شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز محمد ابراھيم جويو

انگريزيءَ جي مشهور چوڻي آهي ته ’مئن ازنون فرام دي ڪمپني هي ڪيپس.‘ مطلب ته ’ماڻهو سڃاپجي ٿو سندس سنگت مان.‘ تاج محمد ابڙي جي سنگت ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پير حسام الدين راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، جمال الدين بخاري، برڪت علي آزاد، مولوي نذير حسين سنڌي، رشيد ڀٽي، گوبند مالهي، نسيم کرل، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير درياڻي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي ۽ ٻيا سندس دؤر ۽ عمر جا ڪيئي مڻيادار، محبتي، ڀلارا ۽ ڀلمانس ڳڻيا وڃن ٿا، انهن مان گهڻن سان ۽ خود ساڻس سڌو سنگ منهنجو به رهيو آهي، ۽ انهن مان ڪيترن ئي ٻين سان نياز مندي جو شرف مون کي به نصيب ٿيل هو.
پاڻ جڏهن صديءَ جي چاليهن واري ڏهاڪي جي شروع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪري ڪراچيءَ پڙهڻ آيا، تڏهن کان وٺي تاحيات منهنجو ساڻس سڌو سنگ رهيو.
1941ع ۾ آءٌ بمبئيءَ مان تدريسي تربيت وٺي، بي ٽيءَ جي ڊگري حاصل ڪري موٽيو هئس ۽ اچي پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ماستريءَ جي منصب تي دخلڪار ٿيو هئس. بندر روڊ تي، سعيد منزل جي ڀرسان، حاجي چانڊو بلڊنگ ۾ هڪڙو فلئٽ مسواڙ تي وٺي، اسين پنج ڄڻا، دادو ضلعي جا ويٺل ٽي، سنڌ مدرسي جا ماستر حاجي خان لغاري، شير محمد راهوجو ۽ آءٌ، ڪراچي لوڪل بورڊ جو اڪائونٽنٽ ڪلارڪ عبدالرحمان سومرو ۽ پنجون سکر ضلعي جو ويٺل جنرل پوسٽ آفيس ڪراچيءَ جو ڪلارڪ ڌڻي بخش دايو صاحب ان فليٽ ۾ رهائش ڪلب ٺاهي، ٿانيڪا ٿيا ويٺا هئاسين.
هڪ ڏينهن محمد صالح مشوريءَ نالي خيرپور ناٿن شاهه جو هڪ جوشيلو اڌڙوٽ عمر جو همراهه حاجي خان لغاريءَ جو مهمان ٿي، اسان وٽ آيو. پاڻ فوج جي ڪنهن آفيس ۾ سينيئر ڪلارڪ هو. ڏاڍو ٿي ڳالهائين. ڪافي ڪي احوال هئس. آءٌ پاڻ جيڪو بمبئيءَ مان ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جا خباري احوال ۽ ان باري ۾ ريڊيڪل ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ جي باني اڳواڻ، ڪامريڊ ايم اين راءِ جا لکيل انگريزي مضمون پڙهي آيو هيس، سو محمد صالح مشوريءَ جي ملڪي ۽ عالمي ڳالهين ۾ وٺجي ويس. ڳالهين ڳالهين ۾ هن مون کي ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو ترجمو ڪيل سنڌي ڪتاب جو ’نوجوانن ڏانهن‘ اصلي پرنس ڪروپتڪن جو روسي زبان ۾ لکيل ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ آيل، ڪڍي ڏنو. ۽ پڻ علامه عنايت اللھ مشرقيءَ جي اردو ڪتاب ’تذڪره‘ جو ڏاڍن دل لڀائيندڙ لفظن ۾ ذڪر ڪيائين، جيڪو ٻئي ڏينهن مون وٺي اچي پڙهڻ شروع ڪيو. نوجوانن ڏانهن ڪتابچو ته پهرين ڏينهن يڪساهي پڙهي پورو ڪيم. اهو ڪتابچو پهرينءَ ئي پڙهڻيءَ ۾ منهنجي دل ۾ ائين ويهي ويو، جو عمر ڀر منهنجو اهو بنهه ڄڻ ’بائيبل‘ بڻجي ويو. علامه مشرقيءَ جو ’تذڪره‘ ۽ جيڪو مذهب اسلام جو سندس پنهنجو علقمنداڻو تعبيرRational interpretation هو، سو به پوءِ سانهن ستيءَ ۾ پڙهيم ۽ ان جي انيڪ معقول ڳالهين مان هڪ ڳالهه منهنجي ذهن تي پائدار اثر ڪيو. ته اسلام ماڻهن کي ٻن دفعن ۾ ورهائي ٿو، هڪڙا ظالم ۽ ٻيا مظلوم. اسلام ماڻهن ۾ ٻئي ڪنهن به فرق، رنگ، نسل، ذات، جنس، قوم وغيره کي تسليم نٿو ڪري. کڻي جو ڪنهن جو نالو عبداالله هجي ۽ ٻئي جو گوپالداس وغيره!
