سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: محمد علي پٺاڻ
جن توکي پنهنجو خون ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا
شيخ اياز جي هن شعر جي روشنيءَ ۾ اسين جڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ بيشمار تاريخ ساز شخصيتن کي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي، سندن ڪيل جدوجهدن جي حوالي سان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تڏهن مايوسيءَ ۽ نااميديءَ بدران همٿ ۽ حوصلي جا سُتل جذبا ڄڻ ته نئين سر جاڳي پوندا آهن ۽ نئين سر پنهنجي وڃايل منزل جي پيچرن تي سفر جي سانباهي جو اتساهه ڪر موڙي اٿي پوندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي سوچ جون سڀئي واڳون ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.
مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت به اهڙن ئي املهه ماڻڪ شخصيتن مان هڪ هئي، جنهن پنهنجي سموري عمر ڏکويل ماڻهن جي اهنج گهٽائڻ لاءِ ادبي، سياسي، صحافتي ۽ قانوني مورچن تي ثابت قدميءَ سان ويڙهه ڪندي گذاري ۽ ان ڊگهي ويڙهه ۾ سرت ۽ سجاڳيءَ جي لاٽ جيڪا هو پنهنجي وک وک تي ٻاريندو آيو، تنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چانڊاڻ پکيڙڻ ۾ خوب پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ان چانڊاڻ ۾ نه رڳو ڏاڍايون ڪندڙ قوتن جا ڪوڙهيل چهرا ڏينهون ڏينهن پوءِ وڌيڪ چٽا پسجي رهيا آهن، پر مظلومن کي به پنهنجي مظلوميت جا ڳجها اسرار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي رهيا آهن ۽ هو انفرادي توڙي قومي طور ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري عمل جي پيشقدميءَ ۾ اڳرا نظر اچي رهيا آهن.
سنڌ جي هن باڪمال هستيءَ جو جنم 8 آگسٽ 1924ع ۾ شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي ۾. ان کان پوءِ وڪالت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچيءَ جي ياترا ڪرڻي پئي.
1947ع ۾ هن قانوندان جي حيثيت سان بي پهچ ۽ بي وس ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ پير ڌريو ۽ عوام دوست سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ سوچي سمجهي اهڙي ڪنڊائين راهه تي هلڻ شروع ڪيو، جنهن جي آخري موڙ تائين هن کي ڪو سک ۽ شانتي ته پلئه ڪانه پئي، پر ٻين هزارين ۽ لکين ماڻهن جي سک ۽ شانتيءَ جون راهون ضرور ظاهر ٿيون.
وڪالت کان اڳ تاج محمد ابڙي ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، جن ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ريڊيو پاڪستان تي به نيوز ڪاسٽر جي حوالي سان هن چڱو نالو ڪمايو هو. ان باري ۾ هن جو هڪ ويجهو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار محترم انيس انصاري لکي ٿو ته: ”سندس خبرون پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دل تي خبر جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو.“
پاڻ جڏهن 1972ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيا ته عدليه ۾ به پنهنجي مخصوص مزاج ۽ انداز جي گهري ڇاپ ڇڏيائون.
اها سندن وڏي جرئت ۽ بيباڪي هئي، جو عدليه سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود هو پنهنجي سياسي ۽ ادبي دوستن جي حلقي ۾ سدائين موجود رهندا هئا ۽ انهن سان وابستگيون به ساڳئي نموني سان ئي روا رکيون ايندا هئا.
وڏيرڪي سرشتي هيٺ پيڙجندڙ هارين جي نجات لاءِ سنڌ جي دلير ۽ جرئتمند هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ ملين ۽ پاڻ ان ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ عوامي هلچل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون. سرڪاري نوڪري سندن سوچ آڏو ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻي.
تاج محمد ابڙو گوناگون شخصيت جو مالڪ هو. نه صرف پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ۽ علم دوستيءَ جي شعور جي ورڇ ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن واري سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به سندن عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي.
لاڙڪاڻي ۾ سندن اوطاق تي هر هفتي سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ ٿيندا هئا. سندس دسترخوان سدائين دوستن يارن لاءِ کليل رهندو هو، جتي پاڪستان جون سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون اچي قيام پذير ٿينديون هيون، ائين جيئن اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي وڏي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي اوطاق تي آهي. تاج محمد ابڙي وٽ ماڻهو الائي ڪٿان ڪٿان ڪهي ايندا هئا. هو عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو. قربائتو اهڙو هوندو هو، جو هڪڙو ڀيرو ڪو ساڻن ملندو هو ته هميشه لاءِ سندن قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي ويندو هو.
ابڙي مرحوم جي ويجهن دوستن کان معلوم ٿيو آهي ته سهپ، رواداري ۽ بُردباريءَ جو هو زنده مثال هوندو هو. وڏي کان وڏيءَ ڳالهه کي به پنهنجي بُردباريءَ سان حل ڪري ويندو هو. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪڏهن به سندن ويجهو نه آيا. سندن ملڻ جي اهڙي قربائتي انداز بابت محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته: ” تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو.“
تاج محمد ابڙي جي شخصيت جو اهو جادوئي اثر هو، جنهن جي ڪري سدائين هن وٽ ميڙو متل هوندو هو. سندس دوستن جي تمام ڊگهي فهرست آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، انيس انصاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فضل الله، تنوير عباسي، عبدالحميد ابڙو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا ڪيترا ئي سياسي اڳواڻ، شاعر، اديب ۽ فيلسوف هن جي صحبت مان ذهني آسودگي ماڻيندا هئا.
تاج محمد ابڙو اڄ اسان وٽ نه آهي، پر هُو پنهنجي انسان دوست روين جي ڪري اسان لاءِ هميشه زنده رهندو ۽ سندس ٻاريل سرت ۽ سجاڳيءَ واري لاٽ ڪڏهن به نه اُجهامندي.
(روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو)