شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

لاڙڪاڻي ۾ جديد ادب جي سجاڳي آڻيندڙ تاج محمد ابڙو تحرير: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

ادب جي اوسر ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون به اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جيڪي پاڻ ته نه لکندڙ هونديون آهن، پر لکندڙ پيدا ڪنديون رهنديون آهن. هو ادب جي آبياري ڪنديون آهن ۽ اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجيون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ لاءِ ميدان مهيا ڪري ڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح هو پسمنظر ۾ رهي اديبن جي صلاحيتن کي نکيرڻ ۽ اڀارڻ ۾ بنيادي خدمت سرانجام ڏينديون آهن. ادبي تنظيمون انهن جي ئي دم سان قائم هونديون آهن ۽ انهن جي ئي ڪوشش جو نتيجو هونديون آهن. اهڙين شخصيتن مان لاڙڪاڻي جو هڪ باصلاحيت ۽ وسيع مطالعي جو مالڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي سان جنهن زماني ۾ منهنجي واقفيت ٿي، ان زماني ۾ هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪيل هو ۽ سندس اوطاق شام جي وقت ۾ اديبن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جو خاص مرڪز هوندي هئي.
ابڙو صاحب وڏي مطالعي جو مالڪ هو ۽ سندس لئبريريءَ ۾ قانون جي ڪتابن سان گڏ هر علم جي شاخ تي ڪتاب موجود هوندا هئا. هُو سياست، فلسفي، ادب ۽ ٻين لاڳاپو رکندڙ علمن تي ڪتاب پڙهندو رهندو هو. خاص طرح سان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب پڙهيا هئائين ۽ هميشه پڙهندو رهندو هو. لاڙڪاڻي جا شاعر ۽ اديب، خاص طرح سان اهي اديب جيڪي جديد لاڙن موجب ادب تخليق ڪري رهيا هئا، انهن سان سندس دوستي هئي. منهنجو اشارو جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ ڏانهن آهي. هن پاڻ ته سنڌي ادب جي سلسلي ۾ قلم کان ڪم ڪونه ورتو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي جديد سنڌي ادب جي لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪيائين. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم سنڌي ادب جي خدمت هڪ تحريڪ جي ذريعي ڪئي. اها تحريڪ آهي سنڌي ادبي سنگت، جنهن اڳتي هلي سنڌي زبان ۽ ادب جي سلسلي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. يعني سنڌي جديد ادب جي آبياري تاج محمد مرحوم ڪئي، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ هينئر سڄيءَ سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي.
تاج محمد مرحوم سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ اياز قادريءَ ۽ خادم حسين شاهه مرحوم جي ذريعي ٿي. محترم ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي تمام گهري دوستي تاج محمد ابڙي مرحوم سان هئي. ساڻس گڏجي آءٌ ڪيترا ڀيرا تاج محمد ابڙي مرحوم سان ملڻ ويس ۽ انهن ڪچهرين کي ٻڌندو رهيس، جيڪي تاج محمد مرحوم جي اوطاق تي ٿينديون هيون.
انهن ڏينهن ۾ يعني 1950ع جي ڏهاڪي ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جو مرڪز هئي. لاڙڪاڻي ضلعي جون شخصيتون جهڙوڪ مولوي نذير حسين، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ ٻيون ڪيتريون شخصيتون اتي اوطاق تي اينديون هيون ۽ وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. سياسي بحث ٿيندا هئا، ملڪ جي حالتن تي ويچار ٿيندو هو ۽ علمي ادبي مجلسون منعقد ٿينديون هيون. جمال ابڙي صاحب سان به اتي ئي ملاقات ٿي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي به ابڙي صاحب جي اوطاق تي ئي گفتگو ڪندي مون ٻڌو. حيدر بخش جتوئي مرحوم مون کي ڏاڍو سچو، مخلص ۽ پنهنجي نظريي سان وفادار انسان نظر آيو. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ اتي ويندو هيس ۽ انهن شخصيتن کي ٻڌندو هيس. اهڙيءَ طرح منهنجي ذهني اوسر ٿي ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ادب جي لاڙن کان واقف ٿيس. جيئن ته محفل ۾ شرڪت ڪندڙ گهڻا دوست اشتراڪي فلسفي جي سياسي، تاريخي ۽ ادبي لاڙن تي گفتگو ڪندا هئا، انهيءَ ڪري مون کي به سياسي ڳالهين جي واقفيت حاصل ٿي ۽ ادب جي جديد لاڙن کان متعارف ٿيس.
