ڪتاب جو نالو: ٿر کي ڀانيون ٿوڪ
مصنف: نور احمد جنجهي
ڇپائيندڙ: سنڌيا پبليڪيشنس
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 18 ڊسمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 1746 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 270 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي پاران ٿر جي شخصيتن، ٿر جي جاگرافي، ٿر جي حالتن ۽ ٿر جي ماحول بابت علم، تحقيقي ۽ ادبي مضمونن جو لکيل مجموعو آھي.
نور احمد جنجهي صاحب جي ذات هڪ تاريخ آهي، جيئري جاڳندي تاريخ، جنهن ۾ ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ سمايل آهي. ھو ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا آھي. سندس شاعري ۽ نثر مان ٿر سان گڏ سموري سنڌ بلڪه ڪائنات جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو شاعر آهي، انسان جو شاعر آهي. نور احمد جنجهي هڪ گهڻ پڙهيو شخص آهي. نهايت نماڻو ءِ نهٺائي رکندڙ. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻولڻ وارو.علم ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار هوندي به سدائين خاموشي سان لطيف شناسي، رومي شناسي، تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ اياز شناسي تي ڪم ڪندڙ. سندن دل وڏي ۽ ظرف جو ٿانو موڪرو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • ننگا آھيون نڱيا، اسين مارو لوڪـ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ساجن هم تم ايڪ هين......!!!
  • ٿرٿراندرٿاڪ
  • ٿرپارڪر جو اتهاس.... رمز راز اڀياس
  • ٿر جي جاگرافي ۽ ڌرتيءَ جو مٿاڇرو
  • ٿرجي ڌرتي.... ڀٽون ته مئيءَ جون ڀينرون
  • ڪارونجهرني ڪور، مريئي تو ميلهئي نهين!!
  • ڪارونجهر.....پارڪر۾ موجود نيارو قدرتي لقاءُ
  • ڪارونجهر جون نديون
  • اُٺي جيئن مورن اوڀڙ ولهارن ۾...
  • ويٺي ساريان سومرا گولاڙا ۽ گاه...... ٿرجاگاه
  • ٿرپارڪرجا گڍ …عبرت جو اُهڃاڻ
  • سنڌي ٻوليءَ جا ٿرِي لهجا ۽ محاورا: هڪ جائزو
  • چندن گڍ چاوو ڪيو
  • علم تواريخ ۽ ٿر جي تواريخ جا تذڪرا
  • پاڻي ناهي پنڌ گهڻو .....
  • کوهه ،اُنجي انجنيئرنگ ۽ اُ ن سان لاڳاپيل لفظ
  • آرون ابر آسري.......!!
  • مينهان ساکي مارڳو
  • مينهان ۽ نينهان، اکر ٻئي هڪڙو
  • پاڻي اور پرمارلاڀي تو ليجي گهڻو
  • ڏڪاريا ڏيهه مان موذي شال مرن
  • ٿرپارڪر ۾ اوچتي پيدا ٿيل صورتحال ، سبب ۽ حل
  • ٿر جا ڏک ڏولاوا ۽ انهن جا حل
  • عمر جا تو مل عيد ، سا سوءِ ورتيسين سومرا
  • ٿرجا ٻار۽ موت جا لامارا
  • وڃي سڄيءَ ويڙهه مان، ڏُک ۽ ڏولائو
  • ابر سندي اوت........!
  • قحط ٽارين ڪُل .......!
  • هيءُ نه منهنجو ديس، منهنجو ديس ملير ۾ !!
  • ٿر آهي ٿَڻ تي نه ئِي ڪَڻ تي
  • ٿر ۾ هنرمندي ۽ ان ۾ ٿري عورت جو حصو
  • ٿر جو ڪوئلو: مُلڪي ترقيءَ جو ضامن
  • چين پاڪستان اقتصادي راهداري ۽ ٿر جو ڪوئلو
  • ٿر جو ڪوئلو ۽ تجارت ڪاريءَ جي سماجي ذميواري
  • سائو ٿر.....ڍائو ٿر
  • الا!اڏاهي مَ ٿيان
  • ٿر جو نامور شاعر،دانشور،منجم ۽ سماجيات جو ڄاڻو غلام محمد جنجھي
  • سچل سارو سچ...... سائين سچل جنجهي
  • ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون....... ڪوئلي جي ڪور جو ڳوٺ وڪڙيو
  • سڏونت ۽ سارنگا
  • ٿر جي مسڪيني ، مسڪين جهان خان ۽ سماج سڌارپ

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب : ٿر کي ڀانيون ٿوڪ
    ليکڪ : نور احمد جنجهي
    ڇاپو : پهريون 2016ع
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    ڇپيندڙ : امجد پرنٽرز ڪراچي
    ڇپائيندڙ : عقيل عباس سومرو
    قيمت : 500 روپيا
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com

    سنڌيا پبليڪيشنس
    شڪارپور، حيدرآباد ، ڪراچي
    sindhiyapublications@gmail.com


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    ٿري ماروئڙن جي نالي
    جن سان
    سندم ساھ سَنھي سُئيءَ سان سبيل آھي


    ننگا آھيون نڱيا، اسين مارو لوڪـ

    ننگا آھيون نڱيا، اسين مارو لوڪـ
    ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيئڙن جو

    شاھ عبداللطيف ڀٽائي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٿر کي ڀانيون ٿوڪ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي پاران ٿر جي شخصيتن، ٿر جي جاگرافي، ٿر جي حالتن ۽ ٿر جي ماحول بابت علم، تحقيقي ۽ ادبي مضمونن جو لکيل مجموعو آھي.
    نور احمد جنجهي صاحب جي ذات هڪ تاريخ آهي، جيئري جاڳندي تاريخ، جنهن ۾ ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ سمايل آهي. ھو ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا آھي. سندس شاعري ۽ نثر مان ٿر سان گڏ سموري سنڌ بلڪه ڪائنات جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو شاعر آهي، انسان جو شاعر آهي. نور احمد جنجهي هڪ گهڻ پڙهيو شخص آهي. نهايت نماڻو ءِ نهٺائي رکندڙ. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻولڻ وارو.علم ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار هوندي به سدائين خاموشي سان لطيف شناسي، رومي شناسي، تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ اياز شناسي تي ڪم ڪندڙ. سندن دل وڏي ۽ ظرف جو ٿانو موڪرو آهي.
    هي ڪتاب 2016ع ۾ سنڌيا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين نور احمد جنجهي صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ساجن هم تم ايڪ هين......!!!

    ٿرجي تاريخ کي انوکي انداز سان پيش ڪندڙ ۽ ڳوٺ وڪڙيي جي مٽيءَ تي پيدا ٿيل هند ۽ سنڌ جي نامور شاعر، اديب، سگهڙ ۽ وقت جي تمام وڏي پامسٽ ۽ مھمان نواز ماڻهو مرحوم غلام محمد جنجهي سان منھنجي پھرين ملاقات اڄ کان ويھارو ورھيہ اڳ 1996ع ڌاري صادق فقير جي سندس ئي دل جھڙي ڪُشادي دسترخوان تي ٿي ھئي. انھن ڏينھن ۾ سندس وار ڪارا ۽ دل ڇُٽي فقير جي درگاھ جي مٿان اڏامندڙ اڇي ڪبوتر جھڙي ھئي ۽ اڄ سندس وارن ۾ بہ چاندي آھي ۽ دل ۾ پڻ اھائي اڇاڻ آباد آھي.

    ساجن هم تم ايڪ هين، هين ديکن ۾ دو
    من ڪو من سي توليئي، ڪڀي نہ دو من هو

    استاد جي حيثيت سان عملي ۽ علمي سفر شروع ڪندڙ نور احمد جنجهي هن وقت ترقيءَ جي تيز وڇيري تي ويهي سنڌي ادب جي ميدان ۾ گچ جهڙن سوارن کي ڇيٽيءَ تي ڇڏي اڳتي نڪري آيو آهي، نور احمد جنجهي هن وقت سنڌ مان لکندڙ اهو واحد اديب آهي جيڪو نہ صرف هڪ ئي وقت ٽي کان چار، روزمرہ جي بنياد تي ڪم ڪندڙ اشاعتي ادارن لاءِ مستقل بنياد تي لکي رهيو آهي پر کيس ساڳي وقت تي انگريزي اردو ، سنڌي، هندي، عربي توڙي فارسي تي پڻ عبور حاصل آهي. نور احمد جنجهي کي جيتري تصوف تي ڳالهائڻ ۾ دسترس حاصل آهي اوترو ٿي هو جديد سنڌي شاعري ۽ حالات حاضرہ تي سهڻي نموني دليل ڏيئي ڳالهين جي ڳنڍ کولڻ جو ڏانءَ رکي ٿو، مون جهڙيءَ ريت ڀٽائي ۽ اياز جي شاعريءَ ۾ ساہ کڻندڙ ٿر کي سندس واتان ٻُڌو ۽ محسوس ڪيو آهي اهڙو شايد ئي ٻيو ڪو سمجهائي سگهي.
    ذاتي زندگيءَ ۾ اسين هڪٻئي کي ايترو ويجهو رهيا آهيون جو مون کي نور احمد تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو جڏهن جڏهن بہ موقعو مليو آهي تڏهن الائي ڇو ايئن لڳندو اٿم ڄڻ مونکي پنهنجو پاڻ تي لکڻو يا ڳالهائڻو ٿو پوي. کيس مليل هڪ هڪ غم ۽ خوشيءَ جو نہ صرف آءٌ شاهد آهيان پر هن عجيب ماڻهوءَ کي مون هر حال ۾ باحال ۽ ساڳي وک سان وهندي ڏٺو آهي، ۽ مون جڏهن بہ کيس خوش ڏٺو آهي تڏهن سندم ڏک ڏور ٿيندي محسوس ڪندو آهيان. کيس ڪنهن شاعر جون هي سٽون ارپيان ٿو :

    جيءَ اسان جا جڪڙيل، جيئڻ مرڻ گڏ،
    سڄڻ منهنجو سڏ، آئون پڙا ڏو ان جو.


    پيارو شواڻي
    شواڻي پريم هائوس، مٺي ٿرپارڪر


    ٿرٿراندرٿاڪ

    ٿر۽ پارڪرڌرتيءَ تي ڌڻي تعالى جو اهڙو لقاءُ آهن جنهن کي هرڏسندڙ پاٻوهه ۽ پيارڀري نظر سان ڏسي ٿو.اهو قرب ۽ اولانڀو ڏسي هرماڻهو ٿرپارڪر تي موهت ٿي پوي ٿو.ٿرپارڪر جيڪو ڪڏهن ڏڪارن ۾ ته ڪڏهن ماڪڙجي وبائن جي هچائن هيٺ رهيو آهي ۽ ڪڏهن ان تي انساني هچائون به نازل ٿينديون رهيون آهن. انساني هچائون ڳاڙه ڳلين ڳجهن وانگي ٿرجي ڪنواري ڌرتيءَ کي ڳڙڪائڻ جي چڪر ۾ واڳونءَ وات ڦاڙي لاماراڏينديون وتنديون آهن ڪڏهن ٿرجي وسيلن سان مالامال ڌرتيءَ تي پنهنجا خوني چنبا وقتي طور ڄمائي وٺنديون آهن پرنيٺ اهڙين قوتن کي شڪست ٿي آهي ۽ ٿرپارڪر جي رهاڪن ، جن به پنهنجي سيل ۽ ست کي قائم رکيو آهي اهي دائم آهن ٻيا ڪيئي ڀڄي ويا ته ڪي وري تواريخ جي دزخاني ۾ ڌوڙ بنجي ويا.ٿرپارڪر جي ٻهڳڻ ڌرتي جنهن جا نت نرالا طبعي ڀاڱا آهن، جن ۾ جرَجي پاڻيءَ جي سطح به الڳ الڳ آهي ته جهرجهنگ ۽ سيمون به الڳ الڳ آهن. جهنگلي جيوت به نرالي آهي ته اوڀڙبه انيڪ قسمن جي ٿئي ٿي. ٿرجون ڀٽون ، ڏهر،نوڻيون، مڙها، مندر، مگريا، ڏاهريون، ڳاٽ ، پوڇانڊا، ٻُڪڙون، ور، اوچاها، ڦنگهه، ناکون، ترايون ، ٽوڀا، ڊها، تليون سڀئي گڏجي جيڪو ماحول جوڙين ٿيون ان ماحول اندر رڳو سونهن ئي سونهن آهي ، امن ئي امن آهي، انسانيت ئي انسانيت آهي، مهذپڻو ۽ تهذيب آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته ڀرم آهي جنهن سان بُک به ڀلي لڳندي آهي. تاريخي ماڳن مڪانن ۾ جين مت جا ڏهرا، ڀوڏيسر جي مسجد، ميرن جا اڏايل قلعا، ڪانڌلڪوٽ ، نهٽي، ڪيرٽي جو ٺڪراٺو، جوڳي مڙهي، مارئي جو کوه اهڙااهڃاڻ آهن جن کي ڏسي هرهڪ ماڻهو حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو.جين مت جي هاڪ جي ڪري هتي امن پسندي ۽ خوشحالي تمام گهڻي رهي آهي. پاري نگرجو بندرگاه ان خوشحاليءَ جو هڪڙو ماڳ هوندو هو.مارئي جو داستان، سڏونت سارنگا جي آکاڻي، هوٿل ۽ اُڍي جي قرب ڪهاڻي، ڍولي ماروئل جي ڳالهه ، ڀرئي گاروڙي جو قصو، پاراسر رشيءَ جي المياتي آکاڻي، سڀئي جمالياتي ونڊ ورڇ ۽ تخليقي اظهارجا ڀلوڙ نمونا آهن.قدرتي وٿن مان ڪارونجهر جابلو ڇپرهن ڌرتيءَ جو نيارو نماءُ آهي جنهن جو مٽ دنيا جو ڪوئي ڏونگر ناهي. اهڙي من موهڻي ڌرتيءَ جي وڏي ڳوٺ وڪڙيئي ۾ جنم وٺڻ منهنجي لاءِ سڀاڳ هو ۽ اتي ٻاراتڻ کان وٺي اڄ تائين رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي ڪري ٿراهڙو ته انگ انگ ۾ رچي ويو آهي جو هرڳالهه ڪندي ٿر۽ پارڪر جي ڳالهه زبان تي ۽ قلم تي تريو ٿي اچي. ٿرمون لاءِ وڏواسراررهيو آهي جيتوڻيڪ ان جي هرحصي جي مون زيارت ڪئي آهي ۽ ڀٽ ڀٽ ۽ ڏهرڏهر جي ڏيک کي روح جي گهراين تائين هيٺ لاٿو آهي.انهن قدرتي مظهرن جي وچ ۾ موجود لوڪ گيتن، لوڪ ناچ ۽ مور جي جهينگورمن کي اهڙو موهت ڪيو آهي جو سونهن سنوريو ٿراسان جي روح ۾ سمائجي ويو آهي ۽ اسين ان جي وشالتا۾ گم ٿي ويا آهيون. انهي گمنامي اسان کي دنيا ۾ نيڪ نامي عطا ڪئي آهي. ٿرجو اسان جهڙن اٻوجهه ماڻهن تي اهو ٿورو آهي جنهن اسان جي ڪم علميءَ تي ڍڪ رکيوآهي. ٿرڏسڻ ، ٿربابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ هرباذوق ماڻهوءَ جو شوق رهيو آهي. ڪيئي ڪتاب به لکيا ويا آهن ته ڪيتريون ڪهاڻيون اڃا به اڻ لکيل آهن. اهڙن ڪتابن ۾ ڪپتان رئڪس جو ڪتاب ”ٿر۽ پارڪرجا يادگيرا“، ڪرنل جيمس ٽاڊ جو ”راجستان جي پراچينتا ۽ تواريخ“ حڪيم مولوي نجم الغني جو ”تاريخ راجگان هند“ استاد رائچند جو ”تاريخ ريگستان“ اساسي ڪتاب آهن جن ۾ هن علائقي جي بنيادي ڄاڻ آهي ته ان کان وڌيڪ ڄاڻ صدري زباني ورثي ۾ آهي جيڪو سوين سگهڙ مردن توڙي سگهڙ عورتن کي برزبان ياد آهي. انهي لوڪ ورثي ۾ لوڪ ڏاهپ جا ملهائتا موتي موجود آهن جن جي آبداري اڃا تائين ساڳي چمڪ دمڪ سان برقرارآهي. مون به ٿر بابت سڀڪجهه ٿر جي انهي قدرتي ماحول کان سکيو يا وري ٿرجي انهن سٻوجهه سگهڙن کان جن جو من پلر پاڻيءَ جيان پاڪ صاف آهي. مرحوم ساهڙٿيٻي کان محمد قاسم راهومي تائين سگهڙن جو هڪڙووڏو سلسلو آهي جنهن معنى جا موتي ڪچهرين ۾ عام جام ونڊيا ورڇيا ۽ وراهيا.منهنجي والد صاحب غلام محمد جنجهي به مونکي راجسٿاني ادب جي اهڙين اهڙين وٿن سان متعارف ڪرايوجن جو مٽ نه آهي. هو جڏهن ٿري دوها پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوندو هوته ايئن محسوس ٿيندو هو ته ڀلي چئوماسي ۾ ڀٽياڻي ارڙاٽا ڪري وهي رهي آهي. امان سانئڻ به شاه جا بيت ۽ وايون ، خاص طور سُرمارئي مان، جڏهن جهونگاريندي هئي ته ٿر جي معنى سولي سمجهه ۾ ايندي هئي. اهڙي طرح مراد فقير، موهن ڀڳت ،حسين فقير، مائي ڀاڳي ، شادي فقير، ٻُڍو فقير، صادق فقير، ممون فقير، سبحان فقير، مصري ڏيپلائي، احمد ڏيپلائي ، ڀڳت سالورام، ڪريم فقير، شفيع فقير، رجب فقير، ڀڳڙي ناچيز، بصر ڀڳت، اسلم فقير،عباس فقير، نزاڪت ۽ راحت صادق فقير، مائي ڍائي، عارب فقير، نذرمحمد رامسريئي،زوارفقير جنهن محبت سان ٿرکي ڳاتو آهي ان مان به ٿرجو نيارو تصور روح جي اٿاهه گهراين مان پنهنجي منفرد شڪل ۾ اڀري ٿو. اها سموري ڪلاٿر۾ ئي موجود آهي تنهنڪري ٿر جي تعليم ۽ ٿرپارڪر جو اڀياس به ٿر۾ ئي سمايل آهي. ٿرخوشحال آهي ته هرڪنهن جي ڌيان جو مرڪز آهي ۽ جڏهن ڏولائي جي ڏينهن مان گذري ٿو ته به دنيا متوجه ٿئي ٿي.اهڙي طرح ٿراسانجي سڃاڻپ آهي. اسين ٿرکانسواءِ ڪجهه به ناهيون. ٿر جو ماڻهو ننگي به آهي ته غيرتمند به آهي. سون تي سيڻ مٽڻ سندس ريت ناهي. سون چاندي، ڌن دولت ٿري ماڻهو جي من کي هرکائي نه سگهيون آهي، سواءِ چند ماڻهن جي ، جيڪي هرهنڌ ٿرجي نالي ۾ ڪشتو کڻيو بيٺا آهن ۽ ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻُڌائي پاڻ کي برائي فروخت جو رنگين ليبل لڳائي گهمي رهيا آهن. ٿري ماڻهوءَ جي پرامن ۽ آسودي مزاج کي آفت زدگي، بک ۽ بدحالي بگاڙي نه سگهيون، نه سندس مزاج ۾ ڏوهاري ذهنيت جون ڏهيون نروار ٿيون آهن نه وري هو پنڻ جي پنج ڪڻيءَ جو پينار ٿيو آهي. اها سگهه ٿرجي صديون پراڻي خوشحاليءَ جي ڪري ٿري ماڻهن ۾ آهي اها خوشحالي جنهن ۾ ٿر جي سموري ڏاکڻي پٽيءَ ۾ ڀريون تُريون بيچ آباديون هونيون هيون، ڪجلاسر جهڙا ترڻ سر هونداهئا جن تي مرد توڙي عورتون سون جي تعداد۾ اچي وهنجنداهئا. اها ان جڳ جي ڳالهه آهي جڏهن يورپي لوڪ اڃا وار کي به هٿ نه لائيندا هئا.هاڻي ٿرجي معدني دولت سانگي ڪمپنين جا ڪٽڪ اچي ٿر ۾ لٿا آهن .مارڪيٽ جون اهي ممون ٿرجي سُکئي ستابي ۽ شانت ماحول کي ڪٿي وڃي پهچائيندا؟ اهوئي هن وقت جو ۽ مستقبل جو اهم سوال آهي. پيار جو هي پورهيو ٿر۽ پارڪرکي ننڍڙي ڀيٽا آهي جيڪا اميد ته قبول پوندي. هن ڪم ۾ منهنجي ساٿ ڏيڻ لاءِ آئون پنهنجي پياري منصورمڱرئي ۽ پياري شواڻي جو ٿورائتو آهيان جن جي ڪوششن سان هن ڪم ڪتابي شڪل اختيار ڪئي پر هي پورهيو ڪڏهن به ڇپجي نروارنه ٿي سگهي جيڪڏهن سنڌيا پبليڪيشن جو سرواڻ منهنجو پيارو دوست عقيل عباس سومرو ڇپائيءَ جي ذميواري پنهنجي سر نه کڻي ها. آئون سندس ٿورائتو آهيان. هي ڪتاب جڏهن ڇپجي نروار ٿي رهيو آهي ته ضرورت اها ٿي محسوس ٿئي ٿي ته ٿرتي اڃا به وڌيڪ لکيووڃي ڇاڪاڻ ته ٿرهن وقت دنيا جي نگاهن جومرڪز بنيل آهي. تواريخ جي اهڙي موڙ تي هيءَ ننڍڙي ڀيٽا شل قبول پوي.


    نوراحمد جنجهي
    جنجهي هائوس، ڌرماڻي ڪالوني، مٺي ٿرپارڪر.


    ٿرپارڪر جو اتهاس.... رمز راز اڀياس

    تاريخ ، جنهن کي قومن جي عروج ۽ زوال جو احوال سڏي سگهجي ٿو جنهن ۾ قومن قبيلن ذاتين ۽ ملڪن جي مختلف دورن جي قدرتي يا انساني تبديلين جي عڪس کي ڏسي سگهجي ٿو.تاريخ جيڪا انسان جي شعور جي ڪميونيڪيشن سان شروع ٿئي ٿي پرتاريخ کي تاريخدانن ان جي دستاويزبنديءَ جي دور کان شروع ڪيو آهي. شروعات ۾ تاريخ جي دستاويزبندي زباني يادگيري وسيلي رکي ويندي هئي ۽ دنيا ۾ وڏا وڏارزميا ۽ ڳاهن سان ڳالهيون تخليق ٿيون. انهن ڳالهين ۾ قومن جي رهڻي ڪهڻي، وڙهڻ وڳڻ وغيره بابت اجمالي احوال ڏنو ويندو هو. سڄي دنيا جو ديومالائي ادب اهڙين تاريخن سان مالامال آهي. لکت ايجاد ٿيڻ سان وري تاريخ کي قلمبند ڪيو ويو جنهن جي ابتدا تصويري لکتن سان ٿي اکري تصويرن تائين اچي پهتي آهي.تاريخ جنهن لاءِ عام ۽ روايتي تاثر اهو آهي ته اها واقعن ۽ وقوعن جو سربستو احوال آهي. تاريخن جي اڪثريت انهي وصف جي روشنيءَ ۾ قلمبند ٿيل آهي. وري جڏهن هڪڙو شعوري ڌارا جو دور شروع ٿيو ته تاريخ کي ٿورو مختلف انداز سان لکڻ جي روايت پيئي. تاريخن جي اڪثريت شاه پسنديءَ جي لاڙي هيٺ لکيل آهي ۽ تاريخن جو محور ۽ مرڪز ڪنهن به سماج جو بااثر طبقو ئي هوندو آهي. لوڪ کي ليکي ۾ ئي نه آندو ويندو آهي. جيتوڻيڪ سڀني وڏن واقعن ،جنگين،انقلابن جو بَکُ لوڪ ٿئي ٿو. ان جو ذڪر تمام گهڻي اهميت رکي ٿو پر سڀئي تاريخون خلق خداجي ذڪر کان پالهيون آهن. شاه پسنديءَ جي ان لاڙي جو سبب به شايد اهو آهي ته لکت پڙهت جي شروعات به جن کان ٿي آهي انهن انهي عمل کي بادشاهن جي سرپرستيءَ ۽ ڇپر ڇانو هيٺ ڪيو آهي. علم جو اهو خواصي روپ ڪميونيڪيشن جي انقلاب اچڻ کان پوءِ وڃي ڪجهه تبديل ٿيو آهي. غريب غربو به ڪتاب نه رڳو لکي سگهي ٿو پر ڇپائي به سگهي ٿو. لکت پڙهت جي انهي عام ٿيڻ طبقاتي نظام کي به ٽوڙيو آهي. اهي ٻول ۽ قول عام تائين پهتا جيڪي اڳ کين ٻُڌڻ جي به منع ٿيل هوندي هئي.اهڙي ڦيرگهير کان پوءِ، تاريخ لکجڻ به تبديل ٿي ۽ ڪٿي نه ڪٿي غريب طبقن جو به ّ ذڪر ٿيڻ لڳو. ڇا تاريخ واقعن جي احوال جو نالو آهي؟ يقينن نه..!! تاريخ ته مخصوص زماني ۽ مڪاني ڍانچي ۾ ٿيل واقعن ۽ وقوعن جي سبب ۽ نتيجي جي ڇيد جو نالو آهي. اهو ڇيد ئي انهن واقعن جي درست تصوير ڏيکاري سگهي ٿو .ٻي صورت ۾ هڪڙو متعصباڻو بيان پڙهڻ لاءِ ماڻهن کي ملندو ۽ تاريخ جي اهڙي پيشڪش قومن کي مسلسل جنگين جي جوت جي آڙاه ۾ اڇلايو آهي. دنيا جي ڪيترين ئي قومن جي مٿي ۾ اهو خناس به انهي صورت وسيلي ڀرجي ٿو ته اهي دنيا جون ممتاز قومون آهن. چم والها ناهي ڪم والها آهي. جيڪا قوم تاريخ ۾ چڱا ڪم ڪندي اها ئي چڱي هوندي. انسان جي بناوت نه نوري آهي نه ناري آهي. سندس زندگيءَ جو جوڳ جڙاءُ عمل مان نروار ٿئي ٿو.تاريخ اهڙو تجزيو آهي جيڪو قومن لاءِ صدين جو سيکاريل سبق آهي. جيڪو به نٿو سکي اهو نه رڳو بيوقوف آهي پروقت جي تيز رفتار ڪميت جي سنبن ۾ ميسارجي به ويندو. سندس نالو نشان به نه هوندو. تاريخ جا پنا اهڙين قومن جي احوال سان به ڀرياپيا آهن. تنهنڪري تاريخ جو لکڻ، لکجڻ توڙي لکرائڻ اهڙو سنجيده عمل آهي جنهن کي جيترو ديانتداريءَ سان ڪيو ويندو اوترو وڌيڪ بامعنى ۽ ايندڙ نسلن لاءِ لاڀدائڪ ٿيندو.تاريخ جي احوال ۾ قديم آثارن جو علم به وڏي اهميت رکي ٿو.تاريخي احوال کي جتي به ڪا لکتي صورت نٿي ملي اتي آرڪيالاجي واهرو ٿيندي ڪنهن به واقعي تي سچي ۽ خداڪارڻ شاهدي ڏئي ٿي. ٿرپارڪر جي تاريخ به هڪ اهڙو ڳوڙهو ۽ ڳنڀير ڪم آهي جنهن کي سنڀالي ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاريخ بابت جيتوڻيڪ هيستائين ڪافي لکيل مواد به ملي ٿو پرانهي مواد جي باوجود تاريخ جون ڪيتريون ئي ڪڙيون کُٽل نظر اچن ٿيون ۽ تاريخ جي تاڃي پيٽي کي اُميريءَ جي ضرورت آهي جنهن سان اهو سمپورڻ نموني ڳنڍجي وڃي. اهوئي سبب آهي جو ٿرپارڪر جي تاريخ کي نئين سرلکي اتهاسي سِرکي اکولڻ به وقت جي ضرورت آهي.
    ٿرپارڪر، وشال ٿر جو هڪ حصو آهي جيڪو هندستان پاڪستان جي ملڪن ۾ پکڙيو پيو آهي. ٿرسنڌقوبي جو ڏاکڻيون ڀاڱو آهي جيڪو هندستان پاڪستان جي دنگ مٿي به آهي. ننڍي کنڊ جو سمورو ٿرهڪجهڙو تهذيبي پروفائيل رکڻ باوجود ايترو ٻهڳڻ آهي جو اهو ڪيترن ئي تهذيبي توڙي جاگرافيائي ڀاڃن تي مشتمل آهي.اسان جو موضوع پاڪستان جي حصي ۾ ايندڙ ٿر آهي. جيڪو هن وقت سنڌ جي ٻن ضلعن ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ پکڙيل آهي.ان کان اڳي ٿرپارڪرضلعي ۾ موجوده ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن وارو سمورو علائقو شامل هوندو هو. ٿرپارڪر بابت انگريزي، اردو،سنڌي، گجراتي توڙي هنديءَ ۾ احوال لکيل آهي.هن علائقي ۾ قديم آثار به آهن جيڪي هتان جي قدامت بابت تاريخي ثابتي پيش ڪن ٿا. لکيل ڪتابن ۾ ڪپتان اسٽينلي نيپيئر رئڪس جو ڪتاب ميمائرآن ٿڙ اينڊ پارڪر ڊسٽرڪٽس، ڪرنل جئمس ٽاڊ جو لکيل ڪتاب ائنلس اينڊ ائنٽيڪُئٽيز آف راجسٿان، مولوي نجم الغني جو تاريخ راجگانِ هند المعروف وقايع راجسٿان، تيج سنگهه سولنڪيءَ جو ڪتاب امرڪوٽ جو اتهاس، منگهارام اوجها جو پراڻو پارڪر،ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو سوڍن جي صاحبي يا راڻن جوراڄ، رائچند هريجن جو ٻن جلدن ۾ لکيل ڪتاب تاريخ ريگستان مکيه ڪتاب آهن جن جي آڌار تي وري ٻين ليکڪن حال احوال لکيو آهي.ڪڇ،ڪاٺياواڙ،راجسٿان ۽ سنڌ بابت انگريزن جي انگريزن جي رپورٽن ۾ به ٿرپارڪر جو احوال لڀي ٿو. انهي سان گڏوگڏ لوڪ ادب ۽ ديو مالائي دستاويزن ۾ به تاريخ جا اُهڃاڻ لڀن ٿا جن کي خبرداريءَ سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    ٿرپارڪرجي ريگزاروشالتاڪيئن نروارٿي هوندي ۽ ان ۾ ڪير ڪير ڪڏهن ڪڏهن اچي آباد ٿيو هوندو؟اهي به اهڙا سوال آهن جيڪي ٿرپارڪر جي تاريخ جي صورت کي نروارڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.اچو ته ڏسون ٿرجو موجوده ڀاڱو ڪيئن نمودار ٿيو هوندو؟
    تحقيق مان اها ڳالهه واضع ٿي آهي ته موجود ٿر وارو ڀاڱو ڪنهن سمي پاڻي هيٺ هو ۽ زلزلن جي ڪري سمنڊ سڪي هيٺ ويو ۽ ۽ ڀٽون نروار ٿي بيٺيون، يعني ٿر جو خطو سمنڊ هو پر ان سان هڪ ٻيو تاريخ نويس اختلاف راءِ رکندي اهو خيال ٿو پيش ڪري ته اڄ کان 3000 سال اڳ پهرين موجود ه ريگستان (ٿر) ندين جي وڏي درياهي ڪيٽي هو جيڪو پوءِ پاڻي هٽڻ ۽ ندين جي رُخ مٽڻ ڪري آهستي آهستي ڀڙ ڀانگ ٿي ويو آهي.
    ان جي ثابتي لاءِ ساڳيو ئي محقق معمور يوسفاڻي لکي ٿو، ”دريا هي ڪيٽي لاءِ اهو به هڪ ثبوت آهي ته سڄي ٿر ۾ هرهنڌ مٺي پاڻي جي وهڪرن جا ڪوڏ ۽ سپيون عام طورنٿا لڀن. تنهن ڪري اهو چوڻ واجبي ناهي ته هي خطو ندين جو ڪيٽي هو.“ اهي ڀٽون ڪيئن ٿيون ان لاءِ محمد اسماعيل عرساڻي سير ريگستان ۾ 16 صفحي تي هي 3 نڪتا لکي ٿو.
    1- چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهي ڀٽون ڪنهن زلزلي جو نتيجو آهن.
    2- وارياسي وارو سمورو ڀاڱو ڪنهن سمي سمنڊ هو جو رفتي رفتي اتر کان ڏکڻ طرف ڪڇ جي رڻ ڏانهن هٽندو ويو ۽ جيڪا زمين ڇڏيندو ويو سا وارياسي ٿي پئي جنهن تي ڏکڻ الهندي جي بحري هوائن لڳڻ سبب طوفان ايندا رهيا ۽ قدرتي طرح واري اڏامندي اڏامندي ڪن بيشمار صدين ۾ واري جي ڀٽن اهو روپ ورتو آهي.
    3- اهي ڀٽون اصل وارياسي پٿر جا جبل آهن، جي ايامن گذرڻ بعد پري ٿي ويا آهن. هوا لڳي ڀٽن جو شڪل وٺڻ وارو مغروضو به فضول آهي، صرف هوا لڳڻ جي ڪري هن علائقي ۾ هن شڪل ۾ ڀٽون ڪيئن ٺهيون . ڇا ٻي ڪنهن هنڌ هوا نه لڳي هوندي. عرساڻي صاحب جي لفظن ۾ ايتريون ڀٽون هوا لڳڻ سان ڪيئن ٺهي سگهيون هونديون. قديم زماني ۾ ضرور ڪو زلزلو آيو آهي جنهن زمين جي اها صورت پيدا ڪئي آهي. ٿر جي قديم آثارن مان پڻ ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي. زلزلي کان اڳ هتان ڪاندي به وهندي هئي جنهن زلزلي جي ڪري پنهنجو وهڪرو تبديل ڪيو. غالب اڪثريت ان راءِ جي آهي ته عربي سمنڊ سڪڻ سان هتي ڪڇ جو رڻ نمودار ٿي پيو ۽ پويان هي خطو ڀٽن واري موجوده شڪل کڻي نروار ٿيو. ٿر جي ڌرتيءَ تي سامونڊي واري ”رائي“ جي شڪل ۾ موجود آهي. ٿر جو کارو پاڻي به گواهي ٿو ڏئي ته هتي سمنڊ موجود هو ۽ هن خطي جو پٿر، چيني، مٽي ۽ ڪوئلي جا ذخيرا ڪنهن وڏي ارضياتي مرحليوارعمل Geological process جي نشاندهي ڪن ٿا .
    ٿرپارڪر جي ڀون مٿاڇري کي ڏسي اهو اندازو ٿئي ٿو ته هتي ڪنهن جهوني جُڳ ۾ ڪا سونامي آئي هوندي جنهن سان نه رڳو سمنڊ پُٺتي هٽيو ۽ ڪڇ جو رڻ نروار ٿيو پر هي ڀٽون جيڪي سڀئي هڪ رخ ۾ نظراچن ٿيون سي زمين ۾ پيداٿيل ڏرڙن جي هوائن لڳڻ کانپوءِ پيدا ٿيل صورت آهن.پارڪر واري پاسي موجود ڪارونجهر ڇپر جا لسايل پٿربه پاڻيءَ سان گسجڻ جي گواهي ڏين ٿا. ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي ٿيندڙاوڀڙ ٻنهي کاري ۽ مٺي پاڻيءَ جي آهي. تنهنڪري نديءَ جي وجود جو به انڪار نٿو ڪري سگهجي انهن سڀني ثابتين، انومانن ۽ گمانن تي غور ڪندي، في الحال جيڪو ٿر جي نروار ٿيڻ بابت خيال جڙي ٿو سو اهو آهي ته هي خطو، ڪنهن وقت سمنڊ هيٺ هو، پوءِ ان جي هٽڻ سببان ظاهر ٿيو ۽ ڪڇ جو رڻ نروار ٿيو.اهڙي طرح ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ڪافي زمانن کان پوءِ ان ۾ انساني آبادي آباد ٿي ۽ تاريخ جو دور شروع ٿيو .


    ٿر جي جاگرافي ۽ ڌرتيءَ جو مٿاڇرو

    ”ڀون مٿاڇرو“ تمام گهڻا گهڻي وارو آهي جنهن ۾ هر قسم جا فطرتي منظر ۽ لقاءَ آهن. جاگرافي انهن مظهرن جي مجموعي اڀياس جو نالو آهي. جاگرافيءَ ۾ ڀون سطح، آبادي، ماڳ مڪان ۽ ماحول شامل آهي. اهڙي طرح جاگرافي انهي اڀياس جو نالو آهي جنهن مان اتان جي ماڳن مڪانن ۽ ماڻهن جي پروڙ پوي ٿي. قدرتي ماحول ۽ ان تي ڪهڙاڪهڙا دٻاءَ آهن؟ راڄن جي ماڻهن جو ماحول ۽ مٿاڇري ڏانهن ڪهڙو رويو آهي يا ماحول ماڻهن تي ڪهڙو اثر ڪيو آهي؟ ڀون جو مٿاڇرو ڪيئن پيو تبديل ٿئي ان تي ڪهڙاڪهڙاعناصراثرانداز ٿين ٿا يا متاثر ٿين ٿا؟ ڪنهن به علائقي جي بيهڪ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ اهي سموراپاساجاگرافيءَ جي اوک ڊوک جو موضوع آهن. جاگرافي ڪنهن به علائقي جي ٻين سرگرمين تي سنئون سڌو اثرانداز ٿيندي آهي. انهي لاءِ ڪنهن به علائقي جي مزاج کي سمجهڻ لاءِ اتان جي جاگرافيءَ کي سمجهڻ ضروري آهي. ٿر جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ ٿر جي ڌرتي جي مٿاڇري کي به سمجهڻ ضروري آهي.
    ٿر جي جاگرافيءَ بابت سڀ کان پهرين ڪرنل جيمس ٽاڊ منظم نموني گهمي ڦري سموري ٿر يعني جيڪو هندستان ۾ آهي يا پاڪستان ۾ آهي تنهن بابت پيرائتو احوال پنهنجي ڪتاب ”ائنلس اينڊ ائنٽيڪئٽيز آف راجستان “ ۾ ڏنو آهي. سموري ٿر ۾ رهندڙ قبيلن ۽ ذاتين بابت وچور سان لکيو آهي. اهو احوال هن 1832ع تائين سهيڙي مڪمل ڪيو .انهي کانپوءِ ”ٿڙ ۽ پارڪر“ جي پوليٽيڪل اسٽنٽ ڪپتان اسٽينلي نيپيئر رئڪس هڪڙو يادگيرو (پهرين سيپٽمبر1856ع تي لکي پورو ڪيو ۽ 1859ع ۾ اهو شايع ٿيو )قلمبند ڪيو آهي جنهن جو سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيل آهي پرترجمي جو حال پورو سارو آهي . لفظ ”ٿڙ“ ۾ جيڪا ”ڙ“ آهي سا ڍاٽڪيءَ ۾ رائج آهي ۽ ان جو اچار سنڌي ”ڙ“ مختلف آهي. تڏهن رئڪس ٿرکي ”ٿڙ“ لکيو آهي. ڪپتان رئڪس هن يادگيري لکڻ جا جيڪي ڇهه مقصد بيان ڪيا آهن تن ۾ پهريون مقصد علائقي جي طبعي پهلوءَ جو اڀياس آهي جنهن جي شروعات ۾ ”ٿڙ “۽ پوءِ پارڪر جي اڀياس جي ڳالهه ڪندي، ”ٿڙ“ کي هو ڍاٽ يا ننڍڙو ڊيزرٽ سڏي ٿو. رئڪس جي لفظن ۾ ”ٿڙ جي پٽي جيڪا منهنجي چارج هيٺ آهي، رڻ ڪڇ جي اترئين دنگ لڳولڳ آهي جنهن جي ڊيگهه اٽڪل 120 ۽ ويڪر 40 کان 50 ميل آهي. جڏهن ته ان جي پکيڙ اٽڪل 5400 چورس ميل آهي“ حدن نشانن بابت لکندي ڪپتان رئڪس لکي ٿو،”انهي جي اولهه ۾ سنڌو ماٿري، ۽ اتر۾ هڪڙي بيقاعدي لڪير آهي جيڪا ”نواڪوٽ “ جي اترمان ٿيندي اوڀروڃي ٿي ۽ ”مٺي“ ۽ ”سنگالا“ جي اترمان ٿيندي مارواڙ جي دنگ تائين وڃي ٿي ۽ منهنجي چارج کي عمرڪوٽ کان ورهائي ٿي ، عمرڪوٽ جو هڪ حصو” ٿڙ“ جهڙو آهي. اوڀر ۾ مارواڙ ۽ هڪڙي رڻ جي ٻانهين آهي جيڪا انهي کي گجرات جي پالڻپور ضلعي کان ڌار ڪري ٿي. ڏکڻ ۾ رڻ ٿڙ۽پارڪر ضلعن کي ڪڇ کان ڌار ڪري ٿو.“ رئڪس جي خيال موجب ” ٿڙ ڀٽن جو ديس آهي جيڪو بيچين ساگر جو ڏيک ڏئي ٿو. اهي ڀٽون عمومن اوڀر اولهه ۾ آهن. ضلعي جي الهندئين ڀاڱي ۾ اڀرندئين حصي کان اهي ڀٽون اوچيون آهن.“
    ٽاڊ جي لکيل ڪتاب جي موٽ ۾ مولوي حڪيم نجم الغني خانصاحب رامپوري ”تاريخ راجگان هند “ لکيو جنهنجو معروف نالو وقائع راجسٿان آهي. اهو ڪتاب 1927 ع ۾ لکنئو مان ڇپيو آهي پر هن وقت عدم دستياب آهي. انهي ڪتاب ۾ سموري ٿر جي جاگرافي، تاريخ توڙي انهي ۾ رهندڙ قومن قبيلن بابت تفصيلي بحث ٿيل آهي ۽ حڪيم صاحب ڪوشش ڪري ٽاڊ جي ٿوپيل ڳالهين کي نروار ڪندي موٽ ۾ دليل ڏنا آهن. ٽاڊ جي لفظن ۾ ته هن علائقي کي فطرت ٺاهيو آهي اسين فطرتي ليڪن جي پيروي ڪريون ٿا. هو هن خطي کي ”ماروٿر“ سڏيندي ان جو بنياد لفظ ”مارسٿلي“ کي ڄاڻائيندي انجو اشتقاق ڪري ٿوته ”مري“ لفظ سنسڪرت جو آهي جنهن جي معنى آهي مرڻ ۽ اسٿان لفظ ”اسٿل“ جُڙيل آهي جنهنجي معنى آهي ”سُڪل ٺوٺ“ . اهو لفظ بدلجي ٿل ۽ پوءِ ٿر ٿيو.ٽاڊ صاحب ”ريٽ “ سان ڀرپور ڀاڱي کي اهڙي چيٽي سان ڀيٽي ٿو جنهن جا ڊگها ۽ گهراپٽا واريءَ جي پکڙجڻ جي نشاندهي ڪن ٿا جيڪي هڪڙي گهٽ واريءَ هاڻي پٽ تي وڃي چڙهياآهن ۽ مٿن ٿورڙي آبادي وارا ننڍڙاننڍڙا ڳوٺڙا ۽ وسنديون آباد آهن. ٽاڊ ماروٿر جي حدن کي بيان ڪندي لکي ٿو ته مارسٿلي جي اُتر ۾ گهار جي پٽي آهي، ڏکڻ ۾ وڏي لوڻ ڌُٻڻ ”رڻ“ ۽ ”ڪولهي واڙو“ آهن، اوڀر ۾ اراولي ڏونگر ۽ اولهه ۾ سنڌ ماٿري آهي. اسا ن جي موجوده ٿر جون حدون اولهه ۾ ميرپورخاص ضلعي سان لڳن ٿيون. اولهه ڏکڻ ۾ بدين ضلعو آهي. ڏکڻ ۾ رڻ اچي ٿو.اوڀر ۾ هندستان پاڪستان جو دنگ آهي. اتر۾ عمرڪوٽ آهي جتان اڳتي به ٿرآهي جنهن سان سانگهڙ ضلعي جو اڇڙو ٿر به آهي جنهن جي زميني سطح هن ٿر کان نياري آهي. حڪيم نجم الغني به جاگرافي ساڳي نموني سان ڏني آهي. انهي کانپوءِ لکجندڙ ڪتابن ۾ گهڻو ڪري ٽاڊ کي ئي حوالي طورورتو ويو آهي.محترم رائچند ٿرجي جاگرافيءَ بابت تفصيل سان لکندي پهريائين پهريائن ان جي طبعي گهاٽن جو احوال ڏنو آهي ته ”سنڌ جو ٿرپارڪر ضلعي جا ٻه طبعي ڀاڱا آهن؛ هڪڙو ڍٽ يعني ڀٽن وارو وارياسو ڀاڱو ٻيو ڏاڍي (سخت) زمين وارو ڀاڱو.“ ڇاڪاڻ جو جنهن وقت تاريخ ريگستان لکي ويئي هئي ان وقت ٿرپارڪر ضلعو جنهن پکيڙ تي مشتمل هو تنهن ۾ موجودو ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جا ضلعا به شامل هئا. اڳتي وري محترم رائچند ٿر کي ٿر ۽ پارڪر کي ملائي ٿرپارڪر ڪوٺيو آهي. جنهن جي پکيڙ تاريخ ريگستان جي پهرئين جلد ۾ هن ريت ڏني ويئي آهي،” شروعات ۾ ٿر پارڪر ضلعي ۾ فقط ڏيپلو، مٺي ۽ ننگر پارڪر تعلقه داخل هئا. قديم تفصيل موجب فقط انهيءَ ٽڪر جي ڊيگهه 120 ميل ۽ ويڪر 40 کان 50 ميل، ۽ سموري ايراضي 4500 چورس ميل هئي. ڇاڇرو تعلقو جو ان وقت عمر ڪوٽ ضلعي ۾ داخل هو. سو جدا آهي، جو خود ايڏو وڏو تعلقو آهي جو ٻين ٻن تعلقن جو مٽ ٿيندو. هي تعلقو ايراضيءَ جي لحاظ کان سڄي سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو تعلقو آهي. پارڪر ڀاڱي جي ڊيگهه 03 ميل ۽ ويڪر 20 ميل ٿيندي. هي ضلعي 13-24 ۽ 21-36 اتر ويڪرائي ڦاڪ، 40-68 ۽ 5-71 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي. اُن جي ڪل پکيڙ 13690 چورس ميل آهي. ”سنڌ گزيٽيئر“ موجب پکيڙ هيٺئين موجب آهي. تعلقو مٺي 1562 چورس ميل، تعلقو ڇاڇرو 2796 چورس ميل. تعلقو ڏيپلو، 1503 چورس ميل، تعلقو ننگر پارڪر 1617 چورس ميل، تعلقو عمرڪوٽ 1466 چورس ميل، جن مان 1018 چورس ميل ٿر ۽ 448 چورس ميل نارو يا ڏاڍي زمين. انهيءَ حساب سان جملي پکيڙ 8496 چورس ميل آهي. ڪن تفصيلن موجب سڄي ڊيزرٽ جي پکيڙ 10542 چورس ميل آهي جنهن ۾ کپري تعلقي جي ڀٽن وارو ڀاڱو به اچي وڃي ٿو“. موجوده ٿر جيڪو ٿرپارڪر۽ عمرڪوٽ ٻنهي ضلعن ۾ آهي تنهن جي ٿلهي ليکي ڪڇ ويئٽ 22000 چورس ڪ م آهي، جنهن مان 19637 چورس ڪ م ٿرپارڪرضلعي ۾ آهي. محترم رائچند ٿرپارڪر جي ڀٽن ، ڏهرن ، پاڻيءَ جي نياڻن ۽ ڪارونجهر جي ماڳن جا نالا ڏنا آهن. بيهڪ ، طبعي بناوت، زمين جي خاصيت، ڀلائي ڍلائي ۽ ٻين سبن جي ڪري محترم رائچند هريجن ٿر کي اٺن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي جيڪي هن ريت آهن 1. کائڙ 2.ڪنٺو 3.پارڪر 4.سامروٽي 5. ونگو 6. وٽ 7. مهراڻو 8 . ڍاٽ .
    انهي سموري پس منظر بيان ڪرڻ جو مقصد هو ته ڪا ڳالهه واضح ڪري سگهجي. ٿرپارڪر کي جڏهن چئوپلاندو ڏسجي ٿو ته ٿر جي ڀونءَ ڀاڳوان ۽ ٻهڳڻ نظراچي ٿي جنهن جي ڏکڻ الهندئين ڀاڱي ۾ وڏيون ڀٽون نظراينديون. پارڪر ۾ سنئين سنواٽي زمين آهي. ڪارونجهر ڇپر جا مختلف ڏونگر آهن. اتراوڀر ۾ ڀٽن جي بيهڪ بناوت ٿوري مختلف آهي. پاڻيءَ جا نار ڏکڻ اولهه ۾ زمينن جي مٿاڇري جي ويجهو آهن ته اتراوڀر ۾ پاڻي اونهو آهي. ٿر۾ جتي جبل آهي تتي لوڻاٺو رڻ به آهي ته پارڪر جو پٽ ۽ واريءَ جي ڀٽن وارو وارياسو علائقو به آهي. ٿر ۾ ڪوئلو، چيني مٽي، لوڻ ۽ گرينائيٽ پٿر جا ذخيرا آهن. ٿر جي اها پٽي جيڪا بئراجي ڀاڱي يا دريائي پاڻي سان لڳولڳ آهي تنهن کي ”ڪس“ چيو وڃي ٿو. ڪس جا ماڻهو ٻنهي طرفن جو مزو ماڻين ٿا. ٿر ۾ ساوڪ آهي ته ٿر ۾ آباد آهن جيڪڏهن ٿر ۾ ڏکيون حالتون آهن ته وک وڌائي بئراجي علائقي ڏانهن هليا وڃن ٿا. ونگي جو ڀاڱو پاڻيءَ جي ڪناري جي ونگ ٺاهڻ جي ڪري مشهور ٿيو۽ ان جي آس پاس واري ڀاڱي کي ونگو سڏيو وڃي ٿو. رڻ جي ڪناري يعني کاري پاڻيءَ سان لڳندڙ پٽيءَ کي ”وٽ“ چيو وڃي ٿو. هتي جر جو پاڻي مٺو ۽ مٿاڇري جي ويجهو آهي تنهنڪري هتي جو سيمون تمام ڀليون آهن. مالداري مک ڪرت آهي ته ماڻهو به ڏاڍا سادا ۽ سٻاجها آهن. ڪس کان وٺي ”ڪنٺي“ تائين ”مُهراڻو آهي. مهراڻي لفظ کي ”مهراڻ “ نديءَ سان ڳنڍيو وڃي ٿو جيڪو غلط آهي. مهراڻو ٻن ٿري لفظن ، مُوهر (منڍ، اڳ) ۽ آڻو (ايندڙ) جي ميلاپ سان ٺهيو آهي. يعني اهڙو حصو جيڪو دريائي ڀاڱي ڏانهن وڃڻ وقت ان کان اڳ اچي ٿو يا ان جي منڍ ۾ آهي. هتي جون تليون يعني کيڙاپ زمينون انتهائي زرخيز آهن پر پاڻي يا ته اونهون آهي يا کارو آهي. ماڻهو به باقي ٿر کان ڪجهه نياراآهن. ڪنٺي جوعلائقو مٺي کان شروع ٿي ڏکڻ اوڀر ۾ پارڪرسان وڃي لڳي ٿو. هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڏاکڻيون ڀاڱو به شامل آهي. هي ٿر جو مرڪزي ڀاڱو آهي . زمين ڀلي آهي. جر جو پاڻي به مناسب آهي. سامروٽي جو ڀاڱو مٺيءَ جي ڏکڻ ۾ شروع ٿي هڪ طرف وٽ سان لڳي ٿو ته ٻئي طرف مهراڻي سان ۽ ڏکڻ ۾ پارڪر اچي وڃي ٿو. پارڪر جو ٽڪرو مٽي هاڻو زرخيز ڀاڱو آهي جنهن ۾ ڀلي پوک ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو ڪارونجهر مان 16 کن نديون وهي پارڪر جي ڌرتيءَ تي ڇوڙڪن ٿيون يا رڻ ۾ هليون وڃن ٿيون. ان کانسواءَ کوهن جي پاڻيءَ تي به پوکي ٿئي ٿي. مالداري به ججهي آهي. ماڻهو به تمام سادا ۽ سٻاجها آهن. هن تي نالو تاريخدانن جي بقول سمنڊ پاراڪرڻ تان پيو جيڪو بعد ۾ پارڪر ٿي ويو. ڪارونجهرڏونگر ۾ پاڻيءَ جي ججهائيءَ جي ڪري اڻ ڳڻيا کگاه ٻوٽا به ٿين ته جيت جانور ۽ پکي پکڻ پڻ.. پارڪر جي اتر، ڪنٺي جي اوڀر۽ کائڙ جي ڏکڻ ۾ ايندڙ خطي کي ڍاٽ چئجي ٿو. جيتوڻيڪ ڍٽ ٿرجي اڀرندئين حصي جو نالو آهي. هن حصي جي اتر۾ جيڪو علائقو اچي ٿو سو کائڙ سڏيو وڃي ٿو. کائڙ ۾ به پاڻي اونهو آهي . ماڻهو به اونهي مزاج واراآهن. ڪنٺي ۽ ڍاٽ واري علائقي ۾ ڪوئلي جا اجگر ذخيرالڌاوياآهن جن ۾ پاڻيءَ جا ٻه وڏانار آهن. اهو به ڪتابن ۾ لکيو ويو آهي ته هتان ڪا ندي به وهندي هئي جيڪا پوءِ گم ٿي ويئي. منهنجي خيال ۾ هي علائقو ساگر جو پيٽ محسوس ٿئي ٿو. ڪارونجهر جا پري ڪئمبريئن راڪ فارميشن وارا لسايل پهڻ پاڻيءَ جو هجڻ جو پختو اهڃاڻ آهن. ٿرجون ڀٽون به پنهنجي بناوت ۾ ڪافي معنى خيز آهن. ڪو ارضياتي ڀونچال آيو هوندو جنهن سان نه رڳو سمنڊ هٽيو هوندو پر ڀونءِ ۾ جيڪي ڏار پيا سي هوائون لڱڻ ڪري اڳتي هلي ساڳر رخ واريڻ ڀٽن جي شڪل ۾ نروار ٿيا. زمين زرخيز هئي ۽ اوڀڙ اڀري، ٿرآباد ٿيو ۽ ماڻهو مال ڪاهي اچي ٿر ۾ آباد ٿيا ڇاڪاڻ جو هتان جو سيمون ۽ گاهن جي انڇر سندن گوهرن لاءِ گنج هئا.


    ٿرجي ڌرتي.... ڀٽون ته مئيءَ جون ڀينرون

    ٿرجي ڌرتيءَ جو مٿاڇرو جيئن مالامال آهي تيئن ڌرتيءَ اندر به ڪيئي خزانا سمايل آهن جن مان ڪي پڌراٿيا آهن ته ڪي اڳتي هلي پڌراٿيڻا آهن. مٿاڇري تي جيڪي من موهيندڙ روپ ٿر جي ڌرتيءَ تي آهن تن ۾؛مشهور ڀٽون، مشهور ڏهر، مشهور لڪ، مشهور ناکون، مشهور ترايون، مشهور نديون، ڪارونجهرجو ڇپر، رڻ جي پٽي، گم ٿيل واهڻ سرسوتي المعروف هاڪڙو، لوڻ جون ڊنڍون، وغيره اهڙا مظهر آهن جن جي تفصيلي اڀياس جي ضرورت آهي جيئن ٿرجي اونهي اسرارجي سرکي ڳولهي لهي سگهجي.
    ٿرپارڪر جا جيڪي ٻه مکيه ڀاڱاآهن تن ۾ ٿرپکيڙ ۾ پارڪر کان ويڪريرو آهي، ٿر۾ قطب نما جهڙيون ڀرم دارڀٽون ساريکيءَ ترتيب سان رکيل آهن پر قطب نما اترڏکڻ طرف جي نشاندهي ڪندو آهي جڏهن ته ڀٽون اوڀراولهه کي نروار ڪن ٿيون. اهي اوڀر کان اڀري اولهه ڏانهن لاٿ ڪندي وڃي ڇيهه ڪن ٿيون.اهي ڀٽون ڌنارلوڪن لاءِ وڏي معنى رکن ٿيون جن تي جڏهن سندن ڌڻ وسڪاري ۾ ورڏيئي چري ٿو ته انهن جا چهراخوشيءَ مان چمڪي پون ٿا ۽ اهي پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍڳين کي نينهن مان نالون ڪندي نظراچن ٿا ته ڪٿي ويراڳڻ يعني ونجهلي يا بانسري وڄائيندي نظرايندا ته ڪن جي وات چنگ جي چهڪارهوندي ته ڪي وري بوڙينڊي مان بره جي بيراڳ کي اظهاريندا نظرايندا.
    ٿرجي چند مشهور ڀٽن جو احوال استاد رائچند پنهنجي لکيل ٿرتاريخ جي ڪتاب تاريخ ريگستان جي ٻنهي ڀاڱن ۾ ڏنو آهي، جن جو وچور هن ريت آهي؛
    ڪانڪر نالي ڀٽ سڄي ٿر ۾ اوچي ۽ 1.5 ميل ڊگهي ڀٽ آهي جيڪا هيلاريو لنجا ۽ پوسرڪي ساند جي وچ ۾ آهي. لوڻڪي ڀٽ (اوچائي 588 فوٽ، داديءَ جي تڙجي اتر ۾) سانڏور ڀٽ(اوچائي 408 فوٽ) ارنيارو ڀٽ(اوچائي 484 فوٽ) روجهڙڀٽ (518 فوٽ) ڌاريندڙو ڀٽ (529 فوٽ) عالمسر ڀٽ(492 فوٽ) ڪاري ڀٽ (ڳوٺ ٻسارڻي کان 2.5 ميل، 595 فوٽ) جهونڊ ڀٽ (373 فوٽ) ويراڙو ڀٽ (459 فوٽ) گنگاسرو ڀٽ( 428 فوٽ) ويسروڙي ڀٽ(ساهوساند جي اوڀر۾) ڌنوڙي ڀٽ (512 فوٽ، تڳوسر جي اتر ۾) ڍوڪاڻي ڀٽ(چارنور جي اوڀر ۾) جهرڪلي ڀٽ(جينئد و درس جي اوڀر۾) ڪانڌلڪوٽ ڀٽ (وڪڙيو جي اتر ۾) چانگي جو ٽونڪ (چيلهار جي اولهه ۾) ٻانهياري ڀٽ(تڙ همير وٽ) ڪرڪر ڀٽ (جيسي جي پارجي اتر۾) شهمير ڀٽ(شهمير تڙ جي اتر ۾) سونيا ٻهه ڀٽ(جيسي جي پار جي اتر ۾) ڪيل ڀٽ (مٺي جي اتر۾.... هن ڀٽ تان ڍوري ناري واري هوائي جهازن کي واٽ ڏيکارڻ واري روشني 74 ميلن تان ڏسجي ٿي) ڪوهراڙي ڀٽ(چيلهار جي ڏکڻ ۾.... هتان 72 ميل پري ڪارونجهر جبل ڏسي سگهجي ٿو) آساٻو ٽونڪ(پاٻوويري جي اوڀر ۾......هتان 60 ميل پري ڇهوٽڻ جو ڏونگر ڏسجي ٿو)
    ٿر جي ڌرتي جي مٿاڇري جي طبعي ڀاڱن لاءِ پڻ مختلف نالا آهن؛ ڀٽ جو اهو پاسو جتان ڀٽ شروع ٿئي ٿي تنهنکي” ماٿاري“ ۽ وڌيڪ اوچي ماٿاري کي ”ڳاٽ“ چئبو آهي. ڳاٽ جيڪڏهن ڊيگهه ۾ ڇوٽو آهي ته انکي ”ڳاٽڙي“ چئبو آهي. ڳاٽ يا ڳاٽڙي جي هنج واري هنڌ کي ”ٻُڪڙ“چوندا آهن. ڀٽ شروع ٿي جتي ڇيهه ڪري ٿي ان کي “پوڇانڊو” چئبو آهي. پوڇانڊو جيڪڏهن ٻن حصن ۾ ٽٽي پوي ٿو ته اهو” ڦنگهه“ سڏ بو آهي آهي. ڀٽ جي وچ تي جيڪڏهن مٿاهون اُڀار آهي ته ان کي ”اوچاهو“ سڏيندا آهن. ڀٽ جو اهو پاسو جنهن تي سڄ جي روشني پوي ٿي تنهن کي ”تڙڪول“ ۽ ٻئي پاسي کي ”گوڇار“ سڏيو ويندو آهي. ڀٽن تي لهڻ چڙهڻ جا جيڪي گس ٺهي ويندا آهن تن کي ”پاڄون“ چئبو آهي جنهن جو واحد ”پاڄ“ آهي.انهن پاڄن تان جڏهن مينهن جو پاڻي وهي هلندو آهي ته اهو ”اوڙيهر“ ٺاهي ڇڏيندو آهي. ٻنهي ڀٽن جي وچ واري سڌي ۽ مٽيهاڻي زمين کي ”ڏهري“ چونداآهن ۽ روينيو جي زبان ۾ اها ”تلي“ آهي يعني پوک لائق زمين آهي. ”ڏهرُ“ وري اهڙي سڌي زمين آهي جيڪا وسيع پکيڙ تي مشتمل هوندي آهي. ننڍن ڏهرن کي ”ڇوٽيا ڏهر“ سڏيو ويندو آهي ۽ سمورا وڏا ڏهر خاص نالن سان سڃاتا وڃن ٿا.جيئن؛1. ڏاڪي ڏهر 2. ڇڇيءَ جو ڏهر3. وڇيري جو ڏهر4. هيڪل ڪوري ڏهر5.گئوچر ڏهر6.ڍوڪاري ڏهر7.ٽانپيءَ جو ڏهر8.ڇهو ڏهر9.گوگهاروڏهر10.ڏسارڻو ڏهر
    ٻنهي ڀٽن جي وچ واري زمين جيڪڏهن پيٽ ۾ سوڙهي ۽ لام ۾ ڊگهي آهي ته ان کي ”نوڻ“ ۽ جيڪڏهن وڌيڪ ويڪراند واري آهي ته ان کي” مڙهو“ چوندا آهن. مڙهو جهنگ لاءِ عام لفظ پڻ آهي.
    اهڙي طرح جيڪڏهن نوڻ کان به ايراضي ۽ پکيڙ گهٽ آهي ته پوءِ انکي ”مَندر“ سڏيو ويندو آهي. ننڍڙن مندرن کي مگريا چيو ويندو آهي. ٻڪڙ کان پوئتي جيڪڏهن ڪو هيٺاهون هنڌ هوندو آهي ته ان کي ”جهول“ سڏيندا آهن، جيئن بيڀي وارو جهول وغيره . ڀٽن جي وچ ۾ مٽيهاڻي زمين کان اڳتي جيڪا ڪونئري زمين هوندي آهي تنهن کي“ ڊاڳو” چئبو آهي . ڀٽن جي وچ ۾ سنهي چيپاٽ نما ايراضي آهي ته ان کي ”ٻيکر“ چئبو آهي. کيڙاپ ايراضيءَ جو جيڏاهن پاڻي ڇوڙ ڪندو آهي تنهن کي ”پاڻي ڍوڙ“ چئبو آهي ۽ زمين تي پهرين انهي جو حق بيهندو آهي جنهن جي زمين جو اهو پاڻي ڍوڙ وارو حصو هوندو آهي.”لڪ“ ڀٽ جو لنگهه وارو هنڌ آهي . هڪ ڳوٺ يا مڪان سان جيتري زمين يا مڙها ۽ جهنگ لاڳاپيل هوندو آهي تنهن کي ”سِيم“ چئبو آهي. هڪ ڳوٺ جي سيم سان جتي ٻئي ڳوٺ جي سيم گڏبي آهي اتي جيڪو لنگهه هوندو آهي تنهن کي ”ناک“ چئبو آهي. ڀٽ جي سنهي پوڇانڊي يا ان مان نڪرندڙ سنهي حصي کي ”مُڇ “سڏيندا آهن. جتي گاه جام ٿئي اهڙي مڙهي کي ”ويئريا ويئري“ سڏيو ويندوآهي.برسات يا زلزلي جي ڪري ڀٽن مان يا زمين ۾ ٿيندڙ ڦوٽ کي ”ڏرڙ“ چونداآهن. وهندڙ برساتي پاڻي جتان لنگهه ٺاهي تنهن کي ”ڳارو“ سڏيو ويندو آهي. ڳوٺ جي گهرن ويجهي زمين کي ”اجهور“ چيو ويندو آهي. اهي اجهور آسائش طور گڏيل ملڪيت هوندا آهن جتي مال چاريو ويندوآهي ۽ ڪو به اجهور کي پوکڻ کان پاسو ڪندو آهي. پر هاڻي ڳوٺاڻي سماج ۾ تبديلي ، روينيو قانون ۽ سرشتي جي ڪمزور ٿيڻ يا آبادي وڌڻ جي ڪري سمورا اجهور پوکجي ناس ٿي رهيا آهن. ٿر جي ڌرتي ،مينهن جي پوڄ پاڻي لاءِ ايئن سڪندي آهي جيئن سمنڊ جي سپ سانوڻ جي ڦڙين لاءِ واجهائيندي آهي.مينهن جو پاڻي ٿر جي ڌرتيءَ کي اهڙي جنت نظير بنائي ڇڏيندو آهي جو هرڪو انهن منظرن کي پنهنجي يادداشت جو مستقل حصو بنائي وٺندو آهي ۽ اهي نقش زهن جي ڪينواس تي چٽجي ويندا آهن. برکا جو پاڻي مختلف هيٺاهن هنڌن تي بيهندو آهي انهن ماڳن لاءَ الڳ الڳ لفظ نالي طور ڪتب آندا وڃن ٿا. اهڙو هنڌ جتي ججهو پاڻي بيهي ٿو تنهن کي “ترائي” سڏيو ويندوآهي. ننڍي ترائي کي ”ٽوڀو“يا ”ڊهو“ چوندا آهن. ترايون ڪنهن وقت “سر” به سڏيون وينديون هيون جن جا نالااڄ به راڻاسر، ڀوڏيسر،ڪجلاسرآهن. يا انهي سر پويان ڳوٺن جا نالا رکيا ويا جهڙوڪ، گوگاسر،نبيسر، رڙياسر،ڀيماسر وغيره. ايئن ٿر جي سموري مٿاڇري لاءِ الڳ الڳ لفظ آهن جن کي پنهنجو پنهنجو پس منظر آهي.


    ڪارونجهرني ڪور، مريئي تو ميلهئي نهين!!

    ٿرپارڪر جي بيهڪ ۽ جاگرافيءَ ۾ ڪارونجهرجي اهم حيثيت آهي. قدرت جو هي نيارو روپ فطرتي حسناڪيءَ جو نرالو روپ آهي جنهن کي ڏونگرن جي قطار ۾ ممتاز حيثيت حاصل آهي. هونئن به ڏونگر ڌرتيءَ جي گولي تي هڪڙو منفرد منظر پيش ڪن ٿا. دنيا جي مذهبن ۾ به جبلن جي مڃيل حيثيت آهي. ديومالائي ڪٿا ۾ به ڏونگرسڀ کان گهڻو بحث هيٺ آيا آهن.ادب ۽ شاعريءَ ۾ به جبلن جي جنسار جو ذڪر آهي. ڀٽائيءَ جبلن جي سونهن ۽ سفر جي ڏاکڙن کي محسوس ڪندي ڪٿي ڏونگر کي ڏوراپو ڏنو آهي ته ڪٿي ڏونگر کي ڏکوين لاءِ دلاسا ڏيندڙ ٿيڻ جي صلاح ڏيندي فرمايو آهي؛
    ڏونگر ڏکوين کي دلاسا ته ڏجن،
    گهڻو پُڇجي تن کي وٽان جن هوت وڃن
    تون ڪيئن سندا تن، پهڻ پير ڏکوئين
    ڀُون تي ڪيرن وانگر لڳل هِي قدرتي ميخون جتي ڪٿي آهن. سموري پرٿويءَ جا چونڊ ڀاڱا انهن سان سجايل آهن نه رڳو ايتروپر زمين اندر به جيڪي جبلن جون وڏيون رپون آهن تن جي چُرڻ پُرڻ سان ڀون ڪنپ اچن ٿا جيڪي ڌرتيءَ تي تمام وڏيون ۽ ڏور رس تبديليون آڻين ٿا، جبل آڳ به اوڳاڇين ٿا جنهن ڪري ڪافي نقصان به ٿئي ته وري اِن لاوي جي ڇار جي ڪري ڌرتيءَ جي زرخيزي وڌي وڃي ٿي ـ جبلن ۾ انيڪ قدرتي دولتون موجود هونديون آهن جن تي اُن علائقي ۾ رهندڙ توڻي ٻين ماڻهن جو گُذر سفر هوندو آهي.
    سنڌ کي به قدرت جبلن جي قدرتي دولت سان مالامال ڪيو آهي جنهن جي ڪري سموري سنڌ جا رهواسي ڪنهن نه ڪنهن صورت ڪونه ڪو لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. مارئيءَ جي حُب الوطنيءَ سببان مشهوري ماڻيندڙ ٿر جي پارڪر واري علائقي جي خوبصورت پيشانيءَ تي قدرت طرفان ”ڪارونجهر“ جي صورت ۾ هڪڙو املهه موتي سجايل آهي جنهن جي سونهن ۽ سوڀيا مُلڪان مُلڪ مشهور آهي ۽ منجهس موجود قدرتي دولت ۽ سونهن سموريءَ دُنيا جي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندي رهي آهي ۽ ڪارونجهر جي اِن خوبصورتيءَ هر اُن تخليقڪار جي ذهن تي گهري ڇاپ ڇڏي آهي جنهن به هُن جو هيئين جي اکين سان مُشاهدو ڪيو آهي ــ تڏهن ته هڪڙو لوڪ شاعر هيئن چئي ويٺو؛
    ڪارونجهر ني ڪور، مريئين تو ميليهئي نهين
    ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاگي ڏيپتو
    ڪارونجهر جي ڪور مرڻ گهڙي تائين ماڻهوءَ کي وسري نه سگهندي، جڏهن اُن مٽي تي مور ٽهوڪا ڪندو آهي ته اُن جي پڙاڏي سان ايئن محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ڄڻ سموري ڏُونگر ۾ ڏيئا ٻري پيا هُجن.
    ڪارونجهر بابت ٿرجي سمورين تواريخن ۾ ذڪر آهي.ريگستان جي تاريخ،سيرريگستان ۽ پراڻو پارڪرقابل ذڪر ڪتاب آهن جن ۾ هن ڏونگرجو احوال آهي.ان کانسواءِ ٻين مضمونن ، مقالن ۽ شاعريءَ ۾ به ڪارونجهرسلسلي جو ذڪر اچي ٿو.
    تاريخ ريگستان ڀاڱي پهرئين ۾ صفحي 5 ۽ 6 تي اُستاد رائچند هن جبل بابت لکي ٿو،”ننگرپارڪرشهروٽ جبلن جي هڪ وڏي قطار ڪڪڙ جي بيضي وانگر ڦري اچي ٿي . جنهن جي وچ ۾ ماٿريون آهن. اها قطارڪارونجهرسڏجي ٿي. انهي گول قطار جي ٻاهرين گولائي ڪي 32 ميل ۽ ڪي 20 ميل ٻُڌائين ٿا، پر سنڌ گزيٽيئر ۾ 12 ميل ڄاڻايل آهي.وڏي جبل جي چوٽي، زمين جي سطح کان هزارفوٽ مٿي آهي. هيءَ ٽڪري ننگرپارڪر شهر جي ڀرسان ڏکڻ الهندي طرف ۽ ڪڇ جي رڻ جي اُتراڀرندي ڪنڊ تي آهي.“
    پراڻي پارڪرجي ليکڪ محترم منگهارام اوجها هن جبل کي 16 ميلن تي پکڙيل ڄاڻايو آهي ۽ وڏي چوٽي جي اوچائي هڪ هزارفوٽ لکي اٿس.اوجها جي لکڻ مطابق 5 پانڊو ڀائرپنهنجي جلاوطنيءَ دوران هتي اچي سرڻ پيا هئا يعني پناه ورتي هئائون.
    روايت آهي ته مهاڀارت جي جنگ دوران جڏهن ڪورو سرسيءَ ۾ آيا ته انهن پانڊون ڏيس وٽو ڏنو هو جن جلاوطني جا 13 سال هتي ڪارونجهر جي ڪور تي گذاريا هئا جن جا اُهڃاڻ اڄ به ”ڀيم گوڏا“، ”ڀيم تلاءَ“، ”ارجڻ ٻاڻ“ وغيره جي صورت ۾ موجود آهن.
    هڪڙي ڏند ڪٿا هن طرح به آهي ته شري ڪرشن هن جبل ۾ اچي پناه ورتي هئي تنهنڪري پيڇوڪندڙن ان کي ساڙيو هو ۽ انهي ساڙڻ جي ڪري اها جهرجهربنجي ويئي. شروع ۾ نالو ڪاروجهر هو جيڪو پوءِ بدلجي ڪارونجهرٿيو.
    ڪروناليجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ۾ محترم محمد حسين پنهورهن جبل جي ڄمار جو ڪاٿو3.5 کان 5 ارب سال ڄاڻايو آهي.
    آرڪيٽيڪٽ عارف حسن هن جبل جي ڊيگهه 19 ڪلوميٽر۽ اوچائي 300 ميٽرڄاڻائي آهي.هڪ ٻئي ليکڪ مشڪورڦلڪاري پنهنجي لکيل ڪتاب ”ٿرجي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس“ ۾ ڪارونجهرجي گولائي بابت 24 ڪلوميٽر ۽ 30 ڪلوميٽر ٻڌائي آهي جيڪا به سندس خيال ۾ درست ناهي.ان کانسواءِ هن ڪارونجهر ڏونگرجي مختلف ٽڪرين جا 109 نالا به ڄاڻايا آهن. ان کانسواءِ ڪارونجهر سلسلي جون ٻين ڳوٺن جي آسپاس 45 ٽڪريون ڄاڻايون آهن.
    ڪارنجهر جي نالي بابت ڪنهن ليکڪ به وچور سان ناهي لکيو. ڪارونجهر تي نالي جي اُپٽار ڪندي اُتان جا رهواسي لفظ ڪارونجهر لاءِ ٽي سمجهاڻيون ڏين ٿا؛
    1) لفظ ڪارو رنگ جو نالو آهي ۽ جهر اُها سنهي داڻ داڻ آهي جيڪا سڄي جبل ۾ موجود آهي يعني ڪاري رنگ جي جهر وارو جبل.
    1) Karoon= Karo= Black + Jhar= small dots= Mountain with black dotting on it.
    2) ڪاروـ رنگ جو نالو + جهرمعنى جبل = ڪاري رنگ جو جبل
    2)Karoon= karo=Black +Jhar= Mountain= Black mountain
    3) ڪاروـ رنگ جو نالو +جهرڻومعنى سِمي گڏ ٿيل پاڻي
    3) Karoon= Karo=Black+Jhirno= water spring= mountain with springs
    سموري جبل ۾ ”جهر جهر“ به آهي ته جهرِڻا به موجود آهن جن ۾ پاڻي موجود رهي ٿو.
    هن جبل جي بناوت، ساوڪ، پاڻيءَ جي موجودگي، پراڻا آثار ۽ جبل جومجموعي ماحول ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو.چاچو علي نواز کوسو مرحوم چوندو هو ته ڪارونجهر۾ 108 تاريخي ماڳ يااهڃاڻ آهن. هن جبل ۾ ڪافي چشما آهن جن ۾ ڪجهه موسمي آهن يعني انهن ۾ پاڻي صرف برسات جي موسم ۾ هوندو آهي پر ٻه اهڙامدامي نيرماڳ آهن جن ۾ سدائين پاڻي موجود رهي ٿو. هڪ ساڙڌرو ۽ ٻيو انچليشور. ٻئي تيرٿ آهن جن تي هرسال هزارين ماڻهو ياتراڪرڻ اچن ٿا. ٻه وڏيون نديون .... ڀٽياڻي ۽ گوڙڌرو....برسات جي موسم ۾ ارڙاٽاڪري وهن ٿيون. استاد رائچند ڪارونجهر جي جن ماڳن جو ذڪرڪيو آهي سي آهن؛ساڙڌرو، گئومکي، ڀيم ڪن، انچليشور، جهرڻو، ٻاين جو ٻيسڻو، چندڻ گڍ .

    جبل ۽ ان سان لاڳاپيل مکيه ماڳ هن ريت آهن:

    جين ڏهرو: ننگرپارڪرجي شهرمان نڪرندي جيئن ڏونگرشروع ٿئي ٿوته اتي جبل جي پٻ ۾ 5 صديون پراڻوشاندارجين ڏهرو آهي، جنهن جي اڏاوت ۽ خوبصورتي زمانا گذرڻ ۽ سُڃ جي باوجود ڏسڻ وٽان آهي.

    ساڙڌرو: شهر کان اٽڪل 3 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي جبل اندرگوڙڌري نئن جي منهن وٽ هي ماڳ هندن جو انتهائي مقدس ماڳ آهي. هتي مهاديوجو هڪ مندرآهي ۽ پاڻي جو هڪ ڪن سدائين پاڻيءَ سان ڀريل هوندو آهي .هن ڪن ۾ هندو مري ويلن جي ڦلن جو تارڻو ڪنداآهن. هتي مارچ مهيني ۾ هرسال شوراتڙيءَ جو ميلو لڳندو آهي. ساڙڌري مٿان پاراسررشي جو آستان آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته پاراسر رشيءَ ان هنڌ 10 هزارسال بيهي تپسيا ڪئي هئي، پرپوءِ اتي هڪڙو اڻ وڻندڙ واقعو ٿيو ۽ پاراسر پاپ ڪري وڌو . پاراسرجي انهي پاپ جي ڪري هن ڏونگر کي سراپ مليو ته؛
    ڪارنجهر تنا ڪه جس، ڪه جسي ميڙيو ڪاڄ
    پيداٿئي نه پارکو، نه رهسي ڪو رشي راڄ

    گئومُکي: گئومکي يا ڍڳيءَ جو منهن. ساڙڌري کان ڏکڻ طرف ڪلوميٽر جي پنڌتي جبل جون ٻه چوٽيون اچي ملن ٿيون جتان برسات جو پاڻي آبشار وانگرهيٺ ڪري ٿو. انهن جابلو چوٽين گڏجڻ جي ڪري پٿرن مان قدرتي طرح ڳئون جي شڪل ٺهي پيئي آهي

    ڀيم ڪن: گئومکي جي اترپاسي 25 وکن تي پاڻيءَ جو هڪ ڪن آهي جنهن جي ويڪر 20 فوٽ ۽ ڊيگهه 30 فوٽ آهي. برسات کان پوءِ هي تارهوندو آهي. هن کي ڀيم گوڏابه چونداآهن

    انچليشور: ننگرپارڪرشهر جي اتر اولهه ۾ 3 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڏونگر جي چوٽي کان ٿورو هيٺ هنج ۾ هي چشمو آهي .هن کي انچلاس به چونداآهن. هي شوجو آستان آهي. رائچند مطابق ،”هتي مهاديوجو لنگ ٺهيل آهي. انهي جاءِ تي پاڻيءَ جا لاڳيتو ٽي چشما آهن جي ڌارڌارويجهين ٽڪرين مان نڪرن ٿا. وڏن پٿرن جي آڏواچڻ سبب انهن چشمن جو پاڻي پٿرن هيٺيان وهي ٿو ۽ ٻارهن ئي مهينا وهندو رهي ٿو. انچلاس جي آستان تي ديوان سترامداس عامل رهندڙ حيدرآباد سنڌ جي (جو ننگر۾ سب انسپيڪٽرپوليس هو) هڪ مسافرخانو ٺهرايوهو جنهن ۾ ساڌوسنت فقيرماڻهو اچي رهنداآهن ۽ ڀڄن ڀاو ڪنداآهن. هتي ڦڳڻ چانڊوڪي يارهين جو ميلو به لڳندو آهي جيڪو هڪ ڏينهن هلندو آهي.“

    صاحب چڱو: هن ٽڪريءَ جي سڀ کان اتاهين چوٽي شهرکان ڏکڻ طرف ٻن ڪلوميٽرن تي آهي جنهن ۾ هڪ ڪلوميٽرجبل به اچي وڃي ٿو. هن مٿي ٽرگناميٽريڪل جي دڙي ٺهيل آهي. هن کي صاحب چڱو تروٽ جي نالي پويان سڏين ٿا.چون ٿا ته ڪرنل تروٽ جڏهن ننگرپارڪرايندو هو ته صبح جو سويرانهي چوٽيءَ تي پسارڪرڻ ويندو هو.

    جهرڻو: ڪاسٻي ڳوٺ واري پاسي گاميرو تلاءَ جي اڀرندئين پاسي جبل جي تري ۾ هڪ جهرڻو آهي جتان بڙبڙڪري پاڻي پيو نڪري جو فوٽ کن مٿي کڄي هيٺ ڪري آسپاس ريلاٿيو وڃي.

    ٻاين جو ٻيسڻو: نئين ڪاسبي کان اڍائي ميلن جي مفاصلي تي جهوني ڪاسبي واري هنڌ تي هڪڙو پٿر آهي جنهن هيٺيان هڪڙي سُرنگھ آهي جيڪا ٽن پاسن کان کُليل ۽ هڪ پاسي کان بند آهي. اڳي پارڪر ۾تمام وڏا ڌاڙا لڳندا هئا ۽ گُجرات مان وقت بوقت ڪاهون ٿينديون هيون تڏهن هڪدم دُهل وڄايو ويندو هو ۽ سموريون زائفائون اِن غفا ۾ وڃي لڪنديون هُيون ۽ مٿان پٿر ڏنو ويندو هو ۽ ڳوٺاڻا وڃي حملي آورن سان مقابلو ڪندا هئا.

    ناني: ننگرپارڪر کان اولهه طرف جبل جي چوٽيءَ تي هڪ بلڪل نرالو پٿر ڏسڻ ۾ اچي ٿو جنهن کي ناني ڪري چوندا آهن. چون ٿا ته درويش ڪنهن مائي کي پاراتو ڏنو هو ۽ هوءَ پٿر ٿي ويئي

    چندڻ گڍ: هي اهو چندن گڍ آهي جنهن کي پارڪرجي سوڍن پنهنجي آخري مورچي طور استعمال ڪيو. استاد رائچند مطابق، ”هي قلعو راڻي چندڻ سنگهه پٽ گوبندراءِ جو ٺهرايل هو، جنهن کي چندڻ گڍ چونداهئا. جڏهن پارڪر جي راڻن بغاوت ڪئي تڏهن مئي 1859ع ۾ انگريزي فوج ڪرنل ايوانس جي ڪمان هيٺ ننگرپارڪر تي چڙهي آئي هئي ۽ اهو قلعو توبن سان اڏائي ڇڏيائين.“
    ”راجسٿان جي پراچينتا ۽ تواريخ“ ۾ ڪرنل جيمس ٽاڊ هن قلعي کي شهرجي ڏکڻ اولهه ۾ ڏونگرجي ڪناري تي ڄاڻائيندي، قلعي جي اوچائي 200 فوٽ لکي آهي. هن وقت انهي گڍ جو نالو نشان ناهي.

    ڪارونجهرجي هنج ۾ ننگرجو شهرآهي ته ٻئي طرف ڏکڻ ۾ ڪاسٻو ۽ صابوسڻ آهن. اولهه ڏکڻ ۾ آڌيگام آهي. جنهن لاءِ چوڻي آهي ته ”اڌ ۾ آڌيگام، اڌ ۾ پارڪر“. ڪارونجهر جي اتراولهه ۾ ڀوڏيسرآهي ته اتراوڀر۾ ويراواءِ جو ڳوٺ آهي.
    ڪارونجهرلاءِ چوڻي آهي ته هتي روزانو سوا سير سون اپجي ٿو يعني هن جبل مان جڙي ٻوٽين جي اپت، ماکي کونئر، گگر ۽ ٻين شين جو ملهه ڪٿجي ته اهو سوا سير سون جي برابر ٿيندو. ڪارونجهر ۾ هرڻ ، روجهه، بگهڙ، گدڙ، سها، ڳجهون ۽ ٻيا ڪيترائي جانور، جيت جڻا ۽ پکي پکڻ رهن ٿا. گاهن ، ٻوٽن ۽ وڻن سان مالامال ، پاڻيءَ جي لسايل رنگبرنگي پهڻن وارو ڏونگرفطرت جوهڪ نيارولقاءُ آهي جنهن جي ڏيک جي ڏيا کي جنهن به هڪ دفعو ڏٺو اهو باربار هن ڏونگرکي ڏوري ڏسندو ۽ ٻين کي به هن جبل جاچڻ جي ڪوٺ ڏيندو.


    ڪارونجهر.....پارڪر۾ موجود نيارو قدرتي لقاءُ

    سونهن ،حسن ، جمال، خوبصورتي اهڙا لفظ آهن جن جي معنى کي محسوسات ئي معنادار بنائين ٿا ، ڇاڪاڻ دنيا جون ٻوليون ۽ زبانون اڃا تائين ايتريون ترقي يافته نه ٿيون آهن جو انسان پنهنجي مافي الضمير جو سمپورڻ اظهارڪري سگهي.سونهن جو ذڪر ته ڪري سگهجي ٿو پر سونهن جي سِرجو اونهو اسرار اهڙو وسيع واهڙ آهي جنهن تان دنيا جي شاعرن،فنڪارن،مصورن،موسيقارن جيترا به ڍڪ ڀريا آهن تن نه رڳو سندن زنگين ۾ رنگيني پيدا ڪئي پر ٻين ماڻهن جي حياتي ۾ پڻ تبديليءَ ۽ ترقي جو سبب بڻيا.ايتري اوت اوتان ۽ ماڻڪ ميڙ جي باوجود سونهن جو اونهو عميق مها ساگر اڃا پري محسوس ٿئي ٿو ۽ هرهڪ سمجهي ٿو ته هو ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري رهيو آهي. اهڙي ريت سونهن جي واکاڻ ته ممڪن ٿي پر وصف ۽ وياکياڻ اڃا به رُهيءَ جو گاه يا رڃ محسوس ٿئي ٿي.ساجن جي سونهن جون سوين تعريفون ۽ تجلا آهن پر پوءِ به اظهار ۾ اڻپور ائي جي تلخي رهجي وڃي ٿي ۽ ڀٽائي جهڙي شاعر کي چوڻو پئجي وڃي ٿو؛
    ڪوڙين ڪايائون تنهنجون ،لکن لک هزار،
    جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سان، درشن ڌارو ڌار،
    پريم! تنهنجا پار ، ڪهڙا چئي، ڪهڙا چوان.
    پرينءَ جي اهڙن نه بيان ٿي سگهندڙ مظهرن ۾ قدرتي نظارن جي رنگيني ۽ ٻهڳڻائپ جو وڏو حصو آهي. هر فن ۾ قدرت جي منظرن کي ڳايو ويوآهي، مصورايو ويو آهي، اظهاريو ويو آهي، مطلب ته انجي شان ۽ مان ، سونهن ۽ سوڀيا جي ڳڻن ڀري ڳالهه انيڪ طريقن سان به ڪئي ويئي آهي،پر ڳوڙهي ڳالهه جو ڳجهو ارٿ اڃا به اسرار لڳي ٿو تڏهن ته شاعر هن ريت انهي اڻپورائي جو اظهار ڪري ٿو؛
    حسن جانان ڪي تعريف ممڪن نهين،
    آفرين آفرين، آفرين آفرين
    اهڙي سوڀيا ۽ سونهن جو اثر انگيز مظهر ۽ مثال ڪارونجهر جو ڪاريءَ جهر وارو اٽڪل ساڍا ٽي ارب سال پراڻو جڳاندر جهونو جبل آهي جنهن جي پهلوءَ ۾ ڪيئي صديون پراڻيون ڪهاڻيون پوشيده آهن جن جي قدامت جي ڪيرت نسلن جي ذهنن تي اڪريل رهي آهي.انهن سڀني ڪهاڻين کي ڏسڻ لاءِ ڏور ڏور کان مانهن جون هن موسم ۾ ڇليون ڇڄن ٿيون . ڪارونجهر جي سونهن سندن ٻئي ٻانهون کولي اهڙو آڌرڀاءُ ڪري ٿي جو اهي مرڻ مري ٿا وڃن پرڪاروجهر جي ڪور کي نٿا وسارين. انهي لقاءَ جو نرمل نظارو وسڪاري جي مند ۾ ويتر وڌي وڃي ٿو.اسين به هن رت جي رنگينيءَ مان محظوظ ٿيڻ لاءِ ڪارونجهر جي حاضري ڀرڻ لاءِ وياسين.رستي ۾ ايندڙ منظرن کي ڏسندا ڏسندا جڏهن ڪاسبي جهڙي ڪلاونت قصبي ۾ پهتاسون ته نابين ڳائڻو يوسف فقير سارنگ جا سروکيري رهيو هو ته صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو.
    ڪاسبي تي اهو نالو ڪمال جو ڪسب ڪندڙن جي ڪرت پويان پيو يا قصبي مان ڪاسبو ٿيو تنهن جي تاريخ ته ويل وقت جي سيني ۾ محفوظ آهي پر تواريخ جي ڪتابن ۾ هن ڳوٺ جو ٽي دفعا آباد ٿيڻ لکيل آهي. پراڻو ڪاسبو جبل جي هنج ۾ هو ، ٻيو دفعو ڪاسبي جو ڳوٺ موجوده ڪاسبي ۽ پراڻي ڪاسبي جي وچ تي هو . ٽيون يعني هاڻوڪو ڪاسبو سڀني سياحن جي زبان تي هوندو آهي. ٻن مندرن، ٻه سو گهرن، ٻن تعليمي ادارن (پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول) ۽ سرسبز ٻنين تي مشتمل هن ڳوٺ جا رهاڪو انتهائي مهمان نواز ۽ گڻوان آهن. فقير يوسف جهڙو ڪلاڪار هن ڳوٺ جي حسن ۾ چا ر چنڊ لڳائي ٿو ڇڏي جڏهن هو دل جي تارن سان هارمونيم جو تارون ڇيڙي اهو سر آلاپي ٿو ته”اکڙيون ميگهه ملار، صورت تنهنجيءَ سڀ جڳ موهيو“ ته سمورو منظر انهن ازلي اکين جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو جيڪي صدين کان سڄي جڳ کي موهينديون رهيون آهن.
    ڪارونجهر جو ڏونگرپار ڪر جي مالامال ڌرتي تي هڪ اهڙيءَ ميخ وانگر کتل آهي جنهن جي ڪل پکيڙ ميل آهي. ڪارونجهر جي ڪناري سان ڳوٺ آباد آهن جن ۾ آڌيگام ۽ سابوسڻ جا ڳوٺ آهن. آڌيگام لاءِ ته اها چوڻي به مشهور آهي ته ”اڌ ۾ آڌيگام ، اڌ ۾ پارڪر“ يعني جيترا وسيلا سڄي پارڪر جا آهن ان جيترا وسيلا صرف آڌيگام ۾ آهن. هونئن به ڪارونجهر جي جبل لاءِ چيو ويندو آهي ته هن ڏونگر جي ڏهاڙي اپت ”سوا سير سون“ آهي. درحقيقت اها سوين سير سون جي برابر آهي. سڄو ڏونگر گرينائيٽ تي مشتمل آهي جنهن ۾ سوين چشما موجود آهن جن ٻارهن ئي مهينا پاڻي موجود رهي ٿو. انهن چشمن ۾ انچلاس يا انچليشور جو جهرڻو نام ڪٺو آهي. هن جهرڻي جي حيثيت مذهبي هجڻ جي ڪري ڪيئي هندو جاٽي به اچن ٿا ۽ سال به سال ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو. هيءُ جهرڻو ننگر شهر کان اتر اولهه ۾ اٽڪ 2.5 ڪ،م جي مفاصلي تي اٽڪل 300 فوٽ جي اوچائي تي واقع آهي. جنهن تائين پهچڻ لا ءِ سن ۾ ننگر پارڪر جي تعلقي مختيارڪار، حيدر آبادي عامل مسٽرسترامداس هڪ سئو ڏاڪن تي مشتمل چاڙهي اڏائي ۽ پاڻ به هتي ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس قبر رستي ۾ انتهائي مخدوش حالت ۾ موجود آهي ۽ زماني جي بي ثباتيءَ جو چٽو چائو نظير بڻيل آهي. پر عبرت به اکين وارا وٺندا آهن، باقي جن جي دلين تي مالڪ مهر هڻي ڇڏي آهي تن جو مثال انڌن ، گونگن جهڙو آهي.مختيارڪار ته ڏيئو مل به ننگرپارڪر ۾ رهيو آهي جنهن 1859 واري پارڪر جي بغاوت جو اطلاع حيدرآباد ڇانوڻي تار ذريعي ڏنو هو جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد، ڪراچي ، ۽ ڏيسا ڇانوڻين مان برطانوي فوجن جون پلٽڻون پارڪر پهتيون هيون جن سان سوڍن پنهنجي ساٿ سنگت سان گڏجي وڏو مقابلي ڪيو هو، پر ٽروٽ سندن ڌڪ مان بچي وڃي لاڌيئي ميگهواڙ جي گهر لڪو هو. راڻي جو وفادار ساٿي روپلو گوئل نک جو ڪولهي ثابت قدمي سان بيٺو رهيو ۽ سچي نه ڪرڻ جي عيوض ڦاسي کائي امر ٿي ويو. هنس پوري ٻاوي ۽ مهاوجي لهاڻي کي چغليءَ جي انعام ۾ ٻنيون انعام مليون.
    ڪارونجهر جي ڏاکڻي طرف ۾ ”ٻاين جو ٻيسڻو“ نالي جبل ۾ غڦا آهي جنهن ۾ جنگ تي چڙهڻ کان اڳ ٺڪر پنهنجي گهرن جي عورتن کي ڇڏي ويندا هئا ۽ اهي بلڪل محفوظ رهنديون هيون. هونئن ته ڀاٽين ۾ “ جوهر“ جي رسم رهي آهي جنهن ۾ مردن جي جنگ تي چڙهڻ کان اڳ سندن عورتون جان ڏيئي پاڻ قربان ڪنديون هيون. ڪارونجهر ڏانهن ويندي رستي ۾ ئي ”گوڙي“ جو ڳوٺ اچي ٿو جنهن ۾ جين مت سان لاڳاپيل ”گوڙيءَ جا ڏهرا“ آهن جيڪي هن ڏورانهين ڏيهه ۾ اڏاوت جي فن جو نادر نمونو آهن. غلط العوام ۾ هنن ڏهرن کي مندر چيو ويندو آهي جيڪو چوڻ صحيح ناهي. اهڙي طرح ستي ڏهرا نالي سان به ڳوٺ ٿر ۾ موجود آهي. مندر رڳو عبادت لاءِ هوندو آهي ۽ هندن جي عبادتگاه آهي. ڏهرا عبادت سان گڏوگڏ وهڻ ۽ علم پرائڻ جو ” جين مت “ جو ٽڪاڻو آهن. گوڙيءَ جا ڏهرا ويراواه کان 14 ميل ۽ مارئي جي ڳوٺ ڀالوا کان 4 ميلن جي پنڏ تي آهن.ڏهرن جي ٻاهران انڌار ڀونئرو آهي جنهن لاءِ ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون مشهور آهن.هڪڙي ڏند ڪٿا مطابق اهو ڀونرو زمين مان ٿيندو وڃي ڀوڏيسر جي ڏهرن مان نڪري ٿو.ٻي ڪٿا مطابق نوجوان انگريزڊپٽي ڪليڪٽر واٽسن هن ڀونري کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو بيمار ٿي پيو ۽ عمرڪوٽ پهتو ته گذاري ويو. سندس قبر به عمرڪوٽ جي قلعي ۾ آهي. محقق بدر ابڙي انهن سڀني ڏند ڪٿائن کي پنهنجي جاکوڙ ذريعي غلط ثابت ڪيو جڏهن هو انهي ڀونئري ۾ پاڻ لهي ويو . حقيقت ۾ اهي چار ننڍيون ڪوٺيون آهن جيڪي هڪٻئي ۾ کلن ٿيون ۽ آخري ڪوٺيءَ ۾ ڌن دولت رکڻ جو جارو به ٺهيل آهي. اڳتي وڌي جيئن ڏهري اندر داخل ٿبو ته پهرين انتظارگاه جهڙو ديوان عام ملندو جنهن جي گنبذ تي اندران جين مت جي سموري ڪهاڻي باتصوير بيان ڪيل آهي. ديوان عام مان لنگهي جيئن اڳتي هلبو ته هڪڙو مجلسي هنڌ آهي جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڇهه ڇهه ننڍڙيون ڪوٺڪيون ٺهيل آهن انهن سڀني تي گنبذ به اڏيل آهن.. مجلسي هنڌ کان اڳتي هڪ مک ڪمرو آهي جيڪو باقي ڪمرن کان موڪرو آهي. اها بناوت ٻارهن خليفن ۽ هڪ ناٿ جي جوڙجڪي خاڪي کي ظاهر ڪري ٿي. چون ٿا ته ان موڪري ڪمري ۾ پارسناٿ جو پتلو رکيل هوندو هو ۽ عام ماڻهو ان جو ديدار ڪندا هئا ۽ دان ڏيندا هئا. هنن ڏهري جي سامهون ڏکڻ طرف روڊ جي ٻئي پاسي ” پولن آسٿان“ آهي جيڪو راجا پولن جي يادگيري ۾ اڏايل آهي. راجا پولن ڌاڙيلن جو پيڇو ڪندو هتي پهتو هو ۽ مقابلي ۾ مارجي ويو هو. گوڙيءَ جي ڏهرن کان اڳتي مارئي جو ماڳ ملير آهي جنهن جي کوه جي زيارت ڪندي گهومو لوڪ ڀو ڏي پرمار جي آباد ڪيل نگري ڀوڏيسر (ڀوڏو... نالو + سر..تلاءُ پاڻيءَ جو هنڌ) اچي ٿي جنهن ۾ جين مت جا ڏهرا به آهن ته گجرات جي محمود بيگڙي پاران اڏايل مسجد به آهي. مسجد بابت به مختلف رايا آهن جيڪي مورخن جي ڇنڊ ڇاڻ جا منتظر آهن.ڀوڏيسر جي تلاءَ کان ڏکڻ طرف ۽ سمال ڊيمس پروجيڪٽ جي پارڪ جي اولهه ۾ ڪجهه ستي سنگ کوڙيل آهن جيڪي ڪنهن عورت جي ستي ٿيڻ جي يادگار طور نصب ڪيا ويا آهن. انهن پٿرن تي جيڪا تحرير اڪريل آهي سا وقت جي واچوڙي دنڌلي ڪري ڇڏي آهي پوءِ به پڙهڻ جهڙي آهي ۽ ڪوشش ڪبي ته ايندڙ ڪچهريءَ ۾ ان لکت جو پيرائتو احوال پڙهندڙن تائين پڄائجي. ڀوڏيسر جا ڏهرا گوڙيءَ جي ڏهرن کان مختلف آهن. ٻه ڏهرا ڪجهه ٺيڪ حالت ۾ آهن جڏهن ته ٽيون ڏهرو ڊهان ڊهان ڪري رهيو آهي. جنهن کي مورخن پوڻي ڏهرو ڪوٺيو آهي. ٻن ڏهرن جي آسپاس پير زور سان هڻڻ سان هيٺ پولار محسوس ٿئي ٿو. هتان کان پوءِ ننگرپارڪر جي شهر جو نظارو آهي جيڪو ڪارونجهر جي هنج ۾ آهي. جبل مان ڪافي نديون برساتي پاڻي جي ڪري وهن ٿيون جن م ڀٽياڻي گوڙڌرو ۽ گهرٽياري نئن مشهور آهن. سياح انهن ندين جي پاڻي ۾ ترن ۽ وهنجن ٿا ، اها سرگرمي انتهائي پر لطف هوندي آهي. ڪارونجهر جي دامن ۾ آباد هن شهر به ڪيترائي انقلاب ڏٺا ۽ اجڙي وري آباد ٿيو آهي. هن ۾ رهندڙ جيني اوسواڙ واپاري لڏي وڃڻ کان پوءِ هن شهر جو وڻج واپار وري اوتر و زور نه وٺي سگهيو آهي. هن شهر انگريزن جي ڪاهه کي به اکين سان ڏٺو ته سوڍا فورس کي انجو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي پڻ پرکيو. ڪارونجهر جبل اندر هڪڙو روڊ مشهور تيرٿ ساڙڌري ڏانهن وڃي ٿو پر ساڙڌري ڌام کان پوئتي ٻه ڪ م جي مفاصلي تي بيهي رهي ٿو ۽ گهومو لوڪن کي پيرين پنڌ وڃڻو پوي ٿو. ساڙڌرو هندن جو تمام وڏو تيرٿ آسٿان آهي جيڪو گنگا کان به قديم آهي. هن چشمي ۾ هندو ”ڦل تارڻ “ ايندا آهن . ساڙڌري جي ويجهوئي مرگهي ڪن آهي ۽ ان کان اڳتي ” گئو مُکي“ آهي. چندن گڍ به هن ئي جوءِ ۾ هو جنهن کي برطانوي توبخاني 1859 ع ۾ مسمار ڪري ڇڏيو .
    اهڙي طرح ڪارونجهر جو سمورو قدرتي جنسار جڳ کي موهڻ جي هڪ من موهيندڙ صورت آهي جنهن کي هڪ دفعو جيڪو به ڏسڻ اچي ٿو اهو سموري حياتي ايندو رهي ٿو. ايئن صدين کان هلندڙ اهو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي. هرروز اٽڪل 1500 گاڏيون ۽ 5000 موٽر سائيڪلون اچن ٿيون. پر سياحن جي سهوليت لاءِ جيڪي سهوليتون آهن سي اڻپوريون آهن . ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتي سطح تي توڙي خانگي شعبي جي سهڪار سان کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ جو ن سهوليتون هئڻ گهرجن جنهن وسيلي مقامي هنرن کي همٿايو وڃي جيئن علائقي جي اقتصادي حالت ۾ پڻ تبديلي اچي.


