شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

صاف گو ۽ صاف دل انسان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: شيخ اياز

تاج محمد ابڙو، جمال ابڙي جو گهرو دوست ۽ شايد مائٽ به هو. هُو ڪامريڊ ماڻهو هو ۽ ڪامريڊ نذير جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو دوست هو. منهنجي به هن سان ڪافي گهرائپ هوندي هئي. هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ جڏهن به مان لاڙڪاڻي ويو هوس ته هن فراخدليءَ سان ٻه ٽي ڀيرا منهنجي ماني ڪئي هئي. مانيءَ تي جمال ابڙي جو وڏو ڀاءُ شمس الدين ابڙو به آيو هو، جو ڪجهه سال پوءِ گذاري جمال ابڙي کي ڏاڍي غم ۾ ڇڏي ويو. في الحال مون تاج محمد ابڙي جي ڳالهه ٿي ڪئي. جڏهن ڀٽو صاحب چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿي آيو، تڏهن تاج محمد ابڙي کي سيشن جج ڪيو هئائين ۽ تاج محمد جي پهرين تقرري سکر ۾ ٿي هئي. هو ته اڳي ئي مون سان گهايل مايل هوندو هو، تن ڏينهن ۾ مون وٽ ٻه موٽرون هونديون هيون، ٽويوٽا ڪارونا ۽ ٽويوٽا ڪرولا. تقرريءَ کان ڏهه پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ مون کان هڪ ڏينهن لاءِ ڪار گهري، جيتوڻيڪ مون کان ڪار گهرندي ڪنهن کي ورلي همٿ ٿيندي هئي. مون خوشيءَ سان تاج محمد ابڙي کي پنهنجي ٽويوٽا ڪرونا ڏني، فقط ان ڪري جو هُو مون لاءِ ”ڪامريڊ“ هيو ۽ ان ڪري نه ته هو سکر جو سيشن جج هو. تاج محمد ٽي چار ڏينهن لاڙڪاڻي بنا اطلاع جي ڪار روڪي ڇڏي ۽ جڏهن موٽي آيو ته ڪار کي وڏو چٻ هو. مون ڊرائيور کي چيو ته ڪار ڌوئاري ڪارخاني ۾ ٺهرائڻ لاءِ ڏئي اچي. پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد مون کان وري لاڙڪاڻي لاءِ ڪار گهري. مون کيس چيو ته: ”ڪرولا ۾ ڪجهه خرابي آهي ۽ ان جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳندا، باقي ڪارونا تي آءٌ پاڻ ڪورٽن ۾ ويندس.“ تاج محمد سمجهيو ته مان کيس ڄاڻي واڻي انڪار ٿو ڪريان. بهر صورت جڏهن لاڙڪاڻي مان موٽي آيو ته مان هن جي چيمبر ۾ ويس ته هن تڙي ڏئي چيو: ”منهنجي چيمبر ۾ اچين ته اطلاع ڏئي ايندو ڪر!“ مون به غصي ۾ کيس چيو: ” تاج محمد صاحب! تون يقين ڪر ته مان نه رڳو تنهنجي چيمبر ۾ بنا اطلاع جي نه ايندس، پر اطلاع سان به نه ايندس ۽ تنهنجي ڪورٽ ۾ نئون ڪيس به نه کڻندس ۽ جيڪي تو وٽ پراڻا ڪيس آهن، اهي به ڪوشش ڪري منهنجو جونيئر تو وٽ هلائيندو يا ٻئي ڪنهن وڪيل کي سپرد ڪندس.“
ڪجهه مهينن کان پوءِ جمال ابڙي مون کي فون ڪيو ته هُو سکر آيو آهي. هُو غالباََ ان وقت سنڌ پراونشل اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو. مون هن کان پڇيو: ”ڪٿان ٿو ڳالهائين؟“
جواب ڏنائين ته: ”هتي تاج محمد جي بنگلي تي لٿل آهيان.“
مون کيس چيو ته: ”رات جي ماني تاج محمد سوڌو مون وٽ کائجانءِ.“ رات جو هُو مون وٽ تاج محمد سان گڏجي پراڻي سکر آيو. هن کي خبر نه هئي ته تاج محمد ۽ منهنجي وچ ۾ ڪائي به رنجش آهي. رات جو اٽڪل هڪ بجي هو مون وٽان کل خوشيءَ سان ويا. ڪجهه مهينن کان پوءِ مون ٻڌو ته تاج محمد جو ٽرانسفر ٿيو آهي. هن جي پٽيوالي مون کي اچي چيو ته: ” تاج محمد صاحب اوهان کي سڏي ٿو.“ مون کي دل ۾ آيو ته هن کي انڪار ڪيان، پر مان هن وٽ چيمبر ۾ هليو ويس.
هو اٿي بيٺو ۽ مون سان هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون سان ناراض آهين؟“ مون کيس چيو ته: ”هائو!“ ان تي چيائين: ”معاف ڪجانءِ جو مان توسان ٽرڙائپ سان پيش آيو هوس.“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ! اهو ڪافي آهي. تون منهنجي لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين، مون کي ڪابه غلط فهمي نه آهي.“
تاج محمد پوءِ خيرپور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ غالباََ ٺٽي ۾ سيشن جج هو ته هن رٽائر ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي گذاري ويو.
اِنَّا لِلّٰهِ وَاِنَّاۤ اِلَيْهِ رٰجِعُوْنَ
تاج محمد ابڙي جهڙا صاف گو ۽ صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورا ڏٺا آهن.

(”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ تان ورتل)