شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جي امر شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: علي اڪبر راهمون

تاريخ جي ڪئنواس تي نظر وجهبي ته ڪيئي سهڻا چٽ چٽيل نظر ايندا ته ڪي ڪارا ليڪا. سڀئي سهڻا چٽ انساني ڪارنامن، ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ ڪي ڪارا ليڪا ڌرتيءَ جي غدارن ۽ ڪپوتن جي اعمالن جو ڏس ڏين ٿا. سڀئي ڀلا ماڻهو هڏ ڏوکي، آدرشي ڪنهن هنڌ گڏيل نظر نه ايندا. بلڪه سئنواريل تلاءَ ۾ ٽڙندڙ ڪنول وانگي پنهنجي هجڻ جو ثبوت ڏيندا. سول سوسائٽي (Civil Society) جيتري پکڙيل ۽ وکريل آهي، انهيءَ جي اصل رَس ۽ چس جي خبر به انهيءَ ڪري پوندي آهي جو اها کليل آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ عسڪريت Single Command ٻڌل ۽ بند پيل هوندي آهي، انهيءَ ۾ غرور، تڪبر ۽ وڏائي نظر ايندي آهي. سول سوسائٽي جي مختلف Segments جي ملڻ سان ئي هڪ مالها جڙندي آهي ۽ انهيءَ مالها جي سڀني مڻين جي پنهنجي وجود ۾ هڪ هجڻ جي باوجود گهڻ رخيون ۽ گهڻ پاسايون شخصيتون هونديون، جن جو سحر صدين کان پوءِ به ناهي جهڪو ٿيندو. اهي مثالي ڪردار هوندا آهن، جن کي ايندڙ نسل Ideal ڪري زندگي گذارڻ جو ڏانءُ سکي وٺندا آهن. پوءِ اهي شخصيتون توڙي جو هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وڃن، پر حقيقت ۾ اهي امر هونديون آهن. اهي پنهنجي ذات ۾ انجمن، درد رکندڙ دل جا مالڪ صرف پنهنجي لاءِ ناهن سوچيندا، پر انهن جي سوچ جو ڪو ڇيڙو هڪ فرد، خاندان يا برادريءَ لاءِ نه، پوري جهان کي سنوارڻ ۽ پتوڙڻ لاءِ هوندو آهي ۽ انهيءَ جستجو ۾ انهن جي پنهنجي حياتيءَ جو ڏيئو گل ٿي ويندو آهي. پوءِ به ائين قطعي ناهي ته اهي ناڪام ٿيا. اصل ۾ جنگيون کٽڻ لاءِ ناهن وڙهبيون. جنگين ۾ هار به ٿيندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن تاريخ ۾ اهڙيون جنگيون به وڙهبيون آهن، جن جا نتيجا وري سالن ۽ سالن کان پوءِ نڪرندا آهن.
اهڙي ئي سوچ ۽ لوچ رکندڙ شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي هئي. هن 8 آگسٽ 1924ع تي قادر بخش ابڙي جي گهر ۾ اک پٽي. ٻالڪپڻ ۾ ئي سندس سر تان پدري هٿ هٽي ويو. دنيا جي ڏکن ۽ ڏهنجن هن کي گهڙي ٺاهي اهڙو بڻايو، جو ساري زندگي عوام جي بهتريءَ لاءِ پتوڙيندي گذاري ڇڏيائين. وڪالت، استاد، جج، سياستدان، صحافي ۽ ادبي کيتر ۾ نوان چهرا متعارف ڪرائيندڙ هن شخص کوڙ تڪليفون ڏٺيون، پر وڏين نوڪرين تي فائز هئڻ باوجود ڪڏهن به ڇلڪيو ۽ هٽيو ڪونه!
وڪالت دوران ڪيترن غريب ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهيو. کيس فوجداري ڪيسن جي حوالي سان وڏي ڄاڻ هئا. آڏيءَ پڇا ۾ ئي ڪوڙي شاهد جو بيان ٺهي نه جڙي!
انهيءَ وقت جي معروف اخبار ”الوحيد“ ۾ سب ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان خبرون پڻ پڙهيائين. وڪالت لاڙڪاڻي ۾ ڪيائين. باقي خيرپور، ٺٽو، نوابشاهه ۽ حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج ٿي رهيو، پر حيدرآباد جي ٿڌين هوائن ۽ روشنيءَ جي شهر ڪراچي بدران لاڙڪاڻو کيس وڻندو هو. موسم جي حوالي کان ٺٽي کي پسند ڪندو هو، پر پينشن تي لهڻ بعد ڪجهه عرصو ٻارين ٻچين ٺٽي ۾ رهي، وري به لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ ڇڪيس ته لڏي وڃي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجا پَڊَ وسايائين.
1952ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پايو وجهڻ کان وٺي سماجي، سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز سندس اوطاق رهندي هئي. ون يونٽ واري دؤر ۾ گهڻا ”خان“ کپي ويا ته ڪن وڃي ”مال“ ٺاهيو، پر جن سنڌ جي سپوتن مهاڏو اٽڪايو، تن ۾ تاج محمد ابڙي صاحب جو به وڏو نانءُ آهي.
