
    اسانجي ڪار جڏهن پل تئون هلي رهي هئي ته مان هيٺ وهندڙ مهراڻ جي موجن کئون پڇڻ لڳس ته ڇا اها ڇوڪري جا ان ڏينهن ڪراچي ۾ طارق روڊ تي بيمقصد دڪانن تي ڌڪا کائي رهي هئي، سا سکر ۾ اهڙي زندگي گذاريندي هوندي؟؟؟
    پراڻي سکر وارو موڙ مڙندي سنڌوَ جي هن پار منهنجي نظر ستين جي آستان تي وڃي پئي ۽ مانکي الائي انهن ستين تي به خار اچي وئي ۽ عورت جي نماڻائي ڄڻ مانکي طعنو محسوس ٿيو.

    (رضيه کوکر جي ڪهاڻين جي مجموعي ”اڏام“، تان ورتل)
    


    شهيد جي ماءُ: - صنوبر سيد

    ”ابا هاڻ ته پوڙهي ماءُ جو خيال ڪر. هاڻي حياتي وڃي ڪي پل بچي آهي ۽ تون پنهنجي بکيڙن ۾ پورو آن. الائي تنهنجي مٿي تي موڙ به ڏسندس ڪي نه! جي چئين ته ڪٿي ڳالهه چوريان!“
    شام، جڏهن وهنجي سهنجي، ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي بورچي خاني ۾ ماءُ جي اڳيان اچي ويٺو ته قربان ٿيندڙ نظرن سان ماءُ کيس ڏسندي، وري اڳ جيان انگل ڪيو هو.
    ”امڙ! منهنجي جيجل امان! تنهنجو هر لفظ منهنجي لاءِ حڪم آهي! ۽ اکين تي پر..... امان منهنجو هڪڙو مقصد آ، دعا ڪر ته ان ۾ ڪامياب ٿيان، پوءِ جيئن چوندينءَ تيئن ڪندم! اجايو بي وقت موڙ ٻڌي ويهان ته پرائي ڇوڪري سڄي عمر پئي پٽي!“ هن نهايت مؤدبانه انداز ۾ ماءُ کي وراڻيو ”پر ابا! زندگيءَ تي ڪهڙو ڀروسو؟!“ ماءُ اداسيءَ مان چيو ”امان اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪر نه! ڏس مونکي به پئي ڪمزور ڪرين، منهنجي حياتي ته ايتري وڏي ٿيندي! جو پوٽن پوٽين جون به اميدون ڏسنديئن!“ هن ماءُ کي دعا ڏيندي وري ڳالهايو، ”موت تي ته واقعي ڀروسو ڪونهي. موت ته موت آهي، اهو ڪونه ڏسندو آهي ته ڪنهن جو هن ڌرتيءَ تي رهڻ ضروري آهي، ڪنهن جو نه؟! موت ايندو آ ته نه ترسندو آ، نه مهلت ئي ڏيندو آهي ته ڪي اڌورا ڪم پورا ڪري سگهجن!....
    ”چڱو چڱو اهي ڳالهيون نه ڪر! تنهنجي ٻاهر وڃڻ کان پوءِ مونکي اچي وسوسا ورائيندا، سڄو ساهه ته ٽنگيل هوندو آهي توڏانهن! پئي دعائون گهرندي آهيان ته شل دشمنن کي ڪوسو واءُ نه لڳيس!“
    ”امان اهي دشمنن کي دعائون ڏئي ڏئي، اهڙو ته سگهارو بنائي ڇڏيو اَٿَوَ، توهان مائرن، جو انهن جو ته وار به ونگو ڪونه ٿو ٿئي ۽ اسان آهيون جو امن ۽ سڪون جي تلاش ۾ ڀٽڪندا ٿا وتون! دعا ڏيو ته سڌي سئين! نه ته ماٺ ئي ڀلي.“ مذاق مذاق ۾ وري ماءُ سان شهادتن جو ذڪر ڇيڙڻ چاهيائين.
    ”هونءَ به امان! جي ڌرتي ماءُ تان شهيد ٿيس ته اهڙي موت تي ههڙيون هزارين زندگيون نثار ڪري ڇڏيان.“
    ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، ڏڪندڙ آواز ۾ چوڻ لڳي، ”اهو چوندي ماءُ جو به خيال نه ٿو ٿيئي ته ان جي دل تي ڇا گذرندي هوندي، اهي تنهنجون اڍنگيون ڳالهيون ٻڌي! ها پر توکي ڪهڙي ڪَلَ، جڏهن پاڻ اولاد وارو ٿيندين ته خبر پوندئي ته اولاد جي محبت ڇا ٿيندي آهي!“ ”امان! منهنجي جيجل امان! منهنجو مطلب توکي ڏک ڏيڻ نه هو، پر ڏس نه امان، پٽ ته هر ماءُ ڄڻيندي آهي پر ”شهيد جي ماءُ“ جو لقب ڪنهن ڪنهن نصيب واري عورت کي ئي ملندو هوندو. اهو اهڙو ته عظيم ۽ بلند رتبو آهي جنهن جو شهيد ٿيڻ کان پهرين احساس نه آهي ٿيندو پر خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن ان جو وقت اچي......“
    ماءُ پنهنجي پٽ جي وات تي پنهنجو ڪمزور ۽ ڏڪندڙ هٿ رکي ڇڏيو هو. ڄڻ اچڻ واري خطري جون گهنٽيون، سندس ويران مندر جهڙي من ۾ پڙاڏو ڪري وڄي رهيون هجن.
    عباس ٻاهر هليو ويو پر هن جا ڳوڙها ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن، چپ چاپ اچي کٽ تي ليٽي پئي. ڳوڙهن سان گڏ، چپ به جنبش ۾ اچي ويس، ڪا اڻ کٽندڙ دعا چپن تي بيهي رهي هئس. هونءَ به عباس جون راتيون ٻاهر رهڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي ۽ ماءُ کي ٻڌائي ويندو هو ته آسرو لاهي سمهي پوندي هئي پر رات کيس دل ۾ آيو ته اڄ نه ڇڏيس! پر وري پٽ تي کيس پورو اعتماد هو ۽ سندس هر کڄندڙ قدم تي ايترو يقين ۽ ڀروسو هئس، جو ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه ۾ مخالفت نه ڪئي هئائينس. مڙس جي مري وڃڻ پڄاڻان هن عباس کي ڪڏهن به پيءَ جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏني هئي. محنت ۽ جفاڪشي ڪري سندس پرورش ڪئي هئائين ۽ کيس پنهنجي پرورش تي ناز به هو. هو هينئر پيرسنيءَ ۾ سندس واحد سهارو هو. جنهن لاءِ هوءَ انيڪ خواب ڏسندي رهندي هئي. پٽ جي دل ۾ به ماءُ لاءِ بيحد عزت، محبت ۽ فرمانبرداريءَ جو جذبو ڳتيل هو. ماءُ جو هر حڪم اکين تي رکي سرانجام ڏيندو هو پوءِ اها سندس جنم ڏيڻ واري ماءُ هجي يا ڌرتي ماءُ!
    ڳپل رات وهامي چڪي هئي پر ماءُ کان ننڊ اڄ رسي وئي هئي، دل جي سڪون جيان ۽ پوءِ نيٺ پره جي ڪنهن ٿڌڙي جهوٽي کي ڪهل اچي وئي هئي ۽ کڻي ويو هئس، کن لاءِ ننڊ جي واديءَ ۾! اک تڏهن کليس جڏهن گهر جو دروازو ڪنهن زور زور سان کڙڪايو. هن دروازو کوليو، ٻاهريون هيانءَ چيريندڙ منظر ڏسي، پٿر بنجي وئي. سڄي رات پٽ جي اوسيئڙي ۾ اوجاڳيل ڏرا ڏئي ويل اکيون ڏک، حيرت ۽ اوچتي صدمي کان کليون ئي رهجي ويس. اهو پٽ جيڪو ڪالهه شام، ساڻس ڳالهيون ڪندي ٻاهر هليو ويو هو، جنهن ماءُ جي پاڪ روح کي ڄڻ اچڻ واري خطري جو اهڃاڻ ڏنو هو. هوءَ ٻيهر ويران اکين سان ٻاهريون منظر ايئن ڏسڻ لڳي ڄڻ اهو سڀ ٿيڻ جو اڳ ئي هن کي ڪنهن چتاءُ ڏنو هجي. سڄي رات الائي ڇو ايترا ته لڙڪ وهندا رهيا هئس جو هينئر خشڪ اکين ۾ ڳوڙهن بجاءِ جگر جو ريٽو رت لهي آيو هئس. هن جو جوان پٽ هن جي آسن ۽ اميدن کي اڄ پنهنجي جوانيءَ جي خون ۾ رنگي لالئون لال ڪري آيو هو. منهن تي خون جي لارن ڄڻ موڙن جي ڏِکَ ٿي ڏني. ٻئي هٿ رت جي رنگ سان مينديءَ رتاٿي لڳا. ڄڻ ماءُ جي حڪم جي جلدي تعميل ڪري گهوٽ بنجي آيو هجي. ماءُ ڏسندي رهي..... ڏسندي رهي...... ان مهل ئي ڪجهه جوان ڇوڪرا جن جا هٿ ۽ لٽا پڻ رت ۾ رڱيل هئا، ماءُ جي ويجهو اچي ڇلڪندڙ اکين سان ڏانهس نهارڻ لڳا، ڄڻ عذر خواهي جا سڀ لفظ به شهيد ٿي چڪا هجن.
    هوءَ ٿورو اڳتي وڌي کٽ تي سمهيل جوان پٽ جي چهري کي هٿن جي ٻُڪ ۾ ڀري ڳراٽڙيون پائڻ لڳي ۽ منهن تي وهي آيل رت جي لارن کي ايئن هٽائڻ لڳي ڄڻ پنهنجي گهوٽ پٽ جو موڙ اندران چهرو ڏسندي هجي ۽ پوءِ ڄڻ سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو هجيس. زور سان پٽ کي سيني سان لائي ڇڏيائين. سندس سينو پٽ جي کهنبي رت سان لت پت ٿي ويو ۽ پوءِ اوڇنگار ڏئي هن دانهن ڪئي.
    ”هي ڪيئن ٿيو!؟ هي ڪنهن ڪيو؟! منهنجي اميدن کي ڪنهن رک ۾ ملايو؟“ نوجوان جيڪي ڪنڌ جهڪايو ڀرسان ئي بيٺا هئا. انهن مان هڪ اڳتي وڌي اچي سندس ڀر ۾ بيٺو. جوش مان اکين مان ڄڻ باهه جا اُلا پئي نڪتس جوشيلي مگر ڌيمي آواز ۾ چوڻ لڳو. ”امڙ! اسان جي دل اهڙي آهي جو هر ڪنهن جي درد تي دانهن ڪري اٿندي آهي. پاڻ ڪيڏي به درد ۽ پيڙا ۾ مبتلا ڇو نه هجون، ٻئي جي درد کي پاڻ کان وڌيڪ محسوس ڪندا آهيون. مهمان نواز وري اهڙا جو اگر ڪو بي گهر اچي ڪڙو کڙڪائي ته گهر ۾ جڳهه هجي نه هجي! دل ۾ جايون ڳولڻ لڳندا آهيون. مهمان نوازي جو اهڙو ثبوت پيش ڪندا آهيون جو پنهنجو الهه تلهه، گهر گهاٽ ان بي گهر ڏتڙيل مهمان جي حوالي ڪري، پاڻ ويندا آهيون پنهنجي ئي وجود ۾ گم ٿيندا. رات ڏينهن پگهر وهائي، جيڪو ڪجهه آڻيندا آهيون، ان جو ڪڏهن نه ڀرجندڙ ڀڀ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون هو اسان جو پگهر ۽ رت پِي، پِي، بظاهر ايترو ته ڦولجي ڦنڊجي ويندو آهي جو پيٽ ويندو اٿس ڦهلبو ۽ اکيون وينديون اٿس پوربيون ۽ پوءِ نه هلي سگهندو آهي نه ڏسي سگهندو آهي. اسان وري اڃا وڌيڪ مهمان نوازيءَ جو ثبوت پيش ڪندي، جيئن هلڻ ۾ تڪليف نه محسوس ٿئيس، ڪنهن ڀلي گهوڙي تي سوار ڪري واڳ هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندا آهيونس! ڀڀ وڌيل ۽ اکيون ٻوٽيل ته اڳيئي هونديون اٿس، باقي واڳ هٿ ۾ اچڻ کان پوءِ اهو نه ڏسي سگهندو آهي! ته سندس گهوڙي جي بي رحم سنبن هيٺان ڌرتيءَ جو مقدس غلاف آهي! ڪنهن ماءُ جي ارمانن جي، آسن اميدن جي وڇايل جهولي آهي يا ڪنهن نئين ونيءَ جي سندور ڀريل سينڌ آهي! هو ته هلندو رهندو آهي ۽ سندس رستي ۾ ايندڙ هر شيءِ کي ڪچليندو ويندو آهي.“ نوجوان ساهه کنيو ۽ ڳالهه جاري رکيائين. ”ايئن ئي رات به ڪي سنب ڌرتي جي مهانتا، مائرن جي مامتا ۽ نياڻين جي پوترتا ڏانهن بري نيت سان وڌيا هئا ۽ اوهان جو ڪونڌر پٽ، ڌرتي جو دولهه، سنڌ جي سوڀيا ۽ سندرتا بچائيندي، اسان جو هي ارڏو ساٿي، ڌرتي ماءُ جو فرض ۽ قرض چڪائيندي شهيد ٿي ويو!“ نوجوان اکين جي لڙڪن کي ڳيت ڏئي ضبط ۾ رکيو ۽ ڳالهه جاري رکي. ”جيسين سنڌ امڙ جو هڪ به سپوت جيئرو آهي، تون پاڻ کي اڪيلو نه ڀانئج جيجل، اسان سڀ تنهنجو اولاد آهيون ۽ يقين ڄاڻ تنهنجي پٽ جيڏائي فرمانبردار آهيون. اسين سنڌ امڙ جي ڏکن جي علاج لاءِ نڪتا آهيون، مائرن جون دعائون اسان کي ماڳ رسڻ لاءِ اتساهينديون رهنديون.“ هن ڳالهه پوري ڪئي، ماءُ جي اکين مان لڳاتار ڳڙندڙ لڙڪ بيهي ويا. ماءُ پنهنجو هٿ مٿي کنيو ۽ سڀني نوجوانن جي مٿي تي رکيو ۽ موٽي اچي پٽ جي سيراندي کان بيٺي. ”منهنجا صالح پٽئو! عباس جي هر عمل تي مون کي فخر آهي ۽ اوهان جيڪي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ اڳتي وڌيا آهيو، آئون اوهان کي يقين ٿي ڏياريان ته جيسين سنڌ امڙ جي هڪ به ڄائي زنده آهي، اسان مائرن جو هٿ اوهان جي مٿي تي رهندو! اسان جون دعائون اوهان سان آهن ۽ اوهان سان رهنديون. شال اوهان پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيو. منهنجو پٽ به اوهان سان آهي! پنهنجي عزم جي روپ ۾ ۽ دعائن جي روپ ۾!“
    ماءُ وڏي آهه ڀري ۽ پٽ جي زخمن، مان وهيل رت کي هٿن تي هڻي، سيني تي هنيو ۽ پوءِ اهو جوان خون ڌرتيءَ جي سيني تي ملڻ لڳي. جيڪا عباس کي پنهنجي وشال سيني ۾ سمائي ڇڏڻ لاءِ آتي هئي.

