شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

وڏو ليڊر ۽ ننڍڙو مداح : پروفيسر ڀائي خان ”هالار“ سولنگي

ٻهراڙيءَ جي طور طريقن ۾ اڄ به ائين ئي آهي ته جڏهن اوطاقن ۾ مهمان ايندو آهي ته ننڍڙن ٻارڙن کي گهرن ڏانهن موڪلي ڇڏيندا آهن. مون کي اڄ به اهو چٽيءَ ريت ياد آهي، ته آءٌ ننڍڙو هئس. پنهنجي گهر جي دروازي کان اڪيلو ئي اڪيلو نڪري اوطاق جي رستي ڏانهن وڌندو پئي ويس. شايد مون کي ڪنهن نه ڏٺو هو. ننڍڙيون وکون کڻندو وڃي اوطاق جي دروازي تي پهتس ۽ بابا جي ڀر ۾ وڃي بيهي رهيس. شايد بابا مون کي نه ڏٺو هو. جي ڏسي وٺي ها ته واپس گهر ڏانهن موڪلي ڇڏي ها ته تون ننڍڙو آهين. چوطرف بابا سميت ماڻهن ۾ انتظار هو. ياد اچي ٿو ته سڀني ماڻهن جي واتان اهو پئي آواز آيو ته، ”جج صاحب اچي پيو“.... اهو جج صاحب هو سنڌ جي شعور جو اهڃاڻ، نامور دانشور، ڏاهو سياستدان، سماج سڌارڪ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو..... اوچتو ئي اوچتو بابا جي نظر مون مٿان پئجي وئي. ڪنهن همراهه کي سڏ ڪندي چيائين: ”هن کي هتان کڻي وڃو، جج صاحب جن جي گاڏي اچي پئي، وڏا وڏا مهمان اچن پيا، هي ٻار هتي ڪيڏانهن اچي ويو.“ هو همراهه مون کي اتان بابا جي ڀرسان کڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ائين ڪندي گاڏي اچي سامهون بيٺي. مون کي کڻڻ وارو همراهه پوئتي بيهي رهيو. مان ڏڪي رهيو هئس، الائي مون کي مهمان ماريندا، جو مون کي هتان واپس پيا موڪلين. ائين ڪندي هڪ عظيم شخصيت جيئن ئي پنهنجي جيپ مان لٿي، ڏٺم ته بابا سميت ڪيترا ئي ماڻهو هن سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌيا، پر اڳتي آڌرڀاءُ لاءِ سڀني وڌندڙ ماڻهن کي هن وڏي آواز ۾ چيو ته: ”مان سڀ کان پهرين هن ’وڏي ماڻهوءَ‘ سان ملندس“ ۽ پوءِ هن پنهنجون ٻئي ٻانهون پکيڙي مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي ورتو. خلق هٿ ملائڻ لاءِ منتظر هئي، پر هن جي ٻنهي هٿن ۽ چپن جو پيار صرف ئي صرف منهنجي لاءِ هو. ٿوري دير کان پوءِ مون ڏٺو ته آءٌ سندس هڪ ٻانهن جي ڀاڪر ۾ قابو هئس ۽ هو هڪ هٿ سڀني سان ملائيندي اڳتي اسٽيج طرف وڌي رهيو هو. جڏهن اسٽيج وٽ ويهڻ لاءِ پهتو ته بابا اڳتي وڌيو مون کي وٺڻ لاءِ. تڏهن هن آدرشي انسان، بابا کي چيو ته: ”هي مون کي پنهنجن پٽن جيان پيارو آهي“ ۽ پوءِ هن مون کي پنهنجي آغوش ۾ ويهاري ڇڏيو. هن جو نرم لهجو، صاف ۽ چٽو آواز، ماڻهن سان مخاطب ٿيندي ٻڌندو رهيس. اها ساروڻي ساريندي هاڻي اهو محسوس ڪري رهيو آهيان ته هو انساني ضمير جو آئينو هو، هُو انساني دلين جو ترجمان هو، هُو سنڌ ۽ سنڌين جو اهڙو عاشق هو، جيڪو محبوب جي نيڻن مان ٽمندڙ ڳوڙها نه ڏسي سگهندو هجي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو اهو سدا حيات ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي ڏکايل ۽ ستايل عوام کي سکن جي ڇانوَ ۾ ڏسڻ لاءِ پيو تڙپندو هو. خليل جبران چواڻي: ”ياد رکو، هڪ حقيقت پسند فرد واحد، لکين انڌن ۽ بي پهچ معتقدن جي مقابلي ۾ شيطاني قوتن ۽ اڻ ڏٺل طاقتن کي زياده مؤثر طريقي سان شڪست ڏئي سگهي ٿو، دشمنن کي اذيت ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو.“ يقينًا هن جي معتبر شخصيت ۾ ديس جي عوام لاءِ محبت، همت ۽ يقين سمايل هو. سندس اهو چوڻ هوندو هو، ته همت سان منزل ماڻڻ فطري طرح انسان جي روح ۾ سمايل آهي. سچ پچ ته هن قوم جي تقديرن کي بدلائي ڇڏيو. سندس احساس ٽئگور جي هن نظم جيان مظلوم عوام کي سماج ۾ جيئڻ جو ويساهه ڏياريندا هئا:
”عبادتگاهه جي ڪنڊ ۾ ڇو ٿو گهنٽيون وڄائين؟ جي خدا ڳولڻو اٿئي ته وڃي اتي ڳول، جتي پورهيت پٿر پيو ڪٽي.“
هن چوڏهين جي چنڊ جون ساروڻيون سنڌ جي جهولي ۾ سدائين چانڊاڻ جيان چمڪنديون رهنديون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سج جيان هو، جنهن جي ڏاهپ جي شعاع سان عوام پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ جاڳي اٿيو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو چوڏهين جي چنڊ جيان هو، جنهن جي شعور جي روشنيءَ عوام جي دلين ۾ پيار پيدا ڪيو. ڇا سج ۽ چنڊ زمين ۾ دفن ٿي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ هنن ٻنهي شخصيتن کي مرحوم نه ٿو چئي سگهجي. هنن جو پورهيو ۽ پگهر، ماروئڙن ۽ سانگيئڙن کي جستجو جي نئين راهه ڏيکاريندو هو، ٽئگور جي هن شعر جيان:
منهنجي دنيا طرح طرح جا سوين ڏيئا
تنهنجي شعلي مان ٻاريندي
منهنجون ساريون خوش فهميون
خوشيءَ جا شعلا ٿي ٻرنديون
رَسي پَچي محبت جا ميوا بڻجي پونديون

روزانه ڪاوش آچر 8 آگسٽ 2010ع