انهن ڏينهن ۾ ڊي، جي، سنڌ، ڪاليج، اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، شهاڻي لاءِ ڪاليج جي مسلمان شاگردن دادو ضلعي جي شفيع انصاريءَ ۽ ٿرپارڪر جي ضلعي مان عبدالستار شيخ (۽ ٻين) مسلم ليگ ڏانهن مائل، ’سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ ٺاهي هئي، اهي ٻيئي ڄڻا هڪ ڏينهن اسان جي ڪلب ۾ اچي نڪتا، ساڻن گڏ تاج محمد ابڙو به هو. جنهن کي ان ڏينهن مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو. ٽنهي مان تاج محمد ابڙو مون کي ڳالهين ۽ مامرن جي تور تڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ وڌيڪ چست ۽ باخبر لڳو. ويندي ويندي هن کي مون محمد صالح مشوريءَ وارو ڪتابچو پڙهڻ لاءِ ڏنو. ٻئي ڏينهن هو هلي مون وٽ آيو، پر ڪتابچي جي تاثر ۾ مونکي هو بنهه سرشار ڏسڻ ۾ آيو، اهو ڏينهن ۽ سندس سڄي عمر پوءِ، اسين ٻيئي هڪٻئي جي سنگ ۾ ائين گڏ رهياسين جيئن يڪ قلب دو جان، ۽ اڄ به جڏهن هو پنهنجي خاڪي جسم ۾ اسان وٽ ڪونهي ته ته به منهنجي لاءِ پنهنجي ياد ۾ هو مون سان گڏ آهي.
1947ع تائين جيسين هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي تعليم ۾ جتيل هو، خاص ٻيا ٻه ڪتاب به مون هن کي سعيو ڪري پڙهڻ لاءِ ڏنا، هڪڙو ڪامريڊ ايم اين راءِ جو ڪتاب The Historical Role of Islam جنهن جو تن ڏينهن مون سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ نالي سان ڪيو هو ۽ ٻيو منهنجو پنهنجو 1974ع ۾ شايع ڪيل انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Save Sindh save the continent from feudal lords capitalists & their communication” (سنڌ بچايو وڏو کنڊ بچايو. جاگيردارن ۽ سرمائيدارن ۽ سندن فرقيوار گهوٽالن کان)، جنهن جي سزا ۾ مون کي سنڌ مدرسي مان پنهنجي ڏهن سالن جي نوڪريءَ تان هٿ کڻڻو پيو هو.
پر ماڻهوءَ جو سنگ رڳو ماڻهن سان نه پر ٻين شين سان پڻ تاحيات جڙجي ٿو ۽ جُتيو رهي ٿو. مثال طور ڪتابن سان، تاج محمد ابڙي ۽ منهنجو ٻيو سنگ ڪتابن جي ڌاڳي سان ڳنڍيل هو. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي، جو انهن ڏينهن ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت مان ڇپجي، سڄي دنيا ۾ شايع ٿيڻ لڳا هئا، ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. قيمت اهي اٺ آنا، ٻارنهن آنا، في ڪتاب، وڌ ۾ وڌ روپيو، ٻه ۽ جيستائين 1947ع تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوءِ به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيستائين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين، تان جو جڏهن پاڻ 1985ع ۾ نوڪريءَ تان رٽاير ڪيائين تڏهن ٻنهي پاڻ ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي ڪتابن جي لسٽن جي ڀيٽا ۽ مٽاسٽا ڪري ڏٺوسين ته مون وٽ ٽيهارو کن اهي ڪتاب موجود هئا ۽ وٽس به ڪجهه اوترا ئي هئا. ايئن ٻيا اهڙا منهنجا دوست مثال طور شيخ اياز، جمال صديقي، ڊاڪٽر نجم عباسي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا وقت بوقت هڪٻئي سان فخر ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي انهن بابت پيا حالي حوالي ٿيندا هئاسين.
ٻيو سنگ ماڻهو جو ماڻهن سان زندگيءَ جي ڪن اهڙن مامرن جي حوالي سان پڻ ڳنڍجي ٿو ۽ محڪم بڻجي ٿو. مثال طور هم پيشگيءَ جو سنگ جيئن مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي پر ماستري ضرور ڪئي! هيءُ ماستري جو، استاديءَ جو منصب به منهنجي تجربي ۽ مشاهدي ۾ اهڙو لڳڻو ۽ نه ڇڏڻو پڪو ۽ پختو رنگ ٿئي ٿو. جو ٿوري مدت ئي هجي پر ماڻهن جي طبيعتن کي سڄي عمر جي سڃاڻپ ۽ ساڳيائپ ڏيئي ٿو ڇڏي. ماستري، استادي، يعنيٰ سکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ پرايت ڪرڻ ۽ پوءِ سڀڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۽ منهنجن اهڙيءَ طبعيت رکندڙ سڀني ساٿين، سنگتين ۽ دوستن ۾، پاڻ کان چار رتيون ڪثر موجود ۽ عمل پيرا ڏٺو. پنهنجي پنهنجي پيشي سان لاڳاپيل فرض ادائي جي دائري ۾ ۽ ان کان ٻاهر زندگيءَ جي ٻين عام معاملن ۾ به، هن سر گهور ۽ من اڇل جي عادت کي پنهنجي من ورونهن ڪري ڇڏڻ کي اعليٰ اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن ۽ پڻ اعليٰ مقصدي سياست ۽ پبلڪ توڙي پرائيويٽ سروس جي دائري ۾ ماڻهو جي چاهي ته پنهنجي خاص سڃاڻپ بڻائي سگهي ٿو. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو سنگ، فرد (Individual) جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان، پنهنجي مقصد حيات سان هئڻ لازم آهي. ائين ماڻهوءَ لاءِ تڏهن ئي ممڪن آهي، جو هو پاڻ کي پاڻ ڏانهن ذميدار، پاڻ وٽ جوابده، سمجهي ۽ سو تڏهن ٿيندو جڏهن اوتري قدر پاڻ کي هو آزاد به ڄاڻي. ماڻهو ڪروڙين صدين ۽ لاتعداد جڳن کان ان آزاديءَ جي احساس ماڻڻ لاءِ پنهنجي ڪائناتي آسپاس سان برسر پيڪار رهيو آهي، ۽ پنهنجي فطري عقل جي آڌار تي پنهنجي ان تخليقي جدوجهد ۾ همه تن و من مصروف پڻ رهندو آيو آهي.
تاج محمد ابڙي مرحوم ۽ منهنجي سنگ سڄي عمر انهيءَ اتساهه ۽ امنگ تي هم آواز ۽ اهڙي مقصد ۽ مشرب جي همراز هجڻ ۽ رهڻ تي پڻ قائم رهيو.

(ڪاوش، عبرت، مهراڻ، سنڌو، هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت ميگزين)