    (صنوبر سيد جي ڪهاڻين جي مجموعي ”مشعل ٻرندي رهندي،“ تان ورتل)
    


    سائو ٿيل گاهه : - ڪملا گوڪلاڻي

    نيٺ ڪاليج جي مشغولين ۽ گهرو اڻٽر ذميوارين مان پلاند آجا ڪري مان گجرات وڃي رهي آهيان. اتي رٿيل وياکيان مالا پروگرام ۾ خاص ڳالهائيندڙ جي روپ ۾ هن ڀيري مونکي نوتو ڏنو ويو آهي. وشيه ۾ منهنجو چاهه به آهي ۽ تازو يوُ. جي. سي. پروجيڪٽ به پورو ڪيو اٿم. سِرو آهي: ”سياست ۽ ساهت جي واسطيداري.“ ڪنوينر ۽ نينڍ ڏيندڙ آهي، منهنجي دل گهري ساهيڙي ڊاڪٽر رجني. نينڍ پتر سان گڏ ڊاڪٽر رجنيءَ جو قرب نامو به شامل آهي، جنهنجو مضمون هن ريت آهي:
    منهنجي مٺڙي ڀيڻ،
    ڀريا ڏهه ورهيه ٿيا آهن توکي ڏٺي، توسان ملئي. پر ان ڏهاڪي ۾ تون هر وقت مون سان گڏ رهي آهين. دراصل، منهنجو وجود تنهنجي ڪري ئي سلامت آهي. هميشه وانگر هن ڀيري به ڪو بهانو ڏئي ٽاري نه ڇڏج. جيجاجي به توکي شخصي پروگرامن لاءِ ڀلي موڪل نه ڏيندو هجي، پر هن قسم جي سيمينارن ۽ پروگرامن لاءِ فخر سان ڇڏيندو اٿئي. وياکيان مالا جو ٽاپڪ به تنهنجي پروجيڪٽ سان وابسته آهي.
    اچي پاڻ شاهد بڻج، ته تنهنجي رجو، جا پاڻ کي نالي پٽاندڙ رات جي اونداهيءَ جهڙي اڀاڳي ۽ اپسوڻي مڃي، چنتائن جي چڪرويوه ۾ ڦاسي، مانسڪ هنسائن جا هٿوڙا سهي، ڊپريشن جو شڪار بڻجي پئي هئي، جنهن ڪئين دفعا پنهنجي سرير کي- پرماتما جي ڏنل منشيه ديهه روپي هن املهه وراثت کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي، ڪڏهن ننڊ جون گوريون وٺي، ڪڏهن منگهڻ مارڻ جي دوا پي، ڪڏهن ڦاسيءَ جو ڦندو تيار ڪري، ڪڏهن ڪنهن کوهه يا باوڙيءَ ۾ شرڻ وٺڻ جي ناپاڪ ارادي سان گهر ڇڏي، سا تنهنجي رجو هاڻي ڪيئن ٿي پئي آهي.
    هر دفعي ڪنهن ازغيبي شڪتيءَ اچي آتم هتيا جي پاپ کان روڪي، بي وقتائتي مؤت کان پئي بچايو. هيءَ ته ماءُ هئي جنهن جي آنڊي جي ڄر منهنجي اها حالت ڏسي نه سگهندي هئي. هڪ پاسي ڊاڪٽر ته ٻئي پاسي فقير ۽ مسر ٻانڀڻ پئي ڀيٽيندي هئي.
    ان دفعي به امان ڪيڏو ضد ڪري تنهنجي شهر ۾ ٿيندڙ منهنجي ماسات جي شاديءَ تي وٺي آئي. اها لالچ ڏئي، ته شاديءَ جي بهاني پنهنجي دل گهري ساهيڙيءَ سان ملي اچ، ته من وڃي ڪو ٻيءَ پويئي. ۽ ان دفعي تنهنجو ملڻ مون لاءِ وردان بڻجي پيو. تو سڄو هفتو ڪاليج مان موڪل وٺي ڏينهن جو شهر جا پڪنڪ اسپاٽس گهمائي قدرتي نظارا ڏيکاري، پڙهائيءَ ۽ هاسٽل وارن ڏينهن جي ياد کي تازو ڪيو ۽ رات جو ڪچهريون ڪري روح- رهاڻين سان ڪنهن جادوئي انداز ۾ هپناٽائيز ڪري منهنجي- نراس ۽ ٿڪل زندگيءَ ۾ آشا جو سنچار ڪري نئين سِر جيئڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيو. مون ۾ پاڻ سڃاڻي پاڻ لهڻ جي توفيق جاڳائي. ماضيءَ جي ڪُنن جي ڪڙڪي مان آجي ٿي حال کي سنڀالي، مستقبل لاءِ سوچڻ جي شڪتي جاڳي. حياتيءَ جي ڊڀ بڻجي سُڪي ويل جنهن گاهه کي بيڪار سمجهي اُڇلايم ٿي، سو تنهنجي پنهنجائپ ڀري نينهن جي پاڻيءَ سان سائو ٿيڻ لاءِ سِس ڪڍي بيٺو.
    خود ثنائيءَ کان پاڻ بچائي پاڻ کي پڏائڻ جي فطرت کان پري رهي، سچ ٿي چوان ته هت نه رڳو، منهنجا شاگرد ۽ ڪليگس پر پرنسيپال ۽ وائيس چانسلر به چوندا آهن ته سنڌين جي ذهنيت کي سلام آهي. ڊاڪٽر رجنيءَ جي ليڪچر ۽ رهبريءَ تي شاگرد ايئن ئي فدا آهن، جيئن اڳ ۾ آچاريه ڪرپلاڻيءَ لاءِ چريا هوندا هئا. ڏيهي پرڏيهي کوجنيڪن کي پاڻ تي مفتون ڪري ڇڏيو اٿس.
    پر به مان ايڏي تفصيل لکي تنهنجي جگياسا ڇو شانت ڪري رهي آهيان. تون ڪيئن به ڪري روبرو اچي ڏس ته تنهنجي رجنيءَ جي چوگرد قدرت ۽ پرماتما ڪيئن اُجالا ئي اُجالا، روشنيون ئي روشنيون لُٽايون آهن. پر انهن اُجالن کي سار ٿڪتا تڏهن آهي، جڏهن تون اچي ڏسندينءَ- اهي اُجالا خلقي روشني، لٽائيندڙ منهنجي شريڪِ حيات اُجول کي. هو آهي منهنجي ئي ڪليگ تو جهڙي دل گُهري ساهيڙي پروفيسر سڀدرا جو ڀاءُ، شهر جي نامياري فرم ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر، وڏي ڳالهه ته وڪرم جو باس، جنهن مونکي اٿاه خوشيون عطا ڪري وڪرم کي هر پل احساسِ جُرم ۾ تڙڦڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي.
    تنهنجي اوسيڙي ۾ تنهنجي ئي ته،
    رجني.
    رجني بي. ايڊ، ۾ منهنجي هاسٽل جي رُوم- ميٽ هئي. بي. اي. ۾ يونيورسٽي ٽاپ ڪري ٻه ٻه گولڊ ميڊل حاصل ڪيل. پرنسيپل به چوندي هئس: ”تون ايم. اي. ڪري ڪاليج ۾ ليڪچرر بڻج. بي. ايڊ. ڪري ڇا ڪندينءَ؟“ پر رجنيءَ جو ٻڍو پتا ٽن نياڻين کي ڪڏهن شينهن ڪلهي چاڙهي پار پوندو، انڪري رجنيءَ فيصلو ڪيو، ته جلد ماستري ڪري ٻنهي ڀينرن جي شادي ڪرڻ بعد ئي پنهنجي حياتيءَ بابت سوچيندس. ۽ سچ پچ بي. ايڊ، ڪرڻ بعد ترت ئي کيس ماستري ملي. ٻنهي ڀينرن ٻارهون درجو پاس ڪيو، سونهن ۾ سرس هجڻ ڪري جلد انهن لاءِ سٺا گهر ملي ويا ۽ هاڻي رجنيءَ کي ماءُ پيءُ سمجهايو ته تون شادي ڪر، اسانجي حياتيءَ جو ڪهڙو ڀروسو؟ هن خود غرض ۽ بيدرد جهان ۾ تون ڪيئن اڪيلي سِر هلي سگهندينءَ ۽ اڃا آهين به 27 ورهين جي. اڄ ڪلهه گهڻو تڻو ڇوڪريون ان عمر تائين مس وڃي ٿيون شادي ڪن.
    ۽ رجوءَ جي وڪرم نالي هڪ انجنيئر سان شادي ٿي گذري. هو بمبئيءَ جي وڏي فرم ۾ ملازم هو ۽ پنهنجي ماسيءَ جي گهر ۾ رهندو هو. شاديءَ ۾ مان به پنهنجي ٻنهي ٻارن ۽ مسٽر سميت شريڪ ٿي هئس. هفتي بعد جڏهن رجو بمبئيءَ لاءِ رواني ٿي رهي هئي، تڏهن مان کيس اسٽيشن تي اُپرائڻ وئي هئس. اتي ئي مونسان ڀاڪر پائي اچي اوڇنگارن ۾ پئي. چوي، ”وڪرم جيترو شڪل جو سهڻو ۽ نالي موجب قداور ۽ ٺاهوڪو آهي، هوند هر ڪو منهنجي ڀاڳ تي ريس ڪري، پر مِٺي، هنجو پنهنجي ماسات سان اجوڳ ناتو آهي. هڪ هفتي ۾ مون گهڻائي رنگ ڏٺا آهن.“
    مونکي ڌڌڪو رسيو- قسمت جا هي ڪهڙا تماشا آهن؟ رجوءَ کي هيءَ ڪهڙن ڪرمن جي سزا ملي رهي آهي؟ پر ٻاهران ڏڍ ڏيڻ لاءِ چيم: ”چري پاڻ ته سنويدنشيل ڪلاڪار آهيون. ڪنهن سنٻنڌيءَ سان گهڻي اٽئچمينٽ ڪري گهرائي ٿي ويندي آهي. هو به ماسيءَ وٽ اٺ ورهيه رهيو آهي. توکي اجائي غلط فهمي آهي. ڇوڪريءَ جي شادي ٿي، يا توکي ٻار ٻچو ڄائو، ته سڀ نارمل ٿي ويندو.“
    پر ايئن ڪٿي ٿي سگهيو؟ وڪرم ته ماءُ پيءُ جي ٻڍاپي جي خواهش ڏسي رجنيءَ لاءِ ”ها“ ڪئي. نه ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو به نه هوس. رنگ روپ، پرسنلٽي، تعليم، گهرو ڪم ۾ مهارت حاصل ڪيل، وڏ گهراڻي، سنسڪاروان، نمرتا ڀرئي مٺڙي سڀاوَ جي مالڪڻ. پر هو ڪو سچ پچ ماسات جي پريم ڄار ۾ ڦاٿل هو.
    رجوءَ سان سندس وهنوار نؤڪرن کان به بدتر هو. اڌ رات تائين ماسات سان رُلي- پِني گهر ايندو هو. رجو سهاڳڻ هوندي به ڪنواري ئي رهي. سندس برفيلين اکين ۾ اپمان ۽ بي عزتيءَ جي چڻنگ جي لهس اندر ئي اندر جلائي کيس جُهوريندي رهي. ڏينهن رات طعنن جا تير، مهڻن جا موچڙا ۽ ٽوڪن گاڏڙ گارين جو وسڪارو وسائيندو رهندو هوس. ڪاليج جي لاثاني رجو هنن لاءِ جاهل، ڳوٺاڻي، مورک ۽ اڌ چري هئي. دڙڪن جو اهو دستور نؤڪرن، ڌوٻيءَ ۽ آئي وئي آڏو به سلسليوار جاري رهندو هو. پر پيڪن جي ”سپورٽ“ نه ڏسي رجنيءَ وٽ خاموشيءَ جي ڍال جو سهارو وٺڻ کانسواءِ ڪو چارو نه هو. هوءَ سمجهي وئي ته ان بهاني کائنس پلاند آجا ڪيا ويندا. جڏهن سهڻ جون سموريون حدون پار ٿي چڪيون ۽ رجوءَ زبان کولي. ته کيس بهانو ڪري پيڪي موڪليائون ۽ ٻن ڏينهن بعد طلاق جو نوٽيس، جيئن اهڙن ڪيسن ۾ ٿيندو آهي، ڪوڙا سچا من گهڙنت الزام هڻي. رجنيءَ کي هڪ ته ڪنهن جو ساٿ ۽ سهارو ڪونه هو. ٻيو ٻن مهينن ۾ ساڻس ٿيل عقوبتن ڪري هوءَ ڪابه مخالفت ڪرڻ يا موٽي وڃڻ جي همٿ نه ڪري سگهي، سو طلاق نامي تي صحي ڪري موڪلي ڏنائين ۽ وڃي ٻيهر نوڪري ڪيائين. پر ڄڻ بي ڏوهي هوندي به ڏوهارين جهڙي حالت بڻجي پيس. کيس لڳندو هو اسٽاف ۽ پاڙي وارن جون سوالي نظرون ۽ شڪي سوال کڻي هوءَ جيئري نه رهي سگهندي. هنن ڪيسن ۾ ڪير اهو نه سوچيندو آهي، ته آخر ڇوڪريءَ سان ئي ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ ايئن ته ڪير هوند ڪرڙ ۽ ٻٻر جي وڻ سان به نه ڪري، هڪ زمين مان اُکوڙي ٻينءَ ۾، ۽ ٻينءَ مان پاڙئون پٽي ٽينءَ ۾... ۽ ايئن ڇوڪري ڌڪ گهٽ مانسڪ روڳي بڻجي پئي.
    مون ان هفتي ۾ سندس آتم وشواس جاڳائڻ جي ئي ته ڪوشش ڪئي هئي. چيومانس: ”حياتيءَ جو مقصد مَٽائي، ڪامياب پتني ۽ نماڻي نُنهن جو محدود دائرو ڇڏي، ايم. فِل، پي- ايچ. ڊي. ڪرڻ لاءِ کوجنا جي ميدان ۾ ٽپي پئُه. گانڌين ٿاٽِ (Gandhian Thought) ۾ تنهنجو چاهه آهي. تون به مانسڪ هنسا تي ويهي کوج ڪر. هن طرح جُهرڻ سان ته هٿائين تنهنجي ظالم ساهرن کي، وڪرم نالي بيحد ڪانئر پتيءَ کي، اِهو به چوڻ جو موقعو ملندو ته ڇوڪري چري آهي ۽ اُهي بي ڏوهي ثابت ٿي ويندا.“
    رجوءَ سچ پچ پنهنجو سمورو ڌيان ”ڪئريئر“ ۾ کُپائي ڇڏيو. جنون ڌاري جُنبي وئي پنهنجي ريسرچ ۾. ايم. فِل.، پي- ايچ. ڊي. ڪري وديا پيٺ ۾ ئي ليڪچرار بڻي. ۽ ڇهن ورهين جي مختصر عرصي ۾ ئي ٽي پي- ايچ.ڊي. جا ٿيسز ۽ چار ايم. فِل جا ڊسرٽيشن پنهنجي رهبريءَ ۾ تيار ڪرايا. نتيجن، گذريل سال ريڊر جي پوسٽ لاءِ ٿيل اِنٽرويو ۾ به هوءَ چونڊجي وئي. سڀ کان اول اها خوشخبري مونکي ئي ڏني هئائين.
    مون مذاق ۾ ئي کڻي لکيومانس: ”مان تنهنجي ڪاميابيءَ کي تڏهن مڃان، جڏهن تون پنهنجي مانس اِستر جي ڪنهن ڇوڪري سان ”سيٽل“ ٿين، وڪرم ۽ سندس واسطيدارن کي احساسِ جُرم ۾ تڙڦڻ لاءِ مجبور ڪرين ۽ جنهن نراسا ۽ ڊپريشن جو شڪار هنن توکي بڻايو هو، ان کان وڌيڪ مانسڪ ياتنائون اُهي به ڀوڳين.“
    ايئن ياد ڪندي ڪندي منهنجي جا اک لڳي، سا گاڏي بيهڻ تي ئي کلي. ڏٺم ته منهنجي منزل اچي چڪي آهي ۽ دٻي ٻاهران رجني پنهنجي اُجول سان مٺڙي مرڪ ۽ آجيان جي جذبي جا اڪيچار انبار کڻي مونکي رِسِيوَ ڪرڻ لاءِ بيٺي آهي.... ۽ مونکي لڳي ٿو، اُجول جي آڌار ڀومي، سندس پيار جو پاڻي ۽ حياتيءَ جي مڙنئي حاصلاتن جو ڀاڻ پائي، سُڪل گاه سائو ٿي لهلائڻ لڳو آهي.

    (1947ع کان پوءِ جي هند جي چونڊ ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ”ڪٿا – ياترا“، تان ورتل)
    