    ڪارونجهر جون نديون

    ڪارونجهرايترو ته گهرو ۽ گيرب وارو آهي جو منجهس ڪيترائي قدرتي خزانا موجود آهن، جن جي اُپت جو لاڀ ايترو مُلهائتو آهي جو چوڻي آهي ته ڪارونجهر مان هرروز سوا سير سون پيدا ٿئي ٿو. انهن خزانن ۾ جتي ٻيون ڪيتريون ئي قيمتي وٿون موجود آهن تتي ڪارنجهر ۾ آب اپار آهي ۽ سڄو سال ڪٿي نه ڪٿي پاڻي موجود هوندو آهي. ڏونگر ۾ موجود چشما برساتي پاڻيءَ سان وهندڙ ندين ، نين ۽ وهڪرن ذريعي ٻيهرتار ٿيندا رهندا آهن. اهڙن چشمن ۾ جبل جي اُتراولهه ۾ ، سداوهندڙ انچليشور جو چشمو جنهن کي انچلاس به چوندا آهن ۽ ساڙڌري وارو مرگهي ڪن مشهور آهن.
    انهن آبگاهن کانسواءِ ڪجهه مشهور نديون به آهن جيڪي برسات جي موسم ۾ جڏهن ارڙاٽ ڪري اُٿلن ٿيون ته سمورو پارڪر پنهنجي خوشحال مستقبل جا خواب اُڻڻ شروع ڪري ٿو. اهي نديون هي آهن؛
    1. گوڙڌرو ندي: هيءَ ندي ڪارونجهر ڏونگر مان نڪري ٿي ۽ اٽڪل سوا ڪلوميٽر پنڌ طئه ڪري ڀٽياڻي ندي سان اچي ملي ٿي. هن نديءَ جي منڍ کان هن سان گڏوگڏ هڪ ننڍي نئن وهي ٿي جيڪا هن جي ڇاڙهه آهي. گوڙڌرو هن علائقي جي سڀ کان وڏي ندي آهي ڇاڪاڻ ته اها ججهي علائقي کي سيراب ڪري ٿي ڀٽياڻي نديءَ سان گڏجڻ کانپوءِ هيءَ ندي 10 ڪ م تائين وڃي لهواري پٽ ۾ وڃي لهي ٿي جيڪو مٽيهاڻو زرخيز ميدان آهي.
    2. ڀٽياڻي ندي: هن نديءَ تي نالو ڪارونجهر جي راڻي جي گهر واري ”اُما ڀٽياڻي“ جي نالي پويان پيو، ڇاڪاڻ ته اها انتهائي ڏاهي عورت هئي ۽ ست چڙهي هئي. هيءَ ندي ڪارونجهر جي گرينائيٽ واري پٿر مان ارڙاٽا ڪندي وهي ٿي. جبل جي هنج ۾ اها ويڪري ماٿريءَ جي شڪل اختيار ڪري ٿي. تنهنکانپوءِ هي۽ ندي گوڙڌري سان ملڻ کانپوءِ ڏونگري ۽ پپڙيئي ڳوٺ جي وچ مان ٿيندي 10 ڪ م تائين هلي وڃي ٿي.هيءَ ندي ڪارونجهر جي اترئين ۽ مرڪزواري تمام وسيع علائقي کي سيراب ڪري ٿي . پنهنجي پٿرائين وهڪري کان پري، ڀٽياڻي ندي جو پيٽ جيڪواٽڪل 300 ميٽرويڪرو آهي، تنهن جا ٻئي ڪپرا گرينائيٽ پٿرن جا آهن .سو ٻنهي پاسن کان گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي ندي ۽ ڪارونجهر جو ڏونگر ننگر شهر کي پنهنجي هنج ۾ سميٽي جهلين ٿا.
    3. مئو ندي: هيءَ ندي نسبتن ننڍي ندي آهي جيڪا جبل جي هنج جي اتر، اتراولهه ۾ پوروڇوٽ وهي ٿي. هيءَ ندي جبل جي هنج کي 4 ڪ م تائين وڪوڙي جهلي ٿي ، تنهنکانپوءِ 1.5 ڪ م تائين اتر اوڀر رخ ۾ وهي ٿي ۽ اڳتي کوٺ مئو کان اولهه طرفان وهندي انهي علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. نديءَ جو پيٽ اٽڪل 20 کان 80 ميٽر ويڪرو آهي جيڪووچٿري کان ويندي ٿلهي واريءَ وارو آهي.
    4. ملجي جي وانڍئي جي ندي: ننگرپارڪر کان اولهه ۾ سفر ڪندي اٽڪل 5 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ملجي جي وانڍئي جي ندي پار ڪريون ٿا. هيءَ ننڍڙي ندي آهي ۽ اتر اولهه جي رخ ۾ وهي ٿي. هيءَ ندي ڪارونجهر مان نڪري ٿي. پهرين ٻن ڪلوميٽرن ۾ هن ۾ ٻيون ڪيتريون ئي ننڍڙيون نيون اچي داخل ٿين ٿيون. ڪل 15 ڪلوميٽر مفاصلو طئه ڪري، ڳوٺ ملجي جي وانڍئي جي اولهه ۾ کيڙاپ علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
    5. مونڌري جي ندي: هيءَ ندي ڪارونجهر جي بلڪل اولهه مان نڪري ٿي ۽ اتر ۾ اٽڪل 13 ڪلوميٽرن تائين وهندي اهڙي ميدان ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي جيڪو جون کان نومبر تائين لوڻاٺي پاڻيءَ سان ڀريل هوندو آهي. اهو حصو رڻ ڪڇ جو حصو آهي.
    6. کاروڙي جي ندي: هيءَ ندي به ڪارونجهر جبل جي اولهه مان نڪري ٿي. جبل جي هنج مان ٿيندي اٽڪل 10 فاصلو فاصلو طئه ڪري، مونڌري ۽ کاروڙي جي وچ مان اتر اولهه جي رخ ۾ وهندي رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
    7. سودراڻ ندي: هي۽ ندي ، ڪارونجهر جبل مان نگرپارڪر شهر کان ڏکڻ اولهه ۾ 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي نڪري ٿي. 15 ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري، رڻ ڪڇ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي.
    8. آڌيگام جي ندي: ڪارونجهر جي ننڍڙين ٽڪرين مان نڪري، ڏکڻ اولهه رخ ۾ هموار وهي ٿي. هي ءَ ندي ڪارونجهر جي ٻئي طرف آهي، يعني هڪ طرفان ننگرپارڪر جو شهر آهي ته ان جي ٻئي طرف هي ندي آهي. ننگرپارڪر کان 9.5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، جبل جي هنج مان نڪرندڙ ڪيتريون نيون هن نديءَ ۾ اچي داخل ٿين ٿيون. 10 ڪلوميٽرن جو پنڌ طئه ڪري هيءَ ندي رڻ ڪڇ جي ڀرواري ميدان ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
    9. جنجهو ندي: هيءَ ندي به ننگرپارڪر شهر جي ٻئي ڀر يعني ڏکڻ ، ڏکڻ اولهه مان نڪري ٿي. اڪثرڪري آڌيگام نديءَ جي پوروڇوٽ وهي ٿي. هن ۾ ڪيتريون نيون اچي داخل ٿين ٿيون.. 12 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري، رڻ ڪڇ جي ڀرواري ميدان ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
    10. ڪاسٻي واري ندي: هيءَ ندي به ڪارونجهر جي ڏکڻ ڏکڻ اوڀر مان نڪري ٿي. هن نديءَ جي نڪرڻ جو هنڌ ننگرپارڪر شهر کان 4.5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هيءَ ندي ڏکڻ اوڀر رخ ۾ وهندي ، ڳوٺ ڪاسٻي جي ڀرواري ميدان ۾ ڇوڙڪري ٿي.
    11. سوراچند ندي: هيءَ ندي به جبل جي ٻئي طرف آهي ۽ ننگرپارڪر شهر کان 5 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ نڪري ٿي. منڍ ۾ ٻن ڪلوميٽرن تائين هيءَ ندي ڪاسٻي نديءَ جي پوروڇوٽ وهي ٿي، تنهنکانپوءِ اوڀر طرف مڙي وڃي ٿي ۽ رڻ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اتر اولهه مان هڪ شاخ نڪري ، جبل جي هنج کان اٽڪل 12 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هن ۾ پوي ٿي. هيءَ ندي رڻ جي آسپاس ۽ سوراچند ڳوٺ جي اتر مان لنگهي ٿي.
    12. گهرٽياري ندي: گهرٽي جنڊ يا چڪيءَ کي چوندا آهن . هن نديءَ جي ڪپ تي مختلف ڪمن لاءِ جنڊ پيٺا ويندا هئا جن جو آواز ڏور کان ٻُڌڻ ۾ ايندو هو تنهنڪري هن نديءَ کي گهرٽياري سڏيو ويندو آهي. ننگرپارڪر کان اٽڪل 3.5 ڪ م جي مفاصلي تي ، هيءَ ندي اوڀر طرف کان ڪارونجهر مان نڪري ٿي. جبل جي هنج مان 2 ڪ م تائين وهڻ کان پوءِ ، وي نالي سان ملي ٿي ۽ ساڳي رخ ۾ 2 ڪ م تائين وهي ٿي. تنهنکان پوءِ اوڀر طرف مُڙي ٿي ۽ 2.5 ڪ م کن مفاصلو طئي ڪري، ڪيترين ئي ڇاڙن ۾ ورهائجي سنئين پٽ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
    13. ٻولڙائي ندي: هيءَ چتراسر نديءَ جي ٽن شاخن مان هڪ شاخ آهي، جنهن تي راڻپور بند ٻڌو ويو آهي. هيءَ ندي ننگرپارڪر شهر کان اٽڪل 8 ڪ م اوڀر ۾ آهي.
    14. ڦوڳڙياڻي ندي: ڪولهين جو هڪ پاڙو آهي ڦوڳڙي آهي جنهن جي نالي پويان هن نديءَ تي اهو نالو پيو.هيءَ ندي چتراسر جي ٻي شاخ آهي ۽ ڪنهن حد تائين ٻولڙائيءَ جي پوروڇوٽ آهي. هيءَ ندي ڏکڻ اوڀر رخ ۾ 1.5 ڪ م وهي ٿي تنهنکانپوءَ اوڀر رخ ۾ مُنو ڪلو ميٽر وهي ٿي، تان جو ٻولڙائيءَ سان گڏجي چتراسر ۾ ملي ٿي. هيءَ تمام ننڍڙي ۽ سوڙهي ندي آهي.
    15. مهرو ڪولهي ندي: هيءَ چتراسر جي ٽين شاخ آهي. فورگريريئن يا ڦوڳرياڻي ندي جي اتر ۾ يا مهري ڪولهيءَ کان اڳڀرو هيءُ 3.5 ڪ م جو ننڍڙو سنئون سنواٽو وهڪرو آهي. هيءَ ندي ڏکڻ اوڀر ڏانهن وهندي، چتراسر جو حصو ٿي وڃي ٿي.
    16. چتراسر ندي: هيءَ ندي ننگرپارڪر جي اوڀر ۾ آهي. هيءَ ندي ڪارونجهر جي اڀرندين ڏونگرين جي وچ ۾ وڏي ندي آهي. ٻولڙائي ، فو ڳرياڻي ۽ مهرو ڪولهي نديون ملي چتراسر نديءَ کي جنم ڏين ٿيون . اتر اولهه ۾ وهندڙ هن جو وهڪرو سنئون سنواٽو ۽ تانگهو آهي پر ڇيڙي وٽ اتر کان ڏکڻ ڏانهن مُڙي ٿي. اٽڪل 5.5 ڪ م مفاصلو طئي ڪري، هيءَ ندي راڻپور ڳوٺ جي سڌي ميدان ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي.


    اُٺي جيئن مورن اوڀڙ ولهارن ۾...

    اُٺي جيئن مورن اوڀڙ ولهارن ۾...

    ڌڻي تعالى ڪائنات ۾ جيڪا ٻهڳڻائپ رکي آهي تنهن ڪري ئي سنسار۾ سونهن آهي. سنسار جي سونهن جي ورونهن هرڪنهن ونڊي ورڇي آهي. هرهڪ ڪلاڪارجي ڏات جيترو به فطرت جي بُلندين کي ڇهيو آهي انهي اوترو ماڻڪ ميڙ ڪئي آهي. اهڙي ميڙا چونڊي ۾ جيڪو اثرنظراچي ٿو سو فطرت جي سچائيءَ سان اظهار جو نتيجو آهي.ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي خيال کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي . هن انسان کي محور بنائيندي فطرت جي سمري مانڊڻ جي تناظر ۾ انساني رويي کي اڀياسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ، ڇاڪاڻ ته انسان ڪائنات جي سموري سُرمنڊل جي مرڪزي ساري آهي .ڀٽائي جي اهڙي فطرت پسند خيال جا موتي سندس هربيت ۽ وائيءَ ۾ ملن ٿا جن ۾ هڪ طرف فطرت جي سونهن ملي ٿي ته ٻئي طرف وري ماڻهوءَ جي من جو محبت ڀريو مانڊاڻ. سندس هڪڙو ڀلوڙ بيت هن ريت آهي؛
    اُٺي جيئن مورن، اوڀڙ ولهارن ۾،
    ساپرگوندرڪن، جه ڦوڙائو سڄڻين
    سڄڻن جي ڦوڙائي يعني جدائيءَ جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ هن فطرت جي هڪڙي رخ کي به نروارڪيوآهي ته جڏهن مينهن جو برڪت ڀريو پلرپاڻي سُڪل ٺوٺ ڌرتيءَ تي وسي ٿو ته سُڪي ويل وڻ ٽڻ ۽ گاهه ٻوٽا مورجي ساوا ٿي ٿا پون يعني انهن ۾ نئين واڌ ٿئي ٿي .اهڙي طرح جڏهن سڄڻن کان ڦوڙائو آهي يعني ماڻهو پري آهي ته غم گوندر به ساڳي نموني وڌن ٿا يعني انهن ۾ نئين واڌاچي ٿي.
    مينهن وٺي ولهارن ۾ اوڀڙمورجڻ جو عجب رنگ ٿر۾ چئوماسي جي رحمتي مينهن کان پوءِ ڏسي سگهجي ٿو ته ٿرجي وارياسي ڌرتي جيڪا ڀُورو بنجرجهنگ نظرايندي آهي سا مينهن جي نينهن لائڻ سان سائي ۽ ڍائي ٿي پوندي آهي منجهانئس ڪيترائي وڻ ٽڻ، ٻوٽا، گاهه ۽ وليون اڀڙي نروار ٿين ٿيون. انهي اڀيڙ کي ڏسي ، ماڻهو ءَ جو روح آسودو ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ ڪيئي خوش خيال اڀرن ٿا جن سان من جو بن گل وگلزارٿي پوي ٿو. هن سال ٿرتي چئوماسي جي برکا ڀلائي ڪئي آهي ۽ ڌرتيءَ سائي چادر اوڍي آهي. سڀڪجهه سائو نظراچي ٿو. ٿرکي ڪنهن وقت ڊيزرٽ چيو ويندو هو . پوءِ وري هن علائقي کي ”ايرڊ“ علائقو سڏيو ويو.پر ٿرجي ساوڪ پاڻيءَ جي ذخيرن ۽ اڀيڙ ۽ ڀُون سطح جي ٻهڳڻائپ کي ڏسي، چئي سگهجي ٿو ته هي ”اوڀڙداروارياسو علائقو “ آهي جنهن ۾ ڪيترائي وڻ ٽڻ ٿين ٿا. هزارين ٻُوٽا پيدا ٿين ٿا. لکين قسم گاهن جا به ٿرجي مختلف ڀاڱن ۾ ٿين ٿا جن مان ڪافي گاهه ٻُوٽا اهڙا به آهن جن جو نه ڪو سائنسي اڀياس ٿيو آهي نه ئي انهن جي ڪا نباتياتي درجي بندي ٿي آهي. برسات کانپوءِ جڏهن اوڀڙ اڀڙي ٿي ته سڀئي گاهه ٻوٽا ڌرتيءَ جو سينو چيري ، نروار ٿين ٿا. انهن کي ڏسي ، مشاهدو ڪري، انهن وڻن ٽڻن ، ٻوٽن، گاهن ۽ ولين جي نباتياتي درجي بندي ڪري سگهجي ٿي. ان ڏس ۾ نباتيات جا ماهرڪم کي اڳتي وڌائي سگهن ٿا .ٿر۾ پروفيسرعبدالجليل جوڻيجو انهي سلسلي ۾ ڀلوڙ تحقيق ڪري رهيو آهي. اسين عام ٿري جي حيثيت ۾ انهي اوڀڙ جو احوال پڙهندڙن اڳيان پيش ڪريون ٿا جيڪو اميد ته عام پڙهندڙن توڙي تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪارائتو ٿيندو.
    ٿر جي اوڀڙ کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.1. وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا 2. گاهه، ۽ 3. وليون .ٿر۾ جيڪي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا ٿين ٿا تن ۾ ڪنڊي، ڄار، نم، ٻٻر، روهيڙو، پپر، سرنهن، ڪانڪهه، ڪونڀٽ، ٽانڪارو، سرنگهو، گيدوڙي، ليار، سونئاجڙو، اڪ، ڦوڳ، ٿوهر، موراڙي، ٻائوري، کپ ، ٻوهه، ٻير، سڻ، ڪرڙ، لاڻو، ديوي، هيرڻ ، گگرال، گانگهيٽي يا ڳاڱي، ارڻي، پٽ ڪنواريا ايريال آهن. انهن سڀني وڻن توڙي ٻوٽن جون پنهنجون پنهنجون خاصيتون آهن.
    ڪنڊي سڀ کان اهم وڻ آهي جيڪو سدائين سائو رهي ٿو پر ڪنڊيءَ کي وڻ ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳي ٿو. ڪنڊيءَ جا پن، ٻور يعني گل، سڱر سڀئي ڪارائتا آهن جن کي چوپايو مال به شوق سان چري ٿو ته سڱرکي رڌي ڀاڄي طور استعمال ڪيو ويندو آهي ته ٻاڦي ڏُٿ طور ڪتب آندو ويندو آهي. ڪچين سڱرين کي ٽويا چئبو آهي ۽ پڪل سڱرين کي ”کوکا“ چئبو آهي. ڪنڊي ءَ جو ڪاٺ به ڪارائتو آهي جنهن مان کوه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ”ڀوڻ“ ٺاهيا وينداآهن ۽ ٻارڻ طور به استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪنڊي ، ڪاري نانگ ۽ ڪاري ڪانگ جي عمر وڏي ٿئي ٿي.ڪنڊي جي اهڙي گهڻ سني کي ڏسي ڀٽائي به ڪنڊي کان شاهد طور پڇيو هو ته؛
    ڪنڊا تون ڪيڏو جڏهن ڀريو ڍور وهي
    جسوڌن جيڏو ، تو ڪو گڏيو پهيڙو
    ڪي ڪنڊي وڻ ”لاسوڙ“ ٿين ٿا يعني انهن ۾ ڪنڊا گهٽ ٿين ۽ ڪي وري ”ٽاڪڙ“ ڪنڊا ٿين يعني انهن جون ٽاريون ٻڙڪي پون ٿيون. ڪنڊو جڏهن وڏو ٿئي ته ۽ ان جي عمر وڌي ٿي ته ان جي ڪاٺيءَ جي وچ وارو حصو وڌيڪ نهرو ۽ مضبوط ٿئي ٿو جنهن کي ”ڪِرسي“ چونداآهن. وڏن وڻن کي ڪنڊو (مذڪر) ۽ ننڍن وڻن کي ڪنڊي (مونث) چيو ويندو آهي.
    ڄارجو وڻ به ٿر ۾ عام جام آهي. ڄار به سدائين سائو رهندڙ وڻ آهي جنهن کي اُٺ ۽ ٻڪريون شوق سان چرن ٿا. ڄار ۾ به ٻورلڳي ٿو جنهن مان ڪڪڙ ٿين ٿا. ڪڪڙ ماڇڪن ۾ تبديل ٿين ٿا جيڪي وڏاٿي پيرون ٿين ٿا. پيرن جا مختلف رنگ ٿين ٿا جن مطابق انهن کي نالا ڏنا وياآهن ، جيئن رتيا، سيڙهيا، کهنبيا وغيره. پيرن کي ميوي طور کاڌو ويندو آهي ته سُڪائي ڪوڪڙ به ٺاهي ويندي آهي. پيرن مان ڳڙ به ٺاهيو ويندو آهي جنهن کي اولڻ طوراستعمال ڪيو وڃي ٿو. ڄار جا مختلف قسم ٿين ٿا جن ۾ جيڪي پکڙيل ٿين ٿيون تن کي کٻڙ چونداآهن. سيڙهين پيرن واريون ڄارن کي ”ساڏوهيون“ سڏيو ويندو آهي. جيڪي ڄاريون وڏي عمر جون ٿي وينديون آهن تن کي ”ڊوهي“ ڄارسڏيو ويندو آهي. نم جووڻ گهڻو ڪري آباديءَ وارن هنڌن تي آهي. نم جي ڪاٺي اڏوهي کان محفوظ ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته اها کاري ٿئي ٿي. نم جي ميوي کي نموري چوندا آهن جن کي پکي ۽ ٻار شوق سان کائينداآهن. ٻٻرجو وڻ به ٿر ۾ ٿئي ٿو پرگهٽ تعداد۾. ٻٻرن جا ٽي قسم ٿر۾ ٿين ٿا. هڪڙو عام ٻٻر ٻيو ولائتي ٻٻر۽ ٽيون ڍليار ٻٻر جيڪو تمام ڊگهي قد جو ٿئي ٿو پر گهٽ آهي. ولائتي ٻٻر به گهٽ ٿئي ٿو.روهيڙو ٿرجو خوبصورت ۽ چيڙهي ڪاٺي وارو وڻ آهي جنهن ۾ سُڳنڌ کان وانجهيل رنگين گل ٿين ٿا . روهيڙي کي فرنيچرٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. روهيڙي جي گلن کي اُٺ ۽ ٻڪريون شوق سان کائين ٿا. اڳي روهيڙي کي فقيروڻ سمجهي نه وڍيو ويندو هو پر هاڻي بازارجڻ کان پوءِ روهيڙي جي واڍي به وڌي ويئي آهي. جيئن وڍجي ٿو تيئن نوان روهيڙا اڳن ٿاپر اهي زمين جي زرخيزيءَ کي ايترو چوسي ٿا وٺن جو ڪا به ٻي اوڀڙ نٿي اڀڙي. پپرجو وڻ تمام نه هئڻ جي برابرآهي. سرنهن جو وڻ به گهٽ ٿئي ٿو. ڪانڪهه ڪجهه علائقن ۾ وڃي بچي آهي. ڪانڪهه جو وڻ ڏسڻ ۾ ڏاڍو خوبصورت ٿئي ٿو. انهي جا سنها نڀور ڳاڙها پن سهڻو ڏيک ڏينداآهن. هن وڻ جي ڪاٺي چيڙهي ٿئي ٿي. ڪونڀٽ جووڻ ٿرجو عام وڻ آهي جيڪو سدائين سائو هوندو آهي پر انهي ۾ پن وغيرن نه هوندا آهن. جيئن مينهن پوي ٿو ته پهريائين جيڪي وڻ مورجن ٿا تن ۾ ڪونڀٽ به آهي. ڪونڀٽ ۾ ساوا سنهڙا پن لڳڻ شروع ٿي ٿا وڃن جن کي ”پتر“ چونداآهن. ڪونڀٽ ۾ پڙلا ٿين ٿا جن کي چپڙا به چونداآهن. اهي چپڙا به رڍن ٻڪرين ۽ اُٺن جو پسنديده چارو آهن. ڪونڀت جي ڪاٺي مضبوط ٿئي ٿي جنهن مان هر ٺاهيا ويندا آهن جڏهن ڪونڀٽ پوڙهو ٿئي ٿو ته انجي ڪاٺي جي وچ وارو حصو نهرو ٿي ”ڪِرسي“ بنجي وڃي ٿو. ننڍڙن وڻن کي ”ڪونڀٽيون“ چيو ويندو آهي. ڪونڀٽ جي پاڙن مان کير ولوڙڻ لاءَ جهيرڻا ٺاهياوڃن ٿا.ٽانڪاري جووڻ به هاڻي تمام گهٽجي ويو آهي. سرنگهو ۽ گيدوڙي به کوهن وغيره تي ڪٿي ڪٿي آهن. ليار آبادين ۾ ماڻهن پوکياآهن جن ۾ ٿيندڙ ليسورا ٻارن جو وڻندڙ ميوو آهن. سوئانجڙي جووڻ به گهٽ ٿئي ٿو. هي به ڪارائتو وڻ آهي . ديوي عام جام آهي ۽ ٿرجي وارياسي زمين کي ونجهل گاهه وانگروڪوڙي ويئي آهي. ديويءَ جي ڪاٺي مان ڪوئلو به ٺهي ٿو ۽ اها آلي هجڻ باوجود ٻري ٿي. ديوي جي ڦرهين کي ٻڪريون ۽ اوٺو مال کائي ٿو. ڪرڙ جو وڻ به ٿرجو سهڻو وڻ آهي. تراين ۽ پاڻيءَ جي بيهڻ وارن هنڌن تي اڀڙي ٿو. ڪرڙ جي گلن کي ”پُسي “ چئبو آهي . سائي ميوي کي ڏونراچونداآهن جن کي رڌي ڀاچي طور کاڌو ويندو آهي ته ڏونرن مان سانڌاڻو به تيارڪيو ويندو آهي. ڏونراپچي پڪا ٿينداآهن ته انهن کي پکي ۽ ٻار شوق سان کائينداآهن. انهن وڏن وڻن سان گڏوگڏ ڪجهه وڻ نما ٻوٽا به ٿين ٿا. اڪ جو ٻوٽو وسڪاري جي برسات کانپوءَ سائو ٿئي ٿو ۽ بڊي جي مهيني ۾ ان جا پن ڀل ڪن ٿا جن کي ”ڊيلون “ چونداآهن. اڪ ۾ خوبصورت نيراڦليا ٿين ٿا جن ۾ ڪا سُڳنڌ نه هوندي آهي. اڪ جي ڪاٺي جي ٻارڻ کي خراب ٻارڻ سمجهيو ويندو آهي. اڪ جي سڪل ڪاٺي ءَ کي سٽي ڪُٽي ان مان ”آ ڪارو“ ٺاهيو ويندو آهي جنهن سان کٽون واڻيون وينديون آهن ته رسي طور به ڪتب آندو ويندو آهي.ڦوڳ جو ٻوٽو به ٿرجو ڀلوڙ ٻوٽو آهي پرزيرزمين پاڻي جي سطح هيٺ ٿيڻ جي ڪري اُڌڙي ويو آهي.هن ٻوٽي جي ڦلن کي ڦوڳيسي چيو ويندو آهي جنهن کي مال به مزي سان کائيندو آهي ته ان کي رڌي ڀاڄي طور به واهپي ۾ آندو ويندو آهي. ٿوهرجو ٻوٽو به مُهراڻي ۾ ججهي تعداد۾ ٿئي ٿو. هي ٻوٽو به گهٽ برساتون پوڻ جي ڪري اڌڙندو پيو وڃي. ٻائوري جو ٻوٽو گهرن جي ويجهو اجهور ۾ ٿئي ٿو جنهن کي ٻاڪرو مال خاص ڪري ٻاڪراڦر شوق سان چرن ٿا.ٻيرجووڻ به ٿئي ته ٻوٽو به. وڻ کي واڙيل ٻير چون ٿا . ٻير ۾ کٽا مٺا ٻير ٿين ٿا جن کي شوق سان ٻار توڙي وڏا سڀئي کائين ٿا. ٻير جون سڌيون ڪاٺيون، ڪهاڙي، واهولي، ڪهاڙي ۽ ڪوڏرن جي ڳن طور استعمال ٿين ٿيون. کپ به ٿرجو عام ٻوٽو آهي جنهن جون لسيون لامون سدائين سايون رهن ٿيون. کپ اُٺن جو مرغوب چارو آهن. چونري جي مٿين ٽوپي يعني ڇاڄي ۾ کپ استعمال ٿيندو آهي. ٿر جي ڪن علائقن مان کپ به ختم ٿي ويو آهي. ٻوهه، سڻ، گانگهيٽي ۽ ارڻي به ٿر جا ٻوٽا آهن. ايريال يا پٽ ڪنوار به آبادي وارن هنڌن تي ٿئي ٿي جنهن کي علاج طور به ڪم آندو وڃي ٿو. هيرڻ پارڪر جي علائقي ۾ پوکيو وڃي ٿو . گگرال يا گگلڻ جو ٻوٽو به ڀون سطح جو ڀرجهلو ٻوٽو آهي جنهن مان گگر ملي ٿو. گگرجي گهڻو بازارجڻ سان هاڻي هن ٻوٽي کي ڪيميڪل هڻي ناس ڪيو پيو وڃي جيڪا ٿر جي اوڀڙجي ڏٺي وائٺي تباهي آهي. موراڙي جو ڪنڊيدارٻوٽو به لوڙهو ڏيڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو هو پر هاڻي موراڙي به گهٽجندي پيئي وڃي. ان کانسواءِ ڪارونجهر۾ ڪجهه ٻيا وڻ به ٿين ٿا جيڪي باقي ٿر ۾ نٿا ٿين جهڙوڪ چندور جنهن جي ڪاٺي ڀڳي هڏ جي علاج طور ڪم ايندي آهي. ڪڙايو، چيڻوٺي، ڦڙد، ڪانٺو وغيره ڪارونجهرجا وڻ آهن. ٿر جي وڻن خاص طور ڄار، ڪنڊي ۽ ڪونڀٽ جي پاڙ۾ هڪڙو ٻيو لاسداروڻ اڳندو آهي جيڪو وڻ وانگرانهن وڻن تي چڙهندو آهي ۽ انهن وڻن جي سهاري سان وڌنڌو ويجهندو آهي. انهي کي ”آسوٽو“ يا ”آسوندرو“ يا ”پڃولو “ به چونداآهن.هي وڻن جو احوال هو ايندڙ ليک ۾ گاهن جي گلزاري بابت گفتگو ڪنداسين.


    ويٺي ساريان سومرا گولاڙا ۽ گاه...... ٿرجاگاه

    ويٺي ساريان سومرا گولاڙا ۽ گاه...... ٿرجاگاه

    ڀٽائيءَ سنڌ جي سمورن حصن کي جيئن سحڻي انداز سان پيش ڪيو آهي تنهنجي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سموراماڳ مڪان جيڪي سندس بيتن ۽ واين جي وجود مان ليئو پائين ٿا سي ڄڻ ته امر ٿي چڪا آهن. تاريخ ۾ ڪافي شيون انهي ڀلوڙ انداز سان درج ٿيل ناهن جيئن شاعري انهن کي سجائي ، سنواري ماڻهن کي انهن جو من موهيندڙ روپ ڏيکاري ٿي. ٻين ڪلاسيڪي شاعرن به فطرت نگاري ڪندي، فطرت جي مختلف روپن جي رنگريزي ۽ رنگ سازي ڪئي آهي.شاعري جي انهي ٻهڳڻ ڪارج انساني سماج جي دستاويزبنديءَ ۾ وڏو ڪردار نباهيوآهي. گذريل مضمون ۾ ٿرجي وڻن جي احوال هو ته هتي ڪهڙا وڻ اڀڙن ٿا، وڌن ويجهن ٿا ۽ ٿرجي سُڃاڻپ آهن؟ڪهڙاوڻ اُڌڙندا پيا وڃن ۽ ڪهڙاوڻ اڻ لڀ ٿي چڪا آهن؟ هن ليک ۾ ڪوشش ڪبي ته ٿرجي گاهن جو ذڪرڪجي ۽ تنهنکانپوءِ ولين جو ذڪر ڪجي. گاهن ۽ ولين جوذڪرڪندي ڀٽائي جو هي بيت ذهن تي تري ٿو اچي؛
    سنهي سُئي سبيو، مون ماروءَ سين ساه
    ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا۽ گاه
    هنيون منهنجو هت ٿيو ، هت مٽي ۽ ماه
    پکن منجهه پساه، قالب آهي ڪوٽ ۾
    گاهن ۽ گولاڙن جي ولين سان ويڙهيل جهانگي، سُڃ کي به سيڄ سمجهي جڏهن ڀٽن ۾ ڀُڻندا آهن . سندن آسودگي به انهن ولهارن وانگر وسيع آهي جيڪي ميگهارت جي مهميز ماڻي گاهن جي گلزاريءَ سان جنجهه ٿي پوندا آهن ۽ قدرتي باغ بستان محسوس ٿينداآهن. گاهن جي قسمن جي سائنسي اڀياس کان هٽي ڪري جيڪڏهن عامي اوک ڊوک واري نظر سان ڏسجي ته اهي انيڪ قسمن تي مشتمل آهن. ٿرجي گاهن بابت احوال استاد رائچند به ڏنو آهي ته محمد اسماعيل عرساڻي پڻ پنهنجي ڪتاب ”سيرريگستان“ ۾ ٿرجي گاهن ۽ ولين جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ٻنهي ليکڪن گاهن ۽ ولين بابت تفصيل به ڏنا آهن.ان جي باوجود اڃا به گاه ۽ وليون رهن ٿا جيڪي ٿر جي ڏورانهن ڳوٺن جي سيم ۾ برسات جي برڪت ڀري بُوند پوڻ سان اڀڙن ٿا. انهن گاهن ۾ مختلف قسمن ۽ نمون جا گاه آهن جن کي وري مختلف جانورپسند ڪن ٿا ۽ چرن ٿا.ڪجهه مشهورگاهن جو احوال هن ريت آهي؛
    ڪُوري کوماڻو گاهه آهي جنهن ۾ڪنڊو وغيره نه ٿئي. سڀئي جانورهن کي پسند ڪن ٿا.ٻڪريون رڍون ۽ انهن جا ننڍا ڦرهن گاه کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. هن جا پن ويڪرا۽ ڊگها ٿين ٿا جن مان سنهي ڪاني تي داڻيدارسنگ نڪرن ٿا. هي گاهه ڪافي عرصو سائو رهي ٿو تنهنڪري مال لاءِ ڀلوڙ چاري طورهن گاهه کي ڀاڳيا انتهائي گهڻو پسند ڪن ٿا. جهيرڻيو گاهه به چهچ سائو کوماڻو گاهه آهي جنهن ۾ سنها پن ۽ جهيرڻي جهڙاموڙهيالڳن ٿا جن ۾ انهن جو ٻج لڳندو آهي. هي گاهه به مال جو پسنديده گاه آهي. مانڌاڻي به کوماڻو گاهه آهي ته مرٽ به. مرٽ زمين تي پکڙيل اهڙو ٿٻ آهي جيڪا پاڻي کي پنهنجي اندرموجود رکي ٿي، تنهنڪري جيئن ئي برسات پوي ٿي ته مرٽ جلدي سائي ٿوي پوي ٿي . مرٽ ۾ وري پپون به اڀڙن ٿيون جن کي ٻارکائينداآهن . پپن کي سلاد طور واپرايو ويندو آهي ته انهن جي ڀاڄي به پچائي ويندي آهي. مرٽ جيئن سيڻ به ٿُٻدارٻوٽو آهي جنهن ۾ گل سنگن جي صورت ۾ ٿين ٿا.مال سيڻ کي به رغبت سان کائي ٿو.ان کانسواءِ سيڻ اٺن جي ساجام پاکڙي ۾ استعمال ٿيندڙ ٿڙهن ۾ به ڀرتي طور ڀري ويندي آهي. سيڻ به سدائين سائي رهي ٿي. وسڪاري جي مند ۾ سائي نظراچي ٿي باقي خشڪ مند ۾ پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪندي آهي. لنب سنهون گاهه ٿئي ٿو ۽ جتي ٿئي ٿو اتي تڪ هڻي اهڙو خوبصورت ٿي بيهي ٿو جو اهو هنڌ سائي چادرڍڪيل لڳندو آهي. لنب موسم جي پڄاڻي تي پچي سُڪي ويندو آهي . سُڪي ويل لنب ڀُوري رنگ جو نظر ايندو آهي. سڪل لنب باه جلدي پڪڙيندو آهي تنهنڪري ”لنب ۾ ٽانڊو“ مشهور آهي تنهنڪري احتياط ڪبو آهي ته لنب جي ويجهو ٽانڊو نه کڻي وڃجي ڇاڪاڻ جو لنب ۾ جيڪڏهن باه لڳي ته اهو ڏنءُ وسيع علائقي کي وڪوڙي ويندو.لنب گاه کائڻ سان ڍڳين جي کيرمان وڌيڪ مکڻ لهندو آهي تنهنڪري استاد رائچند مطابق ”لنب مکڻ چنب“ جو پهاڪو جڙيو يعني لنب گاه کائيندڙ مال جي کير جي هڪ وقتي ولوڻي مان چنبي يعني کليل هٿ جيتري مکڻ جي ” ڏينهانڙي“ لهندي.
    ڳنڍير اهڙو گاه آهي جيڪو اڀڙڻ کانپوءِ زمين تي ڳنڍيون هڻندو وڌنڌ رهي ٿو. ڀٽائي به ”ڳنڍير جي ڳنڍين “ جوذڪر ڪيو آهي. ڳنڍيرڏاڍي زمين ۾ اڀڙندو آهي. ڳنڍير ۾ سنهيون سايون لاسون ۽ سنهڙيون تند جهڙيون ٽاريون ٿين ٿيون.هي گاه جتي ٿئي ٿو اتي ٻي اوڀڙ گهٽ ٿئي ٿي تنهنڪري هن کي ٻنين مان بلڪل ڪڍيو وڃي ٿو.اهڙي طرح وينجهل وري اهڙو گاه آهي جيڪو به زمين جي زرخيزي کي هاڃو رسائي ٿو ڇاڪاڻ ته انهي جون پاڙون پکڙي زمين مان ريج چوسي وٺن ٿيون ۽ انهي ڌرتيءَ تي ڪو ٻيو گاه يا فصل نٿو اُڀڙي. پر وينجهل ڪونئري يعني نرم زمين ۾ ٿئي ٿي ۽ ان جون لاسون پنن وانگروڌن ٿيون ۽ سدائين سايون رهن ٿيون جن کي مال به کائي ٿو. هن ٻوٽي جون پاڙون زمين ۾ سدائين سايون رهن ٿيون تنهنڪري زمين جي زرخيزي مدي پئجي وڃي ٿي. ڊڀ اهڙو گاه آهي جنهنجي پاڙتمام اونهي وڃي ٿي ۽ ان جو سخت ۽ سڌيون لاسون تکيون به ٿين ٿيون جيڪڏهن ڪنهنجو انهن تي هٿ يا ڪو عضوو لڳي ٿو ته ڦٽجي پوي ٿو. ڊڀ جي انهي اڀي هجڻ واري خصوصيت کي ڏسندي ڪنهن زماني ۾ ڪارٽيزون جهڙي جيڪا دواهوندي هئي تنهنکي ”ڊڀ “ چئبو هو ڇاڪاڻ ته انهي جي واپراج سان کٽ تي پئل مريض به اٿي ويندو هو تنهنڪري انهي دوا کي ڊڀ چيو ويندو هو. ڊڀ کي به ساجامن جي ٿڙهن ۾ ڀرتي لاءِ ۽ ڇت تي گاري ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڊامڻ گاه چوپائي مال جو پسنديده کوماڻو گاه آهي جيڪو ڀٽن جي ڪيريعني مٿئين ڪناري ۽ پاساڙن ۾ ٿئي ٿو. سائو چهچ ڊامڻ اکين جو نور لڳندو آهي. چيهو سنهڙو گاه آهي جيڪو مٽيهاڻي ڏاڍي زمين ۾ ٿئي ٿو. ڪلورو چيهي وانگرڏاڍي زمين ٿئي ٿو پرانتهائي سنهو ٿئي ٿوجنهن ۾ گهوڙائون وهٽ به منجهي پوي ٿو ۽ نڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري ٿو تنهنڪري چيو ويندو آهي ته ”انڌي گهوڙي ڪل ۾ “. ويڪربه ڏاڍي زمين ۾ اڳي ٿو جنهن ۾ ننڍڙا خوبصورت گلابي گل ٿين ٿا. ويڪرگاه اٺن جو وڻندڙ چارو آهي پر ويڪرجلدي سوڪ کائي ٿو ۽ اڌڙي وڃي ٿو. سائون به گاه آهي جنهن کي ڏٿ طور واپرايو ويندو آهي. هن گاه جي ان مان ڀت رڌي کاڌو ويندو آهي. ٻَرُو به اهڙو گاه آهي جنهن کي مال به چري ٿو ته ماڻهو ان کي ڏُٿ طور استعمال ڪن ٿا ۽ ان جي ان مان ماني پچائي کائين ٿا. لنب جهڙوٻيو گاه بُرينڇ ٿيندو آهي جنهن کي سُڪائي ان مان ٻوهاراٺاهيا ويندا آهن. لنب مان به واسيندا ٺاهيا ويندا آهن. ڳاڙهن گلن وارو سيارڇ گاه وسڪاري ۾ پوٺن تي اڀرندو آهي. ڪچو هوندو آهي ته هن مان ڀاڄي به پچائي ويندي آهي. کهه ، مکڻي ، مانڌاڻو به کوماڻ گاه آهن جن سان مال ۾ وڌيڪ کير ٿيندو آهي.ڏنوهي گاه ڀٽن جي پاسن وٽ ٿيندو. رڍون ٻڪريون ۽ گاڏهو مال هن گاه کي شوق سان چري ٿو.کيلهو،کوائي ،ڪرنگهه به گاه آهن جيڪي ٿر ۾ ٿين ٿا. ڀُرٽ مشهور گاه آهي جنهن جي سنگن ۾ سنها ڪنڊا ٿين ٿا. هن گاه جو ان تمام مٺو آهي تنهنڪري هن جي داڻن مان ماني پچائي کاڌي ويندي هئي.مريڙي، للر۽ ٻگري کي ٿري ڏٿ طور واپرائيندا هئا پر هاڻي ان هن مان رڳو مريڙي جي ڀاڄي رڌي وڃي ٿي. انهن ٽنهي گاهن ۾ فولاد آهي تنهنڪري اهي ڀلوڙ ڏٿ آهن.ڳمهول به سائو چهچ گاه آهي جيڪو کپن ، مرٽن ۽ کٻڙن سان گڏ ٿيندو آهي ۽ ماڻهوءَ جي قد جيترو به وڌنڌو آهي. هڪڙو خوشبودارگاه ٿئي ٿو جنهنکي ”مارئي جوپٿر“ چونداآهن.سانٽاڙو به ٽن چئن قسمن جو ٿئي ٿو جنهن جا مخلف استعمال آهن. مال خاص طور اٺ ۽ ٻڪريون سانٽاڙو شوق سان چرن ٿا. ٻرو، کرسڻ، ڌنارکٿوري وغيره به گاه آهن جن مان ڪي هاڻي اڻ لڀ ٿي چڪا آهن. ڪنگڻي، جهرڪيا ول، اکراڻ ، لام لوڻي، ڪانگ پيرو به گاه آهن. انهن سڀني گاهن جو اڀياس دلچسپيءَ کان گهٽ ناهي. نباتيات جي ماهرن کي ٿر ۾ موجود ٻوٽن جو نباتياتي اڀياس ڪرڻ گهرجي. ٿرجي گاهن جي اجمالي جائزي سان هي ڳالهيون سامهون اچن ٿيون؛
    • سموراگاه مينهن جي مهميز سان اڀڙن ٿا. جيستائين ريج آهي تيستائين ساوا رهن ٿا پوءَ سُڪي وڃن ٿا.
    • گاهن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو هڪڙااهي گاه جن ۾ ڪنڊا نٿا ٿين ٿين تن کي کوماڻ يا کوماڻو گاه چئبو آهي جيئن ڪوري، مکڻي، جهيرڻيو وغيره . ڪجهه گاه وري ڪنڊيدار ٿين ٿا، جن جي سنگن ۾ ڪنڊا ٿين ٿا جهڙوڪ ڀُرٽ، ڪنگڻي وغيره
    • ڪجهه گاه اڀڙڻ کانپوءِ به پاڙون هڻندا وڌنڌا وڃن ٿا ۽ اهڙي طرح پکڙن ٿا جهڙوڪ ڳنڍيروغيره
    • ڪجهه گاه ٻين ٻوٽن سان گڏجي اڀرن ٿا جيئن ڳمهول، پپون، وغيره
    • گاهن کي ڏٿ طور به واپرايو ويندو آهي جيئن پپون (سلاد ۽ ڀاڄي)، مريڙو، ٻگرو، للر(پن ڀاڄي طور)، مُرٽ، ڀُرٽ، سائون، (ٻج ) وغيره
    • ڪجهه گاه زمين جي زرخيزي لاءِ نقصانڪار به آهن جيئن وينجهل گاه.
    • گاهن کي سمورو مال چرندو آهي پر ڪي ڪي گاه ڪنهن ڪنهن مال جو پسنديده چارو به آهن
    مينهن جي جڏهن موڪ ٿيندي آهي ته ٿر۾ گاهن جون سوين هزارين جنسون اڀڙي پونديون آهن . سمورو ڍٽ پٽ کهنبو ڍڪي ڪنوارٿي پوندو آهي ۽ ولهارن جا ويءَ زمردي چني اوڍي هرڪنهن جي نگاه کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن. ڌڻي شال سڀني سيمن ، اجهورن، ويئرن ۽ واهرن کي آباد ڪري ۽ ٿر۾ گاهن جي گلزاري قائم دائم رهي.


    ٿرپارڪرجا گڍ …عبرت جو اُهڃاڻ

    ٿرپارڪرجا گڍ …عبرت جو اُهڃاڻ

    تاريخ، جنهن کي تواريخ،اتهاس يا هسٽري سڏيو وڃي ٿو .انهي لفظ جو مطلب سڀني زبانن ۾ لڳ ڀڳ هڪجهڙو آهي،جنهن جو مطلب آهي ماضي جي واقعات جو تت يا تاريخ وار احوال،مختلف واقعن ۽ وقوعن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ۽ سبب. تاريخ هڪ اهڙو فن آهي جنهن وسيلي قومن جي مزاج، طاقت، ڀئو، وهمن، گمانن،سخاوتن،ويڙهاند،رسڻ پرچڻ،زير ڪرڻ ۽ زبر ٿيڻ جي منظر ڪشي ڪئي ويندي آهي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته تاريخ قومن کي ماضيءَ جي تصوير ڏيکاري، مستقبل بابت جاکوڙڻ جو دڳ ڏيکاريندڙ علم آهي. تاريخ لاءِ اهو عام تاثر آهي ته اها بادشاهن جي احوال تي آڌارڪ هوندي آهي ۽ تاريخ صرف بادشاهن ۽ وڏن ماڻهن جي ٿئي ٿي. انهيءَ مان نظر اچي ٿو ته تاريخ جي تصور جي ڪيئن ٽوڙ مروڙ ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو تاريخ جو صرف هڪ پاسو آهي جڏهن ته باقي اڻ ڇهيل حصو وڏو آهي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي يعني اڀري طبقي جي به ڪا تاريخ ٿيندي آهي. تاريخ سياست جو بُنياد آهي ۽ سياست معاشري جو وڏي ۾ وڏو ادارو آهي جيڪو باقي ادارن تي حاوي آهي ۽ سمورا ادارا ان جي پيروي ڪن ٿا. تاريخ جو شعور قومن جي زندگيءَ ۾ رڱ ڀري ٿو ۽ روح وجهي ٿو.تاريخ جو شعورمُرده قومن کي زنده بڻائي ڇڏي ٿو ۽ بيمار قومون چاق چڱيون ڀليون ٿي پونديون آ هن.
    تاريخ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي، پر اها هميشه اڳتي وڌندي رهندي آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ وقت جي اجهل ۽ اڙٻنگ ڪميت تي سوار ٿي ڪونتل ڪڏائيندي رهندي آهي،جنهن ۾ فل اسٽاپ جو ڪو تصورئي ناهي. تنهنڪري شاه سائين جي هي هدايت هنيين سان هنڊائڻي پوندي؛
    ٿڪيائي ٿر ٿيل، چڙهه چڪيائي چوٽيين،
    هلندي هوت پنهون ڏي،ڀئو مڙئي ڀيل،
    اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.
    تنهنڪري هر قوم کي تاريخ جو شعور رکڻو پوندو نه ته واري وري ويندي ۽ اُها قوم پنههنجو وجود به برقرارنه رکي سگهندي.
    سنڌ جي تاريخ جي شروعات چچ نامي جهڙن ڪتابن کان سمجهي ويندي آهي. عرب سياحن جا سفرناما ۽ سڪندر مقدونيءَ سان گڏ آيل لکارين جي لکتن جو احوال به سنڌ جي تاريخ بابت ابتدائي مواد مهيا ڪن ٿا يا وري ميرن جي دربار ۾ ڊاڪٽرن جي روپ ۾ آيل گورن جاسوسن جون رپورٽون ۽ ڊائريون به تاريخي حوالي طور ڳڻيون وينديون آهن.ان کانسواءِ مختلف دڙن ۽ ڀڙن جي کوٽائي جا ٺڪراٺا ۽ ڦٽوڙا به وڏي تاريخي شاهدي آهن. انهن سڀني شين جي اوک ڊوک ۽ ڦلهور ڪجي ٿي ته سنڌ جي سون ورني اتهاس جا ڪيئي گمنام گوشا نروار ٿين ٿا ته گڏوگڏ ڪيئي ڪڙيون هڪٻئي سان مليل نظر نٿيون اچن جيتوڻيڪ اسانجي تاريخدانن انهن ڪڙين کي لوهارن وانگر لپيٽي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ ڪجهه شيون ڪنهن منطق کانسواءَ دل جي دوڙ سان ڪيل لڳن ٿيون.
    جيئن مثال طور چچ نامو سنڌ جي تاريخ جو بنيادي ماخذ سمجهيو وڃي ٿو جيڪو اصل ۾ فتح نامو آهي ۽ فتحناما لکندڙ مفتوحن جو احوال مناسب لفظن ۾ بيان نه ڪندا آهن.جاسوس صرف اهو احوال لکندا آهن جنهن لاءِ کين ذميواري مليل هوندي آهي. سياحن مان هرهڪ جي پنهنجي پهچ ۽ پنهنجو مزاج ۽ مشاهد و آهي. اڪثر سياحن من گهڙت ۽ ٻُڌل يا ٻُڌايل قصن ڪهاڻين تي به ڀاڙيو آهي. هِيُون سانگ، فا هين جي سفرنامن کان وٺي ابن بطوطه جي لکيل احوال تائين، ابن حوقل ۽ ادريسيءَ کان وٺي موجوده دور جي سياحن تائين جن جي لکت سندن سفر جي رفتار کان تيز آهي. ٺڪراٺن ۽ ڦٽوڙن جي کوٽائي به انگريزن ڪئي ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب کي نظاري نروار ڪرڻ وارا به اُهي آهن. تنهن کانپوءِ ته نادر ۽ تاريخي شيون مختلف تاريخي ماڳن تان چوري ٿيون آهن ۽ ان ڪُڌي ڪم ۾ ٻين ڌرين سان گڏ اُهي ڌريون ۽ کاتا به شامل آهن جيڪي انهيءَ املهه ورثي جي رکواليءَ جا پاسبان ۽ ذميوار آهن. انهن سڀني ڳالهين جي پيش نظر چئي سگهي ٿو ته سنڌ جي تاريخ جو سُٽ اڃا ڪافي مُنجهيل آهي ۽ ايندڙ وقت جي مورخ کي اُن کي سلجهائڻو آهي جئين حيدرآباد کي سڀئي نيرون ڪوٽ چون ٿا پر ڪو به اها شيءَ پيرو کڻي نٿو ٻڌائي ته اُهو نيرون ڪوٽ مان حيدرآباد ڪئين ٿيو آهي؟ ديبل بندر متعلق تمام گهڻا نقشا آيا آهن جن ۾ عربن پاران ڏنل نقشا به غلط آهن ۽ اڃا تائين ديبل بابت ڪا واضح راءِ نه جُڙي آهي ۽ ڪي مؤرخ ان کي ٺٺو به لکن ٿا ته ڪي بنڀور کي ان جو سنڪرتي ڌاتو ”ديول“ ڄاڻائيندي ديو +آليه يعني ديون جو آستانو سڏين ٿا پر ڪنهن جو به ايڏانهن ڌيان نه ويو آهي ته بندرگاهون وسندڙ هوندديون آهن اهي ديون جا نه پر انسانن جا آستانا هوندا آهن بنڀور بابت ٿيل تازي تحقيق ساراه جوڳي آهي. بنڀور ديبل ڪيئن ٿيو اهي سموريون ڪهاڻيون ڪجهه فردن جون گهڙيل آهن .تحقيق کليل هئڻ گهرجي لڪير جي فقيري صحيح نتيجا نه ڏيندي. اسان وٽ رواج ٿي ويو آهي ته صفحن جا صفحا ۽ پئراگراف پراين ڪتابن تان حوالي طور اُتاري نتيجن کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي .نتيجي طور ڪا راءِ جُڙي نه جُڙي، ڪتاب جي ضخامت ضرور جُڙي ويندي آهي. اروڙ شهر سان به ساڳي حالت آهي اروڙ ۽ روهڙيءَ جي پاڻ ۾ ڪنهن رشتي يا ڳانڍاپي کي ڳولڻ بجاءِ ڪڏهن اُن کي راوڙ ڪڏهن الرور ڪڏهن الور لکيو ويو آهي. ساڳي صورتحال هيروزجي حقيقتن کي بيان ڪرڻ دوران نظر اچي ٿي،طرفداري ڪندي ڪنهن حقيقت بيان ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو. مثال طور؛ هتان جي راءِ گهراڻي کان حڪومت منتقل ٿيڻ بابت راءِ ڏيندي صرف اِهو لکيو وڃي ته راءِ سهاسي جي وفات کانپوءِ سندس وزير چچ گادي نشين ٿيو ۽ اِهو وساري ڇڏجي ته سيلائج جي پُٽ چچ ،راءِ گهراڻي جو ملازم هئڻ باوجود راءِ سهاسي جي گهرواري راڻي سونهن ديوي المعروف سُهند سان Extramarital تعلقات قائم ڪيا ۽ اُن وسيلي هُن اقتدار تي ديرو دمايو جيڪو قبضو هو ٻيو ڪجهه نه ..اهڙي طرح تاريخ ۾ سوين سوال آهن جيڪي يا ته اڻ واضح ثابتين جي ڪري نروار ٿي نه سگهيا آهن يا اسان جي محترم لکارين جي تلوار کان تکي قلم جو شڪار ٿي ڪنهن غلط رُخ ۾ هليا ويا آهن ۽ ائين ڪيئي نتيجا اهڙين تاريخي طور نروار ڪيل من گهڙتن تي به ٻڌا ويا آهن. تنهنڪري ضرورت آهي ته تاريخ ، جديد سائنسي انداز سان ايمانداراڻي نموني نئين سرلکندي جئين، جئين اُها آهي تيئن تيئن نروار ڪئي وڃي بجاءِ ان جي ته جيئن اسين چاهيون ٿا ائين تاريخ لکون .اهڙي لکت تاريخ نه پر تاريخ کي تاراج ڪرڻ برابر هوندي آهي.اچو ته ٿر جي ڪوٽن قلعن ۽ گڍن جي عبرتناڪيءَ جو احوال اوريون.

    ٿرجا گڍ:
    ٿرپارڪر ضلعي جو ٿر وارو ڀاڱو جتي ڪافي ساريون قدرتي خوبيون رکي ٿو اُتي هن ڀاڱي ۾ ميرن جا جوڙايل قلعا به آهن جن کي ماڻهو عرفِ عام ۾ ”گڍ“ سڏيندا آهن. ميرن پارڪر ۾ ڪوبه قلعو نه جوڙايو.اهي گڍ نئين ڪوٽ جي قلعي کان شروع ٿي “کُڏيءَ” قلعي تي اچي ڇيهه ٿا ڪن. انهن جي ترتيب ۽ بيهڪ هڪ بهترين دفاعي لڪير جوڙي ٿي جتان سموري ٿر جو بچاءُ بهتر نموني ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها دفاعي لڪير ٿر جي بلڪل وچ مان گذري ٿي جنهن وسيلي ڏکڻ، اُتر ۽ اوڀر محفوظ ٿي وڃن ٿا .انهن قلعن ۾ ، نئون ڪوٽ شهر کان 3.5 ڪ م اوڀر طرف ، مٺيءَ جي رستي تي نئون ڪوٽ قلعو، مٺيءَ جا قلعا(شهر جي وچ وارو قلعو ۽ گڍي)، اسلام ڪوٽ جو قلعو، سينگاري جو قلعو ، چيلهار جو قلعو، ڏيپلي جو قلعو ۽ کُڏيءَ جو قلعو شامل آهن. ان کانسواءِ، ٿر۽ بئراجي علائقي جي سنگم تي اڏيل شهر امراڻي ۽ هاڻوڪي عمرڪوٽ ۾ به گڍ آهي جيڪو ميرن جو نه پر ڪلهوڙن جو اڏايل آهي. انهن سڀني قلعن ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي ته اهي سڀئي دفاعي مورچا آهن جن جي اهميت جيترو ان وقت هئي هن وقت ان کان به وڌي ويئي آهي. اهي سڀئي قلعا جيڪي اڃا موجود آهن يا جيڪي مسمار ٿي ويا آهن تن جي بيهڪ جي اهميت کان انڪار جي گنجائش ئي ناهي. اچو ته هرهڪ قلعي تي بابت گفتگو ڪريون.

    فتح ڳڙهه يا مٺيءَ جو گڍ ؛رائچند هريجن مطابق، سوڍن ڏن ڏيڻ بند ڪيو ته حشمت ڄمائڻ لاءِ پنهنجي بچاءَ لاءِ ميرن ٿر ۾ جدا جدا هنڌن تي قلعا ٺهرائڻ شروع ڪيا. پهريائين مٺيءَ وارو قلعو 1789ع ۾ ٺهيو. اهو قلعو هن وقت موجود ناهي. ان قلعي جو ماڳ موجوده ڊيزرٽ گيسٽ هائوس وارو هنڌ آهي. اهو قلعو ڪيترو ڪشادو هو تنهن بابت ڪا خبر ناهي نه ئي ڪٿي ان بابت لکت آهي. بيهڪ جي لحاظ کان لڳي ٿو ته اهو قلعو ميرصاحبان دفترطور ڪم آڻيندا هئا . هن قلعي جو نالو فتح ڳڙهه هوندو هو ۽ مٿي ڀٽ تي ننڍو قلعو “گڍي” رهائش ۽ دفاع لاءِ ڪم ايندو هو. اهو قلعو جنهن پويان هاڻي اها ڀٽ گڍي نالي سان مشهور آهي. لفظ گڍي مونث آهي گڍ جو. چون ٿا ته اتي نرا سوڍن جي راڄڌاني هوندي هئي جنهن جو ٺڪراٺو هن وقت به موجود آهي. گڍيءَ جي نامکار ايتري وڌيل آهي جو مٺيءَ ايندڙ هرصحافي توڙي گهومو لوڪ اتي وڃن ٿا ۽ تصويرون ڪڍي جڳ جهان سان ونڊين ورڇين ٿا. گڍيءَ جي اهڙي مشهوري ۽ من موهڻائپ بابت مٺيءَ جي شاعر حاجي محمد دل هن ريت چيو آهي.
    برک آ ڀٽن ۾ مٺيءَ جي گڍي
    اُچي سا اُتاهين مٺيءَ گڍي
    اهڙي ريت هن وقت رڳو ٺڪراٺو آهي باقي نه ڪٿي ڪوٽ آهي نه قلعو نه ئي قلعيدار ۽ ڪلنگيدار. ڪلنگيون ۽ قلعن جا مڪين ڦرندا رهن ٿا ۽ اهو ڦيرو مسلسل ۽ مستقل آهي.

    اسلام ڳڙه يا اسلام ڪوٽ جو قلعو؛ هي گڍ موجوده مين پرائمري اسڪول واري هنڌ تي هو جنهن کي جڏهن مالڪ خالي ڪري ويا ته آهستي آهستي وقت جي وير وهائي وڃي شهر ۾ ٺهندڙ جاين ۾ سر سر ڪري لڳايو. هي قلعو 1795ع ۾ تعمير ڪرايو ويو. هن جي پيڙه ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي به چڱو خاصو موڪرو گڍ هو. هن قلعي کانپوءِ چيلهار جو گڍ تعمير ڪرايو ويو جنهن جو نالو “علي ڳڙهه” هو. هن ڪوٽ کي به وقت جي چوٽ پنهنجي وير ۾ وهائي ڇڏيو ۽ ڪوئي نالو نشان نٿو لڀي سواءِ شهر جي پراڻين عمارتن ۾ لڳل ننڍڙين سرن جي. هن کانپوءِ 1800ع ۾ سينگاري ۽ کُڏيءَ جا ڪوٽ تعمير ڪرايا ويا. ڏيپلي جو قلعو به هن وقت ڌرتيءَ تان ڍڳين جي مٿين ڏندن وانگر گم ٿي ويو آهي.

    نئون ڪوٽ قلعو ؛ مير فتح علي خان جي وفات کان پوءِ مير غلام علي گادي تي ويٺو ۽ ان کان پوءِ مير ڪرم علي خان گاديدار بڻيو جنهن 1814ع ۾ نئون ڪوٽ اَڏايو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا 9 جلد جي داخلا مطابق “هي قلعو ميرپورخاص کان 63 ڪ م ڏکڻ اوڀر طرف واقع آهي ۽ 24.0 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69.9 ڊگهائي ڦاڪن تي ڌرتيءَ جي گولي تي موجود آهي”. سڀ کان پهرين ته لفظ نئون ڪوٽ ڌيان طلب آهي ته اهو نالو ڪيئن پيو. ڇا اتي ڪو پراڻو ڪوٽ اڳي موجود هو؟ يا وري ميرن بئراجي ايريا کان ٻاهر نڪري ڪو نئون ڪوٽ اڏايو هو تڏهن انهي گڍ تي اهونالو پيو. هيءُ قلعو ٿرپارڪر جي حدن ۾ آهي جڏهن ته نئون ڪوٽ شهر ميرپورخاص ضلعي ۾ آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته شهر بعد ۾ آباد ٿيل آهي. شهر تي نالو به قلعي جي ڪري پيو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق “هن قلعي جي بيهڪ چوڪورشڪل جي آهي. ڪوٽ جي اترين ۽ ڏاکڻين ٻانهين 66 فوٽ جڏهن ته اڀرندين ۽ اولهائين ٻانهين 318 فوٽ آهي” انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ هن گڍ بابت وڌيڪ هن ريت لکيل آهي، “ڪوٽ جي شاهي دروازي لاءِ ٻه برج ٺاهيل آهن. ڪنهنزماني ۾ ان جاءِ تي مضبوط ڪاٺ جو دروازو لڳل هوند و هو. ڪوٽ کي چوڌاري 12 فوٽ ويڪري فصيل ڏنل آهي جنهن تي چڙهڻ لاءِ ٻه ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، جتان پهريدار چڙهندا هئا. هن ڪوٽ جي حفاظت لاءِ 9 برج جوڙيا ويا جن مان ٻه مکيه ۽ دمدمي جي نگهبانيءَ لاءِ ، 4 برج ڪنڊن تي باقي 3 برج اتر،ڏکڻ ۽ اولهه جي ديوارن تي آهن. ڪوٽ جي دروازي ڀرسان اندرئين پاسي ڏاڪڻيون ٺهيل آهن جتي هڪ گول گنبذ واري ڪوٺي ڏاکڻين ڀت وٽان ٺهيل آهي.خيال آهي ته اتي بارود رکيو ويندو هو. اهڙي قسم جون تجر نما ڪوٺيون ڏاکڻين ديوار جي ٻاهران به ٺهيل آهن. هن ڪوٽ جي اترئين ڀت سان رهائشي حصي جا ڦٽل آثار مليا آهن. ڪمرن جو ڀتيون ڊٺل آهن جن تي اڇو پلستر ٿيل آهي ۽ سامان جا ڪٻٽ پڻ ڏنل آهن. شاهي دروازي جي اندرئين دروازي وٽ ٻنهي پاسن کان محرابدار ڪوٺيون پهريدارن لاءِ ٺاهيل آهن.”
    شيخ خورشيد حسن پنهنجي ڪتاب “هسٽاريڪل فورٽس آف پاڪستان” ۾ نئون ڪوٽ شهر ميرپورخاص کان 65 ڪ م جي مفاصلي تي ڄاڻايو آهي.هُن قلعي جي شهر کان رخ کي اتراولهه ۾ ڏسيو آهي جيڪو درست ناهي. قلعو شهرجي اوڀر ۾ آهي. .هن ڀتين جي ٿولهه 15 فوٽ لکي آهي. ان کانسوءِ اشتياق انصاري به سنڌ جي ڪوٽن ۽ قلعن بابت تحقيق ڪئي آهي. انهن سڀني لکتن مان قلعي بابت تفصيل ڏسي سگهجن ٿا.
    گم ٿيل قلعن ۾ پارڪر جو چندن گڍ به آهي جنهن بابت ڪيئي من ڪٿائون آهن . اهو گڍ پٿرمان اڏيل هو ۽ ڪارونجهر جبل اندر هو ۽ تاريخ نويسن جي بقول ان کي انگريزن جي توبخاني پارڪر جي جنگ آزاديءَ دوران اُڏائي ڇڏيو.

    عمرڪوٽ جو قلعو؛ ٿر۽ بئراج جي سنگم تي جوڙايل شهر عمرڪوٽ ۾ واقع آهي. هن قلعي بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ هن ريت احوال آهي،“هي قلعو25.22 اترويڪرائي ڦاڪ ۽ 69.47 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي عمرڪوٽ شهر ۾ واقع آهي. دفاعي لحاظ کان هي قلعو ريگستان جي ڇيڙي تي جوڌپور کان حيدرآباد ايندڙ مک شاهراه تي قائم آهي”. عمرڪوٽ قلعي جي دروازي مٿان هڪ نشان کي ڪن محققن منڊيءَ جو نشان سڏيو ته تيج سنگهه سولنڪي ان نشان کي سورج ونسي راجپوتن جو ٺهرايل ڪوٺيو آهي. هن قلعي اندر ميوزيم ۽ ريسٽ هائوس تعمير ٿيل آهي. قلعي جي وچ تي هڪ نگهباني منارو ٺهيل آهي جنهن تي توپون لڳل آهن . ڪوٽ اندر ٿرپارڪر جي انگريز ڊپٽي ڪمشنر ايڇ اي واٽسن جي قبر آهي. قلعي مان پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو به بهترين آهي. انهي قلعي بابت مختلف رايا آهن جن جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه اڀري اچي ٿي ته هيءُ جڳاندر جهونو “گڍ امراڻ” آهي. جنهن کانپوءِ پرمارسوڍن ۽ سومرن قلعو تعمير ڪرايو ۽ موجوده قلعو ڪلهوڙن اڏايو..

    سينگاري جو گڍ اسلام ڪوٽ کان اٽڪل 25 ڪ م اوڀر طرف سينگاري ڳوٺ ۾ واقع آهي. جنهن جي به پيڙه جا نشان رهجي ويا آهن قلعو وقت جي سگهاري وير جي ورچڙهي ايئن گم ٿي ويو آهي جيئن ان جا بادشاه گم ٿي ويا.

    کُڏيءَ جو قلعو تعلقي ڇاڇري ۾ مبارڪ رند ويجهو ڳوٺ کُڏيءَ جي ڀر ۾ آهي. جنهن جو به رڳو پيڙهه جو نشان بچيو آهي جنهن تي بيٺل ڪرڙ جا وڻ زماني جي بي ثباتيءَ جي رڙيون ڪري ثابتي پيش ڪري رهيا آهن. هنن سڀني قلعن جو هي ٿورڙو تعارف هو جڏهن ته ايندڙ ليکن ۾ هرهڪ قلعي بابت تفصيلي وچور سان احوال اوريو ويندو جيئن وڌيڪ تحقيق ٿئي ۽ هي تاريخي اهڃاڻ محفوظ به ٿي سگهن.
    هي ڪوٽ ۽ قلعا جيڪي تاريخي اُهڃاڻ آهن پر اهي صرف حاڪم فردن يا قومن جي تاريخ جو اُهڃاڻ آهن سي ياد ٿا ڏيارين ته حاڪم سدائين عوام کان الڳ مخلوق ٿي رهيا آهن ۽ سندن قلعبندي ۽ isolation جديد وقت ۾ به جاري آهي ۽ غريبن ۽ محڪومن لاءِ سندن ڪوٽن ۽ قلعن تائين اڄ به پهچ ناممڪن يا مشڪل آهي پرقلعبندي جو اهو اُهڃاڻ ٻڌائي ٿو ته محڪوم به ڪڏهن بدلجي حاڪم ٿي پوندا آهن ۽ ڌرتيءَ جا ڌڻي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪندا آهن ته پوءِ ڌاريا حاڪم اجگر قلعن جي باوجود پنهنجو وجود باقي رکي نه سگهندا آهن. سڪندر مقدوني به هتي آيو پر اڄ سندس پونيرن مان ڪنهن کي به پتو ناهي ته اسين ڪو سڪندر جو اولاد آهيون جڏهن ته سيوهڻ اڄ به اُتي موجود آهي ۽ اها ڳالهه اسان کي وڌيڪ همٿائي ٿي ته پنهنجي ڌرتيءَ سان ۽ وطن سان پيار ڪريون ۽ قدرت جي انهي تبديلي جي قانون ۾ ويساهه رکون جيئن اياز چيو آهي ته:

    جي تو اڃا نه ڄاتو، آڪير ديس واسي
    تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي
    آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اُتي آ،
    هُو کير ٿر ڏس کڙو آ ويندا رهيا وناسي


    سنڌي ٻوليءَ جا ٿرِي لهجا ۽ محاورا: هڪ جائزو

    سنڌي ٻوليءَ جا ٿرِي لهجا ۽ محاورا: هڪ جائزو

    ٿرپارڪر: تو اريخي پس منظر،
    ٿرپارڪر ڌرتيءَ جو انتهائي نرالو خطو آهي جنهن جي ريت جو هرڪڻو رتن آهي. جتي جي هر ڀٽ ڀاڳو نتي آهي جتي جو هر ڏهر ڏياوان آهي، جتي جي هر وستي ، هر واهڻ هر ڳوٺ ۽ ڍاڻي ڳڻن سان ڀرپور آهي. اهي سمورا ڳُڻ صدين کان هڪ صدري سلسلي وسيلي، پيڙهيا پيڙهي منتقل ٿيندا اچن ۽ ٿر ۾ رائج ٻوليون به اِن ٻهڳڻ ثقافت جو اُهو سون سريکو سروپ آهن. جتي جي گهڻا گهڻيءَ متعلق جيتري گهڻي جاکوڙ ۽ جستجو ڪجي اوترو گهٽ ۽ جيترو تحقيق جي تارازيءَ ۾ تور تڪ ڪئي ويندي اوترو ئي هتان جا اهي املهه موتي جرڪندي نظر ايندا. انهيءَ ورثي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان اڳ اچو ته ڏسون ته ٿرپارڪر جي هِن سون سريکيءَ ڌرتيءَ جي تاريخ ڇا آهي. سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻِي لکي ٿو “ ٿر” سنسڪرت لفظ “سٿل” مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ ملڪ (جتي درياهه ڪونهي) انهيءَ سٿل جو اُچار اول ڦري ٿيو “ٿل” يعني خشڪ زمين (ضد، جل معنيٰ پاڻي) ۽ ٿل جو اُچار ڦري ٿيو ٿر”.
    محترم رائچند هريجن تاريخ ريگستان ڀاڱي پهرئين ۾ لکي ٿو، “ ٿر کي ريگستان به چون ريگ = واري + آستان جاءِ يعنيٰ واريءِ جِي جاءِ. هِن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون گهڻيون آهن ڀٽ کي ٿر جا ماڻهو ٿري چوندا آهن تنهنڪري ڀٽن يعني ٿرين واري ڀاڱي کي ٿرين جو ملڪ يا ٿر جو ملڪ ٿري چوندا آهن جنهن مان ، ”ٿر“ لفظ ٺهيو آهي.
    شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن ٿر ۾ موجود Coal Field ٿهريو هاليپوٽو ۾ ڪاري سون جي Exploration جو افتتاح ڪرڻ آئي هُئِي ته هُن فرمايو هو:

    Someone has told me that cream of milk is said Thurr in Sindhi and as the sea withdrew from this area, the cream appeared and the people started to call it Thur

    هِن ڌرتِيءَ جي مالوند پٽيءَ جي اُتر ۾ بئراجِي علائقو، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ، اولهه ۾ بدين ۽ ميرپورخاص ضلعو ۽ اوڀر ۾ هندستان جو صوبو راجسٿان آهي. تنهنڪري هيءُ خطو انهن علائقن جي اثرات هيٺ رهيو آهي. هتي پرمار سوڍن جي حڪمرانِي رهي آهي جيڪي ڪافي عرصو هِن خطي تي راڄ ڪندا رهيا آهن انهن سوڍن جي زبان ڍاٽڪي هڻ ڪري هتان جي اڪريت پڻ ڍاٽڪي ڳالهائو رهي آهي . تنهنکان پوءِ جئين ئي سومرا دورسگهه وٺي ٿو ۽ سومرا وڳهه ڪوٽ کان وٺي عمرڪوٽ تائين ڦلهجي ويا ۽ عمرڪوٽ کي اُنهن پنهنجي قوت جو ماڳ بڻايو.
    اِن کانپوءِ وري سوڍن پنهنجي سگهه کي سهيڙي عمرڪوٽ تي راڄ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ انگريزن جي ڪاهه تائين هِتي سوڍا حڪمران رهيا تنهن کانپوءِ انگريز آيا اُنهن به هِن پرڳڻي کي ٻن حصن ۾ انتظامي طور ورهايو. ڏاکڻو حصو ڀُڄ مان ڪنٽرول ڪيو ويندو هو ۽ اُترئين حصي جو مک مرڪز عمرڪوٽ هوندو هو جنهن کي گڍ امراڻ به چيو ويندو هو:

    گوريان ڪيهر لڪيان، سوڍو چتر سُجاڻ،
    بڙ جهڪيا لانٻي تڻان، آيو گڍ امراڻ

    ائين اهو علائقو ٻن حصن واري انتظام کانپوءِ وري هڪ ٿيو ۽ اڳتي هلي ضلعي ٿرپارڪر قائم ٿيڻ سان اڃان به وڌيڪ محدود پيس منظر جي حوالي ٿيو ۽ محترم رائچند هريجن مطابق ٿرپارڪر کي طبعي لحاظ کان ڏسجي ٿو ته اُن جا 9 ڀاڱا آهن پر زميني صورتحال کي ڏسجي ته ٿر جا هِي 11ڀاڱا آهن:
    1. کائڙ: ڇاڇري شهر کانوٺي اوڀر طرف ٿورو ۽ اُتر طرف گڍڙي تائين، هِن ڀاڱي کي کائڙ چوندا آهن. هِن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون ننڍيون آهن ۽ وڏا ۽ ڊگها وڻ گهٽ آهن هِن ۾ ڇاڇري جي اُتر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو.
    2. ڪنٺو: هِن ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڏاکڻو ڀاڱو ۽ ننگرپارڪر تعلقي جو اُتر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هتي جي زمين ڀلي ۽ آباديءَ لائق آهي جنهن ڪري کيتي سُٺي ٿيندي آهي.
    3. پائر: هي اهو ڀاڱو آهي جيڪو ڪنٺي کان ڏکڻ ۾ ۽ پارڪر جي اتر ۾ ان سان لڳو لڳ آهي.
    4. پارڪر: هِن ۾ ننگرپارڪر تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. زمين سنئين ۽ ڪڪرالي آهي. هتي واريءَ جو ڀٽون ڪونه آهن. رائو گهڻو آهي. ڪارونجهر ٽڪري هن ئي ڀاڱي ۾ آهي.
    5. سامروٽي: هن ۾ مٺي تعلقي جو ڏکڻ اولهه ۽ ڏيپلي تعلقي جو اُتر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هِتي جِي زمين ڀلي آهي.
    6. ونگو : هن ۾ ڏيپلي تعلقي جو الهندو ڀاڱو اچي وڃي ٿو.
    7. وٽ: هِن ۾ ڏيپلي ۽ مِٺي تعلقن جا ڏکڻ وارا ڀاڱا اچن ٿا. هِي زمين جو ٽڪرو ڪڇ جي رڻ سان دنگئي ۽ ويجهو آهي. جنهن جي ڪري هتي پاڻي تانگهو آهي.
    8. ڪس: ٿرجي اها پٽي جيڪا بئراجي ڌرتيءَ سان لڳو لڳ آهي تنهنکي ڪس چونداآهن. ڪس جا ماڻهو به ڦرندڙگهرندڙ مزاج رکنداآهن مرضي پوندي آهي تڏهن بئراج ڏانهن هليا وينداآهن
    9. مهراڻو: اڳوڻي مهراڻ نديءَ جي وهڪري جي ڀر واري ڀاڱو آهي. هِن ۾ ڇاڇري تعلقي جو اولهه ۽ عمرڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ اوڀر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا.
    10. ڍاٽ: هِي سڄي ٿر جي وچ وارو ٽڪرو آهي. هِن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو ٿورو ٽڪر، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ڀاڱو ۽ مٺي تعلقي جو ڪُجهه اُتريون ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هِن جي ڪري سڄي ملڪ کي ڍاٽ به سڏيندا آهن ۽ رهاڪن کي ڍاٽي چئبو آهي.
    11. اڇڙو ٿر: هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو اُتريون ڪنارو ۽ کپري تعلقي جو اُتر اوڀر وارو ڀاڱو اچي ٿو ۽ اڳتي خيرپور رياست ۽ جيسلمير تائين دنگ اٿس. هِن کي بوئٺ ۽ ڊيئا به چوندا آهن هتي آبادي گهٽ ۽ ماڻهن جي بستي ڇڊي آهي.

    ٿر ۾ رائج ٻوليون ۽ زبانون
    ٿر جي ٿڌيءَ ريت وارو، روح کي راحت ڏيندڙ خطو ونگي کان وٺي بڙ تلاءِ ۽ ڦولپري تائين، رحمڪي بازار کان راڙڪوئي تائين، ڏينسي ۽ ڏوتڙ کان گڍڙي تائين، وسيع ۽ عريض ڦهليل ڌرتيءَ تي مختلف زبانون ڳالها۽ڻ وارن ماڻهن جو بسيرو رهيو آهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته هِيءُ خطو پڻ گهڻ ٻوليائي خطو آهي جنهن ۾ ڪنهن دور ۾ سنڌي، ڍاٽڪي، گجراتي هندي مارواڙي، پارڪري، اوسواڙي، لوهارڪي ٻوليون رائج رهيون آهن انهن مان ڪجهه ٻوليون ۽ زبانون متروڪ ٿي چُڪيون آهن، جئين هندي، گجراتي، سنسڪرت ورهاڱي کانپوءِ تمام اڻ لکي وڃي بچي آهي اڃا به گجراتي ڪُجهه ذاتين ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. جيئن گجراتي ڪميونٽِي جا ماڻهو جن جي اڪثريت صفائي سُٿرائي جهڙي عظيم ڪم سان وابسته آهي. اُهي هِي ٻولي ڳالهائين ٿا پر ان جي صورت ٻوليءَ جي حد تائين آهي، اها لکي نٿي وڃي نه ئي لکپڙهه جو ڪو جوڳو انتظام آهي. هنڌي پڻ ڪُجهه ماڻهو لکن ٿا يا ڄاڻن ٿا پر اُها به ڌرمي ڪتابن تائين محدود آهي. لوهارن جي برادري جيڪي پاري نگر جا مالڪ هئا پر سمنڊ هٽڻ ۽ ٻين انقلابن جي ڪري اُهي لوهارڪي ڪرت ۾ لڳي ويا آهن.ڪولهين کي به پنهنجي ٻولي آهي جيڪا سندي برادري اندر ڳالهائي وڃي ٿي هيءُ به مارواڙي ۽ پارڪري جو امتزاج آهي. ڍاٽڪي ٻولي پڻ ٿر ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي ڳالهائي ٿي ڍاٽڪي کي ڪي ودوان الڳ ٻولي ڪري مڃين ٿا ڪي گجراتي۽ مارواڙيءَ جو لهجو چون ٿا ته ڪي عالم سنڌي جي ڀيڻ ڪري ڪوٺين ٿا جئين محترم گريئرسن لکيو آهي:
    ”عام رواجي حساب سان ته سنڌيءَ جا چار لهجا آهن. جئين معياري (وچولي) سرائڪي، ٿريلي ۽ لاڙي. “ ٿريلي” ٿر يا ريگستان ۾ ڳالهائجڻ واري سنڌيءَ جو نالو آهي جيڪو سنڌ جي اُڀرندي واريءَ سرحد تي موجود رڻ پٽ آهي، جيڪو راجپوتانا کان سنڌ کي جُدا ڪري ٿو. اُن جو هڪڙو ٻيو به ٿورو مختلف نالو آهي. “ ٿريچي.” مارواڙ ۾ رڻ پٽ کي ڍاٽ چوندا آهن. ان ڪري هِن لهجي کي ڍاٽڪي به چوندا آهن. محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ ساڳي راءِ جو آهي. “ ڍاٽڪي ٻولي، آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۽ راجستان جي ثقافت کي ڳنڍيندڙ، وچين ڪڙي آهي. ڪي راجسٿاني پهاڪا، دانائي جا گفتا ۽ عوامي افسانا، ڍول مارئي وغيره ڍاٽڪي ذريعي سنڌ ۾ رائج ٿيا. ٻئي طرف سنڌ جا مثال ۽ پهاڪا، داستان ۽ افسانا بلڪ بيت ۽ شعر راجسٿان طرف رائج ٿيا. راجسٿان واري ڀاڱي ۾ آباد سنڌ جي قومن ۽ قبيلن سنڌي ٻوليءَ کي اِن طرف مشهور ڪيو.”
    ڍاٽڪي پهريائين گجراتي، هنڌيءَ جي اثر هيٺ رهي آهي. پر جڏهن کان اُن سان سنڌي جو ميل ميلاپ وڌيو آهي ته پوءِ اُها سنڌيءَ جي رڱ ۾ رڱيل نظر ٿي اچي. باقي اُها انفرادي طور ٻولي آهي جيڪا زبان ٿيڻ تائين پهچڻ ۾ اڃا گهڻي محنت جي گهرجائو آهي.
    پارڪري: هِي ٻولي ٿرپارڪر واري خطي ۾ ذات پات، رنگ نسل ۽ مذهب جي امتياز کانسواءِ ڳالهائي وڃي ٿي هيءُ گجراتي جو هڪ لهجو آهي هيءُ به اڃا ٻولي آهي. زبان بنجڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نه ٿيون آهن. ڪولهي برادري ، سڀ جي سڀ هيءَ زبان ڳالهائي ٿي هن ٻوليءِ جي وياڪرڻي جوڙجڪ به بنيادي آهي ۽ خصوصا پڇاڙين جو ملڻ ۽ اُن مان نوان لفظ ٺهڻ ۽ فعلي صورتن جي بيهڪ اڀياس لائق آهي.مثال:
    ڪارونجهرني ڪور، روڙي لاڳي رليا مڻي،
    ماٿي ٽهُوڪي مور، ڏونگر لاڳي ڏيپتو.
    هِن ۾ ڏيپ لفظ ڏيئي جي لاءِ آهي. ۽ اُن ۾ ‘تو’ پڇاڙي ملائي صفت بنائي وئي آهي. هِن ٻولي ۾ ڪٿي “س” کي “خ” ۽ ھ ڪري به اُچاريو ويندو آهي جئين:
    مسلمان کي چون مُخلو
    سارو کي چون حارو
    سنڌي: ٿر جي اتر اولهه واري حصي ۾ اڪثر ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا جنهن تي جيڪڏهن غور ڪيو ويندو ته اُها سنڌي ٻوليءَ لاڙي لهجي کي وڌيڪ ويجهو نظر ايندي ۽ اُن جي جهيلار ڊگهي هوندي جيئن:
    معياري : ڇا ٿو ڪرين؟
    ٿري؛ ڪُڄاڙو ٿو ڪريين؟
    ٿر ۾ ڳالهائجندڙ سنڌي ۾ ڍاٽڪي، گجراتي، پارڪريءَ هنديءَ جا لفظ پڻ شامل ٿي ويا آهن يا اُن جي نحوي ساخت تي پڻ اُن جو اثر پيو آهي.
    ان کانسواءِ ٿر ۾ ڪجهه ذاتيون اهڙيون جيڪي سڄيون جو سڄيون ساڳي ٻولي ڳالهائين ٿيون. مثال طور ڪولهي پارڪري ڳالهائين ٿا، مينگهواڙ، ڍاٽڪي ڳالهائين ٿا پرانهِن ۾ لجها مختلف آهن. ڀيل پڻ ڍاٽڪي ڳالهائين ٿا پر اُن جو گهاڙيٽو مينگهواڙن يا ڪافي مسلمانن جي ڍاٽڪيءَ کان مختلف آهي. ڀيلن جي ڍاٽڪي تي جهنگل ۽ اُن ۾ ٿيندڙ شڪار ۽ شڪار جي اصطلاحن ۽ اُتان جي ڪلچر جو گهرو اثر آهي. گجراتي ڪميونٽِي جنهنجو صفائي سُٿرائي سان تعلق آهي اُنهن کي به پنهنجي ٻولي آهي.

    ٿر ۾ رائج سنڌي جا لهجا:
    ٿر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي شروعات سومرن جي دور ۾ ٿي جڏهن ڀٽن ۽ ڀانن ڳاهن وسيلي ڏاهپ، سخاوت ۽ سورهيائي جا داستان لوڪ تائين رسايا ۽ ٿر ۾ به سنڌيءَ جو رواج پيو جيڪو سمن جي دور ۾ سگهارو ٿيو ۽ ڪلهوڙا دور ۾ سهيڙجي پنهنجي بلوغت واريءَ صورت کي پهتو ۽ اڄ تائين اُهو سلسلو جاري آهي هاڻي ته مواصلات جي وسيلن جي سُڌرڻ سان ميڊيا جي ترقي ٿي آهي ۽ سنڌي ٻولي اڃا به وڌيڪ ترقي ۽ ڦهلاءُ ڪري رهي آهي. اُن سان گڏوگڏ ٻين ٻولين جي سُوڌ سنوارو وارو ڪم به شروع ٿيو آهي.
    هونئن ته سنڌي سڄي ٿر جي مختلف حصن يعني چئني تعلقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي پر سنڌي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت ڏيپلي ۽ مٺي تعلقي ۾ آهي ۽ اُن کان سواءِ ننگرپارڪر جو سرحدي علائقو جيڪو مِٺيءَ سان ملي ٿو. تنهن ۾ پڻ سنڌن ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي پر انهن سڀني ڀاڱن جي سنڌيءَ جي ڳوڙهائي سان اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته مُهراڻي ۽ ونگي جي سنڌيءَ جو لهجو الڳ آهي، سامروٽيءَ جي ماڻهن جي سنڌي نياري آهي ته وٽ جا وانگي انتهائي رسيلي سنڌي ڳالهائين ٿا جنهن ۾ جهنگلي جيوت ۽ مالداري سان واسطو رکندڙ انيڪ اصطلاح شامل آهن. ڪنٺي جو سنڌي لهجو نيارو آهي ته کائڙ جي پاسي جي کمت جي پنهنجي سُڃاڻپ آهي. ڍاٽڪي جن جي مادري زبان آهي تن جو سنڌي لهجو مختلف آهي مثال طور سمورا ڍاٽڪي ڳالهائيندڙ اعرابن جي استعمال ۾ زير جو استعمال گهڻو ڪندا آهن ۽ لفظن جو جزم سان اُچارڪندا آهن جيئن:
    صُبح کي صبوح چون
    ڪَرُ کي ڪَر چون
    انهن ڌار ڌار ڀاڱن ۾ جملن جي نحوي سٽاءُ ۾ فرق پُڻ آهي. مثال طور سامروٽي جا ماڻهو هن ريت ڳالهائيندا آهن:
    تو ڪئين ڪرس يعني تون ڪئين ڪندين
    اهو سمورو ڪم اُن صدري صندوق ۾ بند آهي جيڪا صدين کان هِن خطي جي انهن ادبي ماڻهن کي ڀٽن ڀانن ۽ چارڻن وسيلي ۽ لوڪ گيتن ۽ ڳيچن وسيلي سانڍي ۽ سانڀيو اچي. تنهنڪري اِن زباني ورثي جي دستاويز بندي ڪرڻ ضروري آهي. جيئن اسان پنهنجي ادبي سرمايي ۾ موجود لوڪ ڏاهپ جي هيرن جواهرن کي محفوظ ڪري سگهون.

    مددي ڪتاب:
    1.تاريخ ريگستان را ئچند ھريجن
    2.برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو ترجمو ڊا ڪٽر فھميده حسين
    3.سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ڊاڪٽر غلام علي الانا
    4. سنڌي ٻولي ۽ اد ب جي تاريخ ڊ اڪٽر نبي بخش بلوچ


    چندن گڍ چاوو ڪيو

    چندن گڍ چاوو ڪيو

    الله سائين ننڍي کنڊ جي سموري ڌرتيءَ کي انتهائي مالامال ۽ ٻهڳڻ بنايو آهي جنهن ۾ ڪيترا خزانا ۽ گُڻ رکيا آهن جو صدين کان هڪڙو قبضاگيري ۽ ڪاهن جو سلسلو اچي پر ننڍي کنڊ جي اُنهي شاهوڪاريءَ جي ”ڪج جبيني“ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. اُتر کان اولهه کان ڪيترائي قبضا گير آيا جن حُڪمراني ڪئي، مال لُٽڻ لاءِ هٿ پير هنيائون. الائي ڇا ڇا کڻي ويا پر هِن ڌرتيءَ جي سون سريکيءَ معيشيت ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. 15 هين صدي ۾ يورپي سُلطنت شاهي دنيا ۾ پکڙي. ڪولمبس ”نئين دُنيا“ ڏانهن رُخ ڪيو ته ننڊي کنڊ ڏانهن وري پُرتگالي ناکوئو واسڪوڊي گاما سهي سنبهي روانو ٿيو جڏهن هُو هتي پهتو ۽ سمنڊ ۾ پنهنجو ٻيڙ و ڇڏي شهرن ۾ گهمڻ ويو ته هُن اُتي جي مندرن ۾ سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل بُت ڏٺا جن جي اکين ۾ هيرا به لڳل هئا. اهو لقاءُ ڏسي پورچوگيز کان رڙ نڪري ويئي ته مار! هتي هيترو ساروزر زيور آهي جو ماڻهو اُن کي خيرات به ڪن ٿا. انهيءَ نظاري جو هوڪو جڏهن هُن وڃي يورپ ۾ ڏنو ته سموريون يورپي ڌُريون ، ور کنجي انهي ڌن ميڙڻ جي هٻڇ ۾، ڇتي جي گگ لڳل، ڪنهن وايون بتال جانور وانگر ڪاهي پيون ۽ پاڻ ۾ وڙهيون رچيون. ڪي ڀڄي ويون ته ڪي بچيون. جيڪا ڌُر سڀني چوٽن کانپوءِ بچي اُهي هئا برطانيه وارا جن پهريان واپاري بنجي ڪلڪتي جي قاسم بازار ۾ ديرو دمايو ۽ پوءِ ڏيهي ماڻهن کي ويڙهائيندا ويا پنهنجي حڪومت کي وڌائيندا ويا. مغل پنهنجي نااهلين ۽ ڏاڍاين جي ڪري پوئتي پوندا ويا تان جو بهادرشاھه ظفر جهڙو ڪمزور ۽ نٻل حاڪم دهليءَ جي تخت تي نالي ماتر حڪمران طور وڃي بچيو. انهيءَ سڄي ڪيس دوران ماڻهن ۾ بي چيني وڌندي رهي جنهن جي نتيجي ۾ مختلف هنڌن تي انگريزن خلاف ڦڏا فساد ٿيا ۽ 1857 ۾ اهڙي اضطراب جو مثال ملي ٿو جنهن ۾ فوجي ۽ ڏيهي ماڻهن گڏجي بغاوت جو ڏنڊو کنيو ۽ انگريز جا ڏند کڙڪائي ڇڏيا پر ڪنهن مضبوط جي اڳواڻيءَ جي غير موجودگي جي ڪري اُها ڪوشش پنهنجا متوقع نتيجا ڏيئي نه سگهي هئي. انگريزن انهي بلوي کي ”غدر“ سڏيو هو پر مقامي آباديءَ اُن هلچل کي ”آزاديءَ جي جنگ“ سڏيو هو ۽ آزادي جي جنگ جي لهر سڄي ننڊي کنڊ ۾ پکڙيل هئي. دهليءَ جي جنگاه کي تي ته وڏا وڏاڪتاب لکيا ويا آهن ۽ ان کي ايئن ڪري پيش ڪيو ويو ڄڻ اهو بلوو ئي اڪيلو ڀونچال هو جيڪو بنڀٽ ٿي ڀڙڪيو. جڏهن ته مختلف هنڌن تي اهڙيون بغاوتون ٿيون پر جيئن ته دهليءَ کي ئي مٿي رکڻو هو ان ڪري اسانجي تاريخدانن ايڏانهن ڌيان نه ڏنو. اهڙين بغاوتن مان هڪڙي بغاوت ٿرپارڪر جي پارڪر واري علائقي ۾ به ٿي هئي.
    ٿرپارڪر، جنهن تي اُن وقت سوڍن جو سڪو هلندو هو ۽ سنڌ جا حڪمران ٽالپر هئا جن سان ملي ڪري انگريزن ڪجهه معاهدا ڪري مُداخلت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ٿرپارڪر کي به پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو. ويڙهايو، حڪومت ڪريو، جاگيرون ڏيو ۽ ماڻهن کان ڪرائي جي قاتل وارو ڪم وٺو، خان بهادر ۽ راءِ بهادر جا لقب ڏيئي” ڏيهي ماڻهن کي ڏيهي ماڻهن هٿان سزائون ڏياريو “ جي حڪمت عملي رائج هئڻ باوجود ٿر ۾ انگريز سامراج خلاف بغاوت جي لهر هئي ڇاڪاڻ ته ٿر جي ماڻهوءَ ڌرتيءَ کي تياڳ ناهي ڏنو. انگريزن جي واريءَ ۾ ٿر ۾ ٺڪر راجپوتن جا ننڊا ننڊا رڄواڙا هئا جيئن عمرڪوٽ، ڇاڇرو، ڀوڏيسر، ويراواه ، هنجتل ۽ ڪيرٽي وغيره. انهن جا اڳواڻ ڪي انگريزن سازش ڪري پنهنجي وس ڪيا هئا ته ڪي جوڌا اهڙا هئا جن انگريزن جي آڻ نه مچائي هئي تن هتي پارڪر جي ڌرتيءَ تي 1857 ۾ اهڙي جنگ ڪئي هئي جنهن جو مثال ڪٿي به نٿو ملي ڇو ته دهليءَ واري جنگ يا بغاوت ۾ سکيا ورتل فوجي هئا جن بغاوت ڪئي پر هتي ٺڪر ۽ سندن حامي ڪولهي ڀيل ۽ ٻيون قومون هيون جن انگريزن کي چڻا چٻايا هئا انهي جنگ کي پارڪر ۾ آزادي جي جنگ سمجهيو ۽ سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ ڌرتي واسين رت جورڱ ڏيئي وطن سان وچن جي تاريخ م پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو هو ۽ چندن گڍ جهڙو سندن دفاعي مورچو به سندن لاشن کانپوءِ انگريزن جي فوج ڊاهي پٽ ڪيو تڏهن ته مقامي ڪويءَ جي واتان هي لفظ نڪتا؛
    چندن گڍ چاوو ڪيو، جوڌي مچائي جنگ
    لڙيو ساٿ ڪلياڻ رو، اوئان رجپوتان نان رنگ
    يعني چندن گڍ قربان ٿي ويو جوڌن تمام وڏي جنگ ڪئي جنهن ۾ ڪلياڻ سوڍي جو ساٿ به لڙيو کين رنگ شابس هُجي. انهي اُڀار جو احوال انتهائي اهميت وارو آهي جيتوڻيڪ تاريخي ڪتابن ۾ اُن جا حوالا آهن پر اُن بابت گهڻو تفصيل سامهون اچي نه سگهيو آهي. انهي ڪوشش جي ڪٿا هن طرح آهي.
    انگريز حڪمران مختلف حيلن بهانن ڏيهي ماڻهن کي تنگ ڪندا رهندا هئا پر ماڻهو اهو سور سهي ويندا هئا پر هڪ ڏينهن اها نفرت انتهائي شدت سان سامهون اچي ويئي. ٿيو ڇا جو اُن وقت ٽيليگراف کاتي وارا تار جو نيٽ ورڪ تعمير ڪري رهيا هئا تن جي ڪامي ڪارندن ڪِن ڪولهي عورتن سان ڇيڙڇاڙ ڪئي. ٿر جو ماڻهو اهڙي چُراند کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. ماڻهن اچي مقامي راڻي کي دانهن ڏني. راڻي ”ڪرڻ جي“ ۽ سندس ڀاءُ پوپت سنگهه، ويراواهه جي راڻي لاڌو سنگھه ۽ ٻين گڏجي پنهنجا 2 هزار ساٿي گڏ ڪري 15 اپريل 1859 تي انگريز کان آزاديءَ جو نعرو هنيو. پوليس ٿاڻي تي حملو ڪيو، ڪاردار جي ڪچهري کي باهه ڏنائون، خزانو لٽيائون، تارون ڪٽي مواصلات جي نظام کي درهم برهم ڪري وڌائون. اُن وقت جي مختيارڪار مُنشي ڏيئي مل اها خبر حيدرآباد موڪلي . خبر 19 اپريل 1859 تي حيدرآباد پهتي. ڪرنل ايوانس حيدرآباد جو اسٽيشن ڪمانڊر هو تنهن هڪدم ٿرڊ بلوچ رجمينٽ جي هڪ ونگ کي ننگرپارڪر وڃڻ جو حڪم ڏنو. توپخانو ڪراچيءَ مان روانو ٿيو. 24 اپريل 1859 تي ڪرنل ايوانس کي حڪم مليو ته پاڻ وڃي سڀني فوجن (ڏيسا، حيدرآباد ۽ ڪڇ کان ايندڙ) جي ڪمانڊ سنڀالي. انهي حُڪم تحت هو روانو ٿيو۽ پنهنجي موڪليل لشڪر سان 30 اپريل تي اسلام ڪوٽ وڃي مليو جتي کيس ٿرپارڪر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ به مليو. ڪيترا مددگار سوڍا ۽ ٻيا عمرڪوٽ جي راڻي جي هٿ هيٺ ساڻس اچي مليا. سڀ کان پهرين ڏيسا جي فوج ننگرپارڪر اچي پهتي جنهن جي اڳواڻي ميجر ڪُئلي ڪري رهيو هو. انهي فوج تي 1 مئي 1859 تي حملو ٿيو جنهن کي اُنهن منهن ڏنو ته ٻئي ڏينهن وري حملو ٿيو تنهن تي گولاباري ڪئي ويئي جنهن جا ٺڪاءَ ڪرنل ايوانس 50 ميلن جي مفاصلي تي ٻُڌا. 2 مئي تي ڪرنل ايوانس ويراواه پهتو ڏٺائين ته سڄو شهر خالي هو فقط هڪ سامي رهيل هو هو ٻئي ڏينهن واٽ تي ڀوڏيسر جاٺڪر سمٿجي ۽ هٻجي پنهنجي ماڻهن سان گڏجي ڪرنل ايوانس سان مليا ۽ کيس آگاهه ڪيائون ته سمورن کوهن ۾زهر وجهرايو ويو آهي جيڪا ڳالهه بعد ۾ سچ ثابت ٿي. 3 مئي تي ننگرپارڪر ۾ سخت مُقابلو ٿيو. ڪارونجهر ٽڪريءَ تي راڻي چندڻ سنگهه جو اڏايل ”چندڻ گڍ“ سامراجي توبن جي گولاباري اُڏائي ڇڏيو. ڏيهي جوڌا وڃي جبل ۾ لِڪيا ۽ ڪي مارواڙ طرف ڀڄي ويا. انگريزن شهر تي قبضو ڪيو راڻو ڪرڻ جي، لاڌو سنگهه ۽ ٻيا گرفتار ٿيا. ماحول ۾ ماٺار ڇائنجي ويئي ڪرنل ايوانس پنهنجي پيش قدمي کي اڳتي جاري رکيو ۽ 18 مئي تي ڀوڏيسر جي ٺڪرن جي ساٿ سان هُن ننگرپارڪر کان 66 ميل جي فاصلي تي ”ڪيجراڙلو“ جي ڪئمپ تي حملو ڪيو. ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا، قيد ٿيا ۽ ڪي ڀڄي ويا جن کي ڳولڻ لاءِ ڪافي هڻ هڻان ڪئي ويئي پر ناڪامي نصيب ٿي. نيٺ ڪرنل ايوانس واپس موٽيو.
    اِنهيءَ سڄي جنگي ماحول دوران لاڌو سنگهه جو پُٽ اُڌيسنگهه ٻاهر ويل هو واپس آيو پئي جڏهن ڳوٺ ”راڻي واڙي“ پهتو ته سندس گهوڙو ڳوٺ ۾ وڄندڙ دهل جي ٿاپ سان پئدا ٿيندڙ رڌم کي ڪن ڏيئي بيهي رهيو ۽ نچڻ لڳو. هڪڙو ڪولهي جيڪو ننگرپارڪر کان واپس اچي رهيو هو تنهن کيس طعنو ڏيندي چيو، ”تون اتي پيو گهوڙو نچائين، تنهنجو پيءُ جيل ۾ پيو آهي“، اهو ٻُڌي اڌيسنگهه مينهن واءُ ڪري اچي ننگرپارڪر پهتو ۽ پنهنجا ساٿي گڏ ڪري جيل تي ويو. جيل ٽوڙي سمورن قيدين کي آزاد ڪرايائين پوءِ بندوق لوڏيندو تروٽ جي تنبوءَ ڏانهن ويو اڃا تنبوءَ جي ويجهو ئي مس پهتو ته ڪاوڙ جي جوش وچان کڻي جو فائر ڪيائين. تروٽ فتح جي مزي ۾ محو ٿي سُتو هو، فوج وڃي چڪي هئي ڪو به سپاهي موجود نه هو سو تروٽ تنبوءَ مان ڦاٽ کائي نڪتو ۽ ڀڄي وڃي لاڌيئي نالي ميگهواڙ جي گهر ۾ اچي پيو جنهن کيس رڱڻ لاءِ پيل کلن ۾ لڪايو.
    ٺڪرن جڏهن تروٽ کي نه لڌو ته هُنن کيس مارجي ويل سمجهي ڪچهريءَ تي حملو ڪيو جنهن ۾ انگريز فوج جا ڪيترائي سپاهي مارجي ويا. اهڙو ماحول ۽ مانڊاڻ ڏسي ٺڪرن جو حوصلو وڌيو ۽ ٻيا به ڪيترا ٺڪر اچي ساڻن مليا ۽ بهادريءَ سان ويڙهه ڪيائون. اُنهن ۾ ويراواه جو راڻو لاڌو سنگهه، ننگرپارڪر جو راڻو ڪرڻ جي، رامجي ورڻ، اُڌيسنگهه، ڪلجي، پونجو، مهاسنگهه ۽ روپلو ڪولهي سرِفهرست هئا. ايئن رڻ گجي راڙو ٿيل پارڪر جي پويتر ڌرتي جي بهادري ۽ امرويرتا کي ڪنهن ڪويءَ هن ٻوليءَ ۾ چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛
    چندن گڍ چاوو ڪيو ، جوڌي مچائي جنگ
    لڙيو ساٿ ڪلياڻ رو، اوئان رجپوتان نان رنگ
    رنگ ڪلا، رنگ مهاسينگا، رنگ پونجل، رنگ سگهلي راڻ
    رنگ ڪارونجهر را ڪونگرا، رنگ سوڍا راڻ
    ڪرنل ايوانس ڏانهن هڪڙو قاصد موڪليو ويو جيڪو ڳوٺ ڏينسي وٽ وڃي کين رسيو ۽ فساد جي خبر ڏنائين. اهو اطلاع ملندي ئي فوج موٽي اچي 18 جولاءِ 1859 تي ننگرپارڪر شهر جو گهيرو ڪيو. راڻو ڪرڻ جي ۽ سندس وزير وغيره شهر ڇڏي وڃي جبل ۾ لڪيا. راڻي جا ٽي انتهائي بااعتماد ۽ ويجها صلاحڪار سيٺ مهاوجي لهاڻو، هنس پوري ٻاوو ۽ روپلو ڪولهي جبل ۾ راڻي کي رسد وغيره پهچائيندا هئا ۽ خبر چار پُڻ ڏيندا هئا. جيئن ئي اُن ڳالهه جي خبر تروٽ کي پئي ته هُن روپلي کي گهرائي جاگير ۽ پينشن جون لالچون ڏنيون ته راڻي جو ڏس ڏئي ۽ گرفتار ڪرڻ ۾ سرڪار جي مدد ڪري پر هُو صفا پِڙُ ڪڍي بيٺو ۽ ”نه“ کي آڏا نو ڪوٽ آهن “ سو اهڙي انڪار تي گوروڪاوڙجي پيو ۽ روپلي کي تمام گهڻو تشدد ڪري ڦاسي چاڙهيو ويو پر هُن وفادار ڪولهيءَ پنهنجي ڏيهه جي حاڪم تي ڪو ڇنڊو پوڻ نه ڏنو. انگريزن پاسو بدلائي سيٺ مھاوجي ۽ ٻاوي ھنس پوريءَ کي گُهرائي لالچون ڏنيون ۽ اُنھن دغا ڪري راڻي کي گرفتار ڪرايو. راڻي جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ سندس وزير به گرفتار ٿيو ۽ ٻيا ٺڪر به گرفتار ٿيا. ايئن انگريزن نه رڳو پارڪر جي آزاديءَ جي جنگ کي چيڀاٽيو پر جيڪي گوري فوج جا مددگار ٿيا هئا يا جن تابعداري قبول ڪئي تن کي جاگيرون ڏنيون ويون. ڀوڏيسر جا ٺڪر هن حملي ۾ انگريزن جا مددگار هئا. ڪرنل ايوانس 23 آگسٽ 1859 تي هُنن جي خدمت جو اعتراف ڪندي سفارش ڪئي ته ڀوڏيسر جو ڳوٺ جنهن جي سالياني پيداوار 300 رُپيا آهي سو هِنن کي ۽ سندن اولاد کي هميشه لاءِ ڏنو وڃي. جن کي 6000 ايڪڙ زمين ملي. جن آڻ نه مڃي تن جون جاگيرون ضبط ڪيون ويون جن ۾ ننگرپارڪر جو راڻو ڪرڻ جي ۽ ويراواه جو ٺڪُرُ اُڌيسنگهه پٽ لاڌيسنگهه سرفهرست آهن. پيٿاپور جي ٺڪر جي زال ڦول ٻائي بغاوت وقت پوليس کي پنهنجي ڳوٺ ۾ رهايو ۽ رسد پُهچائي هئي تنهنڪري کيس حياتي ڀر لاءِ 2 هزار ايڪڙ ڍل معافي جاگير ڏني ــ اُڌيسنگهه ٺڪر جڏهن سڀ آڇون نه مڃيون ته کيس 3 سال عُمرڪوٽ ۾ نظربند ڪري رکيو ويو ۽ آزاد ٿيڻ کانپوءِ هڪ سال کانپوءِ وفات ڪري ويو. اُڌيسنگهه جي وفات کانپوءِ سندس پُٽ سامت سنگهه کي 1887 ۾ عمرڪوٽ ۾ منعقد ٿيل راڻي وڪٽوريا جي گولڊن جوبليءَ دوران 6000 ايڪڙ سيڪنڊ ڪلاس جاگير ڏني ۽ ننگرپارڪر جي راڻي جي وارثن کي 3000 ايڪڙ ٿرڊ ڪلاس جاگير ڏني وئي.
    سيٺ مهاوجي جي خدمتن عيوض ڪرنل ايوانس پنهنجي خط نمبر 233 مورخ 20 آگسٽ 1859 ۾ سنڌ جي ڪمشنر ڏانهن لکيو، ” مهاوجي تمام عزت وارو لھاڻو ۽ ڀُڄ جو واپاري آهي. اُتي هن کي ڪرنل ٽريولن چڱي ريت سُڃاڻي. اسانکي ۽ اسانجي لشڪر کي پارڪر پُھچائڻ کانپوءِ تمام ڪارائتي مدد ڏني اٿس. خبرون ڏيڻ ۾ توڙي رسد پهچائڻ ۾ هي دور انديش آهي. هن جي صلاحن کانسواءِ اُنهي وقت ليفٽيننٽ ڪرنل تروٽ به اسان جون سڀئي گُھرجون پوريون ڪري نه سگهي ها“. (رائچند هريجن)
    ڪمشنر سنڌ سر بارٽل فريئر انگريزن جي وفادار ماڻهن يعني جنگ ۾ مدد ڪندڙن لاءِ ممبئي سرڪار کي سُفارش ڪئي. جنهن تي بمبئي سرڪار خط نمبر 1560 مورخ 7 اپريل 1860 ۽ خط نمبر 2039 مورخ 12 مئي 1860 ۾ لکيو ته هيٺيون زمينون ۽ انعام ڏنا وڃن ٿا؛
    1) ڦول ٻائي زال صورت سنگهه رهندڙ پيٿاپُورــ تقريبا 7 هزار ايڪڙ زمين ــ ڍل معاف تاحيات. هِن زمين جي ڪُل پيداوار 400 رُپيا هئي.
    2) عمرڪوٽ جو راڻو ــ ڳوٺ ڪاوڙاــ 6 هزار ايڪڙ زمين ــ ڍل تاحيات معاف ــ هڪ تلوار تحفي طور جنهن جي ماليت 120 رُپيا هئي.
    3) مهاوجي لوهاڻو ــ ڳوٺ ڪاسبو ــ 8 هزار ايڪڙ زمين ــ ڍل تاحيات معاف
    مهاوجي جي وفات بعد ”چارهر“ يعني چار هارين جي پوکڻ جيتري زمين اُن جي ٻن زالن کي تاحيات مليل هئي. هُن جي مرڻ کانپوءِ اولاد نه هئڻ ڪري اها معافي رد ڪئي ويئي.
    هنس پوري ٻاوي کي جبل جي سڄي اُپت تاحيات معافيءَ ۾ ملي. مرڻ کانپوءِ اُن جو ڪو به اولاد نه هو. هن جنگ ۾ ڍاٽ جي ڪيترن ئي سوڍن به انگريزن جي مدد ڪئي تن کي به زمينون، معافيون ۽ پروانا مليا.
    لاڌيو ميگهواڙ جنهن تروٽ کي پناهه ڏني هئي اُن کي به معافي ۽ زمين ملي، جيڪا هِن وقت (تاريخ ريگستان لکڻ وقت ) سندس پوٽي واگهلي وٽ آهي جيڪو حال حيات آهي.
    راڻي ڪرڻ جي ۽ اُن جي وزير تي بغاوت جو ڪيس هليو پئي جيڪو 1860 ۾ ختم ٿيو. راڻي کي 14 سال ”ڪاري پاڻي“ جي سزا ملي ۽ وزير کي 10 سال قيد ڪيو ويو. راڻي جي وارثن ۾ هِن وقت (تاريخ ريگستان لکڻ وقت )راڻو اچل سنگهه ولد رڻڇور سنگهه پارڪر جو راڻو آهي.
    روپلي ڪولهي وطن سان وفاداري ڪئي هئي تنهنڪري سندس نالو اڄ به ماڻهن جي زبان تي آهي ۽ اهو ئي هُن لاءِ امر انعام آهي.
    اها سڄي روئداد اهو ٻڌائي ٿي ته اِها اُن جنگِ آزادي جي هڪ ڪڙي episode هئي جيڪا 1857 ۾ دهليءَ مان شُروع ٿي هئي پر اُن کي هتي پهچڻ ۾ 2 سال لڳا ڇاڪاڻ ته ان وقت مواصلات ۽ معلومات پهچائڻ جا وسيلا ايترا سڌريل نه هئا.۽ صحراءِ ٿر جي ماڻهن 1859 ۾ حُب الوطنيءَ، همت ۽ بهادريءَ جو ثبوت ڏيندي هڪ ننڍي جنگِ آزاديءَ کي تاريخ جي سينڌ ۾ سندور جيان سجائي، جان ۽ مال جي قرباني ڏيئي ، پنهنجي ڌرتيءَ جو مان مٿاهون ڪيو ۽ قربانيءَ جي هڪ لازوال تاريخ جو حصو بڻجي ويا. انگريزن غداريءَ عيوض جن ماڻهن کي زمين ڏني اُنهن جو نالو نشان به ناهي پر روپلو ڪولهي اڄ به ماڻهن جو هيرو آهي. پارڪر جا ماڻهو اڄ به لاڌو سنگهه، اُڌيسنگهه ۽ راڻي ڪرڻ جي جا نالا احترام سان وٺندا آهن. مهاوجي لوهاڻو، هنس پوري ٻاوو ۽ لاڌو ميگهواڙ ڪنهن کي ياد به ناهن ۽ جيڪڏهن ڪيرکين ياد ڪري ٿو ته به غدارن جي لسٽ ۾ ياد ڪيو وڃين ٿو. ٿر جي اِها حُب الوطني ۽ حميت صدين کان قائم دائم آهي.


    علم تواريخ ۽ ٿر جي تواريخ جا تذڪرا

    علم تواريخ ۽ ٿر جي تواريخ جا تذڪرا


    منجهان منهنجي رُوح، جي وڃي ساجن وسري
    مرُ لڳي لوءَ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران
    ايسا ڪوئي نا ملا، جا سي هو من ڪا لاگ
    سب جڳ جلتاديکا، اپني اپني آگ
    __

    ادب جي ٻڳُهڻ ۽ رنگ برنگي دنيا سان واڳيل دوستو!
    اوهان سڀني تي سلامتي هُجي

    هيءُ جلندڙ جڳ ڪروڙين اربين ورهين کان هڪڙي آڳ ۾ جلي رهيو آهي، آڳ جنهن ۾ ويراڳ سان گڏوگڏ سُهاڳ جي سرهائي ۽ انساني نسل جي اوسر لاءِ روشني موجود آهي، جيڪا کيس پنهنجي مُقرر ٿيل منزل ڏانهن وٺِ وڃي رهي آهي ۽ تاريخ بن جي اُن آلي ڪاٺي وانگر سدا جلندڙ ڪائنات جو قومي ترانو آهي، جنهن ۾ تعريف جا تاڪيا به آهن ته طنز جا تير به، مخالفت جون مهميزون به آهن ته ملامت جا مڻ به، تاريخ راسوڙي جهڙو رقص به آهي ته گذري ويل دورن تي ثبت هنيل ڪُتبي تي لکيل ڪهاڻيءَ مٿان بيهي پڙهيل شامِ غريبان پُڻ آهي. اهڙي شامِ غريبان، جنهن ۾ نسلن جو درد سمايل آهي ۽ صدين جو قرض چُڪايل نظر اچي ٿو پر وري ڪنهن نئين دور لاءَ نئون فرض ڪاريهر وانگر ڪر کڻي بيهي ٿو رهي ۽ ايئن تاريخ جو تاڃي پيٽو اُڻجي تيار ٿئي ٿو.

    دوستو!
    ڳالهه اڳتي وڌائڻ کان اڳ اچو ته ڏسون ته ”تاريخ“ آخر ڪهڙي بلا آهي جنهن کي ايترو مٿي کنيو ويو آهي.
    جيمس جوائس جي لفظن ۾ ”تاريخ اهڙو ڀوائتو سپنو آهي، آئون جنهن مان جاڳڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان“
    تاريخ جي هڪ معتبر نالي Cicero مطابق ”تاريخ گذري ويل وقت تي گواهه آهي، جيڪو حقيقت کي نروار ڪري ٿو، ياداشت کي جيئرو رکي ٿو ۽ روزمرهه جي زندگي ۾ سونهون ٿي ڪم اچي ٿو“ پر وري يورپ جي نامياري ليکڪ ۽ تاريخ جي وڏي نانءَ ائڊروڊ گبن چواڻي، ”تحقيق! تاريخ انسان ذات جي ڏوهن، مُورکائين ۽ بدقسمتين کان ڪُجهه وڌيڪ وٿ جو نالو آهي“. يا جرمن فلسفي نطشي موجب، ”هر ماضي مذمت جوڳو هوندو آهي“. فريڊرڪ جيڪسن تاريز متعلق راءِ جو اظهار ڪري ٿو ته، ”هر دور پنهنجي تصور مطابق ماضيءَ کي پيش ڪري ٿو، هر پنهنجي دور جي تناظر ۾ رهندي ماضيءَ جي تاريز لکڻ چاهي ٿو“. وري تاريخ جي وصف لغات جي ڪتابن ۾ هِن ريت لکيل آهي، ”تاريخ واقعن جو بيان آهي، جيڪو ڪنهن قوم يا خطي جو ظهور پذير ٿيل واقعن کي تاريخ وار بيان ڪندو هُجي“. انهن سڀني ڳالهين مان هڪڙي ڳالهه نروار ٿئي ٿي ته تاريخ ڪنهن قوم يا علائقي ۾ ٿيل واقعن جو اهڙو رڪارڊ آهي جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ته انهن ماڻهن جي اُمنگن ۽ احساسن جي تصوير ڪشي آهي ته ڪٿي اُن تصوير کي بگاڙي اُن سماج جي اُن روپ کي لڪائي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. اهائي تاريخ سان ترڪٽِي آهي ۽ اهو ئي تاريخ جو الميو آهي، جنهن جو مُکيه ڪارڻ اهو آهي ته تاريز لکڻ جي اداري جي شڪل رياست ڏياري ۽ رياست جيڪا تاريخ لکرائي سان قصيدي کان وڌيڪ ڪجهه نه هوندي هئي ۽ درٻاري مورخ بادشاهن کي ”ظِل الهي“ قرار ڏيئي اُن دور جي واقعن کي ايئن ڪري ويا آهن ڄڻ خوشحالي سببان کير ۽ ماکيءَ جون نديون اُڻ معاشري ۾ وهنديون هُجن. پر اُن جي باوجود سچ جي ڪا نه ڪا ڪِرن ڪٿان اُنهن تعريفي احوالن مان ليئو پائيندي نظر ايندي آهي جنهن وسيلي اُن دور جي دُرست احوال جو کُر پير ۽ ڏس پتو ملي ويندو آهي ۽ ڏوريندڙ اُن اهڃاڻ کي ڌيان ۾ رکندي ڪنهن سچي احوال تائين وڃي پُهچندا آهن. هن ڪائنات جو اڪيلو سُونهون انسان ذات جو عقل آهي جنهن جي فهم ۽ شعور سان هُو دنيا بابت ڄاڻي ٿو. رنگ و بوءِ جي هي ڪائنات روح ۽ مادي جو سنگم آهي، مادي جي ست ڇڪ واري قوت آهي، روح جو ستُ آزادي آهي، مادي جو ست اُن کان ٻاهر ۽ هٽي ڪري آهي. روح جو ست پنهنجو پاڻ ۾ مضمر آهي جيڪو هُن کي اجهل ۽ آزاد بڻائي ٿو. دُنيا جي تاريخ روح جي تصور جي احساس کان شروع ٿئي ٿي ۽ چئي سگهجي ٿو ته، ”تاريخ روح جي زمان ( (Time ۾ اوسر آهي جيئن فطرت مڪان (Space) ۾ تصور جي اوسر آهي. هر ڪو ماڻهو هر شئي جو اکين ڏٺو ۽ ڪنن ٻُڌو شاهد نٿو ٿي سگهي. تاريخ اُنهن اکين ۽ ڪنن جو ڪم ڏيئي ٿي. جن گذري ويل وقت کي نه صرف ٻُڌو پر ڀلي ڀت ڏٺو به.
    هاڻي اچو ته ٿر جي تاريخ جي تذڪرن جو تذڪرو ڪريون. ٿر ڪائنات طرفان هن ڌرتيءَ جي سيني تي لُڏندڙ ڪٺمال جو مُک جهوڙو آهي، خوبصورت مانگ آهي جنهن ۾ موجود ويران ريگزان، بي آب و گياهه ڪوهسارن، ڪنڊيدار ٻوٽن ۽ وڻراهه ۽ رهندڙ سخت جان ماڻهن ٿر کي دنيا کان نيارو بڻايو آهي ۽ نيارپ تي هر ڪو ريس ڪري ٿو. ريگستان يا ٿر هونئن بظاهر ٺوٺ ڌرتيءَ طور پيش ڪيا ويا آهن پر اها حقيقت آهي ته دنيا جون سموريون تهذيبون انهن ريگزارن جي ڀُرڀرن واري داڻن جي مڻيا مان اُڀريون آهن. اسان جو هي ٿر جو خطو به اهڙو گُڻوان خطو آهي جنهن جي ڏيا ڏيها ڏيهه مشهور آهي. هن خطي جو ذڪر تاريخ ۾ ملي ٿو پوءِ اهي تاريخون ڪنهن ڏيهي جاکوڙي جهونجهار جون لکيل هُجن يا ڪنهن پرڏيهي ڪاموري جا لکيل گزيٽيئر ۽ ٻيو احوال. سڀني پنهنجي وٿ آهر ٿر جو ذڪر ڪيو آهي.علي بن حامد ڪوفي ”چچنامي“ ۾ ٿر کي ياد ڪيو آهي، تاريخِ معصومي لکندڙ به ٿر کي وساريو نه آهي. سمن سومرن ارغونن ترخانن جو احوال لکندي سيد محمد طاهر نسياني هن خطي کي سنڀاريو آهي ته برصغير جي نامياري حڪمران اڪبرِ اعظم جي بوئا گلبدن بيگم ”همايون نامي“ ۾ ٿر کي دلچسپ لفظن سان ياد ڪيو آهي. مير شير قانع ٺٽي واري ”تحفته الڪرام“ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي عمرڪوٽ پڌارڻ واري واقعي کي چٽيو آهي پر ٿر جي تاريخ تي سب کان پهريون تفصيلي ڪتاب ضلعي عملدار ڪپتان اسٽينلي نيپيئر ريڪس Memoir on Thurr and Parkur_Districts of Sindh لکي تاريخ جي تذڪرن ۾ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. ڪاڪي ڀيرو مل ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ لکي ٿر ۾ ٺڪرن جي حڪومت جي طريقه ڪار ۽ ٿر جي مجموعي احوال جو ذڪر ڪيو. عمرڪوٽ جي لائق تپيدار تيجسنگهه سولنڪي ”امرڪوٽ_سنڌ جو اتهاس“ لکي تاريخ احوال سان گڏوگڏ ثقافتي صورتحال جي پُڻ تصوير ڪشي ڪئي. محتم منگهارام اوجها ”پراڻو پارڪر“ لکي اُن م نه رڳو تاريخي ماڳن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي پر ان سان گڏوگڏ ان مالها ۾ لوڪ ڏاهپ جا موتي پُڻ پوئيا جن جي چمڪ ۽ دمڪ اڄ به جڳ کي جرڪائي رهي آهي جيئن؛

    اسين گر را مورلا، ڪانڪر پيٽ ڀران
    رُت آئي نه ٻولان، هينئون ڦاٽ مران

    مسڪين جهان خان مُتعلق مجني بلوچ جو لکيل ڪتاب به هڪ سهڻو تاريخي تذڪرو آهي. ڪرنل جيمس ٽاڊ برِصغير جو سمورو ٿر پيرن مان ڪڍيو ۽ اُن جي احوال کي ٽن جُلدن جي شڪل ۾ “Annals and Antiquities of Rajasthan” جي نالي سان پڙهندڙن تائين پُهچايو. سرڪاري عملدارن ”اُٺا مينهن ملير“ ۽ ”ٿر“ جهڙا يادگار ڪتاب شايع ڪرايا، جن وسيلي ٿر جي تاريخ جا ڪافي لڪيل گوشا نروار ٿين ٿا يا وري آرڪيالاجي کاتي جي هڪڙي ڪاموري “Thar: Land, History and People” لکي ٿر جي احوال کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو. اُن کانسواءِ ڪيترن ئي رسالن، ميگزينن توڙي روزاني اخبارن ۾ ٿر جي تاريخ جو تذڪرو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڇاپيو ويو آهي، جنهن کي پڙهي هن سدا ملوڪ ڌرتيءَ بابت ڪا نه ڪا پروڙ حاصل ڪري سگهجي ٿي. پر سڀ کان وڏو ڪم ٿر جي مرڪزي شهر چيلهار سان تعلق رکندڙ اُستاد رائچند هريجن (راٺوڙ) جو آهي، جنهن تاريخِ ريگستان ٻن ڀاڱن ۾ لکي نالي جي مصران چئي ڇڏي آهي. اهڙو تفصيلي احوال اڄ تائين وري نه لکيو ويو آهي، ٿر جي سموري تاريخ نويسي جي عمارت جو بنياد به انهي هڪڙي تاريخدان جي لکيل تاريخ تي بيٺل آهي. تنهنڪري کيس ٿر جو Herodotus چئبو ته وڌاءُ نه ٿيندو. ٿر جي ايتري تفصيلي تاريخي تذڪري کانپوءِ به ڪافي گُمنام گوشا آهن جيڪي موجوده دور جي تاريخدان کان وڌيڪ لکڻ جي تقاضا ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته ٿر جي ڀلاري ڀونءَ به جڳاندر جهوني آهي. جنهن ۾ پهرين صدي عيسوي ڌاري پاري نگر جهڙو پرکنڊين پڌرو بندرگاه هو، جتي هاڪ رکندڙ هاڪڙو وهندو هو جنهن لاءِ چيو وڃِ ٿو ته اهو ڪاوڙجي منهن مٽي خُشڪ ٿي پاتال ۾ بيهي ويو ۽ اڄ به سرسوتي جي صورت ۾ اربين کربين ورهيه هن جهوني ڌرتيءَ جي تهن هيٺيان موجود آهي تڏهن ته کوکراپار ريلوي اسٽيشن کان پندرنهن ڪلوميٽر اُتر ٿر ۾ سومون سمو ڳوٺ ۾ کوٽايل ٽيوب ويل ۾ پاڻي جو ايترو ڊهه ڦاٽل آهي جو ٻارنهن سو فوٽن کان وڌيڪ اونهائي مان به پاڻي ارڙاٽا ڪري ججھي مقدار ۾ نڪري آيو آهي جو ماڻهو اُن کي مُعجزو سمجهن ٿا.
    ٿر ۾ ڪيئي وڏا ڏُڪار ڇپني (سنبت 1956 جو شديد ڏُڪار) جي صورت ۾ ظاهر ٿيا يا لُوس جي شڪل ۾ وبائون ويهه وهائينديون رهيون، همايون هندستان مان ڀڄي هن ڌرتي تي لڪيو ۽ اڪبر جهڙو ناميارو بادشاهه به عُمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. مغل اڏاوت جي فن جا ابا هئڻ جي باوجود اڪبر جي ڄمڻ جو يادگار ڇو نه ٺهرائي سگهيا. ميرن هن علائقي ۾ نئون ڪوٽ کان کُڏيءَ تائين گڍ ٺهرايا، جيڪي دفاعي اُهڃاڻ هئڻ سان گڏ ٿر کي ٻن حصن ۾ به ورهائين ٿا. برطانيه جي گورن به پنهنجو وارو وڄايو، ڊاڪٽر پالن جهڙا شهري شعور رکندڙ ڪامورا مقرر ٿيا، جن ٿر جي شهرن ۾ بازارون ٺهرائي اُنهن کي وسايو ۽ ترقي ڏياري. هي علائقو اُن لحاظ کان به نرالو ۽ نيارو آهي ته 1857ع واري بغاوت ۾ دهليءَ کانپوءِ جنهن ماڳ تي بغاوت ڀڙڪو کاڌو هو سو ننگرپارڪر هو، پارڪر جي هن رڻ کيتر ۾ ٿيل انهي بغاوت کي چٿڻ لاءِ حيدرآباد ۽ ڏيسا ڇانوڻين کان ڪٽڪ ڪاهي آيا هئا ۽ اُن ۾ روپلي جي ڏيکاريل وفاداري ۽ بهادري اڄ به تاريخ جي جهروڪن ۾ موجود آهي. ساڻيهه جي سڪ جو مشهور ڪردار مارئي اڄ تائين اها اهميت رکي ٿو جو ٻيو ڪوئي ڪردار حُب الوطني ۾ اُن سان برُ ميچي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته مارئيءَ مارن سان ڪيل اُن ازلي وچن کي نه صرف پاليو، تاتيو، پر نڀايو به. بقول شاهه لطيف:

    الست بربڪُم، جڏهن ڪن پيوم
    قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تتِ چيوم
    تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين

    دوستو!
    ان وچن کي سچائيءَ سان نڀائڻ جي ڪٿا جي سچي صورت جو نالو تاريخ آهي. اچو ته ماضيءَ جي واقعن کي مڃيل معيارن مُطابق پرکي پنهنجي نئين تاريخ لکون، جيڪا اسانکي نه رُڳو ماضيءَ جو آئينو ڏيکاري پر مُستقبل ڏانهن وِک وڌائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿئي. جنهن قوم پنهنجي تاريخ کان مُنهن موڙيو تنهن قوم گهڻو لوڙهيو ۽ نيٺ ڌرتيءَ جي سيني تان ميسارجي ويئي. ان جو ذڪر به نه رهيو آهي. دُنيا جي داستانن ۾ مون پنهنجي نقطه نگاهه کان تاريخ کي ڏٺو ۽ توهانجي آڏو پيش ڪيو. توهان مونکي ٻُڌو تنهن لاءَ توهانجي مهرباني ۽ ادبي سنگت مٺيءَ جي دوستن خاص ڪري دليپ ڪوٺاري، جن هيءُ موقعو ڏيئي جيڪو مان ڏنو تنهن لاءَ سندُس لک لائق.

    مُحبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن
    تن جو صرافن، اڻ توريو اگهايو

    حق موجودُ__ سدا موجود

    (ادبي سنگت پاران استاد رائچند جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪرايل ليڪچر)


    پاڻي ناهي پنڌ گهڻو .....

    پاڻي ناهي پنڌ گهڻو .....

    ٿر ۾ جيتري تهذيبي گهڻاگهڻي آهي، امن آهي، سُک شانتي آهي . مهذب سماج آهي تتي ڪجهه مسئلا، ڪجهه مشڪلاتون ۽ ڪجهه للڪارون آهن جيڪي ٿر جي ترقيءَ جي راه ۾ رنڊڪ آهن. ٿرجي مسئلن کي ڏسجي ٿو ته ٿرمسئلن جو گهر رهيو آهي .ٿر ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون ۽ اهنج آهن .ٿرجي ماڻهن جي کي انيڪ للڪارون ڪر کنيو سامهون بيٺيون آهن. انهن سڀني شين تي الڳ الڳ ليکن ۾ بحث مباحثو ڪبو ته انهن مسئلن کي ڪيئن نبيري سگجهي ٿو.ڏکيائين ۽ اهنجن تي ڪيئن قابو پائي سگهجي ٿو.للڪارن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي تياري هئڻ گهرجي. انهن سڀني عنوانن تي ڌارڌارقلم کڻڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته موضوع ايترو ته وسيع ۽ ڳوڙهو آهي جو ان جي وچور ۾ وڃڻ کانسواءِ، ان بابت لکڻ اڪارٿ آهي. ٿر جي مسئلن ۾ غربت ته هونئن ئي وڏو مسئلو آهي پر ان کانسواءِ، خدمتن جي شعبي سان لاڳاپو رکندڙ ڪافي ڪم ڪارآهن جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. انهن مسئلن ۾ پاڻي جو مسئلو سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ پهرين ترجيح جهڙو مسئلو آهي. ٿر۽ پاڻي هڪٻئي کان وڇڙيل ٻئي اهڙيون ڌريون آهن جن کي ڪنهن اهڙو سراپ ڏنو آهي جو صديون اڳي جيئن ڌار ٿياآهن تيئن وري سولامليا ناهن. پاڻي ٿر لاءِ سڀڪجهه آهي ته ٿر به پاڻيءَ لاءِ تڙپي ۽ ترسي ٿو. هاڻي ته موسمي ڦيرگهير جا اهڙا ڦيراڦرياآهن جو يا ته ٿرکي پاڻي ججهو ملندو يا وري ٿر ويترويران ٿي ويندو. جن جي اندر ۾ اڃ هوندي آهي ، ڀٽائيءَ جي بقول پاڻي انهن لاءِ اُڃيو هوندو آهي پر شايد ٿر جي اندر ۾ اڃ ناهي جيئن ڪوئلي جي کوٽائي واراکڙڪ ڏين ٿا ته پاتار ۾ 3 ناروهن ٿا جن ۾ اٿاه پاڻي آهي. ٿرجي اندروجو اهو پاڻي متان ٿر ڏانهن ايندڙپاڻي کي روڪيندو هجي. تنهن ڪري اڃا ٿر تاساري تاڙي وانگر پاڻيءَ لاءَ تڙپي پيو.ٿرپنهنجي اُڃ اجهائڻ جي ضرورت کي جن ضرورتن سان پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تن ۾ برساتي پاڻي، کوهن جو پاڻي، ٽيوب کوه، آر او پلانٽ ۽ دريائي پاڻي جي پائيپ لائن آهي.انهي جي باوجود ٿر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو جيئن جو تيئن آهي .انهن سڀني ذريعن وسيلي لڀندڙپاڻي ضرورت کان گهٽ آهي. آرهڙ جي گرم موسم ۾ جڏهن پاتار جو پاڻي به هيٺ لهي ويندو آهي ته پاڻيءَ سان لاڳاپيل ڪيتريون بيماريون وبا جي صورت اُٻڙڪي پونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته انساني جانيون زيان ٿي وينديون آهن.
    پلرپاڻي آڳاٽو وسيلو آهي جنهن سان پيئڻ جي پاڻيءَ توڙي مال کي پاڻي پيئارڻ جو پورائو ڪرڻ لاٰءِ مختلف بندوبست ڪيا ويندا هئا. شروع ۾ جيڪي ڳوٺ آباد ٿيا تن جي نالن ۾ لفظ ”سر“ پڇاڙيءَ طور ڪم آيو آهي جيئن ويساسر، ڀيماسر، راوت سر. لفظ سر جي معنى برسات جي پاڻيءَ جي گڏ ٿيڻ جو قدرتي هنڌ. چئوماسي جي مند ۾ جڏهن مينهن پوندو آهي ته ڳوٺن ۾ توڙي جهنگ ۾ برسات جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو.اها الڳ ڳالهه آهي ته ان کي محفوظ نٿو ڪيو وڃي ۽ اهو ضايع ٿي وڃي ٿو.ڳوٺن ۾ آباديءَ جو پاڻي وهي هيٺاهين وارن هنڌن تي بيهي ٿو يا وري مسجدن وغيره جا اڱڻ وسيع آهن ته اتي به پاڻي گڏ ٿئي ٿو جنهن کي ڳوٺاڻا ڀري پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا.اهو پاڻي پلر ۽ مٺو هوندو آهي پر هيٺ مٽي ۽ ٻيو ڪن ڪچرو گڏٿيڻ سان صاف پاڻي جي دائري مان خارج ٿي وڃي ٿو. پلرپاڻيءَ جا آباديءَ جي آسپاس يا ان کان ٻاهر جهنگ ۾ جيڪي گڏٿيڻ جا هنڌ آهن تن جا الڳ الڳ نالا آهن جيئن ڊهو، ٽوڀو، تلي يا ڏهري، ترائي وغيره. ڊهو ۽ ٽوڀو برساتي پاڻيءَ جي گڏ ٿيڻ جا مختصر ماڳ آهن جن ۾ پاڻي جو ٿورو مقدار گڏ ٿئي ٿو.ڊهي ۽ ٽوڀي مان گهڻو ڪري پيئڻ جي پاڻي جي ضرورت جو پورائو ڪبو آهي ياوري چوپائي مال جا ننڍا ڦروغيره پاڻي پيئن ٿا ڇاڪاڻ جو اهڙا ننڍڙا نياڻ گهرن جي ويجهو واري پٽ يعني اجهور ۾ هونداآهن. جهنگ ۾ به ٽوڀا ۽ ڊها ٿين ٿا پر تمام گهٽ. جهنگ ت ۾ ترايون آهن جن ۾ پاڻي ججهي مقدار ۾ گڏ ٿئي ٿو. ڪٿي ڪٿي اهو پاڻي چار چار مهينا به هلي ٿو. تراين جا نالا به رکيل آهن مثال طور، راڻاسر، پڙائي، ليٽاڙو، ڏنهين ، پڌريو، وغيره . ترائي اهڙو گڏيل نواڻ آهي جنهن جي آسائش جي اجهي ڪيترائي ڳوٺ هونداآهن ۽ ڳوٺاڻا ان جي صفائي سُٿرائي وغيره جو پاڻ خيال رکندا آهن ۽ تراين جي پاڻيءَ جو دارومدار انهن ۾ موجود چيڪي مٽيءَ جي تهه تي هوندو آهي پر جيڪڏهن ان جي غير ضروري هٿ چراند ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ ترائي خراب ٿي وڃي ٿي ۽ پاڻي نٿي جهلي. اهڙي هٿ چراند ڪڏهن ڳوٺاڻا مٽي ڪڍڻ لاءِ ڪندا آهن ته ڪڏهن وري روڊ رستا ٺاهڻ لاءِ بنا ڪنهن تور ماپ ۽ ليکي چوکي جي اهي ترايون ناس ڪيون وينديون آهن. روڊن جي آسپاس جون ترايون يا ته ختم ٿي ويون آهن يا وري ترايون نه رهيون آهن ۽ پاڻيءَ جو ڪو ڇڏو بنجي چڪيون آهن. ان ۾ اين جي او جي نالي ۾ هلندڙ پروجيڪٽن پويان چرين وانگر اڏامندڙ ادارن به وسان نه گهٽايو. انهن تراين جي مرمت جا پروجيڪٽ بنا ڪنهن فني يا سماجي صلاح مصلحت ٺاهي جن ٺيڪيدارن يا ڳوٺاڻن کي ڏنا تن ترائي کي مڙئي کوٽي خراب ڪري، ڪوڙا بل ڪڍائي کائي ڇڏيا. اهڙين سمورين مرمت ٿيل تراين جي هن وقت جيڪڏهن جاچ پڙتال ڪبي ته هرهنڌ ڀينگ نظرايندي. انهي سموري عمل سان ٿر جي زميني سطح کي وڏو هاڃو رسيو آهي. برساتي پاڻي به ميگهارت جي مهربان ٿيڻ تي آهي جي وٺو ته واه واه! نه ته سرسڃا لڳا پيا هوندا ۽ مارو اڃ جي ماري هيٺ اچي ويندا.
    کوهن وسيلي زمين مان پاڻي ڪڍي پيئڻ ، گهريلو استعمال ۽ مال لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. سڀ کان وڌيڪ پاڻي هن ذريعي سان حاصل ڪيو وڃي ٿو. هن وسيلي سان پاڻي حاصل ڪرڻ جون پنهنجون رڪاوٽون ۽ حدون آهن جن جا بدلجندڙ دور سان ڪجهه حل به ڪڍيا ويا آهن پر اهي به جٽادار نه آهن. هڪ ته پاتار جو پاڻي گهڻو اونهو آهي. جيڪو پاڻي کوهن وسيلي ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو سو سيمي جو پاڻي آهي تنهنڪري ان جو مقدار گهٽ آهي. مٿان وري ٿر ۾ جر جي پاڻيءَ جا نار اڀياسبا ته اهي ڏکڻ اولهه ڪنڊ کان شروع ٿي اتر اوڀر ڪنڊ ڏانهن وڃن ٿا . ڏکڻ اولهه ۾ پاڻي زمين جي مٿاڇري کي ويجهو آهي ته اتراوڀر ۾ وري اهي نار تمام اونها آهن. ٿر جي وچ واري علائقي يعني ڪنٺي ۾ جر جي پاڻيءَ جي سطح وچٿري آهي. پارڪر ۾ جر جي پاڻيءَ جو دارومدار برساتي پاڻيءَ تي آهي ڇاڪاڻ جو اتي ڪارونجهرڇپر يعني ٽڪرين جي سلسلي مان جيڪو پاڻي ندين جي صورت ۾ وهي اچي ٿو ان جو وڏو مقدار رڻ ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪو پاڻي زمين ۾ جذب ٿئي ٿو اهو وري پاتاري پاڻيءَ کي چڪارڪري ٿو. جڏهن گهٽ برساتون پونديون آهن تڏهن پارڪر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي پوندي آهي. کوهن مان پاڻي ڪڍڻ جو جيڪو طور طريقو آهي تنهن سان پاڻيءَ ۾ گند ڪچرو ججهي مقدار ۾ شامل ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته کوه وارڻ واري رسي يا ورت سان سارڻ مان گڏهن جي لڏ ۽ رسي جي تاندورن سميت ڪيتريون ئي گنديون شيون اچي پاڻيءَ ۾ شامل ٿين ٿيون جيڪي مختلف بيمارين جو سبب بنجن ٿيون. انهي سان گڏوگڏ ، اڪثر ڳوٺن ۾ جر جو پاڻي ٻاڙو آهي يا کارو آهي. انهي پويان ڳوٺن تي نالا به پيا آهن جيئن؛ کارو حبيب، کاريو نرا، . ڪٿي ڪٿي اهو پاڻي ايترو کارو آهي جو گرمي جي مند ۾ جيڪي پکي اچي پيئن ٿا اهي به مري ٿا وڃن. ان کانسواءِ ٿر جي پاڻيءَ ۾ ٻيون معدني شيون جهڙوڪ فلورائيڊ، ۽ سنکيو وغيره به شامل آهن جن جي ڪري ڏندن جون بيماريون، پيٽ جون بيماريون، گردن ۽ مثاني جون بيماريون ۽ سنڌن جو سور جهڙيون بيماريون عام جام آهن. ڪجهه ڳوٺن ۾ جتي بجلي وغيره آهي اتي اونها هٿ پمپ يا پاڻيءَ ۾ اڌٻڏل پمپ (submersible pump ) جن کي عرف عام ۾ ”سمرپمپ“ چيو وڃي ٿو تنهن جا تجربا به ڪيا وياآهن پر اهي تمام ٿورن ڳوٺن ۾ آهن.
    رورس آسموسس پاڻي کي ري لوڻ (desalinate)ڪري پياڪ بنائڻ جي حرفت آهي جنهن کي دنيا ۾ آخري اپاءَ طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ٿر ۾ به انهي حرفت جا محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ وڄوٽي ۽ مانٻائيءَ جي تڙ ۾ تجربا ٿيا. ان کانپوءَ ڪن غيرسرڪاري ادارن انهي حرفت تي هٿ پڪو ڪيو ۽ ڪجهه ڳوٺن ۾ اهڙاپلانٽ لڳايا . اهي سموراپلانٽ هن وقت هلندڙ ناهن. ماضيءَ جي حڪومتن به ڪن شهرن ۾ اهو تجربو ڪيو پراهو ڪو جٽادار ثابت نه ٿيو. تازو ٿر جي ڪافي ڳوٺن ۾ ۽ مٺي شهر ۾ به اهڙا پلانٽ لڳايا ويا. مٺي شهر واري پلانٽ جي ايشيا جي وڏي پلانٽ طور مشهوري ڪئي ويئي پر پوءِ ڌڻي به ان ڳالهه تان ڦري ويا ۽ انهن رٿائن ۾ مسئلا پيدا ٿيندا رهيا. ڪنهن بين الاقوامي اداري جي رپورٽ مطابق ٿر جي ڳوٺن ۾ لڳل اهڙن پلانٽن مان اڌواڌ مختلف سببن جي ڪري بند پيا آهن. ڪجهه ڳوٺن ۾ سازدا جي دور ۾ ٽيوب کوه لڳايا ويا ۽ پوءِ ان ۾ ضلعي حڪومت واڌارو ڪيو. ڪول اٿارٽي به اهڙيون رٿائون جوڙايون. ٽيوب کوهن وارين رٿائن مان اهي هلندڙ آهن جيڪي ڳوٺاڻن جي پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪن ٿيون ۽ جن ۾ ڳوٺاڻا دلچسپي وٺن ٿا يا جن رٿائن کي ضرورت وقت سرڪاري مدد ملي ٿي.
    دريائي پاڻي وسيلي به ٿر۾ پاڻي جي شروعات چيلهه بند وٽان ڪڍيل پائيپ لائن وسيلي ڪئي ويئي. ٻي لائن نئين ڪوٽ کان مٺيءَ تائين شروع ٿي ۽ اڳتي ننگرپارڪر تائين ڪم هلندڙ آهي. اسلام ڪوٽ تائين پاڻي اچي ٿو. اهو پاڻي تمام ٿوري آباديءَ جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو. نئين ڪوٽ ۽ مٺيءَ جي وڄ وارن مهراڻي جي ڳوٺن کي به ان لائين جي ٽانڪن مان پاڻي ملي ٿوپر اهو پاڻي يا ته گڏهن جي جنڊي تي پيل ڪين جي صورت ۾ آهي يا وري سنهي سيپڪڙي ڪمزور جسم وارين ٿري عورتن جي مٿي تي ۽ ڪڇ ۾ کنيل دلن جي صورت ۾ آهي جيڪو بذات خود هڪ ڏکيو عمل آهي.

    انهي سموري وچور ۾ ڪجهه ڳالهيون اهم آهن. جيڪي هن ريت آهن؛
    • ”جديد “ سڏجندڙ دور ۾ پاڻيءَ جي اڄ به ٿر ۾ کوٽ آهي. ان جي پورائي لاءِ جيڪي رٿائون ۽ منصوبا ڪم آنداوياآهن اهي ٿر جي پاڻيءَ جي کوٽ کي پورو ڪري نه سگهيا آهن
    • مقدار جي لحاظ کان پاڻي ته گهٽ آهي پر معيار جي لحاظ کان به ناقص آهي يعني ٻاڙو آهي، کارو آهي يا ميرو آهي يا معدنيات مليل آهي
    • پاڻي ڪڍڻ، ڀرڻ ۽ سنڀالڻ جي ڪم ۾ عورت تي تمام وڌيڪ بارآهي جيڪو آبادي جي اڌ حصي کي بُريءَ طرح متاثر ڪري رهيو آهي. جيستائين عورت جي مٿي تان گهڙو نٿو لهي تيستائين ترقي جون سڀ دعوائون بي معنى آهن.
    • پاڻيءَ جي ڪري ڪافي بيماريون ٿين ٿيون جن سان ٿرجي ماڻهن جو صحت بابت خرچ وڌي وڃي ٿو پر انهن جي عام تندرستي خطري هيٺ اچي وڃي ٿي. اهو عمل غربت جي دوزخ ۾ واڌارو ڪري ٿو
    • پاڻي جي انتظامڪاريءَ تي ماڻهن جو جيڪو وقت سيڙجي ٿو اهو کين ٻئي ڪم ڪار کان روڪي ٿو . نتيجي ۾ سندن آمدني گهٽجي وڃي ٿي جيڪا به غربت ۾ واڌارو ڪري ٿي.

    اهي ته چند ڳالهيون هيون پر اها فهرست ڊگهي آهي. پاڻي سان لاڳاپيل سمورين ڳالهين ۽ مسئلن کي نظر ۾ رکندي، سرڪاري ادارا، غيرسرڪاري ادارا راڄن جي ماڻهن ۽ فني ماهرن جي صلاح سان، پاڻيءَ بابت اهڙو جامع منصوبو جوڙين جيڪو ٿرمان پاڻي جي مشڪلاتن کي هميشه هميشه لاءَ ختم ڪري ڇڏي. ان سان صحت جا مسئلا به گهٽجي ويندا ته غربت گهٽجڻ جو ڪم به اڳتي وڌندو.اهو ڪم جيترو جٽادار بنيادن تي ڪيو ويندو اوتروئي وڌيڪ لاڀدائڪ ٿيندو ۽ ٿر ۾ خوشحالي ، سُک ۽ سرهائي آڻيندو.


    کوهه ،اُنجي انجنيئرنگ ۽ اُ ن سان لاڳاپيل لفظ

    کوهه ،اُنجي انجنيئرنگ ۽ اُ ن سان لاڳاپيل لفظ

    ٿر اِهڙو وارياسو، باراني خطو آهي جنهن جي خوشحالي ۽ ساوڪ ڪنهن زماني ۾ اهڙي اوج تي هئي جو اُن جي نامکار مُلڪان ملڪ مشهور هوندي هئي، ۽ سمورو خطو ڪنهن وقت سمنڊ هو ۽ ڪارونجهر جي جوڙجڪ ظاهر ڪري ٿي ته اهو جبل 3.5 ارب سال جهونو آهي جڏهن هن ڪائنات ۾ هڪ جيوي (Unicellular) جيوت مس موجود هئي. پوءِ اهو پاڻي هٽندو ويو ۽ خشڪي نروار ٿيندي ويئي تان جو سنه 1. عيسويءَ دوران هتي دنيا جي مصروف ترين سمنڊ ڪناري جا اهڃاڻ ملن ٿا. جتي ٻيڙيون هلنديون هيون ۽ پارڪر جي ٽاڪرو ۽ مٽيهاڻي ڌرتيءَ تي ناريل به ججهو ٿيندو هوجيئن سڏونت سارنگا جي مشهور قصي ۾ذڪراچي ٿو،

    پاري ننگر کان پڌاري، ڪرجو ڀڳوئا ويس،
    جنهن گهر ناريل رونکڙو،تنهن گهر ڪرجو اليک،

    اهو پاڻي نه صرف مٿاڇري تان هٽندو ويو پر زمين اندريون پاتار جو پاڻي به هيٺ ويندو رهيو ۽ ٿر هڪ اُڃاريءَ ڌرتي طور سُڃاڻپ ماڻي ۽ پاڻي جي اها سطح ڏکڻ اولهه ڪنڊ کان اُتر اوڀر ڪنڊ ڏانهن رُخ رکندڙ آهي. يعني اهو اولهه ڏکڻ ڪنڊ واري علائقي يعني وَٽِ ۾ پاڻِيءَ جي سطح ويجهي آهي ته اوڀر اُتر ڪنڊ ڏانهن يعني ڇاڇراٽي واري علائقي ۾ اُها هيٺ هلي وڃي ٿي ۽ اهو اثرزميني مٿاڇري جي اوڀر ۾ پڻ ڏسي سگهجي ٿو. جئين جئين آبادي آباد ٿي ته ماڻهن پنهنجي جياپي لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ جا مُختلف طور طريقا ڳولهي لڌا جن ۾ هڪ ذريعوهو برساتي پاڻي ۽ ٻيو ذريعو زير زمين پاڻي آهي ۽ زمين مان پاڻي ڪڍڻ بابت جيڪي لفظ ،اصطلاح ۽ ٻيون وٿون ٻوليءَ ۾ داخل ٿيون انهن جي اُپٽار ڪرڻ ضروري آهي جئين بدلجندڙ دور جي دز ٻوليءَ جي انهي ذخيري کي دونهاٽي ڪنهن وقت جي هندستاني نوابن وانگر گم نه ڪري ڇڏي.
    زير زمين پاڻي ڪڍڻ لاءِ ٿر ۾ ” کوهه“ ئي وڏو وسيلو آهي جنهن جا مختلف قسم آهن. کوهه کي تڙ، ويرو، ويري چئبو آهي ۽ لفظ ويري يا ويرو ۽ عربي لفظ بئر ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي . بئر جي معنيٰ پڻ کوهه آهي ۽ ٿي سگهي ٿو بئر، بگڙ جي بير ۽ وير ۽ ويرو ٿيو هجي يا وري سنڌي لفظ ويري جو اثر عربي زبان تي هجي. لفظ بير جو ذڪر شاهه لطيف جي شعر ۾ پڻ آهي.
    بير کنيائون برن ۾، پيارين پهون،
    سنجن ساٺيڪن، تي وڏيءَ ويل وهون،
    پايو جر جنڊن ۾، ڪوڏان ڪن ڪهون،
    ڏينهون ڏينهن نئون، مونکي ورهه ويڙهييچن جو.

    اهڙي طرح کوهه کڻڻ جو طور طريقو ۽ انجنيئرنگ به مختلف دورن ۾ مختلف نموني رهي آهي. شروع شروع ۾ڏلهه ڏيئي، واري هٽائي ،کليل کڏ Open pit وانگر کوهه تيار ڪيو ويندو هو۽ اهو تمام ڏکيو ڪم هوندوجيئن اڄڪلهه سڄي دنيا ٿر جي ڪوئلي ۾ اکيون وجهيو بيٺي آهي پر اهو به اونڌي ٻانڌي واري طريقي سان نڪرندو سو وڏن گبرن جي اڃا دال ڳري نه سگهي آهي.اهڙيطرح اڳتي هلي کوه کوٽڻ جي طريقي ۾ انقلابي تبديلي آئي جنهن جو سهرو رواتسر جي ميان عبدالحق جن جي سر تي آهي. مالڪ کيس جنت نصيب ڪري، جنهن(9x13) المعروف نَوتيري سِر ايجاد ڪئي ۽ اونڌي ٻانڌي جي ٽيڪنڪ وسيلي کوهه تعمير ڪيا ويا.انهيءَ ٽيڪنڪ سان ٻڌل ٿر جو پهريون کوه راوتسر ۾ مولانا صاحب پنهنجي نگرانيءَ هيٺ ٻڌارايو.
    اونڌي ٻانڌي ۾ مٿان کان هيٺ کوهه کوٽبو وڃبو آهي ۽ گڏوگڏ سِرَ هڻندا ويندا آهن ۽ سر جي ماپ 13x9 هئڻ جي ڪري اُها بلڪل گول گهيرو ٺاهي بيهي ٿي ۽ سر ۾ سر ڳنڍجي مضبوط ٿي وڃي ٿي۽ اُتان سر گِسڪڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. زمين جي سطح کي ويجهو پاڻي به موجود آهي .جئين وٽ جو علائقي ۽ ڏيپلي تعلقي جي ڪجهه حصي ۾ پاڻي ايترو ته ويجهو آهي جو ڪٿي ڪٿي گوڏا کوڙي جانور اُن مان پاڻي ڀري سگهي ٿو ۽ ان جي ڪري گوڏانگڙي ڳوٺ مشهور ٿيو ۽ ڪٿي وري اهو زير زمين پاڻي ايترو مٿي آهي جو ٿورڙي زمين کوٽي کڏو ٺاهبو ته پاڻي ظاهر ٿي ايندو جنهن مان ڪتو به زبان وسيلي پاڻي آسانيءَ سان لَڪِي سگهي ٿو انهي جي ڪري هڪ ڳوٺ تي نالو به ڪُتاني پيو. ڪن علائقن، جئين ڇاڇراٽيءَ جو اُتر اوڀر وارو علائقو اونهي پاڻيءَ جي ڪري مشهور آهي جتي ڪن ڳوٺن ۾ کوهه سُٺ پُرهه (350 فوٽ) اونها آهن ته ڪٿي سَو پُرهه (550) اونها آهن جن کي ترتيبوار ساٺيڪا ۽ سوئيڪا يا سوپرسا چيو وڃي ٿو. لطيف سائين پڻ مٿئين بيت ۾ ساٺيڪن جو ذڪر ڪيو آهي، ڪٿي کوهن کي پار پُڻ چيو ويندو آهي. پار اهڙ ا کوهه آهن جن ۾ سال جا ڪُجهه مهينا پاڻي موجود هوندو آهي ۽ تک جي ڏينهن ۾ اُهي سُڪي ويندا آهن پار جو اڪثر پاڻي مِٺو هوندو آهي پر تمام ٿورو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته اُهو سيمي جو پاڻي Seepage Water آهي ۽ ٿر ۾ جيڪا به انساني آبادي ٿي آهي ان جو محور ۽ مرڪز اهي کوهه، پار، ويرا يا ويريون ۽تڙ رهيا آهن تنهنڪري ڳوٺن جي اڪثريت ۾ تڙ، کوهه، پار، ويرو يا ويري ۽ ڪٿي پچاڙي طورته ڪٿي ڪٿي اڳاڙيءَ طور شامل آهي جيئن: وليءَ جو تڙ، وليءَ جي ويري، کيمي جو پار، تڙ حمير وغيره. جتي پاڻي مٺو نڪتو آهي ته انهن آبادين جا نالا به پاڻيءَ جي نسبت سان رکيا ويا، جئين مٺو تڙ يا مٺڙيو ۽ کاري پاڻي هجڻ جي ڪري کارو ۽ کاريو نالا رکيا ويا جئين کارو جاني ، کاريو غلام شاهه وغيره.
    کوهه کوٽيندي وچ ۾ پٿريلو تهه ايندو آهي جنهن کي ” روهڙي“ چوندا آهن ۽ اُها روهڙي کوهه جي اڏاوت ۾ سنگ ميل جي حيثيت ۾ رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيترو پٿر مضبوط هوندو اوترو اهو باقي اڏاوت کي سوگهو جهلي بيهندو. کوهه ۾ عام طور 3 کان 4 روهڙيون اچن ٿيون ۽ روهڙي جي انهي مضبوطي واري حيثيت سبب ٻوليءَ ۾ ” روهڙي ڊهڻ“ جو اصطلاح مروج ٿيو ۽ اهڙو ماڻهو جنهن جو ارادو لڏندڙ هوندو ۽ اُهو پنهنجي عمر کان هٽي ڪري قدم کڻندو يعني پيريءَ ۾ ٻارن جهڙا ڪم ڪندو ته چوندا ته فلاڻي جي روهڙي ڊهي ويئي آهي ۽ روهڙيءَ ڊٺي کان هر ڪو پرتي ٿي ويندو آهي. کوهه جُڙي راس ٿيڻ تي ،پاڻي پڌرو ٿيڻ کانپوءِ کوهه جي تر ۾ ڪنڊي جي ڪاٺن ۾ ٺهيل چرخ هنيو ويندو آهي جنهن کي چرخ ڳارڻ چيو ويندو آهي .چرخ ڳارڻ جو عمل انتهائي مهارت وارو ڪم آهي جنهن لاءِ ڪاريگر کوهاڻي جوهجڻ ضروري آهي. عام طور اهو چرخ ڪنڊي جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويندو آهي ۽ ورهاڱي کان اڳي گجرات صوبي جي سانڪي واري علائقي مان هڪڙو مضبوط پٿر آڻي لڳايو ويندو هو ۽ هن وقت اُن جي جاءَ سمينٽ سان سرن جي مضبوط اڏاوت والاري آهي جنهن کي ڪوٺي سڏيو ويندو آهي ۽ اونڌي ٻانڌي ۾ سرن جي جاءِ سيمينٽ جي firm والاري آهي جنهن کي عام ماڻهو ”فرمو” سڏين ٿا. کوهه تيار ٿيڻ کانپوءِ اُن تي اڏون ۽ اواڙايا اها ءَ ٺاهيا ويندا آهن. اڏو ن اُهو حوض آهي جنهن ۾کوه مان ٻاهر ڪڍيل پاڻي پهريائين وڌو وڃي ٿو جتان پوءِ مال کي پيارڻ لاءِ اوڙايا اُهاءَ ڀريا وڃن ٿا ۽ اڏون مان جن Channels وسيلي پاڻي اواڙن ۾ وهايو ويندو آهي تنهنکي نِڪ چئبو آهي. شروع شروع ۾ اواڙا مٽيءَ مان ٺاهيا ويندا هئا پر هاڻي پڪين سِرن ۽ سيمينٽ مان مضبوط اواڙا اڏيا وڃن ٿا. اواڙي کي چوڌاري ڪنڌي هوندي آهي ۽ دروازو پڻ چاڙهيو ويندو آهي. پر کوهه واري پاسي ڪاٺيون رکي اهڙو لنگهه ٺاهيو ويندو آهي جنهن تان ماڻهو ضرورت وقت ٽپي وڃي سگهي پر مال نه ٽپي سگهي انهي لنگهه کي سينگاري چئبو آهي.
    اڳئين وقت ۾ کو هه مٿي ٻڇانگي ڪاٺي کوڙي “ڪُهڙ” ٺاهي ويندي هئي. هاڻي اُن جي جاءِ سيمينٽ مان ٺهندڙ ڪُهڙ والاري آهي. ڪُهڙ جن ڪاٺين يا ٿنڀن تي کوڙي ويندي آهي تن کي “کَرَ” چئبو آهي ۽ ڪُهڙ جي ٻڇانگ واري وچئين حصي تي“ ڦرهڙي” يعني سڌي پٽي لڳائي اُن تي ٻه ڪاٺيون هنيون وينديون آهن جن کي“ مڪڙا” چئبو آهي.مڪڙن وسيلي ڪُهڙ تي “ڀُوڻ” چاڙهبو آهي. ڀوڻ هڪ سادي ڪَلُ آهي جنهن بابت شاهه سائين هن ريت فرمايو آهي:
    ڀُوڻ ڀُڻڪو نه سُڻان، ٻُري نه ٻڪر دانهن
    ميان ماروئڙن جا، اونها ڏٺم آنهن،
    جن ساٺيڪا ٿي سنجيا، سي ڌئي ڪيڙي ڪانهن
    پکا کڻي پر انهن، جيڪس لڏيو لوئڙيا ريين،
    ڀوڻ مڪڙن تي هڪ سنهي ۽ سڌي ڪاٺي وسيلي چاڙهيو ويندو آهي. اُن ڪاٺيءَ کي “اوڙڪ” چئبو آهي ۽ اوڙڪ جنهن سوراخ مان لنگهائبو آهي اُن کي ” ساڻ“ چئبو آهي ۽ ساڻ کي گسڻ کان بچڻ لاءِ اُن ۾ اڳ لوهه جون “آڻيون” لڳايون وينديون هُيون. هاڻي آڻين جي جاءِ گاڏين ۽ موٽرن مان نڪتل بيئرنگ ڦيٿين والاري آهي ڇاڪاڻ ته اُن ۾ گاٺ گهٽجي وڃڻ ڪري بار هلڪو ٿي وڃي ٿو ۽ انهي گاٺ کي وڌيڪ هلڪو ۽ لسائيندڙ بڻائڻ لاءِ تيل ۽ مکڻ جو “وانگ” ڏنو ويندو آهي. کوهه هلڻ، دوران اوڙڪ جي گهڪي سببان ڀوڻ جو ڀُڻڪو ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي. ڀوڻ ڪنڊي جي ڪاٺيءَ مان جنڊي چاڙهي ٺاهيو ويندو آهي پُر ان ۾ اوڙڪ ڪونڀٽ يا ٻير جي سڌي ۽ بغير انگ يعني نڪتل ڇيت جي ڪاٺيءَ جو هنيو ويندو آهي. اوڙڪ جو ذڪر ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ ڪجهه هن ريت آهي.

    ڀني ٿاڀُڻڪن ، اوڙڪ اباڻن جا،
    چڙهيو کڻي چوڦريون، ساٺيڪا سنجن،
    تساريون تڙن تي، پايو گهنڊ گهڙڻ
    سويريون سهڙن، کينءَ ۾ کيڙين جون.

    کوهه جي مُنهن کان وٺي اُن ڇيڙي تائين، جيستائين ”ڪوسايا“ ويندا آهن يعني کوهه جيتري ساڳي مفاصلي واري رستي کي “سارڻ” چئبو آهي ۽ سارڻ جي ڇيڙي کي“ سارڻ جو مٿو” چوندا آهن ۽ مُنهن واري حصي کي “ مُنهيون” چون. مُنهيين تان جڏهن ڪوسايا هڪلي “کيليو” الله تو آهر ڪري ته اِن کي ” اوڪاهڻ“ چون ۽ “هئوڪاري” کانپوءِ جئين پاڻي ڪوس مان اڏونءَ ۾ هاربو آهي ته گوسي وڏي آواز سان “ميلهه” چوندو آهي ۽ ان ميلهه ڪاري، هؤڪاري ۽ اوڪاهه جي آواز ۾ آهنگ آهي ۽ اُن ۾ اهڙو ته ڪن رس آهي جو سمورو سٽاءُ يعني گوسي کيليو ۽ پاڻهياريون ۽ ٻيا ماڻهو لطف اندوز ٿيندا آهن ۽ اهو آهنگ سندن لاءِ همٿ ۽ ٽيڪو آهي. دُنيا جا سمورا ڏکيا علائقا جن ۾ زندگيءَ جا حالات مشڪل هوندا آهن ماڻهو پنهنجي گُذارن يا مال جي سانگي هلندا رهندا آهن، تن علائَقن م انهيءِ قسم جا آهنگ ۽ آکاڻيون سرجنديون آهن جيڪي ماڻهن کي مشڪلاتن ۾ سهاري جو ڪم ڏيندا آهن. ۽ اُهي انهي املهه ورثي کي نسل در نسل منتقل ڪندا رهندا آهن. دنيا جو سمورو لوڪ ادب اِن ريت سرجيو ،وڌيو ويجهيو ۽ اُسريو آهي.
    هاڻي اچون ٿا کوه مان پاڻي ڪڍڻ واري عمل تي ،جيڪوڪم پنهنجو پاڻ ۾ پيچيدو ۽ مُشڪل آهي ۽ اُن ۾ ڪيتريون ئي شيون ۽ ٽيڪنيڪون شامل آهن جن ۾ وقت گُذرڻ سان گڏ وگڏ ماڻهن جدت پڻ آندي آهي پر بُنيادي ڍانچو ساڳي آهي .کوهه مان پاڻي ڪڍڻ ۽اُن سان لاڳاپيل لوازمات جو ذڪر ڪندي ٿر جو ڀلوڙ شاعر محمد هڱورجو هِن ريت اظهار ڪري ٿو:
    ادا ڪهڙيون ڪريان ڳالهيون، اباڻن جي اپارن جون،
    پيارڻ مال لئي مارن، سندي حيلن هزارن جون،
    وهائين تيڻ تڙ تاڳا، پيارين مال ڪري ساڳا،
    هلائين وهٽ، ڍڳا، ڏاگا، ڪوساين ڪوڏوارن حون،

    “ڪوڙائي” “ڪوس” ڪشي هيڪر ،“ ٻُنڀي” ۾ سو ٻڌن ٻيهر،
    ورائي“ ورت” وٺڻ اڪثر، ڌڻي جي نانءَ ڌئارن جون،

    “پاڃاريون”، ‘آڙنگا’، ‘ڳاٽا’، ٻڌن ‘سيرڻ’ سُٺا سانٽا،
    ‘ڪوسايا’ڪي تکا ماٺا، کرن، ‘کيلين’ خسارن جون،

    ادب سان ‘ڪوس’ اوڪائي ، وڃي کيليو وهٽ ڪاهي،
    ‘ڦرهوڙي’ ڪوس جي آئي، عجب آواز اُچارن جون،

    ‘سينگاريءَ’ ڪاٺ سينگاري، چڙهن سوالا وکون واريو
    ڏسن پاڻي وهڻ ساري، ‘نڪن’ نارن، نظارن جون

    ‘اُٻيڙان’ ڪوس ڀري تاڻي، ‘اڏوءَ’ ۾ سووجهن آڻي،
    اواڙين ريت هڻن ڇاڻي، اڇي پاڻي اُجارن جون

    آواڙا ائين ڀري واري، سمورو مال اچن ساري،
    ادا ” محمد“ انهي باري، سندن سوچن شعارن جون

    کوهه مان پاڻي ڪڍڻ واري سموري سٽاءَ جو نالو “تيڻ” آهي ۽ جيئن ته هر هڪ پنهنجي مال ۽ ضرورت مطابق ِ کوهه هڪ ترتيب سان واريندو آهي تنهنڪري اُن عمل کي “وارو وارڻ” ۽ ’کوهه هلائڻ‘ به چئبو آهي. انهيءَ سڄي مرحليوار عمل لاءِ جن شين جي ضرورت پوي ٿي تن ۾ “ورت” ، “ ڪوس ” “ ڪوسايا” “ گوسي” ۽ “کيليو” اهم جاءِ والارين ٿا.
    ” ورت“ شروع ۾ ڳائي يا ماهي چم کي ڇِهي يعني نفاست سان سنهو چيري اُن جو تندو ٺاهي پوءِ “ٽئُڙ”يعني ٽيڻي يا ٽه سَري ڪري ڀڃائبي آهي اُها ايتري ته سُوَٽ ۽ ‘آڪري’ يعني سخت هوندي آهي جو نه کُلندي آهي. ورت جو شروع وارو ڇيڙو جيڪو ڪوس ۾ ٻڌبو آهي تنهنکي کي “ ٻُنڀو” چئبو آهي ۽ ٻُنڀ لفظ جي معنيٰ شروعات يا منڊ آهي لفظ ٻُنڀ ۽ عربي لفظ منبع ۾ به ڪا هڪجهڙائي محسوس ٿئي ٿي. ورت جي ٻئي ڇيڙي کي “پوڇڙو” يا پوڇينڊو چيو ويندو آهي. اڄڪلهه ورتون نائلون ۽ ٻين رسين مان ٺاهيون وڃن ٿيون. باقي ڪٿي ڪٿي اڃان به چم جي ورت جو رواج آهي، ورت هلڻ سان گسندي آهي ۽ جيڪڏهن اُن جي هڪ سَرِ يا سڙهي ٽٽندي آهي ته اُن کي اُن جاءِ تي ننڍي سڙهي هڻي ڳنڍيو ويندو آگهي ان کي “ ڇِنڀان” هڻڻ چوندا آهن. جيڪڏهن سَڄي سَرَ ٽُٽي ٿي ته ٻه سڙهيون هڻي ڳنڍيو ويندو آهي جنهن کي“ سنڌو هڻڻ” چوندا آهن. جيڪڏهن ٽيئي سَرُون هڪ ئي هنڌ تان آڏ ٻُرٽ ٽٽي پون ته پوءِ اُتي ٽنهي سَرُن کي ملائي سنڌو هنيو ويندو آهي. اِن سنڌي کي “جهيرڻو” سنڌو چيو ويندو آهي. اهو سنڌو ملائڻ انتهائي ڪاريگريءَ جو ڪم آهي جئين ڪوري سُٽ کي اُميريءِ سان ڳنڍيندا آهن . اُميري ڳنڍ جو اُهو قسم آهي جنهن ۾ سنڌو نظرنه ايندو آهي.لطيف سائين به هيئن فرمايو آهي،

    هو ڇننئي، تون م ڇن، پاءِ اُميري اُن سين،

    ورت ۾ جيڪا شيءَ ٻڌي کوهه ۾ ٻوڪي طور پاڻي ڀرڻ لاءِ واربي آهي تنهنکي ‘ڪوس’ چئبو آهي . ڪوس جا مختلف قسم ٿين ٿا جئين ڇهه ٻاڙيو ڪوس، ننڍو ڪوس، جنهن کي چڙهي يا چڙسي چوندا آهن ڪوس شروع ۾چم مان ٺاهيو ويندو آهي پر هاڻي ٽائرن جي ٽيوب جو رٻڙ ڪوس طور استعمال ٿيئي ٿو، جنهن لاءِ پوڙهن ۽ جهور ٿرين جي ناقداڻي راءِ آهي. ته “ ابا رٻڙ بيماري پکيڙي ٿو”. ڪوس ۾ اُن جي سڄي گهيردار ڪناري تي ننڍڙا سوراخ ٺاهيا ويندا آهن جن وسيلي ڪوس“ ڪوڙائيءَ ” ۾ ڪشي قابو ڪيو ويندو آهي .انهن سوراخن کي “ آک“ چوندا آهن ۽ ڪوس آکڻ به انتهائي سيبتائي جو ڪم آهي. مختلف ماپن جي ڪوسن ۾ آکن جو تعداد گهٽ وڌ هوندو آهي جيئن 16 ۽ 21 وغيره.
    ڪوس جهڙي“ ڪراس” جهڙي ڪاٺيءَ ۾ قابو ٻڌو ويندو آهي تنهنکي “ڪوڙائي” چوندا آهن. ۽ ڪوڙائي جي ڇيڙن ۾ سوراخ هوندا آهن ۽ انهن سوراخن ۾ هڪ رسي وڌي ويندوي آهي ۽ ڪوس ڪوڙائي ۾ انهيءَ رسي وٽ ڪشي قابو ڪيو ويندو آهي. جنهن رسيءَ سان ڪوس ڪشيو ويندو آهي اُن کي“ ڪشڻ” چئبو آهي. ڪشڻ عمومن سُٽ جي هوندي اهي جئين اُن کي سولائي سان ڪشي سگهجي ۽ ڪشڻ کانپوءِ اُها سِري پنهنجي جاءِ به نه ڇڏي. ڪوڙائيءَ جو ٻيو پاسو جيڪو ورت جي ٻنڀي سان جوڙيو ويندو آهي. اُن ۾ لوهه جو هڪ اوزار هوندو آهي جنهن کي“ منهر” چئبو آهي. ۽ اُن کي ٻِئُڙ پڻ چوندا آهن. ٻُنڀي جي ڇيڙي تي ڪاٺيءَ مان ٺهيل“ ڦِنڊِڪ” هوندي آهي. يا ڳنڍ ڏنل هوندي آهي جئين ٻُنڀو پنهنجي جاءِ تان سِرڪي نه وڃي. هڪ ننڍڙي رسي سان ٻُنڀي کي منهر سان ڳنڍيو ويندو آهي. جوڙڻ جي انهي سموري عمل کي “ٻئڙ ڏيڻ” چئبو آهي. ٻئڙ ڏيئي ورت کوهه ۾ واري ويندي آهي ۽“ ڪوسايا” تيار هونداآهن. ڪوسايا اُنهن وهٽن يا جانورن لاءِ اسم اجتماع طور ڪم ايندو آهي جيڪي کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن. ڪوساين ۾ ڍڳا، اُٺ ۽ گڏهه استعمال ٿين ٿا. ڪوساين کي ڪاٺيءَ جي پاڃاريءَ ۾ جوڙي هلايو ويندو آهي. ڍڳن جي جوڙي وهندي آهي، اُٺ اڪيلو ڪوس ڇڪيندو آهي. گڏهه ٻه چار ۽ ڇهه عدد واري ۾ ٻڌا ويندا آهن. جيڪڏهن تيڻ وڏو آهي ته پوءِ ڪوساين جون ٻه ٻه جيٽون يا جوڙيون تيار هونديون آهن ۽ هڪڙي جيٽ جي ٿڪجڻ تي ٻي جيٽ جوٽي ويندي آهي. ڪاٺ جي پاڃاريءَ ۾“ آڙنگا”،“ سيرڻ” ۽“ ڳاٽا” لڳل هوندا آهن پاڃاريءَ ۾ به ڪاٺ جون پٽيون هونديون آهن مٿين پٽيءَ کي “پاڃاري” ۽ هيٺين گول ڪاٺيءَ کي“ ترهاٽ” چوندا آهن. ڪوسايي کي پاڃاريءَ ۾ وجهي اُن جي ڪنڌ جي ٻاهرئين پاسي رسيءَ يا چم مان وٽي ٺاهيل ” سيرڻ“ هڻي قابو ڪيو ويندو آهي ته ٻئي طرف ڪنڌ جي اندرئين پاسي ڪاٺيءَ جي ڪليءَ جهڙو ٺهيل ڳاٽو هنيو ويندو آهي. ۽ پاڃاري جي وچ۾ چم يا رسيءَ مان ٺاهيل آڙنگو لڳل هوندو آهي جنهن ۾ ورت جو پوڇڙو وجهي، ڪاٺيءَ مان ٺهيل هڪ ڪليءَ سان قابو ڪيو ويندو آهي اُن ڪلِيءَ کي “کيلي” چئبو آهي. کيلي ۽ ٻئڙ، ٻئي شيون واري جي هن سموري عمل ۾ مُک پُرزي (Linchpin) جي حيثيت رکن ٿيون. هاڻي کوهه مان پاڻي ڪڍڻ جو سامان تيار آهي ۽ “گوسي” يعني جيڪو همراهه کوهه تي بيهندو اُهو ورت واريندو ۽ ورت جي ڪُجهه تيز ٿيڻ کانپوءِ ورت کي پير ڏيئي واريندو ۽ ورت مڪمل وري وڃڻ کانپوءِ جڏهن ڪوس پاڻي تي پُڄندو آهي ته گوسي ڪوس کي“ جانڪون” يعني لوڏا ڏيئي ”سنجي” سينچي ڀريندو ۽ ڀريل ڪوس جا نڪ ۾ محسوس ٿيندو ته واقعي ڀريل آهي، پوءِ ”کيليو” يعني جيڪو همراهه ڪوسايا ڪاهيندو اُهو اُهو ڪوسايا ڪاهي ڪُهڙ کي ويجها آڻيندو ۽ کيلي وجهي”الله تو آهار” ڪئي ويندي آهي. ۽ اُن جي موٽ ۾ ٻيو ساٿي“ ڌڻي منهنجاتون” وراڻنيدو ۽ کيليو ڪوسايا هڪلي جڏهن “سارڻ” جي مٿي تي ويندو ۽ ڪوس کوهه جي منهن مان ٻاهر اچڻ تي گوسي اِشاري طور آواز ڪندو جنهن کي هؤڪار يا هڙڪارو چيو ويندو آهي. هؤڪارو يا هڙڪار ڪرڻ جا مختلف آواز آهن جئين هَؤ!! هَؤ!! هَئو پڇا، وريا پانهون، پانهون، پڇا پڇا ۽ هاڻي ڪُجهه ماڻهو سبحان الله به چون ٿا. واري وارڻ جي انهيءَ عمل تي غور ڪبو ته اُهو پيچيدو ۽ ڏکيو آهي پر جنهن طريقي سان اُن کي نباهيو وڃي ٿو. تنهن ۾ اُهو عمل مزيدار بڻجي پوي ۽ هر هڪ اھن مان لطف اندوز ٿئي ٿو.
    آوڙا ڀرجي ويندا آهن ته ڀاڳيا مال کي نينهن مان نالون ڪري ڇيڪاري ،پاڻي پيئڻ جي ڪوٺ ڏيندا آهن. ڪن موسمن ۾ڌڻ “تسي” تي پيهو ڪرڻ يعني هر ٻئي ڏينهن پاڻي پيئڻ ايندو آهي ۽ مالوند ڀاڳين کي مال سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي پنهنجي زبان آهي جنهن جو ذڪر ٻئي ڪنهن ليک ۾ ڪيو ويندو.
    کوهن ۾ گرميءَ جي موسم ، زير زمين پاڻي هيٺ لهي ويندو آهي ۽ گهٽ پاڻي هجڻ ڪري ،واري هلندي ساهي پٽي ويندي آهي جئين وري پاڻي مٿي چڙهي اچي ان ساهي پٽڻ کي ’آکاري ڏيڻ‘ چئبو آهي. باقي جن کوهن ۾ پاڻي ججهو آهي يعني“ اُٻيڙ ”آهن تن ۾ مسلسل وارو وهندو رهندو آهي. ڪن کوهن ۾ وري کوهه جي تري ۾ پاسن تان خال هوندو آهي تنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هيءُ کوهه “پَکي پئل” آهي . گهڻو وقت رهجي ويل کوهه يا ڦٽل کوهه کي “ڀاڏو” چوندا آهن. ۽ جنهن کي کوهه جي اڏاوت دوران اُن ۾ ورو ڪڙ پئجي وڃي ته اُن کي “ آنٽيو” يا وروڪڙو وارو کوهه چوندا آهن. ٿر ۾ اڪثر کوهن ۾ کارو پاڻي آهي يا وري پاڻي ۾ فلورائيڊ ۽ سنکيئي جو مقدار ججهوآهي جنهن ڪري ٿر ۾ سنڌن جي سور جون بيماريون به عام جام آهن ۽ ٿري ماڻهن جي ڏندن جو رنگ ميرانجهو ٿيئي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته اهي کوهه اهڙا کارا آهن جو گرمي جي موسم ۾ پاڻِي پيئڻ سان پکي به مريو ٿا وڃن تنهنڪري اِهڙن ڳوٺن تي هُڙيا مار نالو پڻ پيو.
    جن ماڻهن جو مال ججهو ۽ ڪٽنب قبيلووڏو آهي اُنهي جو تيڻ به وڏو هوندو آهي پر جن کي صرف گهريلو استعمال لاءِ ٿورو پاڻي کپي اُهي مختصر وارو واريندا آهن جنهنکي “سيٽڙي” چئبو آهي ۽ سيٽيڙي ۾ ڪوساين جي بجاءِ ماڻهو ورت ڇڪيندا آهن،انهن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي هوندي آهي .
    واري سان لاڳاپيل رسين يعني ورت وغيره کي سيٽ پڻ چئبو آهي ۽ اُهي رسيون ورتون آڙنگا ۽ سيرڻ، وارو وارڻ کانپوءِ کوهه تي ڪُهڙ جي کر ۾ يا ٻئي ڪنهن کونٽي ۾ ٽنگي ڇڏبا آهن ۽ وري کوهه وارڻ جي وقت استعمال ڪبا آهن پر جڏهن مارو ماڻهو اوچتو ڪنهن ڏڪر يا ٻيءَ آفت يا حملي سبب هجرت ڪري هليا ويندا آهن ته اهي سيٽ اُتي رهجي ويندا آهن .ڇوته ماڻهو پيادل ايترو بار نه کڻي سگهندا آهن اهڙي صورتحال کي شاهه سائين بيان ڪندي فرمايو آهي ته مارو ماڻهو لڏي ويا آهن ۽ ڀنيءَ جي ويل ڀوڻ جوسُريلو آواز بند ٿي چڪو آهي ۽ پاڻي سنجڻ واريون سرتيون هليون ويون آهن ۽ تڙ جي ٻنهي ڪنڌين تي پئل سيٽ سندن انتظار ۾ ڪاڙهي بَٺ ۾ ڪڙهي ۽ سڙي رهيا آهن.
    ڀني جي ڀوڻن، تن جو ڀيڄ ڀُڻڪو نه سُڻان
    سنجڻ واريون ستيون، وڃي ويڙهه ورن،
    پيا سيٽ سڙن، تڙهي ٻنهي ڪنڌين.

    کوهه تان پاڻي ڀرڻ لاءِ پاڻهياريون مٽيءَ جا دلا ۽ ٽامائي ٿانو ڀرڻ اينديون آهن مٽيءَ جي ٿانون ۾‘ مَٽُ ’، ‘دِلو’ ۽ ‘گگر’ ٽي ٿانو آهن ،جن ۾ مٽ سڀ کان وڏو، دلو وچولو ۽ گگر ننڍي ٿئي ٿي. ٽامائي ٿانون ۾ پاڻي جي مقدار جي ترتيب سان ‘منگهٽو’،‘ موريو’ ‘هيل’ ۽ ‘لوٽي’ آهن . ڪي عورتون هڪ دلو مٿي تي ۽ گگر يا هيل ڪڇ ۾ کڻن پرڪي نوجوان ناريون مٿي تي ٻيلهڙو ڪري کڻن ۽ ٻيلهڙا کڻي قطار ۾ لاڏ مان لڏي هلندڙ عورتون جي چال جو ڏيک انتهائي خوبصورت منظر آهي ،جيڪو ڳوٺاڻي زندگيءَ جي جمالياتي جهلڪ جو اهم حصو آهي. انهيءَ ٻيلهڙي جي خوبصورتي کي نظر ۾ رکندي شاهه ڪريم هن ريت فرمايو آهي،

    پاڻيهاري سر ٻيهڙو، جر تي پکي جئين
    اسان سڄڻ تئين، رهيو آهي روح ۾

    مٿي تي دِلا ٽڪائي رکڻ ۽ مٿي کي دلي جي سنئين سڌي بار کان بچائڻ لاءِ وچ ۾ ڪپڙي مان ٺهيل خوبصورت سينهوڙا ۽ سينهيون رکيون وينديون آهن جن ۾ جهوڙاجهاٻا ٻڌل هوندا آهن اهڙي منظر کي سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سُجاولي هن ريت چٽيو آهي.

    سُرما پاڻي، ڏيئي ڦڻيون، پاڻي ڀرڻ لاءِ پدمڻيون،
    گڏجي هلن پنج ست ڄڻيون، هيڏن ڪنڌن سان ڪا ميڻيون
    ڪن کي نٿون ،ڪن وينڊڙا، سرتي سمورين سينهڙا
    گُجرين ڀريا پاڻي گهڙا، ڪن ڪڇ تي ،ڪن ٻيلهڙا
    هو لاڏ مان لڏنديون اچن، لاڏليون مهراڻ جون

    عورتن کانسواءِ ساندارن، ڪوانٺين ۽ پخالن وسيلي پاڻي ڀريو ويندو آهي. جتي گهرکي ويجها آهن ۽ زمين سنئين سڌي آهي اُتي ماڻهن پائيپ پڻ لڳائي ڇڏيا آهن. ۽ ويچارين عورتن تان اهو بار لهي ويو آهي.
    کوهه وارڻ واري سڄي عمل جي پيچيدگي ۽ مشڪلات ٿري ماڻهن جي زندگيءَ جو لازمي حصو رهي آهي. ۽ ان سموري عمل جو ٻوليءَ تي اثر پڻ ٿيو آهي. ڪيئي پهاڪا ۽ اصطلاح پڻ ٻولي جو حصو بڻجي ويا آهن جئين.
    • ورت وري ويئي باقي پوڇڙو بچيو آهي:
    معنى: ڳچ عمر گُذري ويئي آهي باقي ٿورو حصو بچيو آهي. يعني عمر جو آخري حصو آهي.
    • ڀاڏو ٿيڻ : ڦٽڻ يا ويران ٿيڻ
    • اُڙڪي وڃڻ: ٽڙڻ يا اُبتيون سبتيون ڳالهيون وڃڻ، سنئون رستو ٻڌي غلطه رستو وٺڻ
    • جبڪي اڏونءَ ۾ هوندو سو آواڙي ۾ ايندو. يعني انسان جي جيترو سوچ سمجهه هوندي اوترو ئي هو اظهار ڪندو. ماڻهوءَ جو رويو سندي ظرف جو عڪاس هوندو آهي.
    • کيلي نڪرڻ: زندگي بي ربط ٿيڻ


    آرون ابر آسري.......!!

    آرون ابر آسري.......!!

    ٿر۽ پاڻيءَ جو پاڻ ۾ روح ۽ جسم وارو تعلق آهي. ٿرپاڻيءَ کانسواءِ تڙپي ٿو ۽ پاڻيءَ جي اهميت کي ڏسڻو آهي ته به ٿر جي ڀٽن ۾ ڏسجي جڏهن لوءَ لڳندي آهي، لڪ تپندا آهن، زبان ٺڪاءُ ڏيئي نڪرڻ جي سانباهي ۾ هوندي آهي ڇوته ٿر ۾ آرڙهڙ جي ڏينهن ۾ يعني هلندڙ مند ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ٿي ويندي آهي. جر جو پاڻي يا سڪي ويندو آهي يا تر وڃي جهليندو آهي. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا کاراپاڻي به آهن جن کي پيئڻ سان پکي پسو به پراڻ تياڳي ٿاڇڏين. اها آنڌ مانڌ ، اُڃ اڪير آهي جيڪا ٿر۽ پاڻيءَ ٻنهي جي رشتي کي ڪانه ڪا معنى ڏئي ٿي جيئن روح جسم کي معنى عطا ڪري ٿو ته جسم وري روح کي اظهاري ٿو. ٻئي هڪٻئي کانسواءِ بي معنى ۽ بي رس ۽ بي چس آهن. ٿر۾ پاڻيءَ جي ڪهاڻيءَ کي جيڪڏهن کڻجي ٿو ته ان ۾ جيڪا تڙپ ۽ تاس نظراچي ٿي سا انتهائي ڳوڙهي آهي. ٿرپاڻيءَ لاءِ سڀئي مندون تڙپي ٿو جيئن تاڙو پلر پاڻيءَ لاءِ پڪاريندي، تنواريندو آهي ته مندائتا مينهن موٽي اچ هر جيو جو سيو تنهنجي لاءِ سڪي ٿو.آرن جهڙا پتڪڙا جيت جڏهن اهڙي تئونس ۾ تڙپي، ريههون ڪن ٿا جڏهن هرڻ اڪن جي به پنيءَ جي کائڻ کان پوءِ اڃ ڪڙهي، ريت جي سراب ۾ پاڻيءَ جو سهائيندڙ خواب جاڳندي ڳولڻ لڳي ٿو ته جيڪا ڪيفيت جُڙي ٿي سا ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ هن ريت بيهي ٿي؛
    سارنگ کي سارين، ماڻهو، مرگهه، مينهون،
    آرون ابرآسري، تاڙا تنوارين،
    سپون جي سمونڊ ۾، نئين سڄ نهارين،
    پلر پيارين ته سنگهارن سُک ٿئي
    سمنڊ جي سپ جي جيڪا سڪ آهي سائي ٿر جي ماڻهوءَ جي پاڻيءَ لاءِ ڇڪ آهي.دنيا ۾ لفظ پاڻي مستعمل آهي پر اسان وٽ مذهبي تفريق وانگرپاڻي به کاري ۽ مٺي ۾ ورهايل آهي. 1947ع کانپوءِ به مُني صدي گذري آهي پر اڄ به سنڌ جي ڳوٺن جو عمومن ۽ ٿر جو خصوصن مسئلو پاڻي آهي. هزارين ماڻهو آهن جن کي هڪ گلاس به اهڙو پاڻي ميسر ناهي جنهن کي ترقي جي دنيا جا دعويدار صاف ۽ محفوظ سڏين ٿا.اهڙين حالتن ۾ اچو ته ڏسون ته ٿر جي ماڻهوءَ وٽ پاڻيءَ جا ڪهڙا ذريعا آهن ۽ هو ڪيئن پاڻي حاصل ڪري ٿو.ٿر۾ پاڻيءَ جو مکيه ذريعو پاتار جو پاڻي آهي. جيڪو ٿرجي ڏاکڻئين حصي ۾ زميني مٿاڇري کي ويجهو آهي ته اتراڀرندئين حصي ۾ اونهو آهي. انهي کي زمين مان ڪڍڻ جو روايتي طريقو کوه مان واري ڪڍڻ واري عمل سان آهي. اهو عمل پنهنجي پر ۾ هڪ پُيچ گهڻ رخي اهڙو سرشتو آهي جنهن کي اڀياس جي ضرورتآهي. اهڙواڀياس دلچسپيءَ کان خالي نه هوندو. پر هتي اسين مند جي مدنظر، مينهن جي مطهرپاڻيءَ جي ڳالهه ڪنداسين جنهن کي پلرچئبوآهي. پلرپاڻي جي سموري سرشتي سان به هڪڙو مرحلي وار فطري عمل ڳنڍيل آهي، جنهن بابت اسان جي ڪلاسيڪي توڙي موجوده دور جي شاعرن اظهاريو ۽ اوريو آهي. شاه لطيف سُر سارنگ ۾ پلرجي پالوٽ جي جيڪا ڳوٽ ڳرهي آهي تنهنجي اوٽ ۾ انساني رويي ۽ فطرت جي حسناڪيءَ جو حسين داستان موجزن آهي. مينهن جي مند واري عرصي کي چئوماسو چونداآهن. انهي چئوماسي ۾ ، ڪافي زمانا هرهڪ شئي پنهنجي ٽائم ٽيبل سان ٿيندي رهندي هئي. ماڻهو مختلف ڳڻپن وسيلي نکٽ ۽ انهن جا پک ڳڻي مينهن جي اچڻ جي اڳڪٿي ڪنداهئا.”روهڻ“ جا ڏينهن تپنداآهن جيئن هينئر سڄ سوانيزي ته نه سهي سوا ڪلوميٽر تي اچي پهتو آهي.”مگسر“ ۾ هوائون لڳنديون آهن ۽ پيرن جو ڇاڻو ٿيندو آهي. ”آڊ“ جو پک جيڪڏهن ڊٻڪندو ته مينهن اچي ويندو آهي نه ته نه. ان کانپوءِ ”وايا“......”وڏووايو“ ” ننڍو وايو“ .............اينداآهن جن ۾ مينهن وسندو آهي. انهي دوران ماڻهو تاراستارانهاري، ٻياانيڪ سوڻ ساري ميگهارُت جي درست مهل بابت اڳڪٿيون ڪنداهئا، پر جڏهن کان آبهوا جو ڦرڪو ڦريو آهي تڏهن کان مند جي مانڊاڻ ۽ منڊل جي سُرمنڊل جون ساريون سنڀالي ڪابه اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي. جيئن ئي مان سون جا ڏينهن ڏيهه ۾ ڏيکائي ڏين ٿا ته ڀٽ ڌڻي سارنگ کي سارلهڻ جي گذارش ڪندي پياسن لاءِ پلر وسائڻ جي گهرج ڪري ٿو جيئن وطن وسي پوي،ان جي سستائي ٿئي ۽ سنگهارن سُک ٿئي؛
    سارنگ سار لهيج، الله لڳ اُڃين جي،
    پاڻي پوڄ پٽن تي ارزان ان ڪريج،
    وطن وسائيج، ته سنگهارن سُک ٿئي.
    برسات جي مانڊاڻ جي شروعات اُترمان ڪڪرن جي قطارن سان ٿئي ٿي جيڪا سڻائي واءَ لڳڻ سان مٿي چڙهندي ايندي آهي. انهي مانڊاڻ کي ”لهڻ“ چئبوآهي. آهستي آهستي ان ۾ کنوڻ کجڪڻ لڳندي آهي. اُتر جي کنوڻ کي ”ٻڪراڙ“ کنوڻ چئبو آهي. اها لهڻ جڌهن وسڻ شروع ڪندي آهي ته پوءِ ڪڪرن مان وسندڙ پاڻيءَ جون لارون ۽ ڌارون وسڻ لڳنديون آهن جن کي ”ڌاروڙا“ چئبو آهي. جيڪڏهن اهي ڌاروڙاڪٿي گهڻي وقت لاءِ بيهي رهيا ته پوءِ چوندا آهن ته ”نهو ٻڌي“ وسي رهيو آهي. برسات جي اهڙي لهڻ ۾ جڏهن کنوڻ زور ٿيندي آهي يعني بجلي چمڪاٽ ڪرڻ لڳندي آهي ته ان جي روشني جي ڏورکي ”سيلهو“ چئبو آهي. سيلهو لڳي زمين تائين پهچي جيئن ئي مٿي کڄندو ته وڏو ٺڪاءُ ٿيندو آهي. ايئن اهو مينهن مخلف روپن ۾ وسندو رهندو آهي. بادلن جي برهه منڊل جي انهي روپ سروپ کي ڀٽائيءَ نينهن سان ڀيٽ ڏني آهي؛
    مينهان ۽ نينهان اکر ٻئي هڪڙي،
    وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيهان
    بادل ٿي بيهان جي آگم اچڻ جا ڪريين
    مينهن ۽ نينهن جو اهو نرمل نظارو جڏهن وسڻ شروع ڪندو آهي ته سنهيون ڦڙيون پوڻ پوڻ شروع ڪنديون آهن جن کي ”ڇنڊون“ چئبو آهي. ڇنڊ ڇنڊ وڌندي ويندي آهي ۽ اها پوءِ وڏڦڙي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. پلر جي پالوٽ ٿيڻ لڳندي آهي. سڀئي سر پلر جي انهي ريل ڇيل سان ڀرجي تارٿي وينداآهن.ترايون ۽ ٽوڀا به ٽمٽار ٿي پونداآهن. وسندڙ برسات هلڪي ٿي سنهي سنهي بوند وسڻ لڳي ۽ مسلسل اهڙي بوند پوندي رهي ته ان کي ”جُهڙ“ چئبو آهي. جيڪڏهن جهڙ نه رڳو محبت جي ماريل نيڻن وانگر ٽمندو رهي پر اهي سنهيون بوندون ،ڏينهن هجي ته سڄ کي ڍڪي ڇڏين ته ان کي ”سرلو“ چئبو آهي. سرلي جهڙ بابت سنڌ ي شاعريءَ جي ٽمورتيءَ جي حقيقي شاعر خليفي نبي بخش جو هي بيت انتهائي ملوڪ منظر پيش ڪري ٿو؛
    جهڙڦڙجهورجهڪور، سڄ سرلي ڍڪيو
    قاسم اُترپارڏي ڪڪرڪاريءَ ڪور
    چڙهي ڏونگرچوٽيين، ڪن ٽهوڪا مور
    اُٺو آب اتور، ڍٽ پٽ کُهنبا ڍڪيا
    سرلي جا اها سٽ، گاه کي تمام جلدي واڌارو ڏيندي آهي. سڄي لهڻ پري هجي ۽ ان مان ڪو هڪ اڌ ڪڪر اچي وسي پوي ته پوءِ چئبو ته ”ليڻ “ وٺو آهي. ليڻ جي لارن جا ڌاروڙا به ڌرتي کي سائي چادر پهرائڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿينداآهن. برسات جيئن ئي پوندي آهي ته ڀٽن جي لهوارن پاسن ، جن کي پاڄون چئبو آهي تان پاڻي اوڙيهر ڪري وهڻ لڳندو آهي. اهي اوڙيهر جڏهن وڌندا آهن ته پهرين نئن ٺهندي آهي جيڪڏهن ميگهه پاڻ گهڻو موکيو ته پوءِ اها نئن زمين ۾ وڌو ڦاٽ ٺاهيندي آهي جنهن کي ڏرڙ چونداآهن. اهڙاڏرڙ هميشه ججهين برساتن ۾ ٿينداآهن. ڪڏهن ڪڏهن ايترااونها هونداآهن جو زمين جي جابلو يا ٽاڪرائين تهه تائين پهچندا آهن جنهن کي روهڙي چئبو آهي. اهڙو مشهو ر 1992 واري زور برسات ۾ ٻاراچ ڳوٺ جي ويجهو ڦاٽوڙ واري هنڌ تي ٿيو هو ۽ ڪجهه وقت لاءِ زميني رابطو به متاثر ٿيو هو. نئن پاڻي کي هيٺاهين ڏانهن کڻي ويندي آهي جيڪو يا ته تليءَ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو آهي يا وري ترائي کي تارڪندو آهي. ٿر جي پارڪر واري ڀاڱي ۾ ڪارونجهر جابلو سلسلو آهي جنهن مان تمام گهڻو پاڻي وهي نڪري ٿو. جيڪو 16 ندين جي صورت ۾ ايترو پاڻي کڻي اچي ٿو جو سمورو پارڪر ان تي آباد ٿي سگهي ٿو. ڪجهه ڊئم ٺاهيا ويا آهن پر پوءِ به ڪافي پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو جنهن کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. برکا ۾ بجلي جي ڪرڻ کي ”وڄ“ ڪرڻ چئبو آهي. ڀٽائيءَ وڄن کي وسڻ جي ترغيب ڏني آهي. شيخ اياز انهي کان متاثر ٿي پنهنجي هڪڙي ڪتاب جو نالو ” وڄون وسڻ آئيون“ رکيو آهي. وڄن جو واڄو ملڪي ۾ خوشحاليءَ جي منادي ثابت ٿئي ٿو. جن مهنگي لاءِ ميڙيو هوندو آهي تن جا ٻئي هٿ مٿي تي هوندا آهن ۽ ايئن ڏڪاريا ڏيه مان سڀئي موذي مري ويندا آهن.
    مينهن جو اهو مانڊاڻ جنهن سال ڪجهه دير ڪندو آهي ته ان لاءَ ”آکو پايو“ به ڪبو آهي جنهن ۾ گهران گهر ڪجهه نه ڪجهه داڻا وغيره گهري کڻبا آهن ۽ انهن مان گڏيل ڀت تيار ڪيو ويندو آهي . گهڻو ڪري اها سرگرمي پاڻي جي ”نياڻ“ يعني ترائي وغيره تي ڪئي ويندي آهي جنهن دوران نياڻ جي صفائي به اجتماعي طور ڪئي ويندي آهي.
    اترجا ڪاراڪڪر جڏهن لال لبيس ڪري، وڏڦڙو وسائينداآهن ته پوءِ پرديس ويل پرين اچي ”مينهن جي مامن“ وانگر نازل ٿينداآهن. آگم جي انهي سموري انگ کان پرينءَ جو رنگ مٿي هوندو آهي.. سيڻ هوندا آهن ته ئي روح ۾ رنگ رچندو آهي. ٿر جي ڌرتيءَ تي جڏهن برکا جون پهريون بوندون ڪرنديو ن آهن ته ان مان هڪڙي املهه سڳنڌ نڪرندي آهي جيڪا انسان کي پنهنجي اصليت ۽ مٽي سان رشتي کي ياد ڏياري ڇڏيندي آهي. تنهنڪري ته اردوءَ جي شاعر چيو آهي؛
    روک سکو تو بارش کي پهلي بوندون کو روکو،
    کچي مٽي تو مهڪي گي يه هي مٽي ڪي مجبوري
    اهڙي طرح هيءَ مند شديد اڃ جي مند آهي جنهن ۾ ٿري ماڻهو، مرگهلا،پکي پسو، جيت جڻا سڀئي سارنگ کي سارينداآهن. سارنگ جڏهن سينگارڪري ايندو آهي ، وڄون سموري سنڌ، هند، ڪڇ ڪنار، سمورو ايشيائي ڀاڱو وسي پوندو آهي ته پوءِ حالتون خوشحاليءَ ڏانهن وڌڻ لڳنديون آهن . ٻيءَ صورت ۾ هتان جي اڃ جي ڪري ماڻهومُڃ ٿي پونداآهن جن کي ڪيئي بيماريون معاشي پِڃ ڪڍي، پالهو ڪري ڇڏينديون آهن. ٻئي طرف ، جڏهن فطرت پنهنجو نظارو پسائيندي آهي ته وهلوئي وچان غم گوندر گذري ويندو آهي. برساتن جو مانڊاڻ جڏهن وسي اُڪامندو آهي ته پوءِ ڪيئي رنگ رچي پونداآهن . سموراگس ،گام، ويئريون ۽ ويءَ، ساوڪ جي سائي چادرسان اوڍجي وينداآهن ۽ هر هنڌ سُرهاڻ ۽ سرهائي پکڙجي ويندي آهي.


    مينهان ساکي مارڳو

    مينهان ساکي مارڳو

    ساک پت اهڙو املهه گُڻ آهي جنهن تي صدين کان انسانيت ناز ڪندي آئي آهي. ساک پت ڪو هڪ ڏينهن ۾ قائم نه ٿيندي آهي پر انهي کي جُڙندي جُڙندي سال لڳي وينداآهن. ساک پت فردن جي به ٿيندي آهي ته قومن قبيلن ذاتين ۽ راڄن جي ٿيندي آهي. راڄ ڀاڳ هونداآهن يعني انهي جو هڪٻئي سان گڏجي رهڻ وارو سماجي عمل ڀاڳ يا خوشقسمتي چورائي ٿو. زماني ۾ جيڪي ڳالهيون ۽ ڪهاوتون تجربي ، مشاهدي ۽ هنڍائڻ کانپوءِ، کريون ثابت ٿينديون آهن تن جي ساک پت ملڪان ملڪ مشهورٿي ويندي آهي ۽ هرهڪ اهڙين ڳالهين کي مثال طور چئي ، پنهنجي من جي مام سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. دنياجي ديومالائي قصن ۾ اهڙي ڏاهپ ۽ ساک جا اُهڃاڻ ملن ٿا تيئن اسان جي ٿر جي لوڪ وڄا ۾ عقل جا اهڙا نقطا بيان ٿيل آهن جن کي صديون گذرڻ باوجود ڪٽ نه لڳوآهي نه ئي وقت جي دز مٿن ڪو ميرچاڙهيو آهي. اهڙي ڏاهپ ننڍڙن پر خوبصورت شعرن جي صورت ۾ بيان کيل آهي. انهن ٻولن جي سچائي، سگهه ۽ ساک کي نظر۾ رکندي، انهن ڪلين کي ساکيون سڏيو ويندو آهي. ساکي گفتگو جو اهڙو اثرائتو انگ آهي جو انهي وسيلي پنهنجي مدعاکي ڀليءَ ڀت اوري سگهجي ٿو ۽ سامهون واري کي پنهنجي ڳالهه بابت قائل ۽ مائل ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن دور ۾ انهن ساکين جو ايترو ڌاڪو ۽ دٻدٻو هوندو هو جو بادشاه ۽ انهن جا ايلچي وغيره ساکين وسيلي هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪنداهئا ۽ اهو بحث ايترو ته بهترين سفارتي رنگ ۾ هوندو هو جو ڪوڙاڪسارا سڀئي مرحلا خيرخوبيءَ سان طئي ٿي وينداهئا. سگهڙن ۽ لوڪ ڏاهپ جي پارکن انهي فن کي عوام ۾ لاٿو ۽ فطرت جي مظهرن، ريتن رسمن ۽ زندگي جي ٻين انيڪ تجربن کي ساکين وسيلي بيان ڪرڻ شروع ڪيو ته اها ڪلا به عوامي بنجي ويئي. جيڪاڪلابه اڪثريت جي ڳالهه ٻولهه يا ترجمانيءَ کان پري رهي ٿي انهي ڪلا۽ فن جو جياپو ڪو جٽادار ناهي. ساکين جو اهو فن سگهڙن سان گڏوگڏ، ڪيرت جي ڪوڏين به سرانجام ڏنو جيڪي ڪينر ڪيريءَ ۾ ٽنگي ، سڌيون ٽنگون ڪيو سُتانه هونداهئا پر اهي سونهاري صبح سان اهو واڄو وڄائيندي، خلق کي يادگيرو ڏيارينداهلنداهئا ته ستااُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري. انهن ڀانن جو اهو ڀيرنه هوندو هو جو اهي ڪينر جي ڪا ڪسي ڪن. اهي به انهن ساکين جي سچ جا رکوالاهونداهئا. ننگر ننگر گهمنداڦرنداماڻهن کي جاڳائڻ جو ڪم ڪندارهنداهئا. هاڻي ته انهن لوڪن جو به اهڙو اچي حال ٿيو آهي جو جيسين سڄ جو تڙڪو سندن ننڊ نٿو ڦٽائي تيستائين سندن خرگوشي خواب جاري هوندو آهي . اهڙين ساکين بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي، مينهن بابت ساکي زبان تي تري ٿي اچي ته اڳي جڏهن مينهن پوندو هو ته انهي بابت خبرون چارون پانڌيئڙن کان پڇبيون هيون، سيءُ پوندو هو ته اڪن ۾ ساڙ نظرايندو هو، سخي ماڻهن جي خبر گهرندڙ فقيرن کان پوندي هئي ۽ سورهيه جنگ ۾ جيترو وڙهياهوندا، کين لڳل ڌڪ انهي معرڪي جي مان ۽ سچ جي ساک ڏيندا. انهي ڳالهه کي ساکي ءَ ۾ هن ريت چٽيو ويو آهي؛
    مينهان ساکي مارڳو، سيئان ساکي اڪ،
    ڏاتارساکي منگتا،سُورهان ساکي ڌڪ،
    مارڳ واٽ کي چئبو آهي .اڪ اهڙو ٻوٽو آهي جيڪو سيءَ جي ساڙ کي سڀ کان پهرين نروارڪندو آهي. سيءَ جو سڀ کان ديرسان اثرڄار جي وڻ تي ٿيندو آهي. گهرمنگت آئي ڏاتارخالي نه موٽائيندو آهي. گيدي ۽ ڪانئر کي ڌڪ پٺيءَ ۾ لڳندا آهن جڏهن ته سورهيه سيني ۾ يا سامهان ڌڪ سهندو آهي.
    ڪي شيون زماني ۾ هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم هونديو ن آهن . هڪڙي شئي هوندي ته ٻي شئي به نظرايندي نه ته گم ٿي ويندي. ڪي شيون وري ڪن شين جي اچڻ سان گم ٿي وڃن ٿيون جيئن ڏينهن ايندو آهي ته رات گم ٿي ويندي آهي. اونده جي گم ٿيڻ کي روشني چيو ويندو آهي. فطرت جي هن ڀرئي ڀنڊار۾ اهڙاجوڙا۽ جهٽ به آهن ته هڪٻئي جا ابتڙ ۽ ٽوڙ به آهن. ڏاتاريعني دان ڏيندڙ سخي ماڻهو هونداآهن ته اتي ئي منگتا موجود هونداآهن. سخيءَ کانسواءِ مڱڻهارجو هجڻ بي معنى آهي .جتي تل ترايون تارهونداآهن اتي هنجهه پکي ملندو آهي. راجا هونداآهن اتي ئي رس رهاڻيون ٿينديون آهن. مورک يا بيوقوفن ۾ ته خالي بحث هلندا آهن جيڪي وقت جو زيان هونداآهن.انهي گفتارجي گوهرکي سگهڙن هن ريت پوتو آهي؛
    داتا اُتي منگتا، سروراتي هنس،
    راجا اُتي رهاڻيون، مورک اُتي بحث،
    عقل جا اهڙانقطا وندرورونهن سان گڏوگڏ ڏاهپ جو ڏس آهن جن مان معنى جا موتي ميڙي سگهجن ٿا خاص ڪري نوجوان نسل جڏهن پنهنجي وڏن جي واتان اهڙيون ڪارائتيون ڳالهيون ٻُڌي ٿو ته اهو انهن کي سيني ۾ سانڍي اڳتي وڌي ٿو ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي منتقل ڪري ٿو. لوڪ ڏاهپ جو اهو وکران ريت پئي پُراڻو نٿو ٿئي ۽ ٽن پيڙهين ۾ هلندو رهي ٿو .
    ڳائڻ وري اهڙو ڳوڙهو ڪم آهي جو هرهڪ چاهيندو آهي ته آئون به ڳائيان پر ڪنٺ ڪلاجي ڪويسرن هن علم کي به رياضت ڀريوڪري پيش ڪيو آهي جو هرڪنهن جي دال نٿي ڳري، پوءِ به هرهڪ وهنجڻ وقت جو ڳائڻو آهي يعني باٿ روم ۾ جهڻڪي ٿو، پر ڳائڻ لاءِ سڀ کان پهرين سُريلو گلو کپي نه ته ڪم نه هلندو. گلو جي ڇُري ڇُري پيو ڪندو ته پوءِ ڪير اهڙي ڳائڻ لاءِ پنهنجي ننڊ ڦٽائيندو. چوري به ڏکيو ڪم آهي جنهن لاءِ شاه لطيف به جوڳي ٿيڻ جو شوق رکندڙن کي چورن جي کان سبق پرائڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته ،”جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته سک چوران ڪي ذات“ ڇاڪاڻ ته انهي ڪم ۾ سجاڳي ۽ سياڻپ گهرجي نه ڪم نه هلندو ۽ ماڻهو سدائين ڪاٺ ۾ هوندو. گهر ۾ گهرڌياڻيءَ کي جيڪڏهن رٿابندي نه ايندي ۽ هوءَ بنا ڪنهن وهنت ۽ ويئٽ جي ڪم ڪندي ته پوءِ ڍاڪون پڪا. مڙس آڻيندو ٻُڪي چُڪي، زال وڃائيندي پهرين ڇڪي ته پوءِ گهاٽوئي گهاٽو. انهن ٽنهي شين جي اڪارٿپڻي تي اظهاريندي ، ڪنهن سگهڙ هن ريت چيو آهي؛
    ڪنٺ بنا گائيي، مت بنا چور،
    تريئا تريوڙبنا، تيني رپٽاروڙ
    انهن نقطن ۾ جيڪا ساک سمايل آهي تنهنجو ساکي زمانو آهي.ڪائناتي سچ ايئن جُڙنداآهن. اهڙين ساکين جي ساک ۾ ڪا تبديلي نه ايندي آهي تنهنڪري اهڙي من موهيندڙ صلاح هرڪنهن جي من کي آئڙندي آهي.
    ٿر۾ جنهن سماج ۾ ماڻهو رهنداآياآهن انهي سماج ۾ عورت جو مان مرتبو چڱو آهي. عورت جي حقن جو به خيال رکيو ويندو هو ۽ ريتون رسمون وهان وڌاڻا وندرورونهن سمورين سرگرمين تي عورت حاوي نظر ٿي اچي. ڇوڪري جيئن سامئبي هئي ته انهي کي پرڻائڻ لاءِ تياري ٿيندي هئي ۽ ڇوڪريءَ جو بغيرشاديءَ جي انتظار ۾ وهڻ عيب جهڙو ۽ بار سمجهيو ويندو هو. پٽ کان وڌيڪ ڇوڪريءَ جو خيال رکيو ويندو هو.ان لاءِ مناسب ور ۽ گهرچونڊڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون هيون. انهي ڪم ۾ ڪجهه جاگيرداراڻين رسمن ڏڦيڙوڌو ۽ ڇوڪرين جي شادين جا المناڪ پهلو به سامهون آئياپر اهڙي عمل کي هرڪنهن ننديو آهي. ڪچي ڦلي وڻن ۾ لڳل هوندي آهي، انهي دوران جيڪڏهن ڏُواءُ يعني خراب واءُ لڳو ته پوءِ اُپت چڱي نه ٿيندي. ڀائرن جي وچ ۾ ڪا عورت جهيڙي جو سبب بڻي ته به نقصان ٿيندو. مينهن جو مانڊاڻ متل هوندو ۽ مٿان جي اُڳتيو واءُ لڳو ته به مينهن جو ماحول ڦٽي ويندو . انهي ماجراکي سگهڙن هن ساکيءَ ۾ بيان ڪيو آهي؛
    گهرنينگر، ٻوجهه گهڻو،ڪچي ڦُلي، ڏُواءُ،
    ڀائيان وڇوڙوماهيلي، مينهان اُڳتيو واءُ،
    گهرجي ڇت جيڪڏهن اوچي هجي ۽ مٿان بار گهڻو هوندو ته پوءِ سدائين ان جو جوکو ۽ اون رهي ٿي. بقول رائچند صاحب جي ته برسات ۾ اهڙي ڇت ڊهڻ جو ڀئو رهندو آهي. هن ساکيءَ ۾ گڏيل ڪٽنبي سرشتي جي تبديلي جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي ته ڀائر تيستائين گڏ هونداآهن جيستائين منجهائن ڪنهن جي شادي نٿي ٿئي. ڇاڪاڻ جو شاديءَ کان پوءِ پرڻيل ڌار ٿي پنهنجو گهر آباد ڪري ٿو. مينهن جي ماحول کي اوڀرکان لڳندڙهواڦٽائي ٿي.
    ڪي ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي وساري به نه وسري سگهنديون آهن. ٿر جي ڌرتي ته اهڙي ڌرتي آهي جنهن کي ڪوبه ماڻهو جيڪو اتي ڄائو آهي وڏو ٿيو آهي سو قطعي وساري نٿو سگهي. مورپکي ٿر جي سونهن آهن.هن وقت مورن ۾ به بيماري جون ڳالهيون ٻُڌجن ٿيون، نه ته مور طبعي طور مئل ڪنهن به نه ڏٺو هوندو.بازارنه ڄاڻ ڪيتريون شيون معاشري ۾ اهڙيون به متعارف ڪرايون جن مان ڪيئي خرابيون به پيدا ٿيون آهن. ڏاها چون ٿا ته مورن ۾ اها بيماري فارمي ڪڪڙين جي ڪري پيئي آهي. انهي گمان بابت اڀياس جي ضرورت آهي، هاٿي اهڙو جانور آهي جنهن کي خلاصو جهنگل کپي جنهن ۾ هو پنهنجي گنيرچالي جا سموراگوهر ۽ جوهر ڏيکاري. دشمن جيڪي چوي ان تي ڪو ڏک نه ٿيندو پردوست جو ٻوليل ڪڙو ويڻ يا ڪُويڻ يعني بد ڳالهاءُ ڦٽ ڪري وجهندو آهي ۽ ماڻهو ايئن ڪوڪڻ لڳندو آهي جيئن حسين بن منصور حلاج پنهنجي دوست شبليءَ پاران گل لڳڻ تي رڙيون ڪيون هيون.اهي سڀئي ڳالهيون اڻ وسرندڙ آهي. ڳالهين جي انهي ڳوڙهائيءَ کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي؛
    ميهه موران، بن ڪونجران، آنٻان ڏار سوئان
    ويڻ سڄڻ، جنم ڀومي، وسرسي موئان
    ايئن انهن گوهرگفتن ۾ مورن جو مينهن کي سارڻ، هاٿين جو جهنگل کي ياد ڪرڻ، انب جي ٽاريءَ تي ويٺل طوطي جو انب کي نه وسارڻ، سڄڻ جو ڪڍيل ڪُويڻ اڻ وسرندڙ آهن، يعني جيستائين جيءَ ۾ جيءُ هوندو تيستائين اهي ڳالهيون نه وسرنديون. ماڻهوانهن شين کي مري وساري سگهي ٿو. سچي ساک بيان ڪندڙاهڙيون سوين ساکيون ٿر جي لوڪ وڄاجو املهه ذخيروآهن جنهن ۾ انساني جذبن،روين ۽ سماج جي مختلف پاسن جي نياري اُپٽار ڪئي ويئي آهي. انهن کي ٻُڍي، پڙهي ياد ڪري يا هنيين سان هنڍائي گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو.اهو الک ثقافتي ورثواهڙن موتين سان مالامال آهي.


    مينهان ۽ نينهان، اکر ٻئي هڪڙو

    مينهن جي رحمت هن ڪائنات لاءِ سدائين اهميت واري رهي آهي. انسان مينهن وسڻ لاءِ سدائين آسائتو رهيو آهي، ڪڏهن انهي رحمت جي تکي رهڙ اچي ٿي وڃي ته پوءِ ٻوڏ جي صورتحال ۾ سموري جيوت متاثر ٿي پوي ٿي جنهن جي واهر ۾ ڪيئي ادارا ۽ ادارڙيون ماڪڙ وانگر نڪري ٿيون پون، متاثرن جي نالي ۾ پنهنجا پيٽ يا پاڪيٽ ڀري، مچي متاريون ٿي پون ٿيون. سنڌ ۾ گذريل ڏهاڪي دواران جيڪي ٻوڏون ٿيون تن ۾ اهو ڌنڌو دل کولي ڪيو ويو تان جو انهي ڪم ڪندڙ سنڌي سماجي ڪارڪن کي هرڪو ڌن داتا چور ۽ ٺڳ سمجهي پاسو ڪرڻ لڳو نتيجي ۾ سموري اندڙ فنڊنگ مدي پئجي ويئي، جنهنجو نقصان سڄيءَ سنڌ ڀوڳيو. اهو موضوع وري ڪنهن ٻئي ڀيري، اڄ اچو ته ڏسون ٿر ۾ مينهن بابت ڪو مذڪو ڇيڙيون ، جنهن ۾ ماضي به ياد ڪريون ته مستقبل جي اوک ڊوک لاءِ اک ڊوڙايون.
    ٿر ۾ مينهن انتهائي خوشي ۽ سڀاڳ جي نشاني آهي، جنهن کي مختلف نمونن سان ملهايو ويندو آهي. هن وقت ته سائنسي اوزارن وسيلي مينهن لاءِ اڳڪٿيون ڪيون وينديون آهن. ماضيءَ ۾ ته مارو ماڻهو پنهنجي لوڪ ڏاهپ جي صديون پراڻي تجربي جي آڌار تي ، اهي اڳڪٿيون ڪندا هئا.
    آرهڙ جي لُڪن ۽ جهولن کان پوءِ، مينهن جي مند جي کي سارڻ شروع ڪبو هو. مئي، جون جولاءِ جي مهينن ۾ مينهن ترايون تار ڪندو هو ته ورهيه ڀلو جي نه ته ڏڪاريا سُڪ سالي جيڪا شدت اختيار ڪندي هئي ته ڪارو ڏڪار جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ان ۾ راڻين جا ڪنگڻ ڍرا ٿي پون ٿا يعني سندن جسم جو ماس ڇڻي وڃي ٿو ۽ سندن ڏٻرائي ڏولائي جو اهڃاڻ ٿي اڀري ٿي. راڻيون بادشاهن جي گهرن ۾ هجڻ ڪري سدائين خوشحال هو نديون آهن جڏهن انهي خوشحال طبقي تي اهڙا ڏينهن اچن ته پوءِ عام لوڪ جو ڪهڙو حال هوندو. انهي ڪيفيت کي ذهن ۾ رکندي، ڪنهن ٿري شاعر هن ريت خيالن جو اظهار ڪيو آهي؛
    ٻيجا سڀ ورچڻا، متي ورچي ڪاڙا ميهه
    تين ورچي ڀوپت ڏلين، ساجن ٿين ڇيهه
    يعني ٻيا سڀئي ورچي ڪڪ ٿي بيزار ٿين ٿا، پر اي ڪارا ميگهه تون ڪڪ ٿي هٿ نه ڪڍجان. جيڪڏهن تو هٿ ڪڍيا ته راڄ ڌڻي به رلي ويندا ۽ سڄڻ به ڏلي ڏور ڏيهه وڃي آباد ٿيندا.. مينهن جي اهڙي اهم حيثيت، ٿرين کي مند تي مينهن جي سار سنڀار ڪرڻ جو سبق سيکاري ٿي. اهي وڻن ٽڻن ، پکين، هوائن ، ڪڪرن، چوپائي مال ۾ مينهن جون نشانيون ڳوليندي ، اڳڪٿيون ڪندا آهن. آسمان ۾ جڏهن اُٻ ٿيندي ۽ موگهون منهن ڏيکارينديون ته سمجهيو ويندو ته هاڻي بارش ايندي
    اُ ٻ تائين آسرو، موگهان تائين مينهن
    ساسو تائين ساسرو، سالان ڪوڙو نينهن
    يعني جيئن اُٻ ٿي ۽ هلڪيون هلڪيون پڇون آسمان ۾ هلڻ لڳيون ته مينهن جو آسرو ٿيو ۽ موگهون نڪتيون ته برکا برسندي. اهڙي ريت سس سهري جي حياتي تائين جوانئي تي قرب هوندو ، باقي سالن جو نينهن مڙيئي ڏيکائي لاءِ هوندو آهي.
    چانڊوڪي راتين ۾ جڏهن چنڊ جي چوڌاري پڙ جنهن کي ڪونڊاريو يا ڪونڏو چون، ڏسڻ ۾ اچي ۽ پڙ ۾ تيز روشني جنهن کي جرهيڙي چون، هجي ته پوءِ پڪ برسات ايندي.. آڀ ۾ تتر کرڙي ٿئي به برکا جو اهڃاڻ آهي. انهي کي شاعرن هن روپ ۾ اظهاريو آهي،
    تتر کرڙي واڏڙي، وڌوا ڪاجل ريک
    او ورسي، او ور ڪري، تي ۾ مين نه ميک
    يعني تتر کرڙي واريون ڪڪريون، ۽ بيوه عورت جي اک ۾ ڪجل ريک اهڃاڻ آهن، هڪڙي وسندي، ٻي مڙس ڪندي، جنهن ۾ ڪو تر جيترو ڦير فرق ناهي.
    آکاٽيءَ جو ڏڻ ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ هڪڙو ڏينهن هارين جي پرڀ جو هوندو آهي. ان ڏينهن مٽيءَ جون ڪُلهڪيون ٺاهي پاڻيءَ سان ڀري ، چئني طرفن ڏانهن جي رخ ۾ رکي ڇڏبيون آهن. جيڪا ڪُلهڪي اڳ ٽٽي ۽ پاڻي هاراڻو ته سمجهو اها ڏِس سڀ کان اڳ وسندي. جهرڪيون ريل ۾ ويهي، وهنجڻ لڳنديون آهن ته ان کي به مينهن وسڻ جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. ماڪوڙيون ٻرن مان نڪري، ننگرا ٺاهي هلڻ لڳنديون آهن يا وري، آنا کڻي ٻئي طرف هجرت ڪرڻ لڳنديون آهن ته به مينهن جي نشاني آهي. ڪونڀٽ ۽ ٻائوري ۾ سنهي گڏر لڳندي آهي جنهن کي لُنئين چئبو آهي، اها به بارش اچڻ جي نشاني آهي. ايئن ڳائي مال ۾ به ڪجهه اهڃاڻ نروار ٿيندا آهن جن کي ڏسي برسات جي اڳڪٿي ڪئي ويندي آهي جيئن، مال جو هڪٻئي کي زبان سان چٽڻ، وٿاڻ ۾ بيهي پيرن سان ڌوڙاُڏائڻ.
    مهينن کي ڳڻپ لاءِ، نکٽن ۾ ورهايو ويو آهي. جيڪي 15 ڏينهن جي عرصي جا ٿيندا آهن. روهڻ ۾ جيڪڏهن تمام گهڻي گرمي ٿئي ۽ مگسر ۾ واءُ لڳي ته ان کانپوءِ آڊ ۾ مينهن اوس اچي.
    روهڻ تپي، مگسر وائي
    آڊ ڊٻوڪي، مينهڙلو آئي
    ايئن مانڊاڻ مچڻ لڳندو آهي. اتر اوڀر ڪنڊ تا ن کنوڻ کنوڻ لڳندي آهي، ته اهڙي ٻڪرار کنوڻ ۾ سڀئي وڇوڙيل هڪٻئي جي هنيين ۾ ، ڀڳي هڏ وانگر هري پوندا آهن ۽ مور به پنهنجي من جي محسوسات کي پراسرار ڪوڪ سان اظهاريندو آهي، جنهن جو پڙلا ءُ سموري سرشٽيءَ ۾ گونج پيدا ڪري وجهندو آهي اها گونج اهڙين دلين ۾ دهڪاءُ وجهي ڇڏيندي آهي جن جا بالم ڏور ڏيهه هوندا آهن ۽ اهي دليون مور سان مخاطب ٿي هن طرح جي اندر اور ڪرڻ لڳنديون آهن؛
    تون ڏونگر رو موريو، ٻيسڻ رين کجور،
    تين سين چڙهڻ ڍوڪڻو، مين سين بالم ڏور،

    اي ڏونگر جا موريا، تون رات جو کجور جي وڻ تي چڙهي رات ڪٽي ٿو وڃين، توکي چڙهڻ ويجهو ۽ سولو آهي، اسان کان ته بالم ڏور آهي. يعني هن مينهن جي من موهيندڙ مند ۾ اسين ڪيڏانهن وڃون. اهو ٻڌي مور پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه هن ريت ٻولي ٿو؛
    هون ڏونگر رو موريو، ڪانڪر چوڻ ڪران،
    گاج گڙوڪي نه ٻولان، هنيون ڦاٽ مران

    ڪٿي ڪٿي وري اهو ڏوهو هن طرح آيو آهي؛
    امي گر را مورلا، ڪانڪر پيٽ ڀران
    رت آئي نه ٻولان، هنيون ڦاٽ مران
    اسين گرنار جي ڏونگر جا مور آهيون، ڪڪرا چُڳي پيٽ جو دوزخ ڀريون ٿا. موسم ڀرجي ايندي آهي تڏهن ڳالهائيندا آهيون. جيڪڏهن ايئن نه ڳالهايون ته هنيون ڦاٽي مري پئون. جن جا بالم پري آهن انهن جي شڪايت بجا پر گرنار جا مورپٿر جي سنهن داڻن تي گذارو ٿا ڪن، اهي عياش ناهن. موسم اچي ٿي ته اها ڪوڪ اجهل نڪري وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته فطرت سان سندن ازلي ناتو آهي.
    اتر جا اوهيرا جڏهن اگوندرو آب اوتيندا آهن ته مارون جا سمورا گوندر گم ٿي ويندا آهن، مهانگي لئه ميڙيندڙ موذي ۽ ڏڪاريا ڏيهه مان الوپ ٿي ويندا آهن، سنگهارن ۾ سک سرهائي جي وائي ورندي آهي.
    ڪڪرن سان به ڪافي اصطلاح ۽ لفظ واڳيل آهن.سنهيون پڇون جن ۾ پاڻي هوندا آهي تن کي پاڻيهاريون ڇئبو آهي. برسات پئجي ويندي آهي وري پويان پاڻي ڀريل ڪڪر تيز تيز پيا ايندا آهن تن کي ليڻ چئبو آهي. برسات وسندي ڪڪر بيهي وڃي ۽ برکا جون بوندون هڪ جاءِ تي بيهجي وڃن ته انهن کي ڌاروڙا چئبو آهي.پاڻي ڀريل ڪڪر جيڪي پري کان پڌرا هوندا آهن تن کي لڳهه چئبو آهي. اتر جي برسات جي ان سموري مانڊاڻ کي اسان جي سڀني ڪلاسيڪي شاعرن ڳايو آهي. شاه لطيف ڀٽائي س سارنگ ۾ اهڙي منظر ڪشي ڪئي آهي ڄڻ اسڪرين تي ڪو منظر هلندو هجي.
    آگميو آهي لڳهه پس لطيف چئي،
    وٺا مينهن وڏڦڙا ڪڍو ڌڻ ڪاهي
    وهو م لاهي آسرو الله مان
    ٿوري ٿوري وقفي سان وسندڙ اوهيرن جو به ذڪر سنڌي شاعري ۾ آهي ته سرلي جُهڙ جي ڳالهه به ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ برسات وسڻ دوران سڄ ڍڪجي ويندو آهي پر روشني موجود هوندي آهي. خليفي نبي بخش ان منظر کي هن ريت بيت بند ڪيو آهي؛
    جهڙ ڦڙ جهور جهڪور، سڄ سرلي ڍڪيو
    قاسم اتر پار ڏي ڪڪر ڪاريءَ ڪور
    اڀي سارنگ سامهان ڪن ٽهوڪا مور
    اُٺو آب اتور، ڍٽ پٽ کهنبا ڍڪيا.
    ائين مينهن سان مارن ماڻهن جو اهڙو نينهن آهي جنهن جي ور وراڪي ۾ اهي سُڪ لڳا پيا آهن. مينهن ۽ نينهن جي انهي روايت کي صدين کان ڳائيندا وڄائيندا اچن . مينهن مارو لوڪن لاءِ خوشيءَ جو مُهري آهي جنهن سان ڪافي آسون اميدون پيدا ٿين ٿيون. مينهن جا ڏينهن ڦريا به آهن ۽ بقول ماموئي فقيرن جي ته سيارا وسڪارا به ٿيا آهن، يا وري جيڪو چئوماسي جو مينهن مئي مهيني ۾ وسند و هو سو جون ۽ هاڻي جولاءِ ۾ وسڻ لڳو آهي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر جون برساتون ته سال کي ٻاڙمير جي اٺ جي ڦر ڏيڻ واري وقفي وانگر ڊگهو ڪري ٿيون ڇڏين. ٻاڙمير جي اٺ لاءِ چيو ويندو آهي ته انهن مان ڪو نسل اهڙو به آهي جيڪو 24 مهينا ڳڀ کڻي هلندو آهي پوءِ ويامندو آهي.
    هن سال به لڳي ٿو ته برساتون پاڇٽ آهن، هاري هر سنباهي ويٺا آهن پر اتر جي ڪڪرن جي ڪنڍرن جو انتظار آهي. سائنسي جا سکندڙ ۽ سيکاريندڙ چون ٿا ته آبهوائي ڦير گهير موسم جي ڦونٽي ڦيري ڇڏي آهي ۽ اها پنهنجي موڊ اچڻ تي وسي ٿي يا بنهه اهڙو ڏڪار آڻي ٿي جيڪو هرهڪ شئي کي متاثر ڪريو ڇڏي. اهڙين حالتن ۾ ڪهڙو اثر ٿئي ٿو يعني جڏهن سٺيون برساتون پون ٿيون ته ڀلسرو ٿئي ٿو . ان امونگرو ٿئي ٿو . ڪک پن گاه پٺو به ججهو ٿي پوي ٿو. ٻي صورت ۾ جڏهن ميگها رُت منهن موڙي وڃي ٿي ته جر جو پاڻي هيٺ هليو وڃي ٿو ، نتيجي ۾ آبي ڏڪار ٿي پوي ٿو جيڪو وڌندي سوڪهڙي ۾ تبديل ٿئي ٿو ۽ سوڪهڙي جي شدت ۽ گهڻ مدتي ٽڪاءُ اڳتي هلي ڪاري ڏڪار جي صورت ۾ ڪر ڪڍن ٿا. روڊن رستن جي ٺهڻ، موبائل فون جي عام واهپي، غير سرڪاري ادارن پاران سڪ سالي گهٽائڻ بابت هلايل مختلف رٿائن، سرڪار پاران رليف جي ڪڻڪ وغيره جي ڪري، ڏڪارن جو اثر گهٽ نظر اچي ٿو. خاص ڪري ٽرانسپورٽ جي بهتريءَ سان اناج توڙي مال جو چارو آسانيءَ سان دستياب آهن، جن جي ڪري مال ۽ ماڻهو ڏڪار جي سٽ سهي وڃن ٿا. ان جي باوجود موجوده حالتن جي پيش نظر راڄن جي ماڻهن کي سخت حالتن مان سبق پرائيندي ، صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ڀلسري ۾ ٿيل گاه کي بچائي محفوظ ڪري رکن جيئن ضرورت وقت مال کي چاري سگهن.. وڻن جي واڍيءَ کي راڄ پاڻ روڪين. جن ڳوٺن ۾ اهڙي ٻڌي ٿيل هوندي آهي اُتي هن وقت به سيمون ڏسڻ وٽان آهن جيئن؛ وروائي، مٺڙيو سومرا وغيره
    برسات جي ضايع ٿيندڙ پاڻيءَ کي محفوظ ڪيو وڃي. ٻنين کي واري تي پوکيو وڃي جيئن انهن جي زرخيزي قائم رهي. گهرن جي ويجهو پئل اجهور واري زمين جيڪا گڏه گابي جي چرڻ لاءِ رکيل هوندي آهي، تنهنکي پوکڻ کان پاسو ڪيو وڃي. کاڌي جي کوٽ دوران خصوصن ۽ عام رواجي حالتن ۾ عمومن ٿر جي ڀاڄين ۽ ڏٿ جو واهپو وڌايو وڃي ۽ ڀاڻ تي پيدا ٿيندڙ شين جي استعمال کي ختم ڪيو وڃي يا گهٽايو وڃي. هاڻي مند ڀرجي آئي آهي، اڳڪٿي آهي ته هن سال 20 جون کان برساتون پونديون ۽ سوڻ سٺ به سمڪ ڏين ٿا ته هيل ٿر ۾ مينهن موچارا پوندا ۽ مارو خوش ٿيندا ۽ خوشحال ٿيندا مالڪ مهر ڪري مينهن کي موڪليندو ته ملڪ آباد ٿي پوندو، مارو سک جو ساه کڻندا . اُتر جي کنوڻ سندن زند گيءَ ۾ خوشحالي آڻيندي جيئن نامياري سنڌي شاعر، صوفي صديق ”صادق “ فقير سومري فرمايو آهي؛
    وٺو مينهن وڏڦرو، جهان جهان ڪري جهڪور،
    موچاري ملير جون، مينهون ٽِلن مور،
    هاديءَ لاٿا هور، ولهارن وس ٿي.


    پاڻي اور پرمارلاڀي تو ليجي گهڻو

    پاڻي اور پرمارلاڀي تو ليجي گهڻو

    ٿرپارڪر، جيڪو نيارو سُڪ ساليءَ وارو باراني علائقو آهي جنهن لاءِ ڪنهن وقت لفظ Desert گهڙيو ويو پر اُن کان به اڳي ڪرنل جيمس ٽا ڊ هن علائقي کي لفظ Masusthali سان منسوب ڪندي ”مارو ٿر“ قرار ڏنو هو يعني ”ماريندڙ ٿر“. پر جيڪڏهن اُتان جي رهاڪن جي سٻاجهي ۽ امن پسندي ڏانهن ڏسجي ٿو ته مارو ٿر جي معنى ٺهڪندي نظر نٿي اچي پر ڇا ڪجي ٽاڊ ڪرنل انگريز هو تنهنڪري اُن جي ڪڍيل ٺڪاءُ کي رد ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي هِن علائقي جا مارو ماڻهو انتهائي ملنسار ۽ دُنيا جي اڪيلي سول سوسائٽي آهن ٻيون سول سوسائيٽون مڙئي ڪپڙن ڍڪيون نظر ٿيو اچن منجهن ٻيو گهڻو ڪجهه نظر ايندو سواءِ سِولٽيءَ جي.
    مارو ماڻهن جو ملڪ مارو واڙ ڪڏهن نوڪوٽن تي به مشتمل هو ، ڪڏهن شايد مهاساگر به هو ته ڪڏهن وري دُنيا جي خوبصورت ۽ ڀري تُري سامونڊي بيچ (Beach) به هو جنهن ۾ پاري ننگر جهڙا پر کنڊين پڌرا شهر هئا جيڪي عيسوي سن جي شروعات دوران به بهترين بندر گاهه طور ڄاتا سُڃاتا ويندا هُئا جتي راهومن جي بازار هوندي هُئي جنهنک ي ”راهو مڪي بازار“چيو ويندو هو. جتي ”ونگا بازار“ به هوندي هئي . اهو ٿر جڏهن کان پاڻي کان محروم ٿيو تڏهن کان اُن جو تصور ”مارو ٿر“ وارو اُڀريو جنهن ۾ جر جو پاڻي يا ته دستياب نه هوندو هو يا وري ڪڙو ۽ ڪسارو هوندو هو. پاڻيءَ جي اها صورتحال جڏهن پُراڻي دور ۾ ڪنهن ٿري شاعر محسوس ڪئي ته هُن هِن ريت اظهاريو.
    پاڻي اور پرمار، لاڀي تو ليجي گهڻو،
    ڌيوڙيي ڌن مال،هووي تو ڏيجي گهڻو.
    يعني ٿر ۾ توهان کي پر مار راجپوت ملي وڃي ته به کيس پاڻ سان گڏ کڻو، جيڪڏهن پاڻي ميل ته به ضرور کڻو. توهان وٽ جيڪڏهن ڌن دولت هجي ته ڏيئن کي گهڻو جي هِيءُ دوهو ٻن رُخن کي ظاهري ڪري ٿو هڪ ته ٿر ۾ توهان کي جيڪڏهن ڪنهن شيءَ جي ضرورت آهي ته اُهو پاڻي آهي جيترو به ملي اوترو هٿ ڪريو ۽ پرمار جيڪو وچن نباهه وارو آهي اُن جو ساٿ ملي ته به ضرور حاصل ڪريو باقي پنهنجي مال مان وڏو حصو ڌيئرن کي ڏيو ته جيئن اُهي جڏهن ساهرن وڃن ته معاشي سگهارپ کڻي وڃن ۽ نئين گهر ۾ سندن آواز سگهارو هُجي ۽ کين ڪير هيڻو نه سمجهي اِن قسم جو حساس ٿر اڄ پاڻيءَ جي لحاط کان ساڳي مشڪل ۾ آهي. ٿر ۾ پاڻيءَ جي موجودگي، مسئلن ۽ پاڻي حاصل ڪرڻ جي طور طريقن کي چڪاسبو ته ٿر ۾ پاڻي جا مکيه وسيلا هن ريت نظر ايندا.
    1. جر جو پاڻي، 2. پلر پاڻي، 3. دريائي پاڻي
    1. جر جو پاڻي ....ٿر ۾ جر ڪٿي هيٺ ته ڪٿي مٿي آهي ڪٿي کارو ته ڪٿي مِٺو آهي ڪٿي اونهو آهي ته ڪٿي تانگهو آهي. ٿر جو ڏاکڻو ڀاڱو جنهن کي ڀٽائي سائين” پائر“ سڏيو آهي تنهن ۾ پاڻي زمين جي سطح کي ويجهو آهي ۽ ٿر جو اُتر اوڀر ڪُنڊ وارو علائقو جنهن کي ڀٽائي ”کائڙ“ سڏيو آهي تنهن ۾ پاڻي اونهو آهي باقي وچ واري تر يعني ”ڪنٺي“ ۾ پاڻي جي اونهائي وچٿري آهي. ذائقي جي لحاظ ٿر ۾ جر جو 90% پاڻي ڪسارو آهي. ٿر ۾ ڳوٺ آباد ٿيڻ جو سلسلو به کوهه کڻڻ سان شروع ٿئي ٿو ۽ ڳوٺن مان اڪثر ڳوٺن جا نالا کوهن پويان آهن يا پاڻيءَ جي ذائقي پويان آهن جيئن ميگهي جو تڙ، جيسي جو پار، وليءَ جي ويري، کارو حبيب، ڪلڻهار مِٺو وغيره ائين کوهه اڪيلو مکيه ذريعو آهي جر جي پاڻيءَ کي ڪڍڻ ۽ پاڻيءَ تائين پهچ تمام مشڪل ڪم آهي ۽ پاڻي ڪڍڻ لاءِ هر هڪ گهر جو تمام گهڻو وقت ۽ وسيلا خرچ ٿين ٿا جنهن ڪري غربت جو بار اڃان به وڌي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هڪ گهراڻي جي ڀاتين کي 6-4 ڪلاڪ تڙ تي گُذاراڻا پون ٿا تڏهن وڃي اُنهن جي پاڻيءَ جي ضرورت پوري ٿئي ٿي ۽ پاڻي ڪڍڻ جي ان ڪم ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي جيڪو مِٿن اضافي بوجهه آهي . کوهه جي انجنيئرنگ شروعات ۽ ڏُکي هوندي هئي ۽ اُڇيڙ ٻانڌو ٻڌڻ ۾ وڏي مشڪل ٿيندي هئي ۽ ڪيترائي ٻانڌارا هُن دُنيا خيرباد چئي هليا ويندا هئا پر جڏهن راوتسر جي ميان عبدالحق چانڊئي ”نو تيرهي“ سر ايجاد ڪئي ۽ ”اونڌو ٻانڌو“ شروع ٿيو. هاڻي ته سيمينٽ ڪنڪريٽ ۽ لوهي سيخن وسيلي گول ڇلا (Firms) ٺاهي اُن مان کوهه تيار ڪيا وڃن ٿا پر پوءِ به کوهن مان پاڻي ڪڍڻ اڄ به ڏُکيو ۽ وڏو مسئلو ۽ مامرو آهي.ٽيوب ويل وسيلي پاڻيءَ ڪڍيو ويندو آهي جنهن جو پهريون تجربو ساز دار وارن ڪيو هو پر اُهي سمورا ٽيوب ويل بند پيا آهن تنهن کان به اڳي ايوب خان جي دور ۾ ”پن چڪيون“ wind nills لڳيون هيون پر فني خامين ، سار سنڀال نه هئڻ ۽ هوائن جي رخ کي صحيح نه سمجهڻ جي ڪري اُهي به گم ٿي ويون ۽ هِن وقت انهن جو ڪو نالو نشان ناهي، ضلعي حڪومت ڪجهه ڳوٺن ۾ ٽيوب ويل لڳرايا يا چند ٽيوب ويل ڳنڍي پاڻي فراهمي جون اسڪيمون تعمير ڪرايون ۽ ڳوٺاڻن جي تنظيمن VOs حوالي ڪيون اُهي رٿائون اڄ به هلن پيون. هٿ پمپ به لڳايا ويا پر اهي اهڙن هنڌن تي لڳايا ويا جتي پاڻي زمين جي مٿاڇري کي ويجهو هو.
    اُن کانسواءِ ماڻهن پاڻ هڪڙو تجربو ڪندي کوهن تي اڌ ٻُڏل پمپ submersible pumps لڳايا آهن جيڪي پڻ چڱي ريت راڄن جي ضرورت پوري ڪري رهيا آهن پر جر جو پاڻي جيئن ته اڪثر کارو آهي تنهنڪري چيو ويندو آهي ”هڙ يا مار حجامن وارو“ يعني حجامن جي ڳوٺ جو پاڻي پيئڻ سان هُڙيا پکي مري پون ٿا. جر جي ان کاري پاڻي تي به ماڻهو گُذارو ڪن پيا. ٿر جي جر جي پاڻي ۾ ڪيمائي مادا جهڙوڪ فلورائيڊ ۽ ٻيا لوڻ وغيره ٿين ٿا تنهن ڪري اُن مان ڪافي بيماريون ٿين ٿيون. پر جيئن ته پر ڪاواهه ناهي تنهنڪري ويچارا مارو لوڪ انهي ته گذارو ڪري رهيا آهن.
    2. پلر پاڻي ....پلر پاڻي جو ٿر ۾ وڏو ڪم آهي ۽ جنهن سال به 300 ملي ميٽر برسات پوي ٿي ته اٽڪل 10 ڪروڙ ملين ليٽر پاڻي وسي ٿو جيڪو نه رُڳو پيئڻ جي ڪم آڻي سگهجي ٿو پر چوپائي مال گهرو ڪم ڪار زراعتي مقصدي لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو پر هن وقت پر پاڻي گڏ ڪرڻ جو مقدار هڪ اڀياس مطابق .006% 0آهي جيڪو جيڪڏهن 0.25 سيڪڙو ڪيو وڃي ته سڄو سال پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڪاتنگي نه رهندي برسات جي مُند ۾ هر ڳوٺ جي سيمن کان وٺي آبادين جي ميدانن تائين، پلر پاڻيءَ جا انڇر ٿي وڃن ٿا پر اُهو پاڻي ضايع ٿئي ٿو. اُهو پاڻي ڪيترين ئي ندين جي صورت ۾ وهي اجايو وڃي ضايع ٿئي ٿو. صرف ڪارونجهر جبل مان 16 نديون وهن ٿيون جن مان ڪن جو پاڻي گڏ ڪري ڪارج هيٺ آندو وڃي ٿو پر پوءِ به تمام گهڻي مقدار ۾ پاڻي وهي ضايع ٿي رڻ ۾ وڃي پوي ٿو اهڙي طرح سڀني ڳوٺن ۾ اهڙيون لاتعداد نديون آهن جيڪي برکا تت ۾ ارڙاتا ڪري وهن ٿيون جنهن جي ڪري نه رُڳو پاڻي زيان ٿي وڃي ٿو پر زمين ۾ ڏرڙ ٿي پون ٿا ۽ زميني کاڌ جي ڪري زميني مٿاڇرو خراب ٿي وڃي ٿو.
    پلر پاڻي گهرن ۾ ننڍي پئماني تي گڏ ڪيو وڃي ٿو پر حڪومتي سطح تي اڃا اُهو نظر انداز ڪيل شعبو آهي. ڳوٺ سطح تي پلر پاڻيءَ جا قدرتي هنڌ ترايون، تلاءُ، ٽوڀا، ڊها ۽ سَرَ آهن جن ۾ گڏ ٿيل پاڻي 4 کان 6 مهينن تائين رهي ٿو ۽ گهڻو ڪري چوپائي مال پيارڻ لاءِ ڪم اچي ٿو.
    3. دريائي پاڻي...دريائي پاڻي ڪو ايترو گهڻو ناهي ڇو ته ٿرپارڪر پُڇڙيءَ کان به پر انهون رهيو آهي ۽ منجهس ڪو واهه ياشاخ ناهي صرف ڪجهه هنڌن تان مِٺي پاڻي جي پائيپ لائين اچي ٿي جنهن مان پيئڻ جو پاڻي ڪجهه آباديءَ کي نصيب ٿئي ٿو اهڙي لائين نئون ڪوٽ کان مٺي ۽ پوءِ اسلامڪوٽ کان ٿيندي ننگرپارڪر وڃي ٿي پر ننگرپارڪر پهتي ناهي . ٻي لائين چِيلهه بند کان ڇاڇرو وڃي ٿي ۽ ٽين لائين عمرڪوٽ کان کينسر اچي ٿي. ڊوڍارو کان ڏيپلو ويندڙ لائين بند پئي آهي ۽ خراب آهي. انهي پاڻي کي ماڻهو پاڻ لاءِ نعمت سمجهن ٿا ۽ صرف مِٺو پاڻي انهي درياه پاڻي کي سمجهوي وڃي ٿو جن ڳوٺن ۾ گرميءَ جي مُند ۾ جر سُڪي وڃي ٿو اُتي جا ماڻهو شهرن مان پاڻي جا ٽئنڪر خريد ڪري وٺي وڃن ٿا ۽ ذخيرو ڪري رکن ٿا ۽ صرف پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. درياهي پاڻي کي پهچائڻ لاءِ جيڪڏهن سنجيده ڪوششون ٿين ها ۽ ِ هيستائين جيڪا به لاڳت سرڪاري توڙي غير سرڪاري اداران پاڻيءَ جي مد ۾ ڪئي آهي اُها دريائي پاڻي ٿر آڻڻ تي لڳائي وڃي ها ته هيستائين ٿر ۾ درياهي پاڻي شايد آساني سان مُيسر هجي ها.
    پاڻيءَ کي مٺي ڪرڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون ويون آهن هِن ڏس ۾ غير سرڪاري ادارن سڀن کان پهرين RO پلانٽ متعارف ڪرايا پر اُهي به گهڻو وقت نه هليا وري سنڌ حڪومت ڪن وڏن شهرن ۾ وڏا وڏا RO پلانٽ لڳرايا پر اُنهن ٿرين جي اُڃ اُجهائڻ ۾ ڪو اهم ڪردار ادا نه ڪيو. هِن وقت سنڌ حڪومتي وري مختلف ڳوٺن ۾ RO پلانٽ لڳرائي رهي آهي اُهي شال جٽادار رهن ۽ راڄن جي ضرورتن کي پورو ڪن جيئن مسلسل هلندا رهن نه ته ڪٿي ڪروڙين روپين جي لاڳت ٻُڏي وڃي ۽ ٿري ويچارا جتي بيٺا هُئا اُتي ئي رهجي وڃن وري سندن ڪلهي تي ورت ڪوس هجن ۽ اُهي گڏ هيون هجن اُهو ئي وارو اُها ئي کيلي يعني ساڳي سسئي ساڳيا سور، پيا پٽين پاڻ ۾.
    محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ به پاڻي مِٺي ڪرڻ جون ٻه اهڙيون اسڪيمون ”وڄوٽي“ ۽ ”مانٻائي جي تڙ“ ڳوٺن ۾لڳيو ن هيون پر اوهي به بند ٿي ويون ۽ اسڪيمن جا پينل اُن ديس روانا ٿي ويا جيڏانهن پن چڪين جا پرپرواز ڪري وڃي چڪا آهن .
    اهڙي ريت ٿر ۾ اها ته پاڻيءَ جي عام رواجي حالتن جي صورتحال آهي باقي ڏُڪاري صورتحال ۾ ته جر جو پاڻي هيٺ هليو وڃي ٿو يا سُڪي وڃي ٿو. ڪافي ڳوٺن ۾ پاڻي جي اها کوٽ ان حد تائين وڌي وڃي ٿي جو اُتان جا ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي ٻئي طرف لڏي وڃن ٿا. پيئڻ جو پاڻي به ڪو هين پنڌ ڪري آندو وڃي ٿو ۽ پاڻي جي ان سموري ڀوڳنا ۾ ٿر جي اٻلا عورت جيڪي ڪجهه ڀوڳي ٿي اُن جو اندازو هُن خود کي ئي آهي ٻيو ڪير صدين جي ان سور کي سمجهي نٿو سگهي. پاڻيءَ جي اُها ڏکيائي واري صورتحال ڏُڪار رساليءَ دوران وڌيڪ ڏُکي ٿر وڃي ۽ ماڻهن به بيماريون وغيره وڌي وڃن ٿيون. ٿر جي ماڻهن کي اڪثر پيٽ جون بيماريون، سنڌن جي سور جون تڪليفون، گُردن جون تڪليفون، ڏندن جو بيماريون پاڻي جي ڪري ٿين ٿيون. سندن پاڻي جي مسئلي کي ڪڏهن ايترو ڳوڙهائيءَ سان نه ڏٺو ويو آهي وقتي حل ڳوليا وڃن ٿا پر ڪو اهڙو جامع حل نه ڳوليو ويو آهي جو مٿي تي گهڙو کڻڻ لهي وڃي ۽ هو سُکي زندگي گُذري ٿر پاڻيءَ جي انهي ڳنڀير صورتحال جي حل لاءِ ڪجهه صلاحون عرض آهن
    • ٿر ۾ جر جي سموري پاڻيءَ کي ليباريٽري ۾ چڪاسيو وڃي ۽ جيڪو پاڻي پيئڻ لائق ناهي اُن بابت ماڻهو کي آگاهه ڪيو وڃي.
    • جر جي پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ نت نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ لاءِ عوام جي مالي مدد ڪئي وڃي جيئن submersible پمپ جن کي عوام ”سمر پمپ“ سڏي ٿو نه ته سڄي عمر کوهن جو پاڻي جيڪو ورت سان ڪيتريون ئي غلاطتيون اندر وڃڻ جي ڪري گندو ٿي وڃي ٿو اُهو ماڻهن جي صحت کي متاثر ڪندو رهندو ۽ ماڻهن جي معيشيت تي به خراب اثر ڇڏيندو رهندو.
    • ٿر ۾ پاڻيءَ جي موجود سڀني وسيلن جر توڙي پلر پاڻيءَ جي مڪمل سروري ڪرائي اُن جو تفصيلي پروفائيل جوڙيو وڃي هر ڳوٺ جي حدن اندر وهندڙ برساتي ندين جي رُخ ۽ پاڻي جي مقدار جي دستاويزبندي ڪئي وڃي.
    • پلر پاڻي گڏ ڪري ڪم آڻڻ لاءِ غير سرڪاري ادارن سان گڏوگڏ حڪومتي ادارا به دلچسپي وٺن ۽ پنهنجي ترقياتي اسڪيمن جي ڦانڊ (portfolio) ۾ پلر پاڻي گڏ ڪرڻ جو رٿائون شامل آهن.
    • ڪوئلي جي تهن ۾ يا اُن کان هيٺ جيڪي پاڻي جا تهه آهن تکن کي سُڪارج ڪندي ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ اُهو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ به ڪم آڻي سگهجي ٿو.
    • مختلف هنڌن تي چيڪ ڊئم ٺاهيا وڃن جيئن جر جو پاڻي ٻيهر تار ٿيندو (Recharge) رهي ۽ پارڪر ۾ اهڙا ڊئم ڪن هنڌن ٺهيل آهن پر پوءِ به پارڪر جو ڪافي پاڻي ضايع ٿئي ٿو پوري ٿر ۾ اهڙا چيڪ ڊئم ٺاهي برساتي پاڻي کي ڪتب آندو وڃي.
    • جيڪڏهن ممڪن ٿئي ته ٽنهي پائيپ لائينن جو دائرو وڌائيندي سڄي ٿر تائين درياهي پاڻي وٺي وڃڻ جو دائرو وڌايو وڇي باقي جتي پاڻي پهچي نٿو سگهي اُتي راڄن جي ماڻهن کي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ وسيلي باؤزرس ذريعي پاڻي پهچائڻ جو ميڪا نيزم جوڙيو وڃي.
    • پاڻي جي ڪم ڪار جا جيڪي به نوان تجربا ٿين ٿا تن کي وسيلا وڃائيڻ کان اڳ اُنهن جو قابل عمل هجڻ جو اڀيا ڪرايو وڃي جيئن اسان مسلسل تجربن مان گُذرڻ جو بَکُ نه بنجون.
    • پاڻي اُن جي بناوت، غلامتن، ڪيمائي مادن يا لوڻياٺ جي نقصانن فائدن بابت عوامي سطح تي وسيع جاڳرتا ڦهلائڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن.
    • اهي چند گذارشون آهن جن وسيلي ٿر ۾ پاڻيءَ جي مئسلي آساني سان مُنهن ڏيئي، ٿري ماڻهو وڃي پيئڻ جي محفوظ پاڻي تائين پهچي کي يقيني بنائي سگهجي ٿو.


    ڏڪاريا ڏيهه مان موذي شال مرن

    ڏڪاريا ڏيهه مان موذي شال مرن

    ڀٽائي جڏهن مٿين سٽ لکي هوندي تڏهن يقينن کيس ڏڪار جي نالي ۾ ٿيندڙ هڻ هڻان، وٺ وٺان ۽ ڦرلٽ ضرور ذهن تي تري آئي هوندي ته سڪ ساليءَ دوران ڪيئن مصيبتون منهن ڪڍن ٿيون جن ۾ قدرتي آفتون به هونديون آهن ته ماڻهوءَ پاران پيدا ڪيل مصيبتون به ڪر کڻي نروار ٿينديون آهن. سندس مٿيون بيت، سندس ان خيال جي منظر ڪشي ڪندي ، انسانن پاران پيدا ڪيل صورتحال تي رد عمل ظاهر ڪري ٿو.
    ٿر جي موجوده ڏڪاري صورتحال جي پس منظر کي ڏسبو ته هِن وقت هلندڙ صورتحال اُن سلسلي جي ٻي ڪڙي آهي. پهرين ڪڙي اڄ کان 6 مهينا کن اڳ ’بگهڙ ڙي بگهڙ‘ واري جعفر ٻڪرار واري رڙ جيان ٿر جي وارياسي ڌرتيءَ تان ڪرب ڀري ڪوڪ بڻجي تڏهن اُٿي هئي، جڏهن مختلف چئنلن جون ڇتري لڳل ٽئنڪ نما گاڏيون مٺي شهر جي چونڪ تي ائين اچي بيٺيون هيون، جيئن فلسطين جي ڌرتيءَ تي سدائين ٽئنڪون نظر اينديون آهن. اُها صورتحال جيئن خبرن جو موضوع بڻي ته هرهڪ ڌُر ٿر جهڙي ڏورانهين ڌرتيءَ تي ڪاهي اچي ڪڙڪي ۽ پنهنجا پنهنجا پروگرام ڪري، پنهنجي وجود جي ثابتي ڏيئي وري ماڳ موٽي ويئي ۽ ائين ڇهه ماهي اڳ وارو ڏڪر لت کوڙي سُمهي پيو. اُن وقت به ٻارن ۾ ٿيندڙ موت کي تمام گهڻو بحث هيٺ آندو ويو هو ۽ ميڊيا ۾ ڇپجندڙ ابهم ٻارن جي مرڻينگ تصويرن انساني ڍال (human shield) جو ڪم ڏيکاريو ۽ مقامي حڪمرانن کان وٺي دوست ملڪن جي نمائندن ۽ سفيرن طور ڪم ڪندڙ تمام گهڻين شخصيتن ٿر اچڻ جي تڪليف ورتي ۽ اُهي مارو ماڻهو کين ياد اچي ويا، جيڪي عام حالتن ۾ گهٽ ياد ايندا آهن. ٿر جي يادگيريءَ لاءِ ڏڪاري حالتن جو ٿيڻ يا ڪوئلي جي ذخيري متعلق ڪنهن نه ڪنهن موضوع جو اُٿڻ ضروري ٿي پيو آهي. عام رواجي حالتن ۾ ٿر کي جيڪو ڌيان گهربل آهي، اُهو به نٿو ملي تڏهن ته اهڙيون حالتون پيدا ٿين ٿيون. جنهن جي خبرن کي بنياد بڻائي صورتحال کي سلجهائڻ بدران ڏينهون ڏينهن منجهايو ۽ اينگهايو پيو وڃي. ٿري، مسڪين مارو ماڻهو ملوڪن پاران کيڏجندڙ انهي شڪار ۾ موت جو شڪار ٿي رهيا آهن، يعني سندن سون سريکو ۽ پنڻ ۽ پاپ کان ڪوهين ڏور ڪلچر تاراج ٿي رهيو آهي. جنهن جي موت تي هرهڪ حساس ماڻهوءَ کي تڪليف به آهي ته حيرت به. ڇاڪاڻ ته ٿر ۾ غربت جي پراڻي تاريخ ۽ انهن قدرتي مصيبتن جي گهڻي وقت اچڻ جي باوجود ٿر پنهنجي ثقافتي حرمت کي بچايو آهي، يعني ٿر ۾ نه ته ڏوهه وڌي ويجهي سگهيو آهي نه پنڻ وغيره. حيرت ان تي آهي ته هرهڪ ڌر ٿر جي درد کي محسوس نٿي ڪري ۽ رڳو رليف رليف ۽ رليف ڏيئي، ٿري ماڻهوءَ جي مزاج کي خودداريءَ مان نيڪالي ڏياري پستي ۽ ذلت جي نه ختم ٿيندڙ عِلت ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. هرهڪ ڌر مٺيءَ جهڙي نسبتاً خوشحال شهر ۾ پنهنجي موجودگي ڏيکاري، فوٽو ڪڍرائي هلي وڃي ٿي يا دسترخوان لڳائي ماڻهن کي مفت جي ماني تي هيرائي هلي وڃي ٿي ۽ ٿر لاءِ ڪي به جٽادار اُپاءَ نٿا ورتا وڃن. تڏهن ئي ته ڏڪار جي روڊميپ جي ٻي ڪڙي شروع ٿي آهي ۽ نه ڄاڻ ڪيتريون ڪڙيون اڃا هلن ۽ اُهي ڪيتريون ڪوڙيون ۽ ڪساريون هونديون تن جي هِن وقت ڪٿ نه ٿي ڪري سگهجي. ٻي ڪڙيءَ دوران به جيڪو وڏو معاملو مسلسل ميڊيا جي زينت بنيل آهي، اُهو سول اسپتال مٺي يا ٻين اسپتالن ۾ مرندڙ ننڍي عمر جي ابهم ٻارن جو موت آهي. هڪ خبر مطابق گذريل 11 مهينن ۾ 275 ٻار فوت ٿيا آهن يا وري هيءَ خبر ته گذريل 49 ڏينهن ۾ ٿيل 96 موتن ۾ 89 ٻار آهن. ٻارن جي موت جي خبر ائين هلي ٿي ته هيترا ٻار ڏڪاري صورتحال يا غذائي قلت جي ڪري فوت ٿي ويا يا سُرخي هلي ٿي ته اڄ فلاڻي ڳوٺ ۾ هڪ ٻارڙو فوت ٿيو ۽ اهڙيءَ ريت غذائي کوٽ ۾ مرندڙ ٻارن جو تعداد هيترو ٿي ويو آهي. خبرن جي ڀڙڪندڙ اها باهه ايترو ته تيز ۽ شديد آهي، جو ڪا به تصديق يا تحقيق ڪرڻ کانسواءِ ئي اخبارن ۾ اهو اِشو مسلسل رپورٽ ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف حڪومت سميت مختلف ادارا ۽ ڌريون رليف ورهائڻ يا رليف جون رٿائون ٺاهڻ ۾ مصرف آهن. ٿر ۾ اها صورتحال اصل صورت ۾ ڪيئن آهي يا اُن جي اصلي حقيقت ڇا آهي يا مسئلي جي شدت ڇا آهي ان بابت ڪا سنجيدگي نظر نٿي اچي. ميڊيا جي قوت اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي ته سرڪاري مشينري متحرڪ ٿي پئي آهي.
    هرهڪ نڪري پيو آهي ۽ اسپتالن جا يا ٻين امدادي ادارن جا دورا ڪيا پيا وڃن ۽ اهڙن دورن چڪاس ۽ نظرداريءَ جي عمل کي تيز ته ڪيو آهي، پر اُن سان گڏوگڏ روزمره جو ڪم ڪار به متاثر ٿئي ٿو يا اُهو ڪم ڪار ڪندڙ جيئن اسپتالن جو عملو وغيره آهي اُهي ڏاڍي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ اچي وڃن يا روينيو جا ڪامورا رليف جو ڪم ڇڏي VIP پروٽوڪول ۾ لڳي وڃن ٿا. هن قسم جي صورتحال کي انتهائي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ، سنڀالڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي نه ته مسئلو وڌندو رهندو ۽ انهيءَ سيريل ڊرامي جون قسطن پٺيان قسطون اينديون رهنديون. ڇاڪاڻ ته هِن وقت اُهو عام روايتي ڏڪار ناهي جنهن لاءِ لفظ ڏڪار ٿر ۾ رائج ٿيو هو، جيتوڻيڪ ٿر ۾ ڏڪارن جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي رهي آهي. پر موجوده صورتحال گهڻ رُخي نظر اچي ٿي ۽ هِ هڪڙو ڏڪار نه پر ڪيئي ’قحط ساليون‘ محسوس ٿو ٿئي، جيڪي خود هڪ پيچيده قحط سالي ۽ قحط الرجالي ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. تنهنڪري اچو ته ڪجهه نظر ماضيءَ تي به وجهون ته گذريل زمانن ۾ قحط ساليءَ ڪهڙا ڪيس ڪيا ۽ اُنهن کي حڪومتن ڪيئن منهن ڏنو، ماڻهن ڪيئن منهن ڏنو يا ڀوڳيو. هِن وقت ته حڪومتن سان گڏوگڏ غير حڪومتي ادارا به سرگرم عمل آهن ۽ ماڻهن جي ڄاڻ جي سطح ۾، مواصلاتي وسيلن وڌڻ جي ڪري واڌارو به آيو آهي. انهيءَ ڪلائيميٽ چينج هتي سڄي صورتحال کي بدلائي وڌو آهي، جتي دنيا ۾ Climate Change سڄي ماحول تي ڇاپ ڇڏي آهي، تتي ڪميونيڪيشن وري انساني راءِ جي ماحول به تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي.
    ٿر ۾ جيڪي به وڏا مشهور ڏڪار پيا، تن ۾ ڇپنو (1899ع) ۽ ڇنوو (1939ع) جا ڏڪار آهن، ۽ اُنهن کي ڇپنو ۽ ڇنوو انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو ته ان وقت ننڍي کنڊ ۾ سنبت جو سن رائج هو ۽ ڇپنو سنبت 1856 ڇپن ۾ ۽ ڇنوو 1896سنبت ڇنوو ۾ ٿيو. انهن ڏڪارن کي ڪارا قحط چئي سگهجي ٿو، ڇو ته انهن ۾ سڀڪجهه سُڪي ٺوٺ ٿي ويو هو، ايتريقدر جو وڻن جون ڪاٺيون به سُڪي ويون هيون ۽ انهيءَ کان اڳ به جيڪي وڏا ڏڪار رهيا آهن، تن ۾ 1556ع، 1574ع، 1632ع، 1770ع، 1815ع، 1869ع، 1876ع، 1958ع، 1987ع، 1999ع، 3-2002ع جا ڏڪار آهن. انهن ڏڪارن کي ماڻهو ويچارا ڏٿ ڏونئرا کائي سور جو ساٽو ڪندا هئا ۽ پنهنجي اجهن ۾ آباد رهندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ اهو غم گوندر به وڏي وٿ هو. بقول ڀٽائي:
    ڪني ڪني ماڙهوئين، گوندر وڏي وٿ،
    ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سور جو.
    حڪومتي سطح تي برطانيوي بيٺڪيت دوران اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ پهرين ڪميشن جنرل سر رچرڊ اسٽراچي جي اڳواڻي هيٺ 1880ع ۾ ٺهي. (پروفيسر مراد علي راهمون جو مضمون) جنهن ۾ ماڻهن کي امداد ڏيڻ ۽ ماڻهن جي گذران لاءِ ڪي اهڙا ڪم ڪار شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويئي ته جيئن ماڻهو ڏڪاري صورتحال مان مٿي نڪرن ۽ پاڻڀرا ٿي سگهن. ٻي ڪميشن 1898ع ۾ سر جيمس لائل جي سرواڻيءَ هيٺ مقرري ڪئي وئي ۽ ٽين ڪميشن 1900ع ۾ سر انٿوني مئڪڊونيل جي اڳواڻيءَ هيٺ قائم ڪئي ويئي، انهي ڪميشن ۾ به رليف جي ڪمن کانسواءِ مقامي وسيلن کي ڪتب آڻڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي ته زرعي بئنڪ قائم ڪرڻ جي سفارش ڪي ويئي آهي اُن سان گڏوگڏ زراعت جي سڌريل طريقن جي ڳالهه پڻ ڪئي ويئي آهي.
    اهڙي طرح 1987ع واري ڏڪار جي اسيسمينٽ دوران جيڪا تحقيق محترم عارف حسن ۽ ٻين پاران ڪئي ويئي تنهنجي نتيجي ۾ ٿرديپ پروجيڪٽ شروع ٿيو، جيڪو رليف پروجيڪٽ مان وڌي ويجهي رورل سپورٽ پروگرام تائين پهتو، ٻيا به ڪيترائي ادارا قائم ٿيا يا موقعو ڏسي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ آيا. ان کانپوءِ ڊزاسٽر جي انتظامڪاري لاءِ ادارا ٺاهيا ويا، جيڪي ملڪي سطح، صوبائي سح کان وٺي ضلعي سطح تائين موجود آهن. 2003ع ۾ مٺيءَ ۾ ميڊيا ۽ ضلعي حڪومت پاران سيمينار ڪيو ويو، جنهن ۾ به تمام سٺيون سفارشون مرتب ڪيون ويون هيون ۽ اُنهن مان ڪن تي عمل ٿيو ڪي اڃا به عملي شڪل جي انتظار ۾ آهن.
    گذريل قسط دوران ڏڪار بابت هڪڙي ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن ۾ چونڊيل نمائندا، صحافي ۽ ٻين شعبن جا ماهر شامل آهن، جن ڏڪار جي مستقل حل لاءِ هڪ جامع پاليسي ۽ ٿر بابت ترقياتي اداري جي تجويز مرتب ڪئي، جيڪا اڃا دستور سازن جي آشيرواد جي منتظر آهي.
    ڏڪار جي صورتحال انتهائي پيچيدي آهي. تنهن کي سمجهڻ لاءِ ڏڪار کي چئن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. (1) موسمياتي ڏڪار، (2) زراعتي ڏڪار، (3) آبي ڏڪار، (4) سماجي اقتصادي ڏڪار.
    انهيءَ ڄاڻ جي روشنيءَ ۾ ڏسون ته ٿر ۾ آخر ڪهڙو ڏڪار آهي؟ ۽ ان جي شدت ڪيتري آهي؟ جٽادار حل لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا وڃن؟ اسان کي نظر ايندو ته ٿر ۾ جيڪا صورتحال آهي، اُها پيچيدي ۽ سڀني قسمن جي ڏڪارن جو گڏيل روپ آهي، يعني موسمياتي ڏڪار به آهي، ته زراعت جي ڪس ڪسر پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. آبي ڏڪار ته ٿر جو پهرئين نمبر جو ڏڪار آهي. هن وقت به هر ماڻهو ’پاڻي پاڻي‘ ڪندو نظر اچي ٿو.
    باقي سماجي اقتصادي ڏڪار جي شدت ۽ صورتحال جاچڻ لاءِ انتهائي ڳوڙهي تحقيق جي ضرورت آهي، ڇو ته ٿرپارڪر جو 10 طبعي ڀاڱن (ڪَسُ، مُهراڻو، ونگو، سامروٽي، وٽ، ڪنٺو، پارڪر، ڍاٽ ۽ کائڙ ۽ رڻ ۾ ورهايل هيءُ ٻهڳڻ خطو اٽڪل 2400 ڳوٺن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اٽڪل 12 لک ماڻهو رهن ٿا. وسيلن سان مالامال هِن خطي ۾ باراني پوک کانپوءِ چوپايو مال گذران جو وڏو وسيلو آهي ۽ ٿر ۾ هڪ شخص وٽ اٽڪل 5 جانور آهن. 162 قسمن جا ٻوٽا ٻوٽيون گاهه ۽ وڻراهه موجود آهن. 9000 چورس ڪلوميٽرن جي ڌرتي هيٺان 175 بلين ٽن ڪوئلو موجود آهي. ڪارونجهر جبل جو گرينائيٽ ۽ پارڪر جي چيني مٽيءَ جا قيمتي ذخيرا به وڏو اثاثو آهن، ته ڏيپلي ۽ پارڪر جون لوڻ جون ڍنڍون به نفعو ڏيندڙ قدرتي دولت آهن. ثقافتي ورثي ۾ ته هيءُ خطو دنيا جو شاهوڪار ترين علائو آهي، جنهن ۾ جين ڌرم وارن جا ڏهرا، ميرن جا اڏايل گڍ، جوڳيءَ جي مڙهي، ڪانڌل ڪوٽ جو ٺڪراٺو ۽ مارئيءَ جو کوهه به ملڪان ملڪ مشهور آهن.
    ايترو مالامال خطو ڪيئن ٿو اهڙي صورتحال جي ور چڙهي جو اُتان جا ٻا بکايل مائرن جي پيٽ مان اهڙي صورت ۾ پيدا ٿين ٿا، جو ابهم وهيءَ ۾ جهان ڇڏي ٿا وڃن، ڪيتريون ئي ڳورهاريون عورتون ويم دوران موت جيو واڳونءَ جي ور چڙهي ٿيون وڃن. کائڙ واري پٽيءَ ۾ ڪئنسر جا وڌيڪ ڪيس ڇو ٿا دريافت ٿين؟ انيڪ انسان فلورائيڊ ۽ سنکيو مليل پاڻيءَ واپرائڻ وسيلي هڏن جي سنڌن جي بيمارين يا گردن جي گرد آلودگيءَ جو شڪار ٿي ڊائليسس تي هليا وڃن ٿا، جتان پوءِ آهستي آهستي موت جو وڏو ۽ نه ڀرجندڙ وات کين ڳڙڪائي وٺي ٿو. بلا جي ڏنگجڻ جي علاج کانپوءِ واقعا گهٽيا آهن، پر اڃا به اها مصيبت موجود آهي. ڪيترن ئي انسانن کي پيئڻ جو صاف ۽ مِٺو پاڻي مُيسر ناهي، مِٺو پاڻي ته درڪنار پر ڪڙو پاڻي به ڇِڪ جي ڏينهن ۾ کُٽي وڃي ٿو، ڀٽائي جنهن خطي کي پائر سڏيو آهي، تنهن ۾ پاڻي زمين جي سطح کي ويجهو آهي ته کائڙ ۾ کوهه اونها آهن. زراعت صرف باراني آهي ۽ ڪي وڻ ٽڻ ته خطري هيٺ آهن يا ناپيد ٿي چڪا آهن. کاڌي ۾ روايتي ڏٿ ڏونئرن جي ڏوئي جو واپر اڄ ختم ٿي چڪو آهي ۽ ڀاڻ مليل ڀاڄيون مهانگي قيمتن تي خريدي کائڻ جي ريت رائج ٿي چڪي آهي. چانهه جو چسڪو به سرس ۽ سوايو آهي ته ڪٿي ٺري جي لعنت به سماج ۾ زهر ڦهلايو آهي. مال پڙين جي ڪري مال جو وڪرو وغيره آسان ٿيو آهي ته روڊن رستن ۽ گاڏين جي ججهائي چورن لاءِ به سهولت پيدا ڪئي آهي. هر روز مختلف ڳوٺن مان چوري جون خبرون اچن ٿيون. هن خطي جي جٽادار حل لاءِ ضروري آهي ته هتان جي وسيلن کي ٿرين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب آڻيندي اهڙيون رٿائون جوڙيون وڃن جو وقت به وقت ٿيندڙ ڏڪار محسوس ئي نه ٿين يا وري ڏڪارن جي نالي ۾ سياست نه ٿئي يا ڏڪارن جي مدد جو لبادو اوڍي ٿر جي پُر امن ماحول ۾ ڪي انتهاپسند ڌريون نه ڪاهي پون پوءِ اُهي مذهبي انتهاپسند هجن يا مارڪيٽ جا انتهاپسند. جن لاءِ ئي شاهه سائين فرمايو آهي ته:
    ڏڪاريا ڏيهه مان موذي شال مرن.
    انهيءَ لاءِ ڪجهه تجويزون عرض آهن:
    • ٿر جي گهڻ رخي ۽ ٻهڳڻ ڌرتي، ماحول، آبهوا، قدرتي وسيلن، ثقافتي ورثي تي جامع تحقيق ٿيڻ گهرجي.
    • ميڊيا ٿر جي صورتحال کي نروار ڪرڻ ۾ اهم ڌُر رهيو آهي، ان کي به گهرجي ته خبرون هلائڻ ۽ نشر ڪرڻ ۾ تحقيق جي پهلوءَ کي مدنظر رکي.
    • کاڌي جي کوٽ، پاڻيءَ مان ٿيندڙ بيمارين بابت خاص اُپاءَ ورتا وڃن. کاڌي جي کوٽ جا ڏڪار کانسواءِ به سبب آهن. پاڻيءَ مان ٿيندڙ بيمارين جو به ان صورتحال ۾ وڏو هٿ آهي.
    • ڪوئلي ڪڍڻ جي هلندڙ ڪم دوران پاڻيءَ جي انتظامي ڪاريءَ جو ڪم عوام لاءِ به ڪيو وڃي، جنهن ۾ برساتي پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ جا طور طريقا ۽ سهوليتون شامل هئڻ گهرجن.
    • انهيءَ لاءِ ٿر ۾ موجود آبي وسيلن جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ هڪڙو جامع آبي خاڪو (comprehensive water profile) جوڙيو وڃي.
    • صحت جي ڏس ۾ خصوصاً عورتن ۽ ٻارن تي ڌيان ڏنو وڃي، ڳورهارين عورتن لاءِ غذائي پلان ۽ اُن جي چڪاس جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ ڳوٺائين عورتن کي توڙي مردن کي صحت جي بنيادي اصولن ۽ بچاءَ جي اُپائن جي تعليم ڏئي جاڳرتا پکيڙي وڃي.
    • کاڌي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ فوڊ بئنڪ هجي، جيڪا کوٽ وقت ڳوٺاڻن کي کاڌو مهيا ڪري.
    • چوپائي مال جي واڌاري لاءِ، چوپائي مال جي صحت بابت جاڳرتا ۽ واڌويجهه لاءِ جوڳا انتظام ڪرڻ سان گڏوگڏ سيمن جي تقدس کي به بحال ڪيو وڃي. پئل سرڪاري زمين، آسائشن ۽ گئوچرن ۽ اجهورن تي قبضي کي سنگين ڏوهه قرار ڏيندي جوڳيون سزائون ڏنيون وڃن ۽ قبضا خالي ڪرايا وڃن.
    • فيصلي سازيءَ ۾ عوامي نمائندا شامل هوندا آهن، تن کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ ڳوٺاڻن جي راءِ کي فيصلي سازيءَ جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي.
    • غير سرڪاري ادارن جي ڪردار کي وڌيڪ منظم ۽ مربوط ڪيو وڃي، جيئن اهڙو ڪم ماڻهن لاءِ ڪارائتو ٿئي ته اثرائتو پڻ.
    • ٿر فطرتي پارڪ آهي، اُن ۾ شڪار وغيره جي هر قسم جي سرگرميءَ تي پابندي هڻندي مرندڙ ۽ ناياب ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي بچايو وڃي.
    • سموري عمل کي موثر ۽ شراڪتي بنائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جون ڪاميٽيون ٺاهي سندن شموليت کي يقيني بنايو وڃي.
    • مال لاءِ چاري جي موجودگيءَ سان گڏوگڏ ماڻهن کي گذران جا وسيلا به مهيا ڪري ڏنا وڃن، جيئن انهن جي قوت خريد به مضبوط ۽ مناسب ٿئي.
    تجويزن جو اهو سلسلو اڃا به اڳتي هلي ٿو، پر طوالت کان بچندي گذارش ٿي ڪجي ته ٿر جي ڏڪار کي سنجيدگيءَ سان سنڀاليو وڃي نه اُن ۾ ڪا سنسي خيزي پيدا ڪئي وڃي، نه گلئمرائيز ڪيو وڃي، نه وري سرڪار بنا تياريءَ ۽ تحقيق جي ترقيءَ جا واهڙ وهائڻ شروع ڪري، ڇو ته ائين ڪرڻ سان ٿر جي ترقيءَ بجاءِ ڪن ٻين جي ترقي ٿيندي ۽ ٿري ويچارا به الائي ڪهڙا ڏينهن ڏسندا.

    جُھ سي لوڙائو ٿيا، جني ڀر رهن،
    مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو.
    (شاهه)


    ٿرپارڪر ۾ اوچتي پيدا ٿيل صورتحال ، سبب ۽ حل

    ٿرپارڪر ۾ اوچتي پيدا ٿيل صورتحال ، سبب ۽ حل

    ٿرپارڪر جنهن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، سونهن ، سوڀيا، سخاوت، سجاڳي، سورويرتا سڀني کان نرالي آهي. هن خطي ۾ موجود واريءَ جون ڀٽون، پارڪر جو سنواٽو مٽيهاڻو ميداني پٽ، ڪارونجهر جو جڳاندر جهونو جبل، رڻ ڪڇ جي لوڻاٺي ڌُٻڻ، رڻ سان لڳندڙ حياتياتي جيوتي گهڻا گهڻيءَ واري وٽ جي پٽي، بئراجي پٽ سان لڳندڙ ڪس جي ڪور، ڪنٺي ۽ وٽ جي وچ ۾ سامروٽي جو پرڳڻو، کائڙ جو اونهي پاڻيءَ وارو علائقو، کائڙ ، پارڪر ۽ ڪنٺي جي وچ ۾ ڍاٽ جو ڍول ڀاڱو، سامروٽي ، پارڪر، مهراڻي ۽ ڍٽ جي وچ ۾ ڪنٺي جو پرڳڻويا مرڪزي ٿر، بئراجي خطي جي منهن ۾ ايندڙ مهراڻي جو ملهائتو ملڪ اهڙا حصا آهن جيڪي گڏجي ٿرپارڪر جي هستيءَ کي وجود بخشين ٿا. ٿرپارڪر جي آبهوا سياري ۾ سرد، اونهاري ۾ گرم، وسڪاري ۾ خوشگوار ۽ بهار ۾ خوشبودار ٿئي ٿي. گرمي ءَ جي مند ۾ ڏينهن ڀلي ڪيڏو به گرم ٿئي پر رات پرينءَ جي نهٺن نيڻن وانگر ٺريل رڻ جهڙي ٿئي ٿي. ٿرپارڪر جي ماڻهن جي مزاج ۾ ساڻيهه جي سڪ، انسانن سان الفت، امانتداري، حيا حلم، جهڙا املهه گڻ اتم حد تائين موجود آهن.
    ٿرپارڪرتي ڪيترائي حاڪم آيا جن ۾ ڪي ڏيهي هئا ته ڪي پرڏيهي پڻ، جن کي چند ڏينهن اقتدار نصيب ٿيو پر پوءِ سندن حالت اهڙي ٿي جو اڄ سندن ڏس پتو به نٿو ملي.
    هتان جو انتظام به مختلف هنڌن...... ڀڄ،حيدرآباد، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ........مان گهمندو ڦرندو 1990ع ۾ اچي هڪڙي نامياري عورت مٺان المعروف مٺي پاران ٻڌايل سندس نالي سان مشهور ٿيل شهر مٺي اچي پهتو. هن ضلعي ۾ انتظامي طور پهرين 4 تعلقا ... مٺي، ڏيپلو،ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر هئا، جن ۾ وري مٺي تعلقي مان ڪجهه تپن تي مشتمل اسلام ڪوٽ تعلقو ۽ ڇاڇري تعلقي جي ڪجهه تپن تي مشتمل ڏاهلي تعلقو نروار ڪيا ويا. سڀني تعلقن جا هيڊڪوارٽر ساڳي نالي واري شهر ۾آهن جڏهن ته رڳو ڏاهلي جو هيڊڪوارٽر کيمي جي پار ڳوٺ ۾ آهي. هن باراني خطي جو ڪجهه ديهون نهري پيچ تي پڻ آهن.
    گرم آبهوا واري هن علائقي جي ماڻهن جو گهڻو تڻو گذران يا ٿڻ تي آهي يا وري ڪڻ تي، يعني باراني زراعت ۽ ڌڻ ڌارڻ تي آهي. برسات پوڻ کانپوءِ ٿرپارڪر جي ڌرتي گل وگلزار بنجي پوندي آهي، سمورا پٽ سائي گاه جي ڪيمخواب جي چادر اوڍيل ڪنوار جيان نظر ايندا آهن. انهن نظارن کي ڏسندڙ اکيون عمر ڀر اهڙن من موهيندڙ منظرن کي وساري نه سگهنديون آهن. هتي اڀرندڙ وڻن ۾ ڪنڊي، ڄار، روهيڙو، ڪرڙ، اڪ، ٻوهه، کپ، ٿوهر، ڦوڳ،ڪانڪهه، گانگهيٽي، گگرال، ڪونڀٽ، ٽانڪارو، موراڙي ۽ ٻيا وڻ ٿين ٿا جيڪي مال جي چاري توڙي انسانن لاءَ غذائيت جو به ڪم ڏين ٿا. ولين ۾ چڀڙاول، گدراول، ٽوها ول، ڇانهان ول، ڀڳڙاول، گهوڙاول، ۽ گاهن ۾ انيڪ قسمن جا گاه ۽ ٻوٽا ٿين ٿا. اهي گاه ٻوٽا توڙي وڻ ٽڻ موسمي ۽ آبهوائي سٽن کي سهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. جيتوڻيڪ ڪي ٻوٽا گهٽجندا وڃن ٿا جهڙوڪ ڦوڳ، ٿوهر ۽ ڪانڪهه وغيره. ڪي نوان وڻ پڻ ٿوري عرصي ۾ ٿر جي ريتيلي ڌرتي کي ڌارين وانگر ڀيلي رهيا آهن، اهڙن وڻن ۾ ديوي نمايان آهي.
    جانورن ۾ چوپائي مال کانسواءِ ، بارگير جانور ۽ جهنگلي جانور به آهن . جهنگلي جانورن جو تعداد ڏينهون گهٽ ٿيندو وڃي ۽ اهي اڻلڀ ٿيندا وڃن، جيئن هرڻ، روجهه، سهو وغيره. جنهنجو مکيه سبب ٻاهر جي ماڻهن پاران اچي شڪار ڪرڻ آهي. اڻلڀ جيوت ۾ جهنگلي گڏهه پڻ آهي، جيڪو ننگرپارڪر جي رڻ ڪڇ واري پٽيءَ ۾ لڀي ٿو.پکين ۾ مور، تتر، ڪانءُ، ڳيرو، ڪبوتر، گگهه، ڀيرٻ، ۽ پرديسي پکي تلور اچي وڃن ٿا.
    موسمي ڦيرگهير جي نعري نروار ٿيڻ کان اڳ به ٿرپارڪر ۾ آبهوائي ۽ ماحولياتي تبديليون اينديون رهيون آهن. اهڙين تبديلين ۾ ڏڪار، سڪ سالي يا ڪارو قحط قابل ذڪر آهن. ڪڏهن ڪڏهن ماڪڙجا ميڙاڪا به هن علائقي کي ڀيليندا رهيا آهن. وسڪاري جي مند جي پڄاڻيءَ وقت جڏهن گاه سڪل هوندو آهي تڏهن انساني غفلت ۽ لاپرواهيءَ جي ڪري ڏنءُ لڳڻ جا ڇڙوڇڙ واقعا ٿيندا آهن، پر باه لڳڻ جا اهڙا واقعا تمام گهٽ واقع ٿيندا آهن. باه لڳڻ جا مهينا مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ٿيندا آهن ، جڏهن تيز هوائون لڳنديون آهن. ان لاءِ ماڻهو چوندا آهن ته انهي وقت دوران ٽانڊو اڏامي ٿو. انهي قسم جا باه جا واقعا به ماڻهن جي لاپرواهي ۽ غلطي جو نتيجو هوندا آهن. ٻوڏ جا وقعا بنهه نه هئڻ جي برابر ٿين ٿا. ڏڪار اهڙو مظهر آهي جيڪو وقفي وقفي سان واقع ٿئي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ بک، بدحالي، بيماريون پيدا ٿين ٿيون. تازو غذائي قلت سببان ٻارن جي موت جي صورت ۾ پيدا ٿيل هنگامي حالت تي بحث ڪرڻ کان اڳ اچو ته هن علائقي ۾ سڪ ساليءَ جي تاريخ تي هڪ نظر وجهون.
    ٿرپارڪر ۾ جيڪي مشهو ر ڪارا ڏڪار آيا آهن تن ۾ ڇپني جو ڏڪار، ڇنو ڏڪارانتهائي ڳرو ۽ ڀيانڪ اثر رکندڙ قحط ٿي گذريا آهن جن ۾ نه انسانن لاءِ اناج هو نه ماڻهن لاءِ چارو، جيتوڻيڪ ماڻهن وٽ پئسو وغيره موجود هو پر اناج ۽ چارو اڻلڀ هئا. ايئن هر ڏهاڪي ۾ 3 يا 4 سال ڏڪاريل رهندا آيا آهن. 1987، 1988 دوران پيدا ٿيل ڏڪاري صورتحال مختلف ڌرين جو ڌيان ڇڪايو۽ غير سرڪاري ادارن جي شروعات ٿي، ٿرپارڪر رورل ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ جهڙو منصوبو عمل ۾ آندو ويو جيڪو اڳتي هلي ٿرديپ جي نالي سان نروار ٿيو. ان کان اڳ ٻانهن ٻيلي جي نالي سان هڪ تنظيم ٿر پارڪر ۾ ڪم ڪري رهي هئي . هڪڙو عام ڏڪار ٿئي ٿو ته ٻيو ڪارو ڏڪار. ڪاري ڏڪار ۾ راڻين جا ڪنگڻ ڍرا ٿي پوندا آهن يعني کاڌي جي کوٽ ايتري شديد ٿي پوندي آهي. قحط ساليءَ جي اهڙي ڪٺنتا کي فارسي شاعر شيخ سعدي هن ريت بيان ڪيو آهي؛
    چنان قحط سالي، شد اندر دمشق
    ڪه ياران فراموش ڪردند عشق،
    يعني هن سال دمشق جي شهر ۾ اهڙي ڪاري قحط ڪر کنيو جو يارن عشق ڪرڻ ڇڏي ڏنو. عشق به ڍئو سان آهي، بک بڇڙو ٽول آهي دانا ديونا ڪريو ڇڏي. ساه کي سدائي ڳڀي جي ڳولا رهي آهي ، بکئي پيٽ حسن جي حس به گهٽ ڪم ڪندي آهي ، جيئن شيخ اياز فرمايو آهي؛
    سدا آهي ساه کي، ڳڀي جي ڳولا،
    ڍئو بنا ڍولا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي.
    سوڪهڙي جي بک ۽ بد حالي ماڻهوءَ کان الائي ڇا ڇا کسي ٿي ڇڏي. ماڻهو پنهنجو الهه تلهه وڪڻي پنهنجي ۽ پنهنجي مال جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري ٿو. جڏهن قصو اڃا اڳتي ٽپي ٿو ته هو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ، پر ڌرتي تي وڃي پکا اڏي ٿو. ٿر ۾ پوندڙ ڏڪار ۾ پڻ اهڙي لڏپلاڻ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي.
    موجوده هنگامي حالت جو مکيه روپ ٻارن جو موت آهي، يقينن ابهم ٻارن جو ايئن مرڻ هڪ وڏو سانحو آهي، جنهن جي جيتري نندا ڪجي گهٽ آهي. انهي واقعي جو مکيه سبب کاڌي جي کوٽ بيان ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن حد تائين درست آهي پر ٻيو اهم سبب سٺي حڪومتداريءَ جو فقدان آهي.اها سموري ڳوٽ اڃا تائين اونهو اسرار آهي. سرمائيواد جي بازار جيڪا بنگلي سان اچي لڳي آهي تنهن دنيا جي هر شئي کي ٻوليءَ تي چاڙهي ڇڏيو آهي. وڪرو ۽ وڪرو لڳو پيو آهي. دنيا نفعي پويان ڇتي تي ڪاهي پيئي آهي. ڪارپوريشنس جي ڪاري حڪمرانيءَ هيٺ هلندڙ دنيا جو مارڪيٽي چرخوابتو گهمي يا سبتو ٻاٻاڻي گهرٽ وانگر ٻنهي پڙن مان اٽو ٿي ڏئي. نفعي جو کٽيو کائيندڙن وري ٻيا ادارا ٺاهيا جيڪي پاڻ کي غير منافعي بخش لکرائي جيڪو نفعو ڪمائين پيون يا دنيا جي هلچل ۾ پنهنجو ڪردار نباهي رهيون آهن تنهن تي هاڻي سڄي دنيا ۾ آڱريون کڄڻ لڳيون آهن. آبهوائي ڦير گهير يا ڪلائيميٽ چينج جي بينر هيٺ به دنيا ۾ ڪافي ڌنڌو شروع ٿيو آهي. کاڌي جي کوٽ بابت کاڌي بابت عالمي ادارو به پنهنجي رپورٽن ۾ معلومات ڏيندو رهندو آهي..ٿر ۾ کاڌي جي کوٽ پيداٿيڻ ڪو انوکو واقعو ناهي. هن وقت ته ڪافي روڊ رستا آهن، مواصلاتي نظام به موجود آهي، مال لاءِ چارو به ميسر آهي نه ته اڳي جڏهن قحط ۾ ڪڻ داڻي جي قلت هوندي هئي ته ماڻهو ڏٿ کائي گذارو ڪندا هئا، تنهنڪري کين ڏوٿي سڏيو ويندو هو. ڏٿ وڻن ٽڻن ۾ ٿيندڙ اهڙا ميوا يا پاڙون وغيره هوندو هو جيڪو اڪيلي رڇ طور واپرايو ويندو هو. اهو ڏٿ غذائي ضرورت کي پورو ڪندو هو ۽ ماڻهو ڏکئي وقت کي ڏٿ جي زور تي ڪاٽي ايندا هئا. ڏٿ ۾ جيڪي وٿون شامل هيون تن ۾ پيرون، ڏونرا، پڪا، پپون، ڀرٽ، مرٽ، مريڙو، ٻگرو، سڱريون، ڪونڀٽ جا پڙلا، ڦوڳيسي، پُسي، ڪونڊير وغيره قابل ذڪر آهن. کاڌي جي کوٽ بابت جيڪي رٿائون هلن ٿيون تن ۾ عالمي ادارن پاران شروع ڪيل “راڄن جي سرواِڻي هيٺ هلندڙ شديد غذائي کوٽ بابت رٿا” مشهور آهي، جنهن تحت هڪڙ و سائنسي پروٽوڪول ڪتب آڻيندي، بک سٽيل ٻارن جي درجي بندي ڪندي سندن پرگهور لڌي ويندي آهي. اهڙي غذائي قلت سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ آهي. سنڌ جون سموريون ٻهراڙيون توڙي شهرن جي اوسن پاسن کان آباد پيڙهيل طبقا انهي غذائي کوٽ جو شڪارآهن. صحت جي سهوليتن جو نه هجڻ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جهڙي نعمت کان محرومي انهي مامري کي اڃا به وڌائي ٿي.
    ٿرپارڪر جي موجوده صورتحال به ان قسم جي غذائي کوٽ جو نتيجو ۽ انتظامي نا اهلي جو چٽو مثال آهي جنهن کي ميڊيا نه ڄاڻ ڪهڙي ايجنڊا تحت ايترو مٿي کنيو آهي جو هڪ اخبار سرخي لڳائي ته ٿر۾ ماڻهو ڇوڏا ۽ مرچ کائڻ تي مجبور. ان کانسواءِ چئنلن جون ڊش لڳل گاڏيون مکيه هندن تي ايئن مٺيءَ ۾ بيٺل نظر ٿيون اچن جيئن جنگ جي ميدان ۾ ٽئنڪون بيٺل هونديون آهن. ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿينديڳالهه اتي وڃي پهتي آهي جو هاڻي ته صورتحال جو تير ڪمان مان نڪري چڪو آهي، جن تير هنيو نه تن جي وس ۾ رهيو نه انهن جي اختيار ۾ جن کي لڳو. سيد ۽ پير هڪٻئي تي الزامن هڻڻ ۾ پورا آهن. هي وقت الزام بازي ءَ بدران بالغ نظر سرواڻي جو مظاهرو ڪندي، مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ ان لاءِ ڪي جٽادار اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي، جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙي حالت پيدا ٿيڻ يا ڪرڻ جو ڪنهن کي موقعو نه ملي.
    1. ٿرپارڪرضلعي لاءِ هڪڙو جامع ڪنٽينجنٽ پلان هجي جنهن ۾ سمورن پهلوئن کي نظر ۾ رکندي رٿابندي ڪئي وڃي جيڪو پلان اڳي جڙيل آهي ان ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪندي ، علائقي جي ضرورتن مطابق بنايو وڃي. ٿرپارڪر جي حيادار ثقافت جو ان ۾ خاص خيال رکيو وڃي، خاص طور رليف جي ڪم ۾ اهڙو طريقه ڪار اختيار ڪيو وڃي جنهن سان ماڻهن جي عزت نفس محفوظ رهي.
    2. سهائتا جو ڪم ٻن حصن ۾ ورهائيندي، ڇوٽي ۽ ڊگهي مدت جي رٿابندي ڪئي وڃي. انهي رٿابندي ۾ مقامي وسيلن توڙي مهارت کي پڻ ڪتب آندو وڃي
    3. ايماندار، ديانتدار ۽ غير جانبدار ماڻهن تي مشتمل واهرڪاري ۽ بحالي جون ڪاميٽيون ٺاهيون وڃن. انهن ڪاميٽين جي تربيت ڪئي وڃي. انهن ڪاميٽين ۾ عورتن جي نمائندگي کي يقيني بنايو وڃي.
    4. روڪ امداد کان پاسو ڪندي، سمورين رقمن کي ترقياتي رٿائن ۾ تبديل ڪيو وڃي. اهڙين رٿائن ۾ مکيه منصوبا پيئڻ جي پاڻي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، تعليم، چوپائي مال جي سار سنڀال ۽ واڌ ويجهه جا منصوبا هئڻ گهرجن.
    5. واهرڪاري ۽ بحالي جي ڪم ۾ صرف ايماندار ۽ ساک وارن عملدارن کي لڳايو وڃي. انهي ڪم ۾ رُڌل ڪامورن کي پروٽوڪول جي ڪم کان آجو ڪيو وڃي
    6. سڀني اسپتالن ۾ غذائي کوٽ جي نگهباني جا خاص وارڊ قائم ڪيا وڃن
    7. اسڪولن ، ڪاليجن ۽ مدرسن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي صحت جي نگهداشت جو خاص خيال رکندي، وقت به وقت انهن جو ماهر ڊاڪٽرن کان معائنو ڪرايو وڃي
    8. ڳورهارين عورتن جي صحت ۽ غذائيت جي باقائد گيءَ سان نگهباني ڪئي وڃي. ڄم ۽ ان کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن تائين ، ماءُ ۽ ٻار جي سائنسي اصولن پٽاندر سار سنڀال ڪئي وڃي.
    9. قابل ڳوٺاڻين عورتن جي دائي طور تربيت ڪرائي وڃي. جيڪي ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون هتان جي ڊوميسائيل جي ڪوٽا تي چونڊيا ويا آهن تن کي واري واري سان هتي مقرر ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽرن کي گهرجي ته اهي انهي خدمت کي فرض سمجهندي ، ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ لاءِ رضاڪاراڻي جذبي سان اڳتي اچن.
    10. راڄن جي ماڻهن کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سکيا ڏني وڃي ۽ انهن جي تنظيم ڪاري ڪرڻ لاءِ سهوليتڪاري ڏني وڃي. اهڙي تنظيم سازي کانپوءِ انهن تنظيمن کي مستقل بنيادن تي هلايو وڃي
    11. غير سرڪاري تنظيمن کي به اسپيشلائيزيشن جي لاڙي کي لبيڪ چوندي ڪو هڪ يا ٻه ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ گهرجن ۽ سڀئي اين جي اوز گڏجي هڪ گڏيل پليٽفارم وسيلي ماڻهن جي مدد ڪن ۽ هڪٻئي جي سهائتاڪار طور ڪم ڪن نه ئي هڪٻئي جي رقيب طور يا چٽاڀيٽي ڪندڙ طور.
    12. پيئڻ جي صاف پاڻي جو فوري انتظام ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪافي بيماريون آهن جن جو سبب رڳو صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جو نه هجڻ آهي. انهي ڪم لاءِ رورس آسموسس پلانٽ، برساتي پاڻي کي گڏ ڪرڻ ۽ واهن جي پاڻي کي پائيپ لائين وسيلي پهچائي ، مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو. راڄن جا ماڻهو به ان ۾ ڀائيواري وارو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
    13. چوپائي مال ۾ بيمارين جا انيڪ سبب آهن جن ۾ غذائي قلت، موسمي وائرس، ٻاهران آيل مال مان لڳندڙ بيماريون اهم آهن. ڪراچي يا ٻين مال پڙين تان جيڪو مال موٽي ٿو اهو جيڪڏهن متاثر هجي ٿو ته باقي سڄي ڳوٺ جي مال تي به ان جو اثر ٿئي ٿو.
    14. متاثر چوپائي مال کي ٽڪا لڳا يا وڃن، ٿر ۾ جيڪي مال جا ڊاڪٽر بيروزگار آهن انهن کي روزگار ڏيندي ٿر جي وڏن ڳوٺن ۾ اسپتالون کوليون وڃن. ان سان گڏوگڏ راڄن جي اهڙن ڏاهن جي به سائنسي بنيادن تي تربيت ڪرائي وڃي جيڪي مال جي بيمارين جو علاج ڪري رهيا آهن، انهن جي تجربي ۽ لوڪ ڏاهپ مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    15. هٿ جي هنرن کي صنعت طور هٿي ڏياري وڃي جيئن معاشي پاڻڀرائيءَ ڏانهن وک وڌي سگهي
    16. ٿرپارڪر ۾ ماحولياتي سيرتفريح ( Ecoturism)کي متعارف ڪيو وڃي.
    17. ٿرپارڪر جي پڙهيل ۽ هنرمند نوجوانن کي سکيا ۽ روزگار ڏياريو وڃي. يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ ٿرپارڪر جي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وڃي نه ته به گهٽ ۾ گهٽ کين في کان آجو قرار ڏنو وڃي
    18. سڀني ادارن ۾ ٿرپارڪر جي شاگردن جي داخلا توڙي روزگار ۾ شرطن جي نرمي ڪئي وڃي، خصوصن ميڊيڪل ڪاليجن ۾ نياڻين جي داخلا ۾ ان نقطي جو خاص خيال رکيو وڃي.
    19. غربت کي غريب لاءِ مستقل نه ڄاتو وڃي ، غريب شاهوڪار ۽ شاهوڪار غريب ٿيندا رهن ٿا ، اهو زماني جو دستور آهي. ماڻهن ۾ ان قسم جي جاڳرتا پکيڙي وڃي جيئن اهي پنهنجي عزت نفس کي قائم رکندي پنهنجي اهليت کي آزمائين ، موقعا حاصل ڪري پنهنجو مستقبل روشن ڪن.
    20. چوپائي مال جي تحقيق لاءِ ادارا قائم ڪيا وڃن جيڪي ٿر جي حالتن سان مطابقت رکندڙ جنسن کي نروار ڪن. هٿرادو ٻج رکائڻ واري طريقي سان اهڙو ڪم آساني سان قابل عمل آهي.
    21. ٿرپارڪر جي جامع ترقيءَ لاءِ مستقل بنيادن تي هڪ ادارو قائم ڪيو وڃي، جنهنکي ترقيءَ جي عمل سان گڏوگڏ تحقيق جو ڪم به سونپيو وڃي. گهڻ رخي تحقيق وسيلي هتان جي قدرتي وسيلن، ماحوليات، ثقافتي ورثي، لوڪ ڏاهپ وغيره کي نروار ڪندي ، علائقي جي جوهر کي علائقي جي ڀلي لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو.
    انهن سڀني ڪمن ڪارن ۾ ٿرجي رهاڪن ۽ گهڻگهرن کي اڳتي وڌي قدم ۾ قدم ملائي ڪم ڪرڻو پوندو تڏهن وڃي ترقيءَ جو خواب تعبير ٿيندو ۽ ٿر ههڙن هاڃن ۽ ڦيڪارين کان محفوظ رهندو.


    ٿر جا ڏک ڏولاوا ۽ انهن جا حل

    ٿر، جيڪو ٿرپارڪر۽ عمرڪوٽ ضلعن جي انتظامي حد ۾ هڪ اهڙي ايراضيءَ تي مشتمل آهي جنهنجي اهميت تمام گهڻي آهي ڇاڪاڻ جو اها پٽيءَ نه رڳومعدنيات سان مالامال آهي نه رڳو ڏڪارن جو ڏيهه آهي نه رڳو جهنگلي جيوت جي فطرتي آماجگاه آهي پر هندستان جي سرحد سان لڳندڙ پڻ آهي. ان کان سواءِ هن حصي ۾ ماضيءَ جي سُکيائيءَ مان ورثي ۾ مليل ذهني خوشحالي جو اُتم مثال آهي جنهن کي غربت جي غوراب گهلي نه ڏوهه جي تيزگام جو مسافر بنايو آهي نه ئي پنڻ جي پنج ڪڻيءَ تي هيرايو آهي. اهو خير جو ڪم ڏيساوري مدد سان هلندڙ غير سرڪاري ادارن ضرور ڪيو آهي جو انهن يا پنڻ جي ڪرت سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا وري قرض جي مرض ۾ مبتلاڪرڻ جا سمورابندوبست ڪيا آهن. اهي ادارا ڇو نه ڪندا اهڙا ڪم ، جو اهي ڪم سندن داتا ڌُرين کين سونپيا آهن. ۽ داتا ڌريون وريون ڪارپوريٽ شعبي جو ٻڌيون ٻانهيون آهن. پنڻ ته هونئن ئي انهن ادارن جي ثقافت ۾ آهي. ٿرجو اڳتي ملندڙ ڊرهن وارو اڇڙو ٿروري سانگهڙ ضلعي جو حصوآهي. خيرپور ضلعي جو ڪجهه حصو به اهڙي باراني ٿر تي ٻڌل آهي جنهن جي ڪجهه حصي کي اُڀرنديون نارو آباد ڪري ٿو.
    ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ واري ٿر کي موضوع بنائيندي، اچو ته ڏسون ته هن علائقي سان صدين کان ڪهڙي ويڌن آهي. لکين ماڻهو مصيبتن مشڪلاتن مان ڪيئن گذرن ٿا؟اهي انهن مشڪلاتن کي ڪيئن منهن ڏين ٿا؟ هر دور جي حاڪمن ۽ حڪمرانن ٿر سان ڪهڙيون چٿرون ڪيون آهن؟هن وقت ٻارن جي موت جي خبرن سان گڏوگڏ ڏڪاري صورتحال جو ن خبرون گذريل ٽن سالن کان هلي رهيون آهن ۽ انهن خبرن جي نتيجي ۾ حڪومتي يا غير حڪومتي ادارن جي موٽ ڇا آهي؟ ان سموري عمل جو لاڀ ٿري ماڻهوءَ کي ملي ٿو يا اهي ويچاراانهي لاڀ مان رڳو پن جي پنج ڪڻيءَ تائين پهچن ٿا. ٿرجي مڙني مسئلن جو حل ڇا ۾ آهي؟هن وقت به ٿرجي انهي بحران جي جانچ پڙتال ۽ حل ڳولهڻ لاءِ سنڌ حڪومت اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ محترم فتاح ملڪ جي سربراهيءَ هيٺ هڪڙي ڪميشن جوڙي آهي جيڪا ٿر جي دوري تي آهي ۽ مليل سرڪاري هدايتن مطابق دوراڪري ڄاڻ حاصل ڪري رهي آهي. هن کان اڳ به هڪڙي اهڙي ڪميشن ، جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علويءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ٺهي هئي. انهي ڪميشن به سرڪاري ڪامورن، غيرسرڪاري ادارن جي نمائندن ۽ سول سوسائٽي جي نئين نالي هيٺ متعارف ٿيندڙ ڌُرين کان بيان ورتا هئا،پر مختلف سببن جي ڪري ان ڪميشن جي رپورٽ به پڌري نه ٿي سگهي.موجوده ڪميشن بابت به سماجي ميڊيا تي بحث مباحثو هلي رهيو آهي، جيڪو به دلچسپيءَ جوڳو آهي ۽ ڪيترن ئي پاسن جي نشاندهي ڪري ٿو. ان کانسواءِ، گذريل سالن جي آفت زدگيءَ واري صورتحال جاچڻ لاءِ مختلف کاتن جا عملدار به جاچ ڪرڻ ٿر کي لٿا ۽ موٽ ۾ انهن به پنهنجي بالا عملدارن کي رپورٽون پيش ڪيون هونديون. پر ان سموري عمل جو اڄ تائين ڪوخاطرخواه نتيجو نه نڪتو آهي سواءِ رليف جي ڪڻڪ جي ورهاست جي. جنهن جي ورهاست بابت به آڱريون نه پر هٿ کڄي رهيا آهن ۽ وس وارااداراڪاروائيون به ڪري رهيا آهن جن جون خبرون ميڊيا تي اچن پيون. گذريل ٽن سالن جي انهي هڻ وٺ دوران ڏڪار پاليسي ٺاهڻ تي به وڏا پروگرام ٿيا، ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڪنهن اداري ٺاهڻ جو ڊرافٽ به جوڙيو ويو پرڪو به نتيجو نه نڪتو. زمين ته چري پرگل محمد نه چريو واري فارسي مقولي پٽاندر اسان وٽ به ساڳيو رينگٽ هلندو رهيو آهي. انهي سموري صورتحال ۾ مختلف ڌرين هڪٻئي تي الزام به لڳايا. پهريائين انهي صورتحال کي ميڊيا جي جوڙيل آکاڻي چيو پر جڏهن مٿان کان حالتون بدليون ته اهي ساڳيون ڌريون ان صورتحال جو مک اسٽيڪ هولڊر ٿي نمودار ٿيون. غير سرڪاري ادارن پنهنجون ڪوڙيون سچيون ڪارڪردگي رپورٽون تيار ڪرائي، انهي صورتحال مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا. ڪن ڌرين انهي راند جو حصو بنجڻ لاءَ قانون جو به ڪڙو کڙڪايو جيئن وهندي گنگا ۾ هٿ ڌوئي سگهن ۽ چڙهي دانگيءَ پنهنجو لولو هڻي سگهن. انهي احوال جو حال اورڻ لاءِ ڏسون ته ڪيئن اهڙو منظرنامو جڙيو آهي. ڪهڙيون ڌريون ان ڏيک جو ويک آهن. سڄي منظرنامي ۾ ٽي ڌريون نظراچن ٿيون؛ ميڊيا، حڪومت ۽ غيرسرڪاري ادارا.
    سماج ۾ جڏهن سماجي انصاف اڻ لڀ ٿي ويندو آهي ته پوءِ اهي سماج غيرمنطقي رخ ۾ هلڻ لڳندا آهن. سماجي ڪينواس تي سڀ کان وڏو ادارو سياست آهي جيڪو معاشري کي موڀي پٽ وانگر اڳواڻيءَ سان اڳتي وٺي وڃي ٿو ۽ سڀني ادارن جي رهنمائي ڪري ٿو.پر هتي انهي اداري جو جيڪو حال آهي سو هاڻي پنجن سالن جو ٻار به ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿو. ٻيوادارو ڪنهن به سماج جي معيشيت يعني اتان جي اُپت هوندو آهي جنهن وسيلي سمورو سماج پنهنجي ڪرت جي ڪاروهنوار کي اڳتي وٺي هلندو آهي. انهن ادارن کي منظم نموني هلائڻ لاءِ سماج ۾ ماڻهن جو باترتيب هجڻ هوندو آهي جنهن کي سماجي تنظيم چونداآهن. انهي سموري سماجي مانڊاڻ کي جيڪا شئي بلئڪ هول وانگر پنهنجي گود ۾ کڻي هلندي آهي اها ان سماج جي تهذيب هوند ي آهي جنهنجي يادداشت کي تاريخ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. سماج جي انهن سڀني عنصرن تي ان سماج جي بيهڪ يا جاگرافيءَ جو به اثر ٿيندو آهي. اهي چند عوامل آهن جن مان سماج نروار ٿئي ٿو. سياست جو ادارو جڏهن پنهنجو متعين ڪردار ڇڏي ٻيءَ ڪرت ۾ لڳي وڃي ٿو ته پوءِ ان جي جاءِ ٻيا ادارااچي والارين ٿا. ٿر جي مسئلن مامرن مونجهارن کي جڏهن وقت به وقت ايندڙ وس وارن نظر انداز ڪيو ته پوءِ يقينن ڪا ڌر ته اٿندي جيڪا لوڪ جي دردن جي دانهن ڪوڪ کي واڪو ڪري وڄائيندي پوءِ ڪو خوشيءَ سان ورنائي يا مجبوريءَ ۾ موٽ ڏئي . ميڊيا ٿر جي دکن دردن کي ميدان تي آڻي دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ سان گڏوگڏ وس وارن ٻوڙن ۽ ڪچن ڪنن تائين به پهچايو آهي. ميڊيا جو اهو ڪم ساراه جوڳو آهي. حڪومتن ان تي پهريائين ڪو خاص ڌيان نه ڌريو پر جڏهن دانهن ڪوڪ جو دائرو وڌيو ته مڙئي هرڪو سرگرم ٿي ويو . اهڙي صورتحال ۾ اين جي اوز سڳوريون ڪٿي ٿيون پٺتي رهن ڇو ته انهن جو ڪُلي دارومدار پن جي پنج ڪڻيءَ تي آهي. سموري ڳايل وڄايل ترقيءَ جو محور داتا ادارن جا شرط ۽ پاليسيون هونديون آهن نه ئي عوام جا اهنج يا ايذاءَ. اهي ادار رٿائن کي عوامي امنگن جي بجاءِ ٺاهڻ جي ، داني ادارن جي هدايتن پٽاندر عوام کي اهڙيون تنظيمون ۽ ماحول ٺاهڻ جي ترغيب ڏين ٿا جو عوام کي ڪو فائدو ملي سگهي. اهوئي سبب آهي جو اهي ادارا به ڪوخاص ٻوٽو ٻاري نه سگهيا آهن نه ئي ڪا عوامي مقبوليت ماڻي سگهيا آهن . سڄي خاموش فلم ۾ جيڪو سائيڊ رول آهي سو ان ڌر جو آهي جيڪا اصل ۾ متاثر ڌُر آهي. اهو آهي ٿر جوعوام. اڄ تائين جنهن نموني ٿر جي مسئلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ان ۾ ٿري لوڪ اولين ترجيح تي نظر نٿا اچن. ڪامورا شاهي پاڻ کي قابل ٿي سمجهي ۽ جيڪو ڪم ڪري ٿي اهو ٿوري ۽ احسانمنديءَ وانگر ڳڻائي ٿي. غير سرڪاري ادارن وارا ته ان دعوى جي هام هڻندي نظر ايندا ته هتي جيڪي کير ۽ ماکي جون نديون پيون وهن سي سندن چوڻ تي جاري ٿيون آهن. اهڙي سموري بيان بازيءَ مان عام ماڻهوءَ کي ڪو فائدو نٿو ٿئي. اچو ته ڏسون ترت مسئلي يعني ٻارن جي موت جا ڪهڙا سبب آهن؟ يا وري سڄي مسئلي جو مستقل ۽ جٽادار حل ڪهڙو آهي؟

    1. ٻارن جي موت جي انگن اکرن کي سڄي سنڌ خصوصن ڳوٺاڻي سنڌ جي تناظر ۾ چڪاسيو وڃي. ٻارن جي موت جو تجزيو ڪندي ان جا سبب نروار ڪيا وڃن. انهن سببن جي روشنيءَ ۾ ڪو حل ڳوليو وڃي.
    2. عورتن خصوصن ڳورهارين ۽ ٿڃ ڌارائيندڙ عورتن جي غذائيت جو خاص خيال رکيو وڃي. انهي ۾ غربت جي ڪري جيڪي به رُڪاوٽون آهن اهي سرڪار ۽ غير سرڪاري اداراحل ڪرڻ ۾ ماڻهن جي مدد ڪن
    3. ڳوٺاڻن ماڻهن ۾ هنگامي بنيادن تي صحت ۽ صفائي سُٿرائي جي جاڳرتا پکيڙڻ جو جامع منصوبو جوڙيو وڃي . ان منصوبي هيٺ ڳوٺاڻن جي صلاحيت جوڙي وڃي
    4. غذائي قلت جي مسئلي کي ديسي وسيلن جي تناظر ۾ حل ڪيو وڃي. ٿر جي ڏُٿ کي ترقي وٺرائيندي، ماڻهن کي ڏُٿ واپرائڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ان کان ڪو ٻيو بهتر ۽ جٽادار حل ناهي.
    5. پاڻي ٿر جو سڀ کان اهم مسئلو آهي. ان لاءِ ڪو جٽادار حل ڏنو وڃي. هيستائين جيڪي بندوبست ڪيا ويا آهن سي اڻ پورا ثابت ٿيا آهن. ٿر۾ کوه، ٽيوب ويل، رورس آسموسس پلانٽ ۽ ڪجهه هنڌن تي دريائي پاڻي جي سهوليت آهي.پر ماڻهن جي پيئڻ جي پاڻي جي ضرورت جو به پورائو ناهي. کوه سڀ کان گهڻا آهن ۽ جر جو پاڻي انتهائي محفوظ پاڻي آهي. پاڻيءَ تي تحقيق ڪري، جتي به پاڻيءَ جو جر مٺو آهي ان کي ٽيوب کوهن وسيلي ڪڍيو وڃي. برسات جي ضايع ٿيندڙ پاڻيءَ کي سڪارج ڪيو وڃي.
    6. ڪارونجهر سلسلي جي 20 کن ندين ۽ 80 کن جبل اند موجود چشمن جي پاڻيءَ کي محفوظ ڪري ، پارڪر سمورو آباد ڪري سگهجي ٿو پر ان پاڻيءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، روايتي ائپروچ کان هٽي ڪم ڪرڻو پوندو.
    7. ٿر فطرت جي پارڪ آهي جنهن ۾ ڪيئي ڪارائتا ٻوٽا، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ ۽ ڀلوڙ جانور رهن ٿا. وڻن جي واڍي ۽ جانورن جي مارجڻ تي قطعي پابندي هئڻ گهرجي.ان لاءِ سڄي ٿر کي نيشنل پارڪ اعلانيو وڃي.
    8. ٿرجي معدني وسيلن...ڪوئلي،گرينائيٽ، چيني مٽي ۽ لوڻ ... ڪڍڻ دوران ماحوليات جي بين الاقوامي اصولن جو خيال رکيو وڃي. خاص طور ڪوئلي جي کوٽائيءَ دوران ٿيندڙ ماحولياتي اثرات جو پورائو ڪرڻ لاءِ متبادل بندوبست ڪيا وڃن
    9. ٿر جي سڀني وڏن ڳوٺن ۾ صحت جون سهوليتون قائم ڪيون وڃن. ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون ۽ پئراميڊيڪل عملي کي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مختلف ترغيبون ۽ سهوليتون ڏنيون وڃن. ڳوٺاڻين ڏاهين عورتن کي دائي سکيا سندن ڳوٺن ۾ ڏياري وڃي جيئن ويم جي عمل دوران ٿيندڙ مونجهارن جو ڪو ترت حل به ڳولهي سگهجي ۽ ويم دوران ضايع ٿيندڙ جانين جي تعداد کي گهٽائي سگهجي
    10. ضلعي جو هڪڙو جامع ترقياتي پلان جوڙيو وڃي جنهن جي روشنيءَ ۾ وسيلن جي ڪٿ ڪئي وڃي.ضرورتن جي به نشاندهي ڪندي، ترقيءَ جي عمل کي ٽن مرحلن...ترت ترقي، وچئين مدي جي ترقي ۽ ڊگهي مدت جي ترقي ۾ ورهائي رٿابندي ڪئي وڃي. ان پلان ۾ وسيلن جي به نشاندهي ڪئي وڃي.
    11. ترقيءَ جي سموري عمل ۾ چونڊيل نمائندن توڙي راڄن جي ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي جيئن ماڻهو پنهنجي لاءِ ٿيندڙ فيصلن ۾ راءِ ڏيئي سگهن.
    12. غيرسرڪاري ادارن جي ڪم کي باقاعدي بنائڻ لاءِ، اهڙو ميڪانزم جوڙيو وڃي جنهن سان اهي رپليڪيشن کان بچن.انهن ادارن کي به سماجي جاڳرتا، تحقيق، نظرداريءَ جي ڪم تائين محدود رهڻ گهرجي. خدمتن پهچائڻ وارو ڪم حڪومت پاڻ ڪري. ايئن ڪرڻ سان ترقيءَ جو عمل وڌيڪ جٽادار ۽ لاڀدائڪ ٿيندو.
    13. غربت گهٽائڻ لاءِ ، قرض جي ڪوڙڪيءَ ۾ جڪڙڻ بجاءِ، گذران جي متبادل وسيلن کي ڳوليو وڃي. دنيا جي ٻين باراني علائقن ۾ جيڪي غربت گهٽايو رٿائون هلن پيون انهن ۾ ٿر جي حالتن پٽاندر تبديليون ڪري، لاڳو ڪيو وڃي.
    14. ٿر جي نوجوانن جي فني ڪم ڪار جي سکيا ڪرائي وڃي. انهي سلسلي ۾ حڪومت پاران کنيل ابتدائي قدم ساراه جوڳا آهن. پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ جي دائريڪار ۽ ڪم کي وڌايو وڃي. نوجوانن کي انٽرپرينيوئرشپ کان آگاه ڪندي، ضرورت وقت سيڙپڪاريءَ ۾ به مدد ڪئي وڃي.
    15. ٿر جي ماڻهن کي گهرجي ته اهي پنهنجي علائقي، وسيلن، ۽ مسئلن بابت ترت آگاهي رکن ۽ هراهڙي ڪم ۾ وڌي اچي حصو وٺن جيڪو سندن علائقي جي ترقيءَ بابت هجي.
    16. ترقيءَ جي سموري عمل کي جٽادار بنائڻ لاءِ ان کي آئيني تحفظ ڏنو وڃي.


    عمر جا تو مل عيد ، سا سوءِ ورتيسين سومرا

    عمر جا تو مل عيد ، سا سوءِ ورتيسين سومرا

    ڀٽائي سُرمارئيءَ ۾ جيڪي ڳايو آهي سو عام جي دلين جي ڌڙڪڻ آهي. هيڻن طبقن جي دلي حال جي ڳالهه آهي جنهن مان سندن ڏکن ڏولائن ، هيڻائين، محرومين جي جهلڪ نظراڇي ٿي. غربت جي اهڙي جهلڪ ڏيکاريندي، غربت کي اڏولتا جي صلاح ڏيندي ، پيرن تي پڪو ٿي بيهڻ جي تاڪيد ڪئي ويئي آهي. ڀٽائيءَ جي اها دل سان لڳندڙ ڳالهه عين فطرت آهي جنهن مطابق سوڀ مارئيءَ کي ملڻي آهي. عمر هيڏو هاڪارو بادشاه هئڻ جي باوجود نه رڳو هارائيندو پر سڄي عمر دنيا جهان جو لعنتاڻو به کڻندو. هيڻن ۽ هوند وارن طبقن جي ڳالهه ڪندي ڀٽائيءَ عيد کي اهڃاڻ بنائي ، ڀيٽ ڪئي آهي ته غريب جي عيد ڪيئن ٿئي ٿي، امير ن جو عياشيون ڪيئن ٿين ٿيون. هي ڏينهن به عيد جا آهن . ڪي ماڻهو هن عيد کي فطري واري عيد چون ٿا ته ڪي وري رمضان واري عيد ته ڪي ننڍي عيد . هيءَ عيد شوال جي پهرئين ڏينهن تي ٿيندڙ عيد آهي. عيد تڏهن آهي جڏهن خوشي آهي. خوشي آهي ته خريد به آهي نه ته اگهاڙن ڪهڙي عيد. انهي پس منظر ۾ ڀٽائي هن ريت اظهار ڪيو آهي؛
    عمر! جا تو مل عيد، سا سُوءِ ورتيسون سومرا
    ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد
    سڪڻ ڪيا شهيد، مارو ملڪ ملير جا
    دنيا جنهنکي فطرت ”ملير“ بنايو تنهن کي ڪجهه ماڻهن پنهنجي چالاڪيءَ سان ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندي، ان جي سمورن وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهي ڪوشش دنيا کي دوزخ جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.وسيلن تي راتاهي جي انهي ڪهاڻي جي شروعات چالاڪيءَ سان ٿئي ٿي ۽ چند چالاڪ ماڻهو دوکي دولاب ۽ ٺڳيءَ سان دنيا جي وسيلن کي ٺاهي ٺانٺوڪي پنهنجي گوڏن هيٺ ڏيئي ويٺا آهن. نتيجي ۾ دنيا ۾ اڻ برابري ٿي پيئي آهي. هوندوارا ۽ هيڻا الڳ نموني جي زندگي گهاري رهيا آهن . انسانيت جا سبق ڏيندڙ سمورا نظريا ڦري گهري ڏاڍي جو پاسو وٺن ٿا ۽ هيڻو ويچارو پاڻ وهيڻو به نٿو رهي ۽ بي وسي جي انهي ڪيفيت دنيا ۾ غربت جي ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندڙ آڳ جلائي ڇڏي آهي جنهن ۾ هرڪو جلي رهيو آهي. هرڪنهن جي ان طرح جلڻ جي ترجماني ڪبيرڀڳت جا هي لفظ ڪن ٿا؛
    ايسا ڪوئي نا ملا، جا سي رهي من ڪا لاڳ
    سب جڳ جلتا ديکا، اپني اپني آڳ
    غربت جي انهي آڳ دنيا جي ڀاڳ کي ويراڳ ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ سڄي دنيا عمومن، پراسرندڙ ملڪ خصوصن غربت جي انهي ڳوڙهي مسئلي کي منهن ڏيئي رهياآهن. غربت ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بدران ويراويروڌي رهي آهي ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي ڪوپ ۾. انسانيت ان جو بک بنجي، جلي رهي آهي. مٿان وري مارڪيٽ ٻرنديءَ تي تيل جي ڇنڊي وارو ڪم ڪري ٿو.جيترابه غربت گهٽائيندڙ نسخا آزماياوڃن ٿا اهي نيٺانيٺ وڃي انهن ماڻهن کي لاڀ پهچائين ٿا جيڪي غربت جا ”جهان خان “ آهن. اهڙي نفسا نفسيءَ ۾ عيدون ڪهڙيون هونديون خاص طور انهن ماڻهن جون جن کي ڪنڌ ۾ غربت جو طوق پيل آهي. جن جا ٻه ويلا آسانيءَ سان نٿا لنگهن. جن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر ناهي، جيڪي سرڪاري اسپتالن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي، اڇيون پيليون گوريون کائي مٿي علاج لاءِ وڃن ٿا ته ٻئي ڏينهن لاش کڻائي موٽن ٿا، جيڪي يا ته پيادا هلن ٿا يا وري اهڙين سوارين ۾ چڙهن ٿا جن ۾ ساڻن گڏ چوپايو مال به چڙهيل هوندو آهي، سندن ونيون ويم جا سور کائينديون جڏهن اسپتالن تائين پهچنديون آهن ته ڊاڪٽرصاحبان کين خطري وارو ڪيس چئي اڳتي کڻي وڃڻ جي ”نيڪ صلاح“ سان نوازينداآهن پر وٽن ڀاڙو نه هوندو آهي جو اهي ڊاڪٽرن جي اهڙي نيڪ صلاح تي عمل ڪن. بيوسيءَ جي انهي ڪيفيت تي وري فطرت جي رحمدل ڪُک پنهنجي ور مان انهن ويچارن جي واهر ڪندي آهي ۽ ڏسندي ڏسندي ، ڊاڪٽرسڳوري پاران قرارڏنل ڏکئي ڪيس جي ڇوٽڪارو اسپتال جي گهٽي اڪرڻ کان اڳ ئي عام رواجي ويم جي صورت ۾ ٿي پوندو آهي. فطرت جي اها چماٽ ان ”صلاحڪار“ جي منهن تي هوندي آحي جيڪو پاڻ تان بار لاهڻ لاءِ، اهڙي نيڪ صلاح جي نوازش ڪندو آهي. غربت جي اوڙاه ۾ لڙهندڙ لکين ماڻهن جي اها ڪهاڻي آهي جيڪا ڪيهون ڪري انسان ذات جو ڌيان ڇڪائي رهي آهي ته هي به انسان آهن انهن لاءِ به ڪجهه ڪريو. رڳو پنهنجا گهر نه ڀريو. عيد انهن کي به ڪرڻي هوندي آهي جنهن جي گهر ۾ ڪلو اٽي جو به نه هوندو آهي. غربت جي تورتڪ بابت دنيا ۾ ڪجهه ماڻ ماپا ٺاهيا ويا آهن جن جو بنياد آمدني ۽ کاپو آهن جڏهن ته هاڻي دنيا ۾ اهو نروارٿي چڪو آهي ته غربت هڪ ڳوڙوهو ۽ موڙهل مسئلو آهي جنهن کي ايئن هڪ رخي ماپڻيءَ سان ماپي ۽ ڪڇي نٿو سگهجي. ان هوندي به دنيا ۾ انهن ماپن وسيلي غربت جي تور تڪ ڪئي وڃي ٿي. تازوئي هڪ اهڙي رپورٽ پڌري ٿي آهي جنهن جو عنوان آهي، ”پاڪستان ۾ گهڻ رخي غربت بابت سال 2014۽ 2015ع “ جنهن ۾ سڀني صوبن جي غربت اهڃاڻن کي نروار ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ غربت جي ڪافي تفصيلي تصويرنظراچي ٿي. رپورٽ بابت ڪنهن ٻئي ليک ۾ في الحال غربت جي انهي ”جن“ بات ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا جنهن لکين انسانن جو جيئڻ جنجال بنائي رکيو آهي. سنڌ صوبي ۾ غربت جي راڪاس جا ڳوٺن ۾ وڌيڪ لامارا آهن جتي 75 سيڪڙو آبادي ڇتي غربت ۾ رهي ٿي. بلوچستان کان پوءَ سنڌ ٻئي نمبر تي غربت وارو صوبو آهي جنهن جي ضلعن ۾ غربت جي شدت جداجدا آهي. عمرڪوٽ ۾ اها سڀ کان وڌيڪ يعني 84.7 سيڪڙو ڏيکاري ويئي آهي. ٿرپارڪر ۾ غربت جو گراف هيٺ مٿي ٿيندي ، وري وڃي 84 سيڪڙو کي پهتو آهي. غربت جي اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ڪهڙي عيد ڪندا؟ عيد ته اميرن جي هوندي آهي، عيد ته انهن جي هوندي آهي جن جي قوت خريد سندن خواهشن کان به ”سرس ۽ سوائي “ هوندي آهي باقي انهن جي ڪهڙي عيد جيڪي غربت جي هندوري جي هاويءَ ۾ پيا لُڏن.
    اهڙي طرح غربت جي اها ڪهاڻي انهن ضلعن جي لکين خاندانن جي ڪهاڻي آهي جيڪي رپورٽ ۾ ڳاڙهن نقشن جي صورت ۾ نروارڪيا ويا آهن. انهن ضلعن ۾ رهندڙ لکين غريب خاندانن لاءِ عيد کي عيد بنائڻ لاءِ ڪا خاص واه نه هوندي پوءِ اهي ويچاراڪٿان نه ڪٿان ”پن پنان“ ڪندا يا هٿ هڻندا جيئن سندن پاڙيسريءَ جي گهر ۾ پچندڙ سيوين جي ”وگهار“ جي سڳنڌ منجهن حسرت واراجذبا نه اڀاري. ڪن ڪن ماڻهن کي وري بينظيرڪارڊ جا پئسا ملن ٿا پر انهن کي روڪڙا ڪرائڻ لاءِ جيڪا حالت بئنڪ جي ڏٻن تي ٿئي ٿي سا ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڪٿي ڪٿي وري ڪن غيرسرڪاري تنظيمن ماڻهن کي پنڻ جي عادت سان سينگاريو آهي جنهن جي پيروي ڪندي ٿر جهڙي صاف سُٿري ڌرتيءَ تي مذهبي ڌريون پنهنجا امدادي سامان کڻي اچي پهتيون آهن. ڪن ڌرين وري پنهنجا دسترخوان لڳايا آهن. اهڙي طرح غربت ته گهٽجي ٿي يا نه باقي پنندڙن جو تعداد وڌندو وڃي ٿو. سرڪاري ادارن توڙي غير سرڪاري ادارن وٽ ڪي به اهڙا انگ اکر ڪانهي جيڪي حقيقي غريب جي نشاندهي ڪن ۽ ان کي اهڙي طرح وسواري آباد ڪيو وڃي جنهن سان اهو غربت جي هن ڪوڙڪي ءَ مان پنهنجو پاڻ آجو ڪري سگهي. سرڪاري امداد ي ڪمن ۾ جيڪا حالت هلي ٿي اها ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي پر هاڻي ته انهن غيرسرڪاري ادارن جو اٺ پاکڙي سميت ڏرڙ ۾ آهي جيڪي شفافيت جا دعويدار هوندا هئا. غربت جي جٽادار ۽ مستقل حل لاءِ دنيا کي سيفٽي نيٽس کان اڳتي سوچڻو پوندو جنهن لاءِ سڀ کان اول غربت جي حقيقي ڪٿ ڪرڻي پوندي ۽ انهي ڪٿ جي روشنيءَ ۾ ماڻهن کي مستقل نموني وسوارڻ جا اهڙا پروگرام جوڙڻا پوندا جن جي مدد سان ماڻهو غربت جي تحت الثرى مان مٿي نڪري سگهن. غربت گهٽائيندڙ سمورن پروگرامن جو مقصد غربت گهٽائيندڙ فيزنگ آئوٽ حڪمت عملي وارو هئڻ گهرجي. غربت بابت ٿيندڙ سمورن فيصلن ۾ غريبن جي راءِ به شامل هئڻ گهرجي. دولت جي جيڪا ڦرلٽ ۽ ڍڳن مٿي ڍڳ ٺاهڻ واري رجحان تي ڪا روڪ ٽوڪ رکي وڃي ۽ ناجائز نموني ذخيرو ڪيل ملڪيت کي نادار ماڻهن جي فلاح بهبود لاءِ استعمال ڪيو وڃي. اهي چند شيون آهن جن تي عمل ڪري وڏي سطح تي غربت مان ٻاهر نڪري سگهجي ٿو. راڄ سطح تي غربت جي واهر جو عيد جهڙن موقعن تي اهو حل آهي ته جيڪي سرندي ۽ هوند وارا آهن اهي پنهنجي اهڙن عزيزن قريبن ۽ پاڙيسرين کي عيد ڪرائڻ جو اهتمام ڪرائين جيڪي ويچارااڻ هوند جي دائري ۾ اچن ٿا جن کي خوشي ۽ خريد وسري ويئي آهي. اهو سماجي فرض آهي سڀني انسان مٿان لاڳو ٿئي ٿو. انهي عمل کي رضاڪاراڻي نموني اڳتي وڌائڻ کپي جيئن سماج ۾ رهندڙ هيڻا طبقا پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن ، انهن جي عيد به پرمسرت ٿئي، انهن جا ٻار به نوان ڪپڙاپائي عيدگاه ۾ وڃن. ايئن ڪرڻ سان سماجي هم آهنگي ۽ انسانيت جو ڀلوڙ مثال قائم ٿيندو. اسان جي معاشري جو اهو خاصو رهيو آهي ته اهو اوڙي پاڙي جو هڏڏوکي ۽ همدرد رهيو آهي. اوکي ۾ اهنج واري جي امداد ڪرڻ نه رڳو ثواب جو ڪم آهي پر ان سان گڏوگڏ اهو انساني فرض آهي ۽ اعلى انساني اخلاق جو عظيم اهڃاڻ آهي. تنهنڪري سموري سماج کي مارئيءَ جي طبقي يعني هيڻي طبقي ڏانهن لاڙو رکڻ گهرجي. عمرجي نصيب ۾ سدائين رسوائي ۽ خواري آهي تنهنڪري ان طرف جهڪاءُ نه هئڻ گهرجي. جيڪا عمرن جي عيد آهي سا ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ مارئي واري طبقي لاءِ سوءِ سمان آهي. ايئن ٻئي رستا ۽ رخ نروار ٿيل آهن .ماڻهوءَ تي اهو ڇڏيل آهي ته هو ڪهڙو رستو چونڊي ٿو.


    ٿرجا ٻار۽ موت جا لامارا

    ٿرجا ٻار۽ موت جا لامارا

    ٿرپارڪر تي هن وقت ميڊيا مهربان آهي ۽ ٿر سنڌي اردو ۽ انگريزي اخبارن جون اُڦٽ مار سُرخيون جوڙڻ ۾ ميڊيا کي مواد مهيا ڪري رهيو آهي. ٿر جي ڏکي زندگي ته سالن کان هئي پر مهرباني هن وقت اچي ٿي آهي ۽ اها به ٻارن جي موت جي نالي ۾ ڪئي پيئي وڃي. ٻارجيڪي معصوم آهن، ٻار جيڪي سڀني ڦيرفرقن کان ڏورآهن، ٻارجيڪي ساداسودا۽ سچارآهن، مٿان وري جو اهي ٿري ٻارهجن ته پوءِ اهي گڻ ٻيڻاٿي وڃن ٿا. ٿرسٻاجهي ۽ حقيقي سول سوسائٽي آهي جيڪا هاڻي بازارجي واڳون وات ۾ آهي. اخباري رپورٽن مطابق اٽڪل 300 کان وڌيڪ ٻارهيستائين مري چڪاآهن ۽ انهن ۾ به اڪثريت نون ڄاول ابهم ٻارن جي آهي. سڀني جي موت جو سبب اخبارون بُک ڄاڻائين ٿيون. ان کانسواءِ خبرن جي اڪثريت جو محور مٺيءَ جي سول اسپتال آهي. اها سموري ڪهاڻي اڄ کان اٽڪل ٽي سال کن اڳي شروع ٿي هئي ۽ زور شور سان جاري ساري آهي. ٻن ڏينهن جي ٻار کي به بُک وگهي مرڻ سان سلهاڙيو وڃي ٿو. سرڪاري ڪامورا۽ ڪامدار وري پنهنجو اُبتو موقف ڏين ٿا ۽ ايئن ڳالهائين ٿا ڄڻ مهمان هجن، کين علائقي جي ڪا خبر ئي نه هجي. هرڪو نوڪري بچائڻ جي چڪر ۾ آهي يا وري امدادي مال تڳائڻ جي تياريءَ ۾. باقي ماڻهن جي حياتيءَ جو اونو مڙئي پورو سارو آهي. اچو ته ڏسون ته ٿر ۾ انهن ابهم ٻارن جي موت ۽ ٻين ڏکيائين جا ڪهڙاسبب آهن ۽ ان جو ڪهڙو حل آسان حل آهي ؟
    • ٿر جي آبادي اٽڪل 15 لک کن آهي جيڪا سموري ٿر جي وسيع ريگزار۾ پکڙيل آهي. ٿر۾ پاڻي جا ذخيرازمين ۾ اونها آهن جن ۾ ڪيئي ڪيميائي مادا مليل آهن ۽ اڪثر پاڻي کارو به آهي. کاري پاڻيءَ جي انتها اهاآهي جو ڪٿي ڪٿي آرهڙ جي موسم ۾ اهو پاڻي پيئڻ سان پکي به مري ٿا پون تڏهن حجامن جي ڳوٺ جي پاڻيءَ تي هُڙيا مار نالو پيو ڇاڪاڻ ته انهي جي پيئڻ سان هڙيا۽ جهرڪيون مري ٿا پون. گرميءَ جي مند ۾ اهو کارو پاڻي به زمين هيٺ ٿي وڃي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي سُڪي وڃي ٿو. پاڻيءَ جا نار هيٺ ٿيڻ سان زميني اوڀڙڀسم ٿي وڃي ٿي ۽ ڌرتي سڪي ٺوٺ بنجي وڃي ٿي.
    • ٿري سماج فطري سماج رهيو آهي جنهن جو اقتصادي سرشتو ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ تائين ”آهتپي “وارو هو جنهن ۾ شين جي ٺاهڻ جو معاوضو ”ورسوند “ جي صورت ۾ ڏنو ويندو هو. يعني ڪسب وارا ماڻهو جن کي هاڻي پروفيشنل چيو وڃي ٿو سي ضرورت جون شيون ٺاهي ڏينداهئا موٽ ۾ کين سال جي آخر ۾ ان ڏنو ويندو هو ۽ ايئن گاڏو پيو گهلبو هو. ننڍي کنڊ تي قبضي کانپوءِ جيئن ٿر تي قبضو ٿيو ته هتي به آهستي آهستي بازار جي جديد روپ منهن ڪڍيو ۽ ننڍڙاننڍڙا هٽ کليا جن تي وکر ملندو هو پر ان وکر جي موٽ ۾ به شيون ڏنيون وينديون هيون جيئن گيهه، اناج، کلون، هٿ جي هنرن جا وڙ وغيره. اهو سلسلو 80 کان پوءِ ”بازارجي اقتصاديات “ جي وڪڙ ۾ اهڙو آيو جو مارڪيٽ جو منهن کُلي پيو ۽ ان جو بُرڀرڻ لاءِ ”روڪڙ“ جي ضرورت پيئي. نتيجي ۾ هر شئي وڪرو ٿيڻ لڳي. ماڻهن ڪمائڻ شروع ڪيو. اها تبديلي پنهنجي پر ۾ وڏي تبديلي هئي ڇاڪاڻ جو جتي کيروڪڻڻ گناه سمجهيو ويندو هو اتي نه رڳو کير وڪجڻ لڳوپر پاڻي مليل کير به ساڳي ناڻي ۾ وڪجڻ لڳو. ڳالهه اتي دنگ نه ڪيو . کير ڇا پاڻي به وڪجڻ لڳو ۽ هاڻي ته اهو پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ هرڳوٺ ۾ وڪري لاءِ موجود آهي. ان کان اڳي کيرڌونري ۾ غريب به ڀاکي ڀائيوار هوندو هو. اڻ هوند وارن گهرن ۾ به جڏهن ٻار ڄمندو هو ته هوند وارن جي گهران ان کي کارائڻ لاءِ مکڻ وغيره ملندو رهندو هو. ڳوٺاڻي زندگي شهرجڻ ڏانهن وڌڻ لڳي ۽ کاڌي جو سمورو طور طريقو تبديل ٿيو.
    • ٿرجي ماڻهن جي رهڻ ڪرڻ جو ڍنگ فطرت تي ڀاڙڻ بدران جڏهن شهرجڻ ڏانهن وڌيو ته هنن جي کاڌي ۾ ڏٿ ڏونرن جي جاءِ سڙيل ٽماٽن والاري يا ڪچا ڳاڙها مرچ ۽ بصر اولڻ طور استعمال ٿيڻ لڳا جن جي غذائي قوت ايتري نه آهي جيتري ڏٿ جي هئي يعني سڱرين ، پيرن،ڏونرن،چڀڙن، پپن،ڪونڊيرن جي هئي. اها کوٽ غذائي کوٽ ۾ تبديل ٿي ۽ ماڻهن جي کاڌي جي پئٽرن کي جيڪڏهن ڏسجي ٿو ته هن وقت ماڻهن جي اڪثريت کاڌي جي نالي ۾ ڏلهي پيٽ ڀري ٿي پر انهي ڀرتيءَ جو ڪو خاص غذائي ڪارج ناهي.
    • بازار ۾ جڏهن روڪڙ جي ضرورت وڌي ته ماڻهن پنهنجي قوت خريد کي وڌائڻ لاءِ ڪمائڻ جي شروعات ڪئي پر موقعا تمام گهٽ هجڻ جي ڪري، ماڻهو ويتر قرضن جي ڄار ۾ وڪوڙجڻ لڳا. انهي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سماجي ڀلائي جو ڪم ڪندڙادارن به پنهنجو پاڻ کي قرض ڏيندڙ وياج خورواڳن ۾ تبديل ڪيو ۽ ماڻهن جي انهي مجبوريءَ جو جيئن جو تيئن فائدو ورتو ۽ قرض جي اها ڪوڙڪي ڏينهون ڏينهن پکڙجندي پيئي وڃي. انهي مقابلي ۾ ٻياادارا به لهي پيا آهن جهڙوڪ بئنڪون وغيره، ڇاڪاڻ جو بازار کي هلائڻو آهي.
    • کائڻ پيئڻ جي سماجي رنگ ڍنگ ۾ عورت متاثرڌُر آهي جنهن کي کاڌو ديرسان ملي ٿو يا سڀني کانپوءِ ملي ٿو. انهي ۾ اڃا به حالت سنگين ٿي وڃي ٿي جڏهن معاملو نئين پرڻيل ڪنوار جو اچي ٿو. اها هڪ ته حجاب ۾ هوندي آهي ٻيو وري جيئن کيس اميدٿئي ته پوءِ دل ڪچي ٿيڻ جي ڪري اهو حجاب وارو هاڃو ويتر وڌي وڃي ٿو. ايئن کيس مناسب کاڌو نٿو ملي. هڪ ته گهر ۾ کاڌو گهٽ مٿان وري جو ٻارپيٽ ۾ آهي ته کيس وڌيڪ کاڌو گهرجي. نتيجي ۾ اڪثرڳورهياريون عورتون جيڪي پنهنجي اوائي ڄم ۽ 5يا 6 ٻارن ڄمڻ کانپوءِ، رت هيڻيون ٿي پون ٿيون ۽ سندن هيمو گلوبين سطح ڪري وڃي 3 تائين پهچي ٿي جيڪا موت جو الارم آهي
    • ٿر۾ اسپتالن جو ڪو وڏو انتظام ناهي .رڳو وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اسپتالون آهن جن ۾ به ڊاڪٽرن جي کوٽ مثالي آهي. دوائن جي کوٽ ۽ حالت ته ان کان به اڳري آهي. ڳنڀير صورتحال تڏهن ٿي پوي ٿي جڏهن هزارين ڳوٺن جي آباديءَ لاءِ ڪا به گائناڪالاجسٽ ڪانهي. گائناڪالاجسٽ ته وڏي ڳالهه آهي پر محض ڊاڪٽرياڻي به ناهي. ڊاڪٽرياڻي ته ڇا پر پيراميڊڪ عورت به ناهي. اڳي دايون هونديون هيون جن جو تجربو ۽ خداڪارڻ ڪم ڪرڻ جي جّبي جي ڪري مڙئي ڪجهه ضرورت پوري پيئي ٿيندي هئي پر هاڻي هڪڙو ته داين جو حال پورو سارو آهي مٿان وري معاوضي واري ڪم انهي خدمت کي هيڻو بنائي ڇڏيو آهي.
    • حڪمرانيءَ جو سرشتو ته هونئن ئي ٽلومل جي اوطاق لڳو پيو آهي. ڪوبه مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي. هرڪا حڪمت عملي ايڊهاڪ ازم جو شڪار آهي. محمد عثمان ڏيپلائي جي ڊرامي ”ٿر ۾ ڏڪار“ جو هڪڙو ڊائلاگ آهي جنهن ۾ وزير ڪاموري کان پڇي ٿو ته يه ڊڪار ڪياهي؟ ته ڪامورو وراڻي ڏي ٿو ته ٿر ۾ لوگ زياده کاتي هين تو زياده ڊڪارين آتي هين. “ هن وقت به هيڏي سندين صوورتحال جي موٽ ۾ اهڙا ٻول به ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا ته ” ٿر۾ عورتون گهڻا ٻارڄڻن ٿيون تنهنڪري وڌيڪ موت ٿين ٿا“ يا ”ٿر۾ عورتون ٻارگهرن ۾ ڄڻن ٿيون تڏهن ٻار مرن ٿا“. اهو روي مسئلن کي حل ڪرڻ جي بجاءِ ويتر وڌائي پيو. صورتحال ٺيڪ ٿيڻ بدران بگڙندي وڃي.
    • ٿر۾ معدني وسيلا به ججها آهن جن ۾ ڪوئلو هن وقت گرم موضوع آهي. دنيا جو نظرون ٿر جي وسيلن ۾ آهن. هي سموري هاءِ گهوڙاٿر ڏانهن توجهه ته ڇڪائي ٿي پر ان سان جيڪو سماجي توڙي اقتصادي دٻاءُ وڌي ٿو ان کي انهي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئي ڌريون ٿر ۾ اچي لٿيون آهن ته ڪيتريون ٻيون رت چوس ڌريو ن ڳاڙهه ڳلين ڳجهن وانگر ٿر جي ڪنواري ڌرتي تي لامارا ڏيئي رهيون آهن. الله سائين ٿر جي امن کي بچائي ٿرجي ماحول کي محفوظ رکي.
    • صحت، خاص طور تي پئداش واري تندرستي يا شخصي صفائي سُٿرائي بابت جاڳرتا جو ڪو جوڳو بندوبست ناهي. ماڻهن کي بدلجندڙ سماج ۽ ان جي ضرورت بابت ڪا به ڄاڻ نٿي ڏني وڃي. کاڌي پيتي جي طورطريقي جي بهتري بابت به ماڻهن جي اڻ ڄاڻائي ڏسڻ وٽان آهي جڏهن اهي چڀڙن جهڙي بهترين غذادڪان تي 2 رپيا ڪلو وڪڻي 20 رپيا ڪلو ۾ سڙيل ٽماٽا وٺي کائين ٿا. سماج ۾ جيڪا ڦيرگهير آهي تنهن بابت به ماڻهن ۾ ڪا خاص تياري ناهي. غيرسرڪاري ادارا به انهي ڏس ۾ ڪو خاص ڪردار نه نباهي رهيا آهن رڳو بس هرڪو نوڪري ڪرڻ يا بچائڻ جي چڪر ۾ آهي.
    هاڻي ڏسون ته انهي سموري ماجرا مان ڪيئن پار پئجي يا ٿر جي مرندڙ ٻارن جو زندگيون بچائجن. انهن سڀني مائرن جي مستقبل کي محفوظ بنائجي جن جي ٻارن جو مرڻ بچڻ کان وڌيڪ يقيني آهي. حالتن جي سنگينيءَ کي بيان پيش ڪرڻ يا واويلاڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن. انهي نموني مسئلا نروار ٿي پونداآهن پر انهي صورتحال جو فائدو ڪي ٻيا وٺنداآهن ۽ انهن مجبورين کي پنهنجي مفادن ۾ ڪم آڻي پنهنجي ٽجوڙين کي ڀرينداآهن. هن صورتحال مان نڪرڻ لاءَ ڪجهه تجويزون پيش ڪجن ٿيون؛
    • سموري ٿر ۾ غذائيت بابت تحقيق ٿيڻ گهرجي جنهن جي نتيجي ۾ اهڙي رٿا جوڙي وڃي جيڪا ٿر جي غذائي قلت جي مسئلي کي ماٺو ڪري ۽ پوءِ ختم ڪري. انهي رٿا جو محور به عورتون ۽ خصوصن ڳورهاريون عورتون هئڻ گهرجن . غذائيت جو جيڪو به پلان جڙي ان کي سختيءَ سان نافذ ڪيو وڃي.
    • ماڻهن کي غذائيت، ڄم صحت، شخصي صفائي سُٿرائي بابت جاڳرتاڏيڻ جو وڏي پئماني تي بندوبست ڪيو وڃي ۽ انهي سکيا ۽ صلاحيت جوڙڻ واري عمل ۾ سماج جي سڀني طبقن کي شامل ڪيو وڃي. اهو عمل خيراتي نه هجي پر شراڪتي هجي.
    • ٿرجي سڀني اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ک جي موجودگي ءَ کي 24 ڪلاڪ يقيني بنايو وڃي. خاص طورگائناڪالاجسٽ ۽ ليڊي ڊاڪٽرن جو هجڻ ضروري آهي. انهي لاءِ حڪومتي، غيرحڪومتي ۽ راڄوڻي سطح تي ترغيب ۽ سهوليتڪاري هئڻ گهرجي.
    • ٿر جي ڳوٺن جا فاصلا مکيه اسپتالن کان پري آهن . اسپتالن تائين عورت مريضن جي اچڻ ۾ اين جي او توڙي سرڪار سهوليتڪاري ڏئي. ڳورهارين عورتن ۽ ٻارن جي صحت جو ويمو ڪيو وڃي.
    • اسپتالن جي چڪاس جو عمل بهتر بنائي انهن جي ڪم ڪار کي موثر بنايو وڃي. ڳوٺن ۾ موجود داين کي سکيا ڏني وڃي ۽ سکيا جون سهوليتون ڳوٺن ۾ مهيا ڪري ڏنيون وڃن
    اهڙي طرح تمام گهڻا ڪم آهن جيڪي حڪومتي ادارن، غيرحڪومتي ادارن ۽ راڃن جي سهڪار سان سرانجام ڏيئي ، ٿر ۾ ٻارن جي موت جي طوفان کي ٻُنجو ڏيئي سگهجي ٿو.


    وڃي سڄيءَ ويڙهه مان، ڏُک ۽ ڏولائو

    وڃي سڄيءَ ويڙهه مان، ڏُک ۽ ڏولائو

    سُونهن ڀرئي سنسار کي سرجيندڙ، مالڪ مهربان، هيءَ ڪنچن ون ڪائنات اُن عالم اصغر جي ڪارج لاءِ خلقي آهي جنهن کي عرف عام ۾ انسان سڏيو ويو آهي ۽ اُن وَٿ کي خلقي، الله تعاليٰ کيس “بيان” جي ڄاڻ جي سگهه سان نوازيو ۽ بيان جي اُها سگهه سندس شعور جو هڪ اظهاري ۽ ظاهري مظهر آهي جنهنجي اٿاهه اونهي پس منظر ۾ ، صدين تي پکڙيل، سندس نسلن جي ڪهاڻي پڙهي سگهجي ٿي ۽ اُن انساني ڪٿا جا قدم ٻوليءَ جي اُهڃاڻن وسيلي جئين پروڙيا ۽ پرکيا ويا آهن يا پروڙيا ۽ پرکيا ويندا، تيئن علم جي ٻئي ڪنهن روپ وسيلي گهٽ سمجهيا، سُڃاتا ۽ ڄاتا ويا آهن. اِهڙي طرح انسان کي عطا ٿيل علم جي املهه ۽ عميق خزاني جو اظهار ٻولين وسيلي ڪيوويوآهي ۽ ٻوليون ترقي ڪندي زبانون ٿيون، تنهنڪري ڪنهن به ٻوليائي پهلوءَ جي اڀياس جي معنيٰ داريءَ کان انڪار ۽ فرار ممڪن ئي ناهي. شاعري انسان جو اولين اظهار آهي ۽ نثر اُن کان بعد ۾ ظاهر ٿيو يعني انسان اول ته سُريلو ۽ رسيلو رهيو آهي بعد ۾ هُو جوکم کڻندو اڳتي وڌندو، بي سُرو ۽ بي رس به بڻبو آهي. ايئن زبان جي گهڻا گهڻي ۽ ٻهڳڻائپ جي اهميت مڃيل آهي. دُنيا جي هر زبان جي شاعري، اُنهيءَ زبان جي بقا ۽ خوبصورتي جي محافظ بڻي آهي.جنهن جو چٽو مثالاسان جي سموري اساسي سنڌي شاعري آهي،جنهن ۾ وري لطيف سائين جي ٻوليءَ جواسان جي زبان تي احسان اپر ۽ امونگروآهي، سندس بيتن ۽ واين ۾ پوتل لفظ آُهو خزانو آهن جنهن ۾ اسانجي قومي شعور جا ڪروڙين اربين کربين موتي محفوظ آهن، جن سبب اڄ به اسانجي ٻولي لفظن جي ذخيري سان مالا مال اهي ۽ اسان جي اظهار جي جُوجهه اُنهيءَ وٿ سان جِنجهه آهي. جنهن جي سُريلائي ڪن رس جي قرب مان ٽمٽار آهي.
    غلام محمد جنجهي ٿر جو نامور شاعر ٿي گُذريو آهي. سندس شاعريءَ جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته اُن جا ڪيئي روپ ائين نکري نروار ٿين ٿا، جئين وڏڦڙو وسندي اُڀ جي نيري ڪينواس تي قوس قزح انڊلٺي رنگ اظهاريندو آهي. جن کي اسين ڏانگڙو به سڏيندا آهيون. جنهن ۾ روشني جا سڀئي رنگ هوندا آهن.
    ٿر جي هن نامور شاعر پنهجي شاعريءَ ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آندي آهي ان کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هُو اِهڙو وينجهار شاعر آهي جنهن پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي لفظ ڪم آندا آهن اُهي اهڙا هيرا ۽ موتي آهن جن جي جوت ۽ جرڪاءَ، سنڌي زبان جي سچي ساک آهن، جنهن جي روشنيءَ جُون لاٽون صدين تائين ايندڙ نسلن کي ماڳ جو دڳ ڏسڻ ۾ مدد ڪنديون رهنديون. هن اڀياس ۾ سندس شاعريءَ مان صرف سُرمارئيءَ جو مطالعو آهي ۽ سندس سُرمارئي وطن جي محبت ۽ ڌرتي ڌڻين سان لڳاءَ جو اُهو آئينو آهي. جنهن ۾ ڌرتيءَ ۽ ڌرتي ڌڻين جي قدرن کي پروڙي ، پرکي ۽ پُرجهي سگهجي ٿو. سُرمارئي مارن جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿو.

    عمر ماروئڙن جا، ڀونگا ۽ ڀيڻيون
    رهن اُتي راڄ ڪيو، سي ٿانيڪا ٿوڻيون
    ڪن رُوڙيون رهاڻيون، ماروئڙا ملير ۾،

    لفظ “ڀُونگو” ٿر ۾ اڏجندڙ ڪکاون گهرن لاءِ ڪتب ايندڙ عام لفظ آهي، جيڪو ٿر جي اڏاوتي نمونن جي سڀني روپن (جهونپڙي، لانڍي ۽ ڇني) لاءِ گڏيل لفظ طور ڪم اچي ٿو. “ رُوڙي” لفظ جي معنيٰ ،عمدو، خوبصورت، ٺاهوڪو يا موچارو آهي جنهن جو بُنياد گجراتي زبان ۾ ڪتب ايندڙ ساڳي لفظ آهي.
    ماروئڙا ملير ۾، ڪڍن ڏينهن ڪاپي،
    اچي اويرا مال مان، پيئن جهڻ جهانپي
    لُلر جي لاپي، ڏوٿي ڪٽين ڏينهڙا

    “ڪاپي سان ڏينهن ڪڍڻ” جو مطلب ڪفايت ڪرڻ يا اُڌارو آڻي گذارو ڪرڻ آهي ۽ هيءُ لفظ “ڪتڻ واريءَ ڪرت” جو پس منظر رکي ٿو. جنهن جي ٻهڳڻائپ ۽ ٻوليائي شاهوڪاري شاهه سائين جي سُر ڪاپائتي جي روپ ۾ روشن سڄ جيان پرکنڊين پڌري آهي. سُٽ ڪتڻ ۽ ڪپڙو اُڻڻ جي ڪورين واريءَ ڪرت دوران جڏهن ڪچو سُٽ ڪتڻ يا اُڻڻ لاءِ ڏيندا هئا ته اُن کي ڪٽڻ وقت ڪجهه بچائي به رکندا هئا. جيڪو پوءِ ضرورت وقت ڪاپائتي کي اُڌارو ڏنو ويندو هو. جئين کوٽ ٽوٽ ۾ پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي ۽ ائين ڪاپو ڪرڻ ۽ ڪاپي سان ڏينهن ڪڍڻ جواصطلاح مروج ٿيو. لفظ جهڻ ڄمايل کير مان ٺاهيل لسيءِ لاءِ استعمال ٿيندو آهي جڏهن ته “ لسي” کير مان ٺهيل مشروب لاءِ به ڪم ايندو آهي. لُلر هڪ ننڍو ٻوٽو آهي. جيڪو مريڙي واري خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ ڏُٿ جو هڪ قسم آهي ۽ ڏُٿ ٿر ۾ ٿيندڙ قدرتي گاه ٻوٽا يا انهن جا ميوا آهن، جن کي عذائيت جي کوٽ دوران ڪچو يا پچائي يا ٻاڦي، هڪ رڇ طور استعمال ڪيو ويندو هو ۽ هاڻي اُنهن جو اُهو استعمال گهٽجي ويو آهي. باقي ٻئي کاڌي سان گڏ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

    ماريئون ان ميار سان، جا ڏوٿيئڙن جو ڏاج،
    جا رسم آهي راڄ ۾،سنگهارن جو ساڄ
    اميراڻيون عادتون، پنهوارن پهاڄ
    لوئڙيا رين لاڄ، عمر رکج عزت سان

    لفظ ساڄ، سازلفظ جي ڳالهايل صورت آهي، جنهن کي اوزاريا ٽيڪنڪ جي مفهوم ۾ ورتو ويندو آهي ۽ ميار ڏيڻ ئي ماڻهن جي ويڙهه جو طريقو آهي ، ڇاڪاڻ ته ٿري ماڻهو صدين کان پُر امن، اهنسڪ ۽ سفارتڪاريءَ جي آدابن جا ماهر رهيا آهن. تنهنڪري اُهي ميار کي تلوار وانگر استعمال ڪندا هئا ۽ ميار جي اهڙيءَ اثرداريءَ جو اُهڃاڻ لطيف سائين جي سُر مومل راڻي جي هن بيت ۾ ملي ٿوجڏهن راڻو مومل سان گڏ ٻئي ڪنهن کي ستل ڏسي ٻڙڪ به نه ٻوليو هو ۽ ڪام رکي راه وٺي روانو ٿي ويو هو. ان منظر کي لطيف سائين مومل جي زباني هن ريت بيان ڪيو آهي.

    سوڍا صبر تنهنجو لڄاين مرڪ
    نه ڪهڻ سي نڪ، ري رُڪ راڻي وڍيو

    “پهاڄ” جو لفظ ٻيءَ زال لاءِ ڪم ايندو آهي جيڪا پهرين زال جي حياتيءَ ۾ ئي ايندي آهي ۽ مُڙس پهرين زال کي رد ڪندي ٻيءَ زال سان بهتر ۽ اڳئين زال سان غيرمنصفاڻو سلوڪ روا رکندو آهي. تنهنڪري پهرين زال ٻيءَ زال کي پهاڄ سمجهندي آهي جنهنجي معنيٰ مد مقابل، يا Competitor وٺي سگهجي ٿي.

    ڪڍبندياڻيون بند مان ته وڃن ويڙهيچن
    پيئن کير خوشيءَ مان مکڻ مان ماٽيئن،
    چارين وڃي چاهه مان ، ڇانگون سي ڇيلن،
    عمر تون اُنهن، با الله ڪڍ بند مان.

    ڇانگ لفظ مال جي ڌڻ يا ولر لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، خصوصا کير ڏيندڙ مال لاءِ هي لفظ ڪم ايندو آهي.

    ڏوٿي ڪٽين ڏينهڙا، ٿا اُٻن تي اوهي،
    ماني کائن محبت سان، ساڻ گهوگهن جي گوهي
    لنبن کي لوهي، چانور چاڙهين سومرا

    “گوگهن جي گُوهي” جي ترڪيب جو مطلب هن ريت آهي ته کير جڏهن تازو ٿڻان ڏهبو آهي ۽ اُن جو زورائتيون سيڙهيون هڻبيون آهن ته گوگهه ٺهندا آهن ۽گوگهه ڏاڏا مٺا هوندا آهن. ۽ وري جهڻ مٿان جڏهن اُهي سيڙهيون زورائتيون هڻي ڦيڏرو ٺاهبو آهي ته اُهو هڪ اعليٰ قسم جو مشروب ٿي پوندو آهي. جنهن کي ٿري چاهه سان پئيندا آهن. “ لنب” گاهه جو هڪ قسم آهي جيڪو ڏٿ طور استعمال ٿيندو رهيو آهي جنهن جو سنهو داڻو سوهي ڪڍي، اُن جو ڀت رڌبو آهي ته اُهو چانورن کان به اعليٰ ۽ اُتم ٿيندو آهي ۽ اُن کانسواءِ لنب سنهو هئڻ جي ڪري باهه ڏانهن به حساسيت رکي ٿو ۽ جلدي باهه پڪڙي وٺندو آهي. ۽ باهه تمام جلد پکڙجي ويندي آهي تنهنڪري ڪنهن به ڳالهه جي جلدي پکڙجڻ متعلق محاورو جڙيو “لنب ۾ ٽانڊو پوڻ”.

    سويرکائن سومرا، ٻگري جي ٻاٽي
    پيئن جهڻ جنهن مٿان، گهمري سان گهاٽي
    ڪُل ائين ڪاٽي، عمر اباڻن سومرا

    “ٻگري جي ٻاٽي” به کاڌي طور باڦي تيارڪيل ڏُٿ جو هڪ قسم آهي، ٻگري جو ذڪر اڳ ئي مٿي ڪيو ويو آهي. ٻگرو جلدي پچندو آهي تنهنڪري اُ ن جا ڪچاپن چونڊي اُنهن کي ٻاڦيو ويندو آهي. انهي کي کائي مٿان جهڻ پي ٽڪ ٽاري ڇڏبو آهي.

    عمر اباڻن سومرا، صدا ڪٽي سيل،
    ٽڪي سنديءَ ٽيوڙتي، توهيا ڪئي هيل،
    ساتر رب سبيل، مارن ميڙ مٽي کي

    “ٽيوڙ” لفظ سڱ بند ڪرڻ جي ڪاروهنوار ۾ ڪم ايندو آهي جنهن ۾ ٽي ڌُريون پاڻ ۾ سڱاوتي ڪنديون آهن. يعني “الف” ڌر پنهنجا اولاد “بي” کي ۽ بي ڌر پنهنجي اولاد “ج” کي ڏيندي آهي. ته “ج” تنهنجو اولاد الف ڌر کي ڏينديو آهي، اهڙي طرح اِهو ٽڪنڊائون سڱاوتي رشتو “ٽيوڙ” سڏبو آهي ۽ ٽيئي ڌريون اڻ سڌي طرح هڪٻئي سان ڳنڍيل هونديون آهن.

    عمر اباڻن ۾ ڪانگها رن ڪاهون
    گڏجان غلام محمد چئي اُنهن کي آئون
    ويڙهيچن واهون، سوڙيون ڪر نه سومرا

    ڪانگهارو لفظ مال سان لاڳاپيل آهي، جنهن مطابق کير ڏيندڙ مال کي شروعاتي 6 مهينن دوران “سُوئا” سڏايو ويندو آهي تنهنکاپوءِ انهن کي ڪانگهارو سڏيو ويندو آهي ۽ ڪانگهارو کير گهاٽو ٿيندو آهي جنهن جو ڌونئرو ۽ مکڻ بئي عمدي قسم جا ٿيندا آهن.

    سوڙيون ڪر نه سومرا، ريتون جي راڄن،
    آهن ان ۾ عادتون، ڪچيون جي ڪاڄن،
    اُهندر ڏين اباڻيون، لهه تي جي لاڳن
    پٽڪي جي پاڳن، ٻٽون ٻڌائن سومرا

    اُهندر لفظ شاديءَ ۾ تحفا تحائف ڏيڻ سان واسطو رکي ٿو. جنهن ۾ واسطيدار ڌُريون هڪٻئي کي ڪپڙا لٽا سبيل يا اڻ سبيل ڏينديون آهن ۽ اُهندڙ مڪمل تحفو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪپڙن سان گڏوگڏ ٽول به هوندا آهن.
    هي ته چند بيت هئا نه ته صرف سُر مارئي جي بيتن ۾ لفظن جو خزانو آهي جنهن ۾ ٿر جي ريتن رسمن ۽ مال جي اصطلاحن کي عمدگيءَ سان چٽيو ويو آهي جيئن:

    ٻِٽون ٻڌائن سومرا، پاڙي جي پرين،
    ٻُسيون، چُسيون، چانئريون، ڌونريون کي ڌيئن
    کوڙيون ڏين کٿيون، لپيٽي لوين،
    گهڻو غلام محمد چئي ڏين ٿا ڏيجن
    عاج ارٽين، سُوڌو ساڻيهه سومرا

    ٻُسون، جُسيون، چانئريون، ٻاڪري مال جا پار ۽ اُهڃاڻ آهن ته ڌونريون ڍڳيون ٿينديون آهن. ائين گهيٽا، ارٽ، بدو، تاسرا (تانگها) جهوڪ، (اُوٺي مال جي وهڻ جو هنڌ)، سرفو ڪرڻ (ڪفايت ڪرڻ) ڪانگ اُڏائڻ، اوڇڻ (اوڍڻ جو ڪپڙو، ڍڪ) ڪاڇو ڪڍڻ (ول ۾ ٿيندڙ سنهي ڌاڳي نما واڌ ) جيڪا اُنهن کي ٻئي وڻ سان وڃي سلهاڙيندي آهي ۽ ڪاڇن ڪڍڻ کانپوءِ ئي وليون ڦر جهلينديون آهن)پاهت(ڏينهن ڏهاڙي تي وڃڻ ۽ ميار لاهڻ)، پپون (ڏُٿ جو هڪ قسم) گولاڙا، ڳاڱيون، ڳم، ڳنڍير (گاهه ۽ ٻوٽا) کرپڻ (ڪنهن جو شدت سان انتظار ڪرڻ)،پهون(ٻڪريون)،سانئون(گاه جو قسم)، ڏوڌي (کير۾رڌيل رٻ) ٻُرٽ، ڀُرٽ، مکڻي (گاهه جا قسم) بير کڻڻ، اڏون ٺاهڻ، نڪون ۽ نيسارا رکڻ (کوهه سان سلهاڙيل لفظ) جُون، ليک (جيت جيڪي وارن ۾ پئجي ويندا آهن).
    اهڙي ريت سندس شاعري لفظن جو اکٽ ڀنڊار آهن جنهنجي جيتري واکاڻ ۽ وياکياڻ ڪجي اوتري گهٽ آهي جئين انهن جي اسرار کي اڀياسبو تيئن اُن مان معنيٰ جا ڪيئي موتي ظاهر ٿيندا ويندا ۽ سنڌي ادب جو املهه ادبي ذخيرو مالا مال ٿيندو ويندو.