بهرحال، تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق هڪ اهم مرڪز هو، جنهن سياستدانن، اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن کي هڪ ميدان مهيا ڪري ڏنو. مون ڏٺو ته هُو پاڻ جيتوڻيڪ اشتراڪي نظريي جو قائل هو، پر هن ڪڏهن به بحث ۾ سخت رويو اختيار نه ڪيو، بلڪه گهڻي قدر بحث ۾ الجهندو ئي نه هو. ذاتي شرافت، خلوص ۽ هر انسان لاءِ محبت جو جذبو سندس طبيعت مان نمايان هوندو هو. سندس ملڻ جي انداز ۽ ٻهڪندڙ چهري مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ چاهيندو هئس ته ابڙي صاحب جي محفل ۾ وڃجي ۽ ان سان ڪجهه گهڙيون گذارجن.
لاڙڪاڻو علم، ادب جو مرڪز رهيو آهي. هتان ئي ادبي ڪانفرنسن ۽ شاعرن جي ابتدا ٿي. هتان ئي ”اديبِ سنڌ“ رسالو نڪرندو هو، جنهن سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ تحريڪ جو باني ۽ جمعيت الشعراءَ جو هلائيندڙ حاجي محمود خادم هن ئي شهر ۾ رهندو هو. ان سان به منهنجيون ادبي ڪچهريون ٿيون.
البت جنهن دؤر جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، يعني 50ع جو ڏهاڪو، انهن ڏنهن ۾ حاجي محمود مرحوم وٽ ٿيندڙ ڪچهريون ماٺيون ٿي ويون هيون. اهو خال تاج محمد ابڙي جي جاءِ تي ٿيندڙ محفلن ڀري ورتو. انهيءَ ئي دؤر ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. انهيءَ لحاظ کان صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو باني تاج محمد ابڙو هو. سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به تاج محمد ابڙو ئي هو. هُو جيتوڻيڪ پاڻ اهلِ قلم يا سنڌي زبان جو ليکڪ نه هو، پر سنڌي ادب جو پرستار ۽ سٺو ادبي ذوق رکندڙ هو. هو ادب جي ترقي پسندانه لاڙن جو قائل هو ۽ انهن کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي اهم خدمت سرانجام ڏنائين. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته صحيح ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان سنڌي جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.
انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي هر هفتي شام جو مدرسه هاءِ اسڪول واريءَ بلڊنگ ۾ ٿيندي هئي، جتي هينئر گورنمينٽ گرلس ڪاليج آهي. انهن گڏجاڻين ۾ آءٌ به شريڪ ٿيندو هيس. تاج محمد صاحب مرحوم باقاعدگيءَ سان انتظام ڪندو هو. سندس ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري ئي لاڙڪاڻي جا ڪيترا ئي اديب ۽ شاعر انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ آءٌ ملازمت ڪري لاڙڪاڻي کان ٻاهر هوندو هئس، پر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ايندو هئس. مون انهن ئي گڏجاڻين ۾ جمال ابڙي جا سنڌي افسانا زباني ٻڌا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا. بعد ۾ اهي ڪتابي صورت ۾ ”پشو پاشا“ جي نالي سان ڇپيا. ٿيو ائين جو انهن ڏينهن ۾ جمال ابڙو موڪل تي هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. مون به پنهنجي ادبي سفر جي ابتدا انهن گڏجاڻين کان ڪئي. مون پنهنجا ڪجهه تحقيقي مقالا انهن گڏجاڻين ۾ پڙهيا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ مان ڇپيا. خاص طرح سان سنڌ ۽ بلوچستان مقالو انهن محفلن ۾ پڙهيو هيم. سڀني دوستن جو انهيءَ ڪري به هن مقالي توجه ڇڪرايو، ڇاڪاڻ جو ان مقالي ۾ بلوچستان جي مشهور اهلِ قلم گُل خان نصير جي تاريخ کي بحث هيٺ آندو ويو هو.
مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار جيتوڻيڪ سنڌي اديبن ۾ نٿو ٿئي، پر سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو.
تاج محمد ابڙو مرحوم هڪ مخلص انسان هو ۽ انسانيت جو عملي نمونو هو. هن کي ڪنهن سان نفرت ڪندي نه ڏٺم، پر هرهڪ سان خلوص ۽ محبت سان ملندي ڏٺم. منهنجا عزيز ۽ دوست سندس دوست هئا، جيڪي سندس محبت، اخلاص ۽ شرافت جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ سندس بي داغ ڪردار جي تعريف ڪندا هئا.