    عبادت : - اندرا شبنم

    گهر جي دروازي تي ڪنهن دستڪ ڏني. مون دروازو کوليو. ٽپالي هو. هن مونکي هڪ وزندار، خوشبوءِ سان ڀريل، رنگين لفافو هٿ ۾ ڏنو. مون اُتاولو ٿي ائڊريس جا اکر ڏٺا. ڄاتل، سڃاتل اکر، خوبصورت لکاوٽ، پٺيان موڪليندڙ جو ناءُ ۽ پتو نه لکيل. اهڙا لفافا تمام ننڍيءَ عمر کان منهنجي هٿ ۾ ايندا رهيا هئا ۽ هڪ اڻ ڄاتل اُڻ-تڻ ۽ هر کر جو احساس ڇڏي ويندا هئا.
    بابا، جو سنان ڪوٺيءَ ۾ سنان ڪري رهيو هو، سندس بي صبريءَ ڀريو آواز ٻڌي هوش ٺڪاڻي اچي ويو، ”ڪير هو؟ ٽپالي؟ خط آيو آهي؟“ هڪ ئي وقت سهڪندي- سهڪندي بابا سڀ سوال پڇيا. هو تڪڙ ۾ لڱ اُگهي رهيو هو. شرارت ڀري مرڪ مرڪندي مون چيو، ”خط آيو آهي.“
    ”آيس! آيس، اِجهو آيس. ٽپائيءَ تي رکُ،“ بس ان جملي پوري ڪرڻ سان ئي بابا اک ڇنڀ ۾ منهنجي سامهون هو.
    لفافو وٺي سرسري نظر لفافي جي ائڊريس تي وجهي بابو پنهنجي ڪمري ۾ بند ٿي ويو. سالن کان سڀ ڪجهه ساڳيو هلي رهيو هو. ساڳئي قسم جو رد-عمل ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين، مان اِهو کيل خاموش تماشائي بڻجي ڏسندو رهيو هوس. پر اڄ الائي ڪهڙي ديوانگي مون مٿان طاري ٿي، ڀڳوان ڄاڻي. ننڍپڻ جي سموري اُڻ-تُڻ هن پل ۾ مونکان ڇا – ڇا ڪرائي رهي هئي.
    مان بند دروازي جي ”ڪي هول“ مان بابا جي هر حرڪت کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. بابا خط پڙهندي – پڙهندي ڪڏهن گنڀير، اصل ساهه روڪي، خط جو هڪ هڪ حرف پڙهي رهيو هو، ته ڪڏهن زيرلب مسڪرائي رهيو هو. الائي ڇو؟ مون دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪئي ۽ وري ”ڪي هول“ مان بابا جي چهري جو جائزو ورتو. ايئن پئي لڳو، ڄڻ ته ڪنهن ماڻهوءَ بابا جي سماڌي ڀنگ ڪئي هُجي. الائي ڇو، مون پاڻ کي هن شرارت تي هيسيل محسوس ڪيو.
    ”ڪير آهي؟ ڇا کپيئي؟“
    ”بابا مان آهيان، منهنجو ٽوال اندر رهجي ويو آهي. سنان ڪرڻو آهي. ڪاليج وڃڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.“ مون وري بابا کي ڏٺو، بابي اهو لفافو گديءَ هيٺيان کڻي لڪايو ۽ منهن تي هٿ گهمائي چهري تي سهج ڀاوَ آڻي دروازو کوليو.
    مان به بابا کان گهٽ ٿورو ئي هوس، اهڙي شڪل ٺاهيم ڄڻ ته ڪجهه ڄاڻان ئي نه. اندر هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي چيم، ”ساري بابا، هن ڪمري ۾ ته ٽوال ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ڳولهيان ٿو،“ ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري آيس. بابا وري جهٽ کڻي دروازو بند ڪيو.
    بابا جي اِها عادت مونکي اميءَ ننڍي هوندي ئي ٻڌائي ڇڏي هئي، ته بابا جڏهن ڪهاڻيون-ناول يا ڪجهه لکندو پڙهندو آهي ته ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجيءَ اڻ پڙهيل امان کي بابا جي ودوان ۽ پڙهيل لکيل هئڻ تي ڏاڍو فخر محسوس ٿيندو هو. اسان ٻارن کي به چوندي هئي ته بابا جڏهن ڪمري جو دروازو بند ڪري ڪڏهن به رخنو نه وجهندا ڪريو. مون کي اڻ پڙهيل معصوم جيجل جي ڳالهين جي ياد اچڻ لڳي ۽ سندس ڪيل تاڪيد به. پر اڄ ته مون کي الائي ڪهڙيءَ کيچل کنيو هو، جو گهڙيءَ- گهڙيءَ من چاهيو ٿي، بهاني – ڪُبهاني بابا کي تنگ ڪندو رهان، جيستائين بابو چڙي. پر الائي ڪيئن مان دل جي ان ٻاراڻي حرڪت کي دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿيس. اڄ جو ڏيـنـهن مون لاءِ ڏاڍو آنڌ مانڌ وارو ثابت ٿي رهيو هو. ڪاليج، ڪلاس، ڪتابن ۽ ڪئنٽين ۾ ڪٿي به من نه پيو لڳي. ڏهن ٻارهن سالن کان جا خواهش منهنجي اچيتن من ۾ دٻيل هئي، ان هرکر کي مان دٻائڻ ۾ بلڪل ناڪامياب ٿي رهيو هوس. آخر گهر وڃڻ جي خيال سان ٿوري راحت محسوس ٿي.
    گهر آيس. امان چيو، ”آئين پُٽ، مان به ستسنگ ۾ پيئي وڃان،“ امان هلي ويئي. بابا نماشام جو واپس ورندو. منهنجي اُڻ-تُڻ واري اندر کي ڪا خوراڪ ملي ويئي بس مان، ۽ اڪيلو گهر، سڌو رخ رکيم بابي جي ڪمري ڏانهن. بابا جي ڪٻٽ جي هڪ خاني کي ڪلف لڳل هو. ضرور ڪجهه هن خاني ۾ هوندو؟ چاٻيءَ جي تلاش شروع ڪئي. چڱو وقت ڳولهڻ ۾ لڳي ويو. آخر بابي جي پلنگ جي گاديءَ هيٺان چاٻي لڌي. ڪٻٽ جو خانو کوليم. چؤطرف چندن جي سرهاڻ ڦهلجي ويئي.
    مونکي ايئن لڳو، ڄڻ ته ڪنهن پوڄا گهر ۾ پرويش ڪيو هجي. خاني ۾ تمام سليقي سان ڪي خط الڳ الڳ بنڊلن ۾ ٻڌا پيا هئا. هر بنڊل تي ترتيبوار سال لکيل هئا. ساڳيا ئي اُهي رنگين لفافا، ساڳيا سهڻا، صاف – سٿرا اکر، سڳنڌ ۽ هڳاءُ سان منهنجي سيٽيل نسن کي فرحت ملي. پر مونکي انهن بنڊلن کولڻ جي همت ئي نه پئي ٿي. ڪنهن ازغئبي شڪتيءَ منهنجا هٿ ٻڌي ڇڏيا هئا. ايئن پئي لڳو، ڄڻ ته مان ڪنهن مندر ۾ چوريءَ جي ارادي سان گهڙيو هجان! پر منهنجي من جي مستيءَ ۽ اُڻ-تڻ مون کي همٿايو، هڪ جهونو بنڊل کنيم ۽ ان مان هڪ خط ڪڍي ورتم.
    خط هڪ پريم پتر هو، جنهن ۾ پريم جو اظهار ڪيل هو..... وغيره وغيره لکيل هو. هيٺيان هڪ استريءَ جو نالو ۽ هڪ فوٽو به. جادوءَ ڀريو معصوم ۽ پوتر مهانڊو. منهنجي هٿ مان فوٽو ڇڏائجي ويو، جو اُن وقت ئي ڪنهن گهرجي گهنٽي وڄائي هئي. مان تمام گهڻو ڇرڪجي ويس، هٿ پير پگهرجي ويا، تڪڙ-تڪڙ ۾ اهو خط اُن بنڊل سان ٻڌي دروازو کولڻ ڀڳس. دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. شال بابا نه هجي. ايئن ڇو محسوس ٿيو، ڪو منووگيان جو ماهر ئي ٻڌائي سگهي ٿو. دروازو کوليم. ڌوٻي هو. مون اُن کان ڪپڙا وٺي رکيا. دروازو بند ڪيم. شرير مان طاقت موڪلائي وئي هئي. بستري تي ڦان ٿي ڪري پيس. بس ويچار ئي ويچار،... بابا ۽ پرناريءَ سان ڦاٿل؟
    منهنجي امڙ معصوم، اڻپڙهيل، پتيورتا، وشواسي، بابا کي اُتم ۽ آدرشي پتي سمجهي، سڄي زندگي ڪاٽي رهي آهي. منهنجو بابا سڄي عمر امڙ جي جذبن کي ٺڳي رهيو آهي. مڪار اِنسان! وات مان ازخود نڪري ويو. عمر جي هن حصي ۾ به امڙ ۽ اسانکي ٺڳيندڙ منهنجو پيءُ! جوانيءَ ۾ منهنجي امڙ، منهنجي عاشق مزاج بابا کان ڇا-ڇا نه سَٺو هوندو. اُف! اُن خط کي نه ، ڄڻ ته مون ڪنهن جوالامکيءَ کي ڇهيو هجي.
    خيالن جي وهڪري کي موڙڻ لاءِ ڪتاب کڻي پڙهڻ ويٺم. اکين اڳيان ور-ور ڪري اُها لکاوٽ! خط احمد آباد مان آيل هو. منهنجو چاچو به ته اُتي رهندو آهي. بابا ٻين- چئين مهني اُتي ويندو رهندو آهي. ضرور هن سان به گڏجڻ ويندو هوندو. شايد بابا جا ٻه گهر هجن، ۽ ٻه ڪٽنب. اِن خيال سان ئي منهنجو من ڪراهت سان ڀرجي ويو.
    ڪنهن در کڙڪايو. اُٿيم امان واپس موٽي هئي. ”اڙي ڇو بتي نه ٻاري اٿيئي؟ اوندهه ۾ نه پڙهندو ڪر، اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون اٿيئي. اڃا بابهن نه آيو آهي؟ پنڌ ڪري ڄڻ هڪ ڪاٺي ٿي ويا آهن. نه صحت جو خيال، ۽ نه عمر جو، منهنجي ڪير ٿو ٻڌي؟“
    مونکي امڙ جي اٻوجهائيءَ تي رحم به اچي رهيو هو، ته غصو به. بنا ڪنهن سوچ ويچار جي سوال روپي ٻاڻ منهنجي وات مان نڪتو، ”امان تون پڙهينءَ ڇو ڪين؟“
    ”پُٽ، گرمکي ته ايندي اٿم. ججي بئرسٽري ته- ڪرڻي ڪانه هئم. گهر جي ڪم ڪار لاءِ پڙهڻ ڇا تمام ضروري آهي؟ پر تون اڄ ڇو ٿو پڇين؟“
    مان پريشان ٿي ويس. ”بس ايئن ئي، امڙ نُنهن به اڻ پڙهيل وٺندينءَ، يا پڙهيل-لکيل؟“
    امان کلي ويٺي، ”نُنهن تنهنجي پسنديءَ جي وٺنديس!“
    ۽ هوءَ رنڌڻي جي ڪم ڪار کي لڳي ويئي.
    مون من ئي من ۾ چيو، ”امڙ پڙهيل هجي ها،.....“ اهو ويچار اڌ ۾ ئي رهجي ويو، جو بابا به اچي ويو.
    اڄ مون پنهنجي ڊبل ڪراس بابا کي الڳ، ’ائنگل‘ سان ڏٺو. پنهنجيءَ عمر کان اٺ. ڏهه سال ننڍو لڳندڙ، خوبصورت جسم ۽ شڪل جو مالڪ بابا، جنهن جي هرگڻ تي مان رشڪ ڪندو هوس. اڄ مونکي تمام هوشيار، بي وفا ۽ چالباز نظر اچڻ لڳو. اصل ولين، فلمي ولين نظر اچڻ لڳو. هميشه وانگر امان بابا جي دستوري گفتگو شروع ٿي. ”چانهه ته پيئار، ڀاڳوان!. تنهنجي هٿ جي ٺهيل چانهه پيئڻ جي ڪري ته مان ’سدا جوان‘ نظر ايندو آهيان“
    امان لڄ وچان ڳاڙهي ٿي ويئي. هن عمر ۾ به لڄ کان لعل ٿيندڙ شرميلي امڙ بيحد سندر، نُوراني ۽ تيجسوي نظر اچڻ لڳي. ”شرم نٿو اچيوَ، پُٽ جوان ٿيو اَٿو، نانا به ٿيا آهيون. اڃا تائين اِهي ڳالهيون نٿا ڇڏيو!“ هلڪو موڙو ڏيئي کلندي مرڪندي امان هلي ويئي.
    بابا اڄ مونکي نقلي-نقلي نظر اچڻ لڳو. دل ۾ چيم،’ڊبل رول.‘ هيل تائين مان پاڻ جيڏن سان بابا جي خوب تعريف ڪندو رهندو هوس. بابا ۽ امڙ جو پيار مون لاءِ آدرش هو. بابا جي شخصيت، گرهست جيونجي ڪاميابي، ڄاڻ، گيان مونکي بيحد متاثر ڪندا هئا. مان پاڻ کي بابا جو مريد سمجهندو هوس. بابا جا نيم، اسر جو اُٿڻ، ڪسرت ڪرڻ، ٽامي جي لوٽيءَ ۾ پاڻي پيئڻ، سڊول ڪسرتي بدن، سٺي پوشاڪ پائڻ جو ڏانءُ، سندس تيزفهمي، سئگل جا گيت تمام مٺي آواز ۾ ڳائڻ، هر وشيه ۾ دلچسپي ۽ ڄاڻ، چقمق جيان اِهي ڳالهيون مونکي هن جي شخصيت ڏانهن ڇڪينديون هيون. پر منهنجو بابا پر – استريءَ سان چڪر هلائي ٿو، هيترن سالن کان، قصور منهنجي بابي جو نه هوندو. ان استريءَ ئي منهنجي همدرد ۽ سٺي سڀاءُ واري بابي کي، ڇل-ول سان هر کايو هوندو.
    بس اِهائي خواهش رهجي ويئي اٿم، موقعو پائي سڀ خط پڙهان، حقيقت ڄاڻان، پوءِ ان استريءَ کي دٻ ڀريو خط لکان. ”ههڙي وهيءَ جو شخص، جوان پُٽ ۽ پرڻيل ڌيءُ جو پتا آهي. جو نانو به آهي، ته هڪ ڏينهن ڏاڏو به ٿيندو، ان شخص کي گمراهه ڪرڻ جو حق توکي ڪنهن ڏنو؟“
    ٻئي ڏينهن بس لڳي ويس ڪم جي تلاش ۾، ته ڪڏهن گهر ۾ اڪيلو ٿيان ۽ .... ۽ پنهنجي ڀٽڪيل من کي شانت ڪريان... هڪ ٻه ڏينهن موقعو نه مليو ۽ جڏهن تز موقعو مليو، ته جهٽ ڪٻٽ جو خانو کوليو ۽ بنڊل ۾ اڻ ٻڌل خط، جو ٻه – ٽي ڏينهن اڳ آيو هو، اهو ئي پڙهڻ ويٺم. لکيل هو: ”’ڪڪو انجنيرنگ جي پڇاڙيءَ واري سال ۾ پهتو آهي،‘ اهو پڙهي خوشي ٿي. پورهيا سجايا ٿيا. خط ۾ لکيو اٿوَ ته اهو منهنجو احسان آهي، مونکي نه وڻيو...ڊونيشن لاءِ پئسا برابر مون ڏنا، پر محنت ته تنهنجي پٽڙي جي آهي. تنهنجو پُٽ منهنجو پُٽ نه ٿيو ڇا؟ ٻارهن سال ٿيا هڪ ٻئي کي ڏٺي، گهر گرهستيءَ جي چڪر ۾ خبر ئي نه پئي آهي، ته سال پکين وانگر ڪيئن اُڏاميا. منهنجين ٻن ڌيئرن جي شادي به ٿي ويئي. هاڻي ڏاڍي اڪيلائپ پئي محسوس ڪريان. خاص ڪري صحت ٺيڪ نٿي رهي. ڪاش! مونکي به هڪ پٽڙو هجي ها! نُنهن هجي ها! ته ڪا آس هجيم ها! ڀاڳين ڀريو آهين. پُٽ هٿان اگني نصيب ٿيندءِ. طبيعت ٺيڪ نٿي رهي ۽ اڪيلائپ جي ڪري من سُست ٿي ويو آهي....“
    وڌيڪ خط پڙهڻ جي طاقت مون ۾ ڪانه رهي، اکيون آليون ٿي ويون، شرمسار....پشيمان....گناهه گار مان! عبادت ۾ وگهن وجهندڙ....بس،بس! سالن جا سال هڪ ٻئي کي بنا ڏٺي، گرهست جي گاڏي ڪاميابيءَ سان هلائيندي....هيتري پنهنجائپ! هيتري شرڌا! قربانيءَ جي ڀاونا! منهنجو من پنهنجي بابي لاءِ، ۽ ان اڻ ڏٺل ناريءَ لاءِ شرڌا سان ڀرجي ويو ۽ سنيهه جي ڀاونا پئدا ٿي ويئي. هيءُ پيار آهي يا پوڄا؟ اُنجي معنيٰ اَڄ مان انجنيئر به هن جي ڪرپا سان ٿيو آهيان.
    هِتان هُتان خط پڙهيم. وڌيڪ خطن پڙهڻ جي طاقت مون ۾ نه رهي. هڪ ڌار مڪ گرنٿ وانگر سڀ بنڊل ڪٻٽ جي خاني ۾ رکيم.
    اُن ڏينهن کانپوءِ اُهي رنگين لفافا جڏهن ڪڏهن به منهنجي هٿ ۾ ايندا هئا، ته منهنجو چهرو بابي جي نُوراني مکڙي کي ڏسي چمڪندو هو.
    ڪئلينڊر ڪروٽ بدليندو رهيو ۽ بابو، ڏاڏو به ٿي ويو.
    هڪ ڏينهن ٽپالي تار هٿ ۾ ڏني...مون تار کولي، احمدآباد مان آئي هئي، هُن جي گهوٽ جي، بابي جي نالي – هوءَ گذاري ويئي. انتم اِڇا هئس، تون سندس ارٿيءَ ۾ شامل ٿين، جلد روانو ٿيءُ.
    منهنجا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا، تار کڻي بابي جي ڪمري ۾ ويم، پٺيان دروازو مون بند ڪيو ۽ تار بابي جي هٿ ۾ ڏني. شينهن مڙس، ٻارن وانگر روئڻ لڳو. آواز ٻڌي، امان به در کڙڪايو، ”پُٽ ڇا ٿيو؟...“ مون بابي کي ڀاڪر ۾ ڀري سانت ڪرائي. پوءِ دروازو کوليو ۽ امان کي ايئن ئي ٻڌايو، ”بابي جو هڪ جگري دوست احمدآباد ۾ گذاري ويو آهي...تڪڙ ۾ منهنجا ۽ بابي جا ٻه ٻه اڇا وڳا وجهي، جلدي بئگ ٺاهي ڏي، اسان ٻنهي کي وڃڻو آهي...“
    بابا مون ڏانهن وائڙن وانگر نهارڻ لڳو. مون سندس ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ ڇاتيءَ سان لاتو، ڄڻ ته هن جو درد پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. سڄي سفر ۾ بابي ڪجهه نه ڪڇيو.
    اُتي پهتاسين. مون اُن ديويءَ جو درشن ڪيو، پير ڇهيا. بابي کي سهارو ڏيئي مک درشن ڪرايو. هن جي پتيءَ ۽ بابا هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري، پرچاڻي ڏني. ساڳيو ئي ڏنگ وڇوڙي جو ٻنهي جي دلين ۾، هڪ پائي به، نه پاتو؛ٻئي نه پائي به، گهڻو ڪجهه پاتو... ايئن پئي لڳو، ٻنهي جي پهرين ملاقات نه هئي. اُهي ٻئي صدين کان هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هئا.
    چکيا کي اگني مون ڏني، پڳڙيون ڪري روانا ٿياسين. گاڏي پنهنجي شهر ۾ پهتي. سامان کنيو، بابا کي چيو، ”اُٿو، پنهنجو شهر اچي ويو.“ بابا جون اکيون الائي ڪٿي نهاري رهيون هيون.
    مون بابا کي ڀاڪر ۾ ڀري اُٿاريو ۽ بابا کي چيو، ”ايشور جي رضا تي راضي رهڻ ئي زندگي آهي. آهي نه؟“
    ۽ بابا ڪنڌ سان ’ها‘ ڪئي.