    وڃي سڄيءَ ويڙهه مان،ڏُک ۽ ڏولائو،
    لهي راتاهو، ٿين سُک ساڻيهه ۾


    ابر سندي اوت........!

    ابر سندي اوت........!

    شاعري انساني اظهار جو اُهو لطيف ڍنگ آهي جنهن جو روپ ۽ رنگ مڙني اظهاري ذريعن کان نيارو ۽ پيارو آهي جو جُڳن کان انسان پنهنجي اندر جي اُڌمن، احساسن، تصوراتي شڪلين کي لفظن جي قالب ۾ ڪڙي، من جي ماجرا بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اِهڙن لطيف اظهارن جي شاعريءَ نسل انساني جي خيال تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا آهن. شاعري جيڪڏهن دل جي ڌرتيءَ کي چيري ڦٽي نڪتل مِٺي آٻ جو اجهل ڦوهارو آهي. ته اُها ايترو ته وڻندڙ ٿئي ٿي جو هر هڪ اُن کي ياد ڪري وٺي ٿو ۽ اهڙي طرح پڙهيل، اڻ پڙهيل، ٻار ٻُڍا، عورتون توڙي جوان اُنِ وَٿ کي جهرجهنگ جهونگارڻ لڳن ٿا. سنڌي شاعري به اهڙن من موهيندڙ موتين سان ٽمٽار آهي جن جي جڙاداريءَ، انساني شعور ۽ سوچ تي گهر اثر ڇڏيا آهن. اساسي سنڌي شاعرن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم. شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنايت، شاهه عبداللطيف، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، صوفي صادق فقير، خليفي نبي بخش لغاري جا اظهاريل خيالات اڄ به سنڌي ماڻهن جي زبان تي ازبر آهن. ڪشنچند بيوس، کيئلداس فاني، شيخ اياز جهڙن شاعرن به شعر جي ميدان ۾ پاڻ موکيو جن سنڌي خيال جي خزاني کي مالا مال ڪيو.
    غلام محمد جنجهي به ٿرپارڪر جو اهڙو ئي نامور شاعر ٿي گُذريو آهي. جنهن جي شاعري جي اثر پذيري، موضوعن جي چونڊ ۽ ٻوليءَ جي شاهوڪاري کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سندس شاعري سنڌي شاعريءَ جي انهي اساسي ورثي جي ڪڙي آهي. غلام محمد جنجهي پنهنجي شاعريءَ ۾ سُر سارنگ سر جي، مُندن موجن، مينهن جي مانڊاڻ ، ماڻهن جي من جي مانڌاڻ، چوپائي مال جي چُرپر، گاهن ٻوٽن جو ذڪر ڪندي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڀٽن جي ڀر ۾ رهندڙن لاءِ مينهن جو اچڻ ڪيتري اهميت رکي ٿو ۽ ابرجي اوت ڪيئن نه سندن لاءِ سرهائيءَ جي علامت آهي جنهن اچڻ سان ڪُل قحط ڪٽجي وڃن ٿا:
    ابر سنديءَ اوت سان، ٽاريين قحط ڪُل،
    کائون کپايون کاڄ جو مهانگو ٽري ملهه
    هٽن ٽري هُل، روزي مالڪ ر سائين.
    غلام محمد جنجهي جي سرجيل سُر سارنگ ۾ ڪُل اٺيتاليهه بيت آهن جيڪي مُختلف خيالن جون اهڙيون آرسيون آهن جن ۾ انساني احساسن جي جڳاندر جهوني املهه وٿ جا اولڙا پسي سگهجن ٿا ته مينهن جي اچڻ سان منظر ڪيئن هوندا آهن، سارنگ جي سينگار ڪرڻ سان سمورا ڌنار خوش ٿي پنهنجي مال کي ويجها ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته اُهي ڪيترن ڏينهن کان آسماني آب لاءِ سڪيا پئي ۽ پلرجي جي پوڄ پاڻيءَ جي پالوٽ منجهن آسودگي آڻي ٿي ۽ سندن سمورا اهنج ۽ اَهک ۽ دُک دور ٿي وڃن ٿا.

    مُند آئي مينهن جي، ڪيا سارنگ سينگار،
    خوش ٿيا سڀ کنوڻ تي، ڌونرين پاس ڌڻار،
    پيو ساهه سينن ۾، وهسيا ويرو تار،
    ويچارا سنگهار، سڪيا گهڻو ٿي سارنگ کي.

    اهڙي طرح اگوندرو آب جڏهن ڌرتيءَ کي ريج ڏئي ٿو ته ڍٽ پٽ کهنبا ڍڪي، ڪنوار بڻجي پون ٿا ۽ ولهارن جا ولهار اکين جي نور جو سامان مهيا ڪن ٿا. ڪيئي گاهه ٻوٽا ٿين ٿا. جن ۾ ڪنڊيدار گاهه جهڙوڪ ڀُرٽ وغيره سان گڏوگڏ کوماڻو گاهه به ٿئي ٿو. جنهن کي مال وڏي شوق سان چري ٿو ۽ خاص طور کير ڏيندڙ مال کوماڻ گاهه چري، کير مان وهي اُٿي هلي ٿو ۽ سارنگ م ساون پٽن ۽ پاساڙن تي ڪوريءَ جي ڪار، رڍن ٻڪرين ۽ ڍڳين لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿي. سارنگ جي ساٺن سان ڏيهه سموري ۾ ڏُٿ جي وٿ عام جام ٿي پوي ٿي ۽ جڳ جون جُکيون لهي وڃن ٿيون . گاهه جي گلزاريءَ جو ذڪر ڪندي، غلام محمد جنجهي ٻر و ٻُرٽ ۽ سانوڻيءَ جو به ذڪر ڪيو آهي. جيڪي به ٿر جا مشهور گاهه آهن.

    اسان اباڻن جو، ڀر م رکج ڀتار،
    ڀٽن پٽن ڀيڄ ڪر، وسن سڀ ولهار،
    ٻرو ٻُرٽ سانوڻي، ڪوريءَ ڪر ڪار،
    چاريون اسين چاهه مان، رڍون جت ريڍار،
    پلر جي پالوٽ سان، کيٽن چاڙهه خمار
    گهڻا غلام محمد چوي، ٿين ان انبار،
    اسان پکن جي پاٽار، ڪر آسودي ابرسان.

    اهڙي طرح ڌرتيءَ جي سائي کُهنبي اوڍڻ سان چوپايو مال سرهو ٿئي ٿو. رڍون ٻڪريون ڍڳيون ۽ ٻيو مال کائي خوش ٿي وٿاڻن تي وري اچي ٿو. غلام محمد جنجهيءَ جي شاعريءَ ۾ سارنگ جي نسبت سان مال جي چُرپر جو ذڪر آهي ته ڪئين مال ۾ سرهائي اچي ٿي ۽ اُهو جڏهان وٿاڻن ڏانهن موٽ ڪندي، اجهور ۾ پهچي ٿو ته رايون ۽ سايون ڪيئن رنڀون ڪري پنهنجي اندر جو اظهار ڪن ٿيون، چائلن جي چُڻڪڻ، ڪيئن ڀٽن کي مترنم بڻائي ڇڏي ٿو يعني ٿر جي فطرت ڀرئي مانڊاڻ ۽ چوپائي مال جي ڪيڏي نه وڏي معنيٰ آهي، ڇاڪاڻ ته ٿري ماڻهوءَ جو گُذارن ميگهه ملهارن جي برڪت سان اُڳندڙ پوکن ۽ ساوڪ جي برڪت سان ڍءَ ڪندڙ ڍَڪَ مال تي آهي. جنهن کي اُهي سرهائي جي نشاني طور لال چوندا آهن.
    اچيو اجهورن ۾، رايون رنڀون ڪن،
    ڪٽيا هئا قحط ۾، جوکا جُثي جن،
    بيهي تن ڀٽن ، ڪوري کاڌي قرب مان،

    ابرسندي آسري، ڪُنڍيون لک ڪُڻڪن،
    ڌونريون سايون درن تي ، جهوريءَ ۾ جهڻڪن،
    چائلون چُڻڪن ، بارش ڪر ڀٽن تي،

    اهڙي طرح ٿر ۾رهندڙ ماڻهن توڙي مال کي مينهن جي مانڊاڻ جي جيڪا اون ۽ الڪو هوندو آهي اُهو ٿريءَ رهواسين جي اکين ۾ ان آگم جي چمڪ کي ڏسي چئي سگهجي ٿو جڏهن مينهن جي مُند اچي ٿي. ڪڪرن جون ڪارون ڪنڍرون ڪري اُڀ سينگارين ٿيون. ابر ۾ اُهاءَ ٿئي ٿو ۽ وڄ وراڪا ڏئي ٿي، کنوڻ کيل ڪري ٿي. اهو مانڊاڻ ۽ منظر ٿر رهاڪن لاءِ ڪنهن عيد کان گهٽ نه آهي. مينهن پوڻ جي ان مانڊاڻ کي شاعر هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

    سڪيا گهڻو جي سارنگ کي، تني لٿي اُڃ،
    ڀيڄ ڀٽن تي برسيو، بحرين ڪيا ڀُڃ،
    پوڄ پلر پلٽيا، ريلون ڪري رُڃ،
    کنوڻين ڏاڍي کيل سان، آندا ابر اُهڃ،
    مديني تان موٽيون ، پوٺن ڏيئي پُڃ،
    رب ڪيا رُڃ، آسودا ابر سان.

    سارنگ جون اهي سرهايون هرهنڌ تي نظر اينديون ۽ جڏهن ٿوري دير لاءِ به مُند دير ڪري ٿي ته ماڻهن ۾ هڪڙو اُلڪو پئدا ٿئي ٿو ته ڪٿي مالڪ جي مهر جي ٻاجهه جو ٻُڙو اسان مٿان هٽائي نه ڇڏي پوءِ ته اسين ڪٿي جا نه رهنداسين. ڏيهه ۾ ڏولائو اچي ويندو ڇاڪاڻ ته سارنگ سرهائي، سونهن، ساوڪ جو آڻيندڙ آهي جنهن جي اچڻ ساري مُلڪ جي مايوسي هڪ ڌڪ ۾ دور ٿي وڃي ٿي. سارنگ جي اهڙي سرهائي ڀري اهڃاڻ جو ذڪر غلام محمد جنجهي جي شاعريءَ م به ملي ٿو جنهن ۾ هُو ماڻهن جي سارنگ ڏانهن سڪ ۽ ڇڪ ۽ سڪ واريءَ ڪيفيت کي بيان ڪندي اهو بُڌائي ٿو ته انهن جو من ميگهه ملهاريءَ ڪيئن نه ماندو آهي ۽ ڌڻيءَ ڌر اُهي ٻيئي هٿ کڻي ڪيئن به ٻاڏائين ٿا. ٿر جا پکي پکڻ، مال ۽ ماڻهو سمورا هڪ خيال ٿي هڪ آواز سان مالڪ کي پنهنجي دل جي دانهن ٻُڌائيندي عرض ڪن ٿا:

    سدا وسن مينهڙا، ڪر ي ميگهه ملهار،
    سکيائيون ساڻيهه ۾، ويتر ٿئي وسڪار،
    ڏاتر ڪرين ڏورتون، منجهان ڏيهه ڏڪار،
    پلر سان پُر رهي، پٽن جي پاتار،
    کائون پيئون خوش رهون آسن منجهه اپار،
    گڏجي غلام محمد چئي سرها ٿيون سنگهار
    ٽري ڏيهه ڏڪار، پکن پت رهائيين.

    اهڙي طرح غلام محمد جنجهي سُرسارنگ ۾ مينهن جي مانڊاڻ ۽ اُن لاءِ انساني آنڌمانڌ ۽ سڪ ڇڪ جي عڪاسي ڪندي ٿر م موجود چوپائي مال جي چُرپر جو ذڪر ڪندي، مينهن کي سرهائي جو اُهڃاڻ قرار ڏئي ٿو. جنهن سان ڏيهه جو ڏولائو لهي ٿو ۽ سانگين سنگهارن ۾ سرهائي پيدا ٿئي ٿي ۽ سندن منهن تي مُرڪون موٽي اچن ٿيون، سمورو مانڊاڻ خوشحاليءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو ۽ ٿر جي زندگي روان دوان ٿي وڃي ٿي.


    قحط ٽارين ڪُل .......!

    قحط ٽارين ڪُل .......!

    دنيا هن وقت جنهن گهٽ گهيڙتي اچي پهتي آهي انهي کان اڳتي دنيالاءِ للڪارون به وڌي ويون آهن ڇاڪاڻ جو دنيا ترقي به تمام گهڻي ڪئي آهي ته وري تباهيءَ جي سامان جوڙڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي. ائٽمي هٿيارن کان وٺي ڪيميائي هٿيارن تائين ، حياتي بچائيندڙ دوائن کان وٺي نشيدارشين جي مختلف وڙن جي مارڪيٽ ۾ موجودگي، نفعي جي بند گليءَ ڏانهن ويندڙ اهڙي واٽ آهي جنهن تان هرڪو اوتڙ ٿو اولي. انهي هٻڇ فطرت جي وسيلن کي بي تحاشا کپايوآهي جنهن دنياکي ڪيترين ئي مصيبتن جي منهن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهي مصيبتون ڪڏهن قدرتي آفتن جي روپ ۾ ڪر ٿيون کڻن ته ڪڏهن وري انساني مصيبتن جي ارڙبلاانسان جي امن ۽ خوشحاليءَ واري دڳ تي وات ڦاڙي ويهي رهي ٿي.انهي ماجرادنيا۾ ڪيئي قحط پيداڪري ڇڏياآهن. قحط الرجال ته هر هنڌ نظر ٿو اچي . ذهني قحط به دنيا۾ ڪرکنيو بيٺو آهي. اُتي وري آبي قحط، اوڀڙجا قحط ۽ سماجي اقتصادي قحط به واڳونءَ جيان وات َڦاڙي دنيا کي ڳڙڪائڻ جي تاڙ ۾ آهن. اهڙن قحطن يا ڏڪارن ۾ ٿر ۾ هر پنجن سالن ۾ پوندڙٻن ڏڪارن جي ڳالهه به هن مند ۾ ميڊياجي زينت بنبي آهي. اهڙاقحط ڪيئن ويندا.اسانجي شاعرن انهن ڏڪارن بابت ڇاچيو آهي؟ اها ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان اڳ ڏسون ته شاعري ڇاآهي؟ انساني زندگيءَ سان ان جو ڪاروهنوار ڪيئن آهي؟
    شاعري انساني اظهار جو اُهو لطيف ڍنگ آهي جنهن جو روپ ۽ رنگ مڙني اظهاري ذريعن کان نيارو ۽ پيارو آهي جو جُڳن کان انسان پنهنجي اندر جي اُڌمن، احساسن، تصوراتي شڪلين کي لفظن جي قالب ۾ ڪڙي، من جي ماجرا بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اِهڙن لطيف اظهارن جي شاعريءَ نسل انساني جي خيال تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا آهن. شاعري جيڪڏهن دل جي ڌرتيءَ کي چيري ڦٽي نڪتل مِٺي آٻ جو اجهل ڦوهارو آهي. ته اُها ايترو ته وڻندڙ ٿئي ٿي جو هر هڪ اُن کي ياد ڪري وٺي ٿو ۽ اهڙي طرح پڙهيل، اڻ پڙهيل، ٻار ٻُڍا، عورتون توڙي جوان اُنِ وَٿ کي جهرجهنگ جهونگارڻ لڳن ٿا. سنڌي شاعري به اهڙن من موهيندڙ موتين سان ٽمٽار آهي جن جي جڙاداريءَ، انساني شعور ۽ سوچ تي گهر اثر ڇڏيا آهن. اساسي سنڌي شاعرن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم. شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنايت، شاهه عبداللطيف، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، صوفي صادق فقير، خليفي نبي بخش لغاري جا اظهاريل خيالات اڄ به سنڌي ماڻهن جي زبان تي ازبر آهن. ڪشنچند بيوس، کيئلداس فاني، شيخ اياز جهڙن شاعرن به شعر جي ميدان ۾ پاڻ موکيو جن سنڌي خيال جي خزاني کي مالا مال ڪيو.
    غلام محمد جنجهي به ٿرپارڪر جو اهڙو ئي نامور شاعر ٿي گُذريو آهي. جنهن جي شاعري جي اثر پذيري، موضوعن جي چونڊ ۽ ٻوليءَ جي شاهوڪاري کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سندس شاعري سنڌي شاعريءَ جي انهي اساسي ورثي جي ڪڙي آهي. غلام محمد جنجهي پنهنجي شاعريءَ ۾ سُر سارنگ سر جي، مُندن موجن، مينهن جي مانڊاڻ ، ماڻهن جي من جي مانڌاڻ، چوپائي مال جي چُرپر، گاهن ٻوٽن جو ذڪر ڪندي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڀٽن جي ڀر ۾ رهندڙن لاءِ مينهن جو اچڻ ڪيتري اهميت رکي ٿو ۽ ”ابرجي اوت“ ڪيئن نه سندن لاءِ سرهائيءَ جواُهڃاڻ آهي جنهن جي اچڻ سان ڪُل قحط ڪٽجي وڃن ٿا:
    ابر سنديءَ اوت سان، ٽاريين قحط ڪُل،
    کائون کپايون کاڄ جو، مهانگو ٽري ملهه
    هٽن ٽري هُل، روزي مالڪ رسائيين
    غلام محمد جنجهي جي سرجيل سُر سارنگ ۾ ڪُل اٺيتاليهه بيت آهن جيڪي مُختلف خيالن جون اهڙيون آرسيون آهن جن ۾ انساني احساسن جي جڳاندر جهوني املهه وٿ جا اولڙا پسي سگهجن ٿا ته مينهن جي اچڻ سان منظر ڪيئن هوندا آهن، سارنگ جي سينگار ڪرڻ سان سمورا ڌنار خوش ٿي پنهنجي ڌونرين يعني اڇي رنگ جي ڍڳين کي ويجهو ٿين ٿا . سندن سينن ۾ ساه پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته اُهي ڪيترن ڏينهن کان آسماني آب لاءِ سڪيا پئي ۽ پلرجي جي پوڄ پاڻيءَ جي پالوٽ منجهن آسودگي آڻي ٿي ۽ سندن سمورا اهنج ۽ اَهک ۽ دُک دور ٿي وڃن ٿا.

    مُند آئي مينهن جي، ڪيا سارنگ سينگار،
    خوش ٿيا سڀ کنوڻ تي، ڌونرين پاس ڌڻار،
    پيو ساهه سينن ۾، وهسيا ويرو تار،
    ويچارا سنگهار، سڪيا گهڻو ٿي سارنگ کي.
    اهڙي طرح اگوندرو آب جڏهن ڌرتيءَ کي ريج ڏئي ٿو ته ڍٽ پٽ کهنبا ڍڪي، ڪنوار بڻجي پون ٿا ۽ ولهارن جا ولهار اکين جي نور جو سامان مهيا ڪن ٿا. ڪيئي گاهه ٻوٽا ٿين ٿا. جن ۾ ڪنڊيدار گاهه جهڙوڪ ڀُرٽ وغيره سان گڏوگڏ ”کوماڻو“ گاهه به ٿئي ٿو. جنهن کي مال وڏي شوق سان چري ٿو ۽ خاص طور کير ڏيندڙ مال کوماڻ گاهه چري، کير مان وهي اُٿي هلي ٿو ۽ سارنگ م ساون پٽن ۽ پاساڙن تي ڪوريءَ جي ڪار، رڍن ٻڪرين ۽ ڍڳين لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿي. کوماڻو گاهه اهڙو گاهه جنهن ۾ ڪنڊو وغيره نه ٿي. سارنگ جي ساٺن سان ڏيهه سموري ۾ ڏُٿ جي وٿ عام جام ٿي پوي ٿي ۽ جڳ جون جُکيون لهي وڃن ٿيون . گاهه جي گلزاريءَ جو ذڪر ڪندي، غلام محمد جنجهي ”ٻرُ و“ ” ٻُرٽ“ ۽ ”سانوڻيءَ“ جو به ذڪر ڪيو آهي. جيڪي به ٿر جا مشهور گاهه آهن.
    اسان اباڻن جو، ڀر م رکج ڀتار،
    ڀٽن پٽن ڀيڄ ڪر، وسن سڀ ولهار،
    ٻرو ٻُرٽ سانوڻي، ڪوريءَ ڪر ڪار،
    چاريون اسين چاهه مان، رڍون جت ريڍار،
    پلر جي پالوٽ سان، کيٽن چاڙهه خمار
    گهڻا غلام محمد چوي، ٿين ان انبار،
    اسان پکن جي پاٽار، ڪر آسودي ابرسان.

    ٻرو،ٻُرٽ، ڪوري گاه آهن. کيٽ ٿر ۾ پوکجندڙزمين ياٻنيءَ کي چيو ويندوآهي. اهڙي طرح ڌرتيءَ جي سائي کُهنبي اوڍڻ سان چوپايو مال سرهو ٿئي ٿو. رڍون ٻڪريون ڍڳيون ۽ ٻيو مال کائي خوش ٿي وٿاڻن تي وري اچي ٿو. غلام محمد جنجهيءَ جي شاعريءَ ۾ سارنگ جي نسبت سان مال جي چُرپر جو ذڪر آهي ته ڪئين مال ۾ سرهائي اچي ٿي ۽ اُهو جڏهان وٿاڻن ڏانهن موٽ ڪندي، اجهور ۾ پهچي ٿو ته ”رايون“ ۽ ”سايون“ ڍڳيون ڪيئن رنڀون ڪري پنهنجي اندر جو اظهار ڪن ٿيون، چائلن جي چُڻڪڻ، ڪيئن ڀٽن کي مترنم بڻائي ڇڏي ٿو يعني ٿر جي فطرت ڀرئي مانڊاڻ ۽ چوپائي مال جي ڪيڏي نه وڏي معنيٰ آهي، ڇاڪاڻ ته ٿري ماڻهوءَ جو گُذارن ميگهه ملهارن جي برڪت سان اُڳندڙ پوکن ۽ ساوڪ جي برڪت سان ڍءَ ڪندڙ ڍَڪَ مال تي آهي. جنهن کي اُهي سرهائي جي نشاني طور لال چوندا آهن.

    اچيو اجهورن ۾، رايون رنڀون ڪن،
    ڪٽيا هئا قحط ۾، جوکا جُثي جن،
    بيهي تن ڀٽن ، ڪوري کاڌي قرب مان،

    ابرسندي آسري، ڪُنڍيون لک ڪُڻڪن،
    ڌونريون سايون درن تي ، جهوريءَ ۾ جهڻڪن،
    چائلون چُڻڪن ، بارش ڪر ڀٽن تي،
    اهڙي طرح ٿر ۾رهندڙ ماڻهن توڙي مال کي مينهن جي مانڊاڻ جي جيڪا اون ۽ الڪو هوندو آهي اُهو ٿريءَ رهواسين جي اکين ۾ ان آگم جي چمڪ کي ڏسي چئي سگهجي ٿو جڏهن مينهن جي مُند اچي ٿي. ڪڪرن جون ڪارون ڪنڍرون ڪري اُڀ سينگارين ٿيون. ابر ۾ اُهاءَ ٿئي ٿو ۽ وڄ وراڪا ڏئي ٿي، کنوڻ کيل ڪري ٿي. اهو مانڊاڻ ۽ منظر ٿر رهاڪن لاءِ ڪنهن عيد کان گهٽ نه آهي. مينهن پوڻ جي ان مانڊاڻ کي شاعر هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
    سڪيا گهڻو جي سارنگ کي، تني لٿي اُڃ،
    ڀيڄ ڀٽن تي برسيو، بحرين ڪيا ڀُڃ،
    پوڄ پلر پلٽيا، ريلون ڪري رُڃ،
    کنوڻين ڏاڍي کيل سان، آندا ابر اُهڃ،
    مديني تان موٽيون ، پوٺن ڏيئي پُڃ،
    رب ڪيا رُڃ، آسودا ابر سان.
    سارنگ جون اهي سرهايون هرهنڌ تي نظر اينديون ۽ جڏهن ٿوري دير لاءِ به مُند دير ڪري ٿي ته ماڻهن ۾ هڪڙو اُلڪو پئدا ٿئي ٿو ته ڪٿي مالڪ جي مهر جي ٻاجهه جو ٻُڙو اسان مٿان هٽائي نه ڇڏي پوءِ ته اسين ڪٿي جا نه رهنداسين. ڏيهه ۾ ڏولائو اچي ويندو ڇاڪاڻ ته سارنگ سرهائي، سونهن، ساوڪ جو آڻيندڙ آهي جنهن جي اچڻ ساري مُلڪ جي مايوسي هڪ ڌڪ ۾ دور ٿي وڃي ٿي. سارنگ جي اهڙي سرهائي ڀري اهڃاڻ جو ذڪر غلام محمد جنجهي جي شاعريءَ م به ملي ٿو جنهن ۾ هُو ماڻهن جي سارنگ ڏانهن سڪ ۽ ڇڪ ۽ سڪ واريءَ ڪيفيت کي بيان ڪندي اهو بُڌائي ٿو ته انهن جو من ميگهه ملهاريءَ ڪيئن نه ماندو آهي ۽ ڌڻيءَ ڌر اُهي ٻيئي هٿ کڻي ڪيئن به ٻاڏائين ٿا. ٿر جا پکي پکڻ، مال ۽ ماڻهو سمورا هڪ خيال ٿي هڪ آواز سان مالڪ کي پنهنجي دل جي دانهن ٻُڌائيندي عرض ڪن ٿا:

    سدا وسن مينهڙا، ڪر ي ميگهه ملهار،
    سکيائيون ساڻيهه ۾، ويتر ٿئي وسڪار،
    ڏاتر ڪرين ڏورتون، منجهان ڏيهه ڏڪار،
    پلر سان پُر رهي، پٽن جي پاتار،
    کائون پيئون خوش رهون آسن منجهه اپار،
    گڏجي غلام محمد چئي سرها ٿيون سنگهار
    ٽري ڏيهه ڏڪار، پکن پت رهائيين.

    غلام محمد جنجهي سُرسارنگ ۾ مينهن جي مانڊاڻ ۽ اُن لاءِ انساني آنڌمانڌ ۽ سڪ ڇڪ جي عڪاسي ڪندي ٿر م موجود چوپائي مال جي چُرپر جو ذڪر ڪندي، مينهن کي سرهائي جو اُهڃاڻ قرار ڏئي ٿو. جنهن سان ڏيهه جو ڏولائو لهي ٿو ۽ سانگين سنگهارن ۾ سرهائي پيدا ٿئي ٿي ۽ سندن منهن تي مُرڪون موٽي اچن ٿيون، سمورو مانڊاڻ خوشحاليءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو ۽ ٿر جي زندگي روان دوان ٿي وڃي ٿي. قحط سالي ڪٽڻ ۽ خوشحالي آڻڻ جو اهو تصور فطري تصور آهي جيڪو دنياجي قحط ڪاٽڻ توڙي ڪلائيميٽ چينج جي خراب اثرن کي گهٽائڻ لاءِ هڪڙو بهترين سبق پڻ آهي.


    هيءُ نه منهنجو ديس، منهنجو ديس ملير ۾ !!

    هيءُ نه منهنجو ديس، منهنجو ديس ملير ۾ !!

    ٿرجيڪو امن جو گهر ۽ گهوارو آهي.ٿر جيڪو ٿر ۽ پارڪر تي مشتمل هڪ اهڙي سول سوسائٽي آهي جنهن جو بر ڪا به سول سڏائيندڙ سوسائٽي ميچي نٿي سگهي. ڌرتي تي سرڳ سمان هي ٽڪرو به هن وقت هڪڙي وڏي هڻ هڻان ۽ ڌوڪ ڌوڪان جي منهن ۾ آهي. شيخ اياز جنهن خطي کي ويڙهوٽاکائيندڙ خوبصورت ريشمي قالين سڏيو هو تنهنجي خوبصورتيءَ کي ڪهڙيون للڪارون درپيش آهن؟ هن ڌرتيءَ تي ڪنهن وقت ۾ هڪڙي ندي وهندي هئي جنهن کي سرسوتي چيو ويندو هو.اها ندي منهن ڪائو ڏيئي جو عميق ۾ هلي ويئي ته ان کي ائٽڪن سنڌ گزيٽيئر ۾ ”وڃايل ندي “ سڏيو هو.اها وڃايل ندي ڪٿي ”هاڪڙو“ به سڏي ويئي آهي ته ڪٿي گاگهرپڻ. ڪجهه هندستاني ۽ ڪجهه يورپي ليکڪن جي مقالن جي مجموعي کي سهِيڙي انگريزي ءَ ۾ ”سرسوتي تهذيب“ جي نالي سان ڇاپيو ويو آهي. انهي ۾ سرسوتي نديءَ بابت ليکن سميت آريائن جي اچڻ واري نظريئي کي به مدلل نموني رد ڪيو ويو آهي. اهو ڪنهن ٻئي دفعي هن دفعي جو اهو موضوع ناهي.ٿرجي ڏاکڻئين الهندئين ڪناري تان سمنڊ هو جنهن تي سامونڊي شهر جهڙوڪ راهومن جي بازار، ونگي جي بازار ۽ پاري نگر جهڙاڀلوڙ شهر به هئا. انهن شهرن جي ٺڪراٺن توڙي ٻين نشانين کي جڏهن ڏسجي ٿو ته انهن مان جيڪي اهڃاڻ ملن ٿا اهي امن ، آشتي، آرٽ ۽ جمالياتي ذوق جا اشارا ڏين ٿا.پر هن وقت جي شهرن جو اڏجڻ دنيالاءِ ڏينهون ڏينهن مسئلا۽ معاملا پيو پيدا ڪري. اسان جهڙن ملڪن جا شهر ته ڪنهن ليکي ۾ ناهن پرسُڌريل سڏائيندڙ دنيا جا شهر به هرروز آزار بنجندا وڃن. گليءَ گهٽيءَ جو ڏوهه ته ڄڻ انهن شهرن ٻاربن جي راند بنجي چڪو آهي. ان کانسواءِ اڇي لباس ۾ سفيد پوش بنجي ، شهري بابو جيڪي ڪرتوت ڪن ٿا تن جي حال جي حقيقت جڏهن به دنيا جي سامهون آئي آهي ته لون لون ڪانڊارجي وڃي ٿو. هرشئي ۾ ملاوت ڪري وڪرو ڪرڻ، هڪڙي وڙ جا ڪيترائي وڙ ٺاهي ، گراهڪ کي ٻوڙو ڪري زوري وڪڻڻ، انساني عضون جو ڪاروبار، انسانن جو ڪاروبار، اهڙي طرح ڪيترائي ڪاروبار آهن جيڪي شهرن ۾ شروع ٿين ٿا ۽ پوءِ دنيا جي آبادي ءَ جي اڪثريت کي وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي وڃن ٿا.اهو سمورو ڪم ڪار دنيا کي اُپائيندڙن ۽ خريدارن جي ٻن طبقن ۾ ورهائي ڇڏي ٿو. شهرن جو اڏڻ ماڻهوءَ جي من پسند ڪرت به رهيو آهي پر ماڻهوءَ جي هٻڇ جي ڪا حد ناهي تڏهن ته چيو ويندو آهي ته انسان جي کوپڙي اونڌي آهي جنهن جو ڀرجڻ ناممڪن آهي. اونڌي کوپڙيءَ ۾ ڀريل ميڄالي جي اعصابي جيوگهرڙن وسيلي انسان ڪائنات جي به وڏي اوک ڊوک ڪئي آهي.پر انهي اونڌي کوپڙيءَ ڪيترائي ڪُڌا ڪم به ڪرايا آهن. انهن ڪُڌن ڪمن جي فهرست ۾ هڪڙو سرمايي واد جو سرشتو به آهي جنهن ايئن شهرن جي وڌڻ ويجهڻ کي هٿي ڏني آهي. شهرن جو اهو سيلاب دنيا کي ايئن ڳڙڪائيندو پيو وڃي جيئن سنڌوندي جي سمنڊ ۾ نه وڃڻ ڪري، سنڌوءَ جي مهڳ واريون زمينون سمنڊ پيو ڳڙڪائي. شهرن ٺهڻ ۽ وڌڻ جي اها ٻوڏ جتي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي چڪي آهي تتي ٿر ان کان بچيل ناهي. ٿر جنهن ۾ ڪنهن وقت تمام ٿوري آبادي هئي . امن امان هو. قدرتي ماحول ۾ زندگي تمام پُرسڪون ۽ فطرت جي ويجهو هئي. ننڍاننڍاڳوٺ هوندا هئا جن جا نالا پاڻيءَ جي نواڻن سان منسوب هوندا هئا ڇاڪاڻ جو ڪنهن به وسنديءَ جي آباد ٿيڻ جو بنياد پاڻيءَ جي دستيابي هوندو آهي. برساتي پاڻي جتي بيهندو آهي ان کي ”سر“ چونداآهن ۽ ٿر جا آڳاٽا ڳوٺ سر جي پڇاڙيءَ سان نالن وارا آهن جهڙوڪ ڀوڄاسر، ڪجلاسر، گوگاسر، نبي سر، سانيا سر، وغيره آهن. ان کان پوءِ وري پڌري پاڻيءَ ۽ تانگهي پاڻيءَ وارا ڳوٺ اچن ٿا جن ۾ ”پار“ پڇاڙي طور آيل آهي. پار مٿاڇري کي ويجهو پاڻي جو ننڍڙو کوه آهي جنهن ۾ ٿورو پاڻي هوندو آهي. اهوپاڻي اونهاري جي موسم يعني آڙهڙ جي گرم ڏينهن ۾ سڪي ويندو آهي . ڪي ڪي کوه ايترو مٿاڇري کي ويجها آهن جو اتي ٿوري کڏ کوٽڻ سان پاڻي نڪري اچي ٿو. اهڙن کوهن ۾ ڏيپلي تعلقي جا ڳوٺ ”ڪُتاني“ ۽ ”گوڏانگڙي“ آهن. ڪتاني ۾ پاڻي ايترو مٿي آهي جو کوٽيل زمين مان ڪتو پاڻي لڪي سگهندو آهي. گوڏانگڙيءَ ۾ ٻڪريون وغيره گوڏا کوڙي کوٽيل کڏ مان پاڻي پي سگهنديون آهن. اهڙاپاڻيءَ جا نار ٿر جي اولهه ڏکڻ ۾ آهن جڏهن ته اتر اوڀر ۾ اهي نار هيٺ هليا ٿا وڃن. جن آبادين ۾ جر جو پاڻي کارو آهي انهن ڳوٺن ۾ کارو اڳياڙي ۽ پڇاڙي طور لڳي ٿو ۽ مٺي جر واراهنڌ وري مٺو يا مٺڙيو جي اڳياڙي يا پڇاڙيءَ سان نروار آهن، جيئن کارو حبيب، کارو جاني، کاريو غلام شاه وغيره. مٺو ڊاڀڙو، ڪلڻهار مٺو، مٺڙيو سومرا وغيره. ايئن پوءِ ڪجهه آباديون ماڻهن جي نالن ۽ ذاتين جي نالن سان مشهور ٿيون. انهن ۾ مردن توڙي عورتن ٻنهي جا نالا شامل آهن. جيئن دلن جوتڙ، صالح جوتڙ، مٺي، داديءَ جو تڙ، مانٻائيءَ جوتڙ وغيره. اهو ڳوٺن جو سلسلو اڳتي هلي شهرن جو روپ ڌاري ٿو. شهر جيستائين ڪنهن رٿابنديءَ جي وروڪڙ ۾ آهن تيستائين رهڻ جوڳا آهن پر جڏهن اهي حدون اورانگهي وڃن ٿا ته پوءِ ڪراچي ٿي ٿا پون ۽ ڪنهنجي پڪڙ يا ضابطي ۾ نٿا اچن. ٿر ۾ آڳاٽي زماني جي شهرن ۾ ڪانڌلڪوٽ جو شهر به هو ته هنجتل جي بازار به هوندي هئي. جتان جا لڏي آيل ماڻهو هن وقت به هنجتليا سڏائين ٿا. ٿر جو سماجي خدمتگار مامو وشن به هنجتليو آهي.پاري نگرجو شهر به مشهور هوندو هو. جنهن جون بازارون ۽ ناريل جا وڻ ديومالائي قصن ۾ اڃا تائين ڳايا وڃن ٿا. ڪس جي شهرن نوهٽي جو شهرهوندو هو. جتي هاڻي ساڳي نالي سان ڳوٺڙو آهي. ڪيرٽيءَ جو شهر هو ڪيسر مڪواڻي جي واريءَ ۾. امراڻو جيڪو ڪنهن وقت ۾ گڍ امراڻ جي نالي سان مشهور هو ۽ هن وقت اتي عمرڪوٽ جو شهر آهي. ان کانپوءِ جيڪي شهر آباد ٿيا تن ۾ سلاڻو شهر، جيڪو هاڻي اسلام ڪوٽ سڏجي ٿو ، مٺي شهر جيڪو ڪڏهن فتح گڍ به ڪوٺيو ويو هو پر اهو نالو به نه هلي سگهيو ۽ مٺي اڄ تائين مٺي آهي. چيلي چارڻ جو ٻڌايل ڳوٺ به چيلهار جو شهر ٿي پيو آهي ته ڏيپي ميگهواڙ جو آباد ڪيل ڳوٺ ڏيپلو به چڱو موچارو شهر آهي. جيتوڻيڪ ڏيپلي جي ميمڻن جي اڪثريت لڏي شهرن ۾ آباد ٿي چڪي آهي. پر ڊاڪٽر شفيع جهڙاخدمتگار ۽ نيڪ انسان هتي ئي رهن ٿا ۽ ٿر جي ماڻهن جي چاڪريءَ ۾ رات ڏينهن مشغول آهن. پاري نگر جي پٽن ڀرسان ننگرپارڪر جو شهر آباد آهي جيڪو به مختلف ويرن جي ور چڙهي ڪڏهن آباد ته ڪڏهن برباد ٿيندو رهيو آهي. هن وقت ننگر شهر جي به آبادي چڱي خاصي آهي. ڪانٽئي جو ڳوٺ نما ننڍڙو شهرڙو به وڌندڙ ويجهندڙ شهر آهي ته ڏاني دانڌل جو ٻڌل ڳوٺ شهر ڏانهن وڌندو وڃي پيو. ويري جي واءَ به شهر جي سڃاڻپ رکي ٿي. مبارڪ رند به ننڍڙو شهر نما ڳوٺ آهي. اهڙي طرح وڪڙيئي جو ڳوٺ، ڪروڙي جو ڳوٺ، جنجهي جو ڳوٺ، رڻپاريو، کيمي جو پار ، ڪيتار، تڙدوس ،ڍاڪلو، اوڏاڻي وغيره اهڙا ڳوٺ آهن جن ۾ شهر تياري ٿي رهيا آهن. ٿر ۾ ويجهي دور ۾ پهريون بازارون انگريزن جي دور ٺهيون جن پويان مکيه محرڪ ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽرپالن هو. انهن بازارن کي پالن جون بازارون سڏيو ويندو هو، پالن ايترو ته محنتي ۽ عوامي لاڙو رکندڙ ڪامورو هو جو هن وڪٽوريا جي کولڊن جوبليءَ لاءِ سڏايل تقريب ۾ عمرڪوٽ ۾ سنڌيءَ ۾ تقريرڪئي هئي. ٿرپارڪر ۾ مواصلات جا وسيلابه نه هئڻ جي برابر هوندا هئا. اُٺن گهوڙن کي سواريءَ لاءِ ڪم آندو ويندو هو. بجلي وغيره به نه هوندي هئي. رستا به ڪچا ۽ اڙانگا هوندا هئا. 50 جي ڏهاڪي ۾ ، ٻي جنگ عظيم جي بچيل اوب جون جي ايم سي ٽرڪون هتي هلڻ شروع ٿيون جن جي شروعاتي مالڪن مان نالو حضرت گل پٺاڻ جو ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو. ان کان پوءِ مختلف ماڻهن انهن کيکڙن جون ڪمپنيون ٺاهيون ۽ ٽرانسپورٽ جي ڪم کي وڌايو.آهستي آهستي ماڻهو شهرن ۾ آباد ٿيڻ لڳا.1985ع ۾ تجرباتي روڊ ٺهيو ۽ محمد خان جوڻيجي وزيراعظم جي حيثيت سان ايس آر ٽي سي بسن جوافتتاح ڪيو. اهو سلسلو جاري هو ته انهي ڏاهاڪي ۾ بجليءَ به پنهنجا قدم ٿر جي ڌرتيءَ تي کوڙيا. مٺيءَ جو شهر روشن ٿيو. ان چرپر ۾ وڏي چرپر 1990ع ۾ ضلعو قائم ٿيڻ ۽ انجو هيڊڪوارٽر مٺي ٿيڻ سان ٿيو . اهو شهر جيڪو ان وقت 12 هزار آباديءَ جو شهر هو سو هاڻي لک کي ڪلهو هڻڻ لڳو آهي.ٿر جي انهن تبديلين بابت عارف حسن به 2007 ۾ لکيو آهي ته ”هتي مٺي ءَ ۾ هن وقت 275 جيپ ٽيڪسيون آهن ۽ 50 ڪارون رڳو مٺي شهر ۾ آهن.“ هن وقت ٿرجي هرهڪ ڳوٺ ۾ جيپون موجود آهن. ان کان پوءِ ٻي وڏي تبديلي ، اسلام ڪوٽ کان اوڀر ۾ ٿهري جي تڙ ۽ سينري وٽ ڪوئلي جي ذخيرن جي محترمه بينظيرڀٽو پاران افتتاح ڪرڻ کان پوءِ ٿيو. اسلام ڪوٽ ۽ ان جي آسپاس آبادي وڌڻ لڳي. نتيجي ۾ ٻاهر جي ماڻهن به اچي زمينون ايتري ڳري اگهه ۾ خريد ڪيون جو مقامي ماڻهوءَ جو هٿ پير چيو ئي نٿو ڪري. ننگرپارڪر ۾ به زمينن جا اگهه وڌي ويا.اتي به ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي ماڻهن زمينون خريد ڪرڻ شروع ڪيون. مذهبي قوتن اچي مسجدون ۽ مدرسا خريد ڪيا آهن. غيرسرڪاري تنظيم جا نت نوان پروجيڪٽ شروع ٿيا ۽ آبادي وڌڻ لڳي. انهي سان شهرن ۾ هوٽل ۽ رهائش جو دنڌو به وڌيو.هن وقت رڳو مٺيءَ ۾ خانگي شعبي ۾ 10 کن گيسٽ هائوس ۽ هاسٽل آهن. ان سموري عمل جو جيڪو خراب اثر پيو اهو هي آهي ته ڌارين ماڻهن جي آبادي ٿر ۾ پير کوڙڻ لڳي آهي. زمينون ڌڙاڌڙ وڪجي رهيون آهن. ڪنٽينرن ۾ هوٽل کلي وياآهن. سيمن مان وڻ جي واڍي شروع آهي. گگرال سميت ڪيترائي وڻ ختم ٿي رهياآهن. مورن ۾ بيماري آهي ته هرڻ جوءِ ڇڏي ويا.روجهه رهيا ئي ناهن. ڪارانانگ لڪي وياآهن.انهن جي جاءِ بي گري ٻانڊوري لنڊيءَ والاري آهي. جنهن جو ڪيپيٽلزم وانگر ڪو گرپير ناهي.ائين شهري ڪرڻ جو اهو تيز عمل متان ٿر جي سولٽي، امن ۽ آشتيءَ کي ڳڙڪائي وڃي. شهر ته هوندا، ڪنٽينر ته هوندا، ڪلون ته هونديون پر نه ٿرهوندو نه ٿري هوندا.اهڙي ڪيفيت کي شيخ اياز هن ريت اظهاريو آهي؛

    هيءُ نه منهنجو ديس، منهنجو ديس ملير ۾،
    آئون کٿيريءَ ويس، مور نه مٽيان سومرا


    ٿر آهي ٿَڻ تي نه ئِي ڪَڻ تي

    ٿر آهي ٿَڻ تي نه ئِي ڪَڻ تي

    خالق، خلق جي تخليق ۽ ڪائنات جي ڪارسازيءَ جي محور ۽ مرڪز انسان کي رکندي، سموريءَ ڪائنات کي اُن لاءِ باغيچي وانگر ٺاهيو. اُن باغيچي ۾ وري انسان پنهنجا پنهنجا ننڍڙا باغيچا جوڙيا يا جنسار ٺاهيا. انساني جنسار پڻ فطرتي جوڙ جي عڪس تان کنيا ويا يا وري فطرتي شين کي انسان پنهنجي سنگ ڪري انهن کي ”گهريلو“ بنايو ۽ پنهنجي فائدي خاطر اُنهن جي استعمال ۽ ڪارج کي ”جهنگلي“ جي دائري مان ڪڍي گهروٿڙو بنايو. هاڻي اهو چٽو ڄائو ٿي پيو آحي ته انساني سماج جي اوسر ۾ ٻوٽن ۽ جانورن جي گهرو ٿڙائي (Domestication) کي پيڙه جو ڏاڪو سڏيو وڃي ٿو ۽ انساني سماج جي انهي اوسر جي پيڙهه جو پٿر به سنڌ ماٿري جي ماڻهن رکيو. دجله ۽ فرات جي تهذيبي فراواني جي دعويٰ هٿ ٺوڪي هنيل ڪوڪو آهي. سنڌ ماٿريءَ جو نيارو خطو ٿر هن وقت جنهن صورتحال مان گُذري رهيو آهي ۽ انساني ترقيءَ جي بُحران جي ور چڙهيل آهي تنهن کي ڏسي لُونءَ ڪانڊارجي وڃن ٿا ته مار! وسيلن سان مالا مال هيءُ خطو هر ٻن ٽن سالن کانپوءِ ڏُڪار هاڻو ٿي پوي ٿو ۽ پوءِ امداد جي نالي ۾ انيڪ بلائون مُنهن ڪڍن ٿيون ۽ هِن خطي جي اميري، امن ۽ فطري ڪنوارپ کي ڏسي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون يا وري هن ڀاڱي جي سادن سٻاجهن، مسڪين مارن سان مذاق ڪندي ،مدد جو نالو وٺي، کين پينو ٿيڻ ڏانهن ڌڪيو وڃي ٿو ۽ سندن عزت نفس مجروح ڪئي وڃي ٿو. حڪومت م يا غير حڪومتي ادارن ۾ تمام ٿورا اهڙا هڏڏوکي ۽ همدرد اچن ٿا ته اُهي ٿر جي اصل درد کي محسوس ڪندي پاڻ کي وڏين اختيارين ۽ وس وارن کي جٽادار جوڳا جتن ڪرڻ جا اُپاءُ وٺڻ لاءِ لکپڙهه ڪن ٿا نه ته اڪثريت ته ويچاري پنهنجي نوڪري بچائڻ ۾ پوري هوندي آهي يا وري وڏيون وڏيون پگهارون کڻي اسٽيجن تي پنهنجو پان کي سماجي اڳواڻ مڃرائڻ ۽ فوٽو ڪڍرائي ڪيل خد متن کي دستاويز بند ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندي آهي. هِن وقت سنڌ اهڙين سماجي اڳواڻن سان مالا مال جيڪڏهن اهي ” آپ اعلانيل“ سماجي اڳوڻ سچا هڏڏوکي هجن ها ته هن وقت سموريءَ سنڌ جي، ٿر سميت ، جيڪا حالت نظر اچي ٿي سا نه هجي ها. انساني اڳڀرائي بابت نامياري ڏاهي مارٽن لوٿرڪنگ (جونيئر) جو چوڻ آهي ته ”انساني اڳڀرائي، نه خودڪار آهي نه ئي اڻ ٽر آهي“. اُها انساني ترقي هڪ اهڙي جامع ائپروچ لاءِ واجهائي پئي جنهن ۾ انساني سماج جي ڪمزورين ۽ هيڻائپ کي گهٽائي، انساني ترقي کي اڳتي وڌايو وڃي. ڏُڪارَ .....پوءِ اُهي قدرتي هجن يا ماڻهن جا “هٿا سين گهتيوڙا (هٿن سان وڌل) ”ڇپنا“ هجن انساني اڳڀرائي جي سفر کي ماٺو ڪن ٿا. ٿر جي موجود ڏُڪاري صورتحال ۽ اُن جي جٽادار حل لاءِ سنجيده ڪوششن ۾ هڪڙي ڪوشش ”چوپائي“ مال جي ترقي آهي . تڏهن ئي ته چيو ويو آهي ته ” ٿر آهي ٿڻ تي، نه ئي ڪڻ تي“. يا ”مال لال آهي“ پر “ڌڻ ته ڌڻي“ نه ته وڪڻ کڻي به مُنڊي تي ٽڪ آهي .هن مضمون ۾ ٿر ۾ موجود چوپائي مال جي وسيلن جو ذڪر ڪندي ڏسنداسين ته اُن کي ٿر جي ڏُکيائين ۽ هيڻائين کي دور ڪرڻ لاءِ ڪيئن سُڪارج بنائي سگهجي ٿو؟ ٿر جي موجوده صورتحال ۾ چوپائي مال جي حالت ڪهڙي آهي؟ ٿر جي چوپائي مال جي ترقي معاشي ترقي لاءِ ڪيترو اهم آهي؟ ٿر جي چوپائي مال جي ترقي کي معاشي قوت ۾ بدلائڻ لاءِ حڪومت، غير حڪومتي ادارا ۽ سول سوسائٽي ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا؟ ٿر جي هِن اهم وسيلي کي بچائڻ اُن جي پيار ڀري پالنا ڪري، ٿري ماڻهوءَ جي اڳڀرائپ کي ڪيئن يقيني بنائي سگهجي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته سڄي دُنيا ۾ انساني ترقي لاءِ ٿيندڙ مُختلف جتن قدرتي وسلين کي ڪتب آڻڻ جو ڏس ڏين ٿا. ٿر جي انساني ترقي چوپائي مال سان لازم ۽ ملزوم آهي. جيڪڏهن چوپايو مال ڏينهون ڏينهن ڏُکيو ٿيندو ويندو يا اُن جي اوسر لاءِ حالتون سازگار نه رهنديون ته پوءِ انساني ترقي هِتان ائين موڪلائي ويندي جيئن ڍڳين جا مٿيان ڏند. 2011-2012 جي حڪومت پاڪستان پاران جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق پاڪستان جي GDP ۾ چوپائي مال جو 12% حصو آهي. چوپايو مال مُلڪ جي 1/3 حصي جي آبادي جي گُذران جو وسيلو پُڻ آهي. ٿرپارڪر مال ۾ مالا مال آهي جنهن ۾ 2006 جي مال شُماري جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته هن وقت 6 ملين چوپايو مال ٿرپارڪر ۾ آهي (58% ٻڪريون، 21% رڍون، 14% ڍڳيون، 3% گڏهه ، 1.4% مينهون، 2.5% اُٺ ، 0.1% گهوڙا) اُن کانسواءِ ڪُڪڙيون به ٿرپارڪر ۾ پاليون وڃن ٿيون. جن جو تعداد 2 ملين چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ٿرپارڪر جو چوپايو مال سڄي سنڌ جي مال جي لڳ ڀڳ چوٿين حصي جيترو چيو وڃي ٿو يا وري مُلڪ جي ڪُل مال جو 5% اهي. مال جي اها مالا مال دولت ٻڪرين، رڍن، ڍڳين، اُٺن، گهوڙن، گڏهن، ۽ مينهن تي مشتمل آهي. ٿر ۾ موجود ٻاڪرو، ريڍو، ڳائو، ماهو، اوٺو، گهوڙائون ۽ گاڏهو ڌڻ ٿر جي رهاڪن جي گُذر سفر جو مکيه ذريعو آهي يعني ٿريچن جو ڪَٽاءُ ” ٿڻ“ تي آهي. انهيءَ سموري مال جي ثقافت ۽ هالو چالو الڳ آهي. هر هڪ جي ڦر ڏيڻ، ڦرن کي کير پيارڻ ۽ اُٿيڙڪرڻ جو الڳ الڳ عرصو آهي جيڪو سمورو دلچسپ ۽ اڀياس لائق آهي. ٿر ۾ سڀ کان گهڻو ڌڻ ٻاڪرو آهي. جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ٻڪري ”وس به چري ته ڇنڊ به نه سهي“ يعني ٻڪريءَ کي سائو گاهه چرڻ جو شوق هوندو آهي. پر مينهن ڦُڙيون به کين ڏکيون لڳن ٿيون. ٿري ٻڪريون مختلف رنگن روپن جون ٿين ٿيون. جهڙوڪ: ڪاري ، اڇي، پٽيري، گورهاڙي، ڪٻري، ريڍي، موگراني، اڇوني، لپڙي، گيڏياڪني، سيري، ڀِلي، وغيره. ٻاڪري مال جي سائي ٿيڻ يعني ڳڀجڻ کي ”ٻوڪجڻ“ چوندا آهن. نر ٻاڪري ڦر کي ڇيلو ۽ ماديءَ کي ڇيلي چوندا آهن. هر ڀاڳئي جي ولر ۾ هڪ عدد سانُ ڇيلو هوندو آهي. جيئن ٻڪريون وقت سر سايون ٿين. ٻڪري ٿور خرچو ۽ ٿور کايار ڌڻ آهي. جنهن لاءِ خُشڪ سالي ۾ ڪنڊيءَ جا پن، سنگري، ڪونڀٽ جا پلڙا، پسنديده خوراڪ آهن. ٻيرين جي پنن کي سُڪائي تيار ڪيل ”پلو“ اُنهن جي پسنديده غذا آهي. ٻڪرين جا وار سال ۾ هڪ دفعو ڪتربا آهن. انهن وارن کي ”ڏاس“ چئبو آهي. ڏاس مان فراسيون، جالنگ، کاهيون تيار ڪيا ويندا آهن. مال کي ٻڌڻ يا ڏهائي ڪرڻ لاءِ نوڃڻ هڻڻ لاءِ رسا تيار ڪيا ويندا آهن. ٻڪري سال ۾ هڪڙو تور ڏئي ٿي. نر ڇيلا چاري سانڍي وڪيا ويندا آهن. خاص طور قرباني جي عيد اهڙن ڇيلن لاءِ وڏي مارڪيٽ آهي.
    ريڍو مال به ٿر ۾ عام جام آهي. ريڊي مال جي ماديءَ کي ”رِڍ“ ۽ نر کي ”گهيٽو“ چيو ويندو آهي ۽ رڍ جي سائي ٿيڻ کي ”گُرجڻ“ چئبو آهي. رڍ سال ۾ ٻه ڦر به ڏئي ٿي. رڍ جي وارن کي ”اُن“ کي چوندا آهن . اُن ٻه دفعا سال ڪترِِ ي ويندي آهي ۽ مقامِي مارڪيٽ ۾ معمولي اگهه تي وڪرو ڪئي ويندي آهي. اڳي اُن مان کَٿا، لويون ٺاهيا ويندا هئا جن جو هاڻي رواج گهٽجندو پيو وڃي . ريڍڪ به ڪارائتو مال آهي پر خشڪ سالي ۽ بيماري جو ڪمزور آهي خاص طور ماتا جي بيماري جنهن کي مقامي مام ۾ ”ٿڌي“ چيو ويندو آهي. گهيٽا مچي مواڙ ٿيڻ کي مقامي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيا ويندا آهن ۽ گهيٽيون سنڀاليون وينديون آهن. جيئن مال جي واڌ ويجهه برقرار رهي .ڳائو مال به ٿر ۾ ججهو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ٿورو وڏو مال آهي. پر اُن جي کير ڏئي ۽ ڦر ڏيڻ کي لاڀائتو سمجهندي چڱي تعداد ۾ ڌاريو ويندو آهي. نرکي ”ڍڳو“ ۽ ماديءَ کي ڍڳي چوندا آهن. سال ۾ هڪ دفعو ڦر ڏيندڙ هِن جانور جي سائي ٿيڻ واري عمل ۾ ڀلي ورهيه ۽ سُٺي کاڌ خوراڪ جو وڏو عمل دخل آهي. هِن جي ڦرن کي گابو ۽ گابي چيو ويندو آهي. ٿر جي گائي مال جا هن وقت جيڪي وارن جا ولر روڊن تي بئراجي ايريا ڏانهن ويندا نظر اچن ٿا ۽ ميڊيا جي ڪئمرائن جي قلب مان نڪري اخبارن، رسالن يا اسڪرينن جي زينت بنجن ٿا. تنهن جو خاص سبب اهو آهي ته بئراجي علائقي ۾ سائو گاهه ۽ مِٺو پاڻي ملن ٿا جنهن ڪري ڍڳيون بهار جي سايون ٿي پون ٿيون. ۽ هڪ “تُورُ“ ٺهي پوي ٿو. جيڪڏهن سُڪ ساليءَ ۾ ڀاڳيا ۽ ڍڳين کي ٿر ۾ روڪين ٿا ته پوءِ تور ٿيڻ نامممڪن آهي. تنهنڪري اُهي رٿابند رضاڪاراڻي هجرت ڪن ٿا. ٿر جي ڍڳيءَ جا پڻ ڪيترائي رنگ ۽ پار آهن جهڙوڪ ڌونري، سائي، رائي، موڏي، وغيره. وڏن سڱن وارو پارڪري نسل جنهن کي ”وِڍياري“ سڏيو ويندو آهي. تنهن جي نشانين کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ”وڍياري“ نسل ۽ مُهن جي دڙي واري ڍڳي ۾ ڪا مشابهت اهي. ڍڳيءَ تي ڏڪار جو سڀ کان گهڻو اثر ٿئي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪونڊي چارو ڍڳي لاءِ ئي گهربل هوندو آهي. ڍڳيءَ جي کير جو ڌونئرو مشهور آهي ۽ اُن مان ولوڙي مکڻ ٽاڻي ٺاهيل گيهه به مُلڪان مُلڪ مشهور اهي جنهن کي ”کرتائي گيهه“ سڏيو ويندو آهي. کرتائي گيهه جو رنگ ۽ بوءِ دل خوش ڪري ڇڏيندي آهي. ڍڳن کي هرڪا هڻ لاءِ به ڪتب آندو ويندو آهي. پر اهو اڪثر ڪري پارڪر ۾ رائج آهي. اُن کانسواءِ پاڻي ڪڍڻ لاءِ وارو به هڪليندو آهي. ڍڳيءَ جو چم تمام قيمتي اهي پر مقامي مارڪيٽ ۾ سستو وڃي ٿو يا اُن کي ڇِهي اُن مان واري وارڻ يعني کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ وَرتَ ٺاهي وڃي ٿي.
    ٿر ۾ ماهو مال تمام قليل انداز ۾ آهي ڇاڪاڻ ته ماهي مال کي جالڻ لاءِ پاڻي ججهو کپي جيڪو ٿر ۾ اڻ لڀ آهي. علائقي جي گرم آبهوا به ماهي مال لاءِ سازگار نه آهي. تنهن هوندي به سرندي وارا ڀاڳيا مينهون ڌارين ٿا ۽ جن وٽ 20-10 ننگ مينهن جا هوندا آهن سي پنهنجو ”پاڏو“ به ڌاريندو آهن. جيئن مينهون پاڏي اچن ته کين ڪا مشڪل نه ٿئي.
    اُوٺو مال جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُهو اوڳو مال آهي ۽ وڻ وڻ وات وجهندڙ وٿ آهي ۽ ڪڏهن به ولر ٺاهي نه چرندو آهي ۽ جڏهن انسان جو من به اوٺي وڳ جيان ڦارون ڦارون ٿي پوندو آهي ته انسان جي تڙڪي ٽٽڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ اُن لاءِ انيڪ لفظ آهن ۽ اُٺ کي سُڪي جو ٻيڙو به چيو ويندو آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته زماني بدلجڻ سان هِن ٻِيڙي جي جاءِ لانگ چيسز جيپون والاري رهيون آهن يا وري ٽريڪٽر ٻنين ۾ ڪاهي پيا آهن. جن هڻي زمين جون مٿيون تهه تاراج ڪري ڇڏيو آهي. اُٺ جو کير سڻڀ کان آجو کير آهي ۽ انتهائي نِرو آندو ويندو آهي. اُٺ جي ڦر کي گونرو (نر) ۽ گونري (مادي) چئبو آهي. اوٺاري اڪثر جهنگ ۾ وڳ سان گڏ رهن ٿا. ڄار، ڪونڀٽ ۽ ڪنڊي اُٺ جي پسنديده خوراڪ آهن. اُٺ جي وارن کي مِلس چئبو آهي. جنهن مان انتهائي نفيس قسم جون شيون تيار ڪري سگهجن ٿيون. اُٺن کي چاري، چاري ۽ سانڊي، دوڙلا گهرايو ويندو آهي ۽ سوار جي تربيت يافته سُکي اُٺ جو ناڻو وڌي ويندو آهي. اُن کي پاڻي ڪڍڻ، هرپوکڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. اُن کانسواءِ مقامي مارڪيٽ ۾ به وڪرو ڪيو ويندو آهي. ۽ جڏهن قيمت جي تيزي هوندي آهي ته اُٺ مالڪ کي چڱا خاصا پئسا ڏياري ويندو آهي. اٺ تي بار کڻڻ لاءِ پلاڻ وڌو ويندو آهي ۽ سواري لاءِ پاکڙو ۽ ٻڙهو استعمال ڪيو ويندو آهي. گهوڙائون مال به ٿر ۾ ڌاريو ويندو آهي پر تمام گهٽ ڇاڪاڻ ته اهو گهڻو ڪري سواريءَ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. گهوڙي جا ڪيترائي رنگ پار ٿين ٿا جهڙوڪ بور، ڪُميت، سُرخو، پنج ڪلياڻ، وغيره. گهوڙي کي به سوار کان گُهمارائي ڊوڙ ۾ هلڻ جي تربيت ڏني ويندي آهي. جنهن ڪري اهڙن گهوڙن جو مُلهه وڌي ويندو آهي. گهوڙي جي ساجامن ۾ تل، هنو، لغام، دُئال ۽ تنگ مکيه آهي جن سان سجائي پوءِ چڙهي ڪئي ويندي آهي. گهوڙن جو جڏهن شوق هوندو هو ته گهوڙا پري يعني گهوڙن جا ماهر هٿرادو ٻج رکرائيندا هئا. يعني Artificial insemination جو دستور هو. اِن وسيلي پنهنجي مرضيءَ جي رنگ جا ڦَرَ وٺندا هئا.
    سڀني کان اهم پر نظر انداز ٿيل جانور ”گڏهه“ آهي جنهن تي جيترا به پهاڪا ٺهيل آهن يا چوڻيون هنيل آهن سي گڏهه سان سراسر ناانصافي آهن. گڏهه پورهيو ڪرڻ باوجود گڏهه جي ترجيح سموري چوپائي مال ۾ آخر م اچي ٿي باقي جڏهن سُڪار اچي ٿو ۽ ڀلي ورهه ۾ کائي مچي مواڙ ٿيئي ٿو ته پوءِ نودولتين وانگر ٽِٽون به جام ڏئي ٿو. هينگون به دل کولي ڪري ٿو ته پُست به ڏاڍا هڻي ٿو. پاڻي ڪڍڻ، پاڻي ڍوئڻ ۽ هرڪا هڻ کان وٺي الائي ڪيترا ڪم ڪارڪندڙ هي جانور ڏُڪار م وڌ ۾ وڌ مُتاثر ٿئي ٿو ۽ هِن جانور کي مُفت جو مال سمجهي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ هي تمام قيميتي جانور آهي ۽ ٿور خرچو Cost Effective پُڻ. جهنگلي گڏهه ته قيمتي وٿ آهي جنهن جا ٻه داڻا رڻ ۾ آهن ۽ اها جنس خطري هيٺ آيل جنس آهي. گڏهن مان ٿيندڙ ڦرن کي کودو (نر) ۽ کودي (مادي) چيو وڃي ٿو. گڏهه جا ڪيترائي انگ پار آهن. جهڙوڪ: سائو، راڱو، ٻوڙيو، سيرو، اڇوو وغيره ٿر م ڳوٺ سينهري درس ۽ ٿهرئي جي ٿر ۾ گڏهن جو اعليٰ نسل ٿئي ٿو جنهن کي سار سنڀال سان مالڪن بچائي به رکيو آهي. ٿر جي مال جو ٿر جي معاشي ترقيءَ م تمام گهٽ اُپت آهي. ڇو ته انهي مان کير به حاصل ٿئي ٿو ته کلون پڻ، اُن جا وار مختلف شين ٺاهڻ جي ڪم اچن ٿا ۽ مال بار براداري توڙي سواريءَ جي وسيلي طور ڪم اچي ٿو ۽ مال سيمن کي چرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي نيڪال وسيلي اُنهن کي زرخيز بنائڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ مال ماحول دوست وٿ آهي. هڪ اندازي مطابق ٿر م ساليانو 10 بلين جو کير حاصل ٿيئي ٿو ۽ 150 ميلن جي ماليت جي اُن ملي ٿي ۽ ٻين جانورن جي ڏاس يا مِلس هڪ ڪاٿي موجب 30 ملين کن جي چئي سگهجي ٿي جيڪا صرف مقامي استعمال ۾ اچي ٿي. جانورن جو کلون اٽڪل 48 ملين جون وڪرو ٿين ٿيون ۽ مال جو ڀاڻ ته رائگان وڃي ٿو سواءِ ان جي ته ماڻهو اُن کي گهريلو ڪمن ۾ ڪتب آڻين ٿا. مال جا هڏا به ڪمائتا آهن پر اُنهن لاءِ به ڪا مُناسب مارڪيٽنگ ناهي. 90% ٿرين جو سڌو يا اڻ سڌو گذران مال تي آهي ۽ ٿلهي ليکي مال جي اُپت جو ڪاٿو 1 بلين ساليانو آهي. سڀ کان اهم ڳالهه ته مال ڌارڻ، چارڻ، نهارڻ، پيارڻ، ڏهڻ جو جيڪو مرحلي وار عمل آهي. اهو ثقافتي جٽاداريءَ جو اهم مثال آهي ۽ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ الڳ موضوع آهي. انهيءَ سموري سگهه بابت هِن وقت گهٽ سمجهه ۽ لاپراوهيءِ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. ڀاڳيا مال جي جديد سائنس کان اڻ واقف آهن ته انهن اڳ موجود لوڪ ڏاهپ تي آڌارڪ دستورن کي به آهستي آهستي ڇڏڻ شروع ڪيو آهي. حڪومت پاران سهوليتن جي اڻاٺ آهي. چند ڊسپينسريون آهن جن ۾ يا ته ڊاڪٽر ناهي يا دوا ناهي غير حڪومتي ادار پڻ لائيو اسٽاڪ ڊيولپمينٽ کي پنهنجي ترجيح شعبو نٿا سمجهن ۽ سول سوسائٽي جي ته ڪهاڻي الڳ آهي ڇاڪاڻ ته سِول سوسائٽي ته سڄي جا سڄي شِهري پس منظر رکندڙ آهي. جنهن جو مالداري سان واسطو گهٽ آهي ۽ مالداري جي سموري فن کان اڻ واقف آهي. مالداريءَ لاءِ سُٺي برسات ۽ رکيل جهنگ سازگار ماحول جوڙي ڏيندا آهن. برسات وسڻ ته قدرت جو هڪ مظهر آهي باقي رکيل جهنگ کي انساني آباديءَ ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي ۽ ڀاڳيا بي خبري جي ڪري مالداري جون جديد سائنسي حرفتون نٿا ڄاڻن. تنهنڪري مال اقتصادي سگهارپ جي بجاءِ، خصوصا ڏُڪار سائي ۾ بوجهه بنجي پوي ٿو ۽ انساني استحصال جي ور چڙهي وڃي ٿو يعني اُن جي بازار ڪري پوي ٿو يا بُک وگهي مري وڃي ٿو. ٽرانسپورٽ ۽ روڊ رستن جي سهوليتن جي اڻاٺ، وچوئي جو استحصال ڪردار، زمين جو اُڌيڙ، اُوڀڙ جو مَدو ٿيڻ، پاڻيءَ جي کوٽ، سيمن جو تاراج ٿيڻ مارڪيٽ نه هجڻ، ڊيري فارمنگ جو نه هجڻ، گوشت خانن جو نه هجڻ، کير گڏ ڪرڻ ۽ صاف ڪرڻ جي سهوليتن جو نه هجڻ اهڙا عوامل آهن. جيڪي مالداري جي اقتصادي ڪارج کي اڪارج بنائي رهيا آهن. جهڙي املهه دولت کي سُڪارج ڪرڻ لاءِ چند صلاحون پيش آهن جن تي عمل ڪري اسين ڏڪار جي ڏولائڻ کان به رڳو بچي سگهون ٿا ”مينهن ۽ واڻيي“ واري ڍَءُ جيترو ڍءُ به حاصل ڪري سگهون ٿا. انهن صلاحن تي عمل ڪرڻ ڪو ايڏو وڏو مشڪل ڪم يا گڏهه پورهيو ناهي. اِهي صلاحون هن ريت آهن.
    • ٿر ۾ مال جون اهڙيون جنسون ڌاريون وڃن جيڪي وڌيڪ کير ۽ گوشت ڏين ۽ ڏکي وقت ۾ ٿوري کاڌي تي به جالي سگهن.
    • مال ڀري ٿورو ڌارجي پر اُهو چڱي نسل جو هجي. دل کولي چارو چارجي مچائجي مواڙ ڪري اُن مان وڌ م وڌ اپت حاصل ڪئي وڃي.
    • سيمن جي سار سنڀال سخت ڪئي وڃي. گئوچر، آسائشون ۽ اجهور انساني لتاڙ کان بچايا وڃن. سيمن جي بچاءُ جو انتهائي مضبوط جوڙجڪي سرشتو ٺاهيو وڃي. سيمن جي بچاءُ جو انتهائي مضبوط جوڙجڪي سرشتو ٺاهيو وڃي ۽ اُن تي عمل درآمد لاءِ هرهڪ کي پابند ڪيو وڃي.
    • سيمن، اجهوري، آسائشن جي لتاڙ وارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ گهرجي.
    • ٻنين کي واڙ ڏيئي اُنهن جي زرخيزي کي بچاويو وڃي.
    • متبادل گاهه ۽ چارو پوکڻ گهرجي جيڪو سوڪهڙي ۾ به جٽاءُ ڪري
    • مال جي سار سنڀال لاءِ ڀاڳين جي جامع سکيا ڪرائي وڃي.
    • مال ۾ سيڙپڪاريءَ کي همٿايو وڃي. مال پڙين کي ڳوٺاڻن جي ڀلي لاءِ مُنظم نموني هلايو وڃي صرف ٺيڪيدارن ۽ دلالن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو وڃي.
    • مال جي بيهڻ لاءِ واڙن ۾ ڇانورا ٺاهيا وڃن ۽ مال کي وقت سر پاڻي پياريو وڃي ڪوشش ڪري مِٺو پاڻي پياريو وڃي.
    • استال فيڊنگ يا ڪونڊي کاڌو وڌايو وڃي خاص طور ڏڪار جي ڏينهن ۾ ۽ حڪومت يا غير حڪومتي ادار مالدارن جي اِن سلسلي ۾ مدد ڪن.
    • کير جي صاف ڪرڻ ۽ پيڪنگ ڪري مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ واري صنعت کي قائم ڪيو وڃي جيئن هتان ٻاهر ويندڙ کير هتي ئي استعمال ٿيئي ۽ چُرپر تي ايندڙ خرچ پکو پڻ بچي پوي.
    • خاص نسل جيڪي اُپت وڌيڪ ڏين تن جي پالنا کي همٿايو وڃي.
    • مال جي بيمارين لاءِ جوڳا اُپاءُ ورتا وڃن ۽ هر بيماري جو ٽُڪو قت سر لڳرايو وڃي اِن سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ۾ ڀاڳين ۾ جاڳرتا پئدا ڪئي وڃي.
    • مال جي کير مان ٺهندڙ مختلف شين جي صنعتن کي به متعارف ڪرايو وڃي جيئن اڳتي هلي ادارو بنجي سگهن.
    • مال جي وارن يعني اُن ، ڏاس، ماس ۽ کلن جي رڱڻ جي پروسيسنگ جا ڪارخانا کوليا وڃن.
    • ڀاڳيائپ جي مختلف رُخن متعلق تحقيق ڪئي وڃي ۽ مالداري جي جديد سائنسي ٽيڪنڪن کي استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀاڳياڻي عورت جي ڏاهپ کي ڪتب آندو وڃي ڇاڪاڻ جو ان وٽ مال سنڀالڻ جو سالن جو تجربو آهي ۽ عورتون سٺيون ڀاڳياڻيون آهن.
    • مال کي ٻڌي چارڻ واري رُجحان کي وڌائڻ لاءِ جاڳرتا پکڙي راڄن کي متحرڪ ڪيو وڃي.
    • مال جي تحفط لاءِ مال جي ويمي کي متعارف ڪرايو وڃي.
    • سرڪاري ۽ غير سرڪاري اداري جي ڪم ڪار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻن جون رابطي ڪاميٽيون ٺاهيون وڃن.
    انهن سڀني صلاحن مشوري تي عمل ڪندي اسين مالداريءَ جي ايتري اوسر ڪري سگهون ٿا جو اهڙن ڏکين ڏينهن ۾ به مال اسان کي ڪم ايندو ته اُن سان گڏوگڏ اسان جي اقتصادي اُپت ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.


    ٿر ۾ هنرمندي ۽ ان ۾ ٿري عورت جو حصو

    ٿر ۾ هنرمندي ۽ ان ۾ ٿري عورت جو حصو

    فطرت ۾ هراها وٿ موجودآهي جيڪا انساني زندگيءَ کي بهتربنائڻ ۾ ڪو ڪردار نباهي سگهي، ڇاڪاڻ ته فطرت اهڙي ماءُ آهي جنهن وٽ سڀني لاءِ گنجائش آهي. انسان سان جيئن فطرت کي پيارآهي ۽ اها کيس جهڙيءَ ريت پالي ٿي، کارائي پياري ٿي اهڙي طرح جيڪڏهن انسان به فطرت سان موٽ ۾ پيارڪري ته ڪائنات جي توازن کي ڪوئي لهرلوڏو ناهي،پر انسان جڏهن ڪوڙي طاقت جي خمار ۾ ايندو آهي ته هو مُٺ کان مٿي لُڻڻ شروع ڪندو آهي. نتيجي ۾ فطرت کي ته هاڃو رسندو آهي پر سندس هٿ به رتورت ٿي وينداآهن . انهي رت ڇاڻ جا داغ نسل به لاهي نه سگهندا آهن. انساني سماجي اوسر مختلف اقتصادي سرشتن کي جنم ڏنو ،جن ۾ ڪي فطرت سان محبت ڪندڙ ۽ ان جو خيال رکندڙ نظام هئا ته ڪي وري فطرت لاءِ رت چوس سرشتا ثابت ٿيا جن جي ڪمائي جو ڪيتو هاڻي دنيا لوڙي رهي آهي ۽ ماڻهو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خطرن جي منهن ۾ ڌڪجندو وڃي پيو ۽ نه ڄاڻ ڪٿي وڃي دنگ ڪندو. منافعي جي هوا۾ اڏامندڙ ڦوڪڻي پويان وائڙن جيان ڊوڙائيندڙ، بازار جي بازاري اقتصاديات جو اهو سرشتو ماڻهوءَ کي بند گهٽيءَ ڏانهن چڪيندو پيو وڃي ۽ ماڻهو پنهنجي هٻڇ جي انڌ جي گهوڙي تي سوارانهي اونداهي مهاساگر۾ خوشي خوشي ڀڳو وڃي.
    ننڍي کنڊ کي اقتصاديات جو پنهنجو سرشتو رهيوآهي جيڪو نه سوشلسٽ نظام جهڙو رهيو آهي نه وري سرمائيواد جي معاشي سرشتي جهڙو. ڇاڪاڻ ته ٻنهي جي جوهر ۾ جيڪا اقتصادي انتهاپسندي لڪ آهي انهي دنيا کي هرانتهاپسنديءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيوآهي. انهي جي ڀيٽ ۾ ننڍي کنڊ ۾ اهڙو اقتصادي تاڃي پيٽو رهيو آهي جيڪو فطرت جي نيمن پٽاندر هلندو رهيو آهي تنهنڪري ان کي فطرت دوست اقتصادي نظام چئي سگهجي ٿو. انهي نظام ۾ وسيلن جي ڦرلُٽ ناهي پر جيتري ضرورت هجي اوترو قدرتي وسيلن کي ڪتب آڻي انساني ضرورتون پوريون ڪيون وڃن. هتي مغربي استعماريت سرمائيواد کي هٿي ڏياري ، جنهن جي نتيجي ۾ هتان جو ڏيهي اقتصادي انفرااسٽرڪچربري طرح متاثر ٿيو ۽ اقتصادي هڻ هڻان ۾ پڻ واڌارو ٿيو. انهي فطرت دوست اقتصادي سرشتي جو هڪڙو ڪمپونينٽ هٿ جا هنر آهن. هٿ جا هنرتخليقيت، جماليات، محنت جي اهڙو پيارڀريو پورهيوآهن جن ۾ جتي انسان جي محنت شامل آهي ته اتي پنهنجي ثقافت کي محفوظ ڪرڻ جو به بندوبست ٿيل آهي. هٿ جو هنرعام ماڻهو ۽ سماج جي ڌڪيل طبقن جي مڃتا جي اظهارجو ذريعو آهي. هنرمندي جي انهي سفر تي جڏهن کاڻ ڪلن ڪوديتا ڪئي آهي ته اهو سمورو ڪم ڪارمتاثرآهي. ڪم ڪندڙ متاثرآهن. وڏي ڳالهه ته انهن طبقن ۽ علائقن جي ثقافت داءُ تي لڳل آهي. ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ عالمگيريت جي نالي ۾ ثقافتن کي تاراج ڪرڻ جي جيڪا مهم ويجهي ماضيءَ ”ڪلئش آف سولائيزيشنس“ جي نالي سان شروع ڪئي هئي سا هاڻي ”ڪرئش آن سولائيزيشنس“ جي ڪرت کي ڪاميابيءَ سان پنهنجي انجام طرف وٺي وڃي رهي آهي.
    ٿربه هڪ اهڙوعلائقو آهي جتي فطرت دوستي ماڻهوءَ جي مزاج ۾ سمايل آهي . هنرمندي صدين کان هتان جي ماڻهن جي ڪرت رهي آهي. اهي هتان جي مقامي وسيلن کي پنهنجي ضرورت مطابق ڪتب آڻي اعلى قسم جون وٿون تيارڪندارهيا آهن جيڪي ولايتن ۾ به پنهنجي وياکيا ڪنديون رهيون آهن. هٿ جي هنرن جو اهو ڪم به هاڻي انهي اصلي روپ ۾ نه رهيو آهي ڪافي شيون يا ته ختم ٿي ويون آهن يا گهٽجي ويون آهن.ٿرهٿ جي هنرن جو اهڙو اپتدائڪ علائقو آهي جنهن جي ڪاريگرن جون تيارڪيل شيون خوبصورت ۽ سڪارج آهن جن سان هر ماڻهو ٿري توڙي غير ٿري پيارڪري ٿو. انهن شين جي ڊزائين، انهن شين جا ٻهڳڻ رنگ، انهن شين جي فطرتي ماحول سان مطابقت انهن شين کي هردلعزيز بنائي ٿي . پورهئي ۽ ڪاريگريءَ جي صورت ۾ ثقافت جو اهڙو جيئرو جاڳندو اظهار شايد ئي ڪٿي هُجي.
    ٿر۾ جي هنرن ۾ ڀرت جو ڪم، ڪنڀارڪو ڪم، ڪاٺيءَ جو ڪم، لوهارڪو ڪم، سونارڪو ڪم، اڻڪري، رڱاوت، چمڙي جي مصنوعات، وغيره مشهور ڪم آهن .انهن هنرن گذريل سئوسالن ۾ ڪافي تبديلين کي منهن ڏنو آهي ۽ متاثر به ٿياآهن.
    ڀرت جو ڪم ٿرجي هنرن ۾ سڀ کان مٿاهون ڪم آهي جيڪو فرصت جي وقت کي لاڀائتو ڪندي ڪيوويندو آهي.انهي هنر جي شروعات به روزمره جون يا ٻيون ڪي سماجي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪري شروعات ٿي هئي پرپوءَ هن هنر باقائدي اداري جي صورت اختيار ڪئي. ڀرت جي ڪم ۾ گج، ڪنجرو، ريٽو،چادر،وهاڻو، رومال، ميز پوش، برتن پوش ، جانورن جي سجاوٽ جا ننڍاننڍا وڙ، رلي، اهم شيون آهن. انهن ۾ گهر۾ عورتون فرصت جي وقت گڏجي ويهي ڪم ڪن ٿيون ۽ بهترين اسم ٺاهي وٺن ٿيون. رلي ۾ وري پراڻي ڪپڙي کي استعمال ڪرڻ جي گنجائش آهي جنهنڪري پراڻو ڪپڙو به ڪم اچي وڃي ٿو. گهرجون وڏيون عورتون ۽ جوان ڇوڪريون هي ڪم گڏجي ڪنديون آهن ۽ سيکارڻ جو سمورو عمل عملي صورت ۾ ٿئي ٿو. ڀرت سان تخليقي صلاحيت ايترو ته نکري ٿي جو ڊزائين ۾ جيڪا خوبصورتي چٽي وڃي ٿي ان جا رنگ روپ ۽ نقش نگارڏسي ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن.لکائي ، ڇڊڻ ۽ ڀرڻ جا مختلف مرحلا خيال جي ترتيب ۽ نظام تي به اثروجهن ٿا جنهن مان سوچڻ جي هاڪاري صلاحيت اسري ٿي جيڪا ڏکي وقت جي مختلف قسمن جي صورتحال کي منهن ڏيڻ سيکاري ٿي.ان کانسواءِ وقت جي ترتيب ۽ رٿابندي به ڀرت ڀرڻ جي ڪم جو حصو آهي. هي سمورو ڪم عورتون ڪن ٿيون. ڀرت جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا جهڙوڪ؛ ڪچو ڀرت، پڪو ڀرت، مقي جو ڀرت، هرمجي، کارڪ، وغيره. ميگهواڙ برادري هن ڪم ۾ سڀني کان اڳتي آهي. ٻين برادرين ۾ به هن هنرجي ڪرت ڪئي وڃي ٿي.
    ڪنڀارڪو ڪم به هٿ جي هنرن ۾ اوائلي ڪم آهي جنهن انسان کي مٽيءَ جي تهذيب سان همڪنارڪيو. ٿر۾ ڀلوڙمٽيءَ جا ٿانوٺهن ٿا، جن ۾ دلا، مٽ، گگرون، ڪُنا، ماٽيون، طباخ، ڦيلهيون، ڇلون، پاٽ، وغيره شامل آهن. مٽيءَ جي ٿانون ٺهڻ جو مرحليوارڪم هڪ وڏو تخليقي ڪم آهي جنهن ۾ مٽي آڻڻ ، مٽي ڳوهڻ، ٿانوٺاهڻ، چڪ تي چاڙهڻ ۽ پچائڻ جهڙامرحلا آهن جن ۾ تمام وڏي ڏاهپ گهربل آهي. مرد ماڻهو اهي سموراڪم ڪار ڪنداآهن پرعورتون سندن ٻانهن ٻيلي هونديون آهن، خاص طور تي تخليقي ڪم ۾، جيئن ٿانون کي ڊزائين ڪرڻ ۽ انهن تي مختلف چٽ چٽڻ ۾. انهن چٽن ۾ ڪيئي سهڻا نمونا آهن جيڪي اناني تخليقي سفر جو اُهڃاڻ آهن. انسان صورتگريءَ جي سفر ۾ ڪٿان کان ڪيستائين پهتو آهي. اها تصويري آکاڻي انهن ڪورن ڪونڀن تي لکڻ مهل ڪنڀارعورتون وڏي چترائيءَ کان ڪم وٺن ٿيون. مٽي جي ٿانون جو واهپو به گهٽجندوپيو وڃي ۽ نتيجي ۾ هي هنر به پوين پيرن آهي ۽ ڪاريگربه ڏکيائين جي منهن ۾ آهن. ڪنڀاربرادري هن هنرجي رکوال آهي.
    ڪاٺيءَ جو ڪم به انتهائي خوبصورت ڪم آهي. هن ڪم ۾ گهريلو سامان جون مختلف شيون تيارڪيون وڃن ٿيون جيئن کٽون، دردريون، هندورا، هنا، پاکڙا، پيتيون وغيره. ڪاٺيءَ جي ڪم ۾ جنڊيءَ جو ڪم ۽ پانيل جو ڪم انتهائي باريڪ ۽ نازڪ نفيس ڪم آهن. هي ڪم به بازار ۾ مشيني ڪم اچڻ سان ڪافي متاثرٿيو آهي. ان هوندي به ٿر۾ ڪاٺي جي ڪم جا بين الاقوامي سطح جا ڪاريگرآهن جن جي هنرمندي ۽ تخليقي صلاحيتن جو هرڪو معترف آهي. سوٽهڙبرادري هن ڪم ۾ سڀني کان اڳتي آهي. ان کان سواءِ ميگهواڙ ڪاٺ جو ڪم ڪن ٿا. عورتن جي هن ڪم ۾ ڪا خاص سرگرمي نه هوندي آهي.
    لوهارڪو ڪم، زراعتي مالوندي سماج سان لاڳاپيل ڪم آهي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٿر ۾ موجود آهي. گهريلو شيون، پوک سان لاڳاپيل شيون، چوپائي مال سان لاڳاپيل شيون لوهارتيارڪن ٿا. هي ڪم به انتهائي محنت واروڪم آهي ۽ لوهارن جي هن پورهئي جي ڪري صحت بهتررهي ٿي. هن ڪم ۾ عورت سرگرميءَ سان حصو وٺي ٿي ۽ اهو به محنت واري ڏکي ڪم ۾. جڏهن لوه کي شڪل ڏيڻي هوندي آهي ته ايرڻ تي رکيل تتل لوه کي لوهار کي سامهون هٿوڙو هڻائيندڙ سندس عورت ئي هوندي آهي، جيستائين گهر ۾ ڪو مرد ڀاتي وڏو ٿئي. هي هنر به بازارجي شين جي واهپي جي ڪري ڪافي حد تائين گهٽجي ويو آهي. هي ڪم لوهاربرادري ڪري ٿي جڏهن ته ٿوراننڍاڪم ميگهواڙ برادريءَ جا ڪاريگرڪن ٿا.
    سونارڪو ڪم، اڪثرڪري سوناراڪن. سون ۽ چانديءَ جو ڪم انسان کي وڌيڪ سينگارڻ ۽ خوبصورت بنائڻ جو ڪم آهي. ڳهه ڳٽن جا مختلف وڙ ۽ نمونا ثقافت جو سڃاڻپي روپ ظاهر ڪن ٿا جن وسيلي مختلف ذاتيون ۽ قبيلا پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ برقراررکيو اچن.انهي لحاظ کان هي ڪم به انتهائي ڏاهپ ۽ ڪاريگريءَ وارو ڪم آهي. هن ڪم کي رڳو مرد ئي ڪن ٿا. سونارابرادريءَ کانسواءِ ميگهواڙ برادريءَ جا ڪجهه فرد به سونارڪو ڪم ڪن ٿا.
    اڻڪري، به هتان جو مکيه هٿ جو هنر رهيو آهي جنهن وسيلي ڪنهن وقت ڪپڙو به اڻو ويندو هو. هاڻي کٿا، لويون ، نوارون، وڇائڻ جا ٽانڪڙ، زرعي اپت کڻڻ جا جالنگ، اناج جون کاهيون تيارڪيون وڃن ٿيون. ماضيءَ ۾ هي ڪم رڍن جي ان مان ڪيو ويندو هو جنهن ۾ ڪاري ان مان ٺهندڙ کٿا۽ لويون مشهور ۽ قيمتي هونداهئا. هاڻي پشم ۽ ٻيو ڌاڳو بازار۾ به ملي ٿو جنهن مان کٿيون ٺاهيون وڃن ٿيون. جالنگ ، کاهيون، جيرويون ٺاهڻ جو رواج ئي ختم ٿي ويو آهي. هن ڪم ۾ ان ڪتڻ جو سمورو ڪم عورتون ڪنديون هيون .ان کان پوءَ ان کي تاڃي ڪڍڻ ۾ به مردن جي مدد عورتون ڪنديون هيون. هن ۾ به بهترين قسم جي ڊزائين ۽ چٽ وغيره عورت جي اعلى تخليقي صلاحيتن جي گواهي ڏين ٿا.. هي ڪم به ميگهواڙ برادريءَ جا ماڻهو ڪن ٿا.
    رڱاوت جو ڪم کٽي ڪن ٿا ۽ رڱيل ڪپڙن جا خوبصورت وڙ ٺاهين ٿا جن کي هرڪو شوق سان پائي ٿو. ٻانڌڻي جو ڪم، چادرن جي رڱاوت، چنري، اهڙاڪم آهن جيڪي تمام گهڻو مقبول رهيا آهن. هن ڪم ۾ ته ٽي حصا ڪم جا عورت ڪري ٿي ۽ چوٿون حصو مرد ڪاريگر ڪم ڪري ٿو. ٿرجو رڱاوت جو ڪم ملڪان ملڪ مشهور رهيو آهي ۽ هن وقت به مارڪيٽ ۾ رڱاوت جا وڙ ڪافي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائين ٿا. ڪپڙي تي ڊزائين ۽ مختلف چٽ بيهارڻ جي ڪاريگري هن هنرجو خاصو آهي. بازار۾ ٺهندڙ شين هن ڪم کي گهٽايو آهي پر اڃا به هي ڪم مضبوط شڪل ۾ موجود آهي. جيتوڻيڪ مارڪيٽ سان لاڳاپيل مسئلا هن هنرکي به درپيش آهن.
    چمڙي جي مصنوعات ۾ سجاوٽ جا وڙ، جتيون، ساجام ۽ ڪجهه روزمره جي واهپي جون شيون اچي وڃن ٿيون. هي ڪم به ميگهواڙبرادري جا ڪاريگر ڪن ٿا. ٿر۾ چمڙي جي جتي ۽ پاڻي کڻڻ جي سانداري ٻه اهڙيون شيون آهن جيڪي ٿري زندگيءَ جو حصو رهيون آهن ڇاڪاڻ ته اهي ٿري ماحول سان ٺهنڪندڙ آهي. هن گرم علائقي ۾ جنهن به چمڙيءَ جي جتي پاتي هوندي اهو ٻي جتي نه پائيندو ۽ جنهن به سانداريءَ جو پاڻي سفر ۾ پيتو هوندو ان کي رٻڙ جي بوتلن وارو پاڻي مزو نه ڏيندو، پر مهانگائي ۽ ٻين سببن جي ڪري هي هنر به گهٽجي ويو آهي. هن هنرسان لاڳاپيل ماڻهن سان جيڪا سماجي بيواجبي روارکي ويئي ان جي ڪري به ڪاريگربددل ٿيو ۽ اهو ڪم آهستي آهستي گهٽجندو ويو .بازارجي شين به هن ڪم کي متاثرڪيو آهي. هن ڪم جا ڪاريگر صرف مرد آهن
    انهي کانسواءِ ٻيا به ڪجهه ننڍاننڍا هٿ جا هنر هوندا هئا جيڪي هاڻي بلڪل ختم ٿي وياآهن. هٿ جي هنرن کي ڪلن جي ڪم ڪارنقصان رسايو آهي ۽ هٿ جي هنرن سان مارڪيٽ جو ماٽيليءَ ماءُ واروسلوڪ آهي. مڊل مين ان کان به وڌيڪ استحصال ڪري ٿو.
    هٿ جي هنرن جي سموري تخليق اوک ڊوک عورتن جي ڪري آهي. خوبصورت چٽ، نمونا ۽ شين جو حسن عورتن جي هٿ ونڊائڻ جو نتيجو آهي. عورتون جتي هٿ جي هنرن جي تخليقي پاسي کي ڏسن ٿيون ته اتي گهر جي آمدنيءَ ۾ ڪرداراداڪن ٿيون. ڀرت جو سمورو ڪم عورتون ڪن ٿيون جنهن مان نه رڳو روزمره جي واهپي جا استعمال جا وڙ تيارٿين ٿا پرڇوڪرين جو ڏاج به ڀرت مان تيارڪيو ويندو آهي. ان کانسواءِ اضافي تيارڪيل شين کي مارڪيٽ ۾ کپائي گهرهلايوويندو آهي. ٿري عورت هنرمند عورت آهي جنهن پنهنجي صلاحيت سان نه رڳو ڀلوڙ هنري وڙ تيارڪيا آهن ، گهرو آمدنيءَ ۾ واڌارو ڪيو آهي پران کان وڌو ڪم اهو ڪيو آهي جو پنهنجي نج نبارثقافت کي زنده رکيو آهي . هنرمند ٿري عورت شاهوڪارٿري ثقافت جي امين ۽ رکوال آهي.
    ڏٿ نه کُٽي ڏوٿيين..............!!!
    سنڌ جي فڪر، علم، ڏاهپ، فلسفي، ثقافت جي سرواڻ ۽ شاعرن جي سرتاج شاه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري اهڙي وٿ آهي جنهن جا املهه اتوريا آهن. سندس رسالو واقعي پيغام آهي يا سندس ئي ٻولن ۾ ؛
    جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهين،
    نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
    انهي ساڳي ڳالهه کي ڳنڍيندي، مڱريئي عبدالرحيم گرهوڙي پڻ هن ريت موتين اڇل ڪئي آهي؛
    آهي عبداللطيف تي رضامندو رحمان،
    جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحي ڪيو.
    شاه عبدالطيف پنهنجي رچيل سر کاهوڙيءَ ۾ ڏٿ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جا ڳولائو ڏوٿي آهن. انهي سرود ۾ پنڌ جا جيڪي رند ۽ راهون سمجهايا ويا آهن تن جو وستار ڳوڙهو آهي. کاهوڙين جي مستقل مزاجي، ڏٿ جي ڏورانهن ماڳن مڪانن ۽ انهن تائين پهچڻ جي ڏاکڙن ، ڏولائن، ڏوجهرن جي جيڪا منظر ڪشي ڪئي ويئي آهي ان جو مثال ٻئي ڪنهن هنڌ مشڪل ملي ٿو.هتي هڪ بيت مثال طور پيش ڪندي ڳالهه کي اڳتي وڌايون ٿا ته؛
    ڏٿ نه کُٽي ڏوٿيين، جيڪي ڏٿ ڪرين،
    ا هڃاڻيون علم جون، اوريائين آڻين،
    تهان پري ڏسين، پريان سندي ڳالهڙي.
    هن وقت ٿر۾ پئدا ٿيل ڏڪار واري صورتحال جو چئو ٻول آهي، هرهڪ چئنل تي ويٺل هرفن مولا ميزبان ٿرڏڪارٿرڏڪار جي لات لنئي رهيا آهن ته ڪي وري اهڙي صورتحال ۾ پئدا ٿيل کاڌ خوراڪ جي کوٽ تي ڊگها بحث ڪري رهياآهن. امداد جون ڳالهيون به ٿيون . واهر ٿي پر تمام ٿوري پئماني تي. هاڻي وري بحالي بابت حال احوال ڪندي ٿر ۾ مستقل طور انهي ماحول ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جا سانباه ڪيا وڃن پيا. امداد جو به گهڻو تڻو محور شهري آباديون رهن ٿيون چوته اتي مختلف ميڊيا چئنلس جون ٽئنڪن وانگر هر وقت هڪيون بيٺل گاڏيون گردش ۾ اچي ٿيون وڃن ۽ جيڪا ڌر امدادي سامان ورهائي ٿي اها پنهنجي خبر ڇپرائي باقي ذميواري۽ کان آجي ٿي وڃي . اهڙي طرح گاڏو ڌڪجي رهيو آهي ماڻهن وٽ به اهڙي ڪا مضبوط سماجي جوڙجڪ يا ڍانڇو ناهي جنهن وسيلي اهي هن سموري عمل مان ڪو مناسب لاڀ پرائي سگهن. تنهنڪري ٿرين جي غريبي ڏور ٿئي نه ٿئي باقي ٻين گهڻن جي غريبي ڏور ٿي ويندي. اڄ کان 50 سال اڳ جي غربت ۽ موجوده غربت ۾ فرق آهي. اڳي اناج جي ايتري شديد اڻاٺ هوندي هئي جو ڪاري ڏڪار دوران ماڻهو وڻن مان ملندڙ اپت واپرائي وقت ڪاٽيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته مسڪين مارن کي وڻن جا ڇوڏا کائڻا پوندا هئا. هن وقت ڪوبه وڻن جا ڇوڏا نٿو کائي. ان وقت ٿيندڙ کاڌي جي کوٽ دوران ماڻهو ان جو واپراج ڪاپي سان ڪندا هئا ۽ باقي سندن گذران ڏٿ تي هوندو هو. اچو ته ڏسون ڏٿ ڇا آهي؟ ڏٿ جهر جهنگ جي وڻن مان ملندڙ اهڙي اپت آهي جنهنکي هڪ رڇ خور ڪچو به کائي سگهجي ٿو ته ٻاڦي يا رڌي کائي سگهجي ٿو يا سڪائي کائي سگهجي ٿو. ڏٿ اهڙي قدرتي وٿ آهي جيڪا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود هوندي آهي پوءِ ڪهڙو به ڪارو ڏڪار ڇو نه پوي. ڏٿ ڳولهڻ لاءِ جهر جهنگ رلڻو پوي ٿو ۽ ڏونگر ڏورڻا پون ٿا. کاڌي جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ هيءُ مقامي اُپاءُ آهي جيڪو هٿ هيٺ وسيلن کي ڪتب آڻيندي ٻڙي لاڳت سان عمل ۾ آندو ويندو آهي.ايئن ڏٿ ڏورڻ جي انهي وارتا کي ڀٽائي هن طرح بيان ڪيو آهي؛
    پارئان پُڇي آءُ، خبر کاهوڙين جي،
    ڏوٿين ڏونگرئان، ڪنهن پرڏورئو ڏٿ کي.
    ايئن ڏاکڙن سان ڏوريل ڏٿ جي غذائي ڪٿ تمام ملهائتي آهي. ڏٿ ۾ وٽامن، پروٽين، فائبرسميت اهي سموريون شيون آهن جيڪي پيٽ جي دوزخ کي ترت ڀرڻ لاءِ ڪافي آهن. ڏٿ جي ٻي وڏي خاصيت اها آهي جو اهو اڪيلي رڇ طور واپرائي سگهجي ٿو. پاڻ کاڌو آهي ته پاڻ ئي اولڻ آهي.اچو ته ڏسون ڏٿ ڪهڙين وٿن جو اجتماعي نالو آهي. ڏٿ ۾ پاڙون، ميوا، ڦل ۽ پن شامل آهن، جن کي مجموعي طور ڏٿ چئبو آهي.
    پاڙدار ڏٿ ۾ پپون ۽ ڪونڊيرشامل آهن. اهي مرٽن ۽ سيڻن جي پاڙن ۾ ٿيندا آهن. پپون سائي رڱ جو پاڙون آهن جيڪي پهرين برسات پوڻ سان مورجي اچن ٿيون. پپن کي ڪچو به کاڌو ويندو آهي ته سلاد طور به.. ڪونڊير به مرٽن ۽ سيڻن جي پاڙن ۾ ٿيندڙ اهڙا پاڙونڊا آهن جيڪي ننڍڙا پٽاٽا لڳندا آهن. انهن کي به ڪڇو استعمال ڪيو ويندو آهي. پنن واري ڏٿ ۾ مريڙو، ٻگرو ۽ سالارو مشهور آهن جن کي ساڳ طور پچائي کاڌو ويندوآهي. آڙهڙ جي ڏينهن ۾ جڏهن لڪون لڳنديون آهن ۽ لڪ تپندا آهن، زمين شعلا پيئي اوڳاڇيندي آهي تڏهن به ٿر۾ ڪجهه وڻ آهن جيڪي ڏٿ جي فطرتي دولت سان جنجهه ٿي پونداآهن ۽ مارو ماڻهو ان مان سڱر، گل ۽ ميوا پٽي پاڻ به قوتاهو ڪندا آهن ته ڌڻ ڀٽاري کي به کارائيندا آهن ۽ مال نه رڳو متارو ٿي مچي پوندو آهي پر کير مان به وهي اٿي هلندو آهي. ڪنڊي جنهن جو نباتاتي نالو () آهي. تنهن ۾ ٻور ڇڻڻ کان جلد ئي سڱر لڳندو آهي ۽ ڪچيون سڱريون جن کي ٽويا چونداآهن تن جي ڀاڄي تمام گهڻي سوادي ۽ سوساڏي ٿيندي آهي. ٽويا پچي سڱر ٿينداآهن ته به ماڻهو ۽ مال ٻئي شوق سان کائيندا آهن ۽ سگهڙ عورتون سڱر کي ٻاڦي پوءِ سڪائي رکنديون آهن جيئن ڪمندائتا ڪم اچن. سڱر پچي کوکا ٿيندو آهي جيڪي ٻار شوق سان کائيندا آهن . اهڙي طرح ساڳي موسم ۾ ڪرڙ جي وڻ ۾ ڦل ٿيندا آهن تن کي پُسي چئبو آهي. انهي کي به رڌي کاڌو ويندو آهي جنهن جي سٺي غذائي ڪٿ آهي. پُسيءَ مان ڏونرا نڪري نروار ٿيندا آهن جيڪي پچائي يا ٻاڦي کائڻ سان گڏو گڏ سنڌيا ويندا آهن يعني انهن جو سانڌاڻو تيار ڪيو ويندو آهي. ڏونرا پچي پڪن ۾ تبديل ٿيندا آهن جن کي ٻار ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن ته پٺاڻ ۽ پڪن وارو ٽوٽڪو به ٿر ۾ مشهور آهي. ڄار هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن جي ٿرجي ڌرتيءَ سان ڄائي ڄم کان نسبت آهي ٿر ۾ مٺي ڄار ٿئي ٿي باقي ڪس واري علائقي ۾ ڪٿي ڪٿي کارا کٻڙ پڻ ڏيک ڏين ٿا. ٻور ڇڻڻ سان ڄار ۾ ڪڪڙ لڳن ٿا جيڪي ٿورو وڏا ٿين ٿا ۽ منجهن پاڻي پوي ٿو ته انهن کي ماڇڪ چيو ويندو آهي. ماڇڪ وڏا ٿي پيرونءَ ۾ تبديل ٿين ٿا ۽ انهن پيرن جا رنگن مطابق مختلف نالا ٿين ٿا جهڙوڪ؛ رتيا (ڳاڙها پيرون) سيڙهيا (پيلا ۽ اڇاڻ مائل پيرون) کهنبا (کهنبي رڱ وارا). پيرون پچڻ دوران وڏي تفريح وارو ماحول هوندو آهي ڇاڪاڻ ته اهڙن ڏکين ڏينهن ۾ واحد رسدار ميوو وڻن ۾ ٿئي ٿو. ڪنواريون گهر جي وڏين عورتن سان گڏجي پيرون چونڊڻ وينديون آهن ۽ ان دوران جيڪي ڳيت ڳائينديون آهن تن کي ڏورڪي سڏيو ويندو آهي، جيڪي انهن هڪجيڏين ۽ سرتين لاءِ ڳايون وينديون آهن جيڪي کانئن ڏور هونديون آهن. اهي ڏورڪيون ايتريون درديليون هونديون آهن جن کي سڻي من ميڻ ٿي پوندو آهي. پيرون مال کي به کاڌي طور ڏنا ويندا آهن. پيرن مان ڳڙ ٺاهيو ويندو آهي جيڪو انتهائي لذيذ ٿئي ٿو . پيرن کي سڪائي ڪوڪڙٺاهي محفوظ ڪري رکيو ويندو آهي جيئن ڪمندائتو کائي سگهجي. ائين ساڏوهين جي ڏنگن ڏارن ۾ ٿيندڙ هي املهه ڏٿ به مارن لاءِ وڏي وٿ رهيو آهي.
    گاهن ۾ به ڪافي اهڙا گاهه آهن جيڪي جتي مال جو چارو آهن ته ماضيءَ ۾ ڏٿ جي شڪل ۾ انسانن به ان کي کاڌي طور واپرايو آهي. ڀُرٽ، مُرٽ، ٻَرُو، سائون اهڙن گاهن ۾ اهم آهن. انهن جي سنهڙن سنگن مان سنهڙن داڻن کي وڏي محنت سان ڪڍي پوءِ ان کي پيهي ان جي اٽي جي ماني پچائي کائڻ وڏو محنت طلب ڪم آهي پر انهي جو سواد ۽ غذائي ملهه اپر آهي.
    ان کان سواءِ وسڪاري جي مند ۾ ٿيندڙگوار، ڇانهان، چڀڙ، گدريون ڪٽي سنهيون سنهيون ڦارون ڪري سڪايا ويندا آهن جن کي ڪاچريون سڏيو ويندو آهي. اهڙي طرح محفوظ ٿيل ڪاچريون به ڪمندائتيون کائي سگهجن ٿيون ۽ ڪنهن سڙيل ٽماٽي يا گٽر جي پاڻي ۽ هٿراڌو ڀاڻ تي ٿيندڙٻين ساين ڀاڄين کان سئو ڀيرا سُٺيون آهن. ڦوڳن جي ڦوڳيسي به رڌي کائڻ ۾ سوادي ٿئي ٿي . اها الڳ ڳالهه آهي ته ڦوڳ يا ته اُڌڙي ختم ٿي ويو آهي يا باقي ورلي ڪٿي ڪو وڃي بچيو آهي. ڪنهن وقت ته ٽوهن کي زمين ۾ ٻوري ڪريون مٺيون ڪري ان جي اٽي مان ماني پچائي ويندي هئي، جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ هئي.
    انهي ڏٿ سان گڏوگڏ ٿري ماڻهو ڪونڀٽن جو کونئر پڻ رڌي کائيندا هئا جنهن مان سندن جسم کي سگهه ملندي هئي ته جسم جي سورکان به اهي بچيل رهندا هئا.
    ڏٿ ڏورڻ ڏکيو آهي پر هن دور ۾ جڏهن دنيا مارڪيٽ اڪناميءَ جي ڪاڪ محل ۾ ڦاسڻ کان پوءِ وري به فطرت ڏانهن مائل آهي ته هنن املهه وٿن يعني ڏٿن جي اهميت وڌي ٿي وڃي. دنيا ۾ ڀاڻ کانسواءِ اپايل ڀاڄيون مهانگي اگهه تي خريد ڪيون وڃن ٿيو ن ته پوءِ اسان کي هن قدرتي دولت کان ڪو سيڪو يا عار نه ڪرڻ گهرجي. هن وقت ٿر ۾ جيئن کاڌي جي کوٽ ۽ ٻارن جا موت موجوده صورتحال جا مهري ٿيا آهن ۽ ٿر جهڙي نڪور ڌرتيءَ تي جيڪا چرپر ٿي رهي آهي سا ان کي وڏي مارڪيٽ ۾ تبديل ڪرڻ ڏانهن وٺي پيئي وڃي. بازاري معيشيت جي انهي دوزخ ۾ ٿرجي صورت هونئن ئي تبديل ٿيڻي آهي. ٿي سگهيٿو ٿر ٻيهر اهڙو خوشحال ٿي پوي جهڙو اهو 2000 ورهيه اڳي هو ، جنهن ۾ پاري نگر کان وٺي راهومڪي بازار تائين وسنڊڙ سامونڊي ڪنارو هو جنهن ۾ ڪجلاسر جهڙا ترڻ تلاءَ هوندا هئا جن ۾ بنا ڪنهن جهل پل جي هرڪو وهنجندو هو. ان وقت ۾ شايد يورپ ۾ به ايڏي چرپر نه هوندي هئي. ڏٿ جي تڏهن به اهميت هئي ته اڄ به ڏٿ وڏي وٿ آهي. اسان کي پنهنجي ڌرتي ۽ ان تي موجود قدرتي دولتن جي ڌڻيپ ڪرڻ جو سوچڻو آهي، ڀريءَ بازار ۾ ڏٿن ، ڏونرن کي استعمال ۾ آڻيندي نه رڳو انهن کي بچائڻو آهي پر پنهنجي ڏيا، ڏات ۽ ڪاريگري۽ کي ڪم آڻيندي دنيا جي تيز هلندڙ چرخي سان قدم ۾ قدم ملائي هلڻو آهي. اهڙي اڙانگي سفر ۾ اسانکي لطيف سائين جو کاهوڙين جي صورت ۾ڏٿ لاءِ ڏوريل ڏاکڙو ياد رکڻو پوندو.

    جيڪو ڏٿ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو،
    ڇپرڪين ڏي، سوکڙيون سُتن کي.


    ٿر جو ڪوئلو: مُلڪي ترقيءَ جو ضامن

    ٿر جو ڪوئلو: مُلڪي ترقيءَ جو ضامن

    ٿرپارڪر پنهنجو پاڻ ۾ نيارپ رکندڙ اهڙو پهڳڻ خطو آهي جهنجي مهانتا ۽ مشهوري صدين کان پرکنڊين پڌري رهندي آئي آهي. هِن خطي م ڪارونجهر جهڙا اربين سال جهونا جبل آهن ته پارڪر جو مٺيهاڻو ميداني زرخيز پٽ به آهي. ٿر ۾ واريءَ جون قطب نما جهڙيون ڀٽون، اُنهن جا ڳاٽ، اوچا ۽ پاساڙا آهن ته ٿرڪول ۽ پوڇانڊا به اوترائي اهم آهن. پارڪي جي ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي. جيڪو ڪنهن وقت سنڌو جي نارهو ۽ سنڪدر مقدوني به پنهنجا ٻيڙا اِن نار ۾ گهيڙيا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته کيس سندس ماءُ جو منهن به نصيب نه ٿيو ۽ مُني دنيا فتح ڪندڙ هي شخص 33 سال جي ننڍڙي عمر ۾ وچ واٽ تي پيالو پي ويو. ڪڇ جي رڻ تي ڪيئي ملهابا ٿيا نيٺ ڪُجهه حصو اسان کي مليو ۽ اڃا به ڪي حصا متنازعا سڏجن ٿا. ڪڇ جي رڻ سان لڳندڙ پٽيءَ کي ”وٽ“ چوندا آهن ۽ انهي پٽيءَ ۾ پاڻي مٿاڇري کي ويجهو هئڻ ڪري وڻ ٽڻ ڀلا ٿين ٿا تنهنڪري هتان جون سيمون چوپائي مال توڙي باقي جهنگل جيوت جي جٽاو لاءِ خوشگوار آهن. وٽ سان لڳو لڳ اهڙو ئي زرخير خطو ”سامروٽي“ آهي جيڪو مِٽيءَ تان پکڙيل آهي. سامروٽيءَ جي اتر اولهه ۾ ”ونگو“ آهي. جيڪو ڪنهن وقت ڀري تري بازار هوندي هئي جنهن جي اُتر اولهه ۾ ولاسو واقع آهي. ونگي جي منهن کان وٺي هڪڙي سنهي پٽي نڪري ٿي جيڪا عمرڪوٽ ضلعي تائين ڦهليل آهي اهو علائقو ڪس آهي ۽ هيءَ ڪس ٿر جي مهراڻي ۽ سنڌوءَ تي سيراب ٿيندڙ خطي کي پاڻ ۾ ملائي ٿو. مُهراڻي کان اوڀر ڏکڻ ”ڪنٺو“ نام ڪنٺو آهي، جنهن کي ”سينٽرل ٿر“ چئي سگهجي ٿو. ڪنٺي جي اوڀر ۽ پارڪر جي اُتر ۾ ڇاڇراٽي وارو ”ڍٽ“ آهي. جنهن جي اُتر ۾ کائڙ جي نالي سان سڏيو ويندڙ علائقو اچي وڃي ٿو. ٿرپارڪر تي پرمارن، راٺوڙن ، سومرن ، ٽالپرن ۽ برطانوي گورن حڪومت ڪئي. باقي ڪلهوڙن جيڪي مذهبي واٽ وٺندي ”ميان“ مان ”شاهه“ بنيا هئا تن يا ته هتي لڪي اچي پناهه ورتي هئي يا هتان جي ننگن ۾ لالچ رکندي ڪڏهن ڪڇ جي راءَ کان سڱ گهريو هو ته ڪڏهن ونگي جي نهڙين تي پنهنجي ڪمن اُڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ٻنهي طرفن کان کين ناڪامي ٿي هئي ۽ سندن ڪاموري ديوان ٽيڪراءِ کي ٿر جي غيور نهڙين گهوٽو ڏنو هو. ڪلوئي ويجهو سندس ماڙيءَ جا آثار اڄ به هرانيدڙ هٻڇي حڪمران لاءِ سبق ڀريو عبرتناڪ مثال آهن. ٽالپرن هتي ٽئڪس اوڳاڙيءَ لاءِ گڍ ٺهرايا جيڪي نئين ڪوٽ جي قلعي کان شروع ٿي مٺي، اسلامڪوٽ، چيلهار، سينگارو کان کڏيءَ جي گڍ تائين هڪڙي دفاعي لڪير ۾ تهمر ٿيل آهن جتان ٿر جي اُترئين توڙي ڏاکڻين حصي کي رسي سگهجي ٿو. ميرن کان پوءِ آيل برطانوي گورن کي دهليءَ ۾ ٿيل بلوي جي طرز جي بغاوت سان 1859 ۾ پارڪر ۾ مُهاڏو ڏيڻو پيو هو ۽ چئن ڇانوڻين جي فوج مس وڃي چند پارڪري جوڌن کي ماري مڃايو هو. 1971 جي جنگ ۾ هتان جي ڪافي آبادي لڏي هندستان هلي ويئي جنهن ۾ ٺڪرن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ هو. ٺڪرن جي ايتري پُڄاڻي لڏپلاڻ جتي پيڙهيل طبقن جي هندن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ڏنو اُتي ماحوليات جي مالڪيءَ لاءِ متبادل ڌر جي نه هجڻ ٿر جي سيمن ۽ چراگاهن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. ٿر هر 5 سال ۾ ايندڙ ٻن ڏڪارن جي سندا سهندو رهيو تان جو ٿر ۾ روڊن جو ڄار ٺهڻ شروع ٿيو . بئراجي پاڻيءَ جي پائيپ لائين پهچائي ٿي ويئي، سيليولر فون ۽ سيٽلائيٽ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، دُنيا کان ڪٽيل خطي کي دُنيا جي ”ٻڌي چوڙي“ وارن هندن سان ملائي ڇڏيو ۽ ترقيءَ جو عمل تيزيءَ سان پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان ٿيو. غيرسرڪاري ادارن به هن علائقي جي Communication Gap کي گهٽائڻ ۾ چڱو موچارو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪنهن وقت پٺتي پئل ۽ دُنيا کان وسريل خطو اڃا تڏهن وڌيڪ اُجاگر ٿيو جڏهن هتي سازدا پاران ٻنين جي پاڻيءَ جي کوجنا واري رٿا دوران 1989 ۾ ڪوئلي جي نشاندهي ٿي ۽ پاڪستان ارضياتي سروي 1990 جي شروع ۾ ئي 4 بلاڪ نروار ڪيا ۽ 1993 ۾ آمريڪا جي کاڻين بابت مشهور ماهرن پاران هن ذخيري جي ڪاٿي جي تصديق ڪئي ويئي. آگسٽ 2004 ۾ چيني ڪمپني مشيرز شينهوا ڪارپوريشن هن ذخيري جي فني ۽ اقتصادي اهميت جي پڪ ڪئي پر اها ڪمپني ڪن رُڪاوٽن جي ڪري هٿ ڪڍي ويئي. 2004 ۾، سنڌ حڪومت پهرئين بلاڪ ۾ جرمنيءَ جي فرم کان ڪوئلي جو اڀياس ڪرايو ۽ تنهن کانپوءِ سنڌ ڪول اٿارٽي بين القوامي ڪمپنين جي مدد سان 8 بلاڪ نروار ڪيا، اهڙي ريت هن وقت تائين ڪوئلي جا 12 بلاڪ نروار ٿي چڪا آهن ۽ 175 بلين ٽن ڪاروسون ٿر جي 9000 چورس ايڪڙن هيٺ ڪاري نانگ جيان ڇپ ڪيو پيو آهي ۽ دنيا جي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيئي ريهو آهي ته انهي ڪاري سون کي ڌرتي جي مٿاڇري تي آندو وڃي جئين دنيا ۾ پئدا ٿيل عموما ۽ پاڪستان ۾ پئدا ٿيل خصوصا توانائي بحران کي منهن ڏيئي سگهجي ۽ هيءُ ڪوئلو سعودي عرب ۽ ايران جي تيل جي ذخيرن کان ججهو آهي. ۽ پاڪستان جي گئس جي ڪل ذخيرن کان 68 هوڻو آهي. هن ڪوئلي ۾ 45% گهم آهي 1.19% گندرف آهي ۽ گرمجڻ قدر 11.6% MJ في ڪلو گرام آهي. نروار ڪيل 12 بلاڪن مان 4 بلاڪ ڪم ڪار لاءِ ڏنا ويا آهن جن ۾ 5 بلاڪ تي گئسيفڪيشن وارو ڪم هلندڙ آهي. جنهن تي تمام گهڻي لاڳت اچي چُڪي آهي. پر اُن جي اُپت متعلق مختلف شعبن ۽ فني ماهرن پاران سوال اُٿاريا ويا آهن. بلاڪ نمبر 2 تي سنڌ حڪومت ۽ اينگروڪول مائننگ ڪمپني پاران گڏيل ڪم ڪار شروع ٿيڻو آهي جنهن جي گرائونڊ بريڪنگ سيريمني 31 جنوري 2014 تي ٿرجي ڪول فيلڊ واري خطي ۾ منقعد ڪئي پيئي وڃي . کليل کاڻ وسيلي ڪوئلي جي کوٽائي جو هيءَ ڪم اڳتي هلي هن علائقي جي ترقيءَ ۾ تمام اهم ڪردار ڪندو ڇو ته انهي ڪوئلي تي بجلي گهر قائم ڪيو ويندو جيڪو توانائي جي بحران تي ضابطو رکڻ ۾، مددگار ثابت ٿيندو. ڪوئلي جي ذخيري تائين پهچ ۽ سيڙپڪارن کي سهوليتڪاري ڏيڻ لاءِ ايئرپورٽ، روڊ نيٽ ورڪ، ٿرلاج جهڙا منصوبا تيار ٿي چُڪا آهن ۽ ريل وڇائڻ ۽ پاڻي پهچائڻ جو ڪم جاري آهي ۽ اهو ڪم پنهنجي طئه ٿيل رفتار سان هلندو رهيو ته توقع آهي ته هن منصوبي مان 2015-2016 تائين بجلي پئدا ٿيڻ شروع ٿي ويندي. جنهن جي روشني ۽ سگهه ٿرپارڪر کي، سنڌ کي مالڪ کي معاشي طور پاڻ ڀرو بنائڻ ۾ يقينا پنهنجي اهم ڪردار نباهيندي . اهڙي طرح هي وڏا منصوبا جتي ترقيءَ جي اهم نويد آهن. تتي جيڪڏهن اُنهن کي سجاڳي، سوچ سمجهه ۽ مشاورت سان نه لاٿو ويو ته تباهيءَ جو ڪارڻ به بنجي سگهن ٿا. خصوصا واسطيدار علائقي لاءِ . تنهنڪري هنڏن اجگر منصوبن جي رٿابندي جي راڄن جي راءِ جو شامل هجڻ ضروري آهي. ۽ اُن کي گڏيل راءِ وسيلي جيڪي فيصلا ٿيندا سي جٽادار ۽ ججهن ماڻهن لاءِ فائديمند هوندا ۽ اهڙن منصوبن جو لاڀ حاصل ڪندڙ اُتان جي مقامي آبادي هوندي اُهي غريب مسڪين ماڻهو هوندا جن جون ٻنيون ٻارا، گهر گهاٽ، سيمون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه مُتاثر ٿيندو ۽ ٿر جو ماڻهو ته مسڪين مارو آهي جيڪو يا ته مال چاريندڙ ۽ ڌارايندڙ آهي يا وري جڏهن رحمت جو ڪڪر وسي ٿو ته ڌرتيءَ جو سينو کيڙي پنهنجي گذر سفر کي ڳولهڻ ڦولهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. تنهنڪري هن منصوبي کي صوبي جي بهتريءَ لاءِ عموما ۽ مارئيءَ جي ملڪ جي ترقي لاءِ خصوصا لاڀدائڪ بنائڻ لاءِ ڪجهه گذارشون پيش ڪجن ٿيون.
    • سنڌ حڪومت کي هِن منصوبي جي سلسلي ۾ بااختيار بنايو وڃي ڇاڪاڻ ته معدنيات صوبائي معاملو آهي جيتريون فني رُڪاوٽون يا پيچيدگيون آهن. سي دور ڪيون وڃن.
    • ٿر ڪول انرجي بورڊ ۾ ڪميونٽي جي نمائندي طور ڪنهن ماهر ۽ ٿر جي هڏڏوکي ماڻهوءَ جي نمائندگي مقرر ڪئي وڃي.
    • سنڌ ڪول اٿارٽيءَ ۾ ٿر مان چونڊيل نمائندن خصوصا ڪوئلي جي علائقي مان .............. کي کنيو وڃي جئين فيصلي سازيءَ ۾ راڄن جي راءِ کي شامل ڪري سگهجي.
    • کليل کاڻين وسيلي کوٽائي بابت ماحولياتي اڀياس ۾ ٿر جي زيرزمين پاڻي ۽ بائيو ڊائيورسٽي ۽ مجوعي کي ڌيان ۾ رکيو وڃي،.
    • متاثر ڌرين انساني آبادي، چوپائي مال، جهنگلي جيوت ماحول جي آبادڪاريءَ لاءِ ٺهندڙ پاليسيءَ ۾ هنن ڳالهين جو خاص خيال رکيو وڃي.
    - اها پاليسي عوامي نوعيت جي هجي نه ئي ڪنهن ڪمپنيِءَ کي سهوليتڪاري ڏيندڙ پاليسي، تنهنڪري اهڙي اهم دستاويز جو هڪ هڪ صرف عوامي اُمنگن ۽ مفادن جو ترجمان هجي. سيڙپڪار جي مفادن کي بلڪل تحفظ ڏنو وڃي پر ترجيح عوام کي هجي. اُهو ٿري عوام جنهن سڄي عمر هن ملڪ جي ڀلي لاءِ دعائون گهريون آهن. ۽ سڀ کان وڌيڪ حب الوطن هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي. مارئي اُن حب الوطنيءَ جو عظيم مثال آهي.
    - مقامي آباديءَ جي زمين کي ملهه ڏيئي خريدڻ بجاءَ ليزتي ورتو وڃي ۽ اُن ليز کي مارڪيٽ اگهن مطابق هر 10 سالن کانپوءِ نئون ڪيو وڃي.
    - سموري زمين جيڪا متاثر هئڻ جي دائري ۾ اچي تنهن جي اڪئزيشن ۾ شفاف بنائڻ لاءِ هڪ الڳ لئنڊ اڪئيزيشن يونٽ هئڻ گهرجي جيڪو تربيت يافته ۽ عوام جي هڏڏوکي هجي.
    - انساني وسيلن جي سلسلي ۾ صحت، تعليم ۽ پاڻي جي شعبي لاءِ اهم رٿائون شامل ڪيون وڃن جن ۾ ”ماءُ ۽ ٻار جي صحت“ ۽ عورتن کي محور بنايو وڃي.
    - مقامي سطح تي جيڪي فيصلي سازي جا ادارا جوڙيا وڃن تن ۾ عورتن، ٻارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندگي رکي وڃي.
    - پاليسيءَ ۾ ڊگهي مدت ۽ مختصر مدت وارين رٿائن کي رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪوئلي کي کوٽائي ۽ اُن مان ٺهندڙ بجلي جو ڪم هڪڙو مرحليوار عمل آهي جيڪو سالن تائين جاري رهندو.
    - جيڪي ماڻهو کوٽائي جي اثر هيٺ اچن تن جي ٻيهر آبادڪاري لاءِ کين سندن چونڊ جو هنڌ ۽ آباد ٿيڻ جا اخراجات ڏنا وڃن.
    - مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي سلسلي ۾ ترجيح ڏني وڃي.
    - عام ماڻهوءَ جي اُهنج ايذاءُ جي تلافي ڪرڻ لاءِ دُنيا ۾ رائج سرشتي کي نظر ۾ رکندي جوڙجڪي ڍانچو جوڙيو وڃي.
    - پُراڻي لينڊ گرانٽ پاليسيءَ تي نظرثاني ڪندي اُن کي عصري تقاضائن ۽ مارڪيٽ جي اُصولن پٽاندڙ بنايو وڃي.
    - اثر هيٺ ايندڙ آباديءَ جي گذران جي وسيلن جو خيال رکيو وڃي.
    - ڪوئلي جي کوٽائي، ترقي، بجلي پئدا ڪرڻ ۽ ٻئي اهڙي ڪم ڪار جنهن جو راڄن سان سڌو سنئون تعلق هجي. جهڙوڪ پاليسي، ، طريقه ڪار جا ڪاغذ پٽ تن کي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪرايو وڃي جئين عام ماڻهو اُن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي.
    • راڄن جا ماڻهو جيترو هن ڪم ۾ شامل هوندا ۽ فيصلي سازي ۾ سندن ڪردار هوندو اوترو ئي هي، منصوبو ڪارگر ۽ ڪامياب ويندو.
    • هن سموري منصوبي ۾ شهيد محترم بينظير ڀٽو پاران ڪيل افتتاح دوران پيش ڪيل vision کي مندنظر رکيو وڃي.

    اهي چند گذارشات آهن ۽ اڃا کوڙ ساريون ٻيون ڳالهيون آهن جيڪي هِن منصوبي جي بهتري لاءِ ڪم اچي سگهن ٿيون. جيڪڏهن سنڌ جو ويزاعليٰ سيد قائم علي شاهه به فني رُڪاوٽن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ کين هيڏي وڏي منصب تي هئڻ باوجود اهڙيون ڏکيائون درپيش اچن ٿيون ته پوءِ ٿهري تڙ جي چاچي مٺن هاليپوٽي، جيئندي درس جي خير محمد درس ۽ ابن تڙ جي اسماعلي لنجي ، سينگاري جي ڀيلن ۽ سيزيءَ جي درسن سميت سموري ڳوٺن جي مارو ماڻهن جي دانهن ڪوڪ جو مداوا ڪير ڪندو. تنهنڪري انهن سمورين ڳالهين جو بُنياد کان ئي خيال رکيو وڃي جئين هيءَ اهم منصوبو ملڪي ترقي جي گاڏيءَ کي اڳتي ڌڪڻ سان گڏوگڏ هن غربت سٽيل علائقي جي ماڻهن جي صدين کان ڏٺل سنهري خوابن جي تعمير بنجي سگهي.


    چين پاڪستان اقتصادي راهداري ۽ ٿر جو ڪوئلو

    چين پاڪستان اقتصادي راهداري ۽ ٿر جو ڪوئلو

    پاڪستان ۽ چين جي دوستي تمام پُراڻي آهي جنهن کي اڃا تائين ڪنهن طوفان نه لوڏيو آهي. ٻئي ملڪ هڪٻئي جي وقت به وقت مدد ڪندا رهيا آهن. چين پنهنجي مخصوص اقتصادي ۽ صنعتي حڪمت عملي وسيلي سرمائي دار ملڪن جي وچ ۾ جيڪو پنهنجو سڪو مڃرايو آهي تنهن موڙيوادي مارڪيٽ کي ڀنواٽي ڏيئي ڇڏي آهي. تازو پاڪستان ۽ چين وچ۾ مختلف قسمن جا سمجهوتا ڪيا پيا وڃن. هڪ وڏو منصوبو جيڪو ميڊيا ۾ پاڪ چين اقتصادي ڪاريڊور طور مشهور آهي تنهن به ڪافي هلچل مچائي آهي.پاڪستان جي اقتصادي پاڻ ڀرائپ لاءِ وڏو موقعو آهي. هن منصوبي جي حڪمت عمليائي جوڙجڪ پاڪستان کي وڌيڪ سگهارو ڪندي ۽ خطي ۾ ان جو رول اڳ کان به وڌيڪ اهم ٿي اُڀرندو. هي صرف راهداري ناهي جنهن ۾ ڪو هڪ روڊ رستو ٺاهي ٻنهي ملڪن کي ڳنڍيو وڃي پر هي هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن وسيلي انفرااسٽرڪچر، توانائي، گوادر ۽ صنعتي شعبي ۾ تمام گهڻي ترقي متوقع آهي.
    چين پاڪستان اقتصادي راهداريءَ وسيلي جيڪا سيڙپڪاري ملڪ ۾ ايندي ان ۾ ٿر جو ڪوئلو به شامل آهي. ميڊيا جي رپورٽن مطابق 21 ڊسمبر تي چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيندڙ هڪ معاهدي هيٺ 820 ڊالر جي سيڙپڪاريءَ وسيلي کاڻ کوٽائي جو ڪم ڪيو ويندو ۽ ٿر ۾ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر قائم ڪيو ويندو . اها سيڙپڪاري بلاڪ 2 ۾ مٿاڇري واري کاڻ کوٽائيءَ ۽ بجلي گهر قائم ڪرڻ لاءِ آهي جتي سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپنيءَ ڪوئلي جي کوٽائيءَ واري عمل ۾ مصروف آهي . هن معاهدي ۾ چين ۽ پاڪستان جو بئنڪاري شعبو به شامل آهي . اهڙي طرح اهو هڪ چڱو موچارو اقتصادي عمل هوندو جنهن سان ملڪ جي نه رڳو توانائي واري شعبي تي اثر پوندا پر ٻيا پاسا اثر هيٺ ايندا. تنهن لاءِ اچو ته ٿر جي ڪوئلي جي پس منظر کي ڏسون.
    ٿرپارڪر پنهنجو پاڻ ۾ نيارپ رکندڙ اهڙو ٻهڳڻ خطو آهي جنهنجي مهانتا ۽ مشهوري صدين کان پرکنڊين پڌري رهندي آئي آهي. هِن خطي م ڪارونجهر جهڙا اربين سال جهونا جبل آهن ته پارڪر جو مٽيهاڻو ميداني زرخيز پٽ به آهي. ٿر ۾ واريءَ جون قطب نما جهڙيون ڀٽون، اُنهن جا ڳاٽ، اوچا ها ۽ پاساڙا آهن ته ٿرڪول ۽ پوڇانڊا به اوترائي اهم آهن. پارڪر جي ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي. جيڪو ڪنهن وقت سنڌو ءَ جي نارهو ۽ سنڪدر مقدوني به پنهنجا ٻيڙا اِن نار ۾ گهيڙيا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته کيس سندس ماءُ جو منهن به نصيب نه ٿيو ۽ مُني دنيا فتح ڪندڙ هي شخص 33 سال جي ننڍڙي عمر ۾ وچ واٽ تي پيالو ڪري ويو. ڪڇ جي رڻ تي ڪيئي ملهالابه ٿيا نيٺ ڪُجهه حصو اسان کي مليو ۽ اڃا به ڪي حصا متنازعا سڏجن ٿا. ڪڇ جي رڻ سان لڳندڙ پٽيءَ کي ”وٽ“ چوندا آهن ۽ انهي پٽيءَ ۾ پاڻي مٿاڇري کي ويجهو هئڻ ڪري وڻ ٽڻ ڀلا ٿين ٿا تنهنڪري هتان جون سيمون چوپائي مال توڙي باقي جهنگل جيوت جي جٽاءَ لاءِ خوشگوار آهن. “وٽ” سان لڳو لڳ اهڙو ئي زرخير خطو ”سامروٽي“ آهي جيڪو مِٺي شهر تائين پکڙيل آهي. سامروٽيءَ جي اتر اولهه ۾ ”ونگو“ آهي. جيڪو ڪنهن وقت ڀري تري بازار هوندي هئي جنهن جي اُتر اولهه ۾ ولاسو واقع آهي. ونگي جي منهن کان وٺي هڪڙي سنهي پٽي نڪري ٿي جيڪا عمرڪوٽ ضلعي تائين ڦهليل آهي اهو علائقو “ڪس” آهي ۽ اهو ڪس ٿر جي مهراڻي ۽ سنڌوءَ تي سيراب ٿيندڙ خطي کي پاڻ ۾ ملائي ٿو. مُهراڻي کان اوڀر ڏکڻ ”ڪنٺو“ نام ڪٺو آهي، جنهن کي ”سينٽرل ٿر“ چئي سگهجي ٿو. ڪنٺي جي اوڀر ۽ پارڪر جي اُتر ۾ ڇاڇراٽي وارو ”ڍٽ“ آهي. جنهن جي اُتر ۾ کائڙ جي نالي سان سڏيو ويندڙ علائقو اچي وڃي ٿو. ٿرپارڪر تي پرمارن، راٺوڙن ، سومرن ، ٽالپرن ۽ برطانوي گورن حڪومت ڪئي. باقي ڪلهوڙن، جيڪي مذهبي واٽ وٺندي ”ميان“ مان ”شاه“ بنيا هئا تن يا ته هتي لڪي اچي پناهه ورتي هئي يا هتان جي ننگن ۾ لالچ رکندي ڪڏهن ڪڇ جي راءَ کان سڱ گهريو هو ته ڪڏهن ونگي جي نهڙين تي پنهنجي ڪمند اُڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ٻنهي طرفن کان کين ناڪامي ٿي هئي ۽ سندن ڪاموري ديوان ٽيڪراءِ کي ٿر جي غيور نهڙين گهوٽو ڏنو هو. ڪلوئي ويجهو سندس ماڙيءَ جا آثار اڄ به هرايندڙ هٻڇي حڪمران لاءِ سبق ڀريو عبرتناڪ مثال آهن. ٽالپرن هتي ٽئڪس اوڳاڙيءَ لاءِ گڍ ٺهرايا جيڪي نئين ڪوٽ جي قلعي کان شروع ٿي مٺي، اسلامڪوٽ، چيلهار، سينگارو کان کڏيءَ جي گڍ تائين هڪڙي دفاعي لڪير ۾ تعمر ٿيل آهن جتان ٿر جي اُترئين توڙي ڏاکڻين حصي کي رسي سگهجي ٿو. ميرن کان پوءِ آيل برطانوي گورن کي دهليءَ ۾ ٿيل بلوي جي طرز جي بغاوت سان 1859 ۾ پارڪر ۾ مُهاڏو ڏيڻو پيو هو ۽ چئن ڇانوڻين .... حيدرآباد، ڪراچي، احمد آباد ۽ ڏيسا......جي فوجن مس وڃي چند پارڪري جوڌن کي ماري مڃايو هو. 1971 جي جنگ ۾ هتان جي ڪافي آبادي لڏي هندستان هلي ويئي جنهن ۾ ٺڪرن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ هو. ٺڪرن جي ايتري پججهي تعداد ۾ لڏپلاڻ جتي پيڙهيل طبقن جي هندن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ڏنو اُتي ماحوليات جي مالڪيءَ لاءِ متبادل ڌر جي نه هجڻ ، ٿر جي سيمن ۽ چراگاهن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. ٿر هر 5 سال ۾ ايندڙ ٻن ڏڪارن جي سزا سهندو رهيو تان جو ٿر ۾ روڊن جو ڄار ٺهڻ شروع ٿيو . بئراجي پاڻيءَ جي پائيپ لائين پهچائي ٿي ويئي، سيليولر فون ۽ سيٽلائيٽ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، دُنيا کان ڪٽيل خطي کي دُنيا جي ”ٻڌي چوڙي“ وارن هندن سان ملائي ڇڏيو ۽ ترقيءَ جو عمل تيزيءَ سان پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان ٿيو. غيرسرڪاري ادارن به هن علائقي جي Communication Gap کي گهٽائڻ ۾ چڱو موچارو ڪردار ادا ڪيو . ڪنهن وقت پٺتي پئل ۽ دُنيا کان وسريل خطو اڃا تڏهن وڌيڪ اُجاگر ٿيو جڏهن هتي سازدا پاران جر جي پاڻيءَ جي کوجنا واري رٿا دوران 1989 ۾ ڪوئلي جي نشاندهي ٿي ۽ پاڪستان ارضياتي سروي 1990 جي شروع ۾ ئي 4 بلاڪ نروار ڪيا ۽ 1993 ۾ آمريڪا جي کاڻين بابت مشهور ماهرن پاران هن ذخيري جي ڪاٿي جي تصديق ڪئي ويئي. آگسٽ 2004 ۾ چيني ڪمپني مشيرز شينهوا ڪارپوريشن هن ذخيري جي فني ۽ اقتصادي اهميت جي پڪ ڪئي پر اها ڪمپني ڪن رُڪاوٽن جي ڪري هٿ ڪڍي ويئي. 2004 ۾، سنڌ حڪومت پهرئين بلاڪ ۾ جرمنيءَ جي فرم کان ڪوئلي جو اڀياس ڪرايو ۽ تنهن کانپوءِ سنڌ ڪول اٿارٽي بين الاقوامي ڪمپنين جي مدد سان 8 بلاڪ نروار ڪيا، اهڙي ريت هن وقت تائين ڪوئلي جا 12 بلاڪ نروار ٿي چڪا آهن ۽ 175 بلين ٽن ڪاروسون ٿر جي 9000 چورس ايڪڙن هيٺ ڪاري نانگ جيان ڇپ ڪيو پيو آهي ۽ دنيا جي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيئي رهيو آهي ته انهي ڪاري سون کي ڌرتي جي مٿاڇري تي آندو وڃي جئين دنيا ۾ پئدا ٿيل عموما ۽ پاڪستان ۾ پئدا ٿيل خصوصا توانائي بحران کي منهن ڏيئي سگهجي ۽ هيءُ ڪوئلو سعودي عرب ۽ ايران جي تيل جي ذخيرن کان ججهو آهي. ۽ پاڪستان جي گئس جي ڪل ذخيرن کان 68 هوڻو آهي. هن ڪوئلي ۾ 45% گهم آهي 1.19% گندرف آهي ۽ گرمجڻ قدر 11.6%MJ في ڪلو گرام آهي. نروار ڪيل 12 بلاڪن مان 4 بلاڪ ڪم ڪار لاءِ ڏنا ويا آهن جن ۾ 5 بلاڪ تي گئسيفڪيشن وارو ڪم هلندڙ آهي. جنهن تي تمام گهڻي لاڳت اچي چُڪي آهي. پر اُن جي اُپت متعلق مختلف شعبن ۽ فني ماهرن پاران سوال اُٿاريا ويا آهن.
    بلاڪ نمبر 2 تي سنڌ حڪومت ۽ اينگروڪول مائننگ ڪمپني پاران گڏيل ڪم ڪار هلي رهيو آهي جنهن جي گرائونڊ بريڪنگ تقريب 31 جنوري 2014 تي ٿرجي ڪول فيلڊ واري هنڌ وزيراعظم ميان محمد نواز شريف پاران ٿي . ساڻس محترم آصف علي زرداري پڻ ساڻ هو .
    کليل کاڻ وسيلي ڪوئلي جي کوٽائي جو هيءَ ڪم اڳتي هلي هن علائقي جي ترقيءَ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪندو ڇاڪاڻ ته انهي ڪوئلي تي بجلي گهر قائم ڪيو ويندو جيڪو توانائي جي بحران تي ضابطو رکڻ ۾، مددگار ثابت ٿيندو. ڪوئلي جي ذخيري تائين پهچ ۽ سيڙپڪارن کي سهوليتڪاري ڏيڻ لاءِ ايئرپورٽ، روڊ نيٽ ورڪ، ٿرلاج جهڙا منصوبا تيار ٿي چُڪا آهن ۽ ريل وڇائڻ ۽ پاڻي پهچائڻ جو ڪم جاري آهي ۽ اهو ڪم پنهنجي طئه ٿيل رفتار سان هلندو رهيو ته توقع آهي ته هن منصوبي مان 2015-2016 تائين بجلي پئدا ٿيڻ شروع ٿي ويندي. جنهن جي روشني ۽ سگهه ٿرپارڪر کي، سنڌ کي مالڪ کي معاشي طور پاڻ ڀرو بنائڻ ۾ يقينا پنهنجي اهم ڪردار نباهيندي . اهڙي طرح هي وڏا منصوبا جتي ترقيءَ جي اهم نويد آهن. تتي جيڪڏهن اُنهن کي سجاڳي، سوچ سمجهه ۽ مشاورت سان نه لاٿو ويو ته اهي منصوبا تباهيءَ جو ڪارڻ به بنجي سگهن ٿا، خصوصا واسطيدار علائقي لاءِ . تنهنڪري هيڏن اجگر منصوبن جي رٿابندي ۾ علائقي جي راڄن جي راءِ جو شامل هجڻ ضروري آهي. اهڙي گڏيل راءِ وسيلي جيڪي فيصلا ٿيندا سي جٽادار ۽ ججهن ماڻهن لاءِ فائديمند هوندا ۽ اهڙن منصوبن جو لاڀ حاصل ڪندڙ اُتان جي مقامي آبادي هوندي .اُهي غريب مسڪين ماڻهو هوندا جن جون ٻنيون ٻارا، گهر گهاٽ، سيمون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه مُتاثر ٿيندو ۽ ٿر جو ماڻهو ته مسڪين مارو آهي جيڪو يا ته مال چاريندڙ ۽ ڌارايندڙ آهي يا وري جڏهن رحمت جو ڪڪر وسي ٿو ته ڌرتيءَ جو سينو کيڙي پنهنجي گذر سفر کي ڳولهڻ ڦولهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. تنهنڪري هن منصوبي کي صوبي جي بهتريءَ لاءِ عمومن ۽ مارئيءَ جي ملڪ جي ترقي لاءِ خصوصن لاڀدائڪ بنائڻ لاءِ ڪجهه گذارشون پيش ڪجن ٿيون.
    • سنڌ حڪومت کي هِن منصوبي جي سلسلي ۾ بااختيار بنايو وڃي ڇاڪاڻ ته معدنيات صوبائي معاملو آهي جيتريون فني رُڪاوٽون يا پيچيدگيون آهن. سي دور ڪيون وڃن.
    • ٿر ڪول انرجي بورڊ ۾ ڪميونٽي جي نمائندي طور ڪنهن ماهر ۽ ٿر جي هڏڏوکي ماڻهوءَ جي نمائندگي مقرر ڪئي وڃي.
    • سنڌ ڪول اٿارٽيءَ ۾ ٿر مان چونڊيل نمائندن خصوصا ڪوئلي جي علائقي مان چونڊ يل نمائندن کي کنيو وڃي جئين فيصلي سازيءَ ۾ راڄن جي راءِ کي شامل ڪري سگهجي.
    • کليل کاڻين وسيلي کوٽائي بابت ماحولياتي اڀياس ۾ ٿر جي زيرزمين پاڻي ۽ بائيو ڊائيورسٽي ۽ مجموعي ماحول کي ڌيان ۾ رکيو وڃي،.
     متاثر ڌرين انساني آبادي، چوپائي مال، جهنگلي جيوت ماحول جي آبادڪاريءَ لاءِ ٺهندڙ پاليسيءَ عوامي امنگن مطابق هجي، زمين کي مارڪيٽ اگهه مطابق خريديو وڃي يا ليز تي ورتو وڃي .
     سموري زمين جيڪا متاثر هئڻ جي دائري ۾ اچي تنهن جي اڪئزيشن کي شفاف بنائڻ لاءِ هڪ الڳ لئنڊ اڪئيزيشن يونٽ هئڻ گهرجي جيڪو تربيت يافته ۽ عوام جو هڏڏوکي هجي.
     انساني وسيلن جي سلسلي ۾ صحت، تعليم ۽ پاڻي جي شعبي لاءِ اهم رٿائون شامل ڪيون وڃن جن ۾ ”ماءُ ۽ ٻار جي صحت“ ۽ عورتن کي محور بنايو وڃي.
     مقامي سطح تي جيڪي فيصلي سازي جا ادارا جوڙيا وڃن تن ۾ عورتن، ٻارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندگي رکي وڃي.
     جيڪي ماڻهو کوٽائي جي اثر هيٺ اچن تن جي ٻيهر آبادڪاري لاءِ کين سندن چونڊ جو هنڌ ۽ آباد ٿيڻ جا اخراجات ڏنا وڃن.
     مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي سلسلي ۾ ترجيح ڏني وڃي.
     عام ماڻهوءَ جي اُهنج ايذاءُ جي تلافي ڪرڻ لاءِ دُنيا ۾ رائج سرشتي کي نظر ۾ رکندي جوڙجڪي ڍانچو جوڙيو وڃي.
     پُراڻي لينڊ گرانٽ پاليسيءَ تي نظرثاني ڪندي اُن کي عصري تقاضائن ۽ مارڪيٽ جي اُصولن پٽاندڙ بنايو وڃي.
     اثر هيٺ ايندڙ آباديءَ جي گذران جي وسيلن جو خيال رکيو وڃي.
     ڪوئلي جي کوٽائي، ترقي، بجلي پئدا ڪرڻ ۽ ٻئي اهڙي ڪم ڪار جنهن جو راڄن سان سڌو سنئون تعلق هجي. جهڙوڪ پاليسي، ، طريقه ڪار جا ڪاغذ پٽ تن کي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪرايو وڃي جيئن عام ماڻهو اُن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي.
    • راڄن جا ماڻهو جيترو هن ڪم ۾ شامل هوندا ۽ فيصلي سازي ۾ سندن ڪردار هوندو اوترو ئي هيءُ منصوبو ڪارگر ۽ ڪامياب ويندو.
    • هن سموري منصوبي ۾ شهيد محترم بينظير ڀٽو پاران ڪيل افتتاح دوران پيش ڪيل vision کي مدنظر رکيو وڃي.
    • ٿر جي سڀني وڏن ڳوٺن کي روڊ انفرااسٽرڪچر وسيلي جوڙيو وڃي. ان سان گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهوليت به هر ڳوٺ تائين پهچائڻ کي به يقيني بنايو وڃي
    • چين پاڪستان راهداري جي دائري کي وڌائي ٿر ڪول جي ٻين بلاڪن ۾ به انهي قسم جي سيڙپڪاري ڪئي وڃي

    اهي چند گذارشات آهن ۽ اڃا کوڙ ساريون ٻيون ڳالهيون آهن جيڪي هِن منصوبي جي بهتري لاءِ ڪم اچي سگهن ٿيون. ٿر امن امان جي لحاظ کان انتهائي بهترين خطو آهي تنهنڪري ان ۾ ٿيندڙ ترقيءَ جو عمل پڻ جٽادار هوندو .اهو جيڪڏهن عوامي امنگن پٽاندر هوندو ته پوءِ يقينن اڃا به وڌيڪ جٽادار ٿيندو.


    ٿر جو ڪوئلو ۽ تجارت ڪاريءَ جي سماجي ذميواري

    ٿر جو ڪوئلو ۽ تجارت ڪاريءَ جي سماجي ذميواري

    الله تعالى ڪائنات ۾ هڪڙو اهڙو ڦيرو رکيو آهي جنهن ۾ شيون مختلف صورتن مان گذرنديون ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ نروار ٿين ٿيون ته ڪڏهن ڪهڙي شڪل ۾. ايئن جڳ جهان جو چرخو عجيب نموني هلي رهيو آهي. ڌرتي ءَ تي ماڻهو الائي ڇا ڇا واپرائين ٿا ۽ سندن اهو واپراڄ وري ڌرتيءَ ۾ هليو ٿو وڃي ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ وري موٽ کائي ٿو. زميني دولت خانو معدنيات جي ملڪيت سان مالامال آهي. انيڪ شيون ڌرتيءَ اندر پيون آهن يا وري ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي نظراچن ٿيون. انسان پنهنجي هٻڇ ۾ اچي مُٺ کان مٿي لڻندي، قدرتي وسيلن کي پنهنجي ٽجوڙين ڀرڻ لاءِ تين وال ڪري ٿو ۽ هو اهو نٿو سوچي ته وسيلن جي انهي سوني ٽاريءَ تي منهنجو جياپو آهي، منهنجي نسلن جو جياپو آهي تنهنڪري ڪجهه واپرايان ڪجهه بچايان جيئن جڳ جو ڪاروهنوار سولو هلندو رهي پر انسان پيدائشي طور ويسارو به آهي ته ناشڪرو به آهي تنهنڪري سندس ٽجوڙيون به سندس کوپريءَ وانگر اونڌيون آهن ۽ کڏهن نٿيون ڀرجن. فطرت وري جڏهن جوش ۾ اچي ٿي ته سمورو ميدان هڪ منٽ ۾ ساريکو ٿي وڃي ٿو سڀڪجهه زمين جو حصو بنجي وري ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موٽي ٿو.ڪوئلي جي ڪهاڻي به ڪجهه انهي نموني جي آهي. اهو انساني هڏن ، وڻن ٽڻن، ۽ ٻين شين جي هڪڙي وڏي ارضياتي مرحليوارعمل جي سلسلي ۾ ٺهي ٿو. ڪوئلو وڻن جي ڪاٺين مان به ٺاهيو وڃي ٿو. ڪوئلي تي دنيا جي ڪاروبار جو ڳچ حصو هلي ٿو. لوهارن جي ڌمڻ کان وٺي وڏا وڏا بجلي گهرڪوئلي جي توانائي سان هلن ٿا تنهنڪري ڪوئلو قيمتي وٿ سمجهيو وڃي ٿو.اهڙي املهه شئي جي رنگ ۽ گدلاڻ کي ڏسي ماڻهن ڪي چوڻيون به ٺاهيون جيئن ”اهڙو ڪارو جهڙو ڪوئلو“ يا ”ڪوئلي جي دلاليءَ ۾ هٿ ڪارا“. ڪوئلي جي انهي ڪم ڪارجي اسان وٽ ته گهڻي ڳالهه ٻولهه نه هوندي هئي پر جڏهن کان ٿر۾ ڪوئلو لڌو ويوآهي ته هرڪنهن جون اکيون انهي ڪاري سون ۾ آهن پوءِ ڀلي هٿ ڪاراٿين يا ٻيو ڪجهه ڪارو ٿئي هرڪو لڳو پيو آهي.
    ڪنهن وقت پٺتي پئل ۽ دُنيا کان وسريل خطو اڃا تڏهن وڌيڪ اُجاگر ٿيو جڏهن هتي سازدا پاران جر جي پاڻيءَ جي کوجنا واري رٿا دوران 1989 ۾ ڪوئلي جي نشاندهي ٿي ۽ پاڪستان ارضياتي سروي 1990 جي شروع ۾ ئي 4 بلاڪ نروار ڪيا ۽ 1993 ۾ آمريڪا جي کاڻين بابت مشهور ماهرن پاران هن ذخيري جي ڪاٿي جي تصديق ڪئي ويئي. آگسٽ 2004 ۾ چيني ڪمپني مشيرز شينهوا ڪارپوريشن هن ذخيري جي فني ۽ اقتصادي اهميت جي پڪ ڪئي پر اها ڪمپني ڪِن رُڪاوٽن جي ڪري هٿ ڪڍي ويئي. 2004 ۾، سنڌ حڪومت پهرئين بلاڪ ۾ جرمنيءَ جي فرم کان ڪوئلي جو اڀياس ڪرايو ۽ تنهن کانپوءِ سنڌ ڪول اٿارٽي بين الاقوامي ڪمپنين جي مدد سان 8 بلاڪ نروار ڪيا، اهڙي ريت هن وقت تائين ڪوئلي جا 12 بلاڪ نروار ٿي چڪا آهن ۽ 175 بلين ٽن ڪاروسون ٿر جي 9000 چورس ايڪڙن هيٺ ڪاري نانگ جيان ڇپ هنيو پيو آهي ۽ دنيا جي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيئي رهيو آهي ته انهي ڪاري سون کي ڌرتي جي مٿاڇري تي آندو وڃي جئين دنيا ۾ پئدا ٿيل عمومن ۽ پاڪستان ۾ پئدا ٿيل خصوصا توانائي بحران کي منهن ڏيئي سگهجي ۽ هيءُ ڪوئلو سعودي عرب ۽ ايران جي تيل جي ذخيرن کان ججهو آهي. ۽ پاڪستان جي گئس جي ڪل ذخيرن کان 68 هوڻو آهي. هن ڪوئلي ۾ 45% گهم آهي 1.19% گندرف آهي ۽ گرمجڻ قدر 11.6%MJ في ڪلو گرام آهي. نروار ڪيل 12 بلاڪن مان 4 بلاڪ ڪم ڪار لاءِ ڏنا ويا آهن جن ۾ 5 بلاڪ تي گئسيفڪيشن وارو ڪم هلندڙ آهي. جنهن تي تمام گهڻي لاڳت اچي چُڪي آهي. پر اُن جي اُپت متعلق مختلف شعبن ۽ فني ماهرن پاران سوال اُٿاريا ويا آهن. ڪو بلاڪ ڪنهن ڪمپنيءَ کي ڏنل آهي ته ڪو بلاڪ ڪنهن ڪمپنيءَ کي. انهن بلاڪن ۾ ابتدائي ڪم هلي رهيو آهي. صرف ٻئين بلاڪ ۾ اينگرو ڪمپني ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل سيڙپڪاري سان ڪم هلندڙ آهي جنهن جي گرائونڊ بريڪنگ تقريب 31 جنوري 2014 تي ٿرجي ڪول فيلڊ واري هنڌ وزيراعظم ميان محمد نواز شريف پاران ٿي . ساڻس محترم آصف علي زرداري پڻ ساڻ هو .هي سمورو منصوبو تمام اهميت وارو آهي جنهن بابت مختلف وقتن تي ميڊيا ۾ به تبصراٿيندارهن ٿا ته ڳوٺاڻا به پنهنجي اهنجن ۽ ايذائن بابت پنهنجي راءِ جو اظهارڪندارهن ٿا.هي پروجيڪٽ چين پاڪستان راهداريءَ واري منصوبي سان جُڙيل آهي ۽ پنهنجي بيهڪ جي ڪري انتهائي اهميت وارو آهي. تازو سنڌجي وڏي وزيرسيد مرادعلي شاه به ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته مقامي ماڻهن کي روزگارڏنو وڃي. اينگروڪمپنيءَ جي مُک عملدارپاران ڏنل بريفنگ به اخبارن ۾ ڇپي آهي جنهن ۾ هن حڪومتن پاران دٻاءَ جو ذڪرپڻ ڪيو آهي ته هرڪنهن کي جلدي آهي پرڪوئلي تي هلندڙ پاورجنريشن 2018ع جي آخر ۽ 2019ع جي شروعات تائين عملي صورت ۾ ايندي.پريس ۾ انهي جا تفصيل اچي چڪا آهن تنهنڪري ان بابت وڌيڪ تفصيل جي ضرورت ناهي.هڪ ٻي ڳالهه جنهن بابت انهي بريفنگ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي اهو آهي ڪمپنيءَ پاران اتان جي آباديءَ جي ڀلي لاءِ ٿيندڙ ڪم .
    دنيا ۾ جتي به ڪمپنيون ڪم ڪنديون آهن اتي جيڪا ڀڃ ڊاهه يا ماحولياتي اٿل پٿل ٿئي ٿي ۽ آبادي متاثر ٿئي ٿي تنهنجي نقصان جو پورائو ڪرڻ لاءِ ڪمپنيون ڪم ڪنديون آهن جنهن کي انتظامڪاريءَ جي اصطلاح ۾ تجارت ڪاري جي سماجي ذميواري يعني ”ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسيبلٽي“ چئبو آهي جنهن جي وصف هن ريت آهي؛
    Corporate Social Responsibility is a business approach that contributes to sustainable development by delivering economic, social and environmental benefits for all stakeholders.
    هن مد هيٺ ڪمپنيون مقامي آباديءَ جي ڀلي لاءَ ڪم ڪارڪنديون آهن. انهي ڏس ۾ اينگرو ڪمپنيءَ پاران ڊمپرهلائڻ جي ڊرائيونگ سيکارڻ لاءِ 200 ماڻهو سکيا لاءِ موڪليا ويا آهن . اٽڪل 100 مقامي نوجوان ڪوازي تي ڪم ڪرڻ جي سکيا ۽ اڏاوت جي ڪم جي سکيا ٿاهري تڙ جي ڀر۾ ڪمپنيءَ جي سينٽر ۾ حاصل ڪري رهياآهن. ان سان گڏوگڏ اتي مارئي ڪلينڪ به هلي ٿي جنهن ٻه ماهرڊاڪٽر(ليڊي ڊاڪٽر۽ مرد ڊاڪٽر) مٺي کان اچي ڪلينڪ هلائي مريض ڏسن ٿا.انهي ڪلينڪ تي ٿاهري جي تڙ۽ ان جي آسپاس جي آباديءَ مان اچن ٿا. وڌيڪ رٿائن جو به اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٿر ۾ 7 معياري اسڪول قائم ڪرڻ، مارئي ڪلينڪ کي انڊس هاسپيٽل ڪراچيءَ جي سهڪار سان 2019 ۾ 70 بسترن جي اسپتال ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي آهي. ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسيبلٽي هيٺ جيڪي ڪم ڪراياويندا آهن تن ۾ اقتصادي، سماجي ۽ ماحولياتي شعبي سان لاڳاپيل ڪم هوندا آهن. اينگرو ڪمپني جيڪي ڪم ڪراياآهن اهي ٺيڪ آهن پر انهن جو مقدارٿورو آهي. ٿر۾ ڪوئلي جي ڪم بابت انهي ڏس ۾ ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪجن ٿيون؛
    • اقتصادي شعبو: ماڻهن جي روزگار جي متبادل بندوبست ۽ موقعن پيدا ڪرڻ لاءِ، سکيا جو بندوبست ڪيو وڃي جنهن ۾ نه رڳو مزدورن واري سکيا هجي پر اعلى قسم جي فني مهارت جي سکيا به ضروري آهي. ٿرجا جيڪي نوجوان لاڳاپيل ٽيڪنالاجي ۾ مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن انهن جي تعليمي خرچ کي ڪمپنيون پنهنجي سر کڻن ۽ جيئن ئي اهي تعليم مڪمل ڪن ته کين ڪم تي لڳائي روزگار ڀيڙو ڪيو وڃي. سرڪاري شعبي جي فني سکيا جي ادارن کي زوروٺرائيندي ، انهن ۾ ٿر جي نوجوانن کي انهن سڀني ڪمن جي سکيا ڏني وڃي جيڪي هن سموري منصوبي ۾ اڳتي هلي گهربل هوندا. فني سکيا سان گڏوگڏ سپلاءِ چين جي سکيا پڻ ڏني وڃي ۽ ٽرانسپوٽ، کاڌي پيتي جو سامان ۽ رسد مهيا ڪرڻ جو ڪم ڪار به مقامي ماڻهن کي ڏنو وڃي. نج فني سکيا سان گڏوگڏ، انتظامڪاري جي سکيا پڻ ڏني وڃي جيئن هتان جو ماڻهو رٿابندي به ڪري سگهي ته مختلف ڌُرين سان مختلف معاملن تي ڳالهائي به سگهي. اهي سکيائون ٿري ماڻهوءَ جي صلاحيت کي سگهارو ڪنديون ۽ هو پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ ترقيءَ جي ڪم ڪار۾ سرگرميءَ سان ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهندو.
    • سماجي خدمتن جي شعبي ۾ صحت ۽ تعليم جو ڪم ڪار آهي. اهو ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ به احتياط جي ضرورت آهي . روايتي ڪم ڪار يا وري اوپرن معاشرن واري رٿابندي جيڪڏهن لاڳو ڪئي ويئي ته شايد متوقع نتيجا نه ملن ۽ ماڻهن لاءِ به ڪو گهڻو لاڀدائڪ نه ٿيندو..تعليم ۾ به انهن طبقن کي نظر۾ رکندي رٿابندي ڪئي وڃي جيڪي سماج ۾ ڌڪاريل آهن يا وري غريب آهن. اهڙي آباديءَ جي ٻارن کي معياري تعليم ڏياري وڃي پر انهي ۾ سندن ثقافت ۽ تهذيبي روايتن جو خاص خيال رکيو وڃي. مادري ٻوليءَ جو تحفظ به يقيني بنايو وڃي. ڇوڪرين جي تعليم جو خاص خيال رکيو وڃي. صحت جي شعبي ۾ ماءُ ٻار جي صحت کانسواءِ پيداواري صحت بابت ڳالهين جو خيال رکيو وڇي. انهن مسئلن ۾ عورتون توڙي سامايل ڇوڪريون ڪافي تڪليفن جو شڪار ٿين ٿيون. صحت جي سهوليت جي دائري کي به وڌايو وڃي جيئن انهي سهوليت مان وڌ۾ وڌ فائدو حاصل ڪن
    • ماحولياتي شعبي تي ته خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. بلاڪ مان جيڪو پاڻي سُڪائڻ جو ڪم ٿيندو يا وري ان جو نيڪال ٿيندو ان سان متاثر ٿيندڙ آبادي لاءِ ڪي جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن. ماحول هر جاندار جو جياپو آهي تنهنڪري ان جو خاص خيال رکڻ گهرجي. ڪلائميٽ چينج يا آبهوائي ڦيرگهيرجو گُرڙ پکي سڄي دنيا مٿان لاماراڏيئي رهيو آهي ۽ انهي جي دهشت ۽ دٻدٻي کان ڏاڍن جا ڏاڍا به ڏڪي رهيا آهن ۽ هيڻن کي هيسائي چئي رهيا آهن ته اسان کي انهي گُرڙ پکيءَ کان بچايو.
    • ڪارپوريٽ ريسپانسيبلٽي جو اهو عمل اينگرووانگر سڀني ڪمپنين کي پنهنجي پنهنجي بلاڪن ۾ ڪرڻ گهرجي . انهي ڪم ڪار جي رٿا بنديءَ ۾ علائقي جي رهندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي جيئن پنهنجي باري ۾ ٿيندڙ فيصلن ۾ اهي سرگرميءَ سان حصو وٺي سگهن
    اهي چند گذارشون آهن جن تي عمل ڪري ڪوئلي جي کوٽائي جي ڪم ڪار مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ ترقيءَ جي هن عمل کي معنى دار ۽ جٽادار بنائي سگهجي ٿو.


    سائو ٿر.....ڍائو ٿر

    سائو ٿر.....ڍائو ٿر

    سنڌ جي وڏي وزير جو قسم کڻڻ کانپوءِ سيد مرادعلي شاه جيڪو پهريون پاليسي اظهارڪيو تنهن ۾ هن سنڌ کي محفوط بنائڻ، ڪراچيءَ کي صاف سُٿرو بنائڻ ۽ ٿرکي سرسبز بنائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ٽيئي ڳالهيون انتهائي ڳريون ۽ مشڪل آهن پر انهي مان وزيراعلى صاحب جو ويزن ظاهر ٿئي ٿو ته هو ڪي خواب کڻي آيو آهي. اهي خواب ڀلا هجڻ جي باوجود موجوده سياسي ڍانچي ۾ رهندي، تعبير تائين پهچائن ڪيترو ڏکياآهن ان جو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڻ هن ڳالهه ٻولهه ۾ ”سائي ٿر“ جي ڳالهه ڪنداسين ته ٿر ڪيئن سائو ٿيندو؟
    سائي ٿرجو حال احوال ڪرڻ کان اڳ اچو ته ٿرجو ذڪر ڪريون جيڪو ڀٽائي جي لفظن ۾ ڍاٽيئڙن جو ڍڪ آهي ۽ پلرجي پالوٽ ٿيندي آهي ته گس پنڌ، جهرجهنگ گاهن جي گلزاريءَ سان سجائجي ويندو آهي. ستن تعلقن ...مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو، ننگرپارڪر،اسلام ڪوٽ، ڏاهلي، ۽ ڪلوئي .... ۾ انتظامي طور ورهايل، اٽڪل 20 هزارچورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل هي علائقو هڪڙو نرالو علائقو آهي جنهن جي جاگرافي نياري آهي جنهن جو ڀون مٿاڇرو به منفرد آهي، جنهن جي ريتيلي زمين اندرپاڻي مختلف اونهائين تائين آهي. نئين ڪوٽ جي ميرن جي اڏايل گڍ وٽان بيهي جيڪڏهن ٿرجو تصورڪجي ٿو ته هي ڀاڱو قدرت جي موتين سان مالامال سپ نظراچي ٿو جنهن جي پياس پلر سان اجهامي ٿي. ٿرجا مختلف ڀاڱا آهن.مختلف ليکڪن انهن ڀاڱن جي ڳڻپ الڳ الڳ ٻُڌائي آهي ڇاڪاڻ ته سڀني جي لکڻ جو بنياد زباني تاريخي ورثي تي آهي. هلي گهمي جيڪڏهن سڄو علائقو پيرن مان ڪڍبو ته پتو پوندو ڪيتراڀاڱا آهن يا پاڻيءَ جا وهڪراڪٿان ڪٿان ڪيئن رهيا آهن، يا جر جو پاڻي ڪٿي اونهو آهي ، ڪٿي زمين جي سطح جي ويجهو آهي. ٿرجي ڀون مٿاڇري کي ڏسبو ته اهو هن ريت طبعي طورورڇيل نظرايندو. بئراج سان لڳندڙ پٽيءَ کي ”ڪَسُ“ چونداآهن . ڪس سان لڳولڳ وري ”مهراڻو“ شروع ٿئي ٿو. ڪس اڳتي وڃي ”ونگي“ سان ملي ٿو جيڪو ڪنهن وقت جو دريائي پتڻ رهيوآهي . ”مهراڻو“ ٻن لفظن جو ميلاپ آهي. ”مهر“ معنى اڳ ۽ ”آڻو“ معنى ايندڙ يعني بئراجي خطي کان اڳ ايندڙ. ڪن ليکڪن انهي لفظ جي وابستگي مهراڻ نديءَ سان ڄاڻائي آهي جيڪو درست نٿو لڳي. مهراڻي جي اوڀر۾ ”ڪنٺو“ شروع ٿئي ٿو ته ڏکڻ ۾ ”سامروٽي“ جو علائقو. ”ڪنٺي“ جي اوڀر۾ ”ڍاٽ “آهي ته ڏکڻ ۾ ”پائر“ جو پٽ ۽ ”پارڪر“ جو مٽيهاڻو علائقو. ڍاٽ جي اتر۾ ”کائڙ“جو علائقو آهي . سامروٽي ڏکڻ اولهه ڪنڊ ۾ رڻ سان لڳندڙ پٽي کي ”وٽ“ چوندا آهن.
    ٿر۾ جر جي پاڻيءَ جا نار ڏکڻ ۾ زمين جي مٿاڇري کي ويجها آهن جيئن اهي اتراوڀر ۾ وڌن ٿا ته اونها ٿيندا وڃن ٿا. ڪس ۾ به مالدارماڻهن جي رهائش آهي ڇاڪاڻ ته اهي ٻنهي طرفن مال سانگي سولائيءَ سان اچن وڃن ٿا. مهراڻي جي زمين انتهائي زرخيز آهي پر پاڻي اونهو آهي ۽ کارو آهي. ڪنٺو ٿرجو مرڪزي علائقو آهي جتي پاڻي جي اونهائي وچٿري آهي ته مٺو پاڻي به دستياب آهي. پارڪر۾ به پاڻي دستياب آهي ٿر۾ جر جي سطح جي خبراتان جي مٿاڇري تي بيٺل وڻڪار ۽ اوڀڙ مان پوي ٿي. جتي پاڻي آهي اتي وڻ ٽڻ به نظراچن ٿا ته گاه ٻوٽا پڻ. ٻي صورت ۾ سڪل بُٺ دڙانظراچن ٿا.ٿرجي ريج ۽ سيراب ٿيڻ جو سمورو سرشتو برسات تي آهي تنهنڪري ”وٺو ته ٿرنه ته بر“ جي چوڻي هرهنڌ ٻُڌڻ لاءِ ملي ٿي. چئوماسي دوران جيڪڏهن مينهن نٿو وسي ته ڏڪارو گُرڙپکي لاماراڏيڻ لڳي ٿو ۽ ٿرجي ڪُل ڪائنات داءُ تي لڳي وڃي ٿي. ٿرجي اهڙي مجموعي ماجراپيش ڪرڻ جو سبب هو ته سرسبز ٿرجو بنياد ڪيئن رکجي ۽ ٿرجي ساوڪ جي سار سنڀال ڪيئن ڪجي. ان لاءِ پس منظرڄاڻڻ ضروري آهي.
    ٿر۾ جيڪي وڻ ٽڻ ٿين ٿا تن ۾ ڪنڊي، ڄار، روهيڙو، ڪونڀٽ، ڪانڪهه، نم، ٻٻر، ٻير، ڦوڳ، سرنگهو وغيره آهن . هاڻي ته ديوي به زمين کي ڀيليندي پيئي وڃي. ان کانسواءِ ٿوهر، اڪ، گانگهيٽي، ٽانڪارو، گگرال، موراڙي، کپ، جهڙاوڏا ٻوٽا ٿين ٿا . ننڍن ٻوٽن ۾ ٻوهه، آڏيري، ڏتورو، آهن ته گاهن ۽ جڙي ٻوٽين جا انيڪ قسم آهن. گاهن ۾ هڪڙا ڪنڊيدار گاه آهن ته ٻيا وري لسا گاه آهن جن کي ”کوماڻ“ سڏيو ويندو آهي. اهي اوڀڙ جا چند وڙ آهن نه ته ٿرجي فلورارينج ۾ لکين جنسون آهن جن مان ڪي اهڙيون به هونديون جن جي اڃا تائين درجي بندي به نه ٿي آهي. اهي گاه ٻوٽا ، ڪجهه جنسن کي ڇڏي باقي سڄا سال ساوا رهنداآهن جن مان مال جو چارو به ملي ٿو ته ماڻهن جي غذائي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ به ڪجهه وڻ ۽ ٻوٽا فطرت جي سخي ٽاري آهن. اهڙو ملندڙ ”ڏُٿ“ جڏهن کان ماڻهن واپرائڻ ڇڏيو آهي ته منجهن غذائي قلت جو مسئلو ڪرکڻي نروارٿيو آهي. انهن وڻن ۽ ٻوٽن جو اُڌيڙ ڪيئن ٿئي ٿو تنهن جا ٻه سبب آهن هڪ ته قدرتي طور جڏهن ڏڪارواري صورتحال گهڻو رهي ٿي ته پوءَ اها اوڀڙاُڌڙي ٿي. ٻيو ته وڻن ۾ واڍي ٿئي ٿي. ماڻهو غيرضروري ساواوڻ وڍي ناس ڪري ٿا ڇڏين. ان ۾ غريب ماڻهو پنهنجي غربت جي ڪري ڦاسي ٿو پرباثر ماڻهو وري انهن قدرتي وٿن کپائڻ جي ٺيڪيداري ڪندي بازار جو واٺو بنجي پنهنجي مستقبل ۽ جياپي کي جهڪو ڪرڻ ۾ جنبي وڃي ٿو.
    انهي سموري پس منظرکانپوءِ اچو ته ڏسون ”سائي ٿر“ لاءِ ڪهرااُپاءَ وٺڻ گهرجن:
    • ٿرکي قدرتي پارڪ جو درجو ڏنو وڃي .ٿرهونئن به قدرتي پارڪ آهي جنهن ۾ قسمين قسمين حياتيات، نباتات، پکي پکڻ رهن ٿا جن جو ماحولياتي سرشتو هڪٻئي سان جُڙيل آهي. انهي ايڪو سسٽم کي بچائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ وڻ پوکيا وڃن ۽ وڻن جي واڍي کي عملي طور بند ڪيو وڃي. وڻن جي واڍيءَ سان روهيڙو، ڪونڀٽ ، ۽ گگرال ڏينهون ڏينهن ناس ٿي رهيا آهن. گگرال کي ته ڪيميڪل هڻي، ٽڪو ڏيئي ان مان گگر ڪڍيو وڃي ٿو جيڪو ان جي اُڌڙڻ جو مکيه سبب آهي. گگرال جي انهي ڪاري ڌنڌي ۾ بااثرماڻهو شامل آهن. وڻ پوکڻ جو ڪم به راڄ سطح تي ڪيو وڃي ۽ وڻن جي واڍيءَ کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو اهڙيون ڪاميٽيون جوڙيون وڃن جيڪي انهي ڪم کي راڄ سطح تي بند ڪرائي پنهنجون سيمون بچائين. جن به ڳوٺن ۾ هن وقت اهڙي ٻڌي ٿيل آهي اتي هڪ ڪاٺي به نٿي وڍجي. انهي جا مثال وروائي جو ڳوٺ ۽ مٺڙيو سومرا آهن. سرڪاري مشنري قانون مطابق جتي به انهي جي ڀڃڪڙي ڏسي ته ترت قدم کڻي، سزائون ڏئي.
    • ٿربنيادي طور مالوندن جو علائقو آهي. زراعتي پوکي وارو خطو ناهي تنهنڪري هتان جي زمين جي کڻت ۽ سروي جو ڪم جيڪو برطانوي دورحڪومت ۾ ٿيو هو سو انهي جي پيش نظرٿيو. سروي ۾ زمين جو پوکي لائق حصو کاتيدار جي نالي داخل ڪيو ويو جنهن کي تلي چئجي ٿو. باقي آسپاس تي به حق انهي آبادگارجو تسليم ڪيو ويو پرکيس پوکڻ کان منع ڪئي ويئي. انهي بچيل زمين کي مال لاءِ آسائش طور ڇڏيو ويو. اهڙي طرح سيمون نروار ٿيون ۽ سيمن جي رک سڀني جي گڏيل ذميواري هوندي هئي. ان کانسواءِ گهرن جي ويجهي زمين کي اجهور قرارڏنو ويو، پاڻي جي نياڻ جي آسپاس واري زمين کي به چراگاه طور پوکڻ کان روڪيو ويو ته وري وڏين آبادين جي ڀر ۾ ڪي اهڙاسنوان ۽ خلاصا ڏهر هئا ته انهن کي ”گئوچر“ قرارڏيئي پوکڻ تي پابندي وڌي ويئي. زمين جي انهي قانون کي جڏهن اسان جي ڏيهي ڪامورن جي مدد سان ماڻهن هٿ ۾ کنيو ته پوءَ نه رهيو اجهور، نه رهيو گئوچر، نه رهي ترائي نه رهيو ڊهو ۽ ٽوڀو. ايئن سيمن جو ستياناس ٿي ويو . جيڪا قدرتي ساوڪ هئي سا به ختم ٿي ويئي. انهي کي بندڪرائڻ لاءِ زمين جي نيڪال جي پاليسي ۽ آسائش جي قانون تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي. جيڪڏهن نئين سر قانونسازيءَ جي ضرورت پوي ته اهڙو قانون اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو وڃي.
    • ٿرجي زمين انتهائي نازڪ نفيس آهي. ان جو ٽيڪسچرمخصوص قسم جو آهي . ان جي زرخيزي به مٿئين مٿاڇري ۾ آهي. ان ۾ جيڪڏهن اوڀڙ وغيره آهي ته اها ٺيڪ حالت ۾ رهي ٿي نه ته اها ڪنهن ڪم جي نٿي رهي. ٿر۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن خاص طور روڊ رستا ٺهڻ دوران جيڪا زمين جي حالت ٿئي ٿي ۽ تراين مان انهن روڊن لاءِ مٽي ڪڍي وڃي ٿي ته ان جو زمين جي مجموعي ساوڪ تي اثرپوي ٿو. ان کانسواءِ، ٿر۾ ٽريڪٽر سان ٿيندڙ کيڙي زمين کي ناس ڪري ٿي ڇڏي ڇاڪاڻ ته ٽريڪٽراوڀڙ جون پاڙون ۽ بنياد اُڌيڙي ٿو ڇڏي.جڏهن ٿر۾ برسات پوي ٿي ته ٿرڏانهن ويندڙ رستن تي هزارين ٽريڪٽرٿرڏانهن ويندي ملندا.
    • ٿر۾ معدنيات، خصوصن ڪوئلي جي کوٽائيءَ جو ڪم هلي رهيو آهي جنهن جي مختلف بلاڪن ۾ مختلف حرفتن وسيلي ڪوئلو ڪڍڻ جو ڪٿي ڪم هلي رهيو آهي ڪٿي دعوائون ٿي رهيون آهن. انهي سموري ڪم سان ٿرجو ماحول متاثر ٿيندو تنهنڪري ساوڪ به متاثر ٿيندي. تنهنڪري ماحولياتي اڀياس به هر بلاڪ جو هئڻ کپي ته هر بلاڪ ماحول جو خاص خيال رکي.
    • گئوچر، اجهور ۽ آسائشون پوکي کان روڪيا وڃن. ديويءَ جهڙا زمين کاريندڙ وڻ به ختم ڪري ان جي بدران دنيا جي ٿرن ۾ ٿيندڙ وڻ پوکياوڃن. سڀني ٻوٽن ، گاهن جو سائنسي اڀياس ڪيو وڃي ۽ انهن جي درجي بندي ڪئي وڃي، جيڪي وڻ خطري ۾ آهن جهڙوڪ ڦوڳ، ڪانڪهه وغيره تن کي وري پوکڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. ٻيلي کاتي جي زمين کي جتي به قبضي هيٺ هجي خالي ڪرايو وڃي ۽ انهي ۾ به وڻ پوکيا وڃن.
    • ٿرجيئن ته ڌڻوادي علائقو آهي تنهنڪري ان ۾ مال جي پالنا تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي.مالوند ماڻهن کي مال ڌارڻ بابت جديد سکيا ڏيئي کير جا پلانٽ لڳايا وڃن جيئن مال جي اپت مان اقتصادي فائدو ٿئي.
    • ٿر۾ غريب ماڻهن لاءِ گذران جا وسيلا مهيا ڪرڻ جو انتظام ڪيو وڃي ۽ نوان وڻ لڳائڻ ۽ سنڀالڻ تي همت افزائي طور انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن
    • ٿر۾ جيڪي تاريخي ماڳ مڪان آهن انهن جي آسپاس وڻراه لڳائي ، انهن ڳوٺن ۾ ايڪو ٽوئرزم کي هٿي وٺائي وڃي. سياحت جي همت افزائي سان گڏ وڻ پوکڻ ۽ سنڀالڻ کي جوڙيووڃي . نون پوکيل ٻوٽن جي نظرداري ٻارن ۽ عورتن کي ڏني وڃي اهي وڻن جا محافظ آهن.
    سائو ٿر يقينن ڍائو ٿر هوندو ، تنهنڪري اهو هڪ ڊگهي مدت وارو منصوبو هئڻ گهرجي جنهنکي ايندڙ حڪومتون به جاري رکن جيئن سرسبز ٿيڻ جو عمل جاري رهي.