گهڻي وقت کان پوءِ ساڻس ملاقاتون 1972ع ۾ سکر ۾ ٿيون، جڏهن هو سکر ۾ سيشن جج هو. سندس بنگلو اسلامڪ ڪاليج جي استادن جي گهرن جي لڳ هوندو هو. مان به انهن گهرن مان هڪ گهر ۾ رهندو هئس. شام جو وٽس ويندو هئس ۽ ڪيترو وقت ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسون، پر اهي ڪچهريون به گهڻو وقت نه هليون، ڇاڪاڻ جو 1972ع جي آخر ۾ منهنجي سکر مان بدلي ٿي وئي.
دنيا ۾ هونءَ ته ڪيترن ئي ماڻهن سان انسان جو ملڻ ٿئي ٿو، پر انهن مان تمام ٿوريون شخصيتون هونديون آهن، جيڪي ٻين کي متاثر ڪنديون آهن ۽ ٻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن. انهن جي گفتگو ۾ اهڙو ته تاثير ٿئي ٿو، جو ماڻهو ان ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ شخصيت تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، انهن مان تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جيتوڻيڪ ساڻس ملاقاتون وقفي کان پوءِ ٿينديون رهيون، تڏهن به کيس وساري نه سگهيو آهيان. شاهه صاحب جي لفظن ۾:
ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور،
جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين.

تاج محمد مرحوم اهڙو ئي شخص هو، جيڪو وسري نه سگهندو آهي. اهو فقط منهنجو رايو نه آهي، پر انهن سڀني ماڻهن جو رايو آهي، جن جا تعلقات تاج محمد مرحوم سان هئا. تاج محمد ابڙي مرحوم جا تعلقات نه فقط آزاد خيال ۽ اشتراڪي نظريو رکندڙ ماڻهن سان هئا، پر هُو ڪن ٺيٺ مذهبي ماڻهن جو دوست به هو. انهن مان هڪ منهنجو عزيز، دوست، شاگرد ۽ سيڻ حاجي قادر بخش مرحوم به هو. هُو ٺيٺ مذهبي ماڻهو هو، پر تاج محمد مرحوم سان هن جي بي انتها محبت هئي. هو جڏهن به مون سان ملندو هو ته تاج محمد مرحوم جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ ان جو ذڪر ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڪندو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته تاج محمد مرحوم کي انسان ذات سان محبت هئي ۽ دوستن سان تمام گهڻو خلوص ۽ محبت جو رستو هو. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو فراخ دل انسان هو ۽ وسيع قلب جو مالڪ هو. هُو انهن آزاد خيال ماڻهن مان نه هو، جيڪي مذهبي ڳالهيون ڇيڙي، مذهبي ماڻهن جي دل آزاري ڪندا آهن. مطلب ته هو هڪ سچو، کرو ۽ شريف النفس انسان هو، جنهن کي پنهنجي وطن سان، پنهنجي زبان ۽ ادب سان ، پنهنجي وطن جي مسڪين ۽ پيڙيل طبقي سان محبت هئي، جنهن جي پنهنجي دوستن سان بي انتها محبت هئي ۽ جنهن کي پنهنجي ٻارڙن سان مشفقانه پيار هو. هُو بحيثيت هڪ انسان جي به هڪ عظيم انسان هو ته وفادار دوست به هو. پنهنجي نظريي سان به سچو هو ته پنهنجي ثقافت ۽ قديم روايتن سان به مخلص هو. بحيثيت جج جي به ڏاڍو سخت قسم جو منصف هو. جڏهن هُو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهندو هو ته ان وقت ڪنهن جو به رياءُ نه رکندو هو. حق ۽ سچ جو فيصلو ڪندو هو. انهيءَ ڪري سندس ڪوبه دوست يا وڪيل کانئس ناجائز فائدي حاصل ڪرڻ جي سڌ به نه ڪري سگهندو هو. عدل جي سلسلي ۾ هُو نه ڪنهن جي سفارش ٻڌندو هو، نه ڪنهن لالچ ۾ اچي سگهندو هو. انهيءَ لحاظ کان به هو صحيح معنيٰ ۾ انصاف ڪندڙ منصف هو.
اهڙيون شخصيتون سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهن ۽ اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ مثالي نمونو آهن.

(هلال پاڪستان، ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، الوحيد، پڪار)