    (”ڪٿا، ياترا،، چونڊ ڪهاڻين جي مجموعي تان ورتل)
    


    بُـــک ۽ اديــب : - شگفته شاهه

    هُو! ..... جيڪو هڪ اديب هئڻ سان گڏ ”وڏو ماڻهو“ به آهي جنهن کي اديبن جي سَٿَ جا ڪيترائي اديب ”برک اديب“، ”ديس جو هڏ ڏوکي اديب“، ”وطن جو نمائنده اديب“ ۽ ٻين انيڪ لقبن سان سڏيندا آهن.... هن غربت، افلاس ۽ عام ماڻهوءَ جي ڏکن سکن تي بيشمار ”ادبي شاهڪار“ تخليق ڪيا آهن... پر هُو پاڻ شهر جي هڪ اعليٰ سوسائٽي يعني ”وڏن ماڻهن“ جي علائقي ۾ رهندڙ آهي... هڪ ڀيري جڏهن سندس هڪ ”فارينر“ (پرڏيهي) دوست وٽس گهمڻ آيو هو ته کين عاليشان ڪار ۾ وٺي هُو پنهنجي ”اعليٰ سوسائٽي“ سان لاڳو ”غريبن جي بستي“ وٽان لنگهيو هو ته سندس دوست اتي گاڏي بيهاري غريبن جي ڏکوئيندڙ رهڻي ڪهڻيءَ کي ڏسي کيس چيو:
    ”توهان جهڙا وڏا ماڻهو هنن غريبن جي مدد ۽ واهر لاءِ اڳتي ڇو نه ايندا آهن... ڏسو.... هيڏي وڏي ماڻهن جي علائقي ڀرسان غريب بنيادي ضرورتن کان به محروم آهي ۽ توهان سڀ خاموش......!؟!“
    ....؟ پوءِ هن ڪار مان لهي سندس ملڪ جي هڪ تمام وڏي نڪرندڙ مشهور رسالي (مئگزين) لاءِ هڪ اهم رپورٽ لکي جنهن جو عنوان ‘Pollution, poverty and third world’ (آلودگي، غربت ۽ ٽين دنيا) هو. ان لاءِ پنهنجي ڪيئمرا سان بيشمار تصويرون ڪڍيون هيون. ان مهل ئي ان اديب انهن ”غريبن“ جو حساب ڪتاب صاف ڪرڻ لاءِ سوچي ورتو هو ۽ ترت پنهنجي پرڏيهي دوست کي ائيرپورٽ تي ڇڏي موٽڻ کانپوءِ انتظاميه جي ”وڏن ماڻهن“ کي شڪايت ڪئي هئي ته غريبن جي بستي اتي غير قانوني ۽ ”وڏن ماڻهن“ جي علائقي لاءِ ”آلودگي“ جو سبب هئي ۽ وڏي ڳالهه ته Low standered (گهٽ درجي واري) هئي جنهن ڪري ترت ئي انتظاميا جا پگهاردار ان وسنديءَ جي ماڻهن کي اتان تڙڻ لاءِ اچي ويا... ان ڏينهن ئي هن ”اديب“ جو ٽيليويزن تي هڪ ”ادبي پروگرام“ ۾ انٽرويو رڪارڊ ٿيڻو هو.... ۽ جيئن ئي سندس چلڪڻي ڪار سندس وڏي عاليشان بنگلي جي گيٽ مان نڪتي ته ٿورو اڳتي هلڻ کانپوءِ ڊارئيور گاڏيءَ کي اوچتو بريڪ هنيو.... ڀرسان ”غريبن جي وستي“ ۾ گوڙ متل هو ۽ انتظاميا جي پگهاردارن ۽ غريبن وچ ۾ وستي خالي ڪرڻ تي ڇتڪاڻ متل هئي... اوچتو هڪ ”پگهاردار“ جو زوردار ”ڏنڊو“ کائي هڪ ضعيف شخص ”اديب“ جي ڪار جي اڳيان اچي ڪريو هو ۽ سندس مٿي مان رت نڪري رهيو هو. اديب جي پڇڻ تي هڪ ”پگهاردار“ چيو هو:
    ”ڪا خاص ڳالهه ناهي سَر!... ڪجهه ئي، دير ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ۽ بستي خالي ٿي ويندي.... سڀني کان گهڻو گوڙ هي پوڙهو ڪري رهيو هو ۽ چوي ٿو ته اسين هيءَ بستي ڇو خالي ڪريون؟ هيءَ زمين ته پيڙهين کان اسان جي آهي. غاصب ته اهي وڏا ماڻهو آهن جن اسان جهڙن ڪيترن جون هتان زمينون ڦٻائي ۽ پکا پٽائي، هي محل ماڙيون ٺهرايون آهن.... پر سر! ڏنڊي کائڻ کانپوءِ اُميد ته هن پوڙهي جو دماغ ٺيڪ ٿي ويندو... اوهان وڃو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.... اهو چئي ”پگهاردار“ بي درديءَ سان پوڙهي کي ٽنگ کان پڪڙي روڊ جي ڪناري تي ڦٽو ڪيو ۽ ”برک اديب“ جي ڪار چيڪاٽ ڪندي تکي هلي وئي.... اڳتي هلي سگنل تي ڪار بيٺي ته هڪ فقيرياڻي فٽ پاٿ تي ويٺل هئي. سندس ڪڇ تي هڪ اڌ اگهاڙو ٻار هو جنهن جو پيٽ بک ڪري وڃي پُٺيءَ سان لڳو هو... فقيرياڻي کيس ڏسي صدا هنئي ”سائين! الله جي نالي ڪجهه پئسا ڏي ته هن معصوم کي ڪجهه کارايان جيڪو گهڙي پَل جو مهمان آهي....“
    نان سنيس!... هنن ماڻهن ته جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.... ڊرائيور جلدي هل....“ اديب ڪروڌ مان ڪار جو شيشو چاڙهيندي چيو.... ۽ پوءِ ”ادبي پروگرام“ ۾ کائنس انٽرويو وٺڻ دوران سڀني کان آخر ۾ جڏهن کائنس سندس وڏي کان وڏي خواهش بابت پڇيو ويو هو ته هن ٿڌو ساهه کڻي ۽ ڏاڍي ڏک سان چيو هو:
    ”جڏهن مرڻ کانپوءِ آئون قبر ۾ دفن ٿي مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويندس ته اها مٽي منهنجي ديس جي مٽيءَ ۾ شامل ٿي ويندي، ڪاش!! جيڪڏهن منهنجي ان مٽيءَ مان ڪو ڪڻڪ جو هڪ ٻوٽو پيدا ٿئي، ۽ اهو سَلو هڪ سنگ ئي ڪڍي جنهن کي منهنجي وطن جو ڪو ”ڏڪاريل“ هڪ ئي ڄڻو کائي پيٽ ڀري ته آئون سمجهندس ته مون پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ ملي پنهنجي ماڻهن ۽ وطن جو تِر جيترو ئي سهي ڪجهه ته قرض لاٿو.....“
    انهن جملن تي ڪمپيئرز توڙي آڊينس ۾ ”واهه واهه“ مچي وئي هئي ۽ اهو پروگرام نشر ٿيڻ کانپوءِ ته ڪيترن ئي اديبن ۾ به ”واهه واهه“ ٿي وئي هئي ۽ ڪجهه اديبن ته سندس آخري خواهش وارن لفظن کي ”لافاني“ هئڻ جو درجو ڏنو هو ۽ سندس اهي لفظ ڪيترين ڪهاڻين ۾ Quote ڪيا ويا، مثالن ۾ ڏنا ويا، ڪتابن ۾ لکيا ويا. ... پر.... شايد.... ڪنهن کي به اها خبر نه آهي ته اهو انٽرويو ڏئي جڏهن پنهنجي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار ۾ موٽيو هو ته ساڳي فٽ پاٿ تي هن جي نگاهه ان ئي فقيرياڻيءَ تي پئي هئي.... سندس ڏٻرو، ڪارو ۽ ڏرا ڏنل اکين ۽ پٺيءَ لڳل پيٽ وارو ٻار مري چڪو هو ۽ سندس ڪڇ ۾ وات کوليو پيو هو.... هن جي کليل وات تي مکين جا ميڙ هئا.... سندس بي جان اکيون سندس ماءُ جي چهري ڏانهن نهاري کانئس انيڪ سوال پڇي رهيون هيون.... ۽ سندس ماءُ وري آهستي آهستي گڏ ٿيندڙ ماڻهن ڏانهن هر هر ڏسي ڄڻ هر ڪنهن کان انيڪ سوال پڇي رهي هئي ۽ .... هن اديب نفرت سان هنن ڏانهن ڏسي وري منهن ڦيري چيو:-
    ”نان سنيس!...... ڊرائيور!......ڪار کي جلدي هتان ڪڍ.....“