    الا!اڏاهي مَ ٿيان

    الا!اڏاهي مَ ٿيان

    شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ جڏهن هي سيٽون سرجيو ن هونديون ته ؛
    الا! ڏاهي مَ ٿيان ، ڏاهيون ڏک ڏسن
    مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
    يقينن سندس ذهن ۾ ڏاهپ کي ملندڙ ڏنڀن جو انساني تاريخ جوسمورو شعور هوندو ته ڏاهن انسانن کي ڪيئن ڏکو ويو آهي ۽ زماني جي چرُپرتي ڪيئن غلط ماڻهن اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا اثرانداز ٿيا آهن سُقراط کي زهر ڪُچلي جو پُرپيالو پياري خاموش ٿوڪرايووڃي ته جئين هونوجوانن ۾ شعور پکيڙڻ لاءِ ڏاهپ جا ڏس نه ڏيئي سگهي. وري اُهو دور به اچي ٿوجو سُقراط جي اُنهن ڏاهپ ڀرين خطبن کي مقدس سمجهي پڙهيو ۽ پڙهايو وڃي ٿو. حضرت محمد ﷺ جهڙي پيغمبر کي “جادوگر” جو لقب ڏئي سندس ڏاهپ کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ڪارل مارڪس جهڙو ڪويسر شخص ، جنهن جي Das Capital جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڊاڪٽر محمد اقبال هن ريت لکيو آهي .
    نسيت پيغمبر و ليڪن دربغل داردڪتاب
    “نسبتي نظريي” جي خالق البرٽ آئنسٽائين کي مجبور ڪري وطن ڇڏرايو ويو. اهڙا کوڙ سارا مثال آهن جن جا ڪارا داغ اسان جي ماضيءَ تي اڇي سچ جيان واضع نظر اچن ٿا ته دُنيا ڏاهن کي ڪيئن ڏکويو آهي ڪيئن چيچلايو آهي، ڪيئن رنجايو آهي، ڪهڙا ڪيس ڪلور ڪيا آهن . دُنيا جي اِن روش ئي ڀڳت ڪبير کان هي سٽون چَورايون هُيون:
    دنيا ڪيسي بانوري پٿر پوجن جاءِ
    گهرڪي چڪي ڪوئي نه پوجي جس ڪا پيسا کاءِ
    اهڙي روش ۽ رويئي کي نظر ۾ رکندي، عاجزيءَ انڪساريءَ کان ڪم وٺندي ڪامريڊ روچي رام به شايد پنهنجي ڪتاب جو نالو “ڏاهونه هئس ڏيهه ۾ “ رکيو هوندو.
    جيتورڻيڪ ڪا مريڊ روچي رام نه رڳو ٿر ڌرتيءَ جو ڏاهو آهي پر سندس ڏاهپ ڏيهان ڏيهه مشهور ۽ پر کنڊين پڌري رهي آهي.ڇاڪاڻ جو سندس اُتساهه جا ذريعا مارڪس ، گانڌي ، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ٻياروشن خيال اڳواڻ رهيا آهن هن برصغير جي سڀني مذ هبن توڙي سماجن جو به ڳوڙهو مشاهدو ڪيو آهي هُن جتي ويڍن کي ورنايو آهي تتي جمعي جا خطبا به ٻُڌا اٿس ته مولانا عبدالحق رباني جهڙن اڪابرن جي صحبت ۾ به رهيو آهي . سندس مذڪوره ڪتاب مضمونن، خاڪن ۽ خطن جو مجموعو آهي جيڪو سندس سپوٽ پُٽ نيل ڪنٺ سهيڙيو آهي . مجموعي ۾ هاري تحريڪ بابت مضمون آهن ته سياسي موضوعن تي به لکڻيون آهن ٻهڳڻ شخصيتن جي باري ۾ خاڪا چٽيل به آهن ته من جي مِٽن ڏانهن لکي اُماڻيل خط به آهن. اهڙي ءَ طرح مختلف موضوعن سان سجايل هي گلدستو ننڍي کنڊ توڙي سنڌ جي سماج جا مختلف رُخ نروار ڪري ٿو، جن ۾ تاريخ ، مذهب ، سماج ، فلسفو، ادب ۽ ٻيا قابل قدر موضوع شامل آهن جن مان هر هڪ ليک ۾ ايترا نقطا اُٿاريل آهن جو هڪ هڪ مضمون جي تشريح ۾ لکجي ته اُن بابت ڪتاب لکي سگهجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح ڪيئي ڪتاب جُڙي سگهن ٿا.
    ڪامريڊ روچي رام ٿرجي مُک ڳوٺ مٺي، جيڪو هاڻي اٽڪل هڪ لک آبادي وارو شهر آهي، تنهن ۾ پيدا ٿيو اتان ئي تعليم پرايائين ۽ اڳتي هلي پروفيشنل ڪيريئر، وڪيل طور ميرپورخاص ۾ شروع ڪيائين ڇاڪاڻ ته اُن وقت ميرپور خاص ضلع هيڊڪوارٽر هو. ميرپور خاص شهر ۾ رهڻ دوران هو انتهائي متحرڪ رهيو ۽ سند س ملاقاتون ۽ ڪچهريون ذوالفقار علي ڀُٽي سان به ٿيون ته غلام محمد وساڻ سان به. ٻين همعصر سياستدانن جي سياست تي به سندس ڳوڙهي نظر رهي پر جنهن سان نينهن ناتو رهيس سو مير علي بخش ٽالپر هو. قربان علي شاهه سان به سندس دوستي رهي آهي. ڪامريڊ 50 سال وڪالت ڪري، ميرپورخاص کانپوءِ ڪراچيءَ اُسهيو ۽ اڄڪلهه ڪراچيءَ جو مڪين آهي. انتهائي نامور سياسي ۽ سماجي ڌرين وٽ سندس رُتبو سياسي اُستاد وارو رهيو آهي هو پنهنجي علم ۽ بحربي جي املهه وٿ کي ونڍيندو ورڇيندو رهندو آهي. سائين جي ايم سيد سان ويجهڙائيءَ جي ڪري، جلال محمود شاه کي سياسي سفر جون صلاحون ڏيندو رهندو آهي ۽ انهن صلاحن تي مشتمل مجموعو به ڇپيو آهي ته ڪمينسٽ اڳواڻ امداد قاضيءَ کي خط لکي ڪميونسٽ سرشتي کي سنڌي سماج ۾ ٺهڪائڻ لاءِ صلاحي ۽ اصلاحي خط لکيا اٿس ته فضل سليمان قاضيءَ جهڙي اقتصادي ماهر کي به صلاحون ڏنيون اٿس. ائين ڪامريڊ جي زندگيءَ به ٻهڳڻ نظر ايندي ته سندس ليک پُڻ. ڪتاب ڏاهو نه هُئس ڏيهه م پُڻ اهڙي گهڻاگهڻي جي جوهردار جهلڪ ڏيکاري ٿو.
    هاري تحريڪ بابت لکندي هُو سنڌ ۾ زميني سرشتي ۽ کڻت بابت تفصيل سان روشني وجهي ٿو ته انگريزن جڏهن اُن سرشتي کي منظم ڪيو ته هندن زمين جو ٺيڪو ورتو ۽ هاريءَ کي قرض ڏنو. هارين بابت لکندي هو 1917 جي روس ۾ آيل انقلاب جي ڳالهه به ڪري ٿو ته 1875۾ انگريزن پاران قائم ڪيل ٿياسافيڪل سوسائٽي جو ذڪر ڪري ٿو. سندس خيال ۾ “سنڌ زرعي صوبوناهي ” سان اسهمت ٿيندي گُذارش ڪندس ته سنڌ هن وقت به زرعي صوبو آهي جنهن جي پئداوار 4/3 زراعتي اپت تي دارو مدار رکي ٿي. ڪامريڊ زراعت کي “قبائلي” پس منظر ۾ ڏسي ٿو. انگريزن جي دور۾ ڏنل جاگيرن بابت لکندي هوalienated زمين جي وضاحت ڪري ٿوته اُها اهڙي زمين هوندي جيڪا سرڪار عطا ڪندي هئي ته اُن بابت ٽئڪس اُڳاڙيءَ جو حق به اُنهي شخص کي ڏيندي هئي ۽ اُن بابت ٻن جُلدن تي مشتمل “هسٽري آف ايليئنيشن” دلچسپ ۽ پڙهڻ جهڙو دستاويز آهي ته اسان جون زمينون اسان کي عطا ڪندي ڪئين نه اسان کي مُدامي ذهني غلاميءَ جي ڪاڪ محل ۾ واڙبو ويو آهي ۽ اڄ تائين اسان انهن غلام گردشن ۾ حلقه درگوشن وانگر گهمي رهيا آهيون ۽ اسان جي آباديءَ جو تمام وڏو طبقو زندگيءَ جي انتهائي بُنيادي سهولتين کان به محروم آهي. جيڪا ڪهاڻي مُرشد آباد جي مير جعفر کان شروع ٿي آهي اُها ڪهاڻي اڄ به ورجائي پئي وڃي انهي صورت احوال بابت سنڌ جي نامياري شاعر شيخ اياز هن ريت چيو آهي:
    اُٿ اي ڪُتا نيپيئر ، پنهنجا پونير ڏس،
    گوراتوتي جس ، ڪارا ڄڻيئي ڪيترا
    هارين بابت لکندي ڪارمريڊ لفظ “ديوان ” جي معنيٰ Collection لکي ٿو ۽ “پڊ” جهڙو ٺيٺ اصطلاح به ڪم آڻي ٿو . اهڙا انيڪ اصطلاح آهن جيڪي اسان جي زميني سرشتي جي وضاحت ڪن ٿا پر هاڻي اهي لفظ ۽ اصطلاح متروڪ ٿيندا وڃن پيا . ائين ڪجهه چوڻيون به رائج ٿيون جن سان عوام جي ذهنن کي موڙيو ويو. مثال طور ،“ اُتم کيتي ، وڌندڙ واپار نيچ نوڪري ، پنڻ بيڪار”. جيڪڏهن کيتي اُتم هئي ته جاگيردار پاڻ پوکي جو ڪم ڇونه ڪيو. نوڪري نيچ هئي ته پوءَ هن پنهنجي اولاد کان اهو نيچ ڪم ڪئين ڪرايو . غريب ماڻهوءَ لاءِ ڪئين سالون اُن “نيچ ڪم”جادر به بندرهيا ۽ اڄ به غريب ماڻهوءَ لاءِ ان “نيچ ڪم ” جا سونا درواز ٻيڪڙيل آهن هو جڏهن سونيءَ چاٻيءَ سان “کلي وڃ سم سم” جي ٻولي ڏي ٿو ته ئي اهو دروازو کلي ٿو نه ته عام ماڻهو سوچي به ڪونه ٿو سگهي ته سندس ٻار کي ڪو آساني ءَ سان نوڪري ملندي.
    ڪامريڊ روچي رام ملڪيت جي حق کي قانون جي روشنيءَ ۾ “قبضي جي حق” کان شروع ٿيندڙ حق سڏي ٿو. هُو سماج جي اقتصادي سرشتي جو ذڪر ڪندي “منو مهراج” جي لکيل دستاويز “منو سمرتي” ميڪاولي جي “پرنس” چاڻڪيه جي “ارٿ شاستر”، آدم سمٿ جي ڪتاب “ويلٿ آف نيشنس ” جو ذڪر ڪري ٿو ۽ سياست جي ميدان ۾ سرگرم رهندڙن کي انهن ڪتابن پڙهڻ پروڙڻ جي صلاح ڏئي ٿو. اهي ڪتاب دُنيا جا واقعي اهڙا درسي دستاويز آهن جن ۾ سياست جي واٽن جو ويا ڪرڻي ڇيد ڪيل آهي يا اقتصاديات جي وڄا بيان ڪئي ويئي آهي. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي ڪتاب آهن جيڪي موجوده دور ۾“ اقتدار” جي اڻ کُٽ رازن بابت لکيا ويا آهن جن کي پڙهڻ جي به ضرورت آهي مثال طور، “اقتدارجا 48 قانون” ۽ “ وي آف آئول” وغيره.
    خاڪانويسي پُڻ سنڌي ادب جو اهم عنصر رهيو آهي جنهن ۾ مختلف ليکڪن پنهنجي پنهنجي علم ۽ ڏانءَ مطابق شخصيتي چٽ چٽيا آهن ڪامريڊ روچي رام خاڪن لکڻ ۾ منفرد آهي ۽ هو سماج ۽ سماجي حالتن کي بنياد بنائي ٿو ۽ پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪري ٿو . مولانا عبدالحق ربانيءَ بابت لکندي هو مُولانا صاحب جي بي باڪيءَ بابت بيان ڪري ٿو ته ڪئين هُن سعودي عرب جي بادشاهه سان ملڻ کان مُنهن موڙڪئي هئي محترم ٽي ايل واسوائي ۽ جشن واسوائي بابت هو لکي ٿو ته ڪيئن اُهي وطن ڇڏي مجبور ٿي روانا ٿيا. اهڙي طرح پير صبغت الله شاهه بابت تحقيقي سوال به اُٿاري ٿوحالانڪ جن شخصيتن سان عوام جي گهري عقيدتمندي هوندي آهي تن بابت سوال اُٿارڻ جو کي کان خالي ناهي ڇوته عقيدي ۽ تحقيق ۾ قطبي فرق آهي. تحقيق بابت قرآن شريف ۾ به جاءِ به جاءِ “ تفقهو” جي تاڪيد ڪئي ويئي آهي ۽ شين کي ڄائڻ ۽ انهن بابت غور ڪرڻ لاءِ همٿايوويو آهي. ڪنفيوشس جي چوڻين کي به ڪامريڊ درج ڪندي لکيو آهي ته “حاڪم شهزادو حاڪم شهزادو رهي” يعني هو انهن اجاين ڪمن ۾ ڪاهي نه پوي ، جيڪي هُن جا ڪم ئي ناهن. بادشاه جيڪڏهن ٻين ڌرين جا ڪم هٿ ۾ کڻندو ته بادشاهي رلي ويندي بادشاهي رلي ويندي ته راڄ رلي ويندي ۽ راڄ رلي ويندو ۽ رعايا دربدر ٿي ويندي.
    ميرعلي بخش ٽالپر جي غريب پروري ۽ انسان دوستيءَ جي ڳالهه ڪندي ڪامريڊ سندس انهيءَ گُڻ کي سندس اُستادن علامه علي خان ابڙي ۽ جناب عثمان علي انصاري جي تربيت ۽ تعليم سان ڳنڍي ٿو. يقينن اهڙا اُستاد ئي هوندا آهن جيڪي شاگرد کي ماڻهوءَ مان ائين انسان ٺاهين ٿا جئين سنگتراش پٿر مان مورتي نروار ڪندو آهي. اُستاد جو هر فرد جي شخصي واڌويجهه ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي. هِن وقت سنڌ ۾ پرائمري اُستاد جي معياري طبقي نه هُجڻ جي ڪري جيڪو اثر پيو آهي انهي سماج جي هر شعبي ۾ انحطاط پئدا ڪري وڌو آهي، سياست کان وٺي اقتصاديات تائين سمورا ڀاڻان ڀينگ لڳا پيا آهن.انهيءَ سماجي ٻاڙائيءَ کي تيزي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ “بامعيار” اُستاد جو وجود ضروري آهي ۽ ان لاءِ تحرڪ ضروري آهي. سياسي مضمونن واري ڀاڱي ۾ به ڪامريڊ جي قلم جو محور سماج آهي . ٽنڊي محمد خان جي اسڪول ۾ سندس پاران ڪيل شاهڪار تقرير پڙهڻ وٽان آهي . هُو ڦوٽو ڀيل جي حاضر جوابيءَ جو جيڪو واقعو بيان ڪري ٿو ان مان ئي سندس سماج شناسيءَ جي پروڙپوي ٿي هونئن به ڀيل برادري حاضرجواب برادري آهي سندن حاضر جوابيءَ جا ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن پاڪستان جي سرڪار ۽ رياست جو ڍانچي ، فيڊريشن ۽ صوبن ووٽرن جي نفسيات ، اقتداري سياست بابت ڪامريڊ قلم کڻندي نت نراليون صلاحون ڏنيون آهن پرهن انگن اکرن واري علي قاضيءَ جي تبديليءَ واري ماڊل جي ڳالهه ڪئي آهي تنهن سان اختلاف راءِ جي حق جو فائدو وٺندي گُذارش ڪندس ته سياست ڳڻپ آهي پر انگن اکرن جو ڪاٿوناهي .ڪڏهن ڪڏهن ٻه ۽ ٻه پنج ٿي پوندا آهن ته ڪڏهن 2۽ 2 ٽي به ٿيندا آهن. وارث شاهه ڪانفرنس ۾ ڪامريڊ پاران فخرزمان کي سنڌ ۽ سنڌي زبان بابت ڏنل صلاحون به سندس سنڌ دوستيءَ جو چٽو ثبوت آهن .
    دوستن کي لکيل 22 خطن ۾ جتي ڪامريڊ پنهنجي دل جاحال اوريا آهن، زماني جي بي رُخي جا بخيا اُڊيڙيا آهن تتي لاڀدائڪ صلاحون ۽ مفيد مشورا به آڇيا آهن. واشنگٽن ، ننگرپارڪر ، مٺي ، اسلام آباد ۽ ڪراچي مان محترم ساجنداس ڏانهن لکيل خطن ۾ ذاتي اظهار سان گڏوگڏ سماج جي مختلف پهلوئن کي به ڇيڙيو آهي ته “برصغير جي ماڻهن ۾ نيگو شئيٽ ڪرڻ جو هُنرنه هو تنهنڪري هنن نقصان کاڌو” يا “انسان هيومن بينگ ناهي” پر اڪنامڪ بينگ آهي يا ڪن فيلسوفن جي بقول “ مذهب تاريخ جو تسلسل آهي”. ماڻهو واقعي هيومن بينگ ناهي رهيو پر هاڻي ته قصو اڪنامڪ بينگ کان به چڙهي ويو آهي ۽ ماڻهو پاني “بازار بينگ” ٿي پيو آهي يا ٻڻايوويو آهي جنهن جي ڪا وڏي سريلس ويليو ناهي رهي. ماڻهوءَ سان سرمايه واد پاران ٿيل انهي جُٺ ڪيترين ئي بُراين جا منهن کولي ڇڏيا آهن . اهي سرمايي وادي واڳون وات ڇتي ڪتي جاوات لڳن ٿا پر انهن جي گگ کان ڪوبه پاڻ پالهو رکي نه پيو سگهي.
    حاجي محمد دل ڏانهن خط لکندي هناستادن جي عزت ڪرڻ ۽ استاد شناسيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي ته هندستان وارن ڪئين ڊاڪٽر زاڪر حسين جهڙي ماڻهوءَ کي اڳتي آندو . کاٽائو ڏانهن لکيل خطن ۾ کاٽائو جي وادل صاحب جي تعزيت کانسواءِ ڪتابن جوب ڳالهيون به لکي ٿو. هو لکي ٿو ته ، “درٻارڪرپٽ ادارو آهي بادشاهن جي ڪچهري خوشامدڙين جو اڏو هوندي آهي ”. اهڙي ريت هڪڙو خوبصورت جملو لکيو اٿس جيڪو سائنسي وصف کان هٽيل آهي پوءِ به ڀلوڙ جملو آهي جنهن ۾ لکي ٿو، ”سج جڏهن ۽ جئين لهندو آهي، اوندهه ظاهر ٿيندي . اونده روشني جو نه هجڻ ناهي ٿيندي پر ان جو پنهنجو وجود آهي”. اهڙي طرح هو اوندهه کي “الڳ وجود طور ڏسي ٿو اهو سندس نيارو خيال آهي . راڻي حمير سنگهه ڏانهن خط لکندي هو کيس مطالعي جي صلاح ڏيندي لکي ٿو، سمورا علم تاريخون مطالعو ڪندين ته راڄ جو راڻو ٿيندين نه ته ڪيترائي سوڍا ٿر ۾ پيا اٺ چارين . شيام داس جو شيءَ ڏانهن لکيل خط ۾ هو مذهب جي مختلف پهلوئن بابت اپٽار ڪري ٿو ۽ لکي ٿو To Define god is to deny god ۽ مذهب ۾ به پنهنجي نياري خيال جي تنوار ڪري ٿو سندس لاڙو هندو مت شومت ڏانهن سرس نظر اچي ٿو پر ٻڌ جا مول متابه سندس خيالات تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ هو سري لنڪا جي سفرنامي کي ٻوڌي تعليمات جي روشنيءَ ۾ قلمبندڪري ٿو.
    ڪامريڊ روچي رام جي لکيتن کي پڙهڻ کان پوءِ پروڙ پوي ٿي ته اهي گهٽ پاسائيون ۽ گهڻ رخيون آهن جن جي وياکيا ۽ ويئٽ ڪرڻ به ضروري آهي ڪٿي ڪامريڊ سياسي دانشور طور نروار ٿئي ٿو ته ڪٿي تعليمي ڳٺتي رکندڙ سماجيات دان طور اظهاري ٿو ڪٿي ڪميونسٽ نظر اچي ٿو پر سڀني ڳالهين جي باوجود ڪامريڊ روچي رام لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ؛
    مان جوئي آهيان ، سوئي آهيان
    هو ڪميونسٽ آهي ته به پنهنجي خيال وارو، قومپرست آهي ته به پنهنجي نظر پئي سان سدنس ان گهڻ رخي جي پس منظر ۾ شايد اهو ماحول آهي جيڪو ڪکيس مليو. سنڌ توڙي برصغير ايتري مونجهارن ۽ مسئلن ۾ وڪوڙيل رهيا آهن جو ڪامريڊ روچي رام پاران ۽ ٻهڳڻ لم ڪارن هر پهلوءِ تي لکيو آهي . ڪامريڊ جي سمورين لکتن جي ويهي ڪٿ ڪجي ته هو انسانيت سان پيرا ڪندڙ اهڙو سماجياتدان نظر اچي ٿو جيڪو دنيا جي دوزخ کي هيج هندوري ۾ تبديل ڪرڻ بانه رڳو سپنا ڏسي ٿو پر انهن سپنن جي ساڀيان لاءِ هو مختلف دڳ به ڏيکاري ٿو ۽ سنڌي سماج توڙي ننڍي کنڊ جي معاشري کي اهڙو پرامن محبت ڀريو مانڊاڻ دسڻ چاهي ٿو جتي انساني ترقي اتم درجي سان ٿئي جتي محبت جون ماکيءَ کارون مدامي موجود هجن انساني برابريءَ وارو سماج هجي سک هجي ، سرهائي هجي ، شانتي هجي ۽ ائين انسان اڳتي وڌن ۽ پنهنجو مستقبل پاڻ جوڙي راس ڪن.


    ٿر جو نامور شاعر،دانشور،منجم ۽ سماجيات جو ڄاڻو غلام محمد جنجھي

    ٿر جو نامور شاعر،دانشور،منجم ۽ سماجيات جو ڄاڻو غلام محمد جنجھي

    الله تعالى، ٿرپارڪر جي مردم خيز ڌرتيءَ ۾ تمام گهڻي مڻيا رکي آهي، جنهن جي ڏيا ۽ ڏيک دنيا ۾ پاڻ مڃرايو آهي. ٿر پارڪر ۾ قدرتي سونهن ۽ حسن جي جيڪا پالوٽ آهي تنهن جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور آهي. واريءَ جي ساگر طور سڃاتو ويندڙ هيءُ خطو ڳڻن ۽ ڳڻپ جوڳين ڳالهين سان ڀرپور آهي. ٿرپارڪر جون ڀٽون،ڏهر،برڪت ڀريون تليون،گوڇارون، پوڇانڊا، ٻڪڙون،ڳاٽ، ڳاٽڙيون، مگريا، مندر،پاساڙا،اوچاها، ٽونڪ، ڦنگهه، ناکون ۽ لنگهه ۽ ڪر کڻي صدين کان بيٺل ڪارونجهر، جتي فطرتي حسن جو هوڪو ڏين ٿا، تتي انسان ذات جي اُ تم ورثي حب الوطني،محنت، محبت،بهادري، وچن نباه جي ميدان ۾ به ٿر گهڻن کان گهڻو اڳتي رهندو آيو آهي ۽ پاڻ موکيندو آيو آهي.
    مارئيءَ جو املهه ڪردار جيڪو ساڻيهه جي سڪ ۽ اڏولتا جو انوکو مثال آهي. مسڪين جهان خان جي خدمت گذاري،روپلي جي بهادري،ڄام ساقيءَ جي بين الاقوامي سڃاڻپ، فقير فيض محمد بلالاڻي جي فياضي، ارباب الله جڙئي جي سخاوت، ارباب تاج محمد جي دانائي، ارباب توڳاچي جي سياسي جٽاداري، جگديش ملاڻي جي بي باڪي ، ٿر جي مالها جا جڙادار ۽ جوهردار موتي آهن.صديق گجوءَ جي صلاحڪاري،قائم محمد شاه ، قاضي سليمان ۽ سيٺ جمعه خان جي سياڻپ، سيٺ نهالچند جي مهمان نوازي،ڊاڪٽر شفيع محمد ميمڻ جي مسيحائي،چاچي نواز کوسي جي لوڪ سلوڪ جي وديا، سليمت هاليپوٽيءَ جي مال جي مرض شناسي،ساهڙ ٿيبي جي سگهڙائپ ، ٿر پارڪر جي باغ جا سڳنڌن ڀريا سهڻا وڻ ٽڻ آهن، جن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ملڪن کي معطر ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ سائين سچل جنجهي، عبد الصمد سنگراسي، مولوي جان محمد نهڙي ، مولوي نصيرالدين،مولوي محمد عمر جوڻيجي جي تعليم پروري، حاجي الهداد جنجهيءَ جي شاه لطيف سان محبت، حاجي رحيم راهمي جي زماني شناسي، ميان عبدالحق چانڊيو جي حرفت گريءَ ۾ هوشياري ، رائچند هريجن جي تاريخ نويسي،سوني کنگهاراڻي جي سماجي ڪارڪن طور ملڪي سطح تي مڃتا جا مثال ٿرپارڪر جي ڌرتيءَ جا اهي اهڃاڻ آهن جن جي جوت ۽ جرڪڻ کي ڏسي زمانو ڪيئي زمانا اڳتي وڌندو رهندو.
    ٿرپارڪر جي انهي سون ورني ڌرتي جي مٺي تعلقي جي هڪ وڏي ڳوٺ وڪڙيو ۾ 1921 ۾ محمد عثمان برهاناڻي جي گهر ۾ هڪ ٻار اک کولي جنهن جو نال غلام محمد رکيو ويو. موڀي پٽ هئڻ جي ناتي سندس پرورش انتهائي لاڏ ڪوڏ سان ٿي ڇاڪاڻ جو سندس والد محمد عثمان ڏيساورڏانهن ڍڳن جو واپار ڪندو هو ۽ پنهنجي تر جو نيڪ مرد پڻ هو. پنجن سالن جي سن کي رسڻ مهل ننڍڙي غلام محمد کي ناظره قرآن پڙهڻ لاءِ مڪتب ۾ حافظ دودي حجام جي معلمي هيٺ ڇڏيو ويو. جتان هن قرآن جي تعليم مڪمل ڪئي. تنهن کان پوءِ ٻه درجا سنڌي پڙهيو . ننڍي هوندي کان ئي غلام محمد کي گهمڻ ڦرڻ جو شوق هوندو هو. هن پنهنجي والد سان اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن کيس معصوم ٻار سمجهي نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ننڍڙو غلام محمد اڻ مڙ ۽ اجهل هو. هڪ ڏينهن پنهجي والد سان گڏ سنبري پيو ۽ ضد ٻڌي بيٺو ته ڪنهن به حالت ۾ هندستان گهمڻ هلندس.لاچار محمد عثمان کي سندس ضد مڃڻو پيو ۽ پنهنجي وقت جو انتهائي ڏاهو ۽ دانشور شخص ۽ پختو شاعر، اٺن سالن جي عمر ۾ احمد آباد اچي پهتو، جڏهن سندس جيڏا اِٽي ڏڪر يا اوڙيو راند کيڏي رهياهئا. سندس داخلا احمد آباد ۾ ڪرائي ويئي، جتي هن اڳتي هلي هندي ۽ گجراتيءَ ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪيو. ان وقت احمد آباد سياسي سرگرمين جو محور هو. ڇاڪاڻ جو گانڌي ان کي پنهنجو مسڪن بنايو هو ۽ سندس آشرم تي سڄي هندستان جا وڏا وڏا سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن ڀيرو ڪندا هئا. غلام محمد وچ ۾ وئڪيشن دوران ڳوٺ ايندو ويندو هو.جڏهن جواني جي عمر ۾ وک پاتائين ته سندس لاڙو علم ڏانهن وڌيو ۽ هو پنهنجي اندر جي اُڃ اجهائڻ لاءِ هندوستان جي يونيورسٽين ۾ وڃي ليڪچر ٻُڌڻ لڳو.انهي اڀياسي اوک ڊوک دوران هن جن علمن م مهارت حاصل ڪئي تن ۾ تاريخ،جاگرافي،نجوم، هٿ ريکائن جو علم ۽ علم الاعداد سرفهرست آهن. علم جي انهي جستجو منجهس شاعري جوشوق پيدا ڪيو ۽ هو سنڌي زبان ۾ شاعري ڪرڻ لڳو. سندس شاعري انتهائي پڪي پختي آهي جنهن کي سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي ورثي ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. مثال طور؛
    ويجها ٿيا وصال کي، ساري سڀ سبق ،
    ڏٺئون پنهنجي ڏيل ۾، سبع صاف طبق،
    هنيين جي هٻڪ، لاٿائون لله سين.

    جبل جهاڳيائون، مٽيا سَنڌُ ساڻيهه جو،
    منزل ماڻيائون، ڪشالي سان ڪوه جي.

    سنڌيءَ کانسواءِ هندي،اردو،سرائيڪي ۾ شاعري ڪرڻ سان گڏوگڏ سوين مضمون ۽ مقالا لکي سنڌي نثر جي ميدان جي به آبياري ڪيائين. سنڌي لغات نويسي به سندس شوق ۾ شامل هئي ۽ کيس انهي علم تي به دسترس هوندي هئي. سندس شاعريءَ جي مجموعو “ويجها ٿيا وصال کي” سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇپجي نروار ٿيڻ کانپوءِ به هي ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن؛
    1. وساريان نه وسرن (متروڪ سنڌي لفظن جي لغات)
    2. رتن ڪڻا ريت جا ( سياست،تاريخ، ثقافت بابت مضمون)
    3. ساڻيهه جني ساريو (شاعري)
    4. سِيرَسَوَلي تن کي (آتم ڪٿا)
    5. ڀلو چُڻايو ڀاٽيين....! (جنجهي (ڀاٽي) قبيلي جو شجرو)
    علم جي مُتلاشي غلام محمد جنجهي سياست ۾ تمام سرگرميءَ سان حصو ورتو.آزاديءَ جي تحريڪ دوران ڪانگريس جي ساٿ ۾ ڪم ڪيائين. سرڳواسي پنهون مل گوڙهيار وارو ۽ ڀاڳچند ڪوٽڪ مٺيءَ وارو سندس خاص دوست هوندا هئا.تنهنکانپوءِ پنهنجي مرشد ۽ خلافت تحريڪ جي مشهور رهنما پير غلام مجدد سرهندي مٽياريءَ واري جي هدايتن تي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ کيس ضلعي ٿرپارڪر ۾ ذميواري سونپي ويئي. جنهن دوران پاڻ مسلم ليگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي جستجو ۽ جاکوڙ سان ڪم ڪيائين. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ 60 جي ڏهاڪي ۾ سندس ويجهڙائي جماعت اسلامي سان ٿي ڇاڪاڻ ته هو حيدرآباد دکن جي عثمانيه يونيورسٽي کان وٺي مولانا ابوالاعلى مودودي کي ٻڌندو ۽ پڙهندو رهيو هو. جماعت سان انهي هم آهنگي ۽ وابستگي جو پيچ اهڙو ته پيو جووڪڙيي جهڙي ڏورانهين ڳوٺ، سندس اوطاق تي جماعت جا ڪيترا ئي اهم رهنما پڻ ڪهي ايندا هئا جن ۾؛ مولانا جان محمد ڀٽو، حافظ محمد حيات، سيد علي مير شاه، پروفيسر سليمان طاهر ۽ مولانا محمد يوسف آفندي،ائڊووڪيٽ نعمت الله خان سرفهرست آهن.
    مقامي سياست ۾ ارباب خاندان سان وابستگي ۽ مرحوم ارباب امير حسن سان ويجهڙائي جو تعلق هجڻ جي ڪري سدائين ارباب گروپ جي حمايت ڪندو هو ۽ پنهنجي اختلاف راءَ جو اظهار پڻ واضح لفظن ۾ ڪندو رهندوهو. تنقيد براءِ تعمير سندس دلپسند مشغولي هوندي هئي. سياست جي اٽڪل بازين، چالاڪين، مالي مفادن ميڙڻ کان پري، غلام محمد جنجهي سچو، کرو ۽ بي باڪ سماجي ڪارڪن هو جنهن هروقت پاڻ کان ڏاڍي کي سچ چئي ڏنو پوءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي. ان سچ جي عيوض کيس ڪيڏي وڏي قيمت ڇو نه چڪائڻي پئي هجي. سياست جي ڪارزار کان سواءِ هو حڪمت به ڄاڻندو هو ۽ سندس هٿان ڪيترائي لاعلاج مريض شفاياب ٿيا. نجوم ، هٿ ريکائن جي وديا، ۽ علم الاعداد تي به کيس دسترس هوندي هئي. پر انهن علمن کي هو پروفيشن ڪرڻ جي بجاءِ شوقيه هلائيندو هو. سندس ڪيل ڪيتريون ئي اڳڪٿيون درست ثابت ٿيون .
    ٿرپارڪر سان عشق جي حد تائين لڳاءُ رکندڙ ، هيڻن جو حامي غلام محمد جنجهي انسان شناسي،تاريخ،جاگرافي ۽ ثقافت جي اٿاه ڄاڻ رکندڙ شخص هو. ٿر ۾ رهندڙ ذاتين، انهن جي ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي جي سمورن پهلوئن بابت سندس ڄاڻ وڏي کاڻ هئي جنهن مان هر ڪچهري ڪندڙ پنهنجي حال آهر کوٽائي ڪري املهه هيرا هٿ ڪيا هوندا پر غلام محمد جنجهي جي ڄاڻ جي اٿاه سمنڊ جو ٻيو ڪنارو نظر نه ايندو هو. جن به ساڻس ڪچهريون ڪيون هونديون اهي ئي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيئي سگهن ٿا. طبيعت ۾ انتهائي نهٺو، بهادر، غيور ۽ ڪارونجهر وانگر هن اڏول شخص ڪڏهن به اسٽيجي زندگيءَ جي نامکار ۽ مشهوريءَ جي نه خواهش ڪئي، نه وري ڪوشش ڪئي. هو عالمن ۽ بادشاهن سان به ڪلا ڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪري سگهندو هو ته عام هر هاريءَ سان به ڳن جي ڄاڻ مطابق احوال اوريندو هو. هرهڪ کيس پنهنجي طبقي جو شخص سمجهندو هو.
    سنڌي، اردو ،فارسي،هندي، گجراتي ۽ انگريزي زبانن جي ڄاڻ رکندڙ هن شخص جي زبانداني ته سندس شاعري ۽ نثر مان نروار آهي. جنهن ساڻس اندر اور ۾ حصو ورتو هوندو کيس خبر هوندي ته غلام محمد جنجهي جي علمي ائپروچ ڪيڏي نه اتاهين هئي.
    سماج سڌارڻ جي ايترو ته کيس لگن هوندي هئي جو هو ٿرپارڪرجي اجتماعي مسئلن تي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ وقت جي حڪومتن کي خط لکي آگاه ڪندو رهند هو. جنهن سان ڪيترائي مسئلا حل ٿيا يا حل ٿيڻ طرف وڌيا،
    اٽڪل ڏه ڏهاڪا ڀرپور زندگي گذارڻ دوران غلام محمد جنجهي برصغير جي تمام نامور هستين کي ويجهي کان ڏٺو ،تن ۾ قائداعظم محمدعلي جناح،گانڌي، بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي ، پير غلام مجدد سرهندي، سيد ابوالاعلى مودودي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙيون ناليريون شخصيتون شامل آهن.
    ٿرپارڪر جي هن قادرالاڪلام شاعر،دانشور ، منجم ۽ ماهر سماجيات 16 جون 2010 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. عمر جي آخري حصي ۾ به سندس صحت ايترو ته سٺي هوندي هئي جو بغير عينڪ جي اخبار پڙهند هو.. هلڻ ڦرڻ ۾ اهڙ و ته وک جو ڇانڊو هوندو هو جو کيس جوان به نه رسندا هئا. هٿ اهڙي گرمجوشيءَ سان ڏيندو هو جو سامهون واري کان سيسراٽ نڪري ويندا هئا. غلام محمد جنجهي هن فاني جهان مان منهن مٽائي ويو آهي پر سندس علمي ورثو موجود آهي جنهن مان معنى جا موتي ميڙي سگهجن ٿا.


    سچل سارو سچ...... سائين سچل جنجهي

    سچل سارو سچ...... سائين سچل جنجهي

    جتي نه پکيءَ پير تتي ٽمڪي باهڙي،
    ٻيو ٻاريندو ڪير،کاهوڙڪي کير ري.

    سبحاني،ما اعظم شاني،مان جوئي آهيان،سوئي آهيان، جهڙا سُريلا ۽ معنى دار،پُرمغز۽ نُڪتن ڀريا ٻول سرجندڙ،ستن زبانن ۾ شاعري ڪندڙ،درازن جو دل وارو انسان،سچل سرمست جي نالي سان مشهور آهي،جنهن جي هاڪ ۽ڌاڪ هندين ماڳين ۽ پرکنڊين پڌري آهي،پر جنهن سچل کي اڄ اسين ياد ڪري رهيا آهيون،سو مارئيءَ جي ملڪ ملير جي مٽيءَ مان پيدا ٿيل مڻيادارشخص سائين سچل جنجهي آهي،جنهن کي هزارين ڌڙڪندڙ دليون عقيدت ۽ احترام مان پنهنجي محسن ۽ انسانيت جي گهڻگهري طور مڃتا ڏين ٿيون.
    دنيا ۾ جڏهن تبديلين جو ذڪر ڇِڙي ٿو ۽ انقلابن جي اُپٽار ڪئي وڃي ٿي، ته هر انقلاب پويان تعليم جو رول سگهارو نظر ايندو. پوءِ اُها يُونان جي علمدان تهذيب هجي،قانون ۽قدامت تي اڄ تائين اثر رکندڙ سلطنتِ رُوما هجي، حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم پاران،عرب جي رڻ پٽ تي عظيم تبديلي هجي،داس ڪيپيٽال جي تعليمات جي اثر کان پرين جي ڌرتيءَ ڪوه قاف جو سُرخ انقلاب هُجي يا وري ننڍي کنڊ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جي تحريڪ هجي،اُها تحريڪ به جڏهن پنهنجو پاڻ کي عليڳڙهه تعليمي اساس ۽ ديوبند جي دانائيءَ سان ڳنڍي ٿي تڏهن ئي وڃي ڪي مثبت نتيجا حاصل ڪري ٿي.سنڌ ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي کُلڻ سان هڪ وڏي تعليمي اُٿل پيدا ٿي ۽ قائدِاعظم محمد علي جناح سميت ڪيترائي ناميارا شخص انهن ادارن مان پڙهي نڪتا ۽ قوم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيائون.
    اهڙي ءَطرح ٿر ۾ سائين سچل، چند اُنهن فردن مان آهي جن جو ٿرجي تعليمي تحريڪ ۽ جاگرتا ۾ انتهائي اهم ڪردار رهيو آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ اسڪول ته ڪافي ڳوٺن ۾ اڳ ئي موجود هُئا. پر سائين سچل ،جيئن جنجهي ۾ تعليمي ماحول قائم(establish) ڪيو، تنهن جو مٿال باقي ٿر م ڪٿي به نه ملندو. ٿر ڇا شايد گهڻي پٽ ۾ اِهڙو ڪو هنڌ ورلي لڀي جتي ڪنهن غريب مسڪين ماستر ماڻهو، بُحراني زندگي ڪاٽيندي، ايئن اسڪول وسيلي تعليم قائم ڪئي هُجي. سرندي پُڄنديءَ وارن ماڻهن لاءِ اِهو ڪم ته ڏائي هٿ جو کيل آهي. پر هڪڙي نوڪري پيشه ماستر لاءِ بي مُندائتا ميوا آڻڻ جي برابر آهي. سائين سچل جي اِن تعليمي وڻ جي ڇانو ۾ سوين نه پر هزارين خاندانن پنهنجا آهير اڏيا ۽ اڄ تائين ان گهاٽيءَ ڇانوَ ۾ سندن اولاد سک جا بي اونا ڏاهاڙا گذار يندي، سائين سچل جي روح کي دُعائون ڏيئي رهيو آهي، سائين جي انهيءِ علمي آکاڻيءِ جووستار ڪرڻ کان اڳ اچو ته سندس حياتيءَ جي هڪڙي جهلڪ ڏسندا هلون.
    ڳوٺ جنجهي، ڇاڇري تعلقي جي وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي جنهن کي “جنجهين جو تڙ ”۽ ڍاٽڪيءَ۾ “جنجهان رو تڙهو” چون ٿا. سائين سچل انهيءَ ڳوٺ۾ سيپٽمبر جي پنجين تاريخ سال 1922ع ۾ الهڏني المعروف ڏني جنجهيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. مائٽن سندس نالو سچل رکيو جيڪو پوءِ ڪڏهن “ماستر سَچُو” ته ڪڏهن“ سائين سچل” سڏجڻ لڳو. اِن قسم جا نالا رکڻ پويان سنڌي ماڻهوءَ جي چڱائيءَ وارن قدرن سان اڻ ٽُٽ وابستگي نظر اچي ٿي جو هُو پنهنجي اولاد کي به سچل ڏسڻ چاهين ڇاڪاڻ ته سندن گُمان آهي ته وڌيڪ اثر نه ٿيو ته به نالي جو چاليهون حصو شخصيت تي اثر ٿئي ٿو. سائين سچل ابتدائي تعليم پهريائين “ڪانڪهيئي” جي ڳوٺ ۾ ۽ پوءِ گُل محمد تڙ ۾ ماستر گل محمد رند ۽ شير محمد رند وٽ حاصل ڪئي. جتي چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ، سائين سچل، ڳوٺ واگهي جي ويري ، پڙهڻ لاءِ ويو جتي سندس اُستاد، محترم عبدالصمد سنگراسي هو جيڪو پاڻ به انتهائي لائق فائق اُستاد هو. سندن والد الهڏنو کيس ڳوٺان هر روز ماني پهچائڻ ويندو هو. اسڪول ۾ سچل جي سُڃاڻپ جلدي ۽ سٺي نموني بيت برزبان ياد ڪندڙ شاگرد طور ٿي ويئي. قرآن شريف جي تعليم سائين سچل پهريائين حاجي الهداد جنجهي جي والد حافظ ميگهه کان ۽ تنهن کان پوءِ ڳوٺ راوتسر جي مولوي عبدالحق کان پرائي. ميان عبدالحق رحمته الله عليه جي صحبت هيٺ منجهس خدمت خلق جو جذبو بيدار ٿيو.
    سنڌي فائنل جو امتحان، سائين سچل 1944ع ۾ پاس ڪيو ۽ پاڻ پهرين آڪٽوبر 1945ع تي پڙهائڻ جهڙي پيغمبري پيشي سان لاڳاپجي ويا. اپريل 1949ع تي سائين سچل اُستادن جي سکيا واري اداري ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ داخلا ورتي ۽ 1951ع ۾ ڪاليجي سکيا مڪمل ڪري واپس آيو اُن وقت ڪاليج جو پرنسپال نامور تعليمدان محترم غلام حسين جعفري هو. اهڙي طرح سائين سچل ٽرينڊ Trained اُستاد ٿي واپس پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيڻ لڳو. 70ع واري ڏهاڪي دوران سندس گهر تي ڇاپو لڳو ۽ ڪُجهه گهر ڀاتين سميت گرفتار ٿيو ۽ سندس گهر مان اٺن آنن ۾ خريديل ڪتاب “هيمو ڪالاڻي” هٿ آيو. مٿس ڪيس داخل ٿيو جنهن ۾ ضمانت ڪرايائين.
    1971ع واري پاڪ ـ هند جنگ دوران سائين سچل اباڻا اجها ڇڏي، اسلام ڪوٽ کان اولهه طرف ڳوٺ راڻا ترائيءَ ۾ اچي پڊوسايا جتي ڪُجهه وقت رهي، پنهنجي ڀائرن کي آباد ڪري، پاڻ وري سنڌ جي “دل” جهڙي شهر حيدرآباد ۾ اچي موجود ه سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج پويان پاڙي ۾ رهيو. 71 واري جنگ ۾ حالتون خراب ٿي پيون ۽ ڪُجهه شرپسند ٽولا هندستاني فوج جي (coyer) هيٺ ڦر مار ڪرڻ لڳا، جنجهي ڳوٺ ۾ به يرغمال بڻائي، مهمان نوازي ڪندي چڱي موچاري مِڏ ڪئي. انهيءَ ردعمل ۾ وري اڳتي هلي جنجهي ڳوٺ جو گهيرو ٿيو ۽ بقول اُستاد محمد رحيم جي ته انهيءَ گهيري جي ڪمانڊ ڇاڇري جي ڪوٽڙيءَ جو ڪُوپو، لڇمڻ سنگهه ڪري رهيو هو. جيتوڻيڪ انهن روين جو ڦَلُ کيس ان صورت ۾ مليو جو پاڻ هتان کان ڀڄي هندستان ويو ۽ هينئر سندس ڪوٽڙي گڏهن جو کرو بڻجي. خلق لاءَ عبرت جو نشان بڻجي چڪي آهي ته دنيا جي مغرور ، ۽ جابر حڪمرانن جو انجام ڇا آهي . سو ان گهيري دوران هر ماڻهو کان سڀ ڪجهه ڦريو ويو. ايتري قدر جو پاتل ڪپڙا به لهرايا ويا. اها هئي انهن همراهن جي ذهنيت، سائين سچل ڪوٽ پائيندو هو، سو لڇمڻ سنگهه اهو ڪوٽ به لهرايو تڏهن سائين کيس چيو ته زوراور “ناس جي دٻلي” ته مون کي موٽائي ڏيو پر سندس هڪ به نه ٻڌي ويئي ۽ ائين اها ناس جي دٻلي به ان ڪوٽ سان گڏ هلي ويئي.
    سائين سچل کي اولاد جي روپ ۾ ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ پيدا ٿيا. ماشاءَ الله ٽيئي پنهنجي ميدان ۾ نام ڪٺا ثابت ٿيا آهن. سندن وڏو فرزندڄام ساقي ڇاڇري جهڙي ننڍڙي شهر جي هاءِ اسڪول ۾ سائنس ۾ داخلا نه ملڻ باوجود دنيا جو وڏو ليڊر آهي، دنيا ۾ بازاري معيشت واري مافيا روس کي ٽڪرا ٽڪرا نه ڪرائي ها ته ڄام ساقي پاڪستان جي وڏي اڳواڻ طور دنيا ۾ ڇوڙيون نبيريون ڪري ها، اڄ به سندس سياسي ڪَٿَ اهڙي ته تُز آهي جو جڏهن پاڻ سياست تي راءَ ڏيندو آهي ته وڏن وڏن جا ڍڪر وڄي ويندا آهن. الله کيس وڏي ڄمار ڏي ۽سکيو ستابو رکي، جمهوريت ۽ ترقي پسندي لاءِ سندس ڪيل خدمتون برصغير جي سياسي تاريخ جو سُنهري باب آهن .سندن ٻيو فرزند محمد سلطان ڊاڪٽري جي شعبي سان وابسته آهي ۽ ٻارن جوڊاڪٽر آهي. غريب غربي جو هڏڏوکي آهي، اوکي سوکي هيڻن جي سار لهندڙ آهي ۽ خاموشي سان ٿر ۽ ٿري ماڻهن جي خدمت ڪندڙ آهي. سائين جي اڪيلي ڌيءَ “مارئي” استاديءَ جي پيشي سان لاڳاپيل آهي ۽ سائين ڳوٺ ۾ جڏهن ڇوڪرين جي اسڪول کولرايو ته مثال قائم ڪرڻ لاءِ پهريائين پنهنجي ڌيءَ کي ان ۾ داخل ڪرايو.
    هاڻي موٽون ٿا سائين سچل جي وڏي ۽ اهم ڪارنامي يعني جنجهي هاءِ اسڪول ڏانهن، جنهن ڪري اڄ ڪيترائي ماڻهو انتهائي وڏن عهدن تي فائز آهن ۽ هزارين خاندان پنهنجي مڇي ماني ۽ رٻ روٽيءَ وارا آهن.
    ڳوٺ ۾ هلندڙ پرائمري اسڪول ۾ سائين سچل 1960ع ۾ انگلش ڪلاس کولرايو، جتي پهريون استاد بختاور سنگهه ٺڪرمقرر ٿي آيو ۽ انهن ڪلاسن جي شروعاتي شاگردن مان سنڌ جو ناميارو صحافي سهيل سانگي به هڪ آهي. 1961ع ۾ نئين پاليسي تحت اسڪول جو درجو وڌائي مڊل اسڪول ڪيو ويو ۽ 1974ع ۾ ترقي ڪندي ،اسڪول، برانچ هاءِ اسڪول طور ڪم ڪرڻ لڳو، جنهن جي ڪارڪردگي کي مدنظررکندي، سرڪار سڳوريءَ مهرباني ڪندي 1979ع ۾ هاءِ اسڪول جو مڪمل درجو ڏنو پر اسڪول کي ڪا به سرڪاري عمارت نه هئي ۽ سائين سچل ڳوٺاڻن جي سهڪار سان خانگي عمارتن ۾ اهو اسڪول هلارائيندو هو. نيٺ جڏهن هاءِ اسڪول جي عمارت منظور ٿي ته معاملو ان هنڌ اچي ڦاٿو ته ڪو به پلاٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿئي، سڀني سرنديءَ وارن موقف اختيار ڪيو ته اسڪول جي عمارت ٻئي ڪنهن هنڌ شفٽ ٿئي ته ڀلي ٿي وڃي پر اسان وٽ ڪو به پلاٽ ناهي، تڏهن سائين سچل ڏونري تي هٿ هڻي چيو، زوراور! منهنجي اباڻي ٻني سروي نمبر 44 ڳوٺ جي آسپاس آهي، اِها آئون اسڪول لاءِ عطئي طور ڏيان ٿو ۽ کاتو لکي سمورا حق اسڪول کي منتقل ڪريان ٿو. اِها ٻني به سائين جي والد صاحب ڪنهن دور ۾ 60 روپين ۾ باراچن کان ورتي هئي. ائين سائين سچل پنهنجي واحد غير منقوله جائداد جي قرباني ڏئي، اسڪول جي ٺهيل موجوده عمارت کي منتقل ٿيڻ کان بچائي ورتو. هر ڪنهن ماڻهوءَ جي همت ناهي ته تعليمي ادارن لاءِ پنهنجي زمين سڀ جي سڀ ارپي ڇڏي پر سچل سمورو سچ هو ۽ کيس پنهنجي مقصد سان عشق هو، اٽوٽ وابستگي هئي. ان جذبي کيس سڄي عمر جوان، تازو توانو ۽ نوبنو رکيو. پاڻ تعليم لاءِ تمام وڏا وڏا ڪم ڪندو رهيو. اسڪول جي شروعاتي ڏهاڙن جي يادگيري بيان ڪندي مشهور صحافي سهيل سانگي هيئن بيان ڪري ٿو ته اسڪول لاءِ شروع ۾ جڏهن ڪکايون لانڍيون ٺاهڻ لاءِ وڃي ميدان ۾ پهتاسون ته ڳوٺاڻن سخت اعتراض واريو، جنهن تي سائين سچل جو والد “ڏنو” مرحوم پاڻ سڀني ننڍڙن شاگردن کي گڏ ڪري لٺ کڻي پڙ ڪڍي بيٺو ۽ للڪاريندي سڀني کي چيائين ته اسين اسڪول اڏيون ٿا توهان کي موڪل آهي وڻي جيڪي ڪريو، اسان کي هتان ڪير به مرڻ مارڻ کان سواءِ هٽائي نه ٿو سگهي. اسين هن اسڪول لاءِ پنهنجي رت جي قرباني ڏيڻ لاءِ به يار آهيون، پوءِ انهن لانڍين ۾ سائين سچل پاڻ ڇيڻو گڏ ڪري اڱڻ وجهندو ۽ راڳو ليپو ڪندو هو. هينئر ته گڏهين گج وڌا آهن، هر ڳوٺ ۾ وستيءَ ۾ رڳو اسڪول ئي اسڪول آهن پر تعليم غائب آهي.هاءِ اسڪول ٿيڻ کانپوءِ،ماڻهو پنهنجي ٻارن کي هاءِ اسڪول جنجهي موڪلڻ لڳا. ائين ٻاهران ايندڙ ٻارن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. انهن سڀني ٻارن جي مناسب رهائش لاءِ سائين سچل هڪڙو فارمولو جوڙيو ته جنهن جا جيترا ٻار اسڪول ۾ پڙهن ٿا اهو پنهنجي ٻارن سان گڏ اوترن ئي ٻاهرين ٻارن کي رهائيندو ۽ جهڙو پاڻ کائيندو اهڙو ئي ٻاهرين ٻارن کي کارائيندو پياريندو. ان کان پوءِ به جيڪي ٻار بچيا تن کي سائين سچل پنهنجي گهر رهايو جن لاءِ سمورو کارائڻ ۽ پيارڻ جو انتظام سندس گهر واري مرحومه مينهن ٻائي ڪندي هئي ۽ ان حد تائين جو جيڪي شاگرد اگهائي سگهائي ۾ يا عادتا بستري ۾ پيشاب ڪري ڇڏيندا هئا ،تن جا ڪپڙا به پاڻ هٿن سان ڌوئيندي هئي. سڄي ڳوٺ ۾ رهندڙ شاگردن جي نظرداري سائين پاڻ ڪندو هو ۽ پوءِ جڏهن اِهي ٻار خيرن سان ميٽرڪ پاس ڪري وٺندا هئا ته کين اڳتي داخلا وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ ۾ به سائين پيش پيش هوندو هو . ان حد تائين جو انهن مان ڪي غريب مسڪين ڇوڪرا پروفيشنل ڪاليجن ۽ ٻين ادارن ۾ ويندا هئا ته سائين سچل مختلف ماڻهن جي سهڪار سان انهن شاگردن جي مالي مدد به ڪندو هو، اهڙي طرح اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استادن جو به هر طرح خيال رکندو هو ۽سڀني کي انتهائي تاڪيد ڪندي چوندو هو ته زوراور متان ڏسو ڪنهن استاد کي ڪو ايذاءُ ۽ اهنج نه رسي نه ته مون کان “بُڇڙو ماڻهو نه ڏسندو!”. تعليمي ميدان ۾ هيڏيون ساريون خدمتون سر انجام ڏيندڙ سائين سچل کي ڪِن سياسي ترجيحات جي ڪري ضلعي بدر ڪندي، پهريائين چوڌري عنايت الله،پوءِ پرائمري اسڪول عارف ڪاڪا تعلقو حيدرآباد ۽ ان کان پوءِ جرار ٿيٻو تعلقي ٽنڊو الهيار ۾ مقرر ڪيو ويو. سائين ايتريون بدليون ٿيڻ باوجود نه مايوس ٿيو نه ورچي ويٺو، بقول لطيف سرڪار جي :
    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
    سو جتي ويو اتي اسڪولن کي ترقي وٺرائڻ ۽ پوسٽ آفيس کولرائڻ، سائين سچل جي سرگرمين جو مکيه محور رهندا هئا. پوسٽ آفيس کولرائي، ان کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پاڻ لفافا وٺي مختلف دوستن ڏانهن خط لکندو هو جيئن پوسٽ آفيس بند نه ٿي وڃي .ان عرصي دوران ڪامريڊ ڄام ساقيءَ کي حڪومت ڪاٺ ۾ قابو ڪيو ته سائين سچل جي ڪُلهن تي ڄام جي ننڍڙن ٻارن جي پرورش جي ذميواري به اچي ڪڙڪي ،پر سائين انهن ٻارن کي انتهائي شفقت ۽ محبت سان سانڍي، کارائي پياري وڏو ڪيو. سجاد ظهير نجنيئر آهي ۽ بختاور ڊاڪٽرياڻي آهي، اها هئي سائين سچل جي همت جنهن اهڙين اڻوڻندڙ ۽ اعصاب شڪن حالتن ۾ به همت نه هاري ۽ ڪُتن جي ڀونڪڻ باوجود فقير پنهنجي رُخ ۾ رمندا رهيا.
    سائين سچل نه رڳو سٺو استاد، لگن رکندڙ سماجي ڪارڪن، شفيق مائٽ هو پر ان سان گڏوگڏ ِ سائين سچل انتهائي ظريف طبيعت رکندڙ انسان به هو. هونئن ته ڪنهن کي ڪجهه ڪين چوندو هو پرجيڪڏهن کيس ڪوئي ڇيڙيندو هو ته پوءِ ان جي جواب ۾ مڙئي اهڙي هڻي ڇڏيندو هو، جو سامهون وارواُها ڳالهه سڄي عمر ياد ڪندورهندو هو.جڏهن ڄام ساقيءَ تي ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو هو، محترما بينظير ڀٽو شهيد، غوث بخش بزنجو ۽ ولي خان جهڙا نامور سياستدان بچاءَ جا شاهد هئا. سائين سچل به شنوائي واري ڏينهن ويندو هو جيئن پنهنجي پٽ سان ملي سگهي. پهريون دفعو ويو ته سادي لباس ۽ ٽٽل چپل ۾ ڏسي حاضرين مان ڪنهن پڇيو ته هي پوڙهو ڪامريڊ جو ڇا ٿو ٿئي. سائينءَ کي به اِها چُنگ اُهنجي محسوس ٿي سو ٺهه پهه چيائين ته “ڪامريڊ جي ٻيو ته آئون ڪي ڪين ٿو لڳان باقي سندس والده سان منهنجو نڪاح ٿيل آهي، تنهن تي ولي خان وارا ته سمجهي ويا پر چوندا آهن ته “جهڙا ڪانو تهڙا ٻچا”، سو ڪامريڊ ڄام جي حس ظرافت ڀڙڪو کاڌو ۽ پاڻ نهايت ادب وچان گستاخي معاف ڪرڻ لاءِ عرض ڪندي لاءِ عرض ڪندي ٺهه ڦهه وراڻيائين ته “بابا سائين اِهو قرض ڏاڏو اڳ ئي لاهي چڪو هو” ۽ ائين محفلزعفران زار بڻجي ويئي.
    ٻيو دفعو جڏهن سجاد ظهير کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو ته ڄام صاد ق علي جو دور هو. چون ٿا ته سائين چيو ابا منهنجي ڄام صادق علي صاحب سان ڳالهه ڪرايو ته کيس سجاد لاءِ عرض ڪريان. سو فون ملائي ڏنائونس ته مخاطب ٿيندي ئي فارسي جو هي شعر پڙهيائون.
    گُرگ ميرو سگ وزير و مُوش ديوان مي شود،
    زاغ ضابط خر تنابي، مُلک ويران مي شود،
    يعني جتي بگهڙ بادشاهه، ڪتو وزير۽ ڪوئو وڪيل هوندو، ڪانءُ ضابطو رکندڙ ۽ گڏهن نگهباني ڪندڙ هوندو ته ملڪ ويران نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو، تنهن تي ڄام صادق عليءَ کيس دلداري ڏيندي چيو بابا وڏي دل ڪر تنهنجو پٽ جلدي تو کي ملندو. پوءِ سجاد ظهير ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿي جلد ئي موٽيو.
    اهڙيءَ طرح انيڪ واقعا آهن جيڪي سائين سچل جي زنده دلي، حاضر جوابي جو چٽو ثبو ت آهن. سائين سچل سڄي ڄمار تعليم ۽ غريبن لاءِ ِ جاکوڙيندو رهيو ۽ عمر جا آخري ڏهاڙا حيدآباد ۾ اچي پنهنجي اولاد وٽ رهيو. سندس ۽ سندس گهر واري جي پينشن مان ٻنهي پٽن (ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ محمد سلطان) کي گهر اڏائي ڏنائين ۽ آخري عمر ۾ کيس گردن جي تڪليف ٿي پئي جنهن ڪري پاڻ 31 ڊسمبر ڇنڇر جي ڏينهن صبح سويل 1991ع ۾ حيدرآباد ۾هن فاني جهان کي الوداع چيائين. ڄام ساقي ان وقت جهموريت لاءِ لانگ مارچ ڪري رهيو هو سو به حيدرآباد کي ويجهو هئڻ ڪري پهچي ويو ۽ سائين سچل کي سندس لاڏاڻي کان پوءِ حيدرآباد جي بابن شاهه واري قبرستان ۾ دفنايو ويو. مٿس شل الله جي رحمت هجي. سائين سچل جي آخري هڪڙي خواهش هوندي هئي ته جنجهي هاءِ اسڪول،ترقي ڪري ڪاليج ٿئي ۽ اتي ڇوڪرن جي رهائش لاءِ هاسٽل به ٺهي پر اها خواهش اڄ تائين به خواهش آهي، سندس نالي کي مان ڏيڻ ۽ ياد رکڻ لاءِ،محترم پير مظهرالحق،سينيئر وزير،سنڌ حڪومت جن،هن اسڪول جو نالو، هاءِ اسڪول سچل جنجهي رکيو آهي،تنهن لاءِ سمورا ٿر واسي سندس شڪرگذار آهن. سائين سچل جي زندگي۽ تعليم لاءِ ڪيل سندس جدوجهد سڀني لاءِ راه جي رهبر جي حيثيت رکي ٿي جنهن جي روشنيءَ ۾ ايندڙ نسل پنهنجي ڪردار ۽ منزل جو تعين ڪري سگهن ٿا.


    ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون....... ڪوئلي جي ڪور جو ڳوٺ وڪڙيو

    ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون....... ڪوئلي جي ڪور جو ڳوٺ وڪڙيو

    ٿر هونئن ئي قدرت جو اهڙو حسين خطو آهي جنهن جي تاريخي ، ثقافتي حيثيت جو هرهڪ معترف آهي. ٿرکي جيڪو ڏوري ڏسي ٿو سو جتي به وڃي ٿو اتي ٿر جي سونهن جا ڍُڪ ڀري ٿو جنهن کي ٻُڌي ٻيا ماڻهو به اچي ٿر ڏسن ٿا.ايئن اهو سلسلو صدين کان جاري ۽ ساري آهي. ٿرتهذيبي حسن ۽ ٻهڳڻائپ سان اڳ ئي ڀرپور هو مٿان جو وري ڪوئلي جي ڪهاڻي شروع ٿي تنهن ٿر جي نالي ۽ نامکار کي ويتروڌائي ڇڏيو. اهو سلسلو مختلف وقتن تي ڪيل زميني اڀياسن وسيلي دنيا تائين پهتو ۽ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو ان وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد سنئري درس جي سُندر ڳوٺ کان ڳائو (اٽڪل 3 ڪلومِيٽر) پنڌ تي اوڀر طرف محب ڏهر ۾ ڪهي آئي ۽ اچي افتتاح ڪيائين. جنهن ڏينهن افتتاح ٿيو هو ان ڏينهن محب ڏهر ۾ اهي ڪاموراڪڙا به ڪهي آيا هئا جن ڪڏهن ٿر اچڻ جو سپنو به نه ڏٺو هو. ان کان پوءِ ، ٿر جي ڪوئلي واري ڌرتيءَ کي 12 بلاڪن ۾ ورهايو ويو ۽ ڪجهه بلاڪن تي ڪم ڪار به هلي رهيو آهي ڪن بلاڪن ۾ وري ڪي نيون ڌُريون به اکيون وجهيو ويٺيون آهن. ڪوئلي جي ڪهاڻي ءَ بابت ڪنهن ٻي ڀيري، هينئر ٿر جي ڳوٺن جي ڳالهه ڪريون ٿا جيڪي ڪوئلي واريءَ ڌرتيءَ مٿان آهن. انهن ڳوٺن ۾ تمام گهڻا وڏا ڳوٺ آهن ته ڪيئي ننڍڙا ڳوٺ ، ڍاڻيون ۽ وانڍون آهن جن سان اتي رهندڙ انسان جو جياپو لاڳاپيل آهي. ڳوٺ اهڙي وسندي آهي جيڪا ڪافي وقت کان مستقل طور آباد هجي، جنهن ۾ پاڻيءَ جو وسيلو موجود هجي، جنهن جي آسپاس ڪجهه زمين آسائش طور ”اجهور“ جي نالي سان رکيل هجي ، جنهن جي پنهنجي سيم هجي، جنهن کي پنهنجا گئوچر هجن، جنهن جو پنهنجو دنگ مڪان هجي. ڍاڻي وري ڳوٺ جو اهڙو عارضي قسم آهي جيڪا وسڪاري جي مند ۾ عارضي وسنديءَ طور ٻنيرا پنهنجي ٻنين تي قائم ڪنداآهن پوءِ اها ڪٿي ڪٿي مستقل وسيءَ جي حيثيت اختيار ڪري ويندي آهي پر ان ۾ هڪ ئي خاندان جا چند گهر آباد هوندا آهن. اهڙي طرح وانڍ مال سانگي قائم ڪيل ان وسنديءَ کي چيو ويندو آهي جيڪا پوءِ جٽادار صورت اختيار ڪري ويندي آهي پر وانڍ ۾ به چند گهر هونداآهن. اهي ڳوٺ وانڍيون ۽ ڍاڻيون امن آجپي ۽ مالداريءَ جي آسائش جا اهڙا ماڳ آهن جن ۾ سُک شانتي، محبت ۽ رواداري ريل ڇيل رائج هندي آهي. ٿر جو اهي وسنديون هڪ وڏي سماجي ۽ تاريخي مرحلي وار عمل جي نتيجي ۾ وجود پذير ٿيون آهن. اهڙي ئي هڪ تاريخي وسندي ٿر جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ وڪڙيو آهي جيڪو منهنجو مسڪن پڻ آهي . وڪڙئي جو ڳوٺ اسلام ڪوٽ شهر کان اٽڪل 40 ڪلوميٽر اوڀر طرف آباد آهي جتان ننگرپارڪر ۽ عمرڪوٽ کي ملائيندڙ رستو گذري ٿو. هن قت جتي سنڌ حڪومت ۽ اينگرو پاران گڏيل طور کُليل کاڻ وسيلي ڪوئلي ڪڍڻ جو ڪم هلي رهيو آهي ان هنڌ کان اٽڪل 2 ڳائو (6 ڪ م) اوڀر طرف آهي. اٽڪ 8000 آباديءَ تي مشتمل هي ڳوٺ ڪنهن وقت جي قديم شهر ڪانڌلڪوٽ جي هنج جي ۾ آباد آهي. ڪانڌلڪوٽ جي آثارن تي اڃا تائين ڪم نه ٿيو آهي. انهن آثارن جو ٺڪراٺو اولهه اوڀر ۾ 5 ڪ م ۾ ۽ اتر ڏکڻ ۾ 3 ڪ م ۾ پکڙيل آهي. انهن آثارن مان لڳي ٿو ته اها وسندي مٽيءَ جي دور َ جي آهي. وڪڙئي جي اولهه ۾ درسن جو خوبصورت ڳوٺ سنئري درس آهي جنهن سان جوڙيوال ڳوٺ ٿاهري جو تڙ آهي جنهن جي مشهوري به ڪوئلي وانگر ملڪان ملڪ ٿي آهي باقي اتي حقيقي ترقي ڪڏهن ايندي اهي اتان جي رهواسين جو وڏو خواب آهي. وڪڙئي جي اوڀر ۾ سيد غالب شاه جو ڳوٺ آهي جنهن کي سيد جو تڙ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. اُتر ۾ ڳوٺ صالح جنجهي آهي جنهن کي صالح جو تڙ به سڏيندا آهن. ڏکڻ ۾ سمن جو ڳوٺ وليءَ جو تڙ آهي جنهن جو سرڪاري نالو کارو حبيب آهي. ڏکڻ اولهه ڪنڊ ۾ جيئندودرس آهي جنهن کي جيئندي جو تڙ به چوندا آهن. اُتر اولهه ڪنڊ ۾ ڄامن سمون آهي جنهن کي سمي جو تڙ چوندا آهن. اتراوڀر ڪنڊ ۾ پراڳو ڀيل آهي جنهن کي پراڳي جو تڙ به چيو ويندو آهي. انهي ڏس ۾ وري ميگهه کاوڙيا ۽ عثمان جي ڍاڻي به واقع آهن. ٿر جي ڳوٺن ۾ لفظ تڙ ان ڪري اچي ٿو جو ڳوٺ آباد ئي تڙ يا کوه جي کوٽائي سان ٿئي ٿو. وڪڙيو ڪڏهن آباد ٿيو ان بابت ڪا لکيل تاريخ موجود ناهي پر روايت آهي ته
    هڪ سپوٽ شخص وسائي جنجهي هي ڳوٺ آباد ڪيو . وسايو نبيسر ٿر جو رهاڪو هو ۽ بينون يا پاوا وڄائڻ جو شوقين هوندو هو. هڪ ڏينهن وسايو سندس مامي جي اوطاق تي بينو وڄائي رهيو هو ته پاڙي جي هڪ پوڙهي مائي اچي کيس طعنوڏنو ته ”ڇو اچي اسان جي ننڊ ڦٽائي اٿئي . گهڻو شوق اٿئي ته پنهنجو ڳوٺ وڃي ٻڌ ۽ اُتي وڃي پاوا وڄاءِ.“ ايئن هو نبيسر مان نڪتو ۽ هتي اچي ڳوٺ آباد ڪيائين. پر هن ڳوٺ جو نالو وڪڙيو پيو. ان بابت به مختلف ڳالهيون آهن . ڪي چون ٿا ته هتي ڪا وراڪي واري ترائي وراڪڙي ترائيءَ جي نالي سان هوندي هئي تنهنڪري اهو نالو پيو، ڪي چون ٿا ته موجوده ڳوٺ جي اتر ۾ هڪڙي وسندي هئي جنهن ۾ پيئڻ بلا ڪاهي پيئي جنهن تمام گهڻي آباديءَ کي متاثر ڪيو ۽ پيئڻ بلا جو تعداد ايترو ججهو هو جو ماڻهو ڪوڪون ڪري وٺي ڀڳا. اهڙي طرح ڳوٺ ڪوڪريو سڏجڻ لڳو جيڪو اڳتي بدلجي وڪڙيو ٿيو. اها روايت اسان جا وڏا گجرات واپار سانگي ويندا هئا جتي کين هڪ عورت اها ڳالهه ٻُڌائي هئي جو انهي عورت جا وڏا به پيئڻ جي ڊپ مان ڪڪڙئي مان ڀڄي نڪتا هئا.
    وسائي جنجهيءَ ڪڇ مان کوه جي منظوريءَ جو پروانو وٺي ڳوٺ ٻڌو ته سندس واسطيدار ۽ ڪجهه ٻين ذاتين جا ماڻهو اچي آباد ٿيا . شروع ۾ ته 32 ذاتين جا ماڻهو رهندا هئا جن مان ڪجهه لڏي ويا ڪجهه ذاتيون پاڻ ۾ ضم ٿي ويون . هن وقت به ڪافي ذاتيون رهن ٿيون جن ۾ جن ۾ هند ن جون ذاتيو به آهن ته مسلمانن جون ۽ سڀئي پاڻ ۾ انتهائي هم آهنگيءَ سان رهن ٿا. سڀني کان وڌيڪ تعداد ۾ ”جنجهي“ آهن. ان کانسواِءِ سنگراسي، ڀيا، مڱريا، پنهون، درس، سيٺار، حجام، ولهه، کير، ڌارا، ڀيل ، ميگهواڙ، ڪولهي، ڪنڀار، پير، گرڙا ۽ لوهار شامل آهن. هتي اٽڪل 35 کن کوه آهن . پاڻي فراهمي جي هڪ وڏي رٿا آهي جيڪا ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت هلائين ٿا ۽ گهراگهر پاڻي پهچي ٿو پر پاڻي کارو آهي. 4 ننڍا رورس آسمپسس پلانٽ به لڳا هئا پر اهي خراب هجڻ جي ڪري اڪثر بند رهن ٿا. هتي يونين ڪائونسل جو هيڊڪوارٽر به آهي. مڊل اسڪول ۽ بنيادي صحت مرڪز به آهن پر وڌيڪ تعليم لاءِ ماڻهن کي شهرن ڏانهن وڃڻو ٿو پوي ۽ ويم وغيره لاءِ ماءُ ٻار جي صحت جو مرڪز هئڻ ضروري آهي. هن ڳوٺ ۾ مالدار ي به آهي ته ڪجهه ماڻهو نوڪري ڪن ٿا. پڪي روڊ ۽ سيل فون جي سهوليت سان ڳنڍيل هي ڳوٺ مٺي پاڻي لاءِ هن وقت به سرگردان آهي . کاري پاڻيءَ جي ڪري گرميءَ جي موسم ۾ ڪافي بيماريون ٿينديون آهن. هن ڳوٺ سان لاڳاپيل تمام گهڻيون ڳڻوان ڳالهيون به لاڳاپيل آهن جيڪي ڪنهن ٻئي ليک ۾ بيان ڪبيون. ڳوٺن ۾ هيترن سارن مسئلن ۽ مونجهارن جي باوجود تاريخ ۽ ثقافت جو اٿاه اثاثو موجود آهي.


    سڏونت ۽ سارنگا

    سڏونت ۽ سارنگا

    دُنيا جي ھر خطي جُون ريتون رسمون ، اُتڻي ويھڻي ، کاڌو پيتو ، اوڍ پھر دوستيون دُشمنيون ، محبتون نفرتون نراليون ٿين ٿيون جيڪي اُن خطي جي ماڻھن جي مزاج کي کِن ۾ کولي سمورو سمجھائين ٿيون ـ اِن ريت ٿر جي ھن گڻواڻ ڌرتيءَ تي جتي مارئي جھڙي حُب الوطني جو جڳ مشھور مثال عورت ٿي گذري آھي ، تتي لوڪ داستانن ۽ لوڪ گيتن ۾ ڳائجندڙ ” سارنگا “ به پيدا ٿي جنھن جي پريت جي نرالي داستان پارڪر جي تاريخ تي ان مٽِ نشان ڇڏيا ، جيڪي اڄ تائين ڀٽ ۽ ڀان چارڻ ۽ وارتائي پنھنجي واتان بيان ڪندي ، نسل در نسل منتقل ڪندا اچن ـ اچو ته پان به اِن داستان کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪريون ـ
    عيسوي صدي پھرين اھو زمانو آھي جڏھن پاري ننگر مشھور بندرگاھه ھو تنھن سمي پاري ننگر تي شاليواهن نالي ھڪڙو نام ڪٺو راجا راڄ ڪندو ھو ـ سندس ھڪه پُت ھو جنھن جو نالو سڏونت ھو ـ انھي وقت پاري ننگر پرڳڻي ۾ اوسواڙ قوم جي اڪثريت ھوندي ھُئي جيڪي سُکيا ستابا ۽ پنھنجي وارا ھوندا ھُئا ـ انھن ۾ سيٺ ” پرم شا “ نالي ھڪڙو ارب پتي اوسواڙ رھندو ھو جنھن کي سارنگا نالي ھڪ نياڻي ھوندي ھُئي ـ سندس سُھڻي صورت ، مُھڻي مورت ۽ ڪجل ڀنيون ڪٽورن جھڙيون اکيون ، کُڙين تي لڳندڙ ڪاريون چوٽيون ۽ سندس عمر جي ڪلي ٽڙي جوڀن جي گُلاب جي صورت ۾ ظاھر ٿي ته سندس ذڪر ھندين ماڳين ٿيڻ لڳو ـ ھڪه ڏينھن پڙھڻ خاطر جيئن سارنگا اسڪول وڃي رھي ھُئي ته سڏونت سامھون اچي ويو ٻنھي جون اکيون چار ٿيون ۽ تارن جا تير جسمن مان آرپار ٿي ويا ۽ جيءَ جُثي جان جي ھيڪاند ، عشق جي اين تير ٽوڙي وڌي ، ٻئي ڄڻا بيوس ٿي پيا ـ اِن منظر کي چارڻ ھيئن چٽيو آھي :
    ناڻ پڌارٿ ، نيڻ رس ، نيڻي نيڻ ملنت ،
    اُڄاڻ سين پريتڙي ، پھرين نيڻ ڪرنت ـ
    ۽ سارنگا جو سڏونت سان سٻنڌ ٿي پيو جنھن جا پيـچ ڏينھون ڏينھن پُختا ٿيندا ويا ۽ ھڪٻئي جي جُدائي جيءَ کي جھورڻ لڳي ـ سارنگا جنھن اسڪول ۾ پڙھندي ھُئي، سڏونت به اُتي ئي اچي پنھنجي داخلا ڪرائي، اسڪول کي ھڪڙو باغ ھوندو ھو جنھن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ شاگردن جا ايئن وارا مقرر ڪيل ھوندا آھن جيئن اڄ به ٿر جي ٻھراڙين جي سوين اسڪولن ۾ پاڻي ۽ ٻُھاريءَ جا وارا مقرر ڪيل آھن ـ سڏونت ۽ سارنگا به اُنھي باغ جي بھاني ھڪٻئي سان مک ميلو ڪري ، روح جون راز ۽ نياز واريون اندر اورون پيا اوريندا ھُئا ـ
    جڏھن سارنگا سورھن سالن جي چري وھي ۾ پير پاتو تڏھين مائٽن کيس اُجين پرڳڻي جي ھڪ سيٺئي سان سڱايو ـ پر سڏونت جي سڪه سارنگا کي اھڙو سوگھو ڪري ڇڏيوھو جو جڏھين اُجين اھو سيٺيو ڄڃ وٺي چونريءَ چڙھڻ پارڪر پھتو ته سارنگا سھلين سان صلاح مصلحت ڪري پنھنجي بجاءَ ھڪه داسي ڏني جيڪا اُن سيٺيي سان پلئو ٻڌي چونريءَ چڙھي ـ ڇاڪاڻ ته سندس من جي مندر ۾ مُورتي رڳو سڏونت جي پيل ھُئي ـ پوءِ ڄڃ رواني ٿين کان اڳ سارنگا سينھو موڪليو سڏونت کي ته ڳوٺ جي مندر ۾ ساڻس اچي مُلاقات ڪري ڇو ته سارنگا کي ڳوٺان روانو ٿيڻ کان اڳ مندر اچي پوڄا پاٺ ڪرڻو ھو ـ سڏونت اھو ٻڌي سج لٿي ئي مندر ۾ ديرو ڄمائي اچي ويھي رھيو اڏ رات گذري ويئي پر سارنگا نه آئي ، سڏونت کي اندر جي اُڻ تُڻ ۽ آڌمان درمان منتظر اکيون ڪڍڻ نٿي ڏنيون ، ايئن انتظاري بيقراري واري ڪيفيت کيس اچي اھڙو آتو ڪيو جو کيس ننڍ ورائڻ لڳي ـ ڇاڪاڻ ته ننڍ سوليءَ تي به اچي ويندي آھي ـ ھُن ننڍ ڏيندڙ ۽ ننڍ اکوڙيندڙ دوا پيل ھُئي ، ھُن ننڍ ڦٽائو دوا وٺڻ لاءِ کيسي مان ھڪه گوري ڪڍي کائي ڇڏي پر ڀُل ۽ اونداھه سببان ھو ننڍ ڏيندڙ گوري کائي ويو پوءِ ته ننڍ کيس الوٽ ڪري ڇڏيو ـ ٿوري پل کانپوءِ سارنگا ڇم ڇم ڪندي آئي ، پنھنجي سُپرين کي گھڻو ئي جنجھوڙيو پر سڏونت کي سار نه ٿي ـ نيٺ مايوس ٿي سارنگا ڪا نشاني ڇڏي ھلي ويئي جنھن کي چارڻ ھيئن بيان ڪري ٿو :
    پاري ننگر کان پڌاري ، ڪر جو ڀڳوئا ويس ،
    جنھن گھر ناريل رنکڙو ، تنھن گھر ڪر جو اليک
    سج ڪني ڪڍي سڏونت کي سار ٿي گھڻو ئي پڇتايائين ۽ پنھنجي ھٿن تي سارنگا جي ڇپيل نشاني ڏسي ڀڳوئان ويس ڪري گھوڙي تي چڙھي اُجين نگريءَ ڏانھن اُسھيو ، ۽ عشق نانگ نپٽ آھي خبر کاڌن کي پوي سو سڏونت به ھِن حالت ۾ روانو ٿيو ھو :
    تن پرتو پسم لڳا ، ھٿ ۾ ليئا ڪير ،
    سارنگا تيري ڪارڻي ، ڪريو ويس فقير ،

    پاري ننگر جو ھي شھزادو جتان ٿي گذريو ته نظر آيو ٿي ته ھيءَ ڪو شھزادو وڃي رھيو آھي ۽ ماڻھن کي اھا پروڙ ھُئي ته ھيءَ شھزادو سارنگا پويان پيو وڃي ڇو ته سارنگا جڏھن ھڪڙي ڳوٺ مان گذري ھُئي ته اُن جو ٺٺ ٺاھه ۽ روپ سروپ ڏسي ، پارڪر جي ھڪڙي ريٻاريءَ کان ٿڻن مان کير لوٽي ۾ وڃڻ بجاءِ ھيٺ پئي ھاراڻو ـ اِن بابت فقير چيو آھي :
    پاراڻي را رائڪا ، ٿارو ڏوڌ ڍوراڻو جاءِ ،
    سڏونت آئي ايم ڪھي ، سارنگا روتي جاءِ ـ
    اي پارڪر جا مالدار تنھنجو کير پيو ھارجي ، جي سڏونت اچي ته کيس چئجان ته سارنگا روئندي پئي وڃي ـ
    سارنگا جي ڄڃ ھڪڙي وڻ ھيٺيان وڃي ٽڪي ، سڏونت به پُٺيان پئي آيو سو اٽڪل ڪري وجھه ڏسي وڻ تي چڙھي ويو ـ اڌ رات ھُئي ته سڏونت جي اکين مان ڳوڙھن ڳالھايو۽ لڙڪه اچي سارنگا جي سون ورني ڳل تي ڪريو ـ تڏھن سارنگا چوڻ لڳي :
    آنٻو جھري ، آنٻلي ڀڄي نو سرھار ،
    رس تو پس چکيا ، ڪم روئي گينوار ـ
    اي انب جا وڻ تون جھڙي منھنجي نوسر ھار کي ڇو ٻُسائي رھيو آھين ، تو ته سمورا رس چس چکيا آھن چريا ڇو ٿو روئين ؟
    گھوٽ جي ڀاءُ ، سارنگا جي ڏير اھو ڏوھيڙو ٻُڌو پئي ۽ صبح جو جڏھن سارنگا ساري رات انتظار جي پُلصراطي ڪيفيت ۾ لُڇي پُڇي رات ڪاٽي اُٿي ته سندس سريل ڪپڙا ۽ بي آبو چھرو ڏسي ھُن چيو :
    ڪانچوئو ڪس ميئو ، سارو ڀرانو سري ،
    ويرا ! مين تنا ڀر جيئو ، ڀاڀي ناءِ ڪئري ،
    ادا ، ڀاڀي جي پائڻ وارو ڪپڙو ڪسن وارو ٿيو پيو آڳي ۽ اوڍڻ سريو پيو آھي ، لڳي ٿو ته ڀاڀي سان خير ڪنھي !
    جڏھن سارنگا اھي ٻول ٻڌا ته اِن صورتحال کي ماٺ ڪرڻ لاءِ وچ ۾ ڳالھائي ۽ چوڻ لڳي :
    ٻودو ڪپڙو ٻھو رنگو ، سبڻ وارو اڍ نگ ،
    ٽڙ ٽر ٽانڪا ٽُٽيا ، آرس موڙيندي انگ ـ
    يعني ڪپڙو پراو ۽ ٻودو ھو ۽ اناڙي درزيءَ جو سبيل ھو تنھن ڪري ڪر ڀڃندي ٽانڪا ٽٽي پيا ـ
    ايئن ٿورن ڏھاڙن بعد ڄڃ پھتي ، سڏونت به پنڌ ڪندو پئي آيو ، سندس ٻنھي ھٿن تي محبوب جون ڳالھيون لکيل ھُيون تنھن ڪري جنھن به تلاءَ تي ويو ٿي ، جانورن ونگر وات سان پاڻي ٿي پيتائين يعني ھٿن کي آلو ٿين کان بچائيندو رھيو ـ نيٺ ڪشالا ڪڍندو سڏونت به وڃي اُجين پُھتو ـ گيڙو ويس ڪري ، انگ ڀڀوت بڻجي ، سارنگا جي گھر جو ڏس پتو پُڇي وڃي گھر جي چانئٺ وٽ الک جاڳايائين ـ سارنگا موتين کي سونھري ٿالھه ۾ وجھي ، جوڳيءَ کي بکيا ڏيڻ آئي ، ٻنھي جون نظرون ھڪ ٿيون ، ٿالھه سارنگا جي ھٿ ۾ ئي رھجي ويو ـ ھو ٻئي ڄڻا بيخود ٿي ھڪٻئي کي نھارڻ لڳا ، ۽ ڪانگ اچي اُن موتين ڀري دان واري ٿالھه تي ويٺو ، اِھو لقاءَ اتان جي بادشاھ پنھنجي محلات مان بيٺي ڏٺو تنھن کان رھيو نه ٿيو سو سڏ ڪري چيائين !
    اس نگري مين مُورک رسي چتر وسي نه ڪوءِ ،
    ڪاگا موتي چڳ گيا ، ڪوڪه نه ڪري ڪوءِ ،
    راڻي چيو ايئن ناھي ته ھي ڪو چريا آھن جو ھِن حال ۾ آھن پر اصل ماجرا ڳِن ريت نظر اچي رھي آھي :
    اس نگري مين چتر وسي مورک وسي نه ڪوءِ ،
    ٻالا پڻ ري پريتڙي ، ميت ميلا پوءِ ھوءِ ،
    ايئن ڀتن ۽ ڀانن اِن ڪھاڻيءَ کي اِن Climax تي پھچائيندي ھيئن بيان ڪيو آھي ته پوءِ اِن ميت ميلاپي واري ساڳي صورت ۾ ٻنھي جو در پروز ٿي ويو ۽ ٻين چاھيندڙ دلين جي روحن جو حسين ميلاپ جڳ جھان لاءِ ھڪڙو مثال بڻجي ويو ـ


    ٿر جي مسڪيني ، مسڪين جهان خان ۽ سماج سڌارپ

    ٿر جي مسڪيني ، مسڪين جهان خان ۽ سماج سڌارپ

    ٿر، جنهن جون اڻ ڳڻيون سڃاڻپون آهن، انيڪ آکاڻيون آهن، هزارين لکين حسناڪيون آهن، کوڙ ساريون کڙڳن کي کلون ڪرائڻ جون ڪهاڻيون آهي، امرويرتاجون انيڪ وارتائون آهن، فطرت جي نظارن جون فراوانيون آهن.انهن سڀني من موهيندڙآکاڻين کان هٽي ڪري، هڪڙي لڱ ڪانڊاريندڙ، روح ۾ راڱاوجهندڙ غربت جي به ڪهاڻي آهي، جنهن کي پارڪرجو پٺن اگهاڙو ڪولهي ئي سمجهي ٿو ۽ بيان ڪري سگهي ٿو جنهن جو پيٽ اها ڪهاڻي پيٽ ورن ۾ سانڍي سانڍي پُٺيءَ سان وڃي لڳو آهي. سندس ڪهاڻي نه ڪنهن ٻُڌي آهي نه ئي ڪنهن سمجهي آهي ، بس ماڻهن رڳو سُئي آهي. هاڻي ادراڪ جي انهي ٽئين درجي مان ڪهڙي اُپت ڪڍجي ته ٿرجي غربت جو انهن بابولوڪن کي ڪهڙو احساس هوندو جنهن کي معدني پاڻيءَ کانسواءِ ٻيوپاڻي زهرجيان وڻاه ڪري ٿو يعني نقصان ڏئي ٿو ۽ هو اهڙي عامي پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪن ٿا . ڪرنگهي جي هڏيءَ سان پيٽ لڳل انهي ڪولهيءَ جي ڪهاڻي مختلف زمانن ۾ اڀري نروارٿيندي رهي آهي. پران آکاڻي جي ڪن رس وارا آڱرين تي ڳڻڻ جيترالڀياآهن جن غريبن جي انهي دردجي پردرد دانهن کي ورنايوهوندو.اها دانهن جنهن جو ڪوئي آواز ناهي، سُر۽ ساز ناهي جو هي ”گاڏهان ڪن“ ٻُڌي سگهن. اها واڻي ته ڪواندرجي سماعت جو اوزارٻڌي سگهي ٿو جنهن جو ن تارون روح ۾ کتل هجن. اهڙن املهه ماڻڪ ماڻهن مان ساميءَ جي ويري جو مسڪين جهان کوسو به هڪ هو جنهن عام طورغريبن لاءِ ۽ خاص طورٿرجي غريبن لاءِ جيڪو خدمت جو مثال ڇڏيو آهي تنهن سان ڪو ڪاري عينڪ پائي ڊبل ڪئبين ۾ ويٺل ، معدني پاڻي پيئندڙ ، پاڻ کي سماج سُڌارڪ سڏائيندڙ ڪٿي ٿو مقابلو ڪري سگهي. مسڪين ٿرجي ماڻهن جي خدمت ڪئي هئي ۽ جديددورجا سو ڪالڊ سماج سُڌارڪ پنهنجي پروجيڪٽي داتائن جي نمڪ حلاليءَ ۾ پوراآهن.
    مسڪين جهان خان کوسي جي سماجي خدمت، ٿرجي موجوده حالتن ۽ سماج سُڌارپ جي ڪم ڪار ۽ غربت جي جائزي وٺڻ لاءِ ، خيال مسڪين جهان خان بابت محمد بخش ”مجنون “ بلوچ جي ڪتاب جي پڇاڙڪين سٽن ڏانهن وڃي ٿو، جنهن ۾ هن لکيو آهي، ”مسڪين مولائي پنهنجو ڪم خاموشيءَ سان بغيرڪنهن شوروشريا نام ونمود جي، تادم آخرڪندو ئي رهندو. مائوزي تنگ پنهنجو 25000 ميل لمبو مارچ پورو ڪري پنهنجي منزل مقصود حاصل ڪري چڪو آهي، پر مسڪين محترم جو لانگ مارچ اڃا به جاري وساري آهي!! ڪڏهن ٿو ختم ٿئي ان جي خبرالله کي ! لطيف سائين رح به اهڙن ئي انسانن لاءِ ته چيو آهي؛ اڃا ڪي ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي“
    سچ ته ٿر۽ پارڪراڄ به جن حالتن مان گذري رهياآهن ، جيڪا غربت آهي، جيڪي اهنج ۽ ايذاءَ آهن ، جيڪي ڏک ڏاکڙاآهن، تن لاءِ مسڪين ۽ مسڪين جي سفرجي ضرورت آهي. مسڪين هندستان جي دنگ ڀرسان پارڪرجي ڳوٺ سامي ويريءَ ۾ جنم ورتو هو . سامي ويري جي ماڻهن کي ننگرپارڪر تائين پهچندي ، محمد بخش مجني مطابق ”ڪاڙڪيءَ جو قهري رڻ، رڳو رائو ۽ رُڃ “ پارڪرڻو پوي ٿو. هونئين به ”پارڪر“ پنهنجي پاڻ ۾ پار اڪرڻ رهيو آهي ته ڪن ليکڪن هن حصي کي کارو پارڪرڻ به لکيو آهي. پرين جي نهٺن نيڻن جهڙي پارڪرجي ڌرتيءَ جي حيثيت سموري ٿر۾ منفرد آهي جيئن ننڍي کنڊ ۾ بنگال جي ڀونءِ پنهنجي مزاج ۾ الڳ حيثيت رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪاري جادوءَ کان وٺي موجوده دور جي سماج سُڌارڪي ڳوٺاڻي ترقيءَ جي ڪم جي شروعات اتان ٿي آهي. ننڍي کنڊ مان جن ماڻهن کي نوبل انعام مليو آهي تن ۾ بنگال جون ٽي شخصيتون... رابندرناٿ ٽئگور، امرتياسين ۽ محمد يونس...... شامل آهن . پارڪر به ٿرپارڪر جو اهو منفرد خطو آهي جنهن تي ڪارونجهرجهڙو اڏول ڏونگرماءُ جي ٿڻ وانگرنروارٿيل آهي جنهن جي برڪت ڀري اپت لکين پارڪرين جي پيٽ جو مداواڪيو آهي. جتي کارو مٺو پاڻي ٻئي اچي ملنداهئا. هتي جا ماڻهو پنهنجي جوهر۾ وچن نباه ۽ وفاداريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
    پارڪرگذريل ٻن صدين ۾ ٽي وڏادورڏٺاآهن. هڪڙو دور سامراج جي سامهون مهاڏواٽڪائڻ جو دورهو. جنهن ۾ راڻي ڪرڻ جي، روپلي ڪولهي، ۽ مسڪين جي وڏڙن برطانوي فوجن جو مڙس ٿي نه رڳو مقابلو ڪيو پر پيسجي وڃڻ کانپوءِ به پساه ۾ سانڍي رکڻ جهڙيون سورويرتاجون ساروڻيون ڇڏيون جن يورپ جي چالاڪ اڇن لوڪن کي گهوماٽي وڌو هو.پارڪرجي پراسرارڌرتيءَ تي جيڪا آزاديءَ جي جنگ 1859 ع ۾ وڙهي ويئي هئي سا دليءَ جي 1857ع واري جنگ کان پنهنجي پر ۾ سرس ۽ سوائي هئي. ٻيو دور وري تعليم ۽ جاڳرتا وسيلي ماڻهن کي اڳتي آڻڻ جو دورآهي. جنهن ۾ سڳاڙچند ميگهواڙ، عالمچند ڪولهي ۽ گهمن سنگهه ڀيل، هئا جن ماڻهن ۾ تعليم جو شوق جاڳايو ۽ ماڻهن کي سماجي شعور۽ جاڳرتا جي جذبي سان سرشارڪيو. انهن هتان جي غرب لوڪن کي هڪڙو گڏيل پليٽفارم مهياڪري، اڳتي وڌڻ جو گس ڏيکاريو.ٽيون دور مسڪين جهان خان جو دور آهي جنهن کي سماج سُڌارپ جو دورچئي سگهجي ٿو. مسڪين پنهنجي عمل سان رضاڪاراڻي خدمتگاريءَ جو سنهري مثال قائم ڪيو. ماڻهن کي وک وک تي اهو پيغام ڏنو ته غريب جو ڪم بي لوث ٿي ڪبو ته ٿيندو نه ته ڪجهه به نه ورندو وٽندو.
    مسڪين جهان خان جي حياتيءَ بابت محمد بخش مجني انتهائي ڀلوڙ ڪتاب لکي خدمتگاري ءَ جي هن رضاڪار هيري کي سنڌ ۾ موکي ڇڏيو ۽ اتان وري ڪجهه ماڻهن مسڪين بابت لکيو ته مسڪين جو تعارف سمنڊ پاربه يقينن پهتو هوندو تنهنڪري پاڻ انهي تفصيل ۾ نٿا وڃون پر ٿوري ۾ ڳالهه ايئن آهي ته؛
    • مسڪين جهان خان سامي ويري ڳوٺ جي کوسن جي سرنديءَ واريءَ آڪهه جو فرد هو جنهن جا وڏا به نامياراماڻهو ٿي گذرياآهن جن جو ذڪر انگريزن جي لکيل رپورٽن ۽ گزيٽيئرن ۾ به آهي. مسڪين پوليس ۾ نوڪري ڪندي به غيرپوليسي مزاج رکندو هو. سخي ۽ خداترس هوندو هو. ظلم کان کيس نفرت هوندي هئي. سندس هڪڙوئي مشن ۽ مقصد هوندو هو انسانيت جي بي ريا خدمت.
    • مسڪين جهان خان خدمت جي جذبي ۽ ظلم خلاف ردعمل ڏيکاريندي پوليس جي نوڪريءَ کي سوني چڙيا کي اڏاري ڇڏيو هو جڏهن چڱن چوکن گهرن جو اولاد انهي پکي جو طالبو هو.هن ڪنهن تي ظلم ٿيندو برداشت نه ڪيو ۽ وردي لاهي ان مظلوم سان يڪجهتي ڏيکاريندي ، ”خان“ کوسي مان مٽجي ”مسڪين“ ٿي پيو هو.
    • مسڪين جي ٿرجي مسئلن جهڙوڪ غربت ، ڏڪار، صحت وغيره بابت تمام گهڻو لکندو هو ۽ ان وقت جيڪي اخبارون شايع ٿينديون هيون تن ۾ اهي ليک ڇپبا هئا جن کي پڙهي مسڪين ته خوش ٿيندو هو پروس وارن کي ٿرجي دردڪهاڻيءَ جي ڪل پوندي هئي ۽ اهي مسڪين سان رابطي ۾ ايندا هئا. انهي دور ۾ پاورپوائنٽ پيشڪاريءَ واري پروجيڪٽي ترقي اڃا ڪانگ جي پيٽ ۾ به نه هئي
    • لکڻ پڙهڻ کانسواءِ ، مسڪين ٿرجي ڏکن ڏولائن جا اهي جگري احوال وس وارن کي يا ٻين سونهن ۽ سُڄاڻ ماڻهن کي ٻُڌائيندو هو ۽ کين ٿرين جي مددلاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
    • خدمتگاريءَ جي انهي سموري جاکوڙ ۾ مسڪين رضاڪارهوندو هو جيڪو ڪيئي ٽڪ لنگهڻ به رهجي ويندو هو ته ڪيئي ڏينهن گهر جو منهن به نه ڏسندو هو. انهي سموري ڪم لاءِ هو ڪوبه معاوضو نه وٺندو هو. هن وقت حالتون اهي آهن ته جيڪو ماڻهو ٻه لک رپيا مهينو پگهار کڻي ٿو اهو به پاڻ کي سماج سُڌارڪ طور متعارف ڪرائي ٿو. پئسن تي دنيا سڄيءَ ۾ انيڪ قسمن جي خدمتگاري چالو آهي پر اها حقيقي انساني خدمت ناهي پيٽ پوڄا آهي يا ٻيو ڪجهه آهي
    • ٿرجي سڀني ماڻهن کي عمومن ۽ نوجوانن ۽ سماجي خدمتگاريءَ جو شوق رکندڙن کي خصوصن ڪتاب ”مسڪين جهان خان کوسو“ (ليکڪ: محمد بخش ”مجنون“) پڙهڻ گهرجي
    مسڪين جي اهڙي ڪردار کي ڏسي ٿرجي موجودو حالتن کي ڏسجي ٿو، ٿرجي غربت کي ڏسجي ٿو ، ٿرکي درپيش للڪارن کي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته مسڪين جو اهو لانگ مارچ اڃا پڄاڻيءَ تي نه پهتو آهي جنهن جو ذڪر ڪندي محترم محمد بخش مجني صاحب مسڪين کي مائوزيتنگ سان ڀيٽيو هو. ٿرپارڪرجيڪو هن وقت ستن تعلقن.... مٺي، ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ، ڏاهلي ۽ ڪلوئي....تي مشتمل آهي. جنهن ۾ گرينائيٽ، چيني مٽي، لوڻ ۽ ڪوئلي جا ذخيراآهن. هن وقت هي علائقو پڪن روڊن، سيليولرفون ۽ انٽرنيٽ وسيلي دنيا سان ڳنڍجي چڪو آهي پرڇا ٿر جي اڪثرآبادي اڃا غربت جي ڪُن ۾ ڦاٿل ناهي؟ ڇا سڀني ماڻهن کي پيئڻ جو پيئڻ لائق مٺو ۽ صاف سُٿرو پاڻي ميسرآهي؟ ڇا ڳورهاريءَ عورت کي ويم دوران يا ان کان اڳ جي تڪليفن کي ايئن ئي منهن ڏيڻو نٿو پوي جيئن اڄ کان 50 سال اڳي منهن ڏيڻو پوندو هو؟ڇا غريب جي ٻار خصوصن ڇوڪرين کي پنجين ۽ اٺين درجي کان پوءِ اسڪول ڇڏڻو نٿو پوي؟ڇا لکين ٻارلڏپلاڻ جي ڪري ، اسڪول بدرنٿاٿي وڃن؟ ڇا پارڪر جا هرڻ ۽ روجهه محفوظ آهن؟ ڇا ٿرجي وڻڪارواڍيءَ جي ور نه چڙهيل آهي؟ انهن سڀني مسئلن ۽ غربت جي وڌنڌڙرجحان کي ڏسجي ٿو ته مسڪين جهڙي ڪردارجي ضرورت محسوس ٿئي ٿي جيڪو سڀني شين کان مٿاهون ٿي ٿرين جي خدمت ڪري. هو رنگ نسل مذهب ۽ ذات پات جي متڀيد کان مٿاهون ٿي خدمت ڪري. ٿرجي فطرتي سونهن ۽ شاهوڪاري جي ڪري ڪيئي ڳجهون ڳاٽ کنيو ”ڪُڻڻاٽ “ ڪري رهيون آهن ته ٿرکي ڪيئن ڳڙڪائجي. ٿرجي عام ماڻهوءَ جا جيڪي مسئلاآهن تن بابت مسڪين وانگرسندرو ٻڌي، ڳوٿريءَ ۾ سمروجهي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مختلف مشنريون جڏهن غربت جي نالي ۾ پارڪر جو ماڻهن جو عقيدو تبديل ڪرائينيون هيون ته مسڪين کي ڏک ٿيندو هو ۽ هو چوندو هو ته اها غربت سان وڏي مذاق آهي. اڄ به جڏهن غريب ماڻهو اسپتال ۾ مريض کڻائي وڃي ٿوته کيس دڳ لائڻ وارو ڪو سونهون ناهي . عام ماڻهو جڏهن پنهنجي ٻار جي تعليم لاءِ ڪنهن شهري تعليمي اداري ۾ اچي ٿو ته به کيس انهن ئي مونجهارن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.امداد جي ڪم لاءِ اچي ٿو ته به انهن واڳن جي وات چڙهي ٿو جن جون پيڙهيون سرڪاري امداد تي پلجنديون آيون آهن. دانهن ڪوڪ کڻي انصاف لاءِ وڃي ٿو ته به انهي مڊل مين جي منهن ۾ پوي ٿو جيڪو کانئس دادرسيءَ جو به اجورو طلبي ٿو. سماج سُڌارپ جي نالي ۾ ڪم ڪندڙن وٽ وڃي ٿوته اتي به عام ماڻهوءَ سان ساڳي هلت آهي. اهڙين حالتن ۾ عام ماڻهو پاڻ کي بيوس ۽ لاچارمحسوس ڪري ٿو ڇوته هو هڪ ته اڳيئي غريب آهي ۽ غربت جي ڪاڪ محل جي انڌارڀونرن ۾ ڀنواٽيون کائي رهيوآهي ، مٿان وري جو مشڪلاتن ۽ مونجهارن ۾ ڪوئي اهڙو سونهون ناهي جيڪو کيس ڪا واٽ ڏيکاري. اهڙي صورتحال ۾ مسڪين جهان واري مسڪين پروريءَ واري سماج سُڌارپ جي ٿر ۾ ضرورت آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2922682
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 759811
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