تاج محمد ابڙي جي ويجهن ساٿين ۾ ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، شيخ اياز، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي.ايم سيد، حسام الدين راشدي، علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، رشيد ڀٽي، گوبند مالهي، نسيم کرل، هري دلگير درياڻي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي ۽ نور الدين سرڪيءَ سميت سنڌ جي سڄاڻ طبقي جو وڏو انگ سندس اوطاق تان ٿي ويندو هو. شام لڙيءَ ابڙي صاحب جي اوطاق تي ڪچهريون نه مچن، ائين ٿيندو ئي نه. هر روز نوان بحث، زماني جون اوڀاريون لهواريون ٻڌندڙ ۽ ٻڌائيندڙ ضرور اچي ڪٺا ٿيندا هئا. امان شيخ، ابڙي صاحب جي اوطاق کي لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو سڏيو آهي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ لکيو آهي ته: تاج محمد ابڙي جي Wave Length يعني انهيءَ سطح جي سوچ ويچار جو لاڙڪاڻي ۾ ماڻهو رهيو ئي ناهي.
هن لاڙڪاڻي جي ڏنگن ماڻهن وچ ۾ رهندي به پاند پسڻ نه ڏنو، جيئن ڪيرت ڀڳت چيو آهي ته:
کبیرا! تیری جھوپڑی گل کٹوں کے پاس
جو کرے گا وہ بھرے گا، تو کیوں رہے اداس!
زماني جي گهڻين برين عادتن کان وئون ويندڙ ابڙي صاحب سماج جي سڌاري ۽ سياسي جاڳرتا لاءِ هڪ هفتيوار اخبار پڻ ڪڍي، جنهن جو نالو هو ”نوجوان“. اها ڪا گهڻو وقت ته نه هلي، پر انهيءَ پڙهندڙن تي اثر ضرور ڇڏيو. سندس شوق هو ته هڪ انگريزي اخبار ڪڍجي، جنهن جو نالو رکجي: View & Review، پر وقت ۽ مجبورين سبب ائين ٿي نه سگهيو. هن جي زندگيءَ ۾ ماستريءَ کان وٺي جج ٿيڻ تائين وارو سمورو سفر ڄڻ ته سندس پنڌ جو ٿڪ هو ۽ هن اهو ٿڪ ٺٽي ۽ مڪلي جي هوائن ۾ لاهڻ ٿي گهريو، پر وقت کي شايد ائين نه وڻيو ۽ هن وري لاڙڪاڻو وڃي وسايو هو. مٺي پيشاب ۽ دم جي مرض سندس ساهه سُڪائي وڌو هئس. جج جي نوڪري تان رٽائر 1985ع ۾ ٿيو. هڪ دفعي دل ۾ سور ٿي پيس، سو ڪراچي جي اسپتال ۾ پاڻ داخل ڪرايائون ۽ اتي 10 مارچ 1986ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.
هو جيڪو شخصيت ۾ انجمن هو، تنهن تي جيترو لکجي، اوترو گهٽ آهي. صرف سندس ڊائريون ئي ڇپرائي مطالعو ڪجي، تڏهن به ڇيهه نه ايندو. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي ۾ آهي. اڄ به ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوي ٿو ته ابڙي صاحب جهڙو ماڻهو لاڙڪاڻي ۾ نه آهي. حقيقت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به انهيءَ ڪري چيو هو ته:
نه سي وؤئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي
هو جڏهن دنيا ۾ آيو ته روئندي آيو، پر اوڙي پاڙي ۽ گهر وارا خوشي ۾ نه ٿي ماپيا. پر جڏهن هو هن فاني دنيا کي ڇڏي ٿي ويو ته مرڪندي ويو، ڇوته کيس دنياوي دولت جو اونو نه هو. هن دوستن کي دل سان ڀانيو هو ۽ دوست ئي هن جي ميراث هئا. دوست، عزيز روئندا رهيا ۽ هو هليو ويو پنهنجي ماڳ! ڪبير ڀڳت جي انهن سٽن وانگي:
کبیرا! تم روئے دنیا ہنسے
ایسی کرنی کر چلو، تم ہنسو جگ روئے!
دنيا روئندي رهي ۽ هو هليو ويو، جيڪو نه صرف پنهنجن پنجن پٽن ۽ چئن نياڻين کان جدا ٿي ويو، پر ڪيئي پرايا، جيڪي پنهنجا ڪيا هئائين، تن کي يتيم ڪري ويو. هو اڄ هن جهان ۾ ناهي، پر سندس زندگي اڄ به مثالي آهي. هڪ Ideal طور هن جي Case Study وٺي تحقيق ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هن ڪميونسٽ خيال هوندي جيڪا جنگ جوٽي هئي، اها جنگ هڪ ڀيرو ڇڙي پئي آهي. صديون اڳ ڏنل خون جو ريج رائيگان نه آهي وڃڻو. هڪ نئين جذبي ۽ ولولي سان اهو نعرو اٿڻو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مرحوم تاج محمد ابڙي وانگر گهاٽي بڙ جي ڇاند جهڙو ٿي بيهڻ جي ضرورت آهي.

(روزانه هلال پاڪستان، سچ، سنڌ، مهراڻ، ڪاوش، عوامي آواز)