    (سرتيون جولاءِ، 1992ع تان ورتل)
    


    موبائيل ۽ مِس : - ريحانه نظير

    ”ائي ٻڌ! هي S.M.S پڙهيو اٿئي،“ هڪ ٽيچر ڪلاس ۾ ويٺل ٻيءَ ٽيچر کي چيو.
    ٻي ٽيچر جيڪا هڪ ڇوڪريءَ جو سبق ٻڌي رهي هئي تنهن يڪدم کانئس پڇيو. ”ڪهڙو؟“
    ”اهو مِس وارو ڏس ڪيڏو نه سٺو لکيل آهي.“
    پاسي واري مِس هن ڏانهن آئي. ٻئي هڪ ٻئي ڏي ڏسي کلڻ لڳيون. ڇوڪري جيڪا سبق پڙهي رهي هئي سا سبق پڙهندي رهي ۽ هي ٻئي ڄڻيون هڪٻئي سان S.M.S بابت ڳالهائڻ لڳيون. ايتري ۾ ڪلاس ۾ ويٺل هڪ ٻي ڇوڪري مِس کي چيو.
    ”مِس هيءَ غلط پڙهي پيئي، سڄو سبق ڪچو اٿس.“
    پر مِس جو منهن اهوئي موبائيل ۾. سندس منهن ۾ ڪنهن مهل خوشي ڪنهن مهل گهُنڊ ۽ وري ڪنهن مهل تجسس پئي جاڳيو. ڇوڪريون هڪٻئي پٺيان ايئن ئي سبق پڙهنديون رهيون. ”ٻڌاءِ ته ڇا تي پئي ٿي کلين؟“
    پاسي واري مِس پڇيو؟ ايئن ئي S.M.S پئي ڏسان ماڻهو ڪيڏا نه بيوقوف آهن. ڪهڙا ته S.M.S ٺاهيا اٿن.
    ڇوڪري: ”مِس مِس هيءَ غلط پئي پڙهي.“ مِس نائله کي تمام گهڻو خراب لڳو ته هن مون کي Disturb ڇو ڪيو. هڪدم اٿي ان کي چماٽ هنيائين.
    ”سڄي شرارت تو ۾ آهي. رڳو اٿئي ٽپال ڏيڻي. هاڻي بس ڪري ويهه“. ڇوڪريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ هن نماڻين نظرن سان هيڏي هوڏي ڏسڻ شروع ڪيو.
    ڪلاس ۾ ويٺل مِس شمائله جنهن کي اڪثر گوڏن ۾ سور جي تڪليف هوندي آهي. تنهن چيو:
    ”نائله ٻڌ، هن مون واري ڪلاس جي ڇوڪريءَ کي به هڪ چماٽ وهاءِ. ڏاڍو ٿي گوڙ ڪري.“
    مِس نائله ڀرسان ويٺل ڇوڪريءَ کي چماٽ وهائي ڪڍي.
    ”انهيءَ کي ڇو هنيئي. صائمه کي چيو مانءِ.... پر خير تون به گهٽ ته ڪونه آهين. توکي به چڱو ٿيو جو لڳي.....“
    ڪرسيءَ تي ويٺل مِس شمائله پنهنجي گوڏن کي زور ڏيندي ڳالهائڻ شروع ڪيو،
    ”سڄو ڏينهن ڪِر...ڪِر ....ڪِر، مٿي ۾ ئي سور وجهي ٿيون ڇڏين“ اڳي ئي اسان کي گهرن جا مسئلا گهٽ آهن، هتي اچون ٿا ٻه ٽي منٽ ساهه کڻڻ. سو به نه ٿو ملي.“
    مِس نائله ”ادي اصل بس ڪري ويهه! وري ٿيون چون ته مِسون نه ٿيون پڙهائين سڄو الزام اسان جي مٿان.....“
    ”هنن کي خاموش ڪرائيندي اسان جو گلو ئي سڪي ٿو وڃي. ائي صبا وڃ گهران پاڻي ته کڻي اچ.“
    ”مِس مون سان گڏ ثنا ۽ سڪينه به هلن.“ ڇوڪريءَ نخري سان چيو.
    ”ها ها توهان به وڃو، پر جلدي اچجو.“
    ڇوڪريون پاڻي کڻڻ ويون، ايتري ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر موبائيل وڳي ”هيلو، هيلو امان ڪهڙا حال آهن؟“ نائله پنهنجي ماءُ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. شمائله جيڪا ڪاپيون چيڪ ڪري رهي هئي، تنهن جو سڄو ڌيان ان فون ڏي هليو ويو.
    مِس نائله پنهنجي ماءُ سان ڳالهائڻ ۾ لڳي وئي ته ڇوڪريون به پنهنجا پير ڊيسڪن تي رکي هڪٻئي سان ڳالهائڻ لڳيون.
    هڪڙيءَ چيو ”نيٺ مار مليئي نه!... نه مِس کي ڏسين ها نه ئي مار ملئي ها..!“
    زهره جو سبق ڪچو هو. مون مِس کي چيو پر مِس ته ٻڌو ئي ڪونه.“
    ”هروڀرو مار کاڌي.“
    مِس شمائله: ”ڇوريون بس نه ٿيون ڪريو. ڏسو نه پيون ته مِس فون تي پئي ڳالهائي. اٿي بيهو ۽ وات تي اڱر رکو. مِس جي حڪم تي ڇوڪريون اٿي بيٺيون ۽ آڱر پنهنجي چپن تي رکيائون.
    ايئن ئي مِس وري وڃي ڪرسيءَ تي ويٺي ۽ ڪاپيون چيڪ ڪرڻ لڳي. پر سندس ڌيان اهوئي فون جي طرف هو. مِس نائله فون تي پنهنجي ماءُ سان ساهرن جون گلائون ڪري رهي هئي.
    ”امان، مون سان ته ظلم آهي، ڪمائڻ وارو منهنجو مڙس ۽ کائڻ وارا ست ڄڻا. اڃا گهر ۾ مَسَ ڪو شيءِ جو ذرو ايندو ته سڀني جو وات ڄرڪي جيان ڦاٽو پيو هوندو. رڳو ٻليءَ وانگر پيا تڪيندا ته ڪيڏي مهل ٿو ملي“. سس کي هڪ صوف ڏينديس ته چوندي ته عمر لاءِ به رکجانءِ، ان کي به صوف وڻندا آهن“ دل ٿي چوي ته جهلي ڇڏيانس ته فروٽ آڻي ئي نه، پر ڇا ڪريان رابيل ۽ سيما ماني ته کائين ئي ڪونه. رڳو فروٽ کائيندا آهن. جهليان ته جهليان ڪيئن......؟!“
    ماءُ: ”بس امڙ اهي ڏکيا ڏينهن اسان به گذاريا. اهي جزائون ته هر ڪنهن جي نصيب ۾ لکيل آهن.“
    ماءُ ڌيءُ کي آٿت ڏيندي چيو.
    ”امان ٻيو ته ٺهيو، پر جي ڪڏهن هوٽل تي ماني کائڻ وڃن ته به پڦي چوندي ته منهنجي لاءِ به ڪجهه وٺيو اچجو. گهر جي ماني کائي کائي بيزار ٿي پيا آهيون.
    خبر اٿئي تو وارو نياڻو ڇا چوندو آهي!
    حاضر امان، ڇو نه!
    مون کي ته اصل نُنهن کان چوٽيءَ تائين باهه لڳيو وڃي. ڏائڻ، ڪجهه به نه ٿي سهي!
    ايتري ۾ ڇوڪريون پاڻي کڻي آيون. سندن جسم مان پگهرڳڙي رهيو هو ۽ هو سهڪي رهيون هيون.
    ”چڱو امان وڌيڪ پوءِ ڳالهائينداسين.“
    مِس نائله فون رکي پاڻي پيئڻ شروع ڪيو.
    ڇوڪريون پنهنجين پوتين سان پگهر اگهڻ لڳيون.
    ”ڪيڏي نه ڌپ اٿو پگهر ۾، وهنجنديون ڪونه آهيو ڇا؟“
    مِس نفرت مان ڇوڪرين ڏانهن نهاريندي چيو،
    چڱو هاڻي هلي ويهو.
    ڇوڪريون لڄي ٿيندي وڃي ڊيسڪن تي ويٺيون.
    ”پاڻي مان به پيئندس.“ ٽيچر شمائله چيو.
    مِس نائله بوتل مان پاڻي گلاس ۾ وڌو ۽ هٿ وڌائي کيس ڏنائين.
    هن پڇيو: ”امان جي فون هئي!“
    ”ها ادي، ماءُ پيءُ ته نياڻيءَ جو ڀلو سوچيندا آهن، پر گهر به ته سٺو ملي نه؟“
    ”ها، ادي ها! سچ ٿي چوين.“ مِس ڏک مان چيو.
    ”ڀلا ٻڌ، اڃا تائين اهوئي آزار اٿئي ڇا؟......،“
    ”تنهنجي ڏيرن کي اڃا ڪا نوڪري ڪانه ملي آهي؟“
    مِس شمائله همدرديءَ وچان پڇيو.
    ”ها ادي، بس مڙئي پيا زندگي گذاريون، منهنجو مڙس ويچارو ڏاڍو خيال رکندو آهي، تنهنڪري انهن ڇورن سان به منهن پيا ڏيون.
    ”جيڏي مهل ڏس ته منهنجي سس چوندي ته ابا عمر کي ته ڀاڙي جا پئسا ڏي، ۽ شازيه کي به ڪاليج في ڏيڻي آ!“
    ”رڳو ڪِر ڪِر ۽ نڀاڳ.“
    ”جهڙوڪَ عمر نوڪري ڪري اسان کي پڳ ٻڌرائيندو.“
    مِس نائله پنهنجي دل جو سور ٻڌايو چيو. ايتري ۾ وري مِس شمائله جي فون وڳي. ”هيلو، هيلو، ڪير ...... ڪير؟“
    ٻي مِس ٻارن کي خاموش رهڻ لاءِ چيو.
    ڪجهه دير ڳالهائڻ کان پوءِ فون بند ٿي ويئي.
    ”ڪنهن جي فون هئي؟“ مِس نائله شمائله کان پڇندي چيو.
    ”امان جي فون هئي منهنجي ٽيون نمبر ننڍڙي ڌيءَ جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، سو چيو اٿس ته موڪل وٺي اچ.“
    ”وڏي آپا کان وڃي موڪل وٺ.“
    مِس نائله مِس شمائله کي مشورو ڏيندي چيو.
    ”ها چوانس ٿي، پر توکي خبر نه آهي ته هوءَ ڪهڙي آهي! ڪنهن جي مجبوري نه ٿي سمجهي، ڄڻ خدا ڏي ته هلڻو ئي ڪونهيس.“
    ”اهڙو ته منهن پڪو ڪري جواب ڏيندي آهي جو وري ڪنهن جي به دل نه چوندي آهي.“
    مِس نائله چيو.
    مِس شمائله افسوس ڪندي چيو،
    ”هوءَ ته برابر سخت آهي پر اسان ماسترياڻين ۾ ريس به ته ڪيڏي آهي. ڪالهه نه ڏٺئي ته مون موڪل گهري مانس ته هڪدم زاهده چيو ته آپا مون کي به موڪل ڏيو.“
    ”پوءِ تو ڏٺو ته آپا جو منهن ڪيئن خراب ٿي ويو.“
    مِس شمائله هن کي وڏي آپا بابت سمجهائيندي چيو.
    ”ڀلا تون پنهنجو گهر ڇڏي پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ ڇو ٿي رهين؟“ مِس نائله کانئس وضاحت گهري.
    ”ادي نه پڇ، منهنجا چار ٻار وري سڄي گهر جو خرچ به منهنجي مڙس مٿان. جيڪو ڪمائي سو ته چٽ پر وري گلا. هونئن به آصف ته آهي ئي منهنجي هٿ ۾ جيئن چوانس تيئن ڪري. سو چيو مانس ته هتي اسان جو ڪجهه به ڪونه ورندو. هل ته هلي امان وارن وٽ رهون. ته جيئن پنهنجا ٻار به سٺي نموني زندگي گذارين.“
    پر ادي، اهي ٻار به ان نسل جا آهن. انهن ڏانئڻن اهڙو ته جادو ڪيو اٿن جو سڄو ڏينهن ٿا انهن کي سارين.“
    ”سِدرا کي ته بخار ٿي پيو آهي. سو امان چيو ته جلدي گهر اچ!“ ڇوڪريون هڪٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي بيٺيون رهيون. آخر مِس کي رحم آيو ۽ هنن کي ويهڻ لاءِ چيائين پوءِ ڇوڪريون ڪچهري ڪنديون رهيون ۽ هاڻي رسيس جو ٽائيم ٿي چڪو هو ۽ کين بک به لڳي رهي هئي.
    مِس شمائله هيڊ مسٽريس کان موڪل وٺڻ لاءِ وئي.
    مِس نائله ڇوڪرين کي سبق پڙهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ وري ٻئي ڪلاس ڏانهن هلي وئي. ڇوڪريون ڪتابن ۾ منهن وجهي پڙهڻ لڳيون.
    ”تمام سخت محنت ۽ دل لڳائي پڙهڻ سان اسان جو مستقبل روشن ٿيندو.“
    ايتري ۾ وري موبائيل وڳي.
    ڪتابن مان ڌيان هٽائيندي ڇوڪرين رڙ ڪئي.
    ”منهنجي مِس جي فون آهي.“
    ڏس اها ڌن آهي نه ته ”اڪ پرديسي ميرا دل لي گيا“ نه تنهنجي مِس جي ڌن آهي :اگر تم مل جائو زمانا چهوڙ دين گي هم“.
    آخر ڪار فون وڄي وڄي بند ٿي وئي.
    ڇوڪريون پاڻ ۾ وڙهڻ لڳيون.
    ”انڌي تو چيو“
    ”نه پهرين تو چيو“
    ”منهنجي مِس جي فون ڀلي آ.“ ”نه منهنجي مِس جي فون ڀلي آ!“ بس ڪر، تون، نه تون....
    ايئن ئي ڇوڪريون پاڻ ۾ وڙهڻ لڳيون. ڪلاس ۾ گوڙ ٿي ويو. هڪ ڇوڪري ڀڄندي ڀڄندي پنهنجي مِس نائله جيڪا ٻئي ڪلاس ۾ ويٺي هئي. ان کي چيو.
    ”مِس ڪلاس ۾ سڀ ڇوڪريون پاڻ ۾ وڙهن پيون!“
    ”هل ته اچان ٿي، رڳو اٿئي ٽپال ڏيڻي.“ ايتري ۾ مِس شمائله ڪلاس ۾ آئي ۽ برقعو پائڻ لڳي. ڇوڪرين کان بنان پڇڻ جي ته ڇا ڳالهه آهي. سونٽي کڻي هر هڪ کي وهائي ڪڍيائين.
    ڇوڪريون ڊپ ۽ حراس ۾ چپ ڪري ويهي رهيون. ايتري ۾ وري ٻئي ڪلاس ۾ ويٺل مِس نائله جي فون وڳي.
    مِس شمائله هڪ ڇوڪريءَ کي چيو، ”وڃ مِس کي چئه ته تنهنجي فون پئي وڄي.“
    مِس برقعي جا بٽڻ هڻڻ لڳي.
    ”ايتري ۾ مِس نائله جنهن تيزيءَ سان ڊوڙندي آئي. ڄڻ ته ڊوڙ جو مقابلو هجي. پر فون وڄي وڄي آخر بند ٿي وئي.
    ”اوهه: بند ٿي وئي. ڪنهن جي هئي؟ فرزانه جي هئي.“
    هن موبائيل ۾ نالو ڏسندي چيو.
    ”موڪل مليئي؟“
    ”ها! مڙئي منٿون ايلاز ڪرڻ کان پوءِ ڏنائين ۽ چيائين ته سڄي مهيني ۾ وري نه چئجان.“
    هن شڪايتي انداز ۾ چيو.
    پوءِ هو پرس کڻي ٻاهر وئي. نائله وري موبائيل ۾ ڏسڻ لڳي. ايتري ۾ مِس فوزيا ڪلاس ۾ آئي.
    ”ڪنهن جي فون هئي؟“
    ”فرزانه (ڀيڻ) جي هئي.“
    ”هيءَ وري ڪاڏي وئي!؟“
    ”ڇوڪريءَ جي طبيعت ٺيڪ نه هئس. ماڻس فون ڪيس ته جلدي اچ.“
    هن منهن ٺاهيندي چيو.
    ”نه ڪو، مڙئي ڪوڙ ٺاهي پوءِ ٿيون اسڪول اچن ۽ هاف ڊي وٺن. ادي نصيب اٿن جو ملين ٿو.“
    مِس فوزيا ڏند ڪرٽيندي چيو.
    ”وري ڏس! مڙس وٺي ماڻس جي گهر پئي رهي. ته متان هو پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڪجهه ڏئي.“
    ”بلي! مائي جي هُشي ته ڏس، نيٺ ادي پيءُ ماءُ جو به ته ڪو حق آهي يا نه؟ آخر اسين به اولاد وارا آهيون خدا کان به ڊڄڻ گهرجي ان کي الائي ڇا منظور!“
    مِس فوزيا پنهنجي ڪلاس ڏانهن وئي ته مِس نائله دڙڪو ڏئي ڇوڪرين کي سماجي اڀياس پڙهڻ لاءِ چيو.
    مِس جي موبائيل ٽيهر وڳي ۽ سڀني ڇوڪرين جو ڌيان وري ڌن ڏانهن ڇڪجي ويو.
    هاڻي مِس فون تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ڇوڪريون آهستي آهستي پڙهڻ لڳيون.
    ”اسين ٻار ئي هن ملڪ جا معمار آهيون. سُڀان اسان کي ئي هن ملڪ جون واڳون سنڀالڻيون آهن. ٽڻ... ٽڻ... ٽڻ... ايتري ۾ رسيس جي گهنٽي وڳي.
    مِس S.M.S پڙهي رهي هئي. ان کي ڪابه خبر ڪانه پئي. ڇوڪريون ايئن گم ٿي ويو، جيئن بندوق جي ٺڪاءُ تي پکي اڏامي ويندا آهن.
    مِس نائله وڃي اسٽاف روم ۾ ويٺي جتي ٻيون ٽيچر اڳ ۾ ئي ويٺيون هيون.
    هر ڪنهن مِس پاڻ سان آندل کاڌو ميز تي رکيو.
    هاڻي کائڻ سان گڏ ڪچهري ڪنديون رهيون. ايتري ۾ ٽڻ ٽڻ ٽڻ رسيس بند ٿيڻ جو گهنڊ وڳو.
    سڀني ڇوڪرين کي ٻڪرين جي ڌڻ وانگر ايمڻان پٽيوالي لڪڻ ڏيکاريندي اندر ڪندي وئي. ڇوڪريون ته ڪلاس ۾ پهچي ويون. پر سڀ ماسترياڻيون اسٽاف روم ۾ هڪ ٻئي جي S.M.S پڙهڻ ۾ رڌل رهيون ۽ هر هڪ ڪلاس جي ڇوڪري پنهنجي پنهنجي ٽيچر کي وٺڻ آئي.
    هر ڪا ٽيچر پنهنجي موبائيل ۾ منهن وجهي S.M.S پڙهڻ ۾ ايترو مشغول هئي، جو هن کي در تي بيٺل ڇوڪرين جو آواز ڄڻ ٻڌڻ ۾ ئي نه پئي آيو.
    ڇوڪرين هيڏانهن هوڏانهن نهاري پاڻ ۾ فيصلو ڪيو.
    ”هلو ته وڏي آپا کي ٿا چئون!“
    ۽ ايئن ئي سڀ ڇوڪريون گڏجي هيڊ ماسترياڻيءَ جي آفيس ڏانهن ويون.
    ”توهان جون ماسترياڻيون ڪٿي آهن؟“
    مئڊم رعبدار آواز ۾ پڇيو.
    ”اهي اسٽاف روم ۾ ويٺيون آهن.“
    هڪ ڇوڪريءَ ڊڄندي ڊڄندي چيو.
    ”مئڊم يڪدم پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي ۽ پنهنجي منهن ڳالهائيندي (اهي ڪونه سڌرنديون) چوندي ڇوڪرين سان گڏ اسٽاف روم ڏانهن آئي.
    ماسترياڻيون هڪدم ڇرڪجي اٿي بيهي رهيون. ڪن جي ته هٿن مان تڪڙ ۾ موبائيل به ڪري پيا.
    ”ڪجهه خدا جو خوف ڪريو، ڪجهه حلال ڪري به کائو.“
    توهان به پنهنجي ٻچن واريون آهيو! هي به توهان جا ٻار ئي ته آهن، جيڪر هنن جو ڀلو ڪندؤ ته خدا توهان جي ٻچن جو پڻ ڀلو ڪندو.“
    مئڊم چڙ ۽ ڪاوڙ مان ايئن چئي آفيس ڏانهن رواني ٿي.
    ماسترياڻيون هڪٻئي جي منهن ۾ ڏسڻ لڳيون.
    ”سڄو ڏينهن مٿو هڻجي ۽ نتيجو وري اهو ٿو ملي!“
    هڪڙي ٽيچر شڪايتي انداز ۾ چيو.
    ”پاڻ کي ته ڏسي سڄو ڏينهن آفيس ۾ ويٺي آهي. ڪلاس ۾ ويهي ته خبر پويس ته ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي.“
    ٻي ٽيچر پهرين جي ڳالهه کي وزن وٺرائيندي چيو. ”تقرير ته ڪيئن ٿي ڪري! پاڻ به ته حلال ڪري کائي نه!“
    ٽئين ٽيچر ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو،
    ”هلو ته ڪلاسن ۾ هلون، نه ته اڃا وڌيڪ ڪجهه ٻڌڻو پوندو.“
    سڀ ٽيچرز پنهنجي ڪلاسن ۾ ويون.
    ڇوڪرين جن مئڊ م کي دانهن ڏني هئي، سي ڊنل سهي جيان ويٺيون هيون.
    پر ٽيچر جي نظرن کان بچڻ ڪٿي، ممڪن هو.
    ”ڇوري، وات پٽي توسان آهيان! هيڏي اچ...... اهڙو پڙهڻ جو به شوق اٿئي جيڏي ٽپال تڪڙي ٿي پهچائين.“ ايئن ئي مِس نائله سندس ساڄي ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍي.
    ڇوڪري ڪنڌ هيٺ ڪندي، اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ڊيسڪ تي وڃي ويٺي. اهڙي نموني سڀني ٽيچر پنهنجي پنهنجي ڪلاس ۾ ڪارروائي ڪئي.
    ”ها ٻڌايو! ڪهڙو سبق پئي پڙهيو. رسيس کان اول!“
    ”مِس استادن جو احترام“. هڪ ڇوڪريءَ جوش واري انداز ۾ چيو.
    ”چڱو ڪومل، تون پڙهه.“
    سبق: ”استاد اسان جي ملڪ جو قومي سرمايو آهن. انهن جي ئي بدولت سماج ترقي ڪري ٿو.“
    اڃا ڇوڪريءَ ايترو پڙهيو ته هنن جي بس اچي وئي. مِس اسان جي بس آئي آهي اسان وڃون؟
    ڪيتريون ئي ڇوڪريون ٿيلها کڻي ٻاهر وڃڻ لڳيون. ايتري ۾ وري موبائيل جي رنگ وڳي.
    ۽ مِس هڪ دفعو ٻيهر S.M.S پڙهڻ ۾ مشغول ٿي وئي.
    ڇوڪرين پنهنجي منهن سبق پڙهڻ شروع ڪيو. سبق: ”اسان کي گهرجي ته ايئن ڪريون، جيئن اسان جا استاد ڪن.“
    S.M.S ڏکي انگريزيءَ ۾ هو، جيڪو مِس جي سمجهه کان ٻاهر هو. مِس جو ڇوڪرين ڏانهن ڪوبه ڌيان نه هو. اها ته ويچاري پنهنجي ئي پريشاني ۾ هئي ته
    آخر هي ڇا لکيل آهي؟
    نيٺ ٻئي ڪلاس جي ٽيچر کان S.M.S جي معنيٰ پڇڻ وئي. پوءِ ٻئي ٽيچرز موبائيل ۾ S.M.S پڙهي ان جي مختلف معنيٰ ڪڍنديون رهيون ۽ سوچينديون رهيون.
    جان کڻي ڏسن ته موڪل ٿي چڪي هئي. پورو اسڪول خالي هو ۽ پٽيوالو نماڻين نظرن سان کين ڏسي رهيو هو ته ڪيڏيءَ مهل وينديون ته هو به اسڪول بند ڪري گهر ڀيڙو ٿئي!

    (”سرتيون“، آگسٽ 2006ع تان ورتل)
    


    مني ڪهاڻيون

    شادي کان اڳ : - تبسم ماهتاب قريشي

    ”جانِ من تون منهنجي پيار جي منزل آهين، توکان سواءِ منهنجو جيئڻ اجايو آهي“
    ”عورت فقط هڪڙو دفعو پيار ڪندي آهي منهنجا مٺا ۽ منهنجو پيار تون آهين“
    ”جاني تون منهنجي مَنَ مندر جي ديوي آهين، آءٌ تنهنجي پوڄا ڪيان ٿو“
    ائين نه چئو پيارا-تون منهنجو معبود آهين... تنهنجي محبت منهنجي عبادت آهي“
    ”اسين هڪ آهيون هڪ رهنداسين... تولاءِ آءٌ دنيا، سماج، قانون، هر ڪنهن سان مٿو هڻي سگهان ٿو“
    ”جانم پنهنجو پيار پائڻ لاءِ آءٌ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينديس“
    ”هاءِ مٺڙي.... تون منهنجي نه ٿي سگهين ته آءٌ مري ويندس“
    ”من ! ايئن نه چئو، تون شل سلامت هجين... منهنجي حياتي شل توکي ملي.... آءٌ توکان سواءِ ڪنهن ٻي جي نه ٿينديس“.

    


    شادي کان پوءِ : تبسم ماهتاب قريشي

    ”ڀيڻا تون زال آهين يا آزار؟ منهنجو جيئڻ ئي زهر ڪري ڇڏيو اٿئي؟
    ”ڏاڍا مونکي سک ڏنا اٿئي شڪر ڪر جو آءٌ مليس... نه ته ڪو ٿڪ به نه هڻئي ها“
    ”مونکي ڪهڙي خبر هئي تون زال ناهين ڏائڻ آهين شادي ڪري قيدي ٿي پوندس“
    ”هاءِ هاءِ ڪهڙا بد اکر پيو ڳالهائين... مونکي ڪهڙي نانگ ڏنگيو جو مون توسان شادي ڪئي؟“
    ”مون ته ڪونه چيو هو پاڻهي منهنجي ڪڍ ايندين هئين“.
    ”ايندي هئي منهنجي جُتي... روئندو هئين ته رحم کائي اچي ويندي هئس“.
    ”هاڻي کڻي بس ڪر... مونکي به کُٽيءَ کنيو جو مون شادي ڪئي. تنهن کان ته سٺو هو ته زهر کائي مري وڃان ها“.
    ”ته هينئر ڪنهن منع ڪيو اٿئي... کائي ڇڏ“
    ”ته جيئن تون ٻيو مڙس ڪرين؟“
    ”ائي گهوڙا! يا حسين! ڪهڙا پيو اکر ڳالهائين” آءٌ هن گهر ۾ هڪڙو منٽ نه ترسنديس... آءٌ وڃان پئي.
    مونکي هن گهر جو پاڻي به حرام آهي
    ”سڪيلڌن کي به وٺي وڃ“
    ها ها، وٺي وڃان ته تون گهر ۾ رنڊيون آڻين ۽ عيش ڪرين؟ ڪو نه وينديس اتي ئي رهي تنهنجو رت پيئنديس... تون سمجهين ڇا ٿو پاڻ کي؟
    


    طلاق : تبسم ماهتاب قريشي

    ”تنهنجي مڙس توکي طلاق ڇو ڏئي ڇڏي؟“
    ”غيرت ۾“.
    ”ڇو تو مڙس جي اعتماد کي دوکو ڏنو؟“
    ”نه !“
    ”ته پوءِ؟“
    ”روز پنهنجي عشق جو هڪ نه ٻيو داستان ٻڌائيندو هو. هزارين قصا ٻڌم... هڪ ڏينهن چرچي خاطر چيومانس ته مون به ڪنهن سان پيار ڪيو هو“.
    ”ته انهي ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟“
    ”اها ئي ته وڏي ڳالهه آهي، پنهنجا عشق سورهيائي سان ٻڌائڻ واري مڙس منهنجي چرچي کي منهنجي بي غيرتي، بي حيائي، دوکو، فريب، رياڪاري چيو ۽ نيٺ طلاق ڏئي ڇڏيائين“.

    


    بــچــايــو : - ريٽا شاهاڻي

    ”پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! توهين ڪلپنا ڪريو ته توهين هماليه پهاڙ جي اوچي ۾ اوچي شکر - مائونٽ ايوريسٽ تي بيٺا آهيو. چئني طرف آهن برف سان ڍڪيل ننڍيون وڏيون چوٽيون. اچانڪ ڪير هزارين ٽنن جا رفائينڊ تيل جا هزارين دٻا اُنهن چوٽين تان، هاريندو ٿو وڃي. اهو تيل لسي برف تان ترڪندو هيٺ ڀيانڪ کاهين ۾ کوهجي ٿو وڃي.“
    ”هاڻي وري پنهنجي تصور ۾ ڏسو. مٺي شُد کير جي ٺهيل مٺي شُد ڏهيءَ کي خوب ولوڙيو ويو آهي. مٿان خوشبودار جهڻ پکڙيل پئي آهي. اُتي اُن لسيءَ جون هزارين چاڏيون رکيون آهن. هزارين جي تعداد ۾ ۽........ اُنهن کي پهاڙن تي ليٽايو ٿو وڃي. لسيءَ جي ندين کي نه رڳو برف ٿڌو ڪري رهي آهي، پر ڪٿي ڪٿي لسي پاڻ به برف ٿيندي پئي وڃي. پر گهڻي لسي گهاٽيءَ جي اونداهي ۾ غرق ٿي ٿي وڃي.“
    سڀ درشڪ حيرت ۾ دنگ، منتري صاحب جو زوردار ڀاشڻ سُڻي رهيا آهن. ڪن جا وات ڦاٽل ته ڪن جون ڏندن هيٺان آڱريون.
    ”يا بيسڻ جا مَڻ ئي مَڻ آهن. اُنهن ۾ بصر جو مصالو، ڪوتمير ۽ ساوا مرچ وجهي ذائقيدار پڪوڙا تيار ڪيا پيا وڃن ۽ اُنهن گرم گرم پڪوڙن کي هماليه جي چوٽيءَ تان ڦٽو ڪيو پيو وڃي.“
    ڪن درشڪن جي واتن مان آهه نڪري وئي ۽ ڪي وري پنهنجن چپن تي ڄڀ ڦيرڻ لڳا.
    ”هاڻي ٻُڌايو، توهين ٻُڌايو، ان کي ڪهڙو نالو ڏيان؟ اهو قومي نقصان آهي يا نه؟ نئشنل لاس آهي يا نه؟“
    سڀني پنهنجا ڪنڌ ڌوڻيا.
    ”ته اهڙي ئي نموني، جڏهن اوهين هڪ ڪمري مان ٻئي ڪمري ۾ وڃو ٿا ۽ اوهان کي بتي وسائڻ وسري ٿي وڃي يا پنکو بند ڪرڻ وسري ٿو وڃي ۽ اهڙي نموني هزارين ماڻهو ايئن ڪن ٿا ته اهو به اهڙو ئي قومي نقصان آهي، جهڙو جبل تي هزارين تيل جي دٻن جو ڪِرڻ، لسيءَ جو ڪنچنچنگا تان هارجڻ يا پڪوڙن جو کاهيءَ ۾ گم ٿي وڃڻ.“
    تاڙين سان هال گونجڻ لڳو. منسٽر پنهنجن ڏندن واري مسڪراهٽ سان چوڌاري نهاريو ۽ اوچن هٿن سان سنتوش ڀريو نمسڪار ڪيو.
    سندس وڏي شاهي موٽر تيار بيٺي هئي. پٺيان موٽرن جي قطار ۾ ٻيا ماڻهو به ويهجي ويا. ڳاڙهي گُهمندڙ لائيٽ واري موٽر جي پٺيان ٻيون موٽرون، جيپون، وردي پهريل پوليس وارن جون موٽر سائيڪلون، سائرن جي آواز سان گڏ، ڳاڙهيون بتيون، بندوقون، وائرليس سيٽ ڊوڙڻ لڳا.

    (ريٽا شهاڻي جي ڪهاڻين جي مجموعي ”رشتن جو رقص“ تان ورتل)

    


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 798
    ڪتابن جو مشاهدو: 1673332
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 468